29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :15

صليبي لڙائيون (Crusades):

انگلينڊ جو بادشاهه رچرڊ پهريون (شير دل)

صليبي لڙائيون فوجي مهمون هيون، جي مغربي قومن فلسطين کي مسلمانن جي حڪومت کان آزاد ڪرائڻ جي مقصد خاطر پاڻ تي مسلط ڪيون. گهڻن ڏينهن کان اها رسم هلندي پئي آئي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ملڪ فلسطين ڏانهن ماڻهو زيارتن لاءِ ويندا هئا. عرب خليفن هنن زيارتن کي همٿايو، پر سلجوقي ترڪن زيارتين تي سختي ٿي ڪئي، ترڪن جي سختين ڪري مسيحي ملڪن ۾ جا غصي جي لهر ڦهلجي وئي، انهيءَ ڪري صليبي لڙائيون شروع ٿيون. ٻيا سبب هي هئا: ماڻهن ۾ نئين ملڪ ۾ جانبازي ڏيکارڻ جي ڪم لاءِ چاهنا، پنهنجي شان شوڪت کي وڌائڻ جي اُميد، ۽ ڦرلٽ وسيلي مال گڏ ڪرڻ. جيڪڏهن ماڻهن ۾ مذهبي جوش نه هجي ها، جنهن جو تاريخ ۾ ٻيو مثال ڪونه ٿو ملي ته شايد صليبي لڙائيون ڪونه لڳي سگهن ها. سن 1095ع ۾ فرانس ۾ "ڪليئرمان" (Clermond) وٽ هڪ ديول جي مجموعي ۾ ماڻهن کي خطاب ڪندي پوپ اَربن ٻئي (Urban II)، مذهبي پيشوائن ۽ شهسوارن جي جوش کي ڀڙڪايو. جوشيلن واعظ ڪندڙن سڄي فرانس ۽ ٻين پسگردائيءَ وارن ملڪن ۾ تاءُ پکيڙي ڇڏيو. ساڳئي سال ۾ اٿاهه ماڻهن جا جٿا بنا ڪنهن تجويز يا مناسب انتظام جي، مشرق ڏانهن نڪري پيا. هي مذهبي جوشيلا مقدس ملڪ تائين پهچي نه سگهيا ۽ رستي ۾ ئي مري ويا.

سن 1092ع - 1270ع جي وچ ۾ اٺ منظم صليبي لڙائيون لڳيون. پهرين لڙائيءَ ۾ بيت المقدس هٿ ڪيائون. گاڊفري بوئلان (Godfrey of Bouillon)، جو سڀني مهندارن ۾ وڌيڪ بهادر هو، تنهن کي بيت المقدس جي بادشاهت ڏني ويئي ۽ سندس لقب ”پاڪ تربت جو محافظ“ رکيو ويو. انهيءَ کان پوءِ ٿيندڙ صليبي لڙائيون ناڪام رهيون. سن 1187ع ۾ مصر جي سلطان صلاح الدين بيت المقدس وري هٿ ڪيو. ٽين صليبي لڙائيءَ ۾ يورپ جي ٽن بادشاهن بهرو ورتو. پهريون اوهن اسٽانفن (Hohenstaufen) خاندان جو مشهور بادشاهه فريڊرڪ باربروسا (Frederick Barbarossa)، ٻيو فرانس جو بادشاهه فلپ آگسٽس (Philip Augustus)، ۽ ٽيون انگلينڊ جو بادشاهه رچرڊ پهريون (Richard I). شهنشاهه فريڊڪ ايشيا ڪوچڪ ۾ مري ويو، جنهن ڪري هن جا ڪيترا پوئلڳ دل هاري ويٺا ۽ جرمنيءَ ۾ پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي آيا. باقي رهيل ٻن بادشاهن جي عمدن لشڪرن ۽ مڃيل بهادريءَ مان ڪجهه ڪين وريو، ڇو ته هنن جا پاڻ ۾ ئي اختلاف هئا. بادشاهه رچرڊ پنهنجي حيرت انگيز بهادريءَ جي ڪري شير دل جي نالي سان مشهور ٿي ويو. صلاح الدين رچرڊ جي گهڻي تعريف ڪئي ۽ آخر ۾ ان سان عهدنامو ڪيائين، جنهن مطابق ٽن سالن تائين عيسائين کي بيت المقدس ۾ اچڻ جي آزاداي ۽ موڪل هئي.

فيڊرڪ باربروسا

صليبي لڙائين جا نتيجا:

فوجي مهمن جي حيثيت ۾ صليبي لڙائيون پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويون. هنن جاگيرداري فوجي انتطامَ جو بيڪار هئڻ ثابت ڪيو. حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تربت هٿ ڪرڻ لاءِ ڪئين لک جانيون اجائي ڪشمڪش ۾ برباد ٿي ويون پر صليبي لڙائين جي ڪري ٻيا جيڪي نتيجا نڪتا، تن جي وڏي وقعت آهي.

1. هنن صليبي لڙائين جي ڪري مغربي ملڪن جي ماڻهن کي بازنطيني ۽ مسلماني بلند درجي واري علم، فن ۽ هنر جي خبر پئي. مغربي يورپ جي تمدن، تهذيب هنن نون سرچشمن مان گهڻو فائدو ورتو.

2. هنن صليبي جنگين جي نتيجي ۾ مشرق ۽ مغرب جي وچ ۾ واپار تمام وڌي ويو. وينس (Venice) ۽ گينـُـوا (Genoa)، اٽليءَ جي تجارتي شهرن، صليبي لڙائين جي ڏينهن ۾ پنهنجي دولت ۽ طاقت جو بنياد قائم ڪيو.

3. هن ويجهڙائيءَ واري مشرق جي رستي کلڻ ڪري ڏورانهن ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن جي جاگرافيءَ جي حوالي کان دلچسپي وڌي. هي ملڪ واپار جي املهه وَکرن، جهڙوڪ: سـِـلڪ، گرم مصالحي ۽ عاج، وارا ملڪ هئا. وينس مان هڪ سيلاني مارڪو پولو (Marcopolo) ڪـَـهـِـي وڃي، اُن عظيم سـِـلڪ واري ملڪ چين تائين وڃي پهتو ۽ مغرب وارن کي پهريون ڀيرو هن عظيم شهنشاهت جو واضح بيان ڏنائين.

4. صليبي لڙائيون، ڪيترن ٻين مختلف وقتن ۾ مغربي يورپ جي سياسي حالتن تي اثرانداز ٿيون. هنن جاگيردارن جي طاقت گهٽائي، ڇو ته ڪيترائي خاندان مالي طرح تباهه ٿي ويا ۽ اڪثر جو خاتمو ٿي ويو. فرانس ۽ انگلينڊ ۾ جاگيردار اميرن جي نقصان ڪري، بادشاهي طاقت زور ورتو. ٻين هنڌن تي خاص ڪري جرمني ۽ اٽليءَ ۾ اميرن جي برباديءَ ڪري شهرن ۾ رهندڙ وچولي طبقي کي فائدو پيو. ٻيو ته صليبي لڙائين وارو زمانو تمام گهرو ۽ عام ڀرم وارو زمانو هو. پوپ ۽ مذهبي پيشوا هو. مالي طرح وڌيڪ سگهارا ٿيا. صليبي لڙائين ۾ مري ويلن جي ملڪيتن ۽ مذهبي پوڄارين جي اڪيچار سوغاتن ذريعي وڌيڪ دولتمند ۽ طاقتور ٿيا. 

چنگيز خان

باب اڻويهون

منگولن جون فتحون ۽ عثماني شهنشاهت

منگول:

"منگول" نالي ۾ ڪيترائي رولو قبيلا اچي وڃن ٿا، جن جو مرڪز منگوليا هو. هو انهيءَ ملڪ جي اتر ۽ اولهه ۾ پکڙيل هئا. هو نود جي تنبن ۾ رهندا هئا ۽ سندن مـُـک ڌنڌو چوپايو مال پالڻ هو. سندن دولت ۾ رڍن جا وڏا ڌڻ، اُٺ، گهوڙا ۽ ڳئون وغيره شامل هئا. سندن کاڌو اڪثر گوشت، کير، مکڻ ۽ پنير هئا. هي اُترادي ٻـُـڌ مذهب وارا هئڻ ڪري لهاسا (Lhasa) واري "دلائي لاما" (Dalai Lama) کي پنهنجو روحاني رهنما ڪري مڃيندا هئا.

چنگيز خان:

منگولن جي ابتدائي تاريخ جو صحيح پتو ڪونهي. البت ڪن تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن قوم جا ماڻهو به پنهنجي مـُـک مهندار، "تموجن" (Temugin)، جي رهنمائيءَ ۾ اوچتو هڪ عالمي طاقت بڻجي پيا. تموجن 1163ع ۾ ڄائو هو. هن مشرقي ۽ وچ ايشيا جي قبيلن کي متحد ڪيو، ۽ 1215ع ۾ اتر چين جي فتح کي مڪمل ڪيو. هي واقعو "ڪين" (Kin) خاندان جي ڏينهن ۾ ٿيو، جڏهن پروهت هن جي لاءِ سڄي دنيا جي فتح جي اڳڪٿي ڪئي (جهڙيءَ طرح سڪندراعظم لاءِ "امون" (Ammon) درگاهه جي پروهت پيشگوئي ڪئي هئي)، تڏهن هن "چنگيز خان" جو لقب اختيار ڪيو، جنهن جي معنيٰ آهي "عالم جو حاڪم". ان کان پوءِ وارن سالن ۾ هن مغربي منگوليا ۽ ترڪستان کي ست لک ماڻهن سان فتح ڪيو. سندس حملن ۾ سمرقند ۽ ٻيا وڏا شهر ساڙيا ويا، جن ۾ ٻه لک حياتيون برباد ٿي ويون. چنگيز خان جي ڪٽنب مان هڪڙي، "ڊنيپر" (Dnieper) نديءَ تائين ڏکڻ روس کي فتح ڪيو. "تموجن" اڃا وڌيڪ فتحن ڪرڻ جي تجويزن ۾ هو ته 1227ع ۾ گذاري ويو. هن پنهنجي شهنشاهيت کي پنهنجن چئن پٽن ۾ ورهايو، جن مان چين جي حاڪم ”اوڪوڊائي“ (Okkodai) کي "خان اعظم" چونڊيو ويو.

يورپ تي حملو:

اوڪوڊائي پنهنجي ڀائٽي ”باتو“ (Batu) کي هڪ وڏو لشڪر ڏيئي موڪليو ته وڃي مغربي ملڪن جي فتحن واري سلسلي کي جاري رکي. 1237ع کان 1240ع وارن سالن ۾ تاتاري لشڪر روس کي تلف ۽ تاراج ڪيو، هنن ماسڪو ۽ ”ڪيوَ“ (Kiev) جا شهر هٿ ڪيا ۽ جرمنيءَ جي سرحد تائين وڌي ويو. هنن 1241ع ۾ پول ۽ جرمن شهسوارن جي گڏيل لشڪر کي سليزيا (Silisia) وٽ شڪست ڏني ۽ هنگريءَ جي ڪيتري حصي کي تاراج ڪري بيابان بڻائي ۽ ايڊرياٽڪ (Adriatic) سمنڊ جي ساحل تائين پنهنجا ڦـُـرون ڪندڙ جـَـٿا موڪليا. مغرب وارن جي جاگيرداري لشڪر جي ڪمزوريءَ، ۽ شهنشاهه ۽ پوپ جي وچ ۾ افسوسناڪ جهڳڙي، جنهن يورپ جي بادشاهن کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان جدا ڪري رکيو هو، ان ڪري ممڪن هو، ته منگول، ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين وڌي وڃن ها. خوش قسمتيءَ سان باتوءَ کي ڊسمبر 1241ع ۾ جڏهن اوڪوڊائي جي موت جي خبر پيئي، تڏهن وولگا نديءَ ڏانهن موٽي ويو.

چنگيز جي دور ۾ سندس فتح ڪيل ملڪن جو نقشو

يـُـئان (Yuan) گهراڻو:

قُبلائي خان

ڏکڻ چين واري "سـُـونگ" (Sung) گهراڻي جي 1280ع ۾ خاتمي جي ڪري چين جي فتح هينئر مڪمل ٿي وئي. تموجن جي پوٽي، قـُـبلائي خان (Kublai)، جو چوٿون خان اعظم هو، کي سڄي چين جو شهنشاهه مڃيو ويو. اهڙي طرح، هي "يـُـئان" خاندان جو باني ٿيو، جنهن جي حڪمراني منگولن جي وچ واري سلطنت تي 1368ع تائين هلي.

ايران ۽ عراق جي فتح:

قـُـبلائي خان جو هلاڪوءَ نالي هڪ ننڍو ڀاءُ مغرب جي مسلمان ملڪن کي فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو. هلاڪوءَ جي عيسائين سان همدردي هئي ۽ هن فرينچ بادشاهه سان لوئيءَ (Louis) کي آڇ ڪئي ته هي انهيءَ سان گڏجي ستين صليبي لڙائيءَ (1249ع - 1254ع) ۾ حصو وٺي. جيڪڏهن "لوئي" انهيءَ آڇيل عهدنامي جو سياسي فائدو وٺي ها ته شام ۽ مصر ۾ مسلمانن جي حڪمراني ختم ٿي وڃي ها ۽ بيت المقدس ۾ عيسائي زيارتين لاءِ رستو کـُـلي پوي ها، پر فرينچ بادشاهه، منگول خاندان کي هڪ گـُـستاخ جواب موڪلي، هن وجهه کي طاقت جي انڌ ۾ ٺڪرائي ڇڏيو. ان ريت هن طرف ستين صليبي لڙائيءَ جو خاتمو هيئن ٿيو جو بادشاهه ۽ سندس سموري لشڪر کي مصر وارن قيد ڪيو، ته هن طرف وري ايران ۽ عراق ۾ منگولن سڀني هنڌن تي فتح حاصل ڪئي. 1258ع ۾ آخري عباسي خليفو، فاتح هلاڪوءَ اڳيان پيش پئي، بغداد کان دستبردار ٿيو.

منگول شهنشاهيت جي وسعت ۽ فتح جون وڌيڪ تجويزون:

سڀني فتح ڪيل ملڪن کي گڏي، ايئن چئي سگهجي ٿو ته "خان اعظم"، جيڪو پيڪنگ (Peking)(1) ۾ راڄ ڪندو هو، ان جي مفتوح ملڪن ۾ وڏي ۾ وڏي شهنشاهه هو. هن وقت جو سڄو چين، ڪوريا، منگوليا جو ٻاهريون پاسو ۽ ڏکڻ سائبيريا، ترڪستان، هندستان جي اولهه ۾ ايشيا وارو حصو ۽ ڏکڻ روس ۽ هنگري، سڀ پيڪنگ جي حڪمران جي هٿ هيٺ هئا. قـُـبلائي جيڪي هند چين ۽ ”انام“ (Annam) تي چڙهائيون ڪري ويو، اُهي اُتان جي گرم آبهوا جي ڪري ناڪام رهيون ۽ بيماريءَ ڪري سندس سڄو لشڪر ناس ٿي ويو. 1274ع ۾ قـُـبلائي نوَ سؤ جهازن جو بحري ٻيڙو، جنهن ۾ ستر هزار چيني ۽ ڪوريا جو لشڪر ۽ ٽيهه هزار منگول لشڪر هو، جاپان تي چڙهائيءَ ڪرڻ لاءِ سمنڊ رستي موڪليو. هڪ خطرناڪ طوفان سڄي بحري ٻيڙي کي تباهه ڪيو ۽ باقي جيڪي هن حادثي مان بچيا انهن کي جاپانين يا قتل ڪيو يا غلام ڪري وڪيو.

منگول شهنشاهيت جو ٽـُـٽڻ:

هن عظيم منگول شهنشاهيت ۾ ساڳين قبائلي رسمن هئڻ ۽ خان اعظم جي عزت کان سواءِ ڪو اندروني ميلاپ ڪونه هو. هو ”خان اعظم“ کي حڪمران خاندان جو بزرگ ڪري مڃيندا هئا. هن وسيع شهنشاهت جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين حڪم موڪلڻ مشڪل ٿي پيا، جنهن ڪري شهنشاهت ننڍن خودمختيارخانن جي خانيـَـن ۾ ورهائجي ويئي. مغربي منگولن پاران مذهب اسلام اختيار ڪرڻ ڪري هيءَ ورهاست وڌندي ويئي. مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته انهيءَ زماني ۾ اسلام اُتر چين ۾ آيو.

روس تي منگولن جي حڪومت:

1480ع تائين، 250 سال ساندهه، تاتاري خاندان روس جا مالڪ هئا. هو ڏکڻ ۽ اوڀر روس جي ميدانن ۾ رهندا هئا ۽ مفتوح ماڻهن سان گهٽ ميل جول رکندا هئا. روس وارا، امير ۽ غريب، سڀئي تاتاري حڪمرانن کي هڪ ڳري سالياني ڍل ڏيڻ لاءِ مجبور هئا. روسي شهزادن کي اجازت هئي ته هو پنهنجي شهنشاهت پاڻ هلائين، پر خان جي راضپي سان انهيءَ عهدي تي قائم هئا. ماسڪو جا شهزادا منگول حاڪمن جي ويجهي رشتي ۾ آيا، آخرڪار هي "خان" جي طرفان مـُـک ڍل اُڳاڙيندڙ ٿيا ۽ اهڙيءَ طرح ان دولت ۽ طاقت جو پايو وڌائون جنهن کين پوءِ متحد روس جي تخت هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. روس جي انهيءَ طويل مدت جي تاتاري حڪمراني، سندن تهذيبي طرح پوئتي رهڻ لاءِ جوابدار آهن. هنن جي تهذيب يورپ کان وڌيڪ ايشيا جي تهذيب ٿي پئي ۽ ڪيترين صدين تائين مغربي ملڪن جي ترقيءَ جو مٿس ڪوبه اثر ڪونه ٿيو.

چين ۽ مغرب جي وچ ۾ منگول شهنشاهيت هڪ ڪڙي هئي:

مارڪو پولو

منگولن جي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ ڏورانهين مشرق ۽ يورپ جي وچ ۾ ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ رهي، واپاري ۽ ايلچي ايندا ويندا هئا. هو يا ته خشڪيءَ جي رستي پائلو (Peilu) ۽ "نان لو" (Nanlu)(1) جي رستي، يا سمنڊ جي رستي "ڪئنٽان" (Canton) کان ايراني نار ۽ بغداد تائين ويندا هئا. سڀني کان وڌيڪ مشهور مغربي مسافر جو اٽليءَ ويو، سو هو مارڪو پولو، جو ڪيتري مدت تائين قـُـبلائي خان جو درٻاري ٿي رهيو ۽ پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جو قيمتي بيان لکيو اٿس. سن 1292ع ڌاري پوپ نڪولس چوٿين (Pope Nicholas IV)، پهريون رومن ڪئٿولڪ پرچارڪ پادري موڪليو. هن راهب جو نالو "زان د مانتڪوروِن" (Jen de montcorvin) هو. مانتڪوروِن جو شهنشاهه قـُـبلائي خان چڱو آڌر ڀاءُ ڪيو. نئون مذهب جلدي وڌندو ويو، ۽ 1307ع  ۾ پوپَ، مانتڪورون جو عهدو وڌائي، کيس پيڪنگ جو آرڪ بشپ مقرر ڪيو. سترهين صديءَ کان وٺي چين ۾ نسطوري (Nestorin) فرقي جا عيسائي رهندا هئا، جي اُتر - اولهه ۾ گهڻي انداز ۾ هئا. انهن هينئر رومن ڪئٿولڪ فرقي وارن سان جهڳڙو ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ٻئي فرقا پاڻ ۾ وڙهي ناس ٿي ويا. يـُـئان خاندان جي خاتمي کان پوءِ چيني قومي جذبي جي ڪري رهيل کـُـهيل مسيحت به هتان ويندي رهي.

تيمور:

تيمور لنگ

چوڏهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ "تيمور" سردار، يا تيمور لنگ (Tamer Lane)، جو چنگيز خان جي پوين مان هو، تنهن وري ايشيا جو اڌ، مغل حڪمرانيءَ هيٺ آندو. هن اندروني ايشيا کي، چين جي عظيم ديوار کان وٺي ماسڪو تائين فتح ڪيو، ايران کي پنهنجي هٿ هيٺ آندو ۽ هندستان تي ڪاهي ويو. 1402ع ۾ هن مغربي ايشيا ۾ ترڪن جي ملڪ تي ڪاهيو. هي واقعو يورپ جي لاءِ بخت وارو ثابت ٿيو. ان وقت ترڪ سلطان بايزيد هڪ فاتح لشڪر سان ڊئنيوب نديءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ تيار بيٺو هو جو کيس اوچتو پنهنجن ايشيائي ملڪن جي بچاءَ لاءِ پٺتي موٽڻو پيو. 1402ع ۾ ايشيا ڪوچڪ ۾، انقره وٽ خطرناڪ لڙائيءَ ۾ ترڪن جو لشڪر ناس ٿي ويو ۽ خود بايزيد کي تيمورلنگ قيد ڪيو. مصر جي سلطان، تيمور جي پنهنجي مٿان حڪمراني مڃي پنهنجي سلامتي هٿ ڪئي. 1405ع ۾ جڏهن هن فاتح اعظم چين تي حملي جي تياري پئي ڪئي تڏهن اوچتو گذاري ويو. سندس وسيع شهنشاهت سندس مرڻ کان پوءِ جلد ئي ٽـُـڪرا ٽڪرا ٿي وئي.

مغل شهنشاهت جو باني ظهير الدين بابر درٻار ۾ پنهنجي اميرن سان

تيمور جي دور ۾ هندستان جو نقشو

هندستان ۾ مغل شهنشاهت:

مغل شهنشاهه اڪبر اعظم

تيمور جي پڙپوٽي بابر، 1526ع ۾ هندستان تي حملي کي وري دهرايو ۽ اُتي مغل شهنشاهتجو پايو وڌو، جا 1761ع تائين، يعني انگريزن جي حڪومت برپا ٿيڻ تائين، قائم رهي. اڪبراعظم (1556ع - 1605ع)، جو بابر جو (لائق) پوٽو هو، تنهن پنهنجي حڪومت تقريباً سڄي هندستان تي وڌائي. سڀني مذهبي فرقن سان رواداريءَ سان هليو ۽ مسلمانن سان گڏ هندو اميرن کي سرڪاري عهدا ڏيئي، پنهنجي حڪومت هيٺ راضي رکيو. هن شهنشاهت کي جدا جدا صوبن ۾ ورهايو، جن تي صوبيدار مقرر ڪيا. بغاوت کي بروقت روڪڻ لاءِ لشڪر کي وري منظم ڪيائين. اڪبر کي هميشـہ تاريخ ۾ ڪامياب ترين ۽ فياض ترين حاڪمن مان ليکڻ گهرجي، سندس پوٽي شهنشاهه شاهجهان (1626ع - 1658ع) هندستان ۾ تمام شاندار ۽ عاليشان عمارتون ٺهرايون. آگري ۾ سندس "تاج محل" متعلق تاريخ نويس سر وليم هنٽر چوي ٿو ته شايد سڄيءَ دنيا ۾ هيءُ سڀ کان وڌيڪ پاڪيزه ۽ پيارو عبادت گهر آهي.(1)

 

پويان مغل شهنشاهه تعصبي ثابت ٿيا ۽ پنهنجي رعيت تي ظلم ڪيائون، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته ملڪي جنگي جوڌن، جن کي مرهٽا ڪوٺبو هو، پنهنجي هڪ گڏيل جماعت ٺاهي هنن جو مقابلو ڪيو ۽ لاڳيتو مٿن حملا ڪري، دهلي سلطنت جو زوال آندو. مسلمان صوبيدار خودمختيار امير بنجي ويا ۽ سڄو هندستان انڌ ڌنڌ ۽ افراتفري جي حالت ۾ اچي ويو، جنهنڪري عقل وارن برطانوي ماڻهن کي مدد ملي ته هنن ٿورڙي لشڪر سان ايڏي شاندار مشرقي هندستان جي شهنشاهت آسانيءَ سان هٿ ڪري ورتو.

تاج محل


 


(1) منگول ۽ پرڏيهي ماڻهو هن گاديءَ جي هنڌ کي مغل لفظ ڪمبالو (Kambalu) جي نالي سان سڏيندا هئا. هن شهر جي ديوارن جا کنڊر اڃا تائين هاڻوڪي پيڪنگ جي اتر ۾ ڏسي سگهجن ٿا. (مترجم)

(1) "پائلو" معنيٰ اُتريون رستو، ۽ نانلوُ معنيٰ ڏاکڻيون رستو. هي ٻه تاريخي شاهراهون اتر - اولهه هن کان مغربي ايشيا تائين اچن ٿيون، هي شاهراهون "ٽين شان" (Tien Shan) يا "آسماني جبلن" جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ آهن. (مترجم)

(1) پنهنجي آتم ڪهاڻي ”تزڪ بابريءَ“ ۾ بابر پاڻ کي منگولن جي اولاد سڏائڻ کان انڪار ڪندي پاڻ کي ترڪ نسل جو ٻڌايو آهي. سندن ڏاڏي، قبلائي خان جي نياڻي هئي. ان ڪري مغل کي ترڪ ۽ منگول کي منگول  وسهڻ گهرجي. (سنڌي ايڊيٽر)

عثماني تـُـرڪ:

ايشيا مان يورپ تي آخري ڪاهه عثماني ترڪن ڪئي. هي انهيءَ ساڳيءَ قوم جي هڪ شاخ هئا، جي صليبي لڙائين جو سبب هئا. انهن کي عثمان جي نالي پٺيان، جو نئين ترڪي خاندان جو باني هو. "آٽومنس" (Ottomans) عثماني يا "عثمانوي" سڏجي ٿو. عثمان سن 1300ع ۾ ايشيا ڪوچڪ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. قرآن ۾ زبردست ايمان هئڻ ڪري ۽ سخت انتظامَ ڪري، عثمان جي خاندان چوڏهين صديءَ جي وچ ڌاري سڄي ايشيا ڪوچڪ ۽ ڀر وارن ملڪن جو پاڻ کي حڪمران ۽ مالڪ بنايو.

سلطان بايزيد جي حڪومت جي زماني ۾، جنهن کي لشڪر "وڄ" جو لقب ڏنو هو، ڪجهه وقت لاءِ ايئن پئي نظر آيو ته ترڪ يورپ کي فتح ڪري ويندو. هنگريءَ جي بادشاهه "سيجس مونڊ" (Sigis mund) فرينچ اميرن کي تمام گهڻيون وينتيون ڪيون، جي پوءِ هن سان گڏ "ڪافرن" تي حملي ڪرڻ لاءِ شامل ٿيا. هنن شاندار لباس پهريل شهسوارن کي پنهنجي فتح جو يقين هو، ان ڪري 1392ع ۾، نڪوپولس (Nicopolis) وٽ، بايزيد جي لشڪر جي اڳئين ڀاڱي تي هڪ غير منظم حملو ڪيائون، پر ترڪ لشڪر جي فوجي نظم و ضبط ۽ عدد اڳيان هنن جا بهترين هٿيار نه پڄي سگهيا. عيسائين جي لشڪر کي شڪست آئي ۽ ڪيترن قيدين کي قتل ڪيو ويو. رڳو تيمور لنگ جي مهلائتي حملي ڪري يورپ خطرناڪ حادثي کان بچي ويو.

سلطان محمد اعظم (ثاني) جي حڪومت جي زماني ۾ وري فتح جو جوشيلو دور شروع ٿيو. 1453ع ۾ خشڪي ۽ بحري حملي کانپوءِ قسطنطنيه هٿ ڪيائون. آخري بازنطيني شهنشاهه، قسطنطين، دشمنن جي مقابلي ۾ هڪ بهادر سپاهيءَ جيان وڙهندي مري ويو. محمد ثاني جي حڪومت جي دور ۾ سڄو برطانوي اُپٻيٽ فتح ڪيو ويو ۽ پڻ ڏکڻ اٽليءَ جو شهر اوترانتو (Otranto) ڪجهه وقت لاءِ ترڪن جي قبضي ۾ رهيو.

سليمان اول:

سليمان اعظم، جنهن کي ترڪ تاريخ نويس ”پنهنجي زماني جو حاڪم“ جو لقب ڏيندا آهن، تنهن عثماني حڪومت کي عروج تي پهچايو.

سليمان اول

سليمان اول جي حڪومت 1520ع کان 1566ع تائين هلي. هيءُ دور يورپ جي تاريخ ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. جيتوڻيڪ يورپ جون حڪومتون جاگيرداريءَ جي ابتدائي فوجي منزل مان مٿي چڙهي چڪيون هيون ۽ قابل مهندار جي هٿن هيٺ وٽن چڱيءَ طرح سکيا ڏنل لشڪر هئا، تنهن هوندي به سليمان هنگريءَ کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ قبرص جي محفوظ ٻيٽن مان ڪرستاني شهسوارن کي هڪالي اوڀر ڀونوچ سمنڊ جو مڪمل قبضو پنهنجي هٿ ۾ آندائين. 1529ع ۾ هن ويانا (Vienna) ۾، جو آسٽريا جي گاديءَ جو هنڌ هو، پنهنجو اڪيچار لشڪر لاٿو پر شهر جو بچاءُ ڪندڙ بهادر جيڪي هينئر نااُميديءَ سان وڙهي رهيا هئا، تن آخر کيس مجبور ڪيو ته حملو ترڪ ڪري. سليمان جي ڪرستانن جي خلاف ڪاميابي يورپ جي ان وقت جي سياسي حالت جي ڪري هئي، جنهن جو مفصل بيان هن کان پوءِ ڪيو ويندو. اسپين، جرمني ۽ هالينڊ جي بادشاهه جي حيثيت ۾ چارلس پنجين حڪومت هلائي، جنهن کان سندس ساٿي حاڪم ڊڄندا هئا. جڏهن هن فرينچ بادشاهه فرانسس (Francis) پهرئين کي شڪست ڏني، تڏهن فرانسس ترڪ سلطان سليمان سان عهدنامو ڪري پنهنجو بچاءُ ڪيو. هي اهو ترڪ سلطان هو جو عيسائي مذهب جو دشمن هو. ان جو نتيجو اهو ٿيو، جو هنگريءَ تي چڙهائي ڪئي وئي ۽ ويانا تي پڻ حملو ڪيو ويو.

سليمان جي شهنشاهت ۾ اوڀر ۾ ايراني نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ جا سڀئي بندرگاهه اچي ٿي ويا ۽ اولهه ۾ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ تائين سندس ملڪ پکڙيل هو. آفريڪا جو سڄو اتر وارو ڪنارو، مصر، اوڀر ڀونوچ وارا اُپٻيٽ، ڪارو سمنڊ، سڄو بلقاني اُپٻيٽ، ۽ هنگري ترڪن جي حڪم هيٺ هئا.(1)

ان وقت جي يورپ جي ٻين حڪومتن جي مقابلي ۾ عثماني شهنشاهت چڱيءَ طرح منظم ۽ آسودي هئي. واپار، علم ۽ ادب کي ترقي ملي، تاريخ نويسي بلند درجي تي پهتي.

 

تـُـرڪ طاقت جو زوال:

سليمان جي حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ ترڪن جو اهو زوال شروع ٿيو، جو اڃا تائين ترڪن جي مشهور خاصيت آهي. بدترين عيب جو ان وقت هو ۽ اڃا تائين آهي، اهو ترڪن جي رشوت خوري ۽ زرپرستي هئي. جديد زماني ۾ يورپ جي ترقي پذير حڪومتن هن زوال پذير حڪومت کي آهستي آهستي پاڻ کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي حڪمران کي ٺيڪ طرح "يورپ جو مريض" يا Sickman of Europe سڏجي ٿو. روس ۽ آسٽريا، ٻنهي، ترڪيءَ جي خلاف پنهنجون سرحدون وڌايون. رومانيا (Roumania)، سربيا (Serbia)، بلغاريه (Bulgaria) ۽ يونان، سڀ خودمختيار حڪومتون ٿي عثماني حڪومت کان ڌار ٿي ويون، جو هنن کي يورپ جي مکيه طاقتن مدد ڪئي. تازو هينئر، مصر، جو نالي ۾ اڃا تائين هڪ ترڪي صوبو آهي، سو حقيقت ۾ انگريزن جو تابعدار ملڪ بنجي ويو آهي. جيڪڏهن مـُـک يورپي حڪومتن، خاص طرح انگلينڊ ۽ روس پاڻ ۾ انهيءَ ڳالهه تي متفق هجن ها ته قسطنطنيه ڪنهن کي ملڻ گهرجي، ته شايد گهڻو وقت اڳ سلطانن کي ”درءِ دانيال“ (Dardanelles) کان ٻئي پار هڪاليو وڃي ها. ڇو ته هيءُ عام مشهور آهي ته جنهن طاقت جي هٿ ۾ قسطنطنيه آهي، اُهائي طاقت اوڀر ڀونوچ سمنڊ تي قبضو رکي سگهي ٿي ۽ شايد هندستاني بحري رستي تي پڻ ان جو غلبو رهي سگهي ٿو.(2)

 


(1) هن ترڪ سلطان سليمان عاليشان، سنڌ جي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي پٽ ڄام فيروز ۽ گجرات جي حاڪم محمود بيگڙي سان گڏ - گڏيل سامونڊي فوج ٺاهي 1513 عيسويءَ ۾ هرمز ناروٽ پورچوگيزين سان مهاڏو اٽڪايو، جي سنڌ جي واپار جو رُخ وچ اوڀر کان يورپ ڏانهن موڙڻ گهرن پيا. هن جي سامونڊي فوج جا سنڌ سان لاڳاپا ترخانن جي دور ۾ نظر اچن ٿا.  (ع.ح.ق)

(2) هي ڪتاب پهرين 1907ع ۾ لکيو ويو هو، ۽ ان بعد 1922ع ۾ درست ڪيو ويو  جنهن وقت ترڪن جي حالت خراب هئي. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org