هن ڪٺور انسان جو مقبرو به امير خليل خان جي مقبري
جيان دلچسپ آهي، جيڪو سندس حڪمرانيءَ دوران جڙي
راس ٿيو هو(80). ان کان پوءِ سندس پٽ مرزا پاينده
بيگ هن جي گادي سنڀالي. چيو ويندو آهي ته سندس ڪل
ٿڙيل هئي. قانع کيس مجذوب ڪوٺيو آهي. پر اصلي
حڪمران سندس پٽ مرزا جاني بيگ هو.
مرزا جاني بيگ سنڌ جي حالتن کي سڌارڻ جي ڀرپور
ڪوشش ڪئي. هو اڪبر جي سياست کي تکي تاڙ سان ڏسي
رهيو هو. اڪبر پاڻ هن سگهاري سنڌي حڪمران کي گهوري
۽ گهاڙي رهيو هو ته متان سنڌ مڪمل طرح آزاد نه ٿي
وڃي. تنهن ڪري هن سنه 999هه/1590ع ۾ پنهنجي بهترين
جنرل عبدالرحيم خان خانان کي فوج ڏئي سنڌ تي چاڙهي
موڪليو، ۽ سنه 1000هه/1591ع ۾ سنڌ مغل شهنشاهت سان
شامل ٿي وئي. خان خانان جي ٺٽي ۾ ٽڪي پوڻ واري
احوال مان پتو پوي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ ٺٽو ڇوڙ
واري علائقي جي هڪ ڪنڊ تي هو، جتان لاهوري (لاهري)
بندر پندرهن ميلن جي پنڌ تي هو. هن ٻه ڀيرا مغليين
واري ماڳ وٽ پهچي سمونڊ جي موج مستي ڏٺي هي(81).
خان خانان سمونڊ ڏسڻ کان جلد ئي پوءِ آگري ۾ مغل
درٻار ۾ وڃي حاضر ٿيو. مرزا جاني بيگ کي به خان
خانان ساڻ وٺي ويو هو، جنهن جون ٻه نياڻيون شاهي
گهراڻي ۾ پرڻيل هيون. ان مان هڪ اڪبر جي پوٽي خسرو
کي ۽ ٻي عبدالرحيم خان خانان جي وڏي پٽ ايرج خان
(994هه/1586ع - 1028هه/1619ع) جي گهر ۾ هئي.
مرزا جاني بيگ شاعري ۽ موسيقيءَ جو ڏاڍو شوقين هو.
اها ڳالهه هن حقيقت مان چڱيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿي
ته، عبدالرحيم خان خانان جي شاعر ملا شڪيبي (وفات:
1013هه/1604ع) سندس شڪست ۽ خان خانان جي فتح بابت
قصيدو لکي، خان خانان وٽ پڙهيو ته جاني بيگ کي هما
پکيءَ سان تشبيهه ڏني هئائين. سندس قصيدي تي نه
رڳو خان خانان خوش ٿيو، پر مرزا به مٿس ڏاڍو راضي
ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته کيس ڪانءُ نه پر هما پکي سڏيو
هئائين.
باده
هماي که بر چرخ کردي خرام
گرفتي و آ زاد کردي ز
دام(82).
ترجمو: هما جيڪو آسمان جي بلندين تي اڏامي رهيو
هو، تنهن کي تو (خان خانان) پڪڙيو ته سهي، پر وري
آزاد به ڪري ڇڏيئي.
هن ۽ اڪبر جي وچ ۾ دوستيءَ بابت ڪيئي قصا مشهور
آهن. هڪ ڏينهن مغل شهنشاهه کانئس پڇيو ته، ”تون
ڪٿي ۽ ڪڏهن پيدا ٿئين؟“ ڇاڪاڻ ته هو به اڪبر جيان
سن 1542ع ۾ عمرڪوٽ ۾ ڄائو هو ۽ راڻي بيرسال جو
ڀاڻيجو هو. ان ڪري اڪبر ٻين اميرن کان وڌيڪ هن کي
ويجهو رکندو هو، ۽ گهڻو گهرندو هو. بدايوني اهو به
لکيو آهي ته هن اڪبر جي ايجاد ڪيل نئين مذهب کي پڻ
قبول ڪري ورتو هو(83). ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته
جاني بيگ اڪبر جي روبرو سنڌي موسيقيءَ سان گڏ سنڌي
راڳ ڳايو هو ۽ انهن راڳن ۾ هڪ سر مارئي به هو،
جنهن جو تعلق عمرڪوٽ واري ماڳ سان به هو. هن حقيقت
مان پتو پوي ٿو ته مارئي واري روايت گهڻي وقت کان
وٺي مشهور هئي ته ڪيئن عمرڪوٽ جي حڪمران، هڪ
ڳوٺاڻيءَ ڇوڪريءَ کي کوهه تان کنڀي کڻي آيو هو،
جيڪا پنهنجي لوئي ۽ لوءِ سان سچي هئي(84).
مرزا جاني بيگ هندستان ۾ رهيو، ۽ سنه 1009هه/1600ع
۾ برهانپور ۾ وفات ڪيائين، جتان کيس آڻي مڪليءَ ۾
دفن ڪيو ويو(85). هن بابت تاريخن ۾ متضاد بيان
آهن. ڪي تاريخون سندس تعريف ڪن ٿيون ته ڪي وري مٿس
ڇوهه ڇنڊين ٿيون، پر سڀئي انهيءَ ڳالهه تي متفق
آهن ته هو موسيقيءَ جو ڄاڻو هو ۽ پرڪشش شخصيت جو
مالڪ هو.
جڏهن جاني بيگ هندستان ۾ هو ته سندس پٽ مرزا غازي
بيگ سنڌ تي حڪومت ڪري رهيو هو. حقيقت هي آهي ته ان
وقت سنڌ ترخانن کي جاگير طور ڏني وئي هئي. اڳئين
زماني جيان ڪيترا شاعر، مغل درٻار ڏانهن ويندي ۾
ڪجهه وقت ٺٽي ۾ ترسندا هئا. اهڙيءَ ريت شيدا
اصفهاني به اڳتي ويندي ڪجهه وقت هتي ٽڪيو هو. مرزا
غازي بيگ به پنهنجن وڏڙن جيان شاعر هو ۽ سندس تخلص
وقاري هو. هن اٽڪل روءِ پنج هزار شعر جوڙيا هئا.
طالب آملي، فارسي زبان جو شاعر جهانگير بادشاه جو
درٻاري شاعر هو، جنهن پڻ هن شهزادي جي شاعرانه ڏات
کي ساراهيو آهي. فرمائي ٿو:
صف آراي تيغ قلم،
خان غازي
بلند آفتابي،
که دو راز رکابش
جلد از آستانش،
ز اشک دمادم
دلي بي رخ او،
سزاوارِ خنجر
به چشمم خلد،
گرچه از آستانش |
که لب در ثنايش،
کهر بار دارم
برخ کوکب اشک بسيار دارم
سرِ آستين،
رشک گلزار دارم
سري دور ازان در خوردار دارم
زپا،
قدرت کندن خار دارم |
مرزا غازي بيگ موسيقيءَ جو به ماهر هو(87). هو
نوجوان هو، کيس حڪمرانيءَ جو تجربو گهٽ هو ۽ مغل
درٻار کان ڪجهه پاسيرو ٿي ويو هو. سنه
1010هه/1601ع ۾ ٺٽي ۾ بغاوت جي باهه ٻري پئي، جنهن
ڪري ٻين ماڻهن سان گڏ سندس اتاليق خسرو خان چرڪس ۽
سندس ويجهو مائٽ مرزا عيسيٰ ترخان ٻيو، ڪجهه وقت
لاءِ ٺٽو ڇڏي شهر کان ٻاهر هليا ويا. هن نوجوان
حڪمران جو ٻيو ويجهو دوست ابوالقاسم بيگلار ولد
شاهه قاسم مذڪوره باغين جو اڳواڻ هو. سندس بغاوت
ڪامياب ڪانه ٿي. کيس سزا طور انڌو ڪيو ويو، پر
سندس جاگير سندس موت تائين 1030هه/1620ع وٽس رهي.
هن سٺ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي هئي.
ابوالقاسم بيگلار قديم ترڪ گهراڻي جي نسل مان هو،
جنهن جي تاريخ ادراڪي بيگلاري جي تصنيف
”بيگلارنامه“ ۾ (1017هه/ 1608ع) ڏسي سگهجي ٿي. هن
ساڳئي مصنف فارسي ۾ ”چنيسر نامه“ نالي هڪ مثنوي پڻ
لکي هئي(88). هيءَ هڪ مشهور ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ليلا
نو لکي هار عيوض پنهنجي مڙس ڄام چنيسر کي هڪ رات
لاءِ ٻي ڇوڪريءَ حوالي ڪيو هو. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ
لالچي عورت کي پنهنجو ڀتارُ گهران لوڌي ڪڍي ڇڏي
ٿو. هن ڪهاڻيءَ کي شاهه عبداللطيف به پنهنجي رسالي
جو موضوع بنايو آهي، جنهن ۾ هو موڳي ۽ لالچي روح
يا نفس اماره ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪو ٿوري لوڀ
تي پنهنجي حقيقي بادشاهه جي عشق کي ڇڏي ٿو ڏئي. هن
حقيقت جي ناتي اها ڄاڻ ملي ٿي ته ادراڪي بيگلاري
واري زماني ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي فارسي ۾ ترجمي
ڪرڻ جو لاڙو موجود هو. مير معصوم نامي به پنهنجي
دور ۾ سسئي پنهون جو قصو فارسي شاعريءَ ۾ منظوم
ڪيو هو، جيڪو پڻ ساڳيو زمانو هو.
جنهن زماني ۾ نصرپور جو نابين گورنر گهڻي وقت کان
پنهنجي عهدي تي فائز هو، انهن ڏينهن ۾ مرزا غازي
بيگ سن 1013هه/ 1604ع ڌاري اڪبر جي درٻار ڏانهن
روانو ٿيو هو، پر ان جي وفات کان جلد ئي پوءِ ٺٽي
موٽي آيو هو. جڏهن جهانگير جي لاهور ۾ سنه
1014هه/1605ع ۾ تاجپوشي ٿي ته کيس گهرائي ورتو
هئائين. معلوم ٿئي ٿو ته جهانگير هن نوجوان جي
تمام گهڻي عزت ڪندو هو(89). هن سندس جاگير ۾ بکر ۽
ملتان جا ڪجهه حصا به ملائي ڇڏيا هئا. ان کان پوءِ
هن کيس صفوين جي مقابلي لاءِ قنڌار روانو ڪيو.
ڪنهن زماني ۾ ايران جو صفوي حڪمران هن علائقي کي
هٿ ڪرڻ واسطي هٿ پير هڻي رهيو هو. انهيءَ لاءِ ته
جيئن سنڌوءَ ماٿري واري علائقي تي سولائيءَ سان
حملو ڪري سگهي. سن 1017هه/1608ع ۾ مرزا غازي بيگ
کي قنڌار جو صوبيدار بنايو ويو. هي اتي هو جو طالب
آملي اتر هندستان کان گهمي ڦري اچي سندس درٻار ۾
پهتو هو. هو جڏهن آگري ۽ لاهور کان ٿيندو ملتان
پهتو ته کيس نظربند ڪيو ويو. هو مرزا غازي بيگ جو
قصيده خوان هو(90)، جڏهن هن سندس تعريف ۾ هي قصيدو
چيو هوندو ته کيس ضرور دل گهريو انعام مليو هوندو:
هم از کلک او،
در نظر عقدِ پروين
مبادا سرم گر به عهد ثنايش
زابيات او،
تا گهر چيده گوشم
به تحت الثريٰ از تمناي قدرش
بهار بهشتم،
که بر باغ طبعش |
هم از نطق او،
دّر شهوار دارم
سِر خامه يک لحظه بيکار دارم
ز ياقوتِ اشعارِ خود،
عار دارم
قدم برسر چرخ دوّار دارم
نگاهي زحسرت،گران
بار دارم |
سحاب کريمم،
که در ملک جودش
به مغز دل خويش اقرار دارم
ان سان گڏ هي شاعر اهو به اشارو ڏئي ٿو ته هي
شهزادو پان کائڻ جو پڻ شوقين هو ۽ ٻڌائي ٿو ته
سندس وات ائين آهي ڄڻ ڳاڙهي غاليچي تي سفيد موتي
کنڊڙيا پيا آهن، يا ڄڻ ڪي ڳاڙها ياقوت نظر اچي
رهيا آهن.
مرزا غازي بيگ ڦوهه جوانيءَ ۾ سن 1021هه/1612ع ۾
وفات ڪري ويو. شراب جي گهڻائي يا حد کان وڌيڪ عيش
عشرت ڪري هو وقت کان اڳي لاڏاڻو ڪري ويو هو(91).
پر گهڻين تاريخن لکيو آهي ته سندس اميرن مان ڪنهن
کيس زهر ڏنو هو. طاهر نسياني جي قطعه تاريخ مان
پوئين سبب ڏانهن اشارو ملي ٿو. ”بر کشيدند کينہ و
دادند زهر قاتلش“ کانئس انتقام وٺڻ خاطر کيس زهر
ڏئي ڇڏيو(92). زهر ڏيڻ جو گمان خسرو چرڪس جي پٽ
ڀائي خان ۾ ڪيو ويو هو، جيڪو پڻ ان وقت جهانگير جي
درٻار سان لاڳاپيل هو.
مرزا غازي بيگ جي وفات کان پوءِ سنڌ، سنڌين جي هٿن
مان نڪري مڪمل طور مغل حڪمرانيءَ جي ماتحت اچي
وئي. ان کان پوءِ دهليءَ طرفان مختلف گورنر مقرر
ٿيندا آيا، پر ان هوندي به ترخان ڪجهه وقت لاءِ
پنهنجي اقتدار واسطي جتن ڪندا رهيا. مڪلي نامه ۾
مرزا غازي بيگ جي اٺ ڪنڊي مقبري جو ذڪر ڪونه آهي،
پر هينري ڪزنس پڪين سرن جي هن تعمير جي تمام گهڻي
تعريف ڪئي آهي. اندرئين پاسي کان ڪاشيءَ جي سرن جو
نهايت بهترين ڪم ٿيل ڏسجي ٿو (93). شايد مڪلي نامي
جي مصنف کي هيءَ سادي ۽ بنا ڪنهن نقش و نگار جي
تعمير ڪانه وڻي هوندي، تنهن ڪري هن انهيءَ قبر ۽
ٻين اهم اڏاوتن جو پڻ ذڪر ڪونه ڪيو آهي، جن جو
واسطو سترهينءَ صديءَ جي شروعات سان آهي. هي سنڌ
جي تاريخ جو نهايت اهم دور آهي، تنهنڪري انهيءَ
دور سان لاڳاپيل ٻن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ نهايت لازمي
آهي، جن مان هڪ آهي خسرو خان چرڪس ۽ ٻيو آهي مرزا
عيسيٰ خان ٻيو، جنهن جو مقبرو ساري مڪليءَ جي
سونهن آهي.
خسرو چرڪس، چنگيز خان جي اولاد مان هو. هو ترخانن
جي حڪومت جي شروعات کان وٺي هنن جي خدمت ڪندو رهيو
هو(94). مرزا عيسيٰ پهرئين کيس آفتابچي مقرر ڪيو
هو ۽ مرزا باقي جي دور تائين ساڳئي عهدي تي بحال
ٿيندو آيو هو. ان کان پوءِ مرزا جاني بيگ کيس ٻيا
فرض به سونپيا هئا ۽ مرزا غازي بيگ جو اتاليق به
مقرر ڪيو هئائينس. جڏهن عبدالرحيم خان خانان، مرزا
جاني بيگ کي اڪبر جي درٻار ڏانهن وٺي ويو ته هي به
ساڻس گڏ هو. جيستائين مرزا جاني بيگ مغل درٻار وٽ
نظر بند رهيو (1001هه/1592ع کان 1017هه/1608ع) ٺٽي
جو سارو ڪاروبار سندس هٿ هيٺ هو. جڏهن مرزا غازي
بيگ، سنه 1010هه/1601ع ۾ هن پراڻي ملازم خلاف ٿي
بيٺو ته، هن کي مرزا منجهان خطرو محسوس ٿيڻ لڳو،
پر هو سندس سڀني سازشن کان بچي ويو هو. البت سن
1017هه/1608ع ۾ دهلي سرڪار غبن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس
ملازمت مان ڪڍي ڇڏيو. جهانگير جاچ پڙتال واسطي
هندو خان کي ٺٽي روانو ڪيو. ٻئي طرف مرزا غازي
بيگ، خسرو خان چرڪس کي قنڌار سڏائي ورتو. سنه
1020هه/1611ع ۾ هي ٺٽي موٽي آيو. نيٺ هن جي جاءِ
تي مرزا رستم قنڌاري کي رکيو ويو. رستم قنڌاريءَ
کي ان ڪري موڪليو ويو هو جو مرزا غازي بيگ جي وفات
کان پوءِ خسرو خان چرڪس، ترخان گهراڻي جي مرزا
عبدالعلي نالي هڪ ماڻهوءَ کي گورنريءَ جي مسند تي
وهاريو هو، ۽ اها ڳالهه جهانگير جي مرضيءَ جي خلاف
هئي. ان ڪري هن پهريائين عبدالرزاق خان بخشي کي
انهيءَ مقصد سان ٺٽي روانو ڪيو ته جيئن خسرو خان
چرڪس ۽ مرزا عبدالعلي کي گرفتار ڪري درٻار وٺي
اچي، جتي مرزا عيسيٰ ترخان ٻيو پنهنجي لاءِ گورنري
جي عهدي جي انتظار ۾ ويٺو هو. عبدالرزاق 22 ربيع
الاول 1022هه (1613ع) ۾ لاهور پهتو. سندس ان
ڪاميابيءَ ڪري کيس مظفر خان جو خطاب مليو هو. ٻنهي
سنڌي اڳواڻن کي قيد ۾ رکيو ويو. پر نورجهان جي
سفارش تي مرزا عبدالعلي کي آزاد ڪيو ويو. هن سن
1039هه/1629ع ۾ وفات ڪئي کيس مڪلي تي سندس ڏاڏي
مرزا باقيءَ جي چوديواري اندر دفن ڪيو ويو. خسرو
خان جي باقي زندگي جو پتو ڪونه پئجي سگهيو آهي. ڪن
جو چوڻ آهي ته هن قيدخاني ۾ وفات ڪئي. مير علي شير
قانع جو بيان آهي ته هو ايران ڏانهن ڀڄي ويو هو.
پر سيد حسام الدين جي تحقيق موجب ته هن امير سن
1028هه/1619ع ۾ اجمير ۾ وفات ڪئي هئي ۽ خواجه معين
الدين چشتيءَ جي روضي ڀرسان هڪ مقبري ۾ دفن
آهي(95).
خسرو چرڪس هڪ متقي، پرهيزگار ۽ سخي حڪمران ٿي
گذريو. چيو وڃي ٿو ته هن عوامي ڀلائيءَ واسطي 360
جايون جوڙايون هيون، جن ۾ مسجدون، بزرگن جا مقبرا،
پليون ۽ مسافر خانا وغيره شامل آهن. تاريخي حقيقت
موجب هن جي غير ارادي طور هڪ پاڙيسري عورت تي نظر
پئجي وئي هئي، جيڪا پنهنجي کُڏَ تي اگهاڙي وهنجي
رهي هئي. ان ڏوهه ۾ هن پنهنجون اکيون ڪڍڻ پئي
چاهيون، پر پوءِ هن اهڙي گناهه جي ازالي واسطي
عوامي ڀلائيءَ جون ڪيتريون جڳهيون ٺهرايون، پر
بدقسمتيءَ سان انهن مان اڄ هڪ به سلامت نه آهي.
ٺٽي شهر ۾ مسجد دابگير اڃا به موجود آهي. هينري
ڪزنس ۽ پوءِ احمد حسن دانيءَ جي بيان موجب سندس
تعمير جو سال 997هه/1588ع آهي،
جيڪو مسجد جي محراب تي لکيل اهي. مذڪوره مسجد ٺٽي
شهر جي اوڀر پاسي واقع آهي. چيو ويندو آهي ته خسرو
خان جي محلات به شهر جي انهيءَ علائقي ۾ واقع
هئي(96). قانع جي مڪلي نامي لکڻ (1174هه/1761ع)
کان پهريائين اها ڊهي ناس ٿي چڪي هئي. ڪيترين صدين
تائين هي مسجد نماز پڙهڻ لاءِ ڪم ايندي رهي. مشهور
نقشبندي عالم ۽ مبلغ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات
1174هه/1761ع) هن مسجد ۾ جمعه جو خطبو پڙهندو هو.
ان کان پوءِ سندس پٽ عبداللطيف ۽ سندس پوٽو محمد
ابراهيم (مولي ڏنو) به ساڳيءَ ريت جمعه جو خطبو
پڙهندا آيا. ان کان پوءِ خسرو خان، عبدالله شاهه
جي درگاهه ۽ پنهنجي لاءِ مقبرو پڻ تعمير ڪرايو.
جنهن کي پير حسام الدين راشدي ست چڙهڻي طور سڃاتو
آهي، جنهن تي مٿي اچڻ واسطي ست چاڙهيون ٺهيل
هونديون هيون. هاڻي حالت اها آهي جو ان جڳهه سان
قانع جو هيءُ شعر مشڪل سان ٺهڪي ايندو:
در اين جا فرض باشد باده خوردن
ز دل زنگِ تڪدر ها ستردن
(97)
خسرو واري دور ۾ نه رڳو تاريخي عمارتون جڙي راس
ٿيون هيون، پر سنڌ جي تاريخ جون ڪيتريون ئي
تصنيفون لکجي تيار ٿيون هيون. سيد عبدالقادر پٽ
سيد محمد هاشم ”حديقة الاولياء“ لکيو هو. هي ڪتاب
سنڌ جي بزرگن جي احوال تي مشتمل آهي. انهيءَ تصنيف
جي آڌار تي ”مڪلي نامي“ ۾ ڪن ماڻهن جي ڏنل زندگي
جي احوال جي تصديق ٿي وڃي ٿي. اها تصنيف خسرو خان
ڏانهن منسوب ٿيل آهي، هن مصنف جي پوٽي، طاهر محمد
نسيانيءَ (وفات: 1051هه/1641ع) خسروءَ جي وفات کان
پوءِ تاريخ طاهري لکي، جيڪا هن 1030هه/1621ع ۾ لکي
پوري ڪئي هئي(98). سنڌ جو هي مشهور مؤرخ به مڪلي
تي دفن ٿيل آهي(99).
خسرو خان جي تقريباً ساري ڄمار ٺٽي سان لاڳاپيل
رهي آهي. انهيءَ زماني ۾ سندس دوست عيسيٰ خان ٻئي
(ڪن واقعن مان هن کي سندس دوست ثابت ڪري سگهجي ٿو)
جي زندگيءَ ۾ هڪ انقلابي ڦيرو ڏسجي ٿو(100).
مذڪوره شخص عيسيٰ ترخان پهرئين جو پوٽو هو. سندس
پيءُ جو نالو جان بابا هو، جنهن کي سندس ڀاءُ سنه
978هه/1570ع ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو هو. مرزا جان بابا
سميجن مان شادي ڪئي هئي. هيءَ ذات سما خاندان جي
هڪ ڇاڙهه آهي. هنن سترهين صديءَ دوران سيوهڻ ۽
هالا جي وچ واري علائقي ۾ بغاوتون شروع ڪيون هيون.
مرزا جان بابا جي قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ سندس ماءُ
مرزا عيسيٰ کي وڃي پنهنجن ماماڻن ۾ لڪايو هو.
عيسيٰ ترخان ٻئي جي ڄمڻ جي تاريخ لاءِ يقين سان
ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي. ڪيترن مؤرخن لکيو آهي
ته هن سؤ ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي، تنهن ڪري چئي
سگهجي ٿو ته هيءُ 961هه/1554ع ڌاري ڄائو هوندو، پر
سيد حسام الدين راشدي جو چوڻ آهي ته هن مٿان جيئن
ته سندس ڏاڏي جو نالو آهي، تنهن ڪري هو ضرور مرزا
عيسيٰ ترخان پهرئين جي وفات کان پوءِ ڄائو هوندو.
يعني 974هه/1566ع کان اڳي(101).
مرزا باقي 993هه/1585ع ۾ آپگهات ڪيو هو. مرزا
عيسيٰ ٻيو ان واقعي کان پوءِ ٺٽي آيو هو ۽ مرزا
جاني بيگ جي سؤٽ سان شادي ڪئي هئائين، جيڪا مرزا
پاينده خان جي ڀائٽي هئي. هن عرصي دوران هن ڪو اهم
ڪردار ادا ڪيو ڪونه ٿو ڏسجي. سندس نالو سياسي
پسمنظر تي ان وقت نظر اچي ٿو. جڏهن جهونڙن اميرن
سن 1010هه/1601ع ۾ بغاوت ڪئي هئي. ان وقت هن خسرو
چرڪس جي ڌيان تي اها ڳالهه آندي هئي ته مرزا غازي
بيگ کيس ڪونه ٿو چاهي. ان کان پوءِ ٻئي سال نصرپور
جي گورنر ابو القاسم بيگلار بغاوت ڪئي هئي ۽ سزا
طور کيس انڌو ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ هو ٿوري وقت
لاءِ ناناڻي موٽي ويو. بعد ۾ سنڌ ڇڏي وڃي اڪبر جي
درٻار ۾ ملازمت اختيار ڪئي هئائين. جهانگير جي تخت
تي وِهڻ کان پوءِ کيس مختلف عهدن تي مقرر ڪيو ويو
ٿو ڏسجي. پهريائين کيس دکن موڪليو ويو هو، پر ان
بابت يقين سان ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي. مرزا
غازيءَ جي وفات کان پوءِ خسرو چرڪس بغاوت ڪري
عبدالعلي ترخان کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو. اها
ڳالهه جهانگير جي مرضي جي خلاف هئي، تنهن ڪري ٻنهي
کي گرفتار ڪري جڏهن شاهي درٻار ۾ آندو ويو هو، ان
موقعي تي مرزا عيسيٰ ترخان به درٻار ۾ موجود هو.
سندس دلي خواهش هئي ته کيس پنهنجي جنم ڀومي ٺٽي جو
گورنر مقرر ڪيو وڃي. ان وقت کيس هڪ هزاري منصب تي
پنج سؤ سوارن جو مهندار مقرر ڪيو ويو هو. جهانگير،
مرزا عيسيٰ کي ٺٽي جو گورنر ڪري اوڏاهين موڪلڻ نه
ٿي گهريو. کيس شڪ هو ته هو اباڻي صوبي ۾ پنهنجي
مائٽن وٽ پهچي خسرو چرڪس ۽ عبدالعلي جيان بغاوت نه
ڪري وهي. سنڌ هڪ اهم صوبو هو، پر ان وقت جڏهن صفوي
گهراڻي ۽ دهلي جا تعلقات خراب هئا، ان دور ۾ صفوي
خاندان قنڌار تي قبضي ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو
هو، جيڪو سنڌو ماٿريءَ ڏانهن وڌڻ جو مکيه لَنگههُ
آهي. ان وقت جي صورتحال مطابق سنڌ اڃا به وڌيڪ
اهميت اختيار ڪري وئي هئي.
ان وقت جي وايومنڊل کي اڏو رکي، جهانگير، مرزا
رستم قنڌاري کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو. جڏهن ته
مرزا عيسيٰ کي اتر گجرات جي راڌڻ پور ۾ جاگير ڏني
وئي هئي، جيڪا ڪڇ کان گهڻو پري ڪانه هئي. ان کان
پوءِ هن گجرات ۾ نهايت مصروف زندگي گذاري.
مرزا رستم جو تخلص فدائي هو. هو سنڌ جو هڪ بهترين
گورنر هو. ايران جو صفوي حڪمران سندس ويجهو مائٽ
هو ۽ رشتي ۾ شاهه اسماعيل صفوي پهرئين جو پڙپوٽو ۽
سلطان حسين مرزا جو پٽ هو، جيڪو قنڌار جو والي هو
(وفات: 984هه/1576ع) سندس پيءُ جو نالو مرزا بهرام
هو. مرزا رستم ڪجهه سياسي سببن ڪري ايران ڇڏي
(1001هه/1592ع) هندستان پهتو هو. ان کان ٻه سال
پوءِ سندس وڏو ڀاءُ مظفر حسين ايران کي الوداع چئي
هندستان پهتو هو. جلد ئي هن مغل انتظاميه ۾ اهم
حيثيت حاصل ڪري ورتي ۽ پنهنجون ڌيئرون به شاهي
گهراڻي ۾ پرڻائي ڏنيون هئائين. جهانگير جي دور ۾
نڪتل سندس تصوير مان معلوم ٿئي ٿو ته هو عمر ۾
ڪروڙڍ هو. نراڙ سوڙهو، اکيون کليل هئس(102). پر
جهانگير جي توقع جي خلاف هو ناڪام عملدار ثابت ٿيو
هو، تنهن ڪري سنه 1023هه/1614ع ۾ کيس ٺٽي کان واپس
گهرايو ويو ۽ اجمير ۾ اچي جهانگير جي درٻار ۾ حاضر
ٿيو(103). سنڌ جا ماڻهو سندس قهر ۽ ڪلور کان ڊڄي
پنهنجي وطن کان وداع ڪري هندستان جي ڪنهن قرب واري
ڪنڊ ۾ وڃي وسرامي ٿيا هئا. مرزا رستم جي جاءِ تي
شمشير خان ازبڪ کي ٺٽي روانو ڪيو ويو. سنه
1025هه/1616ع ۾ عبدالرزاق مظفر خان کي ٺٽي جو
صوبيدار مقرر ڪيو ويو، جيڪو هن کان پهريائين
بخشيءَ جي عهدي تي فائز هو. هي ٺٽي ۾ پنج سال
رهيو. هن پنهنجي دور ۾ مسجد خضر تعمير ڪرائي هئي،
جنهن جي محراب ۾ سندس نالو لکيل آهي(104).
|