سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: مڪلي ٽڪري

باب:

صفحو:2 

ڄام نظام الدين پٺيان فيروز نالي هڪ ابهم پٽ ڇڏي ويو هو، جنهن پنهنجي پيءَ جي وفات کان پوءِ سن 914هه/1509ع ۾ سندس مقبري جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرايو هو. اهو به سمجهيو ويندو آهي ته سندس مقبرو دريا خان تعمير ڪرايو هو. پر هن حقيقت ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش ڪانه آهي ته، مڪليءَ ٽڪريءَ تي سڀني اڏاوتن مان وڌيڪ سهڻو مقبرو ڄام نظام الدين جو آهي(46). هينري ڪزنس کي پورو يقين هو ته هيءَ عمارت هندن جي پراڻن مندرن کي ڊاهي ان پٿر مان ٺاهي تيار ڪئي وئي هئي. هن مقبري جي طرز تعمير جي جيڪڏهن تفصيل ۾ وڃبو ته معلوم ٿيندو ته هيءَ اڏاوت، سنڌي، گجراتي، هندي، ۽ اسلامي فن تعمير جو هڪ مرڪب نمونو آهي(47). هن مقبري جو ڪم اڌ ۾ رهجي ويل ٿو ڏسجي. پر مير علي شير قانع ڪهڙو نه سچ چيو آهي:

بنقش سنگهايش ديده فرهاد

عجب نبود رود شيرينش از ياد

هي مقبرو هڪ عام رواجي قسم جي پٿر جو ٺهيل آهي، پر شاعر جي نظر ۾ ايڏو ته خالص ۽ قيمتي آهي جو چوي ٿو:

صفائ سنگهايش ديده يک يک

ميان يشم و مرمر باشدم شک

قانع فرمائي ٿو:

کف بنّاي او را ماه وخورشيد

بگفت احسنت وچندين بار بوسيد(48).

هن مقبري جي تعمير ۾ ڪيترا سال  لڳي ويا هئا. ڇاڪاڻ ته مقبري ڀرسان هڪ کوه آهي. جنهن تي سال 920هه/1514ع لکيل آهي. عمارت جي اندر چار سنگ-مزار آهن. ڄام نظام الدين جي مقبري جي الهندي ويجهو سندس نمڪ حلال ملازم دريا خان جي مزار آهي. ان جي ٻنهي دروازن تي لکت نظر اچي ٿي. سندس ڏاکڻيون دروازو ساريءَ مڪليءَ جي سونهن آهي، جنهن تي هيءَ مشهور حديث لکيل آهي:

قال النبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم اذا تحيرتم في الامور واستعينوا من اهل القبور.

ترجمو: جڏهن پنهنجن معاملن ۾ پريشان ٿيو ته قبر وارن (خدا جي وَلين کان) کان مدد وٺو(49).

عام اصول جي خلاف مڪليءَ جي ٻين مقبرن جيان ڄام نظام الدين جي مقبري اندر مسجد تعمير ٿيل آهي، جيڪا سندس قبر جي بلڪل سامهون نظر اچي ٿي ۽ اهو رواج هندستان ۾ عام آهي. ڄام نظام الدين جي مقبري جي ٻاهرين ڀت ۽ مسجد جي محراب تي خطاطيءَ جا نادر نمونا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي ثلث طرز سان تعلق رکن ٿا. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن طرز جي خطاطي سنڌ ۾ سورهين صديءَ جي شروعات ۾ ترقي يافته شڪل ۾ موجود هئي. ان کان پوءِ هتي خطاطيءَ جا ڪيترا نمونا ڏسجن ٿا، جن سان گڏ نستعليق به پنهنجي منفرد شڪل ۾ موجود آهي(50).

ڄام نظام الدين جي مقبري ويجهو اٺن ٿنڀن تي بيٺل هڪ عمارت آهي، جنهن کي “هشت ستون“ گنبذ سڏيو ويندو آهي.پر اهو پتو ڪونه آهي ته هتي ڪير دفن آهي، هن تعمير جهڙو ساڳيو نمونو ڪراچي ڀرسان چوڪنڊي واري قبرستان ۾ بلڪه ساري سنڌ ۾ جتي ڪٿي نظر ايندو. انهن جي تعمير جي طرز ۽ سونهن سنجٽ وارو نمونو هوبهو مڪليءَ ٽڪريءَ جي اڏاوتن جهڙو آهي(51). هنن ٻنهي قسمن جي طرز تعمير ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي، تنهن بابت هن وقت ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي.

سورهين صديءَ جي پهرين ٻن ڏهاڪن ۾ اوڀر ايران ۾ سياسي وايومنڊل ڊانوا ڊول ٿي چڪو هو. افغانستان واري موجوده علائقي ۾ سياسي ڀڃ ڊاهه جاري هئي. انهن سببن جي ڪري اتان جا بيشمار ماڻهو لڏپلاڻ ڪري اچي سنڌو ماٿريءَ ۾ آباد ٿيا هئا. ترڪ خاندان مثال طور ارغون ۽ ترخان، ٻئي تيمور لنگ جي عملدار ايڪوتمر جو اولاد هئا، اهي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. نوجوان ڄام فيروز انهن کي ٺٽي اچڻ جي دعوت ڏني. تنهن زماني ۾ ڄام فيروز اڃا ننڍو هو ۽ انهن کي 927هه/1520ع ۾ ٺٽي اچڻ جي دعوت ڏني هئائين. ان کان هڪ سال پوءِ هو سنڌ پهتا. شاهه بيگ ولد ذوالنون ارغون وفات ڪري ويو. دريا خان به ڄام فيروز جي تخت جو تحفظ ڪندي مارجي ويو. شاهه حسن پٽ شاهه بيگ ارغون، ڄام فيروز کي 935هه/29-1528ع ۾ شڪست ڏني، جنهن ڀڄي وڃي گجرات ۾ پناهه ورتي. هن اتي وڃي گجرات جي سلطان بهادر جي ڌيءُ سان شادي ڪئي، ۽ سنڌ جي تخت ۽ تاج هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيترا حملاڪيائين، پر سوڀارو ٿي ڪونه سگهيو*. ان وقت ارغونن جا سنڌ ۾ پير پختا ٿي چڪا هئا ۽ اتر هندستان ۾ ٿيندڙ سياسي تبدلين تي سيچاڻي جيان تکي تاڙ رکي رهيا هئا. شاهه بيگ ۽ بابر جڏهن افغانستان ۾ هئا ته، ٻنهي جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم هئا. شاهه حسن ارغون جي ڌيءُ بابر جي بدقسمت پٽ مرزا ڪامران جي گهر واري هئي. جڏهن ٻئي ڀائر همايون ۽ ڪامران، ڪابل ۾ برسر جنگ هئا ته مرزا شاهه حسن، مرزا ڪامران جي واهر ڪئي هئي. اهوئي سبب آهي جو همايون کي ڀاڄڙ مهل سنڌ ۾ رهڻ دوران شاهه حسن ارغون ڪا به مدد ڪانه ڪئي هئي. سندس مدد ڪرڻ ۾ هر وقت پيو گوٿ ناٿ ڪندو هو. همايون کي سن 1542ع ۾ عمرڪوٽ ۾ اڪبر ڄائو هو، جيڪو ماڳ شاهه حسن جي سڌي حڪمرانيءَ هيٺ ڪونه هو. تنهن زماني ۾ مذڪوره علائقو راجا بيرسال (پرساد) جي راڄ ۾ هو. همايون پنهنجن ڀائرن کي آڻ مڃائڻ ۽ پنهنجي ڀاءُ ڪامران کي 960هه/1553ع ۾ انڌي ڪرڻ کان پوءِ دهليءَ جو تخت حاصل ڪيو. ان وقت تائين سوري خاندان ڪمزور ٿي چڪو هو. ان ساري صورتحال کي نظر ۾ رکي شاهه حسن ارغون مرزا ڪامران کان پنهنجي ڌيءَ کسڻ چاهي. پر ان بااخلاق عورت پنهنجي انڌي مڙس مرزا ڪامران کي ڪونه ڇڏيو ۽ ساڻس گڏجي مڪي شريف هلي وئي، جتي مرزا ڪامران سن 964هه/1575ع ۾ وفات ڪئي. هڪ قطعه تاريخ هن ريت ڏسجي ٿي: ”بادشہ کامران بکعبہ مُرد“ يعني بادشاهه ڪامران ڪعبي ڀرسان وفات ڪئي. سندس گهرواري به ڇهه مهينا پوءِ هي فاني جهان ڇڏيو(52).

همايون سان ٿوري جهيڙي جهٽي کان سواءِ، شاهه حسن جي حڪمراني وارو سارو دور پُرامن رهيو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا واپاري، ڪوري ۽ ڪي صوفي بزرگ سنڌ ڇڏي، وچ هندستان جي برهانپور ڀرسان سنڌي پوره، وسنديءَ ۾ وڃي رهيا هئا جتي هنن ٺٽي جي طرز جهڙو ڪپڙو ٺاهڻ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي صوفي فڪر کي عام ڪرڻ لڳا جيڪو ٻن صدين تائين پوري اوج تي رهيو(53). سنڌ ٿوري عرصي جي ماٺار کان پوءِ وري عالمن ۽ درويشن جو مسڪن بنجي وئي. ڇاڪاڻ جو اوڀر ايران جا عالم ۽ اڪابر ماڻهو صفوين کان نفرت ڪندا هئا. ايران جي هن حڪمران گهراڻي هرات جي تيموري علائقن ۾ وڃي ڦرلٽ شروع ڪئي. هن جُوءِ جا ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ازبڪن جي چوڻ تي بخارا هليا ويا. انهن مان ڪن وري سنڌ ڏانهن رخ رکيو. ارغون ڪنهن زماني ۾ شاهه حسين بايقرا جي درٻار سان وابسته رهيا هئا، جيڪا پنهنجي زماني جي هڪ سلجهيل شاهي درٻار هئي. شاهه حسن پاڻ به فارسي ۽ ترڪي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندو هو ۽ سندس تخلص ”سپاهي“ هو(54). پڙهيل طبقن ۾ ان دور ۾ اهڙو رواج هو. سندس شخصيت ڪيترن مهاجر عالمن کي پنهنجي درٻار ڏانهن ڇڪي آندو هو، انهن عالمن مان ڪي هتي ترسي پوندا هئا ۽ ڪي اڳتي وڃي اتر هندستان يا وچ هندستان جي شاهي درٻارين جو رخ ڪند اهئا. انهيءَ زماني ۾ خراسان جي سيد گهراڻي جا ڪيترا امير ۽ نواب طبقي جا عالم ۽ اڪابر هرات جي ڌرتيءَ کي الوداع چئي چڪا هئا(55). انهن ۾ عبدالعزيز ابهري، سندس خاندان ۽ پوراني گهراڻو به هو جن اچي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. اهي پنهنجن ٻين دوستن جيان قنڌار کان ڦرندا هتي اچي نڪتا هئا. ميرڪ ابن ابو سعيد (962هه/1554ع) پوراني کي ٺٽي جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو ويو هو(56). سندس ڀائٽي عبدالوهاب (990هه/1583ع) فتوائن جو هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو هو، جنهن کي ”فتاويٰ پوراني“ سڏيو ويندو هو(57). هن گهراڻي جو ٻيو فرد عبدالرحمٰن پوراني بلند پائي جو عالم، مبلغ ۽ رياضيدان هو، جنهن کي مرزا باقي سن 991هه/1584ع ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. سندس ڀاءَ عبدالباقي ولد ميرڪ پوراني (وفات: 983هه/1576ع) ابن عربي جي صوفي مسلڪ جو قائل هو ۽ ان طريقي جو هڪ ڪامل صوفي هو(58). مڪليءَ جي ٻين خانداني قبرستانن ۾ پوراني قبرستان اهم جڳهه والاري ٿو.

هرات کان نه رڳو عالم اڪابر ۽ صوفي سڳورا سنڌ پهتا هئا، پر منجهن ڪي اڻ پڙهيل عام ماڻهو به هئا، جن مان هڪ حيدر قلوچ (يا قليچہ هو جيڪو پاڻ شاعر هو ۽ هڪ نانوائي هو. جيڪو هرات کان هلي اچي ٺٽي پهتو هو. هن شاهه حسن ارغون جي شان ۾ هڪ قصيدو به چيو هو ۽ پاٽ ۾ دفن آهي(59). هڪ وڌيڪ واقعو مولانا قاسم ڪاهيءَ جي اچڻ وارو اتفاق آهي، جيڪو سن 939هه/33-1532ع(60)، ڌاري سنڌ منجهان گذري اڳتي نڪري ويو هو. هي هڪ منفرد قسم جو شاعر هو. هن کي مغل درٻار ۾ تمام گهڻي اهميت هوندي هئي. ملا عبدالقادر بدايوني کيس ملحد سمجهندو هو. سندس راءِ مطابق سندس شاعري غير معياري هئي. چيو ويندو آهي ته سندس عمر هڪ سؤ سال هئي(61). هن مولانا قاسم سان گڏ اهم صوفي شاعر شاهه جهانگير هاشمي به هو، جيڪو اتر سنڌ واري مشهور ماڳ بکر رستي اچي ٺٽي ۾ آباد ٿيو هو. هي پيءُ جي طرف کان صوفي شاهه قاسم انوار (وفات: 837هه/ 1433ع) جو ويجهو مائٽ هو(62). کيس خرجرد ۾ دفن ڪيو ويو. سندس مزار مٿان مير علي شير نوائي هڪ خوبصورت مقبرو تعمير ڪرايو هو. تيموري خاندان ۽ مغل درٻار ۾ سندس شاعري کي احترام سان ڏٺو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس شاعري خطاطيءَ جي صورت ۾ ڪيترن ئي مخطوطن ۾ محفوظ آهي. شاهه جهانگير ماءُ جي طرف کان شاهه نعمت الله ڪرماني مائٽ هو، جنهن جو پوٽو سن 833هه/1429ع ۾ بهمني سلطنت جي بيدر شهر ۾ آباد ٿيو هو ۽ وڏي پيماني تي شيعا تحريڪ شروع ڪئي هئائين. نعمت الله وارو شيعه مسلڪ ايران ۾ اڄ سوڌو موجود ڏسجي ٿو، پر ان کان اولهه پاسي به اهڙو اثر نظر اچي ٿو. پنهنجن ابن ڏاڏن جيان شاهه جهانگير هاشمي به صوفياڻي شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪئي هئي. هن جي هڪ ناصحانه مثنويءَ جي گهٽ ۾ گهٽ پڪ آهي. ڪتاب جي عنوان مان لڳي ٿو ته هن نظامي جي مخزن الاسرار، امير خسرو جي مطلع الانوار، جامي جي تحفة الاحرار جي تتبع تي اهو ڪتاب لکيو هوندو*. هن اهو ڊگهو نظم 940هه/1533ع ۾ پورو ڪري شاهه حسن ارغون ڏانهن منسوب ڪيو هو(63). هن کان ڇهه سال پوءِ حج تي وڃڻ جو ارادو ڪيائين، پر رستي ۾ مڪران جي حدن اندر سن 964هه/1539ع ۾ هن کي ڌاڙيلن قتل ڪري ڇڏيو.

جڏهن مولانا مصلح الدين لاري (وفات 958هه/1551ع) بيضاوي جي قرآن شريف جي تفسير جي ٺٽي ۾ شرح لکي رهيو هو ته، هرات جو هڪ ٻيو شاعر حج تي ويندي اچي سنڌ جي راجڌانيءَ ۾ پهتو هو. سندس نالو فخري اميري هروي هو، جيڪو هرات جي ازبڪ فاتحن جي جاني دشمن اسماعيل صفوي ۽ سندس پٽ سام مرزا صفويءَ جي شان ۾ قصيدو لکي رهيو هو(64). هن ”مجالس النفائس“ کان متاثر ٿي پنهنجي ڪلام جو انتخاب لکڻ شروع ڪيو هو. فخري آخر پنهنجي هم وطنن جهڙوڪ: حبيب السير جي مصنف خواند مير ۽ قطعه تاريخ لکڻ جي ماهر شاهه حسن تڪدري(65)، جي نقش قدم تي هلندي ”روضة السلاطين“ ڪتاب لکيو هو. پتو نه آهي ته هو سنڌ ۾ هميشه لاءِ رهي پيو هو يا ٿورو وقت ٺٽي ۾ ترسي واپس هليو ويو هو. فخريءَ جي سڀني کان وڌيڪ اهم تصنيف ”روضة السلاطين“ آهي جنهن ۾ هن انهن بادشاهن ۽ شهزادن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي شاعر ٿي گذريا آهن. پر هن اهڙو تذڪرو به تيار جنهن ۾ هن نواب عورتن جو ڪلام هڪ جائيتو ڪيو هو. * هن اهو ڪتاب سن 960هه/1552ع ۾ شاهه حسن ارغون ڏانهن منسوب ڪيو هو(66). شاعريءَ جي سندس گڏ ڪيل انتخاب ۾ گهڻو حصو ترڪي شاعري جو آهي، جنهن مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته، سورهين صدي جي پهرئين اڌ ۾ ٺٽي جي ارغون درٻار ۾ به دهلي جي مغل درٻار جيان ترڪي ٻولي سمجهندڙ اميرن جي گهڻائي موجود هئي(67). سن 1526ع کان پوءِ سنڌ جي حڪمرانن جون پاڙون ترڪيءَ ۾ کتل هيون. تنهن ڪري مڪلي ٽڪريءَ تي ڪيترن ئي عمارتن جي تعمير وچ ايشيا جي ترڪي نموني جهڙي آهي.

تاريخن ۾ شاهه حسن ارغون جي انصاف جون ۽ سندس قاضي القضاة قاضي شڪر الله جي ايمانداريءَ جون ڪيئي ڳالهيون مشهور آهن ۽ ملڪن جي لوڪ داستانن جيان عام آهن(68). هيءَ حققت به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته ان مڪلي ٽڪريءَ تي مخدوم جعفر بوبڪائي جهڙو جيّد عالم به دفن آهي*، جيڪو شاهه حسن ارغون جو استاد هو ۽ علم نجوم، رياضي، جادو ۽ سحر طرازي جو ماهر هو(69).

شاهه حسن ارغون کي عمر جي پڇاڙيءَ ۾ فالج ٿي پيو هو. کيس ڪو نرينو اولاد ڪونه هو، جڏهن هيءُ حڪمران محرم 962هه/نومبر 1554ع ۾ مرڻ ڪنڌيءَ پهتو ته، سندس درٻار جي اميرن هن خلاف ٺٽي ۾ بغاوت جو ڦريرو ڦڙڪايو. ان وقت هو سيوهڻ ۾ هو ۽ سنڌوءَ وسيلي ٻيڙي ۾ سفر ڪري، دل وندرائي رهيو هو. انهيءَ زماني ۾ سلطان محمود بکري ولد مير فاضل ڪوڪلتاش اتر سنڌ جي بکر جو گورنر هو، جنهن جوافغانن جي ڪاڪڙ قبيلي سان تعلق هو. پهريائين سندس مرضي هئي ته شاهه حسن ارغون جي مدد ڪري. پر پوءِ باغين جي اڳواڻ مرزا عيسيٰ ترخان سان سندس ٻانڌو ٻڌجي ويو ۽ فيصلو ڪيائون ته شاهه حسن ارغون جي مرڻ کان پوءِ، مڪلي کان مٿي وارو سنڌ جو حصو سلطان محمود ڪوڪلتاش کي ملندو، جڏهن ته ان کان هيٺ وارو ڀاڱو ويندي سمنڊ تائين مرزا عيسيٰ ترخان جي هٿ هيٺ رهندو. مرزا شاهه حسن ربيع الاول 962هه/فيبروري 1555ع ۾ وفات ڪئي. سندس گهرواري ماهه بيگم جي مرضي هئي ته سندس مڙهه مڪلي تي دفن ڪيو وڃي، پر کيس مڪي نيئي پيءُ جي قبر ڀرسان دفنايو ويو(70).

مرزا عيسيٰ ڪنهن اڳواٽ رٿيل سازش مطابق ماهه بيگم سان شادي ڪئي. هن جي حڪمران ٿيڻ کان پوءِ ترخان گهراڻي جي شروعات ٿي هئي. هي قنڌار ۾ ذوالنون ارغون جي ماتحت رهيو هو. ان کيس هر قسم جي سياسي سکيا ڏني هئي. ماهه بيگم، شاهه حسن جي بيوهه هئي. ساڻس شادي ڪرڻ کان پوءِ مرزا عيسيٰ پاڻ کي ساري سنڌ جو حڪمران سمجهڻ لڳو هو. تنهن ڪري هن سلطان محمود تي حملو ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. انهيءَ زماني ۾ پورچوگيز، گوا ۽ ڊيو ۾ پنهنجي سگهه مضبوط ڪري چڪا هئا. مرزا عيسيٰ کين مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پورچوگيزن جي پهچڻ کان اڳ هو بکر تي گهل چاڙهي ويو. پورچوگيزن ڏٺو ته ٺٽي ۾ فوجي پهر ئي ڪانه آهي. اهڙو سونهري وجهه ڏسي ٺٽي کي ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏيائون. اهو 1555ع جو زمانو هو. پورچوگيزن جيڪا ٺٽي سان ڌاڙ ۽ جاڙ ڪئي هئي، تنهن سنڌ کي ڏاڍو هاڃو رسايو. جڏهن مرزا عيسيٰ کي ٺٽي تي هن قهر جي ڪل پئي ته محمود بکريءَ سان قصو اڪلائي تڪڙو ٺٽي وريو. موٽي اچي ڏٺائين ته دڙي دڦ لڳي پئي هئي. ٻن ملين رقم جيترو سون باهه ۾ سڙي رک  ٿي ويو هو. پورچوگيزن جي بئريٽو جهاز ۾ ايترو ڦريل  قيمتي ساز و سامان هو جنهن جو ساريءَ ايشيا ۾ مثال ئي ڪونه هو(71). اهوئي ڪارڻ آهي جو شاهه عبداللطيف ڌاڙ ڪرڻ وارن دشمنن کي فرنگي سڏيو آهي، يعني وحشي پورچوگيز جن دين ايمان واري شهر کي ڀيلي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو. سترهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ شاعر ٺٽي ۾ وڃي هڪ دلچسپ نظم چيو هو ۽ پنهنجي محبوب کي فرنگين جي ظلم جهڙو تصور ڪري ٿو:

حُسنش بحريست موج خيز نيرنگ

طوفان رخسار و  موج خط، زلف نهنگ

درفتنه گري دو چشم و ابرو باهم

مانند دو کشتئ فرنگي درجنگ(72).

ترجمو: هن جو حسن ڄڻ هڪ ساگر آهي جنهن جي جادوءَ جون ويرون مٿي اڀري اچن ٿيون. منهن ۾ طوفان، مٿي اڀريل ويرن هيٺان مانگر مڇ پڇڙي هڻي رهيو آهي. انهيءَ جهڳڙي کي وڌائڻ ۾ ٻه اکيون ۽ ڀرون ائين آهن ڄڻ فرنگين جون ٻه ٻيڙيون ڪنهن جنگ ۾ رڌل هجن. ان ڪري مرزا عيسيٰ کي ٻه پارو ڇيهو رسيو. هڪ ته ٺٽو اجڙي ناس ٿي ويو، ٻيو ته اترسنڌ وارو حصو سلطان محمود جي موت تائين (982هه/1574ع) ان جي هٿن ۾ رهيو. سلطان محمود کي پٽاڻو اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري هن پنهنجي حڪومت وارو سنڌ جو حصو ترخانن کي ڏيڻ بدران اڪبر جي حوالي ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ ريت اتر سنڌ وارو اهو حصو مغل شهنشاهت سان شامل ٿي ويو.

ليڪن مرزا عيسيٰ اهڙي ڦير گهير پنهنجي اکئين ڏسي ڪونه سگهيو ۽ سن 974هه/1566ع ۾ مري ويو. سندس مقبرو سال 980هه/1572ع ۾ مڪليءَ ۾ تي ٺهرايو ويو(73). سندس مرڻ کان پوءِ وڳوڙي وايو منڊل جي شروعات ٿي وئي ۽ ملڪ تباهه حاليءَ جو شڪار ٿيندو ويو، ڇاڪاڻ ته مرزا عيسيٰ جو لائق پٽ مرزا صالح قتل ٿي ويو، جيڪو هڪ شاعر پڻ هو(74). سندس ٻئي پٽ مرزا جان بابا کي ننڍي ڀاءُ مرزا محمد باقي قتل ڪري ڇڏيو(75). مرزا محمد باقي سڀني ترخانن ۾ وڌيڪ ظالم هو. هن جي ساري ڄمار پنهنجي گهراڻي وارن جون پاڙون پٽيندي گذري وئي(76). سندس وڪيل قاضي خميسو هو، جنهن وٽ به هن جيان نه علم هو نه انسانيت هئي(77). تاريخ طاهريءَ ۾ ته سندس قهري ڪارواين ڪري ڪاڳر ئي ڪارا لڳا پيا آهن(78). ٺٽي وارن جي ته ننڊ ئي حرام ٿي وئي هئي. ٻار ٻڍا، ملان موراڻا، امير غريب، سيد سپاهي، سڀني جا ساهه مٺ ۾ هئا. جنهن کي جهڙي وقت به چاهيندو هو، قتل ڪرائي ڇڏيندو هو. هينري ڪزنس موجب سندس رت جي اڃ ڏاڪي تي وڃي پهتي، جو پنهنجن ويجهن کي سڏائي هڪ ئي وقت ڪهائي ڍير ڪري ڇڏيائين(79). اهڙو ڏهڪاءُ ۽ هراس وارو دور تڏهن وڃي ختم ٿيو، جڏهن پاڻ سن 933هه/1585ع ۾ پنهنجي تلوار سان آپگهات ڪيو. ان کان پوءِ مس وڃي هتان جي ماڻهن تان ڏنجهه ۽ ڏوجهرن جا ڏينهن لٿا.


* حقيقت ۾ ڄام فيروز پنهنجي نياڻي، سلطان بهادر جي نڪاح ۾ ڏني هئي.

* شاهه جهانگير هاشمي، هڪ مثنوي ”مظهرالآثار“ جي نالي سان تيار ڪئي. هي مثنوي سيد حسام الدين راشديءَ جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ شايع ڪئي آهي.

* فخري هرويءَ بابت ڊاڪٽر شمل جي ڏنل ڄاڻ درست ڪونهي. فخريءَ جا ڪتاب پير حسام الدين راشديءَ ڇپيا آهن، انهن ۾ درست معلومات ملي ٿي.

* اصل ۾ مخدوم جعفر  جو والد مخدوم ميران ”مڪلي“ تي دفن آهي. هو شاهه حسين ارغون جو استاد هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org