سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: مڪلي ٽڪري

باب:

صفحو:2 

مڪلي ٽڪري

(سنڌ ۾ اسلامي ثقافت جو مرڪز)(1)

•  اي ساٿيو! گهڙي کن بيهو! اسهيل يار جي ياد ۾،

      انهن وٿاڻن ۽ ماڳن مٿان آءٌ ٻه ڳوڙها ڳاڙي وٺان!

• دوستو ترسو! آءٌ دخول، حومل، توضح ۽ مقراة

      جي وراياسي کي، اکين جي آب سان ريجي وٺان!

•  ڏکڻ ۽ اتر جي هوائن، انهن دونهن ۽ جهوڪن جا انگ

   ۽ آثار، اڃا ڪونه ميٽيا آهن.

•    اڃا وقت جي وٿي، منهنجي دل مان پڻ انهن جو ڪاڍو ڪڍي ڪونه سگهي آهي!

(پير صاحب پاران ڏنل آزاد ترجمو)

 

هي عربي ٻولي جي هڪ مشهور شاعر امرؤالقيس جو هڪ شعر آهي جيڪ سندس هڪ معلقه تان ورتو ويو آهي. جڏهن پير سيد حسام الدين راشدي، مير علي شير قانع جو ڪتاب ”مڪلي نامو“ ايڊٽ ۽ تحقيق ڪري مڪمل ڪيو ته پنهنجي اصول جي اظهار طور مٿيون شعر لکي پنهنجي ساري محنت ڏانهس منسوب ڪئي هئائين. منهنجي به دل چاهي ٿي ته اهو ساڳيو امرؤالقيس وارو شعر کيس ارپيان. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ به هن وقت مڪلي ٽڪريءَ تي دفن آهي ۽ سندس دلي تمنا به اها هئي. مون کي اهو مناسب لڳي ٿو ته مان پنهنجو پهريون سيد حسام الدين ميموريل ليڪچر مڪليءَ جي موضوع تي ڏيان. هي ماڳ، اسان ٻنهي پهريون ڀيرو مارچ 1958ع جي منڍ ۾ وڃي ڏٺو هو. پوءِ به ٻئي گڏجي ڪيترن ئي يادگار موقعن تي هتي ڀيرا ڀريندا آياسون. هي مڪلي جو ئي ماڳ آهي، جتي مان سنڌي ٻولي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. پير حسام الدين به هن ئي ٻوليءَ ۾ هتان جي انهن مهان ماڻهن تي تحقيق ڪئي جيڪي ڪڏهن زنده هئا ۽ هاڻي هن تاريخي ماڳ تي مدفون آهن.

اها ڪهڙي نه اچرج جهڙي ڳالهه آهي جو مسلمان مؤرخ مڪلي ٽڪري جي اهميت کان بي خبر آهن، توڙي جو هي ماڳ ڪراچي کان اوڀر طرف فقط اسي ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. پر هتان جي ماڻهن کي ٺٽي ۽ مڪليءَ جو پتو ڪونه آهي ته، هي ماڳ پاڪستان جي نهايت اهم تاريخي ماڳن مان هڪ آهي. اهو اهڙو ماڳ آهي جو پاڪستان جي ڏهن روپين جي نوٽ تي، مرزا عيسيٰ خان ترخان ٻئي ۽ مرزا شرفا خان جي مقبرن جون تصويرون ڇپيل آهن، جيڪي مڪلي ٽڪريءَ جون مرڪزي جايون آهن. هتان جا ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين 1872ع ۾ لکيل هن صوبي جي گزيٽيئر کي سچو سمجهندا آهن ته ٺٽي جي ڪل آبادي 7951 آهي. انهن ۾ اڌ هندن تي مشتمل آهي. سندس آبهوا نهايت گندي آهي ۽ سخت تپاولي ۽ مليريا ڪري هي شهر بدنام آهي(2).

ليڪچر شروع ڪرڻ کان پهريائين مان هيءَ گذارش ڪرڻ چاهيندس ته جرمني جو هڪ مستشرق ۽ عيسائي مشنري سان لاڳاپيل ارنيسٽ ٽرمپ سن1850ع ڌاري هتي آيو هو، جيڪو اوڀر جي هر شيءِ کي ناقدانه نظر سان ڏسندو هو، سو به مڪليءَ جي هن وسيع قبرستان کي ساراهڻ کان سواءِ رهي ڪونه سگهيو آهي. سندس ويچار هو ته هي ماڳ عام طور سمجهيو ويندڙ دور کان گهڻو قديم آهي انهيءَ زماني ۾ هيءُ عالم سنڌ جي قومي شاعر شاهه عبداللطيف جي رسالي ڇاپڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو(3). ان کان علاوه پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي گرامر تيار ڪرڻ ۾ رات ڏينهن رڌل هو(4). ان ناتي هن 1861ع ۾ هڪ مقالو لکيو هو جنهن ۾ لکيو اٿائين ته: ”ٺٽي ۽ مڪليءَ جي وسيع شهر خموشمان جي شان شوڪت بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن، جيڪي هن جوءِ جي سڪر سڻائي ۽ مهانتا جا ساکي آهن. هن شهر يعني ٺٽي ننگر جي ويجهو هن ٽڪريءَ تي ڪيترائي مقبرا ۽ مندر نظر ايندا، جيڪي منهنجي خيال ۾ سنڌ ۽ هندستان اندر ڪجهه شاندار عمارتن جي کنڊرن جهڙا آهن. هنن کنڊرن، برهمڻ آباد جي دنب دڙي ٿيل شهر کان وڌيڪ وقت سان مهاڏو ڏنو آهي. ان جو اڪيلو ڪارڻ اهو آهي ته هتان جون عمارتون ڳرن پٿرن سان اوساريل آهن(5).

ٽرمپ کي اها پڪ هئي ته ٺٽي کي ٺٽو ننگر سڏيو ويندو هو، جيڪو اپڀرنش جي ناگري لهجي جو مرڪز هو. هو پوري ويساهه سان هن نقطئه نظر جو حامي هو ته سنڌي ٻولي پراڪرت سان واسطو رکي ٿي. هن ٻوليءَ جون نمايان خوبيون سنڌو ماٿريءَ جي هر لهجي ۾ نظر اينديون. برهمڻ آباد جي کنڊرن جو ٽرمپ گهڻو ذڪر ڪيو آهي. ان سان گڏ گزيٽيئر ۾ نهايت خبرداريءَ سان تفصيلي طور احوال ڏنو ويو آهي، جيڪو ٺٽي کان به سَوايو آهي(6). هي ماڳ پهرين صدي هجري سان واسطو رکي ٿو. هن شهر جي تعمير ڪنهن پراڻي گمنام شهر جي سرن سان ٿيل هئي. مڪلي ٽڪريءَ وارا کنڊر ڪنهن پوئين دور سان تعلق رکن ٿا، جيڪو پندرهين کان ارڙهينءَ صدي جي وچ تائين سمجهي سگهجي ٿو.

هن ڳالهه جي ته پڪ آهي ته ٺٽي جو ذڪر ڪنهن قديم تاريخ ۾ نظر ڪونه ٿو اچي. انهن تاريخن ۾ البت ديبل جو نالو ڏسجي ٿو، جيڪو انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هيءُ شهر جيڪو سن 711ع ۾ محمد بن قاسم پهريائين فتح ڪيو هو. ان کان پوءِ هن به کيس سنڌ انتظاميه جو مرڪز بنايو هو. ٺٽو ديبل هو يا ديبل ٺٽو هو؟ اهو هڪ اهڙو منجهيل مسئلو آهي، جيڪو گهڻي وقت تائين بحث جو موضوع رهيو آهي. هينري ڪزنس پنهنجي تصنيف ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته اهي ٻئي نالا هڪ ماڳ جا آهن. قلقشندي سفيرن جي رهبري لاءِ سن 1421ع ۾ مصر ۾ ”صبح الاعشيٰ“ نالي هڪ اهم ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ پڻ ديبل جو نالو نظر اچي ٿو(7). ان ماڳ جو هن وقت صحيح پتو لڳائڻ مڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياء، سنڌ جي حدن اندر مسلم دور ۾ الائي ڪيترا وهڪرا مٽي چڪو آهي. ديول جو نالو مير علي شير قانع ”مقالات الشعراءِ“ ۾ ڪتب آندو آهي(8). ايڇ.ٽي سورلي به لاڙي بندر کي ديول سڏيو آهي(9).

تاريخ طاهري 1030هه/1621ع ۾ لکي وئي، جنهن جو بيان آهي ته ساموئي ڀرسان ٺٽي جو بنياد سن 866هه/62-1461ع ۾ ڄام نظام الدين رکيو هو. پر ٺٽو تيرهين صديءَ ڌاري ئي گهڻو مشهور ٿي چڪو هو. نه ته امير خسرو ان کي اُچ جي نالي سان گڏ ڪتب ڪونه آڻي ها.

سروِ چوتو، در اُچه و در تته نباشد

گل مثلِ رُخِ خوب تو، البته نباشد (10).

”تته“ ۽ البته جو قافيو به هن شاعر ان وقت ايجاد ڪيو هو جڏهن هو اڃا ڳڀرو جوان هو. هو سن 1279ع ۽ سن 1283ع جي وچ ڌاري شهزادي محمد ولد بلبن سان مُلتان ۾ گڏ رهندو هو. پر هن ٺٽي جو نالو ته ايجاد ڪونه ڪيو هوندو. ڪنهن زماني ۾ ”اُچ“ غوري سلطنت جي گورنر قباچه (سن 1228ع) جو صدر مقام هو، جتي وچ ايشيا کان ايندڙ ماڻهو لڏا لاهي اچي ويٺا هئا. پهريائين هي ماڳ سهروردي طريقي وارن جو مرڪز هو، پوءِ قادري فڪر وارن جو ڳڙهه رهيو. پنهنجو شهر ٺٽو انهيءَ نالي سان غوري دور ۾ ئي گهڻو مشهور معروف ٿي ويو هو. يعني هن شهر سنڌ جي سومرا گهراڻي واري دور ۾ ئي گهڻي شهرت حاصل ڪري ورتي هئي. سنڌ جي هن حڪمران گهراڻي بابت اڃا تائين ڪا خاص معلومات حاصل ڪانه ٿي سگهي آهي. هن خاندان جو راڄ 1030ع کان شروع ٿئي ٿو. چيو ويندو آهي ته هن گهراڻي جي ڪجهه ماڻهن جو ڪرمتي فرقي سان تعلق هو، جيڪي سن 900ع ڌاري مُلتان جي اوسي پاسي اچي آباد ٿيا هئا.

سومرن کان پوءِ سما گهراڻي سنڌ جو راڄ سنڀاليو، جيڪي گهڻو ڪري ڪڇ کان اچي هتي آباد ٿيا هئا. انهن جو اصل نسل راجپوت آهي. سنڌ جي ڪن مؤرخن هن نسل جي ماڻهن کي طهماسپ پٽ جمشيد سان وڃي ڳنڍيو آهي ۽ سمجهندا هئا ته ”ڄام“ جو لفظ ”جام“ جو بگاڙ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بادشاهه. مير علي شير قانع جو خيال آهي ته سما اصلي قريشي آهن، جيڪي بني اميه، عبدالملڪ بن وليد جي زماني ۾ 102هه/720ع(11)، ڌاري عربستان مان هجرت ڪري اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا. مؤرخن جا قائم ڪيل اهي نظريا حقيقت جي خلاف لڳن ٿا. سمن جي حڪمراني دوران ٺٽو تمام گهڻو مشهور ٿيو، ۽ اهو ان دور جي دهلي درٻار جي فارسي تاريخن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. دهليءَ جو سلطان محمد تغلق به ٺٽي جي اوسي پاسي سن 1351ع ڌاري قتل ٿي ويو هو، جنهن بابت عبدالقادر بدايوني طنزيه طور لکيو آهي ته، ”ماڻهو سلطان کان آجا ٿي پيا ۽ سلطان به پنهنجي رعيت کان آزاد ٿي ويو“(12). جڏهن سلطان فيروز تغلق (763هه/1362ع) ۾ ٺٽو فتح ڪيو ته سندس درٻاري شاعر مطهر ڪڙهه (وفات 790هه/1388ع) پنهنجي ڊگهي قصيدي ۾ هن جي فتح جي خوشيءَ ۾ نه رڳو سندس بهادري جي تعريف ڪئي آهي، پر هن شهر جي سونهن ۽ سوڀيا جي ساراهه جا به ڍُڪ ڀريا اٿائين. جنهن مان پڙهندڙ محسوس ڪري سگهي ٿو ته اهو ماڳ سنڌوءَ جي ڪٺار سان آباد هو. هو پنهنجي هڪ قصيدي ۾ چوي ٿو:

وز جمله فتوح، گل فتح، تهتہ بود

کز استماع آن همه خلق انتشار بود

هو پنهنجي شاعرانه ترڪيب بنديءَ ۾ هن شهر جي ائين تعريف ڪري ٿو. جيئن سورة 44 ۽ 76 ۾ قرآن پاڪ، بهشت جي تعريف ڪئي آهي. فرمائي ٿو:

ني ني که شهر نيست، بهشتي است دلپذير

آراسته بسندس واستبرق و حرير

حوران درو کواعب اتراب بي نظير

سلسال و سلسبيل در و چشمه و غدير

و ز شربت و شراب خميرش در آبگير

جاري هزار جوي مي و انگبين و شير(13).

هنن ڳالهين مان لڳي ٿو ته تاريخ جي هن دور ۾ ٺٽو هڪ اهم تاريخي ماڳ بنجي ويو هو. پوئين دور ۾ هتان جي ٺهيل خوبصورت ڪپڙي انگريزن جي دلين کي موهي وڌو هو ۽ اهي فاتح ٺٽي جي اهڙين خوبين کان خوب واقف هئا. ڪلان ڪوٽ، طغرل آباد ۽ تغلق آباد نالي هڪ پراڻو قلعو مڪلي ٽڪريءَ جي ڏکڻ پاسي هوندو هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڏکئي وقت دوران شهر وارن لاءِ جاءِ پناهه هو. پر هاڻي اهو ڊهي ڍير ٿيو پيو آهي(14).

دلچسپ اها ڳالهه به آهي ته مطهر ڪڙه ٺٽي کي بهشت سان تشبيهه ڏني آهي ۽ عام فارسي شاعري ۾ به هن شهر کي استعارن طور به ڪم آندو ويو آهي. اهڙا شاعرانه تصور ۽ تخيل ٻين قابلِ موازن شين کان وڌيڪ ٺٽي ۽ مڪلي ٽڪريءَ لاءِ ڪتب آندا ويا آهن. هن حقيقت کي به ذهن نشين ڪرڻ ضروري آهي ته بلوچستان ۾ هندو جوڳين جو هڪ مشهور تيرٿ گاهه هنگلاج آهي، جيڪو هڪ جبل تي واقع آهي. الهندي طرف ان مشهور ماڳ ڏانهن ايندي ويندي ياتري اچي هن ٽڪريءَ تي منزل ڪندا هئا(15)، تنهن ڪري هيءَ جڳهه، هڪ مذهبي مهانتا حاصل ڪري چڪي هئي. مسلمان مڪلي ٽڪريءَ جي مذهبي اهميت کان واقف هئا ۽ انهن هن نالي جي ويجهو هڪ اصطلاح جوڙي ورتو هو ۽ مشهور ڪري ڇڏيو هئائون ته، مڪي شريف ڏانهن ويندي جڏهن هڪ حاجي هن ماڳ تي پهتو هو ته کس ڏاڍو روحاني سڪون حاصل ٿيو هو. هن خوشيءَ وچان رڙ ڪري چيو هو ”هذا مڪة لي“ يعني هي جاءِ منهنجي لاءِ مڪو آهي ۽ ان کان پوءِ هي ٽڪري مڪلي سڏجڻ ۾ آئي.

سنڌ جا ماڻهو مڪليءَ کي سوا لک پيرن جو قبرستان سمجهندا آهن. مگر موجوده دور جو محقق هن ڳالهه کي وڌاءُ سمجهندو. هينري ڪزنس هن قبرستان جي ايراضي ڇهه ميل هم چورس ٻڌائي آهي. چوي ٿو ته ان پکيڙ اندر ڏهه لک کن قبرون ٿينديون(16). پير حسام الدين راشدي اها ايراضي 921 ايڪڙ ٻڌائي ٿو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته مڪلي لاڙ جي تاريخ، سياست ۽ ثقافت جو هڪ سنگم آهي. هن مشهور ٽڪريءَ تي موجود ڪجهه اهم جڳهين بابت ويساهه جوڳي معلومات پوئين دور ۾ لکيل هڪ ڪتاب وسيلي ملي آهي، جنهن کي مڪلي نامو يا بوستان بهار سڏيو وڃي ٿو. هي مير علي شير قانع (وفات 1789ع) جي تصنيف آهي(17). هي سنڌ جو هڪ مشهور عالم ٿي گذريو آهي سندس تعلق سيد شڪر الله جي خاندان سان آهي، جيڪو شاهه بيگ ارغون سان گڏ 1526ع ۾ سنڌ آيو ۽ هتي اچي آباد ٿي ويو. اڻويهين صديءَ تائين هن خاندان ۾ ڪيترا مصنف، قاضي ۽ ڏاها ماڻهو پيدا ٿيا(18). مڪلي نامو هڪ رنگين عشقيه داستان آهي، جيڪو نظم ۽ نثر جي هڪ گڏيل صنف آهي. مصنف هن ڪتاب ۾ هتان جي زيارتگاهن، تفريح گاهن ۽ ميلن ملاکڙن جو ڏاڍي رنگين مزاجي سان ذڪر ڪيو آهي. اهي هن ٽڪريءَ تي رات ڏينهن جاري رهنديون هيون. مير علي شير قانع هن ٽڪريءَ کي ”طور سينا“ سان تشبيهه ڏني آهي، جتي حضرت موسيٰ خدا جي تجلي ڏٺي هئي. هي ماڳ ٻين ڪيترن مصنفن کي پڻ قدرتي جلوه گاه نظر آيو هو. هي ڪتاب نهايت مختصر آهي. پر هن تصنيف جو ايڊيٽر سيد حسام الدين راشدي هو، جنهن 800 صفحن تي مشتمل حاشيا ۽ سمجهاڻيون ڏنيون آهن، جيڪي ٿوريون فارسي ۾ ۽ گهڻيون سنڌي ٻولي ۾ لکيل آهن. ڪتاب ۾ آيل ماڻهن جا تفصيل سان شجرا پڻ ڏنا ويا آهن. تنهن ڪري هيءُ ننڍڙو ۽ اڻ پورو ڪتاب سنڌ جي هڪ مڪمل تاريخي حيثيت ماڻي چڪو آهي.

هن ڪتاب کانسواءِ ڪي ٻيون تصنيفون به آهن. اهي مڪليءَ ۽ اتان جي رهواسين بابت ڪجهه اهم معلومات فراهم ڪن ٿيون، جيڪي مذڪوره ڪتاب کان ٿورو اڳ لکيون ويون آهن. هن ساڳئي مصنف مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن جو مکيه ٽيون جلد پير حسام الدين مرتب ڪيو هو، جنهن جا پڻ هن ڀرپور حاشيا لکيا هئا(19). مقالات الشعراءِ پڻ هن جي تصنيف آهي. هن ڪتاب ۾ قانع انهن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. هي قانع جي تصنيفن مان اهو ڪتاب آهي جنهن کي پير صاحب پهريائين مرتب ڪري ڇاپي پڌرو ڪيو هو. سترهين صديءَ جي شروعات ۾ تاريخ طاهري(20)، ذخيرة الخوانين(21)، ۽ ان کان پوءِ اڪبري دور جي مشهور مؤرخ، شاعر، ڪاتب ۽ حڪيم مير معصوم ”نامي“
 (1014هه/1606ع) جي ”تاريخ معصومي“ به ٺٽي جي تاريخ تي گهڻو ڪجهه مواد ڏنو آهي(22). مٿي ذڪر ڪيل تاريخن تي ايڇ.ٽي.سورلي گهڻي تنقيد ڪئي آهي(23)، عالمن کي وڌيڪ تحقيق لاءِ، پنهنجي سهيوڳي مغل دستاويز توزڪ جهانگيريءَ(24)، ۽ سنڌ جي صوفين تي لکيل تذڪره: جهڙوڪ حديقةالاوليا(25)، ۽ تحفة الطاهرين(26)، تان پڻ استفادو ڪرڻو پيو آهي.

هنن سڀني تصنيفن جي آڌار تي هر ڪو سمجهي سگهي ٿو ته، ٺٽي جا ماڻهو ڪيڏا نه خوش مزاج ۽ خوش خرم زندگي گذارڻ جا ڪوڏيا هئا. جڏهن کين خوشين ملهائڻ جو هلڪو سلڪو بهانو ملي ويندو هو ته ان مان خوب حِظُ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري پوندا هئا. تاريخ طاهري سترهين صديءَ جي شروعات واري ٺٽي ۽ مڪليءَ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي ته، اهي سانجهي نماز تائين سارو ڏينهن اتي گذاريندا هئا ۽ پوءِ موٽي پنهنجن گهرن ڏانهن راهي ٿيندا هئا. سندن اهو روز جو معمول هو. مڪليءَ تي ”کير سر“ نالي سان هڪ مٺي پاڻي جو تلاءُ هو. جڏهن مينهن وسندو هو ۽ تلاءُ پاڻي سان پر ٿي ويندو هو ته مرد ۽ عورتون، مسلمان ۽ هندو قطارن پٺيان قطارون ٺاهي اچي هن تلاءَ جي ڪنڌين سان ديرو دمائيندا هئا ۽ رڌ پچاءُ به هتي ئي ڪندا هئا. سدائين عيد ۽ وهانؤ وارو سمو لڳو پيو هوندو هو. آرام به هتي ئي ڪندا هئا(27).

مڪليءَ تي تفريح جي فقط هي اڪيلي جڳهه ڪانه هئي، جيڪا ٺٽي وارن کي موهي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي هئي، پر دنيا جي هر بندر واري شهر جيان هتان جا ماڻهو پنهنجي سڀاءُ ۾ خوش خلق رنگين مزاج هئا.

”هو هڪ ڏينهن ڪمائيندا هئا ۽ ست ڏينهن انهن خوشين ۾ گذاريندا هئا. کين وڌيڪ ڪمائڻ جي لالچ ڪانه هئي. وٽن لالچ ٿوري ۽ خوش گذارڻ وارو تصور تمام گهڻو هو.“

ٺٽي جي ماڻهن جي خوش مزاجي بابت آڳاٽي معلومات تاريخ طاهريءَ ڏني آهي:

”ڪنهن به ماڻهو هن شهر جي رهواسيءَ کي ڪڏهن به ملول ۽ پريشان ڏٺو ئي ڪونه آهي. ٿوري گهڻي تي راضي رهڻ وارا، پنهنجي ساري زندگي کلندي ۽ خوش ٿيندي گذاري ڇڏين. هنن ماڻهن جهڙو هلڻ، کلڻ ۽ خوش ٿيڻ جو طريقو ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي آهي ۽ نه وري ممڪن ئي ٿي سگهندو“(28).

ان کان ٿورو پوءِ طاهر نسيانيءَ جي دوست، شيخ فريد بکريءَ پنهنجي لکت ۽ لهجي جي ٿوريءَ ڦير گهير سان هن ماڳ جي هن ريت صفت ۽ ساراهه ڪئي آهي:

ٺٽو پنهنجي بهترين آبهوا ۽ ميوات ڪري ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته بهشت، مينهن جيان هيٺ وسي زمين تي لٿو آهي. هتان جون ڀوري رنگ واريون سهڻيون عورتون ڄڻ بهشت جون حورون آهن. هر گهر ۾ مڌ جو مٽ رکيل نظر ايندو ۽ ڍولڪ جو آواز ڪنن تي پوندو. هر ڪنواري ڇوڪري ۽ سؤ ورهين جي جهور ڪراڙي عورت جو برقعو زعفراني رنگ جي گلن جهڙو هوندو. ڪنوار جو لباس ساڳئي رنگ جو هوندو آهي ۽ هر ناريءَ جي ٻانهن تي عاج جون اڇيون چوڙيون پيون چمڪنديون آهن. ائين پيو ڀانئبو ڄڻ هتان جي مرد تي ڄڻ ڏک جو ڪڏهن پاڇو ئي ڪونه پيو آهي. مڌ جي مستي حياتيءَ جي خوشين جو ڄڻ هڪ لازمي جز آهي. هتي بي شمار زاهد، پرهيزگار، ولي، بزرگ، شاعر به ڏسبا ته بداخلاقي به جام آهي. صرف، نحو، قانون، فلسفو ۽ شاعري ايتري ته گهڻي آهي جو هي شهر عراق ثاني پيو ڀاسبو(29).

پوئين دور ۾ جڏهن ٺٽي ۾ انگريزن اچي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي. تڏهن ميلا، محفلون ۽ خوشيون جام هيون. اهڙين خوشين جي موقعن تي انگريز پنهنجي واپاري ڪوٺي بند ڪري ڇڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته ان سمي مستي، گوڙ بگوڙ ۽ مونجهاري جهڙو وايو منڊل پيدا ٿي پوندو هو(30).

ٺٽي جي تاريخ سما خاندان جي حڪمراني دوران اوج تي پهتي. ساڳي ريت مڪليءَ جو نالو به وڌيڪ مشهور ۽ معروف سما دور ۾ ٿئي ٿو. جڏهن ڄام تماچي کي سلطان فيروز باندي بنائي، دهليءَ کڻي ويو هو ته ڄام جي والده، هر روز شيخ حماد جماليءَ جي خانقاه تي ايندي هئي، جيڪا مڪلي ٽڪريءَ تي ساموئي ۾ واقع آهي ۽ سندس حجري کي اچي ٻهاري ڏيندي هئي. هوءَ کيس گذارش ڪندي هئي ته هو سندس پٽ جي آزاد ٿي اچڻ لاءِ ڌڻي در دعا گهري. هڪ ڏينهن (788هه/1386ع) هڪ سنڌي شعر ۾ وراڻيائين ته:

جُوڻو، مَتِ اُوڻو، ڄام تماچي آءُ

سٻاجهي ٻاجهه پيئي، توسين ٺٽو راءُ

”تنهنجو پٽ جلد ئي ايندو ۽ حڪومت جون واڳون سنڀاليندو.“ ڄام تماچي سنڌ جي حڪمران ٿيڻ کان پوءِ سندس خانقاه، ۽ بعد ۾ مسجد جي تعمير ڪرائي. جن جا اهڃاڻ اڄ به ٽڪريءَ تي موجود آهن. هيءَ مسجد نهايت شاندار ۽ وسيع هوندي هئي. منجهس هڪ سينڌ- ونگ ٺهيل هئي. هن مسجد جي تعمير سن 793هه/1391ع ڌاري شروع ٿي هئي.

شيخ حماد جمالي، مير قانع جي چوڻ موجب ته ”سندس مقبرو هدايت ۽ سچائي جي روشني آهي. هو پاڻ خدا طرفان ڏنل ڪرامتن جو مجموعو هو، مراقبي ۾ وهندو هو ته مٿس الاهي اسرار ظاهر ٿيندا هئا“(31). وفات کان پوءِ کيس ان مسجد ڀرسان دفن ڪيو ويو، پوءِ ٻين ماڻهن به سندس نقل ڪيو ۽ مڪليءَ تي دفن ٿيندا رهيا(32). انهيءَ کان اڳ ٺٽي جا ماڻهو پنهنجي مائٽن جا لاش اتان کان ڇهه ميل پري، پير پٺي واري قبرستان ۾ دفن ڪندا هئا، جيڪو بهاؤالدين زڪريا ملتاني (وفات: 1267ع) جو مريد هو ۽ تيرهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري سنڌ ۾ آيو هو(33). تنهن ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته حماد جمالي اهو پهريون ماڻهو هو جنهن جي دفن ٿيڻ کان پوءِ مڪليءَ تي هر فرقي ۽ هر قبيلي جا ماڻهو دفن ٿيڻ لڳا هئا. ارڙهين صديءَ ۾ لکيل ”تحفة الطاهرين“ مڪليءَ تي دفن ٿيل بزرگن جو تعداد اٺهتر لکيو آهي. سندس اهو به بيان آهي ته ٺٽي شهر جي اوسي پاسي دفن ٿيل الله جي پيارن بندن جو انگ 186 آهي.

ڄام تماچي، مڪليءَ تي وڏي جامع مسجد ٺاهڻ وارو پهريون ماڻهو هو(34). سنڌ جي تاريخ مطابق هي نه رڳو شيخ حماد جماليءَ جو شاگرد هو، پر نوريءَ سان نينهن جي ناتي سبب مشهور ٿيو، جيڪا هڪ مسڪين مهاڻي هئي، جنهن جي نماڻائي ۽ سادي طبيعت ڄام جي دل موهي وڌي هئي. شاهه عبداللطيف هن نوري کي نفس مطمئنہ جو روپ ڏئي، پنهنجي رسالي جي سر ڪاموڏ ۾ جاءِ ڏئي کيس زنده جاويد بنائي ڇڏيو آهي. هي قرآن ڪريم جي سورة (27/89) موجب ”جيڪي ماڻهو نيڪ عمل ڪندا، انهن کي ان جو بهتر بدلو ملندو ۽ اهي ان ڏينهن جي گهٻراهٽ کان بي خوف ٿيندا.“ هڪ قصي مطابق نوري ۽ ڄام تماچي، شيخ حماد جماليءَ جي مقبري ڀرسان دفن ٿيل آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته سندن مدفن ڄام نظام الدين جي مقبري ڀرسان تعمير ٿيل هڪ ڇٽيءَ هيٺ آهي(35).

پندرهين صديءَ جي شروعات ۾ ٺٽي جو حڪمران ڄام جوڻو ٻيو هو. هو پنهنجي وقت جو هڪ ڏاهو بادشاهه هو. جنهن سنڌ ۽ پاڙيسري ملڪ گجرات جي وچ ۾ نهايت مضبوط رشتا قائم ڪيا هئا. هن مُلڪ دهليءَ کان تازو آزادي حاصل ڪئي هئي. ڄام جوڻي پنهنجي هڪ نياڻي احمد آباد جي سلطان محمد کي ۽ ٻي نياڻي شاهه عالم بخاريءَ کي ڏني هئي، جيڪو اچ جي بخاري خاندان ۽ سيد قطب عالم جو پٽ هو. هن جو احمد آباد جي ساري علائقي تي تمام گهڻو اثر هو، جنهن سلطان محمد جي سنڌي زال پيٽان ڄاول محمود جي نازڪ حالتن دوران وڏي حفاظت ڪئي هئي. هي اهو محمود آهي، جنهن کي محمود بيگڙي جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ سڀني گجراتي سلطانن مان وڌيڪ دٻدٻي وارو ۽ ناليرو حڪمران ٿي گذريو آهي. هن سلطان 1458ع کان 1509ع تائين وڏي شان ۽ شوڪت سان راڄ ڪيو.

سما دور ۾ ڪيترائي ماڻهو ايران ۽ وچ ايشيا کان لڏي، سنڌو ماٿري جي سٻاجهي علائقي ۾ اچي آباد ٿيا هئا. انهن منجهان ڪي شيرازي سيد به هئا، جن اڳتي هلي سنڌ ۾ هڪ اهم ثقافتي ڪردار ادا ڪيو. سندن اچڻ جو سال قطعه تاريخ بسم الله الرحمٰن الرحيم مان نڪري ٿو جيڪو 786هه/1384ع آهي. هن خاندان مان سيد محمد حسين 831هه/1427ع - 893هه/1488ع) وڌيڪ اهم ۽ مشهور آهي، جنهن کي عام طور تي پير مراد به ڪري سڏيندا هئا. برٽن هن صوفي بزرگ بابت هڪ قصو نقل ڪيو آهي ته جڏهن هو ٺٽي آيو هو ته، ٺٽي جي بزرگن ڏانهس کير جو وٽو ڀري موڪليو هو. جنهن جي معنيٰ هئي ته هتي تمام گهڻا بزرگ آهن. تنهن ڪري وڌيڪ ڪنهن بزرگ جي رهڻ جي ڪا گنجائش ڪانه آهي. ته هن جواب ۾ کير جي ڀريل وٽي مٿان گلاب جي پنکڙي رکي ڏانهن واپس ڪيو هو ته مان اوهان تي ڪو بار ثابت ڪونه ٿيندس. هن مان سندس روحاني طاقت، انڪساري ۽ حليم طبع جو پتو پوي ٿو. اهڙو قصو ملتان جي بهاؤالدين زڪريا ملتاني ڏانهن به منسوب آهي. چوندا آهن ته پير مراد جي منهن مبارڪ مان هڪ نوراني تجلو پيو جهلڪندو هو ۽ جيڪو ماڻهو کيس ڏسندو هو، سو پاڻ به بزرگ ٿي ويندو هو، تنهن ڪري سدائين برقعي ۾ رهندو هو. موجوده دور جو ڪو ماڻهو اهڙين ڳالهين تي اعتبار نه ڪندو جنهن هڪ مئل ڪئي کي جيئرو ڪري ڏيکاريو هو ۽ فقير کيس چيو هو ته ”هزار مئل جسمن کي جيارڻ کان هڪ مئل دل کي زنده ڪرڻ وڌيڪ آهي“(36).

پير مراد جي مقبري ڀرسان عيسيٰ لنگوٽي جو مقبرو آهي. سندس تعلق برهانپور سان آهي. هن سن 831هه/1428ع ۾ وفات ڪئي هئي. چيو ويندو آهي ته جڏهن پير مراد ڄائو هو، ته هي بزرگ سندس مريد ٿيڻ واسطي ڏانهس ويو هو. ان کان پوءِ هو جلد ئي وفات ڪري ويو. هيءُ بزرگ مڪليءَ جي لاهونديءَ وٽ رهندو هو ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو . سندس مقبرو 862هه/8-1557ع ۾ شيرازي سيدن تعمير ڪرايو هو(37). ان کان هڪ صدي پوءِ شيرازي سيدن جي خاندان مان سيد علي ٻيو (889/1484- 890-3/1572ع) سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ محفل سماع ۽ صوفي راڳ رنگ جو ڏاڍو شوقين هو ۽ وجد ۾ اچي نچندو هو. امڪان آهي ته سنڌ ۾ محفل سماع جو رواج هن متعارف ڪرايو هجي. جيڪڏهن ائين نه هوندو ته هن اهڙين محفلن کي گهڻو زور وٺرايو ۽ مڪلي مٿين سڀني ڳالهين جو ڄڻ مرڪز بنجي وئي هئي(38). سورلي جو بيان آهي ته هتان جا وهمي ۽ وسوڙل ماڻهو سيدن جي تمام گهڻي عزت ڪندا آهن(39). هن لاءِ اهو به چيو ويندو آهي ته سندس دعا سان هڪ جهونڙي جوڙي کي ٽي پٽ ڄاوا هئا. جڏهن ان ناشڪر جوڙيءَ پنهنجن پٽن کي سندس مريد بنائڻ کان انڪار ڪيو ته کانئن اهي ٽئي پٽ واپس وٺي ڇڏيائين. هن کان وڌيڪ هڪ ٻيو مزيدار قصو آهي. چوندا آهن ته هڪ سرندي واري مسجد جوڙائي، پر مزدورن کي مزدوري ڏيڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو. ان جو ڪارڻ هي هو ته، مسجد جو محراب ڪعبي کان ٿورو پاسي ٿي ويو هو. سيد علي کي مزدورن تي ڏاڍي ڪهل آئي. هن محراب کي وٺي سولائيءَ سان صحيح طرف ڪيو ۽ ويچارن مزدورن کي پنهنجي پورهئي جو معاوضو ملي ويو(40).

سما دور جي ٻي اهم شخصيت قاضي عبدالله هو، جنهن 914هه/1508ع کان اڳ وفات ڪئي. ان بابت ڪو ٻيو احوال ملي ڪونه سگهيو آهي. سندس مقبري جو به پتو ڪونه آهي جيڪو مسجد کان گهڻو پري ڪونه هوندو. اها پڻ مڪلي ٽڪريءَ جي مرڪزي جاءِ چئي سگهجي ٿي. ان جو هاڻي ڪٿي به نانءُ نشان ملي ڪونه ٿو سگهي. پر قانع جو بيان آهي ته سندس مقبري تي خميس ڏينهن زيارت ٿيندي هئي. زيارتين جو وڏو تعداد شاگردن جو هوندو هو، جيڪي پنهنجي حافظي جي سگهه واسطي اچي هن بزرگ جي قبر تي دعائون گهرندا هئا(41).

سما دور ۾ هن کان وڌيڪ ثقافتي سرگرميون هتي نظر ڪونه اينديون هيون. هتان جي ثقافت جي اعليٰ معيار کي اسان ڄام
نظام الدين جي دور ۾ ڏسون ٿا، جنهن کي ڄام نندي جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. هن سلطان پوري اڌصدي سن 866هه/1462ع کان سن 914هه/1508ع تائين حڪومت ڪئي. سندس حڪمرانيءَ وارو دور امن امان جو دور هو. نه جنگ لڳي نه وري ڪنهن ماڻهوءَ بغاوت ڪئي. پاڙيسري ملڪن سان سندس دوستاڻا تعلقات قائم هئا. سنڌ جي اوڀر-ڏکڻ محمود بيگڙي جو گجرات ۾ راڄ هو. سندس حڪمرانيءَ جو به اهو دور هو، جيڪو ڄام نظام الدين جو هو ۽ ڄام جي ويجهن عزيزن مان هو. اتر-اولهه هرات ۾ تيموري خاندان جو راڄ هو، جنهن جي ان زماني ۾ هندستان اندر ڌاڪ ويٺل هئي. ڄام نظام الدين جي راڄ جي آخري دور ۾ ازبڪن، تيموري خاندان جو انت آندو. انهن کان پوءِ جلد ئي صفوي گهراڻو اوج تي پهتو. اُتر هندستان جي لوڌي پٺاڻن پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي هئي. سندن سنڌو ماٿري يا دکن تي حملي ڪرڻ ۾ بلڪل دلچسپي نه هئي. انهيءَ زماني ۾ بهمني حڪومت پرزا پرزا ٿي پنجن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي هئي. گول ڪنڊا جي قطب شاهي ۽ بيجاپور جي عادل شاهي گهراڻن کي پنهنجا مسئلا هئا ۽ اهي پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ امن امان پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي سياسي سگهه کي گڏ ڪرڻ ۾ رڌل هئا. تنهن ڪري سنڌ کي ڪنهن ٻاهرينءَ ڪاهه جو اڊڪو ڪونه هو. ڄام نظام الدين هڪ متقي ۽ پرهيزگار ماڻهو هو، جنهن سان پنهنجي رعيت بي انتها پيار ڪندي هئي. کيس سڀني مؤرخن زاهد، متقي ۽ پرهيزگار لکيو آهي، جيڪو سدائين با وضو رهندو هو، جنهن مان خبر پوي ٿي ته هو سچو مسلمان هو. هڪ فارسي رباعي ۾ چوي ٿو ته:

اي آنکہ ترا نظام دين ميخوانند

تو مفتخري مرا چنين ميخوانند

گر در ره دين ز تو خطائي افتد

شک نيست که کافر لعين ميخوانند (42).

ڄام نظام الدين ڪيترن ئي عالمن کي ٺٽي اچڻ جي دعوت ڏني هئي، جن مان هڪ مشهور عالم جلال الدين دوّاني به هو، جنهن ”اخلاق جلالي“ نالي هڪ مشهور ڪتاب تصنيف ڪيو هو. پر بدقسمتي سان ٺٽي ڏانهن سفر ڪرڻ کان پهريان، هو رجب 908هه/ جنوري 1503ع ۾ اڳئين دنيا ڏانهن سفر سڌاري هليو ويو(43).

ڄام نظام الدين انتظامي معاملن ۾ پڻ خوش قسمت هو. هن وٽ دريا خان جهڙا ڏاها ماڻهو موجود هئا. هي غلام هو، ڄام کي منجهس ڏاهپ ۽ عظمت ڏسڻ ۾ آئي(44). هن اصلي مالڪ کان دريا خان کي خريد ڪيو. کيس تعليم ۽ تربيت ڏياري ۽ مبارڪ خان جو لقب ڏنائين(45). دريا خان، ڄام نظام الدين واري دور ۾ نهايت طاقتور وزير هو. اهو ٿورن ماڻهن مان هڪ هو جن ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ سما خاندان سان نمڪ حلاليءَ سان نباهيو. دريا خان، مهدي جونپوري جو مريد هو. جڏهن هو سن 1500ع ۾ سنڌ مان گذريو هو ته سندس ڪيترائي ماڻهو مريد ٿيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org