29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :25

لوئي زيانا جي خريد: (1803ع)

ٿامس جيفرسن جي ڏينهن ۾ نيپولين انگلينڊ سان لڙائيءَ ۾ مشغول هو. هن 1803ع ۾ اسپين کان مسيسپي نديءَ جي اولهه ۾ ڦهليل لوئي زيانا جو وڏو ملڪ وٺي ڇڏيو هو. اها ڳالهه ڄاڻندي ته هو برطانوي بحري لشڪر جي مقابلي ۾ اها ملڪيت قبضي ۾ نه رکي سگهندو، هن آمريڪا جي گڏيل رياستن کي لوئي زيانا کي وڪڻڻ تي ترجيح ڏني. مسيسپي نديءَ جي اولهه ۾ ان ايڏي ساري ملڪ، جيڪو هاڻوڪين گڏيل رياستن جو اڌ ٿي وڃي ٿو، تنهن لاءِ ڏنل قيمت هڪ ڪروڙ پنجاهه لک ڊالر هئي. ان وقت ان جو گهڻو حصو هڪ پڪو بيابان هو.

انگلينڊ سان لڙائي (1812ع - 1814ع):

نيپولين واريون لڙايون آمريڪي واپارين ۽ جهازن جي مالڪن لاءِ ڏاڍيون فائديمند هيون، پر يورپي بندرن ۾ زوريءَ ناڪي بندي ڪرڻ جي خواهش سان انگلينڊ غيرجانبدار جهازن جي خلاف سخت قدم کنيا. آمريڪي اعتراضن جي هوندي به سندس (انگلينڊ جي) پهريدار جنگي جهازن وچ سمنڊ تي جهاز روڪي ڇڏيا ۽ سندن وکر جي جاچ ڪئي. برطانوي آفيسرن پڻ اڪثر آمريڪي جهاز رانن تي زور وڌو يا مجبور ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي، ته هو انگريز بحري ٻيڙي مان ڀاڄوڪڙ هئا. ان صورتحال ۾ ڪيترن سالن تائين آمريڪي حڪومت لڙائيءَ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عوامي ناراضپي آخر مقابلي کي جلدي آڻي ڇڏيو.(1)

 

جيتوڻيڪ آمريڪا وارا جنگ لاءِ بلڪل تيار نه هئا، پر سندن جنگي جهازن بهادريءَ واري ويڙهه ڪرڻ جي ڪري مشهوري حاصل ڪئي، جنهن ۾ هنن ساڳئي تعداد وارن انگريزي جهازن کي بيڪار ڪري ڇڏيو، پر مجموعي طرح هيءَ لڙائي بدنام هئي. هڪ انگريز لشڪر گاديءَ جي هنڌ واشنگٽن تائين هلان ڪري آيو ۽ کيس باهه ڏني. لڙائيءَ جي آخر ۾ آمريڪا وارن اهو ثابت ڪيو ته بهتر سپاهي بنجڻ لاءِ کين رڳو معياري فوجي انتظام ڪرڻ جي ضرورت هئي. جنرل اينڊريو جيڪسن پنج هزار ماڻهن جي بري لشڪر سان گڏجي نيو آرلياني تي ٻارنهن هزار باقاعدي برطانوي سپاهين جي حملي کي هٽائي ڇڏيو.

1814ع ۾نيپولين جي زوال، لڙائيءَ جا سبب ختم ڪري ڇڏيا. صلح واري معاهدي ٻنهي طرفن مان ڪنهن کي به ڪو خاص فائدو ڪونه ڏنو، پر آمريڪي واپاري ٻيڙو ذري گهٽ برباد ٿي ويو.

غلام رياستون ۽ آزاد رياستون:

جيمس منرو جي ٻن حڪومتن جي دوران غلاميءَ جو سوال هڪ اهم سياسي مسئلو ٿي پيو. هونئن انهيءَ کان اڳ ۾ ئي بيٺڪي زماني ۾ ڏکڻ وارن ملڪن جون معاشرتي ۽ اقتصادي حالتون آمريڪا جي ترقي يافته حـصي نيو انگلينڊ (New England) کان مختلف هيون. نيو انگلينڊ ۾ اڪثر هنري ۽ واپاري گروهه اچي ٿي ويا. ڏکڻ ۾ تماڪ، ڪپهه يا ڪمند جي ٻنين تي غلام ڪم ڪندا هئا. بهرحال ٻنهي حصن جي وچ ۾ آهستي آهستي اختلاف وڌندا ويا. آزاد رياستون پنهنجي هنري ڪاريگريءَ کي زور وٺائڻ لاءِ هڪ محافظاڻي محصول جي فائدي ۾ هيون ته ٻئي طرف وري خالص زراعتي رياستون آزاد درآمد واري مال کي ترجيح ڏين پيون.

مسوريءَ جو ٺاهه:

ٻنهي مان ڪنهن به پارٽيءَ نه ٿي چاهيو ته ٻي پارٽي سياسي اهميت ۾ کانئس اڳتي وڌي وڃي. جڏهن به نئين ٺهيل رياست اتحاد ۾ داخل ڪئي ويندي هئي ته هميشـہ اهو سوال  بعد ۾ اڄ تائين اٿندو رهيو هو ته اها غلام رياست ٿي رهندي يا آزاد رياست ٿي رهندي؟ 1819ع تائين جڏهن الاباما (غلامن واري) ٻاهرين رياست طور داخل ٿي، تيستائين اهو سياسي معاهدو جيئن جو تيئن محفوظ هو، پر غلامن واري مسوريءَ جي خطي کي رياست ڪري مڃڻ جي سوال تمام گهڻو ٽڪراءُ پيدا ڪيو. آخرڪار 1820ع ۾ هڪ ٺاهه رستي کيس رياستي اتحاد ۾ داخل ڪيو ويو. غلام رياستن جي اضافي کي برابريءَ ۾ آڻڻ لاءِ مئساچوسيٽز جي اتر ۾ مائين (Maine) جي آزاد رياست کي پڻ داخل ڪيو ويو. ساڳئي وقت ۾ هڪڙو قانون پاس ڪيو ويو، جنهن مطابق 36 ڊگرين ۽ 30 منٽن ويڪرائي ڦاڪ جي اتر ۾ غلامي هميشـہ لاءِ ممنوع قرار ڏني وئي.

منرو (Monroe) اصول:

 پريزيڊنٽ منرو جي اڳيان پرڏيهي ناتن جو خطرناڪ سوال پيش ٿيو. روس سائبيريا پار ڪري الاسڪا ۾ اتر آمريڪي کنڊ ۾ ٺهي ٺڪي ويٺو هو. انهيءَ روسي اثر جو ڏکڻ ۾ گڏيل رياستن جي ملڪ ۾ وڌڻ جو خطرو هو. فرانس ۽ اسپين ٺيڪ انهيءَ صورتحال ڏکڻ آمريڪي (نين قائم ڪيل) جمهوريتن خلاف زوردار قدم کڻڻ جو ويچار پئي ڪيو. اهڙي ماحول ۾ صدر منرو 1833ع واري ڪانگريس ڏانهن هڪ پيغام ۾ هن چيو:(1)

 

”...... آمريڪي کنڊ ....... هن کان پوءِ يورپي مستقل مفاد جي بيٺڪ ساز رعيت ڪري نه ليکيا ويندا.“ ۽ ڏکڻ آمريڪي جمهوريت قوتن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين:

”ڪنهن به يورپي طاقت جي هٿان ڪنهن به نموني ۾ سندن (ڏکڻ آمريڪي جمهوريتن) قسمت کي قبضي ۾ آڻڻ يا مٿن ظلم ڪرڻ خاطر سندن معاملن لاءِ مداخلت ڪرڻ کي اسان گڏيل رياستن طرف هڪ غير دوستاڻي اخلاق جو مظاهرو ڪري سمجهنداسون.“ برطانوي وزيراعظم صدر منروجي انهيءَ آمريڪي پاليسيءَ جي حمايت ڪئي. (ڏسو باب 32، اسپين).

جئڪسن ۽ کٽيل مال وارو سرشتو:

جنرل اينڊريو ولز جئڪسن (1829ع-1837ع) جي صدارت جي دور ۾ پارٽيءَ جا جذبات تمام زور وٺي ويا. هن جا پوئلڳ، جيڪي ڏکڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور هئا، تن عوامي حڪومت جي پارٽي (Democratic Party) ٺاهي. ٻئي طرف وري مخالف ڌر ريپبلڪن پارٽي يا جمهوري پارٽي (Republican Party) ٺاهي. انهن سياستدانن، جن جئڪسن جي چونڊ جي حمايت ڪئي، تن بدنام زمانه ”کٽيل مال وارو سرشتو“ تڪميل تي پهچايو. هنن انهيءَ ڳالهه کي بلڪل مناسب سمجهيو ته اهي ماڻهو، جن جئڪسن جي فائدي ۾ ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاميابيءَ سان ڪم ڪيو، تن کي سندس چونڊ کان پوءِ عهدن ڏيڻ سان اجورو ڏنو وڃي. جئڪسن جي وائيٽ هائوس (واشنگٽن ۾ صدر جي سرڪاري رهائشگاهه) ۾ داخل ٿيڻ کان نون مهينن اندر اڳئين حڪومت جي هڪ هزار عهديدارن کي هٽائي عهدا پارٽيءَ سان لاڳاپيل سندس ”دوستن“ کي ڏنا ويا. ”کٽيل مال“ فاتحن جي ملڪيت آهي، اهو انهن سياستدانن جو متو هو. اهو ممڪن نه ٿيو آهي، جو ”کٽيل مال واري برائيءَ“ کي آمريڪي حڪومت مان بلڪل پاڙان پٽي ڪڍجي.

ڏکڻ ڪئرولينا ۾ قاعدا رد ڪرڻ:

ڏکڻ ڪئرولينا جي ماڻهن ”محافظاڻي محصول“ جي قانون جي ڪن حصن کي خاص طرح پاڻ تي ظلم محسوس ڪيو. 1932ع ۾ هڪ قابل سياستدان ڪالهوم جي مهنداريءَ هيٺ هنن رياستن جي جـُـداگانه حق تي زور ڏنو ته جيڪي نامناسب قاعدا گڏيل رياستون بحال ڪن، تن کي هو پنهنجو نه ڪري سمجهن يا رد ڪن. ٻين لفظن ۾ هنن اڪيلين رياستن جي حقن کي قومي اختياريءَ جي مٿان معتبر هئڻ جي دعويٰ ڪئي.

جئڪسن انهيءَ ”عظيم رياستي قاعدن کي رد ڪرڻ“ واري قدم جو هڪ اعلان ۾ جواب ڏنو، جنهن مطابق جيڪڏهن ڏکڻ ڪئرولينا وارا پنهنجي قوم جي جداگانه حقن تي زور ڏيندا ته هو سندن خلاف فوجي طاقت استعمال ڪندو. هن آخر ۾ چيو ته ”رد ڪندڙن“ جو مقصد نااتفاقي آهي ۽ هٿياربند لشڪر جي نااتفاقي مـُـلڪ سان غداري آهي. انهيءَ کان پوءِ ڏکڻ ڪئرولينا واري ان تحريڪ جي اڳواڻن پنهنجي تجويز ترڪ ڪئي ۽ خونريزيءَ کان بچاءُ ٿي ويو.

غلامي ختم ڪرڻ جي تحريڪ جي ابتدا:

1831ع ڌاري اتر ۾ هڪ ننڍي پارٽي غلاميءَ کي بلڪل ختم ڪرڻ جي گهر کي زور سان اڳتي وڌايو. انهن کي ايباليشنسٽس (Abolitionists) يا غلاميءَ کي ختم ڪندڙ ڪوٺيو ٿو وڃي. شروع ۾ سڀ ماڻهو کين ڌڪاريندا هئا، پر سندن تحريڪ آهستي آهستي  پنهنجا حمايتي حاصل ڪيا ۽ گهرو ويڙهه کي آڻڻ ۾ مدد ڪئي.

ٽيڪساس کي ڳنڍڻ ۽ ميڪسيڪو سان لڙائي (1845ع - 1848ع):

انهيءَ ڇڪتاڻ دوران آمريڪي شهري، ميڪسيڪو جي اتر اوڀر واري پاسي ٽيڪساس ۾ وڃي آباد ٿي ويٺا. شروع ۾ انهن ٽيڪساس کي هڪ خودمختيار رياست طور اعلان ڪيو ۽ پوءِ وري 1845ع ۾ رياستي اتحاد ۾ شموليت ڪيائون. آخر ۾ ٽيڪساس جي سرحدن متعلق ڇڪتاڻ ميڪسيڪو ۽ گڏيل رياستن جي وچ ۾ لڙائي آندي. ميڪسيڪو وارا هڪ ڪمزور پارٽيءَ جي حيثيت ۾ سولائيءَ سان شڪست کائي ويا. هنن ڪيترو ئي ملڪ گڏيل آمريڪي رياستن کي ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ هاڻوڪي ڪئليفورنيا جي رياست به شامل هئي.

غلامن وارين رياستن جو ڇڄڻ (1860ع - 1861ع):

آزاد رياستن غلامن وارين رياستن کان آدمشماريءَ ۾ ۽ دولت ۾ جلدي تيزيءَ سان ترقي ڪئي. غلامدار رياستن جي وسيع هوندي به ايئن ٿيو، جيتوڻيڪ سندن (ڏاکڻين رياستن جا) فطرتي وسيلا اتر وارن قوتن جي برابر هئا. ڏکڻ جي پٺتي پوڻ جو سڄو سبب غلاميءَ ۾ رهڻ هو، پر غلامن کي قبضي ۾ رکندڙ اهڙيءَ رسم، (جنهن کي اڳي ئي يورپ ۾ سڀني شعور وارن ماڻهن ننديو هو) جي خطرن ۽ براين کان انڌا ۽ بي خبر هئا.

1860ع کان اڳ ۾ هنن جو (ڏاکڻين رياستن جو) ڪانگريس ۾ غلبو هو. هينئر سندن طرفان غلاميءَ جي خلاف اتر وارن جو رايو جاڳايو ويو. غلاميءَ کي ختم ڪندڙن جي تحريڪ وارن جي عزت ڪئي ويندي هئي. جڏهن ته غلاميءَ جي حامين کي ووٽ رستي شڪست ڏني ويندي هئي، ته شايد اهڙيءَ طرح غلام آزاد ٿي. اهڙيءَ شڪست کان بچڻ لاءِ غلام وارين رياستن اتحاد مان پاڻ کي ڪڍي ورتو، ۽ پاڻ گڏجي ڪنفيڊرٽ اسٽيٽس آف آمريڪا (Confederate States of America) يعني، آمريڪا جون ڪنفيڊرل رياستون ٺاهيائون. ايئن نظر پئي آيو ته اتر وارا انهيءَ ڳالهه ڏانهن مائل آهن ته اهي رياستون، جيئن وڻين تيئن، ڀلي صلح سانت ۾ پنهنجي نموني هلن.

گهرُو ويڙهه (1861ع - 1865ع)

1860ع ۾ ابراهام لنڪن ڏکڻ وارن جي اتحاد مان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ صدارتي چونڊ جلد ڪرائي ورتي. لنڪن انهيءَ ڳالهه تي راضي هو ته ڀلي غلاميءَ جو سوال پنهنجي نموني ۾ هلندو هلي، پر هو نه پيو چاهي، ته مـُـلڪي رياستن جو اتحاد خطري ۾ پوي. جڏهن ڏکڻ ڪئرولينا جي گاديءَ جي هنڌ چارلسٽن جي حاڪمن پنهنجي بندر ۾ گڏيل رياستن جي هڪ قلعي تي گوليون هلايون، تڏهن ابراهام لنڪن هٿياربنديءَ جو اعلان ڪيو.

جنگ جي زماني ۾ حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ صدر کي خاص اختيار هوندا آهن. لنڪن اهي اختيار عجيب پختگيءَ ۽ سياڻپ سان استعمال ڪيا. جيتوڻيڪ هن جنگ دوران شروع ۾ فتح ڏکڻ واري لشڪر جي پئي نظر آئي، ڇاڪاڻ جو هنن جي ڪيترن جنگي مهندارن مئڪسيڪو جي لڙائيءَ ۾ تجربو حاصل ڪيو هو. ٻئي طرف وري اتر وارا ماڻهو فوجي زندگيءَ تي هريل نه هئا. پر اُهي مادي وسيلن ۽ آدمشماريءَ ۾ ايترو وڌيڪ مٿانهين درجي تي هئا، جو شروع کان ئي مقابلي جي نتيجي جي اڳڪٿي ڪري سگهيا ٿي. ڪيترائي مقابلي وارا حملا ۽ انهيءَ خطرناڪ لڙائي ۾ شريڪ رياستن جون جنگيون ۽ گهيرا خود هڪ وڏي تاريخ آهن، انهن جو هت تفصيلوار ذڪر نه ٿو ڪري سگهجي. هن لڙائيءَ ۾ ڪيترن فوجي جنرلن مشهوريون ماڻيون. گڏيل لشڪر جا جنرل لي ۽ جنرل جئڪسن، اتحادي لشڪر جا جنرل گرانٽ ۽ جنرل شرمان تاريخ ۾ هميشـہ مشهور جنگي مهندار ڪري ليکيا ويندا.

غلامن جي آزاديءَ جو اعلان، ۽ لڙائيءَ جو بند ٿيڻ:

1863ع ۾ لنڪن انهن سڀني غلامن، جيڪي گڏيل رياستن جي خلاف بغاوت ۾ رڌل هئا، تن جي آزاديءَ جو حڪمنامو جاري ڪيو. ان کان ٻه سال پوءِ حڪومت جي جوڙجڪ جي درستيءَ رستي گڏيل رياستن جي سڀني غلامن کي آزاد ڪيو ويو. جيئن ته ڏکڻ وارن جي مڪمل ٿڪجي پوڻ سان ئي رڳو جنگ ختم ٿي پئي سگهي، تنهن ڪري کين صلح جا آزاد شرط ڏنا ويا. گڏيل رياستن وارن کي رڳو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻا هئا ۽ آئيندهه دشمنيءَ جي ڪمن کان پاسو ڪرڻو هو. بهرحال ان هوندي به لڙائيءَ ۾ ٻنهي طرفن کان اٽڪل ڏهه لک حياتيون ضايع ٿيون. لڙائيءَ کان پوءِ معذور ٿيل سپاهين کي پينشن ۽ عوامي ملڪيت جي ٿيل برباديءَ جي جملي نقصان جو ڪاٿو هڪ هزار ڪروڙ ڊالر ڪيو ويو.

مادي ترقي:

گهرو ويڙهه کان پوءِ گڏيل رياستن آدمشماريءَ ۽ دولت ۾ تمام تڪڙي ترقي ڪئي. آمريڪي قوم جي بنياد پوڻ جي وقت کان وٺي رهاڪن جو عدد هر پنجويهن سالن ۾ ٻيڻو سراسري طرح ٿيو آهي. اهو ڳاڻيٽو 1890ع ۾ ڇهه ڪروڙ ويهه لک هو. جڏهن ته 1890ع واري ڏهائيءَ جي آخر ۾ تقريبن پنجاهه لک نوان آبادڪار ملڪ ۾ داخل ٿيا، انهن مان اڪثر جرمن يا يورپ جون سيلٽڪ ٻوليون ڳالهائيندڙ هئا.

ملڪ جي هنري ترقيءَ جي تاريخ ۾ ڪئين گڏيل واپاري جماعتن، جن کي ٽرسٽ ڪوٺجي ٿو، جي تنظيم نمايان آهي. اهي ٽرسٽ اڪثر پنهنجي واپار جي هڪ هٽي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ انهن ايتري سرمائي جي طاقت ٺاهي، جنهن کان وڌيڪ طاقت دنيا ۾ اڳي ڪنهن نه ڏٺي هئي. مثال طور: رڪ پيدا ڪرڻ جو ٽرسٽ پنجاهه ڪروڙ ڊالرن جي سرمائي سان ٺاهيو ويو.

1898ع ۾ اسپين ۽ آمريڪا واري لڙائيءَ جو جديد اسپين جي تاريخ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. گڏيل رياستن لاءِ انهيءَ لڙائي هڪ نئين دور جو آغاز ڪيو. انهيءَ لڙائيءَ سمنڊ پار بيٺڪون (فلپائين ٻيٽ، پورٽوريڪو) سندس قبضي ۾ ڏياريون ۽ کيس انهن وڏين طاقتن جي وچ ۾ درجو ڏياريو، جي عالمي سياست جي سڀني سوالن ۾ اثر انداز آهن. ان کان هڪ سال اڳ ۾ سئنڊوچ ٻيٽ، جي پئسفڪ سمنڊ جي وچ جي مٿان حاوي آهن، تن کي پنهنجي ملڪ سان شامل ڪيو ويو. انهن کي بيٺڪون ڪري نه ٿو سمجهيو وڃي، پر گڏيل رياستن جو ملڪ تسليم ڪيو ويو آهي.

گڏيل رياستون ۽ چين ۾ ”کليل دروازو“:

چين ۾ باڪسر (Boxer) هنگامن 1900ع کان پوءِ آمريڪا هن ملڪ جي سالميت کي محفوظ رکڻ ۾ سرگرميءَ سان چاهه وٺڻ لڳو. اهو گهڻو ڪري سندس سياست جي ڪري هو، جو سڀني طاقتن چين ۾ ”کليل دروازي“ واري پاليسي قبول ڪئي.(1)

 

2. مئڪسيڪو

وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا:

1823ع ۾ مئڪسيڪو هڪ خودمختيار جمهوريت طور قائم ڪيو ويو هو. بعد جا پنجاهه سال ملڪ اندر ساندهه هڪ پراڻي فساد، بدانتظامي ۽ گهرو ويڙهه واري حالت رهي. طاقت گهڻو ڪري ڪنهن هڪ جابر شخصيت جي هٿ ۾ رهي. پرڏيهي قرضن جي اڻ ادائگي ملڪ کي يورپ سان ٽڪراءَ وجهي ڇڏيو. تڏهن به نيپولين انهيءَ وجهه کي ملڪ کي فتح لاءِ استعمال نه ڪيو. 1863ع ۾ فرينچ لشڪر آسٽريا جي وڏي امير مئڪسملين کي مئڪسيڪو جي نئين جوڙيل شهنشاهت جي تخت تي ويهاريو. هيءَ  مهم هڪ وڏي سياسي غلطي هئي. ملڪ ۾ گهرو ويڙهه کان پوءِ گڏيل رياستن نيپولين کي ”منرو اصول“ ياد ڏياريو. جنهنڪري هو پنهنجي لشڪر کي واپس گهرائڻ لاءِ مجبور ٿيو ۽ غصي ۾ آيل مئڪسيڪو جي ماڻهن اڳئين شهنشاهه مئڪسملين کي گولي هڻي ماري ڇڏيو. انهيءَ وقت کان وٺي مئڪسيڪو ۾ جمهوريت رهندي آئي آهي. هڪ قابل صدر، ڊي آس انقلابن جو خاتمو ڪيو ۽ ملڪ ۾ هڪ آسودگيءَ جو دور شروع ڪيو.(1) ٻئي طرف وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا وارين رياستن واري تاريخ اسپين ۽ پورچوگال کان آزادي وٺڻ جي ڏينهن کان وٺي انقلابن جو هڪ سلسلو رهي آهي. منجهانئن ڪيترين رياستن جمهوري حڪومتون ٺاهيون، ڪيترين حالتن ۾ ته گڏيل رياستن جي حڪومت جي جوڙجڪ جو لڳ ڀڳ نقل ڪيائون. واقعن عام طرح اهو ثابت ڪيو ته ڏکڻ آمريڪا جون قومون، طبعيت ۽ تعليم جي لحاظ کان عوامي حڪومت جي ترقي يافته نمونن جي لائق نه هيون. اُتي هڪٻئي پٺيان جلدي جلدي خطرناڪ انقلاب ايندا ويا ۽ اڪثر جبري حڪومتون قائم ڪيون ويون. پيراگائي ۾ هڪڙي ڊاڪٽر ”تان فانسيا“ ظالماڻي حڪومت جو هڪ غير معمولي قسم قائم ڪيو. هـُـو پاڻ کي روم جي سيزر سان ڀيٽيندو هو ۽ ڏنڊي جي زور تي ڇويهن ورهين تائين (1814ع-1840ع) مـُـلڪ جو حڪمران رهيو. 1901ع کان وٺي وينزيولا جي داخلي بي آرامي بين الاقوامي اهميت حاصل ڪئي، ڇو ته صدر ڪيپريانو دوڪا مسترو، (جو حقيقي جابر حاڪم آهي) پرڏيهين کي سندن مختلف حقي واجبي رقمن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ جي رد عمل ۾ جرمني ۽ برطانيا وينزيولا جي بندرن کي جنگي جهازن سان روڪي، پنهنجين ڪيل دعوائن جا زوريءَ مـُـعاوضا ورتا. انهيءَ واقعي جي وسيع اهميت ان حقيقت ۾ هئي ته جرمني گڏيل رياستن سان غلط فهميءَ کي مٽائڻ لاءِ سرڪاري طرح ”منرو اصول“ مڃيو. برازيل ۾، جنهن جي ڏکڻ واري حـصي ۾ هڪ وڏي ۽ مالدار جرمن آدمشماري آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي جرمن بيٺڪي لالچن جو خوف هو.

تعليم جي ترقي ۽ ٻين طاقتن جي روڪ جي اثر وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ تازو سياسي حالتون سڌاريون آهن. ماڻهو هينئر سياسي آزاديءَ جو صحيح استعمال سکڻ لڳا آهن. اهو سڌارو ارجنٽائن، چلي ۽ برازيل جي رياستن ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان آهي، جن رياستن ۾ نج يورپي رهاڪن جو وڏي ۾ وڏي حصو ۽ وڌ ۾ وڌ واپار ڪري رهيو آهي.

 

باب ستٽيهون

ڏور اوڀر ۾ ڦيرو

تعارف: موضوع تي عام نظر

جاپان ۽ چين جو مغربي خيالن ڏانهن اوائلي رويو:

چين ۽ جاپان اڻويهين صدي عيسويءَ جي وچ تائين سڀني کان الڳ پنهنجو رستو وٺيو پئي ويا. جيڪڏهن مغربي قومن جي بي چين طاقت، نون خطرن ۽ نون قاعدن جو هڪ اوچتو سيلاب نه آڻي ها، ته جيڪر هو اڃا تائين بنا تبديليءَ جي اڳي وانگر رهن ها. خطرا جن کي شروع ۾ ڌڪاريو ويو، تن جلد ئي عوامي پارٽيءَ ۾ مجبور ٿي ڪري هڪ مڪمل تبديلي آندي، ڇو ته قومي خودمختياريءَ کي محفوظ رکڻ جو اهو هڪڙو ئي ذريعو هو.

جاپان ۾ ڪن ٿورن دور انديش سياستدانن، هڪدم انهيءَ ڳالهه کي سڃاڻي ورتو ته مـُـلڪ لاءِ فائدا خطري کان وڌيڪ هئا. انهن دور انديشيءَ سان ڏٺو ته هڪ وڌيڪ طاقت واري قومي زندگي، نئون زور ۽ نئين دولت مغربي طريقن ۽ خيالن کي جلد ئي اختيار ڪرڻ مان پيدا ٿيندا. سندن مشورا غالب پيا. جاپان جلد ئي ان جو ڦل کائڻ شروع ڪيو. چيني سياستدانن وڌيڪ وڏائي ۽ گهٽ سمجهه ڏيکاري. بجاءِ ان جي جو اُهي مغربي برتريءَ جا سبب لهڻ جي ڪوشش ڪن، هو ”پرڏيهي وحشين“ کي ڌڪاريندا رهيا. انهن جي سرڪار سڀني کان الڳ رهڻ جو هڪ وڏائيءَ وارو رويو محفوظ رکيو. پر حڪومت جي مغروري پرڏيهين جي نظر ۾ سندن ڪمزوري ڪونه لڪائي.

چين کي خطرو:

جلد ئي چين هن خطري کان خوف ۾ پئجي ويو جو هميشـہ هڪ ڪمزور ملڪ کي جلدئي وڌيڪ طاقتور ملڪ جي هٿ ۾ڏئي ٿو. کيس پرڏيهي قبضي هيٺ اچڻ جو جلد جوکو هو. اهو سوچيندي فورن سڄي مـُـلڪ جي بندرن تي حفاظتي اُپاءَ ورتا ويا. اڳيون چيني تعبيدار رياستون مـُـلڪ سان ڳنڍيون ويون ۽ نقشي تي قومي طاقت جا دائرا چٽا ڪيا ويا.

چين جي خودمختياريءَ جي محفوظ رهڻ جا سبب:

ٻن سببن گڏجي چين جي ٽوڙڻ کي روڪيو. سڀ کان پهريائين پرڏيهي سرڪارون، جن جو چين جي ورهاڱي واري پاليسيءَ تي متفق نه ٿي سگهڻ هو. ڇاڪاڻ ته رڳو يورپي لوڪ ئي لڙائيءَ ذريعي اهو سوال فيصل ڪري پئي سگهيا. ٻيو سبب هو انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪرڻ، ته چيني قوم طاقتور هئي ۽ انهيءَ قوم جا رڳو ٿورڙي وقت لاءِ عوامي رسم و رواج ڪمزور ٿيل هئا. سندن عدد، سندن ذهني قابليت، سندن محنت، سندن يڪمشت ٿي رهڻ ۽ سندن طاقتور قومي انفراديت، سڀني گڏجي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو هميشـہ پنهنجي ملڪ جا مالڪ ٿي رهندا. ڌاريا کڻي ڪجهه وقت لاءِ حڪمران طبقو ٿي حڪمران رهن. هو ٽئڪسن جي رستي يا ٻيءَ طرح ملڪي ماڻهن کي بيجا استعمال ڪن، پر ڪي به ڌاريا حڪمران ڪڏهن به چين کي چينين جي ملڪ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه بڻائي سگهندا.

ڏور اوڀر جي واقعن جي تاريخي اهميت:

جاپان ۽ چين جي صورت جي جديد تبديلي گهٽ ۾ گهٽ ايتري اهميت واري آهي، جيترو دنيا جي تاريخ جو ٻيو ڪو واقعو يا دور. آمريڪا جي ڳولهي لهڻ کان چار سؤ ورهيه پوءِ واري دور ۾ يورپي قوم، سڄي جديد دنيا ۽ قديم دنيا جي گهڻي ڀاڱي تي فاتحاڻو قبضو ڪيو آهي. هر هنڌ هو پاڻ کان گهٽ درجي وارن سان مليا، جيئن هندستان جي حالت ۾ هو اهڙن ماڻهن سان مليا، جيڪي فڪر جي ميدان ۾ هنن جي برابر هئا، پر سرڪاري انتظام ۽ جنگ جي فن ۾ڪمزور هئا. ڇا ايتري گهڻي ڪاميابيءَ کان پوءِ انهيءَ کان وڌيڪ فطري ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته سفيد رنگ وارا ماڻهو پاڻ کي دنيا جي گولي جا ازل کان قسمت ۾ لکيل مالڪ سمجهن؟

اڻويهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري هنن (يورپي ماڻهن) جاپانين جي قابليت کي مڃڻ شروع ڪيو ۽ وڏيءَ دل سان سندن واکاڻ شروع ڪيائون، پر اها واکاڻ اڃا تائين اهڙي هئي جهڙي هڪ استاد جي پنهنجي شاگردن لاءِ هجي. اها ڳالهه آهي ته ڏهن سالن کان پوءِ جاپانين طاقت جي نون هٿيارن جي ٻل تي پنهنجي استادي ثابت ڪري ڏيکاري. هنن مغربي ماڻهن جي انهيءَ غلط خيال کي ته رڳو سفيد رنگ واري قوم فطري طرح برتر آهي، ڊاهي ڇڏيو. هنن دنيا جي وڏين قومن جي وچ ۾ طاقت جو هڪ نئون توازن قائم ڪيو.

ڏور اوڀر جي کلڻ ڪري قومن جي تاريخ سچي طرح عالمي تاريخ ٿي پئي آهي. دنيا جي گولي جي هرڪا قوم ذهني ۽ تجارتي آمدورفت ۽ سياسي مفاد جي ناتن ذريعي ٻيءَ قوم سان ڳنڍي پئي آهي. هاڻي منچوريا ۾ ٿيندڙ لڙائي يورپ ۾ طاقت جي توازن تي اثر ٿي وجهي. نيويارڪ ۾ مالي نازڪ حالت جو اثر شنگهائي ۽ برلن جي واپارين تي پوي ٿو. مطلب ته هر هڪ مالڪ جي قسمت اڳي کان گهڻو وڌيڪ باقي دنيا جي معاملن جي ڪري ٺهي ۽ ڊهي ٿي.

1. جاپان(1)

 

قديم جاپان ۾ جاگيرداري سرشتي جو اُسرڻ:

1850ع کان پوءِ جاپان اوچتو انقلاب داخلي تبديلين جي ڪري عالمي منظرنامي تي ظاهر ٿيو، تنهن بابت مختصر طور ڪي نڪتا سمجهائڻ ضروري آهن. انهيءَ مقصد لاءِ اسان کي جاپان ۾ وچ واري زماني جي شروعات ڏانهن موٽي وڃڻ گهرجي.

خيالي طرح جاپاني بادشاهه ميڪاڊو (Micodoes) هميشـہ نيپان يعني جاپان جا اڪيلا ۽ ڪل طاقتور حڪمران ٿي رهيا. پر عمل ۾ سترهين صدي عيسويءَ کان پوءِ سرڪاري انتظام وزيراعظمن جي هٿن ۾ اچڻ لڳو. 1794ع ۾ قوامو جي شهنشاهه کي انهيءَ ڳالهه لاءِ راضي ڪيو ويو، ته هو پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيوٽو ۾ قائم ڪري، جو 1868ع تائين شهنشاهي دولت خانو رهيو. وزيرن ميڪاڊو جي شخصيت کي شان شوڪت ۽ رسم رواج سان وڪوڙي ڇڏيو. هن کي عام دنيا سان لاڳاپي کان منقطع ڪيو ويو. ايستائين جو ماڻهو ان کي ڪيوٽو (Kioto) ۾ هڪ ”انساني خدا“ جو قسم سمجهڻ لڳا.

انهيءَ وچ ۾ وزيرن پنهنجا عهدا پنهنجن خاندانن ۾ موروثي طرح مستقل ڪري ڇڏيا. مرڪزي سرڪار ڪمزور ٿي وئي، ۽ علائقن جا گورنر آهستي آهستي طاقت ۾ وڌي ويا. اهڙيءَ طرح هڪ قسم جي جاگيرداري بادشاهت پيدا ٿي پئي. ڊائميوس (Daimios) يا علائقن جي مٿان حڪومت ڪندڙ امير پنهنجي بادشاهه ميڪاڊو سان ساڳي انهيءَ لاڳاپي ۾ بيٺل هئا، جهڙيءَ طرح فرانس يا انگلينڊ جا وڏا جاگيردار وچ واري زماني ۾پنهنجي بادشاهي حاڪم سان هوندا هئا. اهي جاگيرداري امير گهڻو ڪري هڪٻئي خلاف جنگ ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ته شهنشاهه جي خلاف به ويڙهه ڪندا هئا.


(1) زور وڌو يا مجبور ڪيو مان مقصد آهي ته کين برطانوي جنگي ٻيڙي ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. (مترجم)

(1) 1867 ۾ روس الاسڪا آمريڪا جي گڏيل رياستن کي وڪڻي ڇڏيو. (مترجم)

(1) هن اصطلاح جي سولي معنيٰ اها ٿيندي ته جيڪا به يورپي طاقت چاهي سا چين جي ڪنهن به علائقي ۾ محصول بنا ڪاروبار ڪري. (مترجم)

(1) ميڪسيڪو وڳوڙ: پريزيڊنٽ ڊي آس، جنهن 1876ع کان 1880ع تائين ۽ ان کان پوءِ 1884ع تائين يڪو عهدو سنڀاليو هو، تنهن کي 1911ع کانپوءِ مجبور ڪيو ويو ته هو پنهنجي لائق ۽ اثرائتي پر آمريتي حڪمرانيءَ جي طويل مدت کي ختم ڪري. انهيءَ کان پوءِ ميڪسيڪو وري وڳوڙ، بدانتظامي ۽ ڏيوالپڻي ۾ وڃي پيو. (انگريزي ايڊيٽر)

(1) مـُـک ڪتاب، جيڪو هن ڏس ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، اهو آهي و.اي. گريفس (W.E.Griffis) جو ميڪاڊو جي شهنشاهت (The Micodoes Empire) جنهن مان ڪيترا اقتصادي نتيجا ڪڍيا ويا آهن. جيڪو شاگرد جاپان جي جديد ترقيءَ جو تمام ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ چاهي ٿو، انهيءَ جي لاءِ هيءُ هڪ بهترين ڪتاب آهي. ”جاپانين جو لکيل جاپان“ (Japan by the Japanese، a survey by its highest authorities) الفريڊ اسٽيڊ (Alfred Stead) لنڊن 1904ع جا شايع ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ جاپان جي وڏن سياستدانن ۽ استادن مقالا لکيا آهن. وڌيڪ تازي خبر جاپاني سالياني ڪتابن مان ملندي، جيڪي 1908ع کان وٺي پيا نڪرن. (مترجم)

ٻٽي بادشاهت جو ٺهڻ:

جاپاني سياست ۾ سڀني کان وڌيڪ نمايان ڳالهه هئي ٽائرا (Taira) قبيلي جي، جنهن گهڻي وقت کان طاقت جي هڪ هٽي ماڻي هئي، جنهن جي ٻئي يعني منياموٽوس قبيلي سان ڇڪتاڻ جاري هئي. ٽائرا قبيلي وارن پنهنجا سڀ وڏا عهدا وڃايا ۽ آخر ۾ شيمونوسيڪي جي ڳچي سمنڊ جي هڪ خوفناڪ بحري لڙائي ۾ برباد ٿي ويا. 1192ع ۾ ميڪاڊو ميناموٽوس قبيلي جي سردار يوري ٽومو (Yoritomo) کي ساءِ. اي. ٽاءِ. شوگن (Sei-i-Tai-shogun) (وحشين کي فتح ڪندڙ سپهه سالار) مقرر ڪيو. هن کان پوءِ شوگن لفظ جي هڪ نئين اهميت ٿي پئي. قديم زماني ۾ سڀني سپهه سالارن کي شوگن ڪوٺيو ويندو هو،  پر انهيءَ عهدي کي وڌيڪ پـُـراثر بڻائيندي، هن خاص شوگن جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ طاقت حاصل ڪئي. ايتري قدر جو پرڏيهي کيس ئي حاڪم سمجهڻ لڳا، پر اول کان آخر تائين هي شهنشاهه جو زيردست ئي هو. 1192ع کان 1868ع تائين هـُـو جاپان جو رڳو هڪ سپهه سالار ۽ شهنشاهه جو هڪ فوجي تعبيدار هـُـئو. جيتوڻيڪ هن ملڪ تي زبردست فوجي طاقت سان حڪمراني ڪئي، تڏهن به هن هڪ زيردست جي حالت ۽ چيوٽو واري ميڪاڊي جي نالي ۽ انهيءَ واسطي ۾ اها حڪمراني ڪئي ڪيائين. جيئن ته مـُـلڪ ۾ ٻه حڪمران هئا، هڪڙو ڪيوٽو ۾ حقدار پر بيوس شهنشاهه ۽ ٻيو غصب ڪندڙ طاقتور شوگن، تنهن ڪري انهيءَ شوگنيت واري دور کي اڪثر ڪري ڊيوآرڪي (Duarchy) يعني ٻٽي بادشاهت ڪوٺجي ٿو. (لاطيني ٻوليءَ ۾ ٻن کي ”ڊيو“ Duo چئبو آهي.)

شوگونيت جي تڪميل:

1603ع ۾ ميناموٽوس شوگن خاندان وارن کي مجبور ٿي ٻين خاندانن اڳيان آڻ مڃڻي پئي، ان دوران گهرو ويڙهه ڪيترا دفعا جاپان کي برباد ڪري ڇڏيو. سورهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ هڪ هـُـل هنگامي واري دور کان پوءِ ٽوڪو گاوا خاندان جي آئي ياسو (Iyasu) ، جو پڻ مشهور منيا موٽوس قبيلي مان هو، تنهن صلح سانت واري حـُـڪومت آندي. 1603ع ۾ آئي ياسو ميڪاڊو کي کيس مـُـلڪ جو شوگن ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. انهيءَ ييڊو (Yedo) جي علائقي ۾ پنهنجو گاديءَ جو هنڌ قائم ڪيو، جو هاڻوڪو ٽوڪيو آهي، ٻئي طرف وري ميڪاڊو جي دربار ڪيوٽو ۾ قائم رهي آئي. ان دوران آئي ياسو وڏين دائيوس سان شاديءَ جا ناتا ڳنڍي ۽ پنهنجن پٽن کي مـُـک جاگيرون عطا ڪري، پنهنجي ٽوڪو واوا خاندان کي جاپان ۾ سڀ کان بلند ڪري ڇڏيو. ان ۽ سندس قابل پوٽي جاگيرداري حڪومت جي هڪ سرشتي جي تڪميل ڪئي، جنهن جي تحت ٻن سؤ سالن تائين جاپان صلح سانت ۽ آسودگي ماڻي.

جاپان جو بلڪل الڳ ٿلڳ رهڻ:

ٽوڪو واوا خاندان شوگونيت جو هڪ عجيب اهو قاعدو هو، جنهن جاپاني رعيت جو ملڪ ڇڏڻ ممنوع ڪيو ۽ ان ڏوهه جي سزا موت رکي. ان کان اڳ ۾ جاپان مشرقي ايشيا جي سڀني بحري ملڪن سان واپاري ناتا رکيا هئا. هينئر اهي سڀ پرڏيهي، جي ساڻس واپار ڪرڻ چاهين پيا، تن کي قاعدي مطابق نظر انداز ڪيو ٿي ويو. رڳو ڊچ قوم وارن کي ناگاساڪي جي ڀرسان ديشينا جي علائقي وٽ هڪ ننڍي فئڪٽري کولڻ جي اجازت ڏني وئي.

مسيحيت کي دٻائڻ:

پورچوگيز، سورهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري جاپان ۾ آيا هئا. مشهور جيزوئسٽ فرانسس زئفيئر (Francis Xavier) عجيب ڪاميابيءَ سان مسيحيت جو پرچارڪيو. هي نئون عقيدو تيزيءَ سان ڦهلجي ويو ۽ امير گهراڻن جا ماڻهو پڻ انهيءَ ۾ اچي ويا. ٽوڪو واوا شوگنن نئين عقيدي کي حڪومت لاءِ خطرناڪ سمجهيو. سڀني پرڏيهين جي خلاف، سواءِ ڊچ ۽ چيني قوم وارن جي، شهر بدر ڪرڻ جو فرمان اصل ۾ ڪرستان پرچارڪن جي خلاف هو. جڏهن ملڪي مذهب بدليندڙن پنهنجي عقيدي کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن مٿن تمام سخت ظلم ڪيا ويا. صليب تي چاڙهڻ، ساڙڻ، جيئرو پورڻ ۽ پڻ ٻيا ظلم هن ”بري فرقي“ خلاف عمل ۾ آندا ويا. سترهين صدي عيسويءَ جي آخر تائين مسيحيت جي پاڙ پٽجي وئي.(1)

 

ٽوڪو واوا واري شوگنيت جي هٿ هيٺ آيل جاپاني معاشرت:

هاڻوڪي جاپاني آدمشماري مـختلف طبقن ۾ ورهايل هئي، پر اهي هڪٻئي کان ايترو جدا نه هئا جيترو هندستاني جاتيون منجهانئن ڪن جو مختصر احوال هن ريت آهي:

1. ڊائميوس، هي پنهنجي زمين واري ملڪيت جي وسيعت آهر خود ننڍن طبقن ۾ ورهايل هئا.

2. سمورائي، جن جا پڻ ننڍا طبقا هئا. هو گهڻو تڻو فوج ۾ آفيسر، سرڪاري عهديدار ۽ سپاهي هئا.

3. پروهت، عالم، طبيب، فنڪار.

4. هاري 5. ڪاريگر، مهاڻا وغيره 6. واپاري

جاپاني معاشري ۾ عام طرح پٽ پنهنجي پيءُ جي رتبي ۽ ڌنڌي کي جاري رکندو هو. واپارين جي بري حالت هئي. ”هنن کي معاشري جي درجن ۾ ايترو گهٽ ڪري سمجهيو ويندو هو، جو کين سمورائي جي مخالفت ڪرڻ يا انهن سان بحث ڪرڻ جو ڪنهن به نموني ۾ ڪوبه حق نه هو.“(1)

 

جاپان جو پرڏيهي آمدورفت لاءِ کلڻ:

1853ع ۾ آمريڪي ڪموڊور يا آمريڪي بحري ٻيڙي جو مهندار (Perry) اٺن جهازن جو هڪ بحري ٻيڙو وٺي جاپان ڏانهن روانو ٿي ويو. هي پاڻ سان گڏيل رياستن جي صدر جو هڪ دوستاڻو خط کڻي ويو، جنهن ۾ ٻنهي قومن جي وچ ۾ هڪ واپاري معاهدي جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي. ايندڙ سال ۾ جاپاني شوگن اهڙي معاهدي تي اتفاق ڪيو، ۽ اهڙيءَ طرح آخر ۾ جاپان ٻاهرين دنيا سان لاڳاپي رکڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. انگلينڊ، روس ۽ ٻين ملڪن ۾ جلدئي جاپان سان اهڙي قسم جا معاهدا ڪيا. ساڳئي وقت تي جاپانين کي پرڏيهه ڏانهن سفر کان روڪڻ جو قانون رد ڪيو ويو. انهيءَ تبديليءَ جي ڪري هڪدم جاپاني شاگرد پرڏيهي علمن ۽ رسمن رواجن کان واقف ٿيڻ لاءِ يورپ ۽ آمريڪا ڏانهن وڏي تعداد ۾ وڃي گڏ ٿيا.

شوگونيت جي زوال جا سبب:

پرڏيهي واپارين ۽ سياستدانن جي آمد داخلي معاملن ۾ اهم تبديلي آندي، جنهن جي نتيجي ۾ شوگونيت جو زوال آيو. مخالف ڌر وارا ڊائميوس، جن ۾ ستسوما سڀني کان وڌيڪ طاقتور هئا، تن دعويٰ ڪئي ته شوگن کي پرڏيهي ملڪن سان معاهدا ڪرڻ جو ڪو حق ڪونه هو. هنن ميڪاڊو جي فرمانروائيءَ جي حمايت ڪئي. حقيقت ۾ جاپاني معاشري ۾ ميڪاڊو سان وفاداري ڪڏهن به ڪانه وساري وئي هئي. سترهين صدي عيسويءَ جي آخر تائين شوگن جي طاقت خلاف ناراضپي جون نشانيون عالمن جي طبقي ۾ ظاهر ٿيون. پرنس ميٽو (1632ع - 1700ع) جاپان جي هڪ تاريخ لکي، جا جتي ڪٿي مطالعو ڪئي وئي. ”هن ڪتاب جو ان طرف لاڙو هو، ته ماڻهن جون دليون ميڪاڊو جي حقيقي ۽ اختياريءَ جي هڪڙي ئي سرچشمي جي حيثيت ۾ ان ڏانهن مائل ڪجن ۽ گڏوگڏ ان تاريخي حقيقت ڏانهن اشارو ڪرڻ ته شوگن هڪ فوجي غاصب هو.“

انهيءَ ڳالهه کي سگهارو ڪندڙ هڪ ٻيو سبب، ميڪاڊو کي حڪمرانيءَ جا وري حق واپس ملڻ، ۽ ارڙهين صدي ۽ اڻويهين صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾ شنٽو مذهب کي نئين سر زندهه ڪرڻ هو. شنٽو جنهن جي معني آهي ”ديوتائن جو رستو“، سو ٻڌمت جي اچڻ کان اڳ هندو ڌرم ۾ موجود هو. انهيءَ ۾ پنهنجي وڏن جي ۽ فطري عنصرن جي پرستش ڪئي وڃي ٿي، جا قديم چيني فطرت پرستيءَ جي مشابهه آهي. انهيءَ ۾ خاص طرح ميڪاڊو جي خدائي نسل هـُـجڻ تي زور ڏنو ويو، ۽ شهنشاهي حڪومت جي فرمانبرداري پهريون اخلاقي فرض ڪري طلب ڪيو ويو. شنٽو جي سياسي اهميت انهيءَ حقيقت مان نظر ايندي، جو 1870ع کان پوءِ اهو مذهب سرڪاري مذهب بنجي پيو.

پرڏيهين سان مقابلو:

شوگونيت ۽ ميڪاڊو جي حقدار پارٽيءَ جي وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ، پرڏيهي طاقتن سان وڏيون غلط فهميون پيدا ڪري وڌيون. جڏهن مغربي سياستدانن شوگن سان پهريائين معاهدن تي صحيحون ڪيون، تڏهن هنن ايئن سمجهيو، ته شوگن سمورين قانوني اختيارين جي زور تي پيو ڪم ڪري. پر اوچتو ئي ميڪاڊو جي صلاحڪارن شوگن جي منظور ڪيل ذميوارين کي قبول نه ڪيو ۽ جاپاني بندرن کي بند ڪرڻ جي سرڪاري نيتيءَ جو اعلان ڪيو. ساڳئي وقت ماڻهن کي پرڏيهين خلاف جوش ڏياريو ويو جنهن جي نتيجي ۾ انهن مان ڪيترائي ماريا ويا.

انهيءَ کان پوءِ هڪ مـُـک ٽولي ڪـِـن يورپي جهازن تي حملوڪيو. اتحادي سرڪارين طاقت سان انهن معاملن جي نبيري جو فيصلو ڪيو. 1864ع ۾ انگريز، فرينچ، ڊچ ۽ آمريڪي جنگي جهازن جي هڪڙي ٻيڙي شمونو سيڪي جي ڳچي سمنڊ جي قلعي کي برباد ڪيو. هن قسم جو طاقتور دليل مؤثر ثابت ٿيو ۽ جاپاني شهنشاهه يورپي دٻاءَ آڏو جـُـهڪندي ٿيل معاهدا بحال ڪيا.

1868ع وارو انقلاب:

1867ع ۾ موتسوهيٽو جاپان جي پهرئين ۽ اڪيلي خاندان جو 123 هون ميڪاڊو ٿي تخت تي ويٺو. هيءُ ان وقت پندرهن سالن جو نوجوان هو. هن جي صلاحڪارن جي ٻٽي پاليسي هئي. جهڙوڪ: پهريون مغربي  طاقتن سان رس رساءُ رکڻ ۽ مغربي سڌارا آڻڻ، ٻيو ميڪاڊو کي جاپان جي اڪيلي حڪمران جي حيثيت ڏيارڻ ۽ اقتدار جي سندس قديم حقن کي قائم ڪرڻ وغيره شامل هيو. جڏهن هنن شوگن کي ملڪ جي ڀلائيءَ خاطر پنهنجي اختيارن کي ڇڏڻ لاءِ عرض ڪيو، تڏهن هن صلح سانت سان استعيفا ڏني، پر سندس تعبيدارن استعيفا موٽائي وٺڻ ۽ هٿيار کڻڻ لاءِ کيس ترغيب ڏني. هن ستسو جي ٽولي ۽ ٻين شهنشاهه جي حمايتين کان 1868ع ۾ شڪست کاڌي. جيتوڻيڪ هينئر آخري شوگن، ٻڌ خانقاهه ۾ دنيا ترڪ ڪري وڃي ويٺو، تڏهن به ڊائميو وارن ۾ گهرو ويڙهه سال جي آخر تائين هلندي آئي.

نئين زماني جو افتتاح:

نئين آيل شهنشاهي حڪومت جي پهرين ڪمن مان هڪڙو اهو هو، ته ڊائميوس کي عرض ڪن ته هو خانگي زندگيءَ ۾ وڃي الڳ ٿي ويهن. انهن پنهنجي خاص جاگيرداري حقن جي بچاءَ ۾ ڪنهن به اعتراض وارڻ کان سواءِ هڪدم اهڙو حڪم مڃيو. انهن مان گهڻا ته رڳو عياش هئا، جن ۾ سندن وڏن واري جنگي بهادري ڪانه هئي. اهڙيءَ طرح جاگيرداري رياست هڪ ڪل اختياريءَ واري بادشاهت ۾ بدلجي وئي. بعد جي سالن ۾ مغربي نموني تي سڌارن جو هڪڙو سلسلو آندو ويو. هڪ جديد پوسٽ آفيس، هڪجهڙو سڪو، گريگوري جنتري، متفرق ابتدائي لازمي تعليم ۽ اهڙا ڪئين قدم آهن، جن جاپان کي هڪ جديد ملڪ ۾ تبديل ڪيو. 1874ع ۾ ڪرستاني پرچارڪن کي مـُـلڪ اندر اچڻ جي اجازت ڏني وئي، جن تيزيءَ سان پنهنجا عقيدا جاپان ۾ ڦهلايا.

جمهوري جوڙجڪ واري حڪومت جو قيام:

1890ع ۾ ميڪاڊو پاڻمرادو پنهنجي شهنشاهي حقن جو هڪ حصو عوام جي نمائندن کي ڏنو. حڪومت جي هڪ جوڙجڪ پڌري ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻن اسيمبلين واري هڪ شهنشاهي ڊائٽ (Diet) يا مجلس جو تصور ڏنل هو. ”اميرن جي اسيمبليءَ“ ۾ شهنشاهي خاندان جا ميمبر، امير ۽ اهي عيوضي هئا، جن کي شهنشاهه ٿاڦيو. ”نمائندن جي اسيمبليءَ“ ۾ ماڻهن جا چونڊيل ميمبر هئا.

اها جوڙجڪ ٺاهيندڙن، چونڊيندڙ ۽ اميدوارن جي گهٽ ۾ گهٽ عمر پنجويهه ورهيه ۽ ملڪيت جو شرط هر سال پندرهن يين (Yen) سڌي ڍل جو ڏيڻ مقرر ڪيو. نتيجو اهو ٿيو، ته چار ڪروڙ ويهه لک ماڻهن جي قوم مان چار لک سٺ هزار ماڻهن کي ووٽ جو حق مليو. بعد ۾ هڪ سڌاري جي بل جي ذريعي، جيڪو پوءِ بحال ڪيو ويو، چونڊيندڙن لاءِ ملڪيت جو شرط گهٽائي هر سال ڏهه يين (Yen) جي قومي ٽئڪس رکي وئي، جنهن ڪري ووٽ جي حقدارن جو عدد وڌي اَٺ لک ٿيو.

جديد بري ۽ بحري لشڪر جي تشڪيل:

نئين حڪومت جي پهرين ڪمن مان جديد بري ۽ بحري لشڪر جي تشڪيل هئي. بري لشڪر کي پهريائين فرينچن ۽ 1885ع کان پوءِ جرمن آفيسرن سکيا ڏني. 1895ع واري لڙائيءَ جي وقت کان وٺي جاپان پنهنجو فوجي ڪم پرڏيهي مدد کان سواءِ هلايو آهي. بحري جنگي ٻيڙو برطانوي نموني تي ٺاهيو ۽ منظم ڪيو ويو.

ڪوريا جو سوال:

جاپانين سورهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ ڪوريا تي حملو ڪيو. ڪوريا جي حڪومت انهيءَ کان پوءِ هر هڪ حاڪم جي تخت نشينيءَ تي سوکڙيون موڪلي پنهنجي احترام جو اظهار جاري رکيو، پر ٽوڪو واوا شوگونيت جي زوال کان پوءِ ڪوريا وارن اهڙي ملڪ (جاپان) سان وڌيڪ ناتا رکڻ کان انڪار ڪيو، جيڪو ملڪ ايترو هيٺ ڪري پيو هو، جو اُتي مغربي تهذيب اختيار ڪئي وئي هئي. 1875ع ۾ هنن هڪ جاپاني جنگي جهاز جي ٻيڙيءَ تي گولي هلائي انهيءَ نفاق کي مڪمل ڪيو.

جاپان ان جو جواب ڪوريا ڏانهن هڪ مضبوط جديد جنگي جهازن جي ٻيڙي موڪلڻ سان ڏنو. ڪوريا وارا ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ ٺاهه  ۽ واپاري معاهدي ڪرڻ جي ڳالهه مڃيائون، جنهن مطابق پرڏيهي واپار لاءِ 1876ع ۾ ٽي بندر کوليائون. اهڙي طرح ”دنيا ترڪ ڪري ويٺل بادشاهت“ پڻ آخر ۾ ٻاهر واري دنيا لاءِ کولي وئي.

چين ۽ ڪوريا:

چين گهڻي وقت کان وٺي ڪوريا تي حڪمرانيءَ  جي دعويٰ ڪئي هئي، پر پيڪنگ جي سرڪار ڪي به عملي قدم نه کنيا، جو حڪمرانيءَ سان گڏ ان جي حفاظت به مؤثر ٿئي. ڪوريا کي بنا ڪنهن مدد جي اڪيلو، جاپاني بحري لشڪر کي منهن ڏيڻو پيو. جڏهن هن آڻ مڃي، تڏهن کيس اجازت ڏني وئي ته جاپان سان معاهدو ڪري، جنهن جي پهرئين فقري ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته ”هوءَ خودمختيار رياست آهي ۽ کيس ساڳيا حق آهن جهڙا جاپان کي.“ آخر ۾ ڪوريا طرفان گڏيل رياستن، عظيم برطانيا ۽ ٻين طاقتن سان ٻيا عهدناما ڪيا ويا. انهن عهدنامن ۾ پڻ ڪوريا هڪ خودمختيار ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي.

ڪوريا ۾ جاپان جو تسلط چين جي اُتر وارن بندرن ۽ پيڪنگ ڏانهن ويندڙ بحري رستي کي جوکي ۾ وجهي ڇڏي ها. اهو منچوريا ڏانهن ويندڙ رستو پڻ آسان ڪري ڇڏي ها. انهن سببن ڪري چين ڪوريا تي پنهنجي سرداريءَ جي دعويٰ وري اٿاري ۽ گاديءَ جي هنڌ سيئول (Seoul) ڏانهن هڪ ايلچي موڪليو. انهيءَ کان پوءِ ڪوريا جي سڀني سرڪاري کاتن ۾ چيني اثر محسوس ڪيو ويو. چينين جيڪي اتي مختلف قدم کنيا، انهن جي ڪري جاپانين جي مفادن کي نقصان پهتو. اها رقابت آهستي آهستي وڌيڪ تلخ ٿيندي وئي، تان جو ٻنهي مـُـلڪن وچ ۾ لڙائيءَ کي روڪي نه سگهي.

چين ۽ جاپان جي لڙائي (1894ع-1895ع):

1894ع ۾ٻنهي طاقتن ڪوريا ۾ پنهنجن لشڪرن جا ننڍا جٿا رکيا. ڪوريا جي حيثيت جي نبيري لاءِ هميشـہ ٺاهه جون ڳالهيون پيون هلنديون هيون. چين اڳ ۾ ئي ڪوريا کي هڪ ڏن - ڀرُو رياست ڪري ليکيو هو. انهيءَ وچ ۾ جاپان چين سان ساڳئي عملي رستي تي قدم کڻڻ تي متفق نه ٿي سگهڻ ڪري اڪيلو ڪوريا جي ڪمزور انتظام ۾ مختلف سڌارا آڻڻ شروع ڪيا. انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪندي چين ڪوريا ڏانهن پنهنجو لشڪر موڪلي پنهنجي حڪومت جي حقن جي حددخليءَ کي روڪڻ لاءِ اڳتي وڌيو. هي لڙائيءَ لاءِ بالڪل تيار هو.


(1) ٿي سگهي ٿو، ته مسيحيت کي دٻائڻ وارو ليکڪ جو سبب صحيح هجي، ته ٽوڪوواوا شوگنن نئين عقيدي کي حڪومت لاءِ خطرناڪ سمجهيو ٿي، پر ايڇ. جي. ويلس پنهنجي ”تاريخ جي خاڪي“ (Out line of History) ۾ جيڪي سبب ڄاڻايا آهن، سي وڌيڪ سمجهه ۾ اچڻ ۽ اعتبار ڪرڻ جهڙا آهن.

ايڇ. جي. ويلس لکي ٿو ته: ”يورپ جاپان سان سورهين صديءَ ۾ رابطي ۾ آيو. 1542ع ۾ ڪجهه پورچوگيز ملاح هڪ چيني ٻيڙي ۾ جاپان پهتا ۽ 1549ع ۾ جيسوئيٽ راهب، فراننس زيوئير (Fraucis Xavier)، عيسائي مذهب جي پرچار شروع ڪئي. جيسوئيٽن جي لکيل احوالن، جاپان کي جاگيردارن جي گهرو لڙائين جي ڪري، هڪ تباهه ٿيل ملڪ ڏيکاريو آهي. ڪجهه ڏينهن تائين جاپان آيل راهبن ۽ سندن رابطن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو ۽ ڪيترائي جاپاني نئين مذهب ۾ داخل ٿيا. انگلينڊ جي علائقي ڪينٽ (Kent) جي شهر گلنگهم (Gillingham) جي رهواسي وليم ايڊمس (William Adams) ته ڪجهه وقت لاءِ جاپانين جو سڀ کان ويجهو صلاح ڪار ٿيو. هن جاپانين کي وڏا سامونڊي ٻيڙا ٺاهڻ سيکاريا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ جاپاني ٻيڙا هندستان ۽ پيرو (ڏکڻ آفريڪا) تائين پهتا.

ان عرصي کان پوءِ مشڪلاتون شروع ٿيون. اسپين مان آيل ڊومينيڪن مسلڪ جا راهب (Dominican Friars)، پورچوگال جا جيسوئيٽس، انگريز ۽ ڊچ پروٽيسٽنٽ هڪ ٻئي سان وڙهي پيا ۽ هر هڪ جاپانين کي ٻين جي باري ۾ چغلين کائڻ ۽ خبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيسوئيٽن پنهنجي اُڀار جي هڪ ننڍڙي دور ۾ هڪ وڏي غلطي ڪري وڌي، جو ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن جي مٿان بي عزتيءَ، تنگ نظريءَ ۽ زيادتين جو مينهن وسائي ڇڏيو.

آخر ۾ جاپاني ان نتيجي تي پهتا، ته يورپي ۽ انهن جي مسيحيت هڪ ناقابل برداشت چـَـٽي ۽ مصيبت آهي. خاص طور تي مسيحيت جو ڪئٿولڪ مسلڪ، جنهن کي هنن، هڪ سياسي چال ۽ پوپ ۽ اسپين جي بادشاهت جو هلايل حربو سمجهيو. ان زماني ۾ فلپائين ٻيٽ، اسپين جو بيٺڪي ملڪ هو، جنهن حقيقت سندن شڪ ۽ شبهي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ان نتيجي تي پهچڻ کان پوءِ مسيحين تي بي انتها ظلم ڪيا ويا ۽ 1638ع ڌاري، سواءِ هڪ ڊچ فيڪٽريءَ جي، سڀني يورپين کي ڀڄائي ڪڍيو ويو ۽ پوءِ 200 سالن تائين ڪنهن به ٻاهرين کي اچڻ نه ڏنو ويو. (سنڌي ايڊيٽر)

(1) شوگن، جاپان جا جاگيردار هئا، جن کي سڄو ملڪ ذاتي ملڪيت طور ورهائي ڏنو ويو هو. هي ائين ئي هئا، جيئن انگلينڊ، فرانس، جرمني يا روس جا ڊيوڪ يا لارڊ جن جي وچ ۾ به سندن پورو ملڪ ورهايل هوندو هو.

پر هڪ تمام وڏي فرق جي ڪري جاپان جا شوگن، يورپ يا براعظم (وڏي کنڊ) جي جاگيردارن ۽ وڏيرن کان تمام گهڻا مختلف ۽ پنهنجي قوم لاءِ تنزليءَ بجاءِ ترقيءَ جا اهڃاڻ ٿي پيا.

شوگن جي طاقت سندن ويڙهاڪن، جن کي سامورائي (Samurai) چيو ويندو هو، جي تعداد تي دارومدار رکندي هئي. يعني ڪهڙو شوگن وڌيڪ طاقتور آهي، ان جو مدار دولت جي مقدار يا زمين ۽ علائقي جي گهڻائيءَ تي نه هو، بلڪ سامورائن جي تعداد تي ليکيو ويندو هو.

پر سامورائيءَ جي خصوصيت اها هئي، ته هو نه صرف وڙهڻ جي فن ۾ ماهر هجن، پر ساڳي وقت پڙهڻ لکڻ ۾، ادب ۽ فضيلت ۾ به ماهر هجن. ان عجب ريت جي ڪري سڄي دنيا جي هلت جي ابتڙ، جاپان جي جاگيردارن، تمام گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهو پيدا ڪيا.

جڏهن 1869ع ۾ جاپان ۾ شوگنن جي ريت ختم ٿي، هڪ بادشاهت ۽ هڪ ملڪ جي تنظيم شروع ٿي، ته اهي سڀ سامورائي هٿيار ڦٽا ڪري، قلم کڻي حڪومت جي ڪاروهنوار سنڀالڻ ۾ لڳي ويا. جاپاني سماج کي ڪنهن طوفان کي منهن ڏيڻو نه پيو ۽ جاپان کي وڏي تعداد ۾ پڙهيل لکيل آفيسرن ۽ عملدارن جي کيپ نصيب ٿي. (سنڌي ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org