مرزا عيسيٰ (ٻيو) پري کان حالتن جو جائزو وٺي رهيو
هو. سنه 1024هه/1615ع ۾ کيس ٻي جاگير سنڀل ۾ ملي
هئي، جيڪا مراد آباد کان ٽيويهه ميل ڏکڻ اولهه طرف
هئي. هن جهانگير جي درٻار ۾ اجمير ۾ حاضري ڀري. ان
وقت شهنشاهه طرفان هن کي 1550 ذاتي منصب ۽ 800
سپاهين جي مهندار جي عهدي تي ترقي ملي. ان کان
سواءِ مرزا عيسيٰ کي خلعت فاخره سان گڏ هڪ هاٿي پڻ
ڏنو ويو هو. هن کي وري به دکن روانو ڪيو ويو. پر
سندس ڪهڙي حيثيت ۾ مقرري ڪئي وئي؟ تنهن جي ڪابه
خبر ڪانه آهي. سنه 1030هه/1622ع ۾ هو جهانگير جي
درٻار ۾ موجود ڏسجي ٿو. ان وقت درٻار لاهور ۾ هئي.
کيس ٻين اميرن جيان، خان جهان جي اچڻ تائين ملتان
۾ ترسڻ لاءِ چيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته خبرون اچي رهيون
هيون ته شاه عباس صفوي قنڌار تي گهل چاڙهڻ جا
سانباها ڪري رهيو هو. مرزا عيسيٰ اڃا به ملتان ۾
اوسيئڙي ۾ ويٺو هو. شهزادي خرم ان سمي بغاوت ڪئي
هئي، جيڪو بعد ۾ شاهجهان جي لقب سان دهليءَ جي تخت
تي ويٺو هو. عبدالرحيم خان خانان جي پڇاڙي هئي. پر
اهو به ساڻس ٻٽ ٿي بيٺو هو. سنه 1032هه جمادي
الاول بمطابق مارچ 1623ع دهلي جون شاهي فوجون ۽
باغي شهزادي جو لشڪر جڏهن اچي پاڻ ۾ سامهون ٿيو ته
مرزا عيسيٰ ملتان ڇڏي اچي جهانگير جي درٻا پهتو ۽
کانئس اجازت وٺي پنهنجي جاگير راڌڻ پور هليو ويو.
انهيءَ سمي شهزادو خرم شاهجهان اچي ٺٽي پهتو. اهو
علائقو محرم 1035هه/ نومبر 1625ع ۾ سندس ڀاءُ
شهريار کي جاگير جي حصي طور ڏنو ويو هو. ان شهر جو
انتظام شريف الملڪ يڪچشم (هڪ اک وارو) جي حوالي
هو، جنهن شهزادي خرم کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ ڪونه ڏنو ۽
شهر جا دروازا بند ڪرائي ڇڏيائين. هن سبب ڪري
شاهجهان جي مؤرخن کيس غير شريف ڪري سڏيو آهي ۽
لکيو آهي ته شريف الملڪ مغل شهنشاهي جو شيطان صفت
ماڻهو هو(105). پر ٺٽي جي هڪ مولانا، ملا دماغيءَ
کيس جمعه نماز پڙهڻ واسطي مسجد ۾ وڃڻ جي موڪل ڏني
هئي؟
ان کان پوءِ شهزادو خرم شاهجهان ٺٽي کان ٿيندو
گجرات پهتو. مرزا عيسيٰ سياڻو هو. هو پاڻ وٽس ڪونه
ويو، پر اُٺ، ڏاگها، گهوڙا، پئسو ڏوڪڙ ۽ ضرورت
واريون شيون ڏانهس موڪلي ڏنيون هئائين. جلد ئي
پوءِ سنه 1627ع ۾ جهانگير وفات ڪري ويو. ان وقت
شاهجهان دکن جي هڪ قلعي ۾ موجود هو. شهزادو خرم
اها خبر ٻڌڻ شرط گجرات رستي دهليءَ ڏانهن وڌڻ لڳو.
احمدآباد پهچڻ وقت ساڻس ڪيترائي امير ۽ نواب اچي
مليا هئا. هڪ تاريخ جي بيان موجب مرزا عيسيٰ ترخان
ٻيو، اهو پهريون امير هو، جنهن سڀني اميرن کان اڳ
۾ وڃي هن شهنشاهه جو سلام ڀريو هو(106).
هن شاهجهان سان ڏکئي وقت ۾ نهايت ئي سٺو سلوڪ ڪيو
هو، جنهن جا سهڻا نتيجا جلد ئي ظاهر ٿيڻ وارا هئا.
18 ربيع الاوّل 1037هه/28 ڊسمبر 1627ع تي، هو جڏهن
احمد آباد ۾ هو ته چار هزاري منصب ۽ 2500
گهوڙيسواري جي مهندار جي حيثيت ڏني وئي هئي. کيس
ٺٽي جو گورنر پڻ مقرر ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ کيس
روڪ رقم به ڏني وئي هئي ۽ نوبت وڄائڻ جي به موڪل
ملي. کيس جلد ئي حڪم مليو ته هو ٺٽي پهچي اتان جي
شريف الملڪ کي وڃي گرفتار ڪري.
الائي ڪهڙي مصلحت ڪري ٽن مهينن جي مختصر مدت اندر
01 رجب 1037هه برابر 07 مارچ 1628ع تي، ان شاهي
فرمان کي منسوخ ڪيو ويو ۽ سندس جاءِ تي خواجه باقي
خان کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪري روانو ڪيو ويو، جيڪو
ٺٽي پهچڻ کان اڳ رستي ۾ اڳئين جهان جو رستو وٺي
وڃي پنهنجي خالق حقيقي سان مليو. ان کان پوءِ مرزا
حسام الدين مرتضيٰ خان کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو
ويو، جيڪو ٻن سالن کان پوءِ وفات ڪري ويو.
مرزا عيسيٰ کي پنهنجي اباڻي شهر ٺٽي ۾ ربيع الاول
1038هه/ نومبر 1628ع تائين رهڻ ڏنو ويو. هن ان
مختصر عرصي ۾ هن مڪلي تي پنهنجي والد ۽ پاڻ لاءِ
مقبرن جو بنياد رکيو. نومبر 1628ع ۾ شاهجهان کيس
مٿرا جي جاگير حوالي ڪئي. بعد ۾ هن آگري ۾ شاهي
درٻار جو سلام ڀريو. ٻن سالن کان پوءِ جمادي الاول
1041هه/ ڊسمبر 1630ع ۾ ٻين اميرن سان مرزا عيسيٰ
کي به بغاوت کي منهن ڏيڻ واسطي دولت آباد روانو
ڪيو ويو هو. ٻئي سال کيس ايلچپور جي جاگير ڏني
وئي. ان سال چار هزاري منصب سان ٽي هزار گهوڙي
سوارن جو مهندار هجڻ جو کيس خطاب مليو هو. ان سان
گڏ کيس سون جي سنجن سان هڪ گهوڙو به انعام طور
مليو.
ان کان پنج سال پوءِ 27 صفر 1045هه/11 آگسٽ 1635ع
۾ کيس سورٺ (جهوناڳڙهه) جو گورنر، پنجهزاري منصب ۽
چار هزار سوار جي مهنداري ملي. هن جلد ئي شاهجهان
ڏانهن چوڏهن خوبصورت گهوڙا روانا ڪيا، جنهن ڪري
شهنشاهه مٿس گهڻو راضي ٿيو. ان کان پوءِ محرم
1050هه/ مئي 1640ع ۾ شاهي درٻار ڏانهن ٻيا به
خوبصورت ڪڇي گهوڙا روانا ڪيا. ان کان هڪ سال اڳ
پنج هزاري منصب ۽ پنج هزار سوار جو سپهه سالار
وارو خطاب هن کي ڏنو ويو هو.
مرزا عيسيٰ ٻيو ان وقت وڏي ڄمار جو هو، پر سندس
بخت جو ستارو اڃا به بلندين ڏانهن سفر ڪري رهيو
هو. محرم 1052هه/ اپريل 1642ع مير محمد باقر (اعظم
خان) گجرات جي بدانتظامي جي الزام هيٺ برطرف ڪيو
ويو. هي جهانگير جي سالي آصف خان جي گهر ۾ پليو.
سندس ڌيءُ جي شاهجهان جي پٽ شاهه شجاع سان سنه
1049هه/1639ع ۾ شادي ٿي هئي. 21 محرم 1052هه/22
اپريل 1642ع تي مرزا عيسيٰ کي 2500 سوارن جي اضافي
سان مير باقر جي جاءِ تي گورنر مقرر ڪيو ويو.
ڇاڪاڻ ته هو خداداد انتظامي صلاحيتن ڪري گهڻو
مشهور هو. ان کان پوءِ جهوناڳڙهه واري سندس جاگير
سندس پٽ مرزا عنايت الله کي ڏني وئي هئي.
گجرات ۾ مرزا عيسيٰ جو ڪردار نمايان رهيو. ڇاڪاڻ
ته هن اتي وڃي ڍل جو هڪ جدا نظام رائج ڪيو ۽ محصول
جي ادائگي جنس ۾ ڏيڻ جو طريقو رائج ڪيو. هڪ مهيني
گذرڻ کان پوءِ شاهي طبيلي مان هڪ خاص هاٿي ڏانهس
انعام طور موڪليو ويو. هڪ سال بعد ربيع الثاني
1054هه/ جون 1644ع ۾ خلعت فاخره سان گڏ، پنج هزار
سوارن سان ”دواسپ سي اسپ“ جي منصب سان پڻ کيس
نوازيو ويو.
مرزا عيسيٰ ٻيو چئن سالن تائين گجرات جو گورنر
رهيو. ان کان پوءِ 1056هه/1646ع ۾ شهزادي اورنگزيب
عالمگير کي گجرات جو گورنر مقرر ڪيو ويو. مرزا
عيسيٰ کي پنهنجي پراڻي جاگير سورٺ حوالي ڪئي وئي.
هن اتي پهچي جهوناڳڙهه واري مشهور قلعي جي مرمت
ڪرائي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم ڪيا هئائين.
معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت سندس عمر اسي ۽ نوي سالن
جي وچ تي هوندي هڪ تاريخدان اچرج سان هن حقيقت کي
قلمبند ڪيو آهي ته سندس ٻڌڻ ڏسڻ واري صلاحيت تيز
هئي. سندس هاضمو ۽ مرداني طاقت به ويهن ورهين واري
شينهن مڙس جهڙي هئي(107). محرم 1062هه/ ڊسمبر
1651ع ۾ هن مشهور ۽ تجربيڪار سنڌي عملدار کي شاهي
درٻار ۾ طلب ڪيو ويو. هو رستي ۾ هو جو سندس
حياتيءَ جو ماڻ ڀرجي آيو هو. سندس ميت آڻي مڪليءَ
تي سندس تيار ڪرايل مشهور مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.
مرزا عيسيٰ ترخان ٻيو شاعري ۽ راڳ جو ڪوڏيو هو.
ترخان گهراڻي جو هر ماڻهو انهيءَ صفت سان نوازيل
هو. منجهس پنهنجي خاندان واريون سڀئي ڳالهيون
موجود هيون. شراب ڪباب جو به ڪوڏيو هو. سندس گهرو
حياتي بابت ڪا ڄاڻ ڪانه آهي. هن جي پهرين شادي
پنهنجي سؤٽ سان ٿي هئي. معلوم ٿئي ٿو ته هن ٻيون
به ڪيتريون ئي شاديون ڪيون هيون. وفات وقت هن پنج
پٽ ڇڏيا هئا. سندس وڏي پٽ جو نالو مرزا عنايت الله
هو. جنهن سن 1058هه/ 1648ع ۾ وفات ڪئي هئي. هي
شايد هن ڪٽنب جو پهريون شخص هو، جيڪو مڪلي ۾ دفن
ٿيو. سندس ٻئي پٽ جو نالو مرزا صالح هو، جنهن کي
پهريائين مرزا عنايت الله جيان سورٺ جو جاگيردار
مقرر ڪيو ويو هو. هو 1064هه/1654ع ۾ جاگير تان
فارغ ڪيو ويو. ان وقت هن سيد مير محمد شيرازي ولد
سيد جلال ٺٽوي کي ترخان گهراڻي جي تاريخ لکڻ لاءِ
گذارش ڪئي. اهڙي ريت تاريخ ”ترخان نامه“ لکجي تيار
ٿيو(108). کيس 1066هه/1655ع ۾ سيوهڻ جو فوجدار
مقرر ڪيو ويو هو. دارا جي سنڌ مان ڀاڄ مهل هن هڪ
قسم جو منجهيل ڪردار ادا ڪيو هو. مرزا عيسيٰ ٻئي
جي رانڪ جو ڪم 1037هه/28-1627ع ڌاري شروع ٿيو هو،
جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. ان جي جڙي راس ٿيڻ ۾
ارڙهن ورهيه لڳي ويا. ان جي ڀرسان سندس پيءُ مرزا
جان بابا جو مقبرو آهي، جيڪو هڪ پاڻيءَ جي تلاءَ
مٿان جڙيل ڏسبو. مڪليءَ جي لاهنديءَ وٽ هندن جو
مندر آهي، جيڪي ڪنهن خاص ڏڻ تي هتي اچي گڏ ٿيندا
هئا. مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾ لکيو آهي
ته، ”مڪليءَ تي مرزا عيسيٰ ترخان ٻئي جو مقبرو
دنيا جي سڀني اڏاوتن کان اوچو آهي“(109). مڪلي
نامه ۾ سندس لفظ هن ريت آهن:
طرفه نشيمني که ادراک حيرت زده بوقلموني صفت
بَنايّان اوست، وانديشہ مهو برجستہ کاريء معماران
ويست(110).
هن جي مقبري ۾ ڪم آندل پٿر ڪاٺياواڙ مان آندو ويو
هو. پير حسام الدين راشدي هن ڳالهه ۾ به شڪ جو
اظهار ڪيو آهي ته ڄاري جهالر جي ٽڪ جو ڪم پڻ گجرات
۾ مڪمل ڪري هيڏانهن سنڌ آندو ويو هو. پر پروفيسر
احمد حسن دانيءَ سندس هن خيال سان اختلاف ڪيو
آهي(111). اها هڪ مشهور حقيقت آهي ته پٿر جي اڪر ۾
گجراتي وڏا ماهر آهن. سنڌ جا پٿر جي ٽڪائي جا ماهر
به اصلي گجرات سان تعلق رکن ٿا. خاص طور عورتن جي
مقبرن جي تعمير ۾ سونهن ۽ سنجٽ ڏانهن وڌيڪ ڌيان
ڏنو ويو آهي. هينري ڪزنس پڻ اهڙي خيال جو اظهار
ڪيو آهي. ڪنهن زماني ۾ هن رانڪ ڀرسان هڪ وڏو تلاءُ
هوندو هو. هن اڏاوت ويجهو جيڪا ساوڪ ۽ رونق هئي،
تنهن جو قانع کليءَ دل سان ذڪر ڪيو آهي. ٺٽي جا
خوش مزاج ماڻهو هن من موهيندڙ ماڳ تي اچي گڏ ٿيندا
هئا. ڪڏهن ته هتي مشاعرن جون محفلون به مچي
وينديون هيون، جتي شاعر پنهنجو نئون جوڙيل ڪلام
اچي سامعين آڏو پيش ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته انهيءَ
سونهري سمي دوران ٺٽي م شاعرن جي ڪمي ڪانه هئي جن
مان ڪي عزل گو، ڪي مزاحيه، ڪي مذهبي ته ڪي وري حمد
و ثناءَ سان لاڳاپيل صنف ۾ طبع آزمائي ڪندا هئا.
ڪي وري اهڙا به شاعر هئا، جيڪي عيسيٰ ترخان جي
مقبري جي سونهن سينگار جي ساراهه ۾ شاعري ڪندا
هئا. قانع چوي ٿو ته ”جڏهن ڪو هن مقبري تي نظر
وجهندو هو ته ان جي سونهن ڏسي دنگ رهجي ويندو هو.“
ظهير ٺٽويءَ پنهنجي جذبن جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:
رانکه ميرزا عيسيٰ اندر کوه مکلي،
طرفه جا ست
در بهاران گوئيا،
سر چشمهءَ نورِ خدا ست
(112).
هاڻي مڪليءَ جي سڀني عمارتن کان وڌيڪ خوبصورت مرزا
عيسيٰ ترخان جو مقبرو آهي، توڙي جو اڄ اتي اڳئين
زماني وارا رنگ برنگي گل ٻوٽا، ساوڪ ۽ رونق ڪانه
آهي. هن تعمير ناتي اهو به پتو پوي ٿو ته ترڪي،
سنڌي نسل جو هي نواب سياسي طور هڪ مدبر ۽ داناءُ
شخص هو، جنهن هن نادر قسم جي اڏاوت جي سرپرستي
ڪئي. ان کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي عمارتون
آهن، جيڪي تاريخي طور هن صوبي جي مختلف سياسي
ثقافتي سوچ جي نمائندگي ڪن ٿيون. انهن مان ڪن جو
تعلق سترهين صديءَ جي پهرئين اڌ سان آهي، جيڪي مغل
دور جي گورنرن جون تعمير ڪرايل آهن. مير ابوالبقا
نواب امير خان جو شمار به ٺٽي جي مهذب گورنرن مان
ٿيندو آهي(113). هي ربيع الاول 1039هه/ نومبر
1629ع ۾ هتي گورنر ٿي آيو هو. هن ان هنڌ هڪ جڳهه
تعمير ڪرائي هئي، جنهن جي اوڀر ۾ ٿورو وقت پوءِ
جامع مسجد تعمير ڪئي وئي. هي پڙهيل ڪڙهيل خاندان
هو. سندس پٽ مير ابوالمڪارم شهود ”پريخانئه
سليمان“ نالي هڪ عمدي عشقيه مثنوي فارسيءَ ۾ لکي
هئي(114). سندس ڀاءُ يوسف ميرڪ سن 1044هه/1634ع ۾
”مظهر شاهجهاني“ نالي هڪ مشهور تاريخ لکي هئي. هن
ڪتاب ۾ مغل انتظاميه جي ڪمزوريءَ جي هڪ ڀوائتي روپ
جو اظهار نظر اچي ٿو، جنهن جو مطالعو سياست ۽
اقتصاديات جي شاگردن لاءِ نهايت ضروري آهي(115).
ديوان شرفا خان، نواب امير خان جو وزير هو. هن
مڪليءَ تي هڪ سادو پر وسيع مقبرو تعمير ڪرايو هو،
جيڪو ڀر واري عيسيٰ ترخان ٻئي جي مقبري سان ڪنهن
حد تائين هڪ جهڙائي رکي ٿو(116).
شاهجهان جي شروعاتي دور ۾ سنڌ پرامن رهي. هن
شهنشاهه جي حڪم سان ٺٽي جي مشهور جامع مسجد جڙي
راس ٿي هئي،
جڏهن هن پيءُ خلاف بغاوت ڪئي هئي ۽ ٺٽي آيو هو ته
شريف الملڪ هن لاءِ ٺٽي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا
هئا. ايتري پائبنديءَ هوندي به هڪ ملا کيس پنهنجي
پراڻي مسجد ۾ جمعه نماز پڙهڻ جي موڪل ڏني هئي. هي
مسجد 1644ع/1647ع جي وچ واري عرصي ۾ جڙي راس ٿي
هئي. مذڪوره مسجد ۾ ڪاشيءَ جي سرن جو باڪمال
استعمال نظر ايندو . هي مغل دور جي سنڌ جي سڀني
کان وڌيڪ خوبصورت مسجد آهي. ڪاشيءَ جون اهڙيون
خوبصورت سرون هالا ۾ تيار ڪيون وينديون هيون. خاص
طور لنگهه واري هال ۾ تاري جهڙي چٽ واري سر جو
نازڪ ۽ نفيس ڪم آهي، جيڪو دل کي ڇڪي وٺي ٿو ۽ اهو
تخليق ۽ تعميراتي فن جي لحاظ کان مڪمل ۽ شاندار
آهي(117).
انهيءَ دور ۾ ٺٽو عالمن ۽ اڪابرن جو شهر هو. هر
مستشرق کي هي خبر آهي ته فارسي ۽ عربي جون پهريون
ڊڪشنريون هتان جي عالم عبدالرشيد تاليف ڪيون هيون،
جن کي ”فرهنگ رشيدي“ سڏيو ويندو هو(118). مشهور
عالم مخدوم رحمت الله ٺٽوي (وفات 1073هه/1662ع)
بيضاوي جي تفسير جو ماهر هو. ان کان علاوه مولانا
رومي جي مثنوي تي به کيس سند طور تسليم ڪيو ويندو
هو. اورنگزيب جڏهن ٺٽي (ملتان جو وائسراءِ) جو
گورنر هو ته کيس دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرايو
هئائين(119).
ان کان علاوه ٺٽو هر قسم جي تجارت جو اهم مرڪز هو،
پر اعليٰ معياري ڪپڙي، نير ۽ قلمي شوري جي پيداوار
۾ به مشهور هوندو هو. سنه 1614ع ۾ سر رابرٽ شرلي
هتان جو بندرگاهه اچي ڏٺو، جتي تمام گهڻي تجارتي
ڏيتي ليتي ٿي رهي هئي. ويهارو سال پوءِ سنه 1635ع
۾ برطانيا جو پهريون واپاري وفد ٺٽي پهتو هو.
انهيءَ زماني روزانو هڪ نه هڪ ولايتي ماڻهو
وڻجارڪي ويس ۾ هتي ضرور ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڪڏهن ڪو
ولايتي ماڻهو شهر ۾ رهي به پوندو هو. هيءُ اهو ئي
ماڳ آهي، جتي يهودي- فارسي نسل جو ماڻهو سرمد جيڪو
پوءِ مسلمان ٿيو هو، هڪ هندو سهڻي ڇوڪري هٿان دل
ڦرائي ويٺو هو(120). هو هتان جي ماڻهن کي دل ڏئي
وهڻ وارو ڪو پهريون ماڻهو ڪونه هو(121). عشق جي
اهڙي چپيٽ لڳيس جو دنيا جا سڀئي لڳ لاڳاپا لاهي
مجذوب ٿي ويو. نيٺ دهليءَ هليو ويو ۽ اتي وڃي دارا
شڪوه جي صحبت اختيار ڪيائين. هن ماڻهوءَ جي صوفي
رنگ جي عجيب غريب رباعين ۽ سندس اگهاڙي گهمڻ ڪري
هتان جا ڪٽر قسم جا مسلمان ڏاڍا پريشان ٿي ويا.
دارا جي قتل کان ٻه سال پوءِ سنه 1661ع ۾، هن
مجذوب قسم جي ماڻهوءَ کي به اورنگزيب قتل ڪرائي
ڇڏيو.
ٺٽي ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو ڏاڍي ميٺ محبت سان
رهندا هئا، جن کي مڪلي ٽڪريءَ تي پڻ مختلف رنگن ۾
محسوس ڪري سگهجي ٿو. قانع پنهنجي پسند جي مقبرن ۽
مزارن تي ويندو هو، باقي ٻين کي نظر انداز ڪري
ڇڏيندو هو، جيڪي هڪ ڪلاونت مؤرخ کي ضرور پاڻ ڏانهن
ڇڪيندا هوندا. سندس ڪتاب ”مڪلي نامي“ ۾ نه مرزا
جاني، نه وري مرزا باقي بيگ جي پڪين سرن جي ٺهيل
مقبرن جو احوال ڏنو اٿس، جيڪي ڪاشيءَ جي سهڻين سرن
سان سينگاريل آهن ۽ نه وري ديوان شرفا خان جي بي
رونق ۽ سادي مقبري کي جاءِ ڏني اٿائين. سندس نقطه
نگاه ۾ فقط ڪن درويشن جون مزارون وڌيڪ اهم هيون جن
مان ڪيتريون هاڻي ڊهي ناس ٿي ويون آهن.
تاريخن مان اهڙا بيان ملندا ته هندو ۽ مسلمان
پنهنجا وڏا ڏِڻ گڏجي ملهائيندا هئا ۽ بنا ڪنهن
مذهبي متڀيد جي هن ٽڪريءَ جي سونهن ۽ سوڀيا مان هڪ
جهڙو لطف اندوز ٿيندا هئا. انهن مان ڪيترا هندو،
مسلمان صوفين جا مريد هوندا هئا. اهڙن صوفين جا
مقبرا هندن ۽ مسلمانن جي ملڻ جا ٿاڪ هوندا هئا.
قانع ۽ سندس دوستن اهڙن صوفي سنتن جي زندگي جي
احوال کي ڪن قصن ڪهاڻين سان ملائي پيش ڪيو آهي.
انهن جاين مان ڪي اڄ به اهڙيون دلچسپ آهن، جهڙيون
ارڙهين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ هونديون هيون.
انهن مان هڪ مقبرو شيخ جيئي پٽ شيخ نعمت الله جو
به هو. سندس تعلق ملتان جي شيخ بهاؤالدين زڪريا
(وفات 666هه/1267ع) جي گهراڻي سان هو(122). ”شيخ
جيئو مڪليءَ جو ڏيئو“ چيو ويندو هو. اُتر هندوستان
جي چشتي طريقن جي فقير نصيرالدين کي به دهليءَ جو
چراغ سڏيو ويندو هو. هر ماهه پهرئين سومر تي سندس
مزار تي ميلو لڳندو هو. برٽن هن بابت هڪ عجيب غريب
قصو لکيو آهي ته شيخ بهاؤ الدين زڪريا جي مريدن
کيس پنهنجو مرشد سمجهي ڪهي ڇڏيو. انهيءَ نقطه نظر
کان ته سندس گوشت کائڻ ڪري هو به درويش ٿي ويندا.
اتفاق سان اهو رڌل ٻوڙ کين نصيب ڪونه ٿيو، پر ستن
مهاڻن کي هٿ لڳي ويو، جيڪي سنڌ جي مستقبل بابت الڳ
الڳ پيشنگوئيون ڪندا ويا. چيو ويندو آهي ته جڏهن
انهن جا ست ئي سر ڄام تماچي جي آڏو آندا ويا ته،
انهن اهڙيون ته پيشنگوئيون کيس ٻڌايون جيڪي سنڌو
ماٿريءَ جي مستقبل بابت هيون(123).
هن قصي ۾ ست واقعا آهن، جيڪي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي
تائين ڦهليل آهن، پر اوليائن جي قصن ۾ اهڙو فرق
ڪابه حيثيت ڪونه ٿو رکي. قانع جي ڏينهن ۾ شيخ جيئي
جي مزار ذڪر ۽ سماع ڪري گهڻي مشهور هوندي هئي.
سندس بيان هن ريت آهي:
صفايء صحن او با دشت خضرا
نمي سنجد بيک پلّه تمنا
فضايش نور را ز اَنسان کند فاش
که نبود مهر را نوري چو خفّاش
کسي گر سايد آنجا جبهه گاهي
بريزد نورش از رخ تا بماهي
چراغش را بشب از ماه روغن
”چراغ مکلي“ است نامش باين فن
اگر سايل بر اين در رخ بسايد
مرادش پيش از نيّت برآيد
(124).
شب برات جي موقعي تي اهڙيون محفلون وڌيڪ رنگين ٿي
وينديون هيون. اها رات شعبان جي چوڏهين هوندي هئي.
عام ماڻهن جو عقيدو آهي ته انهيءَ رات ماڻهوءَ جو
مقدر نئين ريت جڙندو آهي. وچئين دور ۾ هندستان ۾
انهيءَ موقعي تي باهه جا شعلا ۽ روشنيون ڪري اهو
ڏڻ ملهايو ويندو هو. شيخ جيئي کان ٿورو وٿيرڪو پير
آسات (وفات 990هه/1582ع) جو مقبرو آهي، جنهن جي
مزار جي شمع تي جبرئيل پتنگ ٿي ايندو آهي(125).
ٻنهي مقبرن جي وچ تي هڪ وڏو تلاءُ اهي، جيڪو پير
آسات پاڻ جوڙي تيار ڪيو هو. جڏهن مينهن پوندا هئا
ته اوسي پاسي جو سارو پاڻي اچي هن تلاءَ ۾ گڏ
ٿيندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ بهشت جو ڪو چشمو، ڄڻ
تسنيم ۽ ڪوثر پاڻ ۾ ملي ويا آهن(126). خسرو چرڪس
جي مقبري ڀرسان شاه پريان جو آستان آهي، جتي هر
خميس تي عورتون اينديون آهن. قانع هن ماڳ جو نهايت
رنگين انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته
ڪنهن شاعر کي اهڙي ڏات ڪانه آهي جو انهن سهڻين
عورتن جي خوبصورتيءَ کي پنهنجي لفطن ۾ بيان ڪري
سگهي، جيڪي هن زيارتگاهه جي چوڌاري مردن جي دلين
تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون آهن.
رود آنجا کسي کو را هوائيست
شهيد عشق را خوش کربلائيست (127).
ٺٽي جي رهاڪن جي گهمڻ واسطي ٻيو خوبصورت ماڳ عيد
گاهه هوندو هو، جيڪو اڄ ڪلهه پري بلڪل اڪيلو ۽
ٽڪريءَ جي مرڪزي حصي کان گهڻو ڏور، نقشبندي
قبرستان جي ڏکڻ- اوڀر پاسي آهي. هيءَ عمارت مغل
گورنر يوسف خان تاشقندي سنه 1043هه/1633ع ۾ تعمير
ڪرائي هئي، جنهن جي مرمت جو ڪم سنه 1281هه/1864ع ۾
مرزا الاهي بخش ڪرايو هو. هن کان ميل کن ڏکڻ
”ميڪرا“ جو ماڳ آهي، جنهن کي بهشت جو ٽڪر سڏيو
ويندو هو. ڪنهن زماني ۾ هتي پاڻيءَ جو تلاءُ هوندو
هو، جنهن ڪري وڻراهه ۽ باغ هوندا هئا. انهن ڊگهن
وڻن جون چوٽيون آسمان سان لڳنديون هيون. سندن ڇانو
ان ٻاجهاري جي ٻاجهه ۽ ديا جهڙي ٿڌي هئي، جن جي
اوچائي کي ڏسي بهشت جي دروازي تي بيٺل سدره وڻ حسد
کان پاڻ پَٽيندو هو(128). ماڻهو هتي هوا کائڻ،
گهمڻ گهتڻ ۽ تفريح لاءِ به ايندا هئا. پر هاڻي نه
پاڻيءَ جو اهو تلاءُ آهي ۽ نه وري وڏن وڻن جو من
موهيندڙ ڏيک، جتي ڪنهن سمي ٺٽي جا خوشين ۾ مگن
ماڻهو دل وندرائڻ خاطر هليا ايندا هئا.
هتي شيعن جو من پسند ماڳ ”جلوه گاه امامين“ به
هوندو هو(129). ڪڏهن اتي هڪ کليل ميدان هوندو هو.
ان ماڳ جي تقدّس جو پتو هڪ ڌنار کي پيو هو. سندس
رڍون جڏهن هن ٿاڪ تي پهچنديون هيون، تڏهن کيس
محسوس ٿيندو هو ته اهي ٿاڪ جو ادب ۽ احترام ڪري
رهيون آهن. هن اها ڳالهه وڃي ٺٽي جي هڪ مذهبي
اڳواڻ ميان ملوڪ شاهه کي ٻڌائي. ان کان پوءِ کيس
معلوم ٿيو ته اتي الاهي روشنيءَ جو جلوو آهي،
ڇاڪاڻ ته ڪڏهن هن جاءِ تي حضرت عليرضه
جا ٻئي فرزند امام حسنرضه
۽ حسينرضه
آيا هئا. جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته اهو واقعو سما
دور جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيو هوندو. بعد ۾ هن جاءِ جي
چوڌاري چوديواري تعمير ڪئي وئي ۽ پٿر تي نظر ايندڙ
پيرن جا نشان پڻ هتي رکيا ويا، جن لاءِ چيو ويندو
هو ته اهي پيغمبر صلي الله عليہ وآلہ وسلم جا آهن
يا حضرت علي رضه جا. هن ماڳ جو نواب سيف الله تمام
گهڻو احترام ڪندو هو، جيڪو شيعو هو ۽ 1137هه/1725ع
کان 1142هه/1729ع تائين ٺٽي جو گورنر هو، جنهن هن
مقدس ماڳ جي سن 1140هه/1727ع ۾ مرمت به ڪرائي هئي.
وفات بعد کيس ان چوديواري اندر دفن ڪيو ويو، جنهن
جي چوڌاري سندس عزيزن، قريبن جا مقبرا نظر ايندا.
انهن سڀني ماڻهن پاڻ کي هتي انهيءَ ڪري دفن ڪرايو
ته جيئن هن مقدس ماڳ جي طفيل من خدا مٿن رحمتون
نازل ڪري. ٺٽي جا شاعر ۽ ڪي مشهور شخصيتون پڻ هتي
دفن ٿيل آهن، جن مان هڪ آغا ڪريم اصفهاني (وفات
1155هه/1724ع) به آهي(130). هڪ ننڍڙي مسجد ۽ ڀرسان
تلاءُ اڄ به باقي آهن. مسجد تي مير مائل (قانع جي
پٽ) مشهور شاعر جو قطع تاريخ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن
مان 1211هه/ 1796ع جو سال نڪري ٿو(131).
هندستان جي ٻين شهرن جيان ٺٽي ۾ پڻ شيعن جي گهڻائي
هوندي هئي. مغل دور ۾ سندن تعداد اڃا به وڌيو هو،
ڇاڪاڻ ته صفوي گهراڻي جي حڪومت دوران ايران کان
ڪيترا عالم ۽ شاعر هتي اچي آباد ٿيا هئا. ان کان
علاوه سنڌ ۾ مهدوي فرقي جو پڻ گهڻو اثر هو. سمان
گهراڻي جي آخري مشهور حڪمران ڄام نظام الدين جو
وزير دريا خان (132) به، سيد ميران محمد مهدي
جونپوري جو مريد هو، جنهن کي گجرات ۾ هن دعويٰ تي
سزا ڏني وئي هئي ته هو مهدي آخر زمان آهي(133).
ڇاڪاڻ ته مهدي جونپوري ڪجهه عرصو گجرات ۾ پڻ رهيو
هو، جنهن کي سلطان محمود بيگڙي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي. ان کان پوءِ هو ڪجهه عرصو ٺٽي ۾ به رهيو هو.
بعد ۾ افغانستان هليو ويو. جتي هن سنه 1505ع ۾
وفات ڪئي. سندس فڪر ذڪر رستي اندر کي اجرو ڪرڻ هو.
سندس فرقي سنڌ ۽ هند جي گهڻن ئي مشهور ماڻهن کي
پاڻ ڏي ڇڪي ورتو هو. بدايوني جي تاريخ مان پڻ محمد
مهدي جونپوري ۽ سندس مريدن جو چڱيءَ ريت پتو پئجي
سگهي ٿو(134). دريا خان، ميران محمد جونپوريءَ جي
فڪر کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو انهيءَ زماني ۾
سنڌ اندر پير پختا ڪري چڪو هو. چيو ويندو آهي ته
پير آسات، جنهن جو ذڪر مٿي اچي ويو آهي، سو به ان
فڪر جو پوئلڳ هو. ان کان سواءِ ٻيو هڪ مشهور سنڌي
ماڻهو قاضي قادن آهي، جيڪو پڻ هن مسلڪ سان لاڳاپيل
هو ۽ انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ جو قاضي هو. هي سنڌ جو
وڏو ۽ پهريون صوفي شاعر آهي(135). لاهور وارو ميان
مير سنڌي سندس ڏوهٽو هو، جيڪو تصوف جي مسلڪ ۾ دارا
شڪوه جو مرشد هو(136). مڪليءَ تي مهدوي فرقي جي
ماڻهن جو هڪ الڳ قبرستان پڻ هوندو هو، جنهن جو مير
قانع هنن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آهي:
ارض مرقد پاکش نمک خوانِ کنعان ملاحت،
و فضاي صحن رشک افلاکش،
قافله آباد مصر نزاهت
(137).
اهو ڪنعان ملاحت رضوي سيدن مان سيد محمد يوسف
پهريون ماڻهو هو، جنهن سورهين صدي جي وچ ڌاري هيءُ
مسلڪ قبول ڪيو هو. هن گهراڻي مان پوءِ واري زماني
سان لاڳاپيل ڪيترا مصنف ۽ ٻيون مشهور شخصيتون پيدا
ٿيون. مهدوي رضوي ساداتن جو قبرستان عيد گاهه کان
ڏکڻ اوڀر پاسي واقع آهي. هينئر اوڏاهين وڃڻ لاءِ
ڪوبه رستو ڪونه آهي. مقبرن جي چوڌاري ڏنل چوديواري
ڊهي ناس ٿي وئي آهي، پر ان زماني جي تلاءَ جا ڪجهه
اهڃاڻ آهن، جنهن لاءِ مير قانع هن ريت لکيو آهي:
اگر زاغ شب بر اين کوه آشيان بندد، از طراوت باري
هاي هوايش رنگ طوطي يابد (مڪلي نامه ص 89).
چوديواري کان ٻاهران محراب سان هڪ ٿلهو آهي، جتي
ماڻهو شب برات ۽ شب معراج جي موقعي تي اچي گڏ
ٿيندا هئا، ۽ پاڻ سان مٺايون کڻي ايندا هئا. سيد
محمد يوسف پنهنجي هڪ مريد سان گڏ ڌار جاءِ تي دفن
ٿيل آهي. ڪلهوڙا دور ۾ هن مهدوي فرقي جي قبرستان
کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ به
انهيءَ فڪر سان لاڳاپيل هئا. آدم خان ڪلهوڙي کي به
سنه 1558ع ۾ اهڙيءَ دعويٰ ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو هو.
انهيءَ سبب ڪري ڪلهوڙن جي ٺٽي واري نواب سلطان
سامٽيي (سامٽيو) کي هن ايراضيءَ ۾ دفن ڪيو ويو هو.
سترهين صديءَ جي ٻئي اڌ دوران ٺٽي جو زوال شروع ٿي
چڪو هو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته مغل گورنرن ٺٽي ۾
دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني هئي. ٻيو سبب اهو هو ته سنڌو
درياءُ رخ بدلائي هن شهر کان گهڻي وٿيءَ تي وهڻ
لڳو هو. سن 1652ع ۾ مغل حڪومت ٺٽي ۾ ضربخانو قائم
ڪيو هو(138). انهيءَ زماني ۾ ٺٽي جي آدمشماري ٻه
لک اسي هزار هئي. تجارتي آمد رفت واسطي هتي
چاليهارو هزار ٻيڙيون، چار هزار آڏاڻا ۽ ويهه هزار
ٻيا هنرمند ۽ ڪاريگر هئا، جيڪي واپارين کان سواءِ
هئا(139). جيڪڏهن اسان چاليهه هزار ٻيڙين کي وڌاءُ
سمجهون، پر چاليهن ٻيڙين جو تجارتي مال سان ڀرجي
روزانو روانو ٿيڻ به وڏي ڳالهه سمجهڻ کپي. هنن
ڳالهين مان سمجهڻ کپي ته 1700ع ڌاري ٺٽو تمام وڏو
بندر هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي سر
سامونڊي ۾ پڻ هن بندر جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جتي
هي شاعر هن ڳالهه جو اشارو ڏئي ٿو ته وڻجارا سري
لنڪا ۽ عدن تائين ويندا هئا ۽ پاڻ سان گڏ موتي،
گرم مصالحه ۽ قيمتي پٿر آڻيندا هئا. سن 1699ع ۾
اليگزينڊر هئملٽن هن شهر ۾ آيو هو. سندس بيان آهي
ته ٺٽي ۾ چار سؤ مدرسا هئا. سندس معلومات موجب هن
کان ٽي سال اڳ پليگ جي بيماري پئي هئي، جنهن ۾ اسي
هزار ماڻهو مري ويا هئا، جن ۾ وڏو تعداد ڪورين جو
هو(140). دستاويزي ثابتيون آهن ته ٺٽي ۾ سن
59-1658ع، 1683ع ۽ 1123هه/1711ع ۾ پليگ ۽ ڏڪار
ڪاهي پيو هو. ”شوقي“ نالي هڪ ماڻهو ٺٽي جي بازار
جو ناظم هو، جنهن جي لکيل قطعه تاريخ مان پتو پوي
ٿو ته انهيءَ سال هن شهر ۾ پليگ واري مها مري پئي
هئي(141). انگريزن به سن 1636ع ۾ هتي واپاري ڪوٺي
کولي هئي، جيڪا سن 1662ع ۾ بند ڪئي وئي هئي. ايسٽ
انڊيا ڪمپني وري ٻيو ڀيرو سن 1758ع ۾ ڪوٺي کولي،
جيڪا سن 1775ع تائين هلي. انهيءَ زماني ۾ شاهه
بندر وٽ سنڌوءَ جي ڇوڙ ۾ لٽ ويهي ويو هو، جنهن ڪري
جهاز رانيءَ ۾ سخت مشڪلات پيدا ٿي پئي هئي. ان کان
سواءِ برطانيا ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٺٽي ۾
تيار ٿيندڙ مال جي کپت گهٽجي وئي هئي.
اورنگزيب سن 1707ع ۾ وفات ڪئي. انهيءَ سمي ٺٽي جو
رهيو کهيو شان مان به گهٽجي ويو هو. سن 1707ع کان
پوءِ مغل زوال جي شروعات ٿي چڪي هئي. انهيءَ سان
گڏ اتر سنڌ ۾ ٻه گهراڻا ڪلهوڙا ۽ دائودپوٽا اڳتي
اڀرڻ لڳا هئا. نظر اچي ٿو ته سن 1700ع ڌاري ڪلهوڙن
مان هڪ ماڻهو دهلي طرفان گورنر مقرر ڪيو وڃي ٿو ۽
اهو ماڻهو مشرقي طبقي سان اڀري ملڪ جو اقتدار کسي
وٺي ٿو جيتري ملڪ جي انتظام رکڻ جي وٽس صلاحيت
آهي. هن کي پڪ آهي ته دهلي تمام پري آهي، تنهن ڪري
هو جيڪي ڪجهه به چاهيندو سو ڪري سگهندو(142).
اهڙيءَ ريت هنن 1737ع ڌاري هڪ ڪجهه وقتي آزاد
حڪومت قائم ڪري ورتي. انهن تي 1739ع ۾ پهريون حملو
نادر شاهه ڪيو، جيڪو ان وقت دهليءَ کي ڀينگ ڪري
واپس ايران وڃي رهيو هو. ميان نور محمد ڪلهوڙو ڀڄي
وڃي عمرڪوٽ ۾ لڪو. ويهه لک روپيا سالياني خراج ۽
پنج لک روپيا تاوان ڀري ڏيڻ کان پوءِ کيس معافي
ملي. ديوان گدومل سندس وزير هو، جيڪو ڏاڍو سياڻو
هو. هن سنڌ جي درويشن ۽ فقيرن جي قبرن جي مقدس مٽي
هڪ ٿيلهي ۾ وجهي کيس سوغات ڪري ڏني هئي ته به
ايران جي حڪمران ميان نورمحمد خان کي رتيءَ برابر
ڇڏ ڇوٽ ڪانه ڪئي(143). نادر شاهه 1747ع ۾ وفات ڪري
ويو. ايران جي ساري فوج جو سپهه سالار احمد شاهه
تاديبي ڪارروائي واسطي 1757ع
۾ پنهنجي فوج رواني ڪئي، جنهن ڪلهوڙن کي شڪست ڏني.
ان کان ستت ئي پوءِ ميان نور محمد جيسلمير ۾ وفات
ڪري ويو. سندس ٽنهي پٽن ۾ گادي جي مسئلي تان
ويڙهاند شروع ٿي. سندس گهراڻو ڦيٽاڙي ۽ ملڪ وڳوڙن
جي ور چڙهي ويو. نيٺ سن 1783ع ۾ سندن حڪومت ٽالپرن
بلوچن جي هٿ هيٺ اچي وئي جيڪي سندن مريد ۽ مددگار
هئا.
ڪلهوڙن جي ساري دور ۾ ٺٽو سياسي زوال جو شڪار
رهيو. هن شهر جي هڪ بندر طور ڪابه اهميت ڪانه رهي
هئي، پر هڪ ثقافتي مرڪز جي نقطهءَ نظر کان کيس اڃا
به اهميت حاصل هئي. هتي فارسي جا ڪيترائي اسڪول
هئا، جتي ٻارن کي تعليم ڏني ويندي هئي(144).
عرفيءَ جو مشڪل ترين قصيدو به هتي مدرسن ۾ پڙهايو
ويندو هو(145). فارسي شاعري اڳئين کان وڌيڪ ترقي
ڪئي هئي. غني ٺٽوي (وفات 1135هه/1723ع) مرزا بيدل
سان گڏ پڙهيو هو، جيڪو فارسي جي هندستاني مشڪل
اسلوب جو وڏو شاعر هو(146). ملا عبدالحڪيم ”عطا“
پٽ محمد افضل (اصل ۾ سليمان) حضرت علي ۽ امامن جي
شان ۾ ٽيهه هزار شعر چيا(147). محمد معين جيڪو
مخدوم ٺاري جي نالي سان مشهور آهي (1096هه/1683ع -
1161هه/1748ع) سوبه هڪ مشهور صوفي ٿي گذريو آهي.
جنهن اسلام ۽ تصوف جي مسئلن تي ڪيئي ڪتاب لکيا
آهن، جيڪي گهڻو ڪري عربيءَ ۾ آهن. سندس گهر ۾ ابن
عربي جو مشهور ڪتاب ”فصوص الحڪم“ پڙهيو ويندو هو.
سندس ٻيا سهيوڳي عالم مولانا رومي جي مثنوي
سمجهائڻ جا ماهر هئا. مير نجم الدين عزلت رضوي
بخاري عربي ۾ هڪ عجيب غريب ڪتاب لکيو هو ۽ نخشبي
جي ”طوطي نامه“ کي فارسي نظم ۾ ترجمو ڪيو هو(148).
ٻئي شاعر صابر، حسين واعظ ڪاشفي جي روضة الشهداء
کي نثر مان نظم جي صورت ۾ آندو هو ۽ ان مان هڪ لک
شعر جوڙيا هئا(149). ان ئي زماني ۾ محمد محسن
(1121هه/1709ع - 1163هه/1750ع) ڪربلا جي شهيدن تي
مرثيا لکيا. هو قطعه تاريخ لکڻ ۾ ڏاڍو ماهر هوندو
هو. کيس مهيني ۾ رڳو پندرهن روپيا وظيفو ملندو هو
۽ انهيءَ مان گذارو ڪري ويندو هو(150). انهيءَ
زماني ۾ نقشبندي طريقو جيڪو احمد سرهندي (وفات
1624ع) جي ڏينهن ۾ اتر هندستان ۾ پکڙجي چڪو هو.
ٺٽي ۾ به پهچي ويو هو. انهيءَ طريقي جا پوئلڳ
انهيءَ جتن ۽ جاکوڙ ۾ لڳا رهيا ته مسلمان اسلام جي
صحيح اصولن کان باخبر رهن. مڪليءَ تي انهيءَ دور ۾
بزرگن جي مقبرن تي سماع، سرود ۽ صوفي راڳ جون
محفلون متل هونديون هيون. هن فرقي جي ڪوشش هوندي
هئي ته اهڙيون ڳالهيون هڪدم بند ٿيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ
ته سندن خيال موجب اهي اسلامي اصولن جي خلاف آهن.
نقشبندي فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جو ماڳ مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ناصحانه نوعيت
جي شاعريءَ جي شروعات ڪئي (151) هي پهريون ڀيرو هو
جو هتان جي ٻوليءَ ۾ لوڪ شاعري ۽ صوفي شاعري سان
گڏ رسول پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي زندگي ۽
ان جي معجزن کي نظم جي صورت ۾ لکيو ٿي ويو ۽
مسلمانن کي ان ڳالهه کان واقف ڪيو ٿي ويو ته صحيح
مؤمن جو ڪهڙو فرض آهي؟(152). هي اهو ئي زمانو هو،
جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڀٽ تي تنبوري جي تنوار
تي صوفي مسلڪ جو راڳ آلاپي رهيو هو. مخدوم محمد
هاشم جي تبليغ جي اثر کان هر مهيني ۾ ڪونه ڪو
هندو، مسلمان ٿي ويندو هو. مخدوم هاشم ارڙهين
صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ قرآن شريف جو پهريون سنڌي ۾
ترجمو ڪيو هو. ان سان گڏ هن عالم قرآن ڪريم جي
آخري جز جو تفسير پڻ لکيو هو. سنڌي ٻوليءَ جي هيءَ
پهرين تصنيف هئي، جيڪا ڇپي هئي. برٽن جي بيان
مطابق هن کان پهريان به اهو رواج هوندو هو، ته
جڏهن ڪو ٻار پهرئين ڏينهن مدرسي ۾ پڙهڻ ويندو هو
ته کيس اهو ڪتاب ڏنو ويندو هو(153). تنهن ڪري چئي
سگهجي ٿو ته مخدوم محمد هاشم ۽ سندس دوستن سنڌي
نثر لکڻ جي پڻ شروعات ڪئي. صدي کن پوءِ ان کي هڪ
نئين نموني سان اڳتي وڌايو ويو.
|