29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :2

* باب پنجويهون: فرينچ ملوڪيت جو ڪمال ۽ زوال

* لوئي تيرهون ۽ رشيليو ص: 250 * اميرن جي سياسي طاقت، رشيليو جي پرڏيهي پاليسي ص: 250 * مزارين جي انتظامي حڪومت ص: 251 * لوئي چوڏهين جي شخصي حڪومت ص: 251 * ڪولبئير ص: 252 * لوئي چوڏهين جي پرڏيهي پاليسي، هالينڊ سان لڙائي ص: 252 * لوئي چوڏهين جو تڪبر ص: 253 * نانٽس جي حڪمنامي کي رد ڪرڻ ص: 253 * پلئٽسنيٽ جي لڙائي ص: 254 * اسپين جي جانشيني ص: 254 * اسپين جي جانشينيءَ لاءِ لڙائي ص: 255 * فرينچ تهذيب جو يورپ تي اثر ص: 256 * مسيسپيءَ وارو ڦوٽو ص: 256 * لوئي پندرهين جي دور ۾ فرانس جو زوال ص: 257

* باب ڇويهون: پُروشيا جو اُسرڻ

* پروشيا جي اوائي تاريخ ص: 258 * فريڊرڪ وليم ((پهريون) ص: 259 * فريڊرڪ اعظم ص: 259 * آسٽريا جي تخت جي وارثيءَ لاءِ لڙائي ص: 260 * فريڊرڪ هڪ منتظم جي حيثيت ۾ ص: 260 * ستن سالن واري لڙائي ص: 261 * ستن ورهين جي لڙائيءَ جو انگريزي ۽ فرانسيسي پهلو ص: 262

* باب ستاويهون: جديد روس جو اُسرڻ

* سائبيريا جي فتح ص: 263 * پيٽر اعظم ص: 263 * پيٽر جي شخصي تعليم ص: 264 * مغربي سڌارا ص: 264 * سوئيڊن سان لڙائي ص: 265 * چارلس ٻارهين جون ڪاهون ص: 265 * پيٽرسيرگ جو بنياد پوڻ ۽ چارلس ٻارهين جي شڪست ص: 266 * پيٽر اعظم جو ظلم ص: 266 * ڪيٿرائن ص: 267 * پولينڊ جو ورهاڱو ص: 267

* باب اٺاويهون: اوائلي آمريڪا جي تاريخ جو ابتدائي اختصار

* گورن جون پهريون بيٺڪون ص: 268 * 1688ع جي انقلاب تائين مُک واقعا ص: 269 * چارلس (ٻئي) جي حڪومت ص: 270 * 1688ع وارو انقلاب ص: 271 * حقن وارو بل ص: 271 * انگلينڊ ۽ فرانس جي وچ ۾ دشمني ص: 272 * راڻي اين ص: 272 * هينوويرين خاندان جي تخت نشيني ص: 272 * جارج ٽيون ص: 273 * آمريڪي انقلاب ص: 273 * آزاديءَ جو اعلان ص: 274 * اوائلي بلند مرتبي وارا آمريڪي ص: 275 * پيرس جو معاهدو ص: 276 * آمريڪي آئين جو بحال ٿيڻ ص: 276

ڀاڱو چوٿون

* باب اڻٽيهون: فرينچ انقلاب کان هاڻوڪي وقت تائين

* فرينچ انقلاب جو ابتدائي احوال ص: 279 * فرينچ انقلاب جا سبب ص: 279 * عام رياستن جو اجتماع ص: 281 * بيسٽيل جو زوال ص: 281 * پلسٽس جو اعلان ۽ والميءَ جي جنگ ص: 283 * انقلاب جي ترقيءَ ۾ پرڏيهي مداخلت جو اثر ص: 284 * جمهوريت جو اعلان ۽ لوئي سورهين جو قتل ص: 284 * فرانس جي خلاف ٻڌي ص: 285 * عوام جي سلامتيءَ لاءِ ڪاميٽي ص: 285 * ڏهڪاءَ جي حڪومت ص: 286 * روسپيئر جو زوال ۽ خوفائتي عهد جو خاتمو ص: 287 * ڊائريڪٽريءَ جي تشڪيل ص: 287

* باب ٽيهون: نيپوليني دور

* نيپولين جي اوائلي زندگي ص: 288 * نيپولين جي اٽليءَ تي پهرين ڪاهه ص: 288 * مصري مهم ص: 290 * نيپولين جي مشير اول ٿيڻ ص: 290 * نيپولين جا صلح جا ڪم ص: 291 * نيپولين جو پاڻ کي شهنشاهه ڪري تاج پهرڻ ص: 291 * يورپ جي لڙائيءَ جو وري شروع ٿيڻ ص: 292 * ٽلسٽ جو صلح ص: 293 * يورپ کنڊ جو سرشتو ص: 293 * اسپين ۾ اپٻٽي لڙائي ص: 295 * روس تي ڪاهه ص: 295 * نيپولين جي تخت تان دستبرداري ص: 296 * سؤڏينهن ۽ واٽرلو ص: 297 * نيپولين جا آخري سال ص: 298 * نيپولين تي تبصرو ص: 298

* باب ايڪٽيهون: ارڙهين صدي عيسويءَ کان وٺي هن وقت تائين دنيا جي مادي ۽ ذهني ترقي

* مهاڳ ص: 299 * سائنس جي ترقي ص: 300 * نجي سائنس جو اخلاقي پهلو ص: 301 * ٻاڦ واري انجڻ جي ايجاد ص: 302 * ڪارخاني جو سرشتو ص: 302 * انگريزي هنري ۽ تجارتي طبقي جو اوج ص: 303 * ريلوي رستا ص: 303 * ريل جي رستي ٺاهڻ جا نتيجا ص: 303 * ٻاڦ تي جهاز راني ص: 304 * بجليءَ جي رستي تار ۽ ٽيليفون ص: 304 * پيني پوسٽ ۽ عالمي پوسٽ جو اتحاد ص: 305 * اخباري پريس جو اُسرڻ ص: 306 * تاريخي تيزيءَ سان وڌڻ ص: 307 * تعليم جو واڌارو ۽ انساني مهمن جي ترقي ص: 307 * عوامي تعليم ص: 307 * غلاميءَ جو خاتمو ص: 307 * ريڊڪراس يا ڳاڙهي صليب واري جماعت ص: 309 * طب ۽ صحت جي فن جي ترقي ص: 309 * طبي ترقيءَ جي تاريخي اهميت ص: 310

* باب ٻٽيهون: فرانس، اسپين، سئزرلينڊ، بيلجيم، هالينڊ ۽ اسڪيڊينيويا وارن ملڪن جي ويجهڙائيءَ واي تاريخ

* فرانس، بوربن ۽ جولاءِ وارو انقلاب ص: 312 * لوئي فلپ (پهرين) جو راڄ ص: 313 * ٻي جمهوريت ص: 313 * 1851ع واري فوجي بغاوت ۽ ٻي شهنشاهيت جو قائم ٿيڻ ص: 313 * فرانس ۽ پروشيا جي وچ ۾ لڙائيءَ جا سبب ص: 314 * فرانس ۽ پروشيا جي وچ ۾ لڙائيءَ جو پهريون دور ص: 315 * ٽئين جمهوريت ۽ فرينچ پروشيا لڙائيءَ جو ٻيون دور ص: 316 * 1871ع کان پوءِ وارو فرانس ص: 317 * فرانس جي هاڻوڪي حڪومت ص: 317 * اسپين ص: 319 * بيٺڪن جو قبضي مان نڪرڻ ص: 320 * سئٽزرلينڊ ص: 320 * بيلجم ۽ هالينڊ ص: 321 * اسڪينڊي نيويا وارا ملڪ، نروي ۽ سويڊن ص: 322 * ڊينمارڪ ص: 323

* باب ٽيٽيهون: جرمنيءَ ۽ اٽليءَ جو متحد ٿيڻ

* جرمني، ميٽرنخ جو اوج ص: 324 * 1815ع واري جرمن ڪنفيڊريشن يا ٻڌي ص: 324 * 1824ع وارو انقلاب ص: 325 * ڊينمارڪ سان لڙائي ص: 325 * بادشاهه وليم (پهريون) ۽ بسمارڪ ص: 326 * نئين جرمن شهنشاهيت جو بنياد ص: 327 * جرمن شهنشاهيت جي حڪومت ص: 328 * 1866ع ۾ آسٽريا _ هنگري ص: 329 * اٽلي ص: 330 * اٽليءَ جي بادشاهيت جو بنياد ص: 330 * اٽليءَ جي تڪميل، پوپن جي دنيوي طاقت جو خاتمو ص: 332 * 1870ع کان وٺي اٽلي ص: 332

* باب چوٽيهون: اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ روس ۽ بلقان

* اليگزينڊر (پهريون) ۽ نڪولس ص: 334 * روس ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لڙائي ص: 335 * ڪريمين لڙائي ص: 336 * روس ۽ ترڪيءَ جي لڙائي ص: 337 * برلن جي ڪانگريس  ص: 338 * ويهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ مشرقي مسئلو ص: 338 * روسي وچ ايشيا ۾ ص: 339 * روس ۽ چين جي وچ ۾ لڙائي لڳڻ جو انديشو ص: 339 * روس جو پامير تي قبضو ص: 339 * سائبيريا جي ترقي ص: 340 * ڏور اوڀر ۾ روس ص: 340 * روس ۽ جاپان جي وچ ۾ لڙائيءَ جا سبب ص: 341 * روسي ۽ جاپاني جنگي تياريون ص: 342 * جاپان جو سمنڊ تي سالم قبضو ص: 342 * بري لڙائيءَ جي ابتدا ص: 343 * ليائوينگ جي جنگ ص: 343 * پورٽ آرٿر جي شڪست ص: 343 * مڪڊين جي جنگ ص: 343 * جاپان جي سمنڊ جي جنگ ص: 344 * پورٽ سمٿ جو صلح ص: 344 * روس جي شڪست جا سبب ص: 345 * روسي انقلاب ص: 346 * ڊوما جو پهريون اجلاس ص: 347

* باب پنجٽيهون: برطانوي شهنشاهيت ۽ يورپ جو بيٺڪي ڦهلاءُ

* نيپولين وارين لڙاين جي آخري دور ۾ برطانوي طاقت ص: 349 * برطانوي طاقت جو بنياد ص: 349 * 1900ع جي شروعات ۾ انگريزي حڪومت ص: 350 * چارٽزم وارو سرشتو ص: 352 * بچاءَ واري واپار کان آزاد واپار تائين ص: 352 * هندستان ۾ انگريز ص: 354 * برما جي فتح ص: 355 * پهرين افغان لڙائي ۽ ڪابل ۾ قتلام ص: 356 * هندستاني بغاوت ص: 357 * افغان لڙائي ص: 358 * ٿٻِيٽ ۾ انگريزن ۽ روسين جي رقابت ص: 358 * هندستان ۾ صلح جا ڪم ص: 359 * آسٽريليا جو آباد ٿيڻ ص: 360 * انگريز جاپاني اتحاد ص: 361 * انگريز _ جاپان اتحاد جي تجديد ص: 362 * جديد ايران ص: 362 * انگريز _ روسي ٺاهه ص: 363 * انگلينڊ، مصر ۾ ص: 363 * بوئر لڙائي ص: 364 * ڪئناڊا جي حڪومت ص: 365 * فرانس جي جديد بيٺڪي شهنشاهيت ص: 367 * جرمن بيٺڪ سازي ص: 367 * مراڪش ۾ فرينچ ۽ جرمن رقابت ص: 368

* باب ڇٽيهون: اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ آمريڪي ملڪ

* آمريڪا جون گڏيل رياستون، واشنگٽن جو سرڪاري نظام ص: 370 * لوئي زيانا جي خريد ص: 371 * انگلينڊ سان لڙائي ص: 371 * مسوريءَ جو ٺاهه ص: 372 * منرو اصول ص: 372 * جئڪسن ۽ گڏيل مال وارو سرشتو ص: 373 * ڏکڻ ڪئرولينا ۾ قاعدا رد ڪرڻ ص: 373 * ٽيڪساس کي ڳنڍڻ ۽ ميڪسيڪو سان لڙائي ص: 374 * غلامن وارين رياستن جو ڇڄڻ ص: 374 * گهرو ويڙهه ص: 375 * غلامن جي آزاديءَ جو اعلان ۽ لڙائيءَ جو بند ٿيڻ ص: 375 * مئڪسيڪو ص: 376

* باب ستٽيهون: ڏور اوڀر ۾ ڦير

* جاپان ۽ چين جي مغربي خيالن ڏانهن اوائلي رويو ص: 378 * چين کي خطرو ص: 378 * ڏور اوڀر جي واقعن جي تاريخي اهميت ص: 379 * جاپان ص: 380 * قديم جاپان ۾ جاگيرداري سرشتي جو اُسرڻ ص: 382 * ٻٽي بادشاهيت جو ٺهڻ ص: 381 * شوگنيت جي تڪميل ص: 382 * مسيحت کي دٻائڻ ص: 382 * جاپان جو پرڏيهي آمدو رفت لاءِ کلڻ ص: 384 * شوگونيت جي زوال جا سبب ص: 384 * 1868ع وارو انقلاب ص: 385 * جمهوري جوڙجڪ واري حڪومت جو قيام ص: 386 * جديد بري ۽ بحري لشڪر جي تشڪيل ص: 387 * ڪوريا جو سوال ص: 387 * چين ۽ ڪوريا ص: 387 * چين ۽ جاپان جي لڙائي ص: 388 * شمونوسڪيءَ وارو معاهدو ص: 388 * چين ص: 389 * زوال جو آخري دور ص: 391 * پهرين انگريزي سفارت ص: 392 * انگلينڊ سان پهرئين لڙائيءَ جا سبب ص: 392 * آفيم واري جنگ ۽ نائڪنگ جو معاهدو ص: 393 * تائپنگ بغاوت ص: 394 * انگلينڊ ۽ فرانس لاءِ لڙائي ص: 395 * ٺؤنشي بازن جي بغاوت ص: 396 * سڌاري جي تحريڪ ص: 397

* باب اٺٽيهون: مهاڀاري لڙائي ۽ ان کان پوءِ

* برطانيه، فرانس ۽ روس ص: 398 * ٽه _ طرفو اتحاد ص: 399 * شهنشاهه وليم (ٻيون) ۽ سندس منصوبا ص: 400 * ٽه _ طرفو ٺاهه ص: 401 * 1912ع وارو نازڪ وقت ص: 403 * مهاڀاري لڙائي ص: 406 * لڙائيءَ جو شروع ٿيڻ ص: 407 * نوان ملڪ ص: 411 * اميدن ڀريو دور ص: 412 * ڊاهه وارو دور ص: 414 * ٻيهر حالتن سڌارڻ وارو دور ص: 418 * طويل بحران وارو دور ص: 422.

مهاڳ

هيءُ ڪتاب، مشرق ۾ شاگردن جي نئين ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ طبقي جي خاص گهرج کي پوري ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو. چين جي اسڪولن ۾، جتي مغربي علمَ نئين طرح (نصاب ۾) داخل ڪيا ٿا وڃن، انهن ۾ تاريخ جي هميشہ اهميت رهندي آهي. هڪ مشرقي شاگرد دنيا جي قومن ۾ پنهنجي ملڪ جي حيثيت تڏهن سمجهي سگهندو، جڏهن کيس دنيا جي تاريخ ۽ خاص ڪري مغرب جي تاريخ جي ڄاڻ هوندي. جوڙجڪ واري حڪومت جي نئين تحريڪ لاءِ مغربي سرشتن جو اڀياس تهائين ضروري آهي.

(دنيا جي) عمومي تاريخ تي سٺن ڪتابن جي کوٽ ڪانهي، پر انهن سڀني ۾ هڪ به اهڙو ڪونهي، جو هڪ رواجي مشرقي شاگرد جون ضرورتون پوريون ڪري. هي (شاگردُ) اڪثر ڪري هڪ پڪي عمر جو نوجوان آهي، جنهن پنهنجي ملڪ جي ٻوليءَ ۽ ادب جي سکيا جو سلسلو (پڙهي) ختم ڪيو آهي، کيس اسڪولي شاگردن لاءِ ڪو نصابي ڪتاب نه گهرجي. ٻئي طرف هو انگريزيءَ ۾ تقريباً هميشہ هڪ مبتديءَ جي حيثيت رکي ٿو. مـُـنجهيلَ جملا، اوچا استعارا، يوناني ڏند ڪٿائن يا انجيل جي عبارتن جا ڪـِـنايا، اهي سڀ (پڙهندڙن لاءِ) اهڙيون رنڊڪون آهن، جو هڪ ملڪي استاد يا پڙهائيندڙ لاءِ پڻ مها ڪٺن (مشڪلاتون) ثابت ٿي سگهن ٿيون. لکڻيءَ واري اسلوب جي سادي هئڻ جي ڪري شاگردن جي دل تان هڪ قسم جو اهڙيءَ طرح بار لهي پوندو، جهڙيءَ طرح هڪ مغرب جو اسڪولي شاگرد محسوس ڪري ٿو، جنهن وقت هو ڪنهن لاطيني اديب جي ڪتاب ۾ هڪ سليس ٽڪرو ڏسي ٿو.

هيءُ ڪتاب انهيءَ مقصد سان لکيو ويو آهي، ته هڪ سيکڙاٽ لاءِ دنيا جي تاريخ جون مکيه ڳالهيون تمام سليس نموني ۾ بيان ڪيون وڃن. اڄوڪي دنيا جي مکيه طاقت اهو منجهيل تاريخي مرڪب آهي، جنهن کي مغربي تمدن جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي، تنهنڪري ڪنهن به عمومي تاريخ ۾ مغربي تمدن گهڻو حصو والاريندِي، پوءِ ڀلي اها تاريخ ايشيائي شاگردن لاءِ لکيل هجي يا يورپ جي شاگردن لاءِ. مغرب جي تاريخ کي اهڙي طرح مختصر ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڇڏي ڏيڻو پيو، جيڪو هونئن ٻئي ڪنهن ليکڪ جي نگاهه ۾ اهميت وارو هجي ها. شاگرد پاڻئي فيصلو ڪري سگهندو، ته تاريخ ڪيتري نه ننڍي ٿي پيئي آهي، جڏهن پڙهندو ته کيس سـُـڌ پوندي ته مشرقي تاريخ تي لکيل ٽڪرا اهڙي توازن سان لکيا ويا آهن، جيئن مغرب جي ڪيترن تاريخي زمانن جو بيان آهي.

هن جهڙي ابتدائي تاريخ ۾، هميشہ اٿاهه حقيقتن مان ڪي چند حقيقتون ڏنيون وينديون آهن. پڙهندڙ کي حق آهي، ته پڇي ته مصنف ڪهڙن اصولن پٽاندڙ اهو انتخاب ڪيو آهي. مون هن طرح ڪوشش ڪئي. پهريائين: تاريخي سلسلو ڏيکارڻ يا ٻين لفظن ۾ چئجي، ته پڙهندڙ کي نمايان ڪري ڏيکارڻ، ته موجودهه زمانو ماضيءَ مان اُسريو آهي. ٻيو: جيڪي شخص مشرق ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ دلچسپي رکن ٿا، انهن اڳيان اهي واقعا ۽ داستان نمايان طرح پيش ڪرڻ، جن جو علم هنن لاءِ ضروري آهي. ٽيون: سچ جي اوچي آدرش جو قدر ۽ آزاد داستانن جو فائدو ظاهر ڪري ڏيکارڻ. هن ٽئين عنوان ۾ آءٌ قبول ٿو ڪريان، ته مون پنهنجي شخصي لاڙي کان ڪم ورتو آهي. تنهن هوندي به آءٌ سمجهان ٿو، ته هي ڪتاب مذهبي يا قومي تعصب کان آزاد آهي.

سيکڙاٽن جي سهولت خاطر ڪتاب جا ڪي حصا ننڍڙيءَ ٽائيپ يا ڇاپي ۾ ڏنا ويا آهن. اهڙا حصا بيان جي سلسلي کي قطع ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي سگهجن ٿا (يعني، جيڪڏهن نه پڙهيا وڃن ته بيان جي سلسلي کي نقصان نه پهچائيندا.) پر اهي ڪتاب جا مکيه حصا آهن ۽ انهن ڪلاسن ۾ جتي شاگردَ سڄي ڪتاب تي عبور حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، اهي انهن ٽڪرن کي چڱيءَ طرح پڙهن.

هن ڪتاب جهڙي تاليف لاءِ ضروري آهي، ته اهو اصلي ماخذن تي نه، پر ڪيترن ئي تاريخ نويسن جي معتبر ڪتابن تي مبني هجي. جن مصنفن جو هن ڪتاب جي حقيقت لاءِ آءٌ ممنون آهيان، انهن جي لسٽ ڳڻپ لاءِ تمام وڏي آهي. هڪ تازي آمريڪي ڪتاب تاريخ نويس جي دنيا جي تاريخ جا نيويارڪ جي آئوٽ لڪ ڪمپني (Out Look Company) پنجويهه وڏن جلدن ۾ ڇپائي آهي، تـَـنهن مان مون گهڻو فائدو ورتو آهي. جڏهن به منهنجي لئبريري ۽ ان سان گڏ پاءِ ينگ (PeiYang) يونيورسٽيءَ جي تازي لئبريري منهنجي ضرورتن لاءِ ڪافي نه ٿي، ته مون کي هن ڪتاب ۾ معتبر حوالن ۽ ماخذن جي مدد ٿي ملي، جن مون کي سڌي رستي تي آندو ٿي. انتخاب جي مشڪل ڪم ۾ منهنجي اڪثر ڪري بروڪ هائوس (Brook House) جي جرمن دائرة المعارف (Encyclopedia) جي مجمل مقالن راهنمائي ڪئي.

وي. اَي رينوف

پاءِ ينگ يونيورسٽي

ٽينٽسن (Tientsin) - چين

پهرين ڊسمبر 1907ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org