29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :13

ان جو آخر نتيجو اهو ٿيو ته غير ڪئٿولڪ مذهب، رومن ڪئٿولڪ مذهب کان بلڪل جدا ٿي ويو. ايستائين جو روم  وارن اها دعوا ڪئي، جهڙيءَ طرح هڪ همعصر تاريخ ۾ لکيل آهي ته ”يونانين ۾ خود شهنشاهه جو نالو ختم ٿي ويو هو، ڇو ته هنن ۾ شهنشاهت هڪ عورت جي هٿ ۾ هئي، جنهن جو نالو آئرين (Irene) هو، جنهن ٺگيءَ سان پنهنجي پٽ، جو شهنشاهه هو، جون اکيون ڪڍيون ۽ شهنشاهت پنهنجي هٿ ۾ رکي.“ ماڻهن ۾ اڃا رومي  شهنشاهه جو تخيل ۽ شهنشاهه جي نالي لاءِ عزت زور هئي ۽ هنن اهو مناسب سمجهيو ته جيڪو ماڻهو سچ پچ اڳين سيزرن جي طاقت مغرب ۾ پنهنجن هٿن ۾ رکي، ان کي حق آهي ته پاڻ کي انهيءَ لقب سان سڏائي.(1)

 

ڪرسمس جي ڏينهن تي روم  ۾، سينٽ پيٽر جي ديول ۾، پوپ ليئو (Leo) ٽئين فرنگي بادشاهه جي مٿي تي سونو تاج رکيو ۽ اعلان ڪيو ته هيءُ روم وارن جو شهنشاهه آهي. اهڙيءَ طرح مقدس رومي شهنشاهت (Holy Roman Empire) قائم ٿي، جا 1806 ع تائين هلي، جڏهن نيپولين سندس خاتمو ڪيو. هوڏانهن وري بزنطيني بادشاهه پاڻ کي روم جا شهنشاهه ليکيندا رهيا ۽ مغرب جي جرمن حڪمرانن جو ڪوبه خيال ڪونه ڪندا رهيا، ايستائين جو 1453 ع ۾ ترڪن اچي مشرقي رومي شهنشاهت جو خاتمو ڪيو.

چارلس اعظم  طرفان عيسائي مذهب جو استعمال:

چارلس جي مرضي هئي ته سندس هٿ هيٺ ملڪن کي متحد ۽ متمدن ڪري. فرنگي، لمبارڊ، سئڪسن ۽ ٻيون جرمن قومون اڃا تائين سخت ۽ ظالم هيون. قديم جرمن پنهنجي شخصي خودمختياريءَ سبب پاڻ کي ٻين کان مٿي سمجهندا هئا ۽ ڪنهن به قاعدي واري حڪم جي آڻ نه مڃيندا هئا. هرهڪ آزاد ماڻهو پنهنجو مالڪ پاڻ ٿيڻ چاهيندو هو. نتيجو اهو نڪتو ته معاشري ۾ وڳوڙ پوڻ لڳو. هن وقت رومي مذهب وارن جي جماعت هڪ منظم جماعت هئي، جا قديم رومي قانون جي رسم رواج تي ٻڌل هئي. هيءَ هڪ منظم طاقت هئي، جا زماني جي ڇڙواڳيءَ جي لهر جي مقابلي ۾ انسان کي تمدن سيکاري ٿي سگهي. جڏهن چارلس اعظم  ڏٺو ته پنهنجي شهنشاهت جي تجويز کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هيءُ مذهب هڪ سٺو ذريعو هو ته هن بشپن لاءِ ملـڪ کي جـدا حصـن ۾ ورهـايـو،


(1) هاڻوڪو رشيا ۽ بلقاني ملڪن (Balkan Slates) وارو آرٿوڊاڪس يوناني مذهب، رومن ڪئٿولڪ مذهب کان بلڪل الڳ آهي. (مترجم)

چارلس اعظم شهنشاهه جي پڄاڻي دوران يورپ جو نقشو

ڪيتريون ديولون ٺهرايون ۽ رعيت کي مجبور ڪيو ته هو عيسائي مذهب قبول ڪن. ديولن سان گڏ وچئين زماني جي يورپ ۾ هن پهريان اسڪول کوليا. ان وقت جا بهترين عالم چارلس جي دربار ۾ اچي ڪٺا ٿيا.(1)

 

چارلس اعظم جي تجويزن جي ناڪامي:

چارلس اعظم پنهنجي زندگيءَ ۾ سڄي مغربي يورپ جي مٿان حڪمران هو، پر هو هڪ متحد ۽ طاقت واريءَ جرمن قوم قائم ڪرڻ ۾ناڪام ٿيو. هن جي رعيت اڃا انهيءَ منزل کي نه پهتي هئي، جو منجهن هڪ عظيم جذبو موجود هجي. ملڪ جي هر امير ايئن پئي چاهيو ته هر هڪ خودمختيار حاڪم بنجي. ڪيترن ته قاعدي ۽ انتظام کان وڌيڪ، انڌ ڌنڌ وارو ظلم پسند ڪيو. ٻاهران پڻ سلاو (Slave) قوم جا مشرق کان حملا ٿيا ۽ اتر سمنڊ کان ’نارٿ مين‘ جا حملا ٿيا. چارلس اڃا وفات ئي ڪانه ڪئي، ته انهن سڀني وڳوڙ وارين طاقتن هن جي زندگيءَ واري ڪم کي برباد ڪيو. يورپ جو اونداهو زمانو اڃا ڪيتريون صديون هلڻو هو.

وردون (Vardun) جو زمانو (843 ع):

ڪيترين لڙائين کان پوءِ چارلس اعظم جي ٽن پوٽن، وردون جي مشهور عهدنامي مطابق، شهنشاهت کانئن ورهائي کنئي. اٽليءَ کان اتر سمنڊ تائين هڪ يڪو ٽـُـڪر ’لوٿر‘ (Lothar) کي ڏنو ويو، جو اُن وقت شهنشاهه هو. مشرق وارو حصو جرمن ’لوڊوِگ‘ (Ludwig) کي مليو، هن جو ملڪ جرمنيءَ جي ابتدا هئي. مغرب وارو حصو، جنهن ۾ اڪثر روم وارا ماڻهو رهندڙ هئا، تنهن تي چارلس ”بهادر“ (Charles the Bold) حڪومت ڪئي. هنن جي ٻولي، جا لاطيني ٻوليءَ مان نڪتل هئي، سا ترقي ڪري وڃي فرينچ ٻولي ٿي، ۽ اها قوم پوءِ اڳتي ترقي ڪري فرينچ قوم بڻجي وئي.
 

باب سترهون

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ۽ اسلام جو ڦهلجڻ

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زماني کان اڳ عربن جي حالت:

عربستان جي بيابانن ۽ خيابانن جا رهاڪو، سامي ماڻهو، هميشـہ آزاد ۽ خانه بدوش قوم ٿي رهيا آهن. بيابانن ۾ ڪٿي ڪٿي چراگاهن هئڻ سبب هو مجبور ٿيندا هئا ته ريڍار ۽ گهوڙي سوار ٿي حياتي گذارين، ۽ اهڙيءَ طرح منظم حڪومت ۾ متحد ٿي رهڻ کان روڪيا ويا هئا. سندن مـُـلڪ جي آسپاس موجود بيابانن جو پـَـٽو حملي ڪندڙ لشڪرن جي خلاف هڪ قسم جو بچاءُ هو. عربن هميشـہ ٻاهران ايندڙ حاڪم جي آڻ مڃي آهي، جهڙيءَ طرح ترڪ سلطان جي، پر ڪڏهن به ڪنهن جي مڪمل حڪمرانيءَ هيٺ نه اچي سگهيا آهن.(1)

اسلام جي اُسرڻ کان اڳ عرب ڪيترن خودمختيار قبيلن ۾ ورهايل هئا ۽ اڪثر هڪٻئي سان لڙائي هلندي ئي ايندي هين. هو بـُـت پرست هئا ۽ ڪيتريون ئي وحشي رسمون منجهن رائج هيون. خاص ڪري، تازو ڄاول ڇوڪرين کي زندهه قبرن ۾ پورڻ هنن جي رسم هئي. مڪي ۾ قـُـريشين جي قبيلي جو مذهب ۾ گهڻو حڪم هلندو هو ۽ پرڏيهي واپار جي ذريعي گهڻي دولت هٿ ڪئي هئائون. هي ڪعبي جا محافظ هئا. ’ڪعبو‘ مڪي ۾ هڪ مقدس عبادتگاهه هو، جنهن ۾ عربن جي سڀني کان مقدس امانت، هڪ ڪارو پٿر (حجر اسود) رکيل هو.

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم:

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم  جن سن 570ع  ۾ قريشين جي بنو هاشم گهراڻي ۾ ڄاوا. پاڻ شروعات ۾ هڪ ٻڪرار جي حيثيت ۾ روزگار ڪمائيندا هئا، بعد ۾ هڪ دولتمند بيواهه حضرت بيبي خديجـہِ الڪـُـبريٰ سان شادي ڪرڻ ڪري واپار ۾ سندن اثر رسوخ وڌيو. سندن گهري مذهبي طبعيت هئڻ ڪري، پاڻ اڪثر مڪي کان ٻاهر هڪ غار ۾ وڃي ويهندا هئا، جتي پاڻ عبادت ڪندا هئا ۽ پنهنجن ماڻهن جي اخلاقي پاڪيزگيءَ ۽ مذهبي ضرورتن تي غور ڪندا هئا. پاڻ چاهيندا هئا، ته پنهنجي قوم کي بـُـت پرستيءَ کان بهتر ۽ بلند تر عقيدو سيکارجي. حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن تي هڪ فرشتي (حضرت جبرائيلعه) جي ذريعي، خدا جو وحي نازل ٿيو. پوءِ کين خبر پيئي ته رب تعاليٰ کين پيغمبر مقرر ڪري ماڻهن ۾ موڪليو آهي ته کين خدا جا حڪم ٻـُـڌائين. قريشين پهرين سندن تبليغ تي ٺٺول ڪئي. جلد ئي هو مٿن ڪاوڙجي پيا ۽ کين مارڻ جي ڌمڪي ڏنائون. انهيءَ وقت مديني جا ڪجهه حج ڪندڙ، جي ڪعبي ۾ عبادت ڪرڻ آيا هئا، انهن کي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم اسلام ۾ داخل ڪيو. هنن نون مومنن پنهنجي رهبر کي دعوت ڏني ته سندن شهر ڏانهن اچن. اهڙيءَ طرح، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم مديني ڏانهن هجرت ڪئي ۽ پنهنجي مذهب جا رهبر بنيا. اها هجرت سن 622ع  ۾ واقع ٿي ۽ هجري سن عربي لفظ ”هجرت“ (Hijrat) سان مشهور آهي. مـُـسلمان پنهنجو سن هجرت کان وٺي ڳڻيندا آهن.(2)

 

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم  جن جي دور ۾ اسلامي فتوحات جو نقشو

اسلام:

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم  جن جا عقيدا اڪثر يهودي ”عيسائي عقيدن جي تعليمات کي به پنهنجي اندر سمائين ٿا، پر اسلام اُنهن جي ڀيٽ ۾ نظريئه حيات ڏسيندڙ اهڙن اعليٰ تصورن تي ٻڌل آهي، جن کان پاڻ جوانيءَ ۾ ئي واقف ٿيا هئا. سندن بنيادي عقيدو توحيد جي نـُـقطي تي ٻڌل (يعني هڪ خدا ۾ ايمان آڻڻ) آهي. حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم  جن پنهنجي مذهب کي ”اسلام“ سڏيو، جنهن جي معنيٰ آهي ’تسليم‘، يا خدا جي مرضيءَ جي اطاعت ڪرڻ. اسلام جا مـُـک ارڪان هي آهن: پهريون، الله کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي ۽ محمد صلي الله عليه وسلم سندس پيغمبر آهي. ٻيو، هر روز پنج وقت نماز جو فرض ادا ڪرڻ. ٽيون، غريبن کي زڪوات ڏيڻ. چوٿون، رمضان  جي مهيني ۾ روزا رکڻ. پنجون، مڪي ڏانهن حج تي وڃڻ. اسلام جي تعليم مطابق، ماڻهن جا عمل ۽ قسمت الله اڳي ئي مقدر ۾ لکي ڇڏيا آهن، ۽ ڪوبه ماڻهو پنهنجي مقدر کان ڀڄي نه ٿو سگهي. جيڪي ڪجهه خدا هن جي مقدر ۾ مقرر ڪيو آهي، انهيءَ کي تسليم ڪريو. فلسفي ۾ اهڙي عقيدي کي ’جبر جو عقيدو‘ (Fatalism) چئبو آهي.(1) (2)

 

اسلام جي ننڍن حڪمن مطابق سوئر جو گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ حرام آهي. نماز ۾ مسلمانن کي مڪي طرف منهن ڪرڻو آهي.

اسلام جو مقدس ڪتاب ”قرآن مجيد“ آهي. هن ۾ جيڪي حضرت صلي الله عليه وآله وسلم   تي وحي نازل ٿيندو هو، ڪلام اهو لکيل آهي، جيڪو سندن پوئلڳ سانڍڻ کان پوءِ لکندا رهندا هئا. سڀ نيڪ مسلمان قرآن کي خدا جو سچو ڪلام سمجهن ٿا.

حضرت صلي الله عليه وآله وسلم  جي جهاد لاءِ تبليغ:

مڪي ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم  جن فرمايو، ته الله جي مرضي هئي ته سڀني ماڻهن کي سچو مذهب سيکاريو وڃي. جيڪي هوڏي ڪافر هجن، انهن کي پهريائين صلح سان دين ڏانهن راغب ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ تلوار جي ذريعي کين مسلمان بنايو وڃي . اسلام جا لشڪر وارا، جيڪي پنهنجي مذهب لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ٿيا، اهي سڌا آرام ۽ راحت واري ’بهشت‘ ۾ ويندا، ڪافرن جا روح وري هميشـہ لاءِ ’دوزخ‘ جا عذاب سهندا. هن مذهبي تصور جي ڪري، پيغمبر جا پوئلڳ اجيت بڻجي ويا. موت هنن لاءِ ڪو ڊپ ڪونه هو، ڇو ته يقين سان اهو (موت) کين هميشـہ لاءِ بهشت جا عيش نصيب ڪندو. سن 632ع ۾ جڏهن حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم  جن وفات ڪئي، ان وقت پاڻ سڄي عربستان جا رهبر ۽ حڪمران هئا، ۽ شام جي فتح لاءِ پڻ تياري ڪئي هئائون. (3)

 

خليفن جو دور:

حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم  جن جا جانشين، جن جو مذهب ۽ حڪومت ۾ حڪم هلندو هو، تن کي ”خليفو“ ڪوٺبو هو. سندن لشڪرن جون حيرت انگيز ڪاميابيون تاريخ جو هڪ عجب ۾ وجهندڙ باب آهن. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي وفات کان پوءِ، ڏهن سالن اندر هنن شام، مصر ۽ ايران کي هٿ هيٺ آندو. قسطنطنيه تي سندن حملن کي يوناني شهنشاهن روڪيو، پر ستين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ هو آفريڪا جي سڄي اُتر ساحل جا مالڪ بڻجي ويا. اُتر - اولهه آفريڪا ۾ عربن ۽ ملڪي ماڻهن جي ملاوت مان، جا آبادي پيدا ٿي، انهن کي ’مـُـوئر‘(Moors)  يا ’سئراسين‘ (Saracens) سڏجي ٿو. سن 711ع ۾’مـُـوئر‘ سمنڊ ٽپي اسپين ۾ ويا، ۽ اُنهن وزيگوئن کي ’حارث دي لا فرنترا‘(Xeres de la Frontera) جي فيصلائتي جنگ ۾ شڪست ڏني. ڪن جابلو ضلعن کان سواءِ جن ۾ هو پهچي نه ٿي سگهيا، سڄو اُپٻيٽ جلد ئي مسلمان فاتحن والاري ڇڏيو. اسين اڳي معلوم ڪري آيا آهيون ته ڪيئن چارلس مارٽيل ’سئراسيئن‘ کي پئرينيز (Pyrenees) کان اڳتي وڌڻ کان روڪيو. (1)

 

خليفن ۾ گهرو ويڙهه:

حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي خلافت لاءِ ڪو خاص قاعدو مقرر نه  ڪري ويا هئا، تنهنڪري سندن وفات کان پوءِ جلد ئي انهيءَ مسئلي تي اختلاف پيدا ٿيا. مسلمانن جي هڪ ڌُر يعني شيعا حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم  جن جي نياڻي، حضرت علي ڪرم الله وجهه، جي اولاد کي خلافت جو حقدار سمجهندا هئا. جن کي بعد ۾ ايران ۾ ڪاميابي حاصل ٿي، جتي اڄ ڏينهن تائين سندن حڪومت پيئي هلي. ٻئي فرقي وارا، جن کي سـُـني سڏبو هو، انهن کي وري ترڪن ۾ پنهنجا پوئلڳ ملي ويا.

خليفن جي دؤر ۾ اسلامي رياست جو نقشو

اُميه گهراڻو (661ع - 750ع):

هن گهراڻي جي خليفن جو تختگاهه شام ۾ "دمشق" هو. سندن حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ خلافت پنهنجي عروج کي پهتي، ۽ ان ۾ ڏکڻ - اولهه ايشيا، عربستان جي نار ۽ سنڌو نديءَ کان وٺي ڀونوچ سمنڊ ۽ ڪوهه قاف تائين آفريڪا جي اتر وارو سڄو ساحل، اسپين جو گهڻو ڀاڱو، سارڊينيا (Sardinia)، ڪارسيڪا (Corsica)، ۽ ڀونوچ سمنڊ جا ننڍڙا ٻيٽ هئا، پر حضرت عليءَ جا پوئلڳ (شيعا) اُموي خليفن جي هميشـہ مخالفت ڪندا رهيا. آخرڪار عباس، جو پيغمبر جي چاچي (حضرت عباس رضه) جو پڙپوٽو هو، تنهن بنو اُميه جي آخري خليفي کي شڪست ڏني ۽ سڄي خاندان جي قتل جو حڪم ڏنو. رڳو ڪي ٿورا انهيءَ ڪوس مان بچيا جن مان عبدالرحمان پڻ هو، جنهن وڃي اسپين ۾ قرطبه (Cordova) جي خود مختيار خلافت قائم ڪئي. ۽ عبدالرحمان ’الداخل‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.

عباسي گهراڻو (750ع - 1258ع):

عباس، عباسي گهراڻي جو پايو وڌو، جو اسلام جي سڀني حڪمرانن ۾ وڌيڪ مشهور آهي. هن دجله نديءَ جي ڪناري تي بغداد ۾ نئون تختگاهه ٺاهيو. هيءُ شهر شان شوڪت ۾ قديم بابل سان ڪلهو هڻندو هو،دولت ۽ تهذيب ۾ مغرب جو ڪوبه شهر سندس مـَـٽ ُ نه هو. عباسي خليفن مان سڀني کـان وڌيـڪ مـشهـور هـارون الرشيد هو، جو چارلس اعظم جو دوست هو. هارون سائنس ۽ علم و ادب جو دل سان قدر ڪندڙ هو، ۽ هـن عربي واپار ۽ هـنر کـي تمام مـٿانهيـن درجي تي پهچـايـو.

بنو اُميه دور ۾ اسلامي رياست جو نقشو

پٽ المامون رشيد پنهنجي پيءُ جي شاندار حڪومت کي جاري رکيو. هن سـِـسليءَ ۽ سارڊينيا تي هن هرطرح چڙهائي ڪئي، جا ٻه سؤ ورهيه سندن هٿ ۾ رهي. المامون کان پوءِ ايڏي وڏي شهنشاهيت آهستي آهستي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي. پوئين عباسي خليفي جي هٿ ۾ اڳئين طاقت جو رڳو پاڇو وڃي رهيو، ڇو ته ڪيترن عاملن پاڻ کي خودمختيار حاڪم بنائي ڇڏيو، ۽ وري اسپين ۽ مصر ۾ سندس مقابلي وارا خليفا حڪمراني ڪندا هئا.

عربن جو تمدن:

خليفن جي قابل رهبريءَ هيٺ عربن جلد ئي هڪ بلند درجي وارو تمدن حاصل ڪيو. هنن يوناني ڪلاسيڪي ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن ۾ خاص طرح ارسطوءَ جا ڪتاب هئا. هنن بغداد، اسڪندريه ۽ قرطبه ۾ بيت الحڪمت قائم ڪيا. سندن وقت جي جرمن مغرب کان هنن جي هلت چلت وڌيڪ فضيلت واري هئي. هنن جون جايون بهتر هيون ۽ سندن هنر ۽ واپار بلند درجي جا هئا. وچئين دور جي پهرين مغربي عالمن ۽ فاضلن کي عرب استادن کان علم حاصل ٿيو.

پڙهندڙ شايد ايئن خيال ڪري ته عربن جي مٿانهين درجي واري تمدن هجڻ ڪري يورپ لاءِ ايئن بهتر ٿئي ها ته عرب کانئن تـُـور (Tours) ۽ پئارٽيئرس (Poitiers) جي جنگ کٽن ها. پر تاريخ ڏيکاري ٿي ته جيتوڻيڪ عربن جي ترقي ڪجهه وقت لاءِ چمڪي، پر جنهن درجي کي نائين ۽ ڏهينءَ صديءَ ۾ پهتي هئي، ان کان اڳتي نه وڌي سگهي. ان ڏينهن کان پوءِ مسلمان قوم ڪا گهڻي ترقي ڪانه ڪئي(1)

 

مسلمانن جو هندستان کي فتح ڪرڻ:

پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم  جن جي وفات کان اٽڪل پندرهن ورهيه پوءِ، عربن جو بحري جنگي جهاز بمبئي جي ساحل تي پهتو. انهيءَ کان پوءِ جيڪي هندستان تي حملا ڪيا ويا، تن کي هندو جنگي بهادرن جي همٿ سان روڪيو ويو. ساڳئي وقت افغانستان جي جابلو قوم ۾ اسلام پکڙندو ويو. سندن بادشاهه سلطان مـحمود (1001ع - 1023ع)، هندسـتان تي سترنهن ڪاهون ڪيون ۽ مغربي پنجاب کي افغانستان جو مسلمان صوبو بنايو. ٻه سؤ ورهيه پوءِ وري ٻئي افغان حڪمران، محمد غوري، سڄي اُتر هندستان کي، سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا کان وٺي گنگا نديءَ تائين فتح ڪيو. سن 1306ع تائين سڄو هندستان مسلمان سلطان جي حڪم هيٺ اچي ويو، جو دهليءَ ۾ حڪومت ڪندو هو. ڪيترا ترڪ ۽ افغان هن ملڪ جي اُتر واري ڀاڱي ۾ آباد ٿي ويا. (2)

 

تغلق گهراڻو  (1320ع - 1414ع)

ابتدائي دهلي سلطنت جو زوال:

1320ع - 1414ع تائين تغلق گهراڻو، جنهن جو پايو هڪ غلام باغي وڌو هو، تنهن دهليءَ ۾ اسلامي حڪومت قائم ڪئي. هن گهراڻي جو هڪ حڪمران محمد تغلق، هڪ قابل ۽ لالچي حڪمران هو. هن هڪ لک ماڻهن جو لشڪر ڪـَـٺو ڪري چين تي چاڙهي موڪليو، جتي "يوئان" (Yuan) بادشاهن مغل خاندان کي اڳ ۾ ئي بغاوتن ذريعي تنگ ڪيو هو، پر هي لشڪر هماليه جبلن جي خطرناڪ گهـَـٽن ۾ مري ويو.

دهليءَ جي سلطانن کي هميشـہ پنهنجن مهندارن جي منصوبن مان خطرو رهندو هو ۽ پڻ هندو قومون، جي کانئن راضي نه هيون، تن مان به ڊپ هئن. ساڳئي وقت، وچ ايشيا مان مسلمانن جا حملا اتر - اولهه جي دُرن ۽ لڪن مان ٿيندا رهيا.

جهڙيءَ طرح روم جي ضعيف شهنشاهن جرمن سپاهين کي پنهنجي لشڪر ۾ شامل ڪيو هو، ساڳيءَ طرح دهليءَ جي شهنشاهن مغلن کي پنهنجي لشڪر ۾ ڪرائي تي داخل ڪيو. دهليءَ جي سلطنت آخر ننڍن مسلمان ۽ هندو رياستن ۾ ورهائجي وئي. ڪابه اهڙي وڏي طاقت ڪانه رهي، جا مغل شهنشاهه بابر جي حملي جو مقابلو ڪري (ڏسو باب اڻويهون).

هندستان ۾ مسلمانن جو هاڻوڪو ادب:

ٽيهه ڪروڙ ماڻهن مان، جي هندستان ۾ رهن ٿا، ڇهه ڪروڙ يا پنجون حصو مسلمان آهن هي اڪثر حملي ڪندڙن جا پويان آهن ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ هندن جي تسلط واري آباديءَ جي خلاف آهن.(1)

چين ۾ اسلام جو پکڙجڻ:

ستين ۽ اٺين صديءَ ۾ ئي عرب واپاري ڪئنٽان (Canton) پهچي ويا هئا. انهن جي ذريعي پهريائين چين ۾ اسلام داخل ٿيو. مغل شهنشاهن جي حڪومت ۾، يعني ٻارهين ۽ تيرهين صدي عيسويءَ ۾، ڪيترا تاتاري ۽ ترڪ مسلمان، ڪنسـُـو (Kansu) ۽ شينسي (Shensi) ۾ اُتر - اولهه کان داخل ٿيا، انهن آهستي پنهنجي مذهب کي اُتر وارن صوبن ۾ پکيڙيو. انهن مان خاص "هـُـئي هـُـئي" (Huei Huei) جي علائقي وارا مسلمان آهن جن جو شمار ٻن کان ٽن ڪروڙن تائين آهي. سڀ سـُـني آهن ۽ قسطنطنيه (يا استنبول، جيئن هو کيس سڏيندا آهن) جي سلطان کي پنهنجو مذهبي رهنما ڪري سمجهندا آهن. خوشبختيءَ سان چيني مسلمان پنهنجي مذهب جي پوئواريءَ ۾ ايترا سخت نه آهن، نه ته سندن عقيدو، ته: سلطان ملڪي ڳالهين ۾ به سندن خليفو آهي، جيڪر چين لاءِ نهايت وڏو سياسي مسئلو پيدا ڪري ها، پر ايئن نه آهي.


(1) وچ واري زماني جي يورپ جا اوائلي اسڪول: انهيءَ جو شايد مطلب آهي عام تعليم جا اوائلي اسڪول. بيشڪ پادرين جي خاص تعليم لاءِ اسڪول ڪڏهن به بند ڪونه ٿيا هئا. رومن زماني کان وٺي سندن مسلسل تاريخ هئي. انهن ۾ وڌيڪ ذڪر جي لائق: 1. فرنگي فتح جي وقت تائين گال جا اسڪول، 2. آئرلينڊ جا اسڪول، جي ممڪن آهي ته گال مان ڀڄي آيل عالمن قائم ڪيا هجن، 3. انگلينڊ ۾ ناردمبريا جا آئرلينڊ مان آيل راهبن جا قائم ڪيل اسڪول.  اهو ناردمبريا جو آلڪوئن هو، جو رومن تعليم جي روايت انگلينڊ مان شارلمان جي درٻار ۾ کڻي ويو. (انگريزي ايڊيٽر)

(1) عرب: 1914ع ۾ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ عربن ترڪ سلطان جي خلاف حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي اولاد مان هڪ حسين رضه نالي، جو مڪي جي مقدس شهر جو حاڪم هو، ان جي مهنداري هيٺ للڪار ڪئي. حسين رضه کي هڪدم ٺاهه وارين طاقتن حجاز يا مغربي عربستان جو بادشاهه ڪري مڃيو. تاريخ ۾ هن شخصيت کي حـَـسينِ مڪـہ جي نانءَ سان به ڪوٺيو وڃي ٿو. (انگريزي ايڊيٽر)

(2) هيءُ نالو انگريزيءَ ۾ ’محاميد‘ (Mahomed) ڪري به لکبو آهي. عربيءَ ۾ ’محمد‘ (Muhammad) ڪري لکبو آهي، جنهن ڪري مغرب ۾ حضور محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پوئلڳن کي ’محمدن‘ (Mohammadan) ڪري به ڪوٺجي ٿو. (مترجم)

(1) رمضان، مسلمانن جو نائون ۽ مقدس مهينو آهي. (مترجم)

(2) ڪتاب جي مؤلف ’تقدير‘ جي معنيٰ چڱيءَ طرح نه سمجهي آهي. (مترجم)

(3) هيءَ مؤلف جي غلط بياني آهي، ڇو ته قرآن شريف مطابق دين ۾ زور نه ٿو ڪري سگهجي:

’لا اڪراه في الدين‘. (مترجم)

(1) سيراسين (Saracens): هي نالو عيسوي زماني جي شروعات ۾ ۽ شايد انهيءَ کان اڳ ۾ رڳو سينائي اپٻيٽ (مصر ۽ شام جي وچ ۾) جي انهيءَ حصي جي رهاڪن سان لڳايو ويندو هو، جيڪو روم شهنشاهت جي سرحد تي هو. انهيءَ دور جا سيراسين روم وارن جي ملڪن ۾ سٺي نموني ۾ مشهور نه هئا، جو شهنشاهه جي ملڪن ۾ ڦـُـرلٽ لاءِ حملا ڪندا هئا. پر انهيءَ کان پوءِ عام طرح عربن لاءِ اهو لقب استعمال ڪيو ويو. اهو رڳو عربن متعلق ئي چئي سگهجي ٿو، پر وچ واري زماني ۾ اهو لفظ غلطيءَ سان ۽ خبرداريءَ کانسواءِ نه رڳو حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي عرب پوئلڳن سان، پر انهن سڀني سان لڳايو ٿي ويو جي مسلمان هئا ۽ اسلام جي تبليغ ڪندا هئا، جن ۾ بربري موئر (Moors) ۽ خود ترڪ شامل هئا. (انگريزي ايڊيٽر)

(2) ڪن مغربي عالمن جو خيال آهي، ته لفظ Saracen اصل ۾ ”شـَـرقيون“ (شرقي = اوڀر جو رهاڪو) هو جو پوءِ شريقون ٿيندو ساراسين (Saracen) ۾ تبديل ٿيو. پرمرحوم احمد ميان اختر جهوناڳڙهي، جو آخر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شعبي تاريخ جو پروفيسر هو، ان جي تحقيق مطابق (عربي ڪتابن مان) اهو لفظ اصل ۾ ”سارا ڪينوس“ greek: Sarakenus هو، يعني”سارا“ (حضرت ابراهيم عليه جي زال) جا غلام.  (مترجم)

(1) هتي مؤلف ڪي غلط سلط سبب ڏنا آهن، جي ترجمو ڪرڻ مناسب نه ٿا لڳن. (مترجم)

(2) سلطان محمود ڪـُـل 47 حملا ڪيا. جن مان 17 هندستان تي ۽ 30 مسلمانن جي رياستن تي ڪيا آهن.

Illustrated History of Soomra by: M.H Panwher

(1) هي انگ اکر گهڻن سالن جا آهن، جي هينئر غلط آهن. هينئر انڊيا جي هڪ ارب جي آدمشماريءَ ۾ تقريبن 20 ڪروڙ مسلمان آهن. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org