بئبلونيا وٺي وڃي اُتي آباد ڪرايائون، ان لاءِ ته
جيئن اڳتي وري فساد نه ٿين. فنيقي شهرن کي به فتح
ڪري، بخت نصر، مصر جي وڏائيءَ کي ڌڪ هڻي بيپرواهه
ٿي ويٺو. هينئر مصر ايترو ڪمزور هو، جو بابلي
سلطنت جي امن و امان کي وري جوکي ۾ وجهڻ لاءِ
منجهس همٿ ئي ڪانه هئي. جيتوڻيڪ ان وچ ۾ ڪئين دفعا
فوجي مهمن تي وڃڻ لاءِ بخت نصر مجبور به ٿيو هو،
تڏهن به پنهنجي ملڪ جي مادي ڀلي ۽ مذهب جي ترقيءَ
جي ڪوشش ۾ کيس گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي. پٿراون
ڪتبن مان، جي سندس يادگار آهن، مان ظاهر آهي ته هو
هڪ سچو، مشفق ۽ ديندار حڪمران هو.
مثلاً هو چوي ٿو ته: ”اي مولا ماردُڪ (Marduk)،
اي اولين خدا! اي طاقتور بادشاهه! تو مون کي خلقيو
آهي ۽ هيتري رعيت جي مٿان مون کي شاهي حڪمراني عطا
ڪئي اٿئي. آءٌ تنهنجي ذات سان ايتري محبت ٿو ڪريان
جيتري پنهنجي قيمتي زندگيءَ سان. پنهنجي بابل جي
شهر کي محفوظ رک..... آءٌ بادشاهه آهيان، اهو
معمار آهيان، جو تنهنجي دل کي خوش ڪري ٿو. اتساهه
وارو حڪمران، تنهنجي سڀني شهرن جو معمار“. جيڪي
عبادت گاهه صدين کان ڊٺا ۽ اجڙيا پيا هئا، انهن جي
بخت نصر مرمت ڪرائي ۽ بئبلونيا جي سڀني حصن ۾ نيون
عمارتون سندس همٿ ۽ دينداريءَ جون شاهد آهن.
هن پنهنجو گهڻو توجهه گاديءَ جي هنڌ ڏانهن
ڏنو. اُتي نه رڳو شاندار عبادت گاهه ۽ محلات
ٺهرايائين، پر شهر جي چوڌاري شاهي ڪوٽ پڻ تعمير
ڪرايائين. شهر جي سڄي ٻاهرين پاسي واري ديوار جي
اندر زرعي زمين جو وڏو حصو اچي پئي ويو، جيڪو ڊگهي
عرصي جي حملي دوران شهر جي ماڻهن کي گهڻي مدد
پهچائي سگهيو ٿي. بخت نصر جي ڪوششن سان بابل قديم
زماني ۾ وڏي ۾ وڏو واپاري مرڪز بڻجي پيو. سندس
دولت جي ڪري ماڻهن ۾ عيش وڌيو ۽ ايتري قدر اخلاقي
ڇڙواڳي پيدا ٿي، جو بابل تي پهاڪي طور هڪ بداخلاق
شهر جو نالو پئجي ويو.
بخت نصر جا جاءِ نشين
پنهنجي طاقتور بزرگ جهڙا لائق نه هئا. سندن ڪمزور
حڪومت جي ڪري ماڻهن ۾ سندن عزت گهٽجي وئي ۽ جڏهن
ڪيروش (سائرس ”Cyrus“) اعظم فاتحاڻي حيثيت سان سن 538 ق.م بابل جي ويجهو پهتو، تڏهن شهر جي
رهواسين، خوشيءَ سان کيس پنهنجو حڪمران مڃي سندس
آجيان ڪئي. ان کان پوءِ ميسوپوٽيميا يا الجزيره جي
تاريخ ايران جي شاهي سلطنت جي تاريخ سان ڳنڍجي
وئي.
بابلي آثار قديمه جون کوٽايون:
بابلـي ۽ آشـوري آثـار قـديـمه جـو اڀـيـاس،
جـنـهـن کـي عـام طـور ”عـلـمِ آشـور“
ڇهين صدي عيسويءَ (ق.م) جا قديم بابيلي آثار
(Assyriology)
ڪوٺيو وڃي ٿو، اهو تاريخي علم جو هڪ جديد ترين
شعبو آهي. ”قديم عهد نامي“ يا تورات ۾ جيڪا ڪجهه
ائين وچ ۾ معلومات لکي وئي آهي ۽ ڪجهه مشڪوڪ ڏند
ڪٿائون، جي يوناني تاريخ نويسن لکيون آهـن، انهـن
کان سواءِ اُڻويهين صديءَ جي وچ تائين ان قوم جي
متعلق ماڻهن کي ڪا به معلومات نه هئي. سن 1843ع ۾
انگريز عالم ليئرڊ (Layard)
ميسوپوٽيميا يا الجزيره (هاڻوڪي عراق) ۾ انهن دڙن
جي کوجنا ڪرڻ لڳو، جن کي ان وقت تائين سياحن قدرتي
ٽڪريون ڪري سمجهيو هو. هن کي سندس محنت جو جهجهو
ڦل مليو. هن انهن عمارتن جا قديم آثار کوٽي ڪڍيا،
جي مجسمن ۽ ڪتبن سان ڀريل هئا ۽ ٻه هزار ورهيه
گمناميءَ جي پردي اندر لڪل هئا.
ان کان پوءِ يورپ ۽ آمريڪا جي ڪيترين حڪومتن ۽
يونيورسٽين عالمن جون ڪئين جماعتون موڪليون آهن.
انهن قديم هنر و فن ۽ علم و ادب جا خزانا زمين مان
تلاش ڪري ڪڍيا آهن، جن جي وسيلي انسان ذات جي
تاريخ ۾ هڪ نئون بي بها باب لکيو ويو آهي.
ميخي لکت جو هڪ نمونو |
ميخي لکت:
بابلين جي لکت جو سرشتو
”نقشي تحرير“ مان پيدا ٿيو. پر بابلي قوم جلد ئي
مصرين وارو اهو بي ڊولو سرشتو ڇڏي وڃي وڌيڪ ڪارگر
نمونو اختيار ڪيو. اکر پٿر يا سـِـرَ تي اڪريا
ويندا هئا يا عام طرح نرم مٽيءَ جي سـِـرُنِ تي
لکيا ويندا هئا ۽ پوءِ انهن کي سڪايو ويندو هو. هن
لکت جو نمونو هي هوندو هو ته سندن (اکرن جي)
پڇاڙيءَ ۾ هڪ ننڍڙو نوڪدار ٽڪنڊو هوندو هو ۽ سڀني
اکرن جي شڪل چـَـپـَـر يا ڇيڻيءَ جهڙي هوندي هئي
(ميخي
= ڪـِـيونـِـي فارم
(Cuneiform)
= چپر يا ڇيڻي يا ميخ يا ڪـِـليءَ جهڙي شڪل). چپر جي ماپ ۽ بيهڪ کان سندس
معنيٰ جي پروڙ ٿي پئي. ان ڳري شيءِ يا مصالحي
(سـِـرَ يا نرم مٽيءَ جي پـَـٽـِـي) تي جاءِ بچائڻ
لاءِ اڪثر اکر تمام سنها لکيا ويندا هئا، ايتري
قدر جو رڳو ڪلال بين شيشي (Magnifying glass) جي مدد سان ڏسي سگهجن. بابلي تهذيب سان گڏِ ميخي لکت سڄي
اولهه ايشيا ۾ پکڙجي وئي.
فرعون کي ميخي لکت ۾
جيڪي خط لکيا ويا هئا، سي مصر ۾ لڌا ويا آهن. جنهن
مان ثابت ٿئي ٿو ته بابلي ان وقت جي مروج ٻولي
هئي، جهڙيءَ طرح اڄ ڪلهه انگريزي مروج ٻولي آهي.
ايراني، چوٿين صدي ق.م تائين ميخي لکت استعمال
ڪندا آيا.
ڪتب خانا:
بابلي عام طرح لکي پڙهي سگهندا هئا. وٽن
گهڻائي ڪتاب هئا. جيتوڻيڪ قديم شهر جي کنڊرات جو
تمام ٿورو حصو کوٽائي ۽ تحقيق هيٺ آيو آهي. پر
اتان جي قديم آثارن مان اٽڪل
180,000
(هڪ لک اسي هزار) لکتون لڌيون ويون آهن، ڪيترن ئي
شهرن ۾ باقاعدي ڪتب خانا قائم ڪيا ويا. سڀني ۾
مشهور نينوا جو شاهي ڪتبخانو آهي، جو ليئرڊ ڳولي
ڪڍيو. ڪتابن جون مـُـناسب طريقي سان فهرستون
ٺاهيون وينديون هيون ۽ ماڻهن کي انهن جي پڙهڻ جي
اجازت هئي.
مذهب:
نرم مٽيءَ جي ”ڪتابن“ تي جيڪو علم و ادب محفوظ
رکيو ويو، سو اڪثر ڪري مذهبي نوع جو آهي. قديم
ميسوپوٽيميا يا عراق ۾ مذهب جي ايتري اهميت هئي
جيتري نيل وادي ۾. توڙي جدا جدا ضلعن کي پنهنجا
مڪاني خدا ۽ ڀرمي عقيدا هئا، ته به مکيه شهرن جي
خدائن، خاص ڪري بابل جي خدائن کي قومي اهميت حاصل
هئي. فاتح بادشاهن پنهنجي مذهبي عقيدي ڏانهن خاص
ڌيان ڏنو. آشور، جنهن جو اڳي ذڪر ڪيو ويو آهي ته
نينوا جو مشهور خدا هو، سو بابل جي شهري خدا
ماردُوڪ کان خصوصاً نالي ۾ مختلف هو. اهي ۽ انهن
کان ڪجهه ننڍا ديوتا انسانن وانگر خيال ڪيا ويندا
هئا. هو هن دنيا جي ماڻهن وانگر ڄاوا هئا. زندگي
گذاريائون، پيار ڪيائون، وڙهيا بلڪه وفات پڻ
ڪيائون. سندن الوهيت خاص ڪري سندن اعليٰ طاقت ۽
دانائيءَ جي ذريعي ظاهر پئي ٿي.
مڪاني خدائن کي عام طرح ”بـِـعل“(=
ڌڻي، مالڪ، آقا)
[Bel]
ڪري ڪوٺيو ويندو هو. ان کان سواءِ سندن ٻيا به
نالا هوندا هئا، مثلاً: نـِـفور (Nippur).
شهر جو خدا ”بعل نفور“ هو. پوئين زماني ۾ لفظ
”بعل“ هڪ الڳ ديوتا جي لقب طور پڻ استعمال ٿيندو
هو، جنهن جي عبادت جو مرڪز بابل ۾ هو. فنيقي، جن
جو مذهب گهڻي حد تائين بابل وارن جي مذهب جهڙو هو،
سي خدا کي بـَـعـَـل (Baal)
ڪري ڪوٺيندا هئا. ان ڪري يهودي عقيدي سان اختلاف
رکندڙ اولهه ايشيا جي سڀني سامي مذهبن لاءِ
”بـَـعـَـل پرستش“ لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.
تورات يا ”قديم عهدنامي“ ۾ بعل پرستش کي يهوديت جو
مکيه دشمن ليکيو ويو آهي.
بابلي قانون:
مذهبي لکتن کان پوءِ ٻئي نمبر ۾ ”ميخي لکت
وارن ڪتبن“ جو گهڻو حصو مختلف قسمن جا قانوني
دستاويز آهن. بابل وارن جو قانوني سرشتو تمام گهڻو
ترقي ڪيل هو ۽ ان جي پابنديءَ جو گهڻو خيال رکيو
ويندو هو. ڪابه شادي ۽ ڪو به واپاري وهنوار بنا
لکيل دستاويز ۽ ٻنهي ڌرين جي مهر کان سواءِ معتبر
نه سمجهيو ويندو هو. ”حـَـمـُـورابيءَ جو قانون“
سلطنت جي زوال تائين بابلي قانون سازيءَ جو بنيادي
اصول رهيو. بادشاهه (حمورابيءَ) جي دعويٰ هئي ته
اهي قاعدا کيس هڪڙي ديوتا لکايا هئا.
اِن مان ڪي ٽڪرا ڏجن ٿا
جن مان بابلي سماج جي حالت چڱيءَ طرح معلوم ٿيندي:
فقرو 21: جيڪو ڪنهن گهر ۾ ٽـُـنگ ڪري (ڌاڙو
هڻي) ته ان کي ماريو ويندو ۽ ان سوراخ اڳيان پوريو
ويندو.
فقرو 55: جيڪو ماڻهو
پنهنجي زمين کي ريج پهچائڻ لاءِ واهه کوٽي ٿو، پر
سندس لاپرواهيءَ ڪري ان واهه جو پاڻي سندس ڀر واري
زمين کي ٻوڙي ٿو، ته کيس ايترو اناج پنهنجي ڀر
واري کي ڏيڻو پوندو جيترو هن جي زمين جي اپت جو
حصو هوندو.
فقرو 195: جيڪو پٽ پنهنجي پيءُ کي ماريندو ته
سندس هٿ ڪپيا ويندا.
فقرو 196: جيڪو ماڻهو ڪنهن آزاد ماڻهوءَ جي اک
ڪڍي ٿو ته ان جي اک ڪڍي ويندي.
فقرو 200: جيڪو پنهنجي برابريءَ واري مرتبي
واري جو ڏند ڀڃندو ته سندس ڏند ڀڳو ويندو.
معماري يا اڏاوت جو فن (Architecture):
فرعونن وانگر بابلي ۽ آشوري بادشاهه به
چاهيندا هئا ته عمارت سازيءَ جي رستي پنهنجي شان
شوڪت ۽ دولت جو ڏيکاءُ ڪن.
سندس اڏيل عمارتون سونهن ۽ جٽاءَ کان اڏاوت ۾
وڌيڪ اهم هيون. انهن عمارتن جي ٺاهڻ ۾ خاص طرح اُس
۾ پڪل سـِـرون ڪم آنديون ويون هيون، جي سالياني
برسات جو ڌڪ جهلي نه سگهيون. سڀني کان وڌيڪ حيرت
انگيز ”بـُـرجي عبادتگاهه“ هيون، جي ميدانن ۾
نياطي شڪل جي نموني ٺهيل آهن، جن ۾ چوڌاري ٿـَـلها
يا دِڪيون مٿي چوٽيءَ تائين وڃن ٿيون. بابل جي
ويجهو ”ستن چڪرن واري عبادتگاهه“ ۾ اهڙا ست
ٿـَـلها ۽ دِڪيون هيون. هر هڪ چڪري ۾ مختلف رنگ جي
سـِـرَن سان فرش لڳل هو ۽ اهو هرهڪ گرهه، جي نالي
منسوب ڪري پاڪ ڪيو ويو هو. چوٽيءَ وارو ٿلهو، جو
سڀني کان ننڍو هو، ان کي سون جي پترن سان ڍڪيو ويو
هو ۽ سج جي نالي ۾ پاڪ ٿيل هو. بادشاهي محلاتون
تمام وسيع هيون پر اڏاوت ۾ ساديون هيون. سندن
ديوارون نقاشيءَ سان سهڻي نموني سينگاريل هيون ۽
شاهي دروازا پـَـرَن وارن ۽ انساني شڪل وارن ڍڳن
جي مجسمن سان محفوظ رکيا ويا هئا. انهن مان ڪنهن
به عمارت گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو. اڄ اهي عمارتون
عراق جي واديءَ ۾ مٽيءَ جا ڍير نظر اچي رهيون آهن،
پر ان مٽيءَ جي ڍير واري حفاظتي ڍڪ هيٺان ديوارون،
فرش، مجسما ۽ ڪتبا بلڪل محفوظ رهيا آهن، جيستائين
وڃي يورپ جي سائنسدانن جي تفتيش ۽ تحقيق کين وري
ظاهر ڪيو.
سائنس:
بابل وارن علم حيوانات، علم نباتات ۽
جاگرافيءَ جي باقاعدي اڀياس لاءِ ڪجهه ڪوششون ڪيون
پر جڏهن انهن جي ڀيٽ اڄ ڪلهه جي علمن يا سائنس سان
ڪجي ٿي، ته اهي ٻاراڻيون ڪوششون نظر اچن ٿيون،
سارغان پهرئين جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ڪلداني هيئتدان
اڳي گرهڻن جي پيشگوئي يا اڳڪٿي ڪري سگهندا هئا.
اهو ناممڪن آهي ته علم هيئت جي اڀياس جو عرض مقصد
بالذات هو. بابل وارن جو علم نجوم ۾ پڪو اعتقاد
هو. وٽن به اهو پراڻو ڀرم هـُـئو ته، ستارن کي
انساني تقدير جي فيصلي ڪرڻ جي طاقت آهي. علم هيئت
جو اڀياس ان لاءِ ڪيو ويندو هـُـئو ته اُهي علم
نجوم جي رستي ماڻهن جي قسمت بيان ڪري ٻڌائين.
باب ٽيون
يهودي ۽ فنيقي
(الف) يهودي
يهودي تاريخ جو مذهبي پهلو:
انساني تاريخ ۾ يهودين
جي تاريخ هڪ تمام عجيب ۽ يگانو باب نظر اچي ٿي.
يهودي هڪ ادنيٰ قوم هئا، جي تعداد ۽ سياسي پهچ ۾
گهٽ هئا ۽ سندن ٿوري عرصي واري قومي زندگيءَ ۾ اتر
توڙي ڏکڻ ۾ زور وارين سلطنتن جي اثر ڪري اُهي
گمناميءَ ۾ رهيا. تنهن هوندي به دنيا جي مذهبي ۽
ذهني ترقيءَ ۾ گهڻي قدر اڳواڻي ڪئي اٿن. مصر ۽
بئبلونيا جو (کانئن پوءِ ايندڙ) مغربي قومن تي
جيڪو اثر ٿيو، اهو مغربي دماغ تي يهودي فڪر ۽
تعليم جي ٿيل اثر اڳيان تڇ نظر ايندو. هڪ رواجي
انگريز، فرينچ يا جرمن شخص يهودي نامدارن ۽
پيغمبرن کان پنهنجي ملڪ جي بزرگن بابت ڄاڻ کان
وڌيڪ آشنا آهي. مغربي هنر و فن ۽ علم و ادب يهودي
ڪتابن مان ماخوذ تشبيهن ۽ پهاڪن سان ڀريو پيو آهي.
ان چوڻ ۾ مبالغو نه ٿيندو، ته يورپي تمدن جي تشڪيل
۾ يهودين جو ايترو حصو آهي، جيترو يونانين ۽ رومين
جو گڏيل آهي. هيءَ ڳالهه شايد شاگردن کي سمجهه ۾
نه اچي جڏهن کين خبر پوندي ته يهودين ڪابه کوجنا
يا انڪشاف ڪونه ڪيو ۽ نه وري هو يونانين وانگر ڪي
قدرتي ڏات ڌڻي فنڪار يا فيلسوف هئا ۽ نه وري ڪي
رومين وانگر وڏا بهادر سپاهي، نه ڪي سندن پاڙيسري
فنيقين وانگر جانباز واپاري هئا. يهودين جو تاريخ
۾ اوچو مرتبو سراسر سندن هڪ مذهبي آدرش لاءِ خالص
جان نثاري آهي، جا صرف هڪ قادر مطلق خدا جي عبادت
آهي. سندن باطني ترقيءَ جو تعلق سندن اعليٰ توحيد
جي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي محفوظ رکڻ لاءِ جدوجهد سان
سلهاڙيل آهي. هي اهو مذهب هو، جو ٻين ڀرپاسي وارين
قومن جي شرڪ کان مٿڀرو ٿي چمڪيو. سندن مذهبي جوش
ٻين قومن ۾ تبليغ جي شڪل اختيار نه ڪئي، پر هنن
پنهنجي اعتقاد کي پاڻ وٽ غيرت سان محفوظ رکيو.
حضرت عيسيٰ عليه (مسيحي تهذيب جي بانيءَ) سندن هن
الڳ ٿلڳ رهڻ جي عادت کي ننديو ۽ سابق يهودي
پيغمبرن جي تعليمات ۾ اضافو ڪيو ته ”پنهنجن دشمنن
کي پيار ڪريو. جي توهان کي پـِـٽـِـين، تن کي دعا
ڪريو ۽ جي توهان کي ڌڪارين، تن سان چڱائي ڪريو“.
هن پنهنجن پوئلڳن کي چيو ته وڃي سڀني ملڪن ۾ نون
اعتقادن يا متن جو پرچار ڪريو. ان ڪري مسيحيت
مغربي ايشيا ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تي ڦهلجي ويئي.
ايتري قدر جو مغرب ۾ سڀني الحادي متي وارن تي حضرت
عيسيٰ عليه جا پوئلڳ غالب پئجي ويا، جي حضرت عيسيٰ
عليه جي تعليم نه اچي ها ته جيڪر يهوديت اوچي
اعتقاد هوندي به هڪ تنگ نظر متو بڻجي رڳو هڪ بدبخت
قوم تائين محدود رهي ها ۽ فقط مذهبي محققن جي لاءِ
دلچسپ هـُـجي ها. حضرت عيسيٰ عليـه السلام جي
انساني برادريءَ جي ايڪي واري پيغام، يهودين جي
مذهبي رسومات کي مغرب جي گهر گهر ۾ پهچايو.
هن تاريخ جي محدود هئڻ ڪري يهودين ۽ عيسائين
جي اعتقادن جو رڳو ٿورو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. پر شاگردن
کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته انهن اعتقادات جي پوري
شناس کان سواءِ مغربي فڪر جو چڱيءَ طرح سمجهڻ محال
آهي. ان جو مثال اهڙو آهي، جو هڪ انگريز، چينين جي
رسم و رواج ۽ اخلاق کي، ڪنفيوشس جي متعلق ڪجهه علم
جي بنا، ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري.
بائيبل (توريت ۽ انجيل):
مسيحيت جا مکيه مـَـتا انجيل (Bible)
۾ ڏنل آهن، جن کي مقدس ڪتاب به ڪوٺيو وڃي ٿو. ان
مقدس ڪتاب جو قديم تر ۽ وڏو ڀاڱو يعني ”قديم
عهدنامو“ (توريت) سڄي انجيل جو ٽي حصا آهي. هي
مختلف ضخامت جي 39 ڪتابن ۾ ورهايل آهي ۽ منجهس
ڪيترا مختلف مضمون آهن. پهريون ڪتاب يعني ”پيدائش“
يهودي قوم جي اصل نسل ۽ قديم تاريخ متعلق آهي ۽
اڪثر تمثيلي آهي. ان کان پوءِ وارن ڪتابن ۾ يهودين
جي مصر ۾ مصيبتن جو ذڪر آهي ۽ ڪهڙي طرح کين سندن
شارح حضرت موسيٰعه جي ذريعي غلاميءَ
مان ڇوٽڪارو مليو ۽ ڪيئن خدا
جي واعدي ڪيل ملڪ ڏانهن هجرت ڪيائون. انهن ڪتابن ۾
اخلاقي ۽ مذهبي قانون ۽ قاعدا پڻ اچي وڃن ٿا. انهن
حضرت موسيٰ عليه جي ڪتابن کان پوءِ ڪيترا ڪتاب اچن
ٿا، جي اڪثر تاريخ آهن. گـِـيتن واري ڪتاب (زبور)
۾ خدا جي حمد جا گيت، پهاڪن وارو ڪتاب ڏاهپ ۽ لوڪ
چـَـوڻين جو مجموعو آهي. باقي رهيل ڪتابن ۾، جن کي
”پيغمبر“ ڪوٺجي ٿو، سي وڏن مذهبي مـُـصـِـلحن ۽
بزرگن ڏانهن منسوب آهن، انهن مان ”يشع“ جو ڪتاب
وڌيڪ توجهه جي لائق هو. ”قديم عهدنامو“ عبراني
ٻوليءَ ۾ لکيل هو. اهو هڪ وقت جمع ڪونه ڪيو ويو
هو، پر آهستي آهستي ڪيترن ئي مختلف مصنفن جي لکتن
مان گڏجي ٺهيو. يهودين جو عقيدو هو ته ”قديم
عهدنامو“ (توريت) خدا جو ڪلام آهي، جو سڌيءَ طرح
سندس پيغمبرن تي وحيءَ جي وسيلي نازل ٿيو آهي.
عهدنامه (توريت) جو هڪ باب |
”جديد عهدنامو“ (انجيل) يوناني ٻوليءَ ۾ حضرت
عيسيٰ عليه جي وفات کان پوءِ لکيو ويو. هي يهودين
جي ڪتابن کان الڳ آهي ۽ رڳو عيسائين جو منجهس
اعتقاد آهي. هن جا هيٺيان مکيه ڀاڱا آهن: پهريون
چار ”خوش خبريون“ يا انجيل يا حضرت عيسيٰ عليه جي
تاريخ، جنهن ۾ سندس تعليمات به ڏنل آهي. ٻيو:
”خطَ“ يعني، پالَ حواريءَ
جا مختلف مسيحي گروهن ڏانهن خـَــطَ آهن. انهن خطن
۾ مسيحي عقيدا وڌيڪ تفصيل کولي ظاهر ڪيا ويا ۽
سمجهايا ويا آهن.
يهودين جو ملڪ شام جي مغربي حصي ۾ آهي. سڄي کي
فلسطين يا ”مقدس ملڪ“ ڪوٺيو وڃي ٿو، پر اڳئين وقت
۾ اتر واري حصي کي ”اسرائيل“ ڪوٺي ٻئي حصي کان ڌار
ڪيو ويو هو ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ، سماريه (Samaria)
۽ ڏاکڻي حصي کي ”يهودا“ (Judea)
سڏيو ويندو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ يروشلم (بيت
المقدس) هو. فلسطين جو اڪثر حصو غيرآباد آهي ۽ رڳو
چراگاهه جي لائق آهي. ڪناري سان گڏ (هڪ جيتري
وڇوٽيءَ تي) ٻن جبلن جون قطارون آهن، جن کي
”لبنان“ ۽ ”خلاف لبنان“(Antilibanan)
چئجي ٿو، جي قديم زماني ۾ قيمتي عمارتي ڪاٺ سان
ڀريل هيون. اُردن ندي انهن جبلن جي وچ واريءَ
سرسبز واديءَ مان لنگهي ٿي ۽ وڃي ”بحرالميت“ يا
”مردار سمنڊ“ (Dead
Sea) ۾ پوي ٿي. بحرالميت هڪ سخت نمڪين ڍنڍ آهي،
جا سمنڊ جي سطح کان 1300 فـُـوٽ هيٺ آهي. هن ملڪ
جا اصل رهاڪو ڪـَـنعاني هئا ۽ ”مقدس ملڪ“ کي اڪثر
سندن قديم نالي ”ڪنعان“ سان به سڏيو ويندو هو.
يهودين جي سرزمين جو نقشو
يهودين جي قديم تاريخ:
يهودين جي قديم تاريخ متعلق صحيح خبر نٿي پئجي
سگهي ۽ ڪيترن مغربي عالمن ۾ ان ڳالهه تي اختلافي
بحث هليا آهن. ”پيدائش“ ۽ ”خروج“ (بائيبل جا
پهريان ٻه ڪتاب) جي ڪهاڻين جي تاويل تمام مشڪل
آهي. انهن ڪهاڻين مطابق حضرت ابراهيم عليه، جو
ڪلديه (Chaldea)
کان شام هجرت ڪري ويو، سو يهودي قوم جو باني هو.
سندس اولاد مان حضرت يوسف عليـه السلام مصري درٻار
۾ هڪ مکيه سرڪاري عهدي تي پهتو ۽ يهودين کي مصر ۾
آباد ٿيڻ ۾ مدد ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ مصري
فرعونن، يهودين تي ظلم ڪرڻ شروع ڪيو، تان جو حضرت
موسيٰ عليـه السلام (يهودين جو شارع يا شريعت
ڏيندڙ) اچي کين ڇوٽڪارو ڏنو ۽ ڪنعان ۾ کين وٺي
آيو. ڪيترن معجزن جي ظهور ۽ رڻ پٽ ۾ چاليهن ورهين
جي دربدريءَ کان پوءِ ”بني اسرائيل“ ڪنعان جي فتح
شروع ڪئي. هن عجيب ڪهاڻيءَ جو سڄو تفصيل مغربي
اسڪولي شاگردن جي ذهن نشين ٿيل آهي. اڄڪلهه جا
تاريخي محقق سرگرميءَ سان ڪوشش ڪري رهيا آهن ته
مصر، عراق ۽ فلسطين جي آثار قديمه جي ماهرن وٽان
جيڪي نيون ڳالهيون کين معلوم ٿين ٿيون، تن کي هن
ڪهاڻيءَ سان مشابهت ڏين. اڃا تائين مصر ۾ يهودين
جا ڪي به يقيني
آثار نظر نه
آيا آهن، پر اها ڳالهه ممڪنات مان معلوم ٿئي ٿي ته
سندن نو آباديءَ جو تعلق مصر جي خارجي ”ريڍار
بادشاهن“ (حڪصاص
Hyksos) جي زماني سان هجي. هنن جي حڪومت سن 1573 ق . م ۾ ختم ٿي.
سندن ابتدائي ذڪر، جيڪو ڪتبن ۾ مليو آهي، ان مطابق
هو اڳيئي بيابان ۾ دربدر آهن ۽ ظاهراً ائين پيو
معلوم ٿئي ته ”واعدي ٿيل ملڪ“ ڏانهن وڃي رهيا آهن
(سن 1231 ق.م). ان ذڪر مطابق سندن هڪ جڳهه تي
ٿانيڪو ٿي ويهڻ تيرهين صديءَ ق . م ۾ چئي سگهجي
ٿو.
يهودين جي قومي تاريخ:
ڪنعان جي فتح کان پوءِ يهودين ۾ اندروني تفرقي
جو زمانو شروع ٿيو، جيستائين يارهين صدي ق . م ۾
طالوت (Saul)
سڀني قبيلن کي هڪ حڪومت ۾ متحد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
هن قومي اتحاد گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو. بادشاهه
حضرت دائود عليـه السلام پهريون دفعو کين شام ۾
وٺي ويو، پر سندس پٽ حضرت سليمان عليه جي ڏينهن ۾
ئي سندن نابوديءَ جون نشانيون نمايان ٿيڻ لڳيون.
حضرت سليمان عليـه السلام (تقريباً سن 1000 ق . م)
پنهنجي درٻار جي جاهه و جلال ۽ ڏاهپ کان مشهور هو.
اڃا تائين پهاڪو مشهور آهي ته ”اهڙو سياڻو جهڙو
حضرت سليمان“. ان وقت به يهودي سلطنت تمام ننڍي
هئي. اوڀر ۾ دشمن شامي قبيلا هئا، ته وري سامونڊي
ڪنارو فنيقي قبضي ۾ هو. حضرت سليمان عليه جو شاهي
محل ۽ بيت المقدس (يروشلم) جو مشهور عبادتگاهه
زيادهه تر فنيقي ڪاريگرن جو ٺاهيل آهي. هن عاقل
بادشاهه جي وفات کان پوءِ جلد ئي هڪٻئي جي برخلاف
ٻن گروهن ملڪ کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو، جي پوءِ
اسرائيلي ۽ يهودي حڪومتن جي نالن سان مشهور ٿيون.
آشوري (بادشاهه) سارغان اسرائيلي گاديءَ جي هنڌ کي
722 ق . م ۾ تباهه ڪيو. ڪيترن رهاڪن کي شهر نيڪالي
ڏني وئي ۽ سندن جڳهه اچي ٻاهرين مهاجرن والاري.
يهودي حڪومت جيتوڻيڪ آشورين ۽ مصرين کان هميشـه ڊپ
۾ رهي، تڏهن به سن 586 ق.م تائين قومي وحدت
ماڻيندي رهي. ان سال (586 ق.م) بخت نصر يهودين کي
بابل ڏانهن قيدي ڪري وٺي ويو. ان وقت کان پوءِ
فلسطين هميشـه ٻين جي هٿ هيٺ يا پوءِ پوين حڪومتن،
(جن مغربي ايشيا تي حڪومت ڪئي) جو هڪ صوبو ٿي
رهيو آهي.
يهودين جو انتشار:
ڪيروش اعظم، جو ايراني سلطنت جو باني هو، ان
شهر بدر ڪيل يهودين کي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽڻ جي
اجازت ڏني ۽ يروشلم ۾ ٻيهر قومي عبادتگاهه ٺاهڻ جي
منظوري ڏني. رومين جي حڪومت ۾، يعني پهرين ۽ ٻي
مسيحي صديءَ ۾، يهودي رومي صوبيدارن (گورنرن) جي
خلاف سخت بغاوت ۾ اٿي کڙا ٿيا. رومين ڪو هنن تي
ظلم نه ڪيو هو، پر هنن جي مرضي هئي ته يهودي به ٻي
رومي رعيت وانگر ملڪي مذهب مطابق هلن، پر يهودين
هن ڳالهه کان انڪار ڪيو، ڇو ته هو سندن مذهب مطابق
پنهنجي خدا کان سواءِ ٻي ڪنهن جي عبادت نه پئي ڪري
سگهيا. اهڙيءَ طرح يهودين جي مذهبي جوش سندن تباهي
آندي، يروشلم کي ٻه دفعا تباهه ڪيو ويو ۽ يهودي
مغربي دنيا ۾ جتي ڪٿي ڦهلجي ويا. ان کان پوءِ ڪٿي
به پنهنجي حڪومت ڪانه قائم ڪئي اٿن،
پر سڀني ملڪن ۾ اجنبي ٿي رهيا آهن. اڄڪلهه جي
زماني ۾ ڪيترن ملڪن کين شهريت جا مڪمل حق ڏنا آهن.
(ب) فنيقي
سندن ملڪ ۽ قوم:
قديم زماني ۾ شام جي
سامونڊي ڪناري واري ملڪ، جو ڊيگهه ۾ ٻه سؤ ميل ۽
ويڪر ۾ ٽن کان سترهن ميلن تائين هو، جو نالو فنيقا
هو. هي ننڍڙو ملڪ لبناني جبلن ۽ ڀونوچ سمنڊ جي وچ
۾ سٺي هنڌ تي واقع آهي. زمين تمام آباد هئي، البت
سندس محدود پکيڙ جي ڪري ٿورن ماڻهن جي آباديءَ جي
لائق هئي. ڪنارو جابلو ۽ کاڌل هو، جنهن ڪري سندن
اپسمنڊن ۽ ٻيٽن مان ڪئين بندرگاهه بڻجي پئي سگهيا.
انهن سامونڊي تجارتي فائدن کان سواءِ فنيقا جي
مرڪزي هنڌ تي هجڻ ڪري، مصر ۽ عراق جي وچ ۾، قديم
تمدني مرڪزن جي تجارتي مٽا سٽا لاءِ هڪ قسم جي
قدرتي منڊي هو.
فنيقي لوڪن قديم تاريخي زماني کان پوءِ انهيءَ
موقعي جو پورو پورو فائدو ورتو. هيءَ قديم زماني
جي مشهور واپاري قوم هئي. واپار ۽ ڪاريگري سندن
اصل مقصد ۽ پيشو هئي. سامي قوم هئڻ جي ڪري سندن
ٻولي بابلي ٻوليءَ سان مشابهت رکندڙ هئي. بابلي
لوڪن کان مذهب به سکيا ۽ گهڻي قدر سندن اها تهذيب
جا مصري تهذيب کان مختلف هئي. جنهن وقت يهودين
فلسطين فتح ڪيو، ان وقت فنيقي اڳيئي ڪناري تي قبضو
ڪيو ويٺا هئا ۽ يهودي کين ڪنعاني ڪوٺيندا هئا.
فنيقي تاريخ:
فنيقي ڪڏهن به هڪڙي ملت
(Nation) ٺاهي نه رهيا. هر هڪ شهر پنهنجي پسگردائيءَ واري زمين سان
گڏ هڪ قسم جو ننڍڙو ملڪ (State) هو. انهن سڀني ۾ جيڪو وڌ ۾ وڌ زور وارو هوندو هو ان کي
اڪثر ڪري ٻين سڀني جو حڪمران ڪري مڃيو ويندو هو،
جيتوڻيڪ هو سندن اندروني معاملن ۾ دخل اندازي نه
ڪندو هو. هيءَ مهنداري پهريائين صيداءِ (Sidon) ۽ پوءِ صور (Tyre) شهرن کي نصيب ٿي.
فنيقين کي تاريخ سان ڪا دلچسپي ڪانه هئي ۽ ڪو
به علم و ادب يا ڪا به تاريخي لکت نه ڇڏيائون.
جيڪي ڪجهه هنن بابت معلوم ٿيو آهي، سو مختلف قومن
جي تاريخ مان معلوم ٿيو آهي، جن سان سندن تعلقات
هئا. ”قديم عهدنامي“ ۾ صور جي بادشاهه ”حيرام“ جو
ذڪر اچي ٿو، جنهن حضرت سليمان عليه (بادشاهه) سان
ٻـَـڌِيءَ جو عهدنامو ڪيو ۽ کيس فنيقي ڪاريگر ۽
سامان يروشلم جي عبادتگاهه ٺاهڻ لاءِ موڪليو.
فنيقين کي سياسي خودمختياريءَ جو قدر ڪونه هو
۽ خارجي فاتحن جي اڳيان جلد ڪنڌ جهڪائيندا هئا،
بشرطيڪ سندن تجارت کي ڪو نقصان نه پهچندو. ان ڪري
مصري، آشوري، ۽ بابلي تاريخن ۾ هو محڪوم قوم جي
نالي سان ذڪر ڪيل آهن ۽ اهي جن انهن طاقتن کي
مختلف وقتن ۾ خراج ڏنو آهي. بعد ۾ ايرانين جي هٿ
هيٺ آيا. ان کان پوءِ يونانين جي قبضي هيٺ ۽ آخر
رومين جي زير تسلط. سڪندراعظم جي زماني کان اڳ ئي
سندن سامونڊي طاقت نابود ٿي چڪي هئي.
فنيقي تجارت:
فنيقي واپاري مغربي دنيا جي اهڙن سڀني حصن ۾
گهڙي ويا جتي کين واپار ۾ فائدو ملي ٿي سگهيو.
سندن قافلا آشور، عربستان ۽ مصر تائين وڃي پهتا.
مشرق ۾ هندستان سان ۽ مغرب ۾ اسپين، برطانيا، بلڪ
بلقاني ڪناري تائين سندن واپار هلندو هو، جتي به
ويا اُتي مٽا سٽا لاءِ واپاري مرڪز کڙا ڪيائون.
جيئن ته سندن جهاز ننڍا هئا، ۽ کين ڏوراهين
مسافرين دوران آرام ۽ پناهه واسطي تمام گهڻن
بندرگاهن جي ضرورت هئي، تنهنڪري قبرص، ڪاري سمنڊ
جو ڪنارو، مالطه، صقليه ۽ اسپين ته هنن سن 1000 ق
. م کان اڳ ۾ والاري ڇڏيو هو. فنيقين علائقن کي
ڪڏهن به فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي، پر رڳو تجارت
لاءِ اتي بيٺڪ ڪري ويٺا. جيڪڏهن کڻي ڪٿي لڙائيءَ ۾
حصو ورتائون ته رڳو پنهنجي واپار کي محفوظ رکڻ
لاءِ. سندن خاص تجارتي شيون هيون: اسپين مان
چاندي، برطانيا مان ٽـِـينُ يا ڪـَـلعي، مشرق مان
سون، عاج ۽ مسالا، مصر ۽ بابل مان مختلف هٿن جون
ٺهيل شيون. سڀ کان وڌيڪ فائدي وارو واپار هنن لاءِ
”بـَـرده فروشي“ يا ٻانـَـهن
(Slaves)
جو واپار هو.
پراڻي زماني ۾ سامونڊي چوري ۽ ”ڀڄائي وڃڻ“ جي
طريقي سان ڪيترا ٻانها چورايا ويندا هئا. ڪجهه وقت
کان پوءِ فنيقي برده فروش آشوري ۽ بابلي لشڪرن جي
پيروي ڪرڻ لڳا ۽ جنگي قيدي مفت ۾ خريد ڪري برده
فروشي جي بازار ۾ تمام ڳرين قيمتن تي وڪڻڻ لڳا.
فنيقي، تمدن جا سفير:
فنيقين جي وڏي تاريخي
خوبي هن ڳالهه ۾ هئي، ته هو پنهنجي واپاري سامان
سان گڏ مصر ۽ عراق جا هنر ۽ ايجادون (هر هنڌ) کڻي
ويا. يونان ۽ اٽليءَ ۾ مصر ۽ عراق جو وکر وڪڻندي
پنهنجن خريدارن کي ساڳيءَ وقت ڪئين نوان خيالات ۽
فن سيکاريائون. سڀ کان وڌيڪ قدر واري ڳالهه، جيڪا
هنن ڪئي، سا هئي الف بي جي طريقي سان لکڻ کي
(ماڻهن ۾) ڦهلائڻ. اهو اڃا يقين سان نه ٿو چئي
سگهجي، ته فنيقين الف بي مصر کان يا بابل کان سکي.
بهرحال هو الف بي پنهنجي حساب ڪتاب لاءِ ڪم آڻيندا
هئا ۽ اهڙيءَ طرح يونانين کي لکڻ سيکاريائون. ڪجهه
ڦير ڦار سان يونانين جي ذريعي يورپ جي بعد واري
زماني جي ملڪن کي به الف بي ملي
باب چوٿون
ايـرانـي
ايراني لوڪ، ايران جي مٿانهين پٽ جا رهاڪو
آهن. تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ هو يورپ ۽ ايشيا
جي ڪنهن گڏيل هنڌ تان لڏي آيا هئا، جتي ساڳي
آريائي قوم ۽ آريائي ٻولي ڳالهائيندڙن سان ڳنڍيل
هئا. هنن ايران ڪڏهن فتح ڪيو؟ ان جي تاريخ تخميناً
به مقرر ڪري نٿي سگهجي. هو ايران ۾ رولو قوم وانگر
داخل ٿيا ۽ اڃا ٿانيڪو ٿي ويٺل قوم وانگر زندگي
شروع ئي ڪانه ڪئي هئائون ته مغربي ايشيا جي حڪومت
هٿ ڪيائون. ايراني مٿانهين پٽ جو وچ، هڪ وڏو
ڪـَـلر وارو بيابان آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو
ساهوارو نه ٿو رهي. هن مٿانهين پٽ جي سڀني پاسن
کان وڏن جبلن جون قطارون آهن، جن جي وچ ۾ ڪٿي خشڪ
ميدان آهي ته ڪٿي سرسبز واديون آهن. اُتي پهريان
آريا لوڪ رهندا هئا، جن مغرب ۾ شهنشاهت جو بنياد
وڌو. هيءَ اها قوم آهي، جنهن زردشت ۽ ڪيروش اعظم
پيدا ڪيا.
زردشت:
ايران ۾ زردشتي مذهب جو پيدا ٿيڻ ثابت ڪري ٿو،
ته قديم ايراني اعليٰ اخلاق وارا انسان هئا. هي
مذهب ۽ فلسفو زردشت حڪيم ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي،
جو اٽڪل سن 1000 ق . م ۾ زندهه هو. هن پنهنجي
ماحول ۾ نيڪي ۽ برائيءَ جي وچ ۾ تمام گهڻو سنڌو
محسوس ڪيو. هڪ طرف سرسبز ٽڙندڙ واديون، ته ٻئي طرف
موتمار بيابان. هڪ طرف تندرستي، ته ٻئي طرف
بيماري. هڪ طرف نيڪي، ته ٻئي طرف بـَـدِي، هڪ طرف
باقاعدي حڪومت، ته ٻئي طرف تباهي پکيڙيندڙ رولو
لوڪن جو اُنڌ ڌُنڌ.
اهي حالتون ڏسي زردشت تعليم ڏني، ته دنيا ۾ ٻن
طاقتن جو غلبو آهي. ”نـُـور“ جي نيڪ ديوتا کي
”هـُـرمزد“ نالو ڏنائين ۽ ”انڌيري“ جي بـُـري
ديوتا کي ”اَهرمـَـن“ ڪوٺيائين. ”اهرمن“ برن جذبن
۽ حرص و هوا، زهريلن جانورن ۽ مختلف قسمن جي قدرتي
ناس ڪندڙ طاقتن جو پيدا ڪندڙ هو ۽ انهن جي مدد سان
”هرمزد“ جي نيڪ خلقت جي خلاف وڙهندو هو. هر هڪ
انسان جو فرض هو ته نيڪ عمل جي ذريعي ان بري ديوتا
جي پائماليءَ ۾ مدد ڪري ۽ هر ممڪن نموني ۾ ڪوشش
ڪري ته انسان ذات جي ڀلائيءَ جي ترقي ٿئي. زراعت
مقدس هئي، ڇو ته زمين جو هڪ هڪ فـُـوٽ، جو آباد
ڪيو ويندو سو، هرمزد جي ملڪ کي وڌائيندو. زردشت جي
تعليم مطابق گهڻي مقابلي کان پوءِ آخر ۾ برائيءَ
کي شڪست ايندي ۽ سڄيءَ دنيا ۾ نيڪيءَ جي حڪومت
قائم ٿيندي.
هن متي جو گهڻو ڀاڱو زردشت کان ايرانين ۾ پيدا
ٿي چڪو هو، پر هـُـن (زردشت) قديم تعليمات کي
سڌاريو ۽ وڌايو، جهڙيءَ طرح ڪنفيوشس قديم حڪيمن
(ڏاهن) جي مقولن تي پنهنجن عقيدن جو بنياد رکيو.
ستين صدي عيسويءَ جي وچ تائين ايرانين زردشتي مذهب
کي قائم رکيو، ان کان پوءِ اسلام اختيار ڪيائون.
زردشت جا پوئلڳ، جي (ايران ۾) مسلمانن جي اچڻ ڪري
هندستان ڀڄي آيا ۽ اڄ ڏينهن تائين پنهنجي مذهب کي
بنا ڦير ڦار جي رکندا آيا آهن، انهن کي ”پارسي“
ڪوٺيو وڃي ٿو.
ڪيروش اعظم:
سن 600 ق . م کان اڳ
آشوري سلطنت جي پوئين زماني ۾ خشيارس بادشاهه جي
هٿ هيٺ ماد لوڪ ايران تي حڪومت ڪندا هئا ۽ ايراني
سندن مکيه رعيت هئا. بابل سان عهدنامي ۽ ان جي ڪري
نينوا جي نابوديءَ جي ڪري مغربي ايشيا جو قبضو ماد
۽ بابلي لوڪن جي وچ ۾ ورهائجي ويو. رڳو رُوم يا
ايشيا ڪوچڪ (Asia Minor)
جو اولهه وارو اڌ لـِـدِيه (Lydia) جي خودمختيار حڪومت ٿي رهيو. جنهن وقت مادي (Median)
سلطنت ايران ۾ وڌندي ٿي وئي ۽ جنهن وقت بخت نصر
مغربي ايشيا جي باقي رهيل ٽڪري تي قبضو ڪندو پئي
ويو، ان وقت هيءَ حڪومت (لـِـديه) دولت ۽ طاقت ۾
ترقي ڪندي ٿي وئي. قارون (Croesus) جي هٿ هيٺ لـِـدِيه، آباد ۽ سرسبز هجڻ جي چوٽيءَ کي پهتو. قارون بادشاهه
وٽ ايتري اَڪٿ دولت هئي، جو سندس نالو اڄ تائين
تمام شاهوڪار ماڻهوءَ لاءِ مترادف ٿي ڪم ايندو
آهي. سندس گاديءَ جو هنڌ ساردس (Sardis) هو، جو ايشيا ڪوچڪ جو مکيه شهر هو. يوناني به سندس رعيت
مان هئا، جي ايشيا ڪوچڪ جي ايجين (Aegaean) ڪناري تي آباد هئا. جڏهن لديه کي ايراني سلطنت سان ڳنڍيو
ويو، تڏهن اهي يوناني ايرانين جي رعيت ٿيا. سندن
ايرانين جو رعيت ٿيڻ ٻنهي ڌرين واسطي پـُـراهميت
نتيجو پيدا ڪيو.
نينوا جي زوال کان فقط 50 سال پوءِ مادلوڪن جي
حڪومت کي اوچتو ايراني بادشاهه ڪيروش ختم ڪيو. ماد
بادشاهه کي مات ڪرائي هن اعليٰ سپهه سالار ڀـَـرِ
وارا ملڪ ايراني تسلط هيٺ آندا ۽ لديه ۽ بابل جي
بادشاهن کي پنهنجن فتحن سان ڊيڄاري ڇڏيائين.
لديه ۽ نئين ايراني حڪومت جي وچ ۾ هيلس ندي (Halys
River)
سندن حـَـد هئي، جا ايشيا ڪوچڪ جي وچان وهي وڃي
ڪاري سمنڊ ۾ پوي ٿي. لديه جي راهنما قارون مقابلي
جو پهريون ڌڪ هنيو. هي مقابلو اڻٽر هو ۽ هن مقابلي
۾ هـُـو پنهنجو لشڪر هيلس نديءَ تان اڪاري وٺي
ويو، پر ڪيروش جي اعليٰ منهنداريءَ هن مقابلي کي
جلد ختم ڪيو. لديه کي ايراني سلطنت ۾ ضم ڪيو ويو ۽
ان کان پوءِ ساردس، ايراني گورنر جي گاديءَ جو هنڌ
ٿي رهيو. بابلي تاريخ جي آخر ۾ اڳيئي ذڪر ڪيو ويو
آهي، ته عراق (Mesopotamia)
پڻ ڪيروش جي هٿ هيٺ آيو. مشرق ۾ جديد افغانستان به
سندس فتحن ۾ اچي ٿي ويو.
ڪيروش ”اعظم“ جي لقب جو مستحق هو. سندس فتوحات
تي آشوري ظلم جو بدنما داغ ڪونه هو. هو هڪ رحمدل ۽
عادل بادشاهه هو. هن يهودين کي اجازت ڏني، ته هو
موٽي پنهنجي ملڪ وڃن ۽ يروشلم ۾ وري ٺاهيل
عبادتگاهه ۾ مذهبي پوڄا ڪن. سڀ تاريخون ان ڳالهه
تي متفق آهن، ته سڀني خودمختيار بادشاهن ۾، جن
مغربي ايشيا تي راڄ ڪيو، هي بهترين ۽ وڌيڪ پدري
شفقت وارو هو.
دارا پهريون:
ڪيروش اعظم جي وفات کان پوءِ ايراني سلطنت ٽن
سؤ ورهين تائين هلي، (سن 330 ق . م تائين). هـن
سـلـطـنـت هـڪ ٻيـو بـه عـظيم بادشاهه پيدا ڪيو
يعني
دارا پهريون، جنهن سن 500 ق . م کان چاليهه سال اڳ
۽ پوءِ حڪومت ڪئي. جڏهن دارا تخت نشين ٿيو ته ان
وقت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اُٿندڙ بغاوتن ولوڙ مچائي
ڏني هئي. انهن کي بادشاهه ڦڙتائيءَ ۽ همٿ سان
دٻايو. ان کان پوءِ لشڪر وٺي هندستان تي ڪاهي آيو
۽ پنجاب کي ايران جو هڪ صوبو ٺاهي ويو. ڪجهه سال
بعد هيلس پانٽ (Hellespont)
۽ ڊئنيوب نديءَ جو هيٺاهون ڀاڱو اُڪري اڄوڪي ڏکڻ
روس ۾ گهڙي ويو. اتي رولو ”سـِـٿـِئن لوڪ“ رهندا
هئا، جي تمام وحشي ۽ بي رحم هئا ۽ گهڻي وقت کان
وٺي پنهنجي ڏکڻ ملڪن تي ظالماڻين ڪاهن جي ڪري انهن
لاءِ هڪ غضب هئا. جڏهن دارا سندن گهوڙي سوارن کي
جنگ لاءِ مجبور نه ڪري سگهيو، ته هو هن اڳيان
هميشـه پٺتي هٽندا رهيا، تڏهن هـُـن هـِـنن ۾
ايراني طاقت جو رعب ڄمايو. موٽ تي هو يورپ ۾
پنهنجو هڪ سپهه سالار ڇڏي آيو، جنهن ٿريس (Thrace)
جو ملڪ، جو يونان جي ويجهو اتر ۾ آهي، تنهن کي آڻ
مڃائي.
|