وچئين دور جي تاريخ
(375ع - 1492ع)
ٽيوٽاني
(Teutonic)
قبيلن جي لڏپلاڻ جي ابتدا کان وٺي آمريڪا جي ڳولي
لهڻ تائين
مهاڳ:
ڪرسٽوفر ڪولمبس |
تاريخ کي، پنهنجي سهولت لاءِ، چڱيءَ طرح ورهايل
دورن ۾ منظم ڪرڻ جو مطلب اهو نه آهي ته سچ پچ
تاريخ ۾ ڪي اهڙا ورهاڱا وجود ۾ آيا. دراصل اهي
ورهاڱا تاريخ نويسن جا ڪيل آهن، ان لاءِ ته ايڏي
وڏي موضوع کي چڱيءَ طرح سمجهڻ لاءِ ننڍن حصن ۾
ورهايو وڃي. جنهن وقت وِزيگوٿـَـن
(Visigoths)
ڊئينوب نديءَ جو هيٺانهون پاسو پار ڪيو تنهن وقت
سندن لڏپلاڻ مشرقي شهنشاهت جي رڳو هڪڙي حصي تي اثر
انداز ٿي، ٻين هنڌ ماڻهن جي روزاني زندگي، بنا
ڪنهن ڦيرڦار جي ساڳي رهي. هن جديد زماني مان
جيڪڏهن تاريخ تي پٺتي نظرڪجي ٿي ته ڏسبو ته جنهن
وقت جرمن قوم روم
جي ملڪ تي پهريون ڪامياب حملو ڪيو،ان وقت کان وٺي
هڪ تحريڪ شروع ٿي، جنهن سڄي يورپ کي آهستي آهستي
تبديل ڪيو، تنهنڪري، ’375ع‘ کي وچئين دور جي ابتدا
ڪري چونڊيو ويو آهي. ڪيترا تاريخ نويس سن ’476ع‘
کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا،جو اهو سن آخري مغربي شهنشاهه
جي تخت کسجڻ جو آهي.
سن 1492ع ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس ڪجهه ويسٽ اِنڊين ٻيٽ
ڳولي لڌا. يورپ ۾ ڪيترن ماڻهن کي ته هن واقعي جي
خبر ئي ڪانه پيئي، پر هن واقعي جي ڪري ماڻهن ملڪن
جي ڳولا ۾ ڪيتريون سامونڊي مسافريون ڪيون. جنهن
ڪري ڪولمبس جو اهي ٻيٽ ڳولي ڪڍڻ انهن واقعن جي
سلسلي جي پهرين ڪڙي هئي جن دنيا جي شڪل بدلائي
ڇڏي. تنهن ڪري، عام طرح سن ’1492ع‘ کي جديد زماني
جي ابتدا ڪري ليکيو ويندو آهي.
باب
سورهون
جرمن قوم جي تاريخ
چارلس اعظم
(Charlemagne)
جي موت تائين
ٽيوٽاني قبيلن جون ابتدائي لڏپلاڻون:
جرمن يا ٽيوٽان قوم متعلق اسان کي يقيني علم
ڪونهي، جيستائين هنن ٻي صدي قبل مسيح جي آخر ۾
پهرين لڏپلاڻ نه شروع ڪئي. سـِـنبري ۽ ٽيوٽاني
قبيلن، جن ڏکڻ ۾ نوان گهر تلاش ڪيا، تن کي ماريوس
تباهه ڪري ڇڏيو. سيزر ”گال“ تي جرمن حملو روڪيو.
آگسٽس ’رائين‘ ندي
(Rhine)
جي مشرق واري ملڪ کي پنهنجي هٿ
هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجو لشڪر وڃايو. سن ميلاديءَ
جي پهرين صدين ۾ ٽيوٽاني قبيلن ڪيتريون ڪوششون
ڪيون ته روم
جي سرحد ٽپي اچن. سندن جهنگلي ملڪ لاءِ سندن تعداد
روز بروز وڌندڙ هو. روم جو بادشاهه مارڪس آريلئس
ڊئنيوب نديءَ جي بچاءُ ڪندي مري ويو. هن کان پوءِ
شهنشاهن، انهيءَ خطري کي روڪڻ لاءِ، جرمن جوڌا روم
جي لشڪر ۾ داخل ڪيا ۽ انهن قبيلن کي اجازت ڏنائون
ته سرحدي صوبن ۾ آباد ٿين.(1)
’هـَـن‘
(Hun)
قوم:
چوٿين صدي ميلاديءَ ۾ هـَـن قوم، ڪئسپين سمنڊ ۾
’يورال‘
(Ural)
جبلن جي وچ وارن ميدانن کان، مغرب طرف رخ رکيو.
هـَـن هڪ رولو قوم هئي ۽ مغلن جي قوم مان هئي. هنن
کي ’هيونگ نـُـو‘
(Hiung-nu)
جا پويان ڪري سڃاتو وڃي ٿو. هيونگ نـُـو، ’هـَـن‘
(Hun)
خاندان (206 ق.م کان 25ع تائين) جي زماني ۾، اتر
چين ۾ ڦـُـرلٽ ڪئي ۽ هن جي خلاف شـِـهه هـُـوانگتي
(Shih Hwangti)
(246 ق.م کان 221 ق.م تائين)
چين جي عظيم ديوار ٺهرائي هئي. سن 375 م ۾ هـَـن
قوم وولگا ندي ٽپي آئي ۽ اچي هڪ جرمن قبيلي،
اوسٽروگوٽ
(Ostrogoth)
تي، (جو ان وقت ڪاري سمنڊ جي اتر ۾ رهندو هو) حملو
ڪيو. اوسٽرو گوٽ (اوسٽرو = مشرقي قبيلو =
goth)
قبيلي، هن قوم سان ساٿ ڏنو ۽ ’وزي گوٽ‘
(Visigoth)،
يعني مغربي قبيلي
تي حملو ڪيو، جنهن جي آبادي هيٺانهين ڊئينوب نديءَ
جي اُتر ۾ ’ڊاشيا‘
(Dacia)
تائين پکڙيل هئي.
قومن جي لڏپلاڻ:
وزيگوٽ قبيلي قسطنطنيه جي شهنشاهه جي اجازت سان
ڊئينوب ندي پار ڪئي. هو پنهنجون زالون ۽ ٻار وٺي،
هڪ قوم ٿي آيا. اهڙيءَ طرح جرمن قوم جي وڏي لڏپلاڻ
شروع ٿي، جنهن جي ڪري سڄي شهنشاهت وڃي وحشين جي
رحم ڪرم تي پيئي. نتيجو اهو نڪتو، ته روم
جي مغربي شهنشاهت جي برباديءَ کان پوءِ جرمن
بادشاهتون قائم ٿي ويون.
وزيگوٽ قبيلو:
وزيگوٽ قبيلي ۾ جلد ئي نوجوان بادشاهه اَلارڪ
(Alaric)،
سندن اڳواڻ پيدا ٿيو. مشرقي شهنشاهه، اَرڪاڊيس
(Arcadius)
، پنهنجي ملڪ کي برباديءَ کان هن طرح بچايو، جو
گوٽ قبيلي کي اٽليءَ جي خلاف موڪليائين. سن 410ع ۾
اَلارڪ روم
۾ ڦـُـر ڪئي ۽ رڳو ڪرستاني ديويون ڇڏي ڏنائين، ڇو
ته گوٽ قبيلي وارا پاڻ عيسائي هئا. هن سڄي اٽليءَ
کي فتح ڪري، الارڪ آفريڪا تي حملي جي سوچ ڪئي، پر
موت ڪري سندس فتحياب زندگي منقطع ٿي وئي. هن جي
پوين ڏکڻ گال ۾ هڪ وزيگوٽ بادشاهت قائم ڪئي. سن
507ع ۾ هي اسپين ۾ موٽي ويا، ڇو ته فرئنڪ
(Frank)
بادشاهه، ڪلووِس
(Clovis)،
کين شڪست ڏني. اسپين ۾ گوٽ قبيلي جي بادشاهت، جنهن
جي گاديءَ جو هنڌ ’طليطـہ‘
(Toledo)
هو، سن 711ع تائين هلي، جڏهن مسلمانن اچي اسپين
فتح ڪيو.
اوسٿرو گوٽ قبيلو:
493ع ۾ مشرقي گوٽ قبيلي جي بادشاهه ٿـِـئوڊورڪ
(Theodoric)
، جرمن اوڊوآڪر
(Odo Acer)
کي شڪست ڏني، جنهن پاڻ کي
اٽليءَ جو حڪمران بنايو هو. ٿـِـئوڊورڪ چڱيءَ طرح
حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي رعيت کي رحمدليءَ سان هلايو.
هيءُ پنهنجي وقت جو تمام طاقتور حاڪم هو.
اوسٽروگوٽ بادشاهه پنهنجي موت کان پوءِ جيڪر گهڻو
وقت جٽاءُ ڪري ها، جيڪڏهن مذهبي اختلاف نه پيدا
ٿئي ها، جنهن جو اڳتي هلي ذڪر ڪبو. 555ع ۾ بزنطيني
بادشاهه جـَـسٽينين
(Justinian)
جي موڪليل مهندار نارسـِـس
(Narsis)،
اچي مشرقي گوٽ قوم جا باقي رهيل کهيل نشان ختم ڪيا
۽ اٽليءَ کي يوناني شهنشاهت جو هڪ صوبو بنايو.
آريان
(Arian)
۽ اَٿانازيان
(Athanasian):
قسطنطين جي حڪومت واري زماني کان اڳ عيسائين ۾
مذهبي عقيدن تي هڪڙو وڏو جهڳڙو پيدا ٿيو. انهيءَ
عقيدي جو هت ڪو گهڻو واسطو ڪونهي، هت رڳو اهو
ڏيکارڻ ضروري آهي ته اڻ برابريءَ جي جذبي سبب هڪ
عقيدي جي پيروي ڪندڙن ٻئي عقيدي جي پيروي ڪندڙن کي
بي دينن کان به بدتر قرار ڏنو. قسطنطين نـِـسيا
(Nicaea)
۾، 325ع ۾، عيسائي اڳواڻن جي هڪ ڪائونسل ڪوٺائي،
ته اچي اهو جهڳڙو ختم ڪن. انهن مان اڪثر انهيءَ
عقيدي مان هئا ته اٿاناسـِـس
(Athanasis)
جو عقيدو جنهن مطابق خدا، مسيح هڪ ۽ ساڳيا هئا،
صحيح هو ۽ آريئس
(Arius)
جي عقيدي مطابق مسيح خدا کان مختلف هو، ان کي
الحاد قرار ڏنو ويو. وزيگوٽ، اوسٽروگوٽ ۽ ٻيا ڪجهه
قبيلا آريئس عقيدي سان سچا رهيا. ان سبب ڪري،
اٽليءَ جي هدايت يافته آرٿوڊاڪس
Orthodox))
اوسٽروگوٽ کي ڌڪاريو ۽ نارسـِـس کي مدد ڪئي.
آرٿوڊاڪس چرچ
آفريقا ۾ ونڊال
(Vandals)
429ع - 534ع:
جنهن وقت اَلارڪ اٽليءَ تي ڪاهه ڪئي، ان وقت
برطانيه ۽ رائين نديءَ تان روم
وارن سڀني لشڪرن کي روم
جي بچاءَ لاءِ واپس گهرايو ويو، جنهن ڪري مختلف
جرمن قبيلا غير محفوظ صوبن ۾ پيٺجي پيا. وَنڊال
(Vandal)
گال ۽ اسپين مان اڳتي وڌي،آفريڪا تي هلان ڪري ويا.
اتي انهن ڪارٿيج کي گاديءَ جو هنڌ بنائي، هڪ سلطنت
قائم ڪئي، جا سؤ سال هلي. 455ع ۾ ونڊالن جي هڪ مهم
طبر نديءَ جي منهن وٽ اچي بيٺي ۽ ٻن هفتن تائين
روم
۾ ڦـُـرلـُـٽ ڪئي. ان وقت کان پوءِ ڪو به ظلم يا
برباديءَ جو ڪم ’ونڊاليت‘
(Vandalism)
جي نالي سان سڏبو آهي. شهنشاهه جسٽينين، پنهنجي،
مهندار بيليزاريـُـوس
(Belisarius)
جي ذريعي، ونڊال قوم کي ناس ڪيو ۽ آفريڪا کي مشرقي
شهنشاهت سان 534ع ۾ ملائي ڇڏيو.
برطانيه ۾ ائنگل ۽ سئڪسـَـن قبيلا:
اتر جرمنيءَ کان ٻه غير مذهبي قبيلا، ائنگل ۽
سئڪسـَـن
(Angle،
Saxon)،
برطانيه تي هن صديءَ جي آخر ۾ ڪاهي آيا. روم
جي اثر هيٺ آيل برطانيه وارن چڱيءَ طرح مقابلو ڪيو
۽ انهن کي رڳو آهستي آهستي پٺتي هٽايو. هن ڪشمڪش
جي تلخيءَ ڪري، برطانوي قوم ۽ روم
جي تمدن جو هن ٻيٽ ۾ خاتمو ٿيو. هڪ سؤ سالن کان
پوءِ جڏهن هن ملڪ جي فتح مڪمل ٿي، تڏهن برطانيه جو
روم
شهنشاهت وارو عيسائي ٻيٽ ڦـِـري جرمن مذهب،
انگلينڊ ٿي ويو، يعني
Angle
يا
Engle
قبيلي جو ملڪ. رڳو اسڪاٽلينڊ، ويلس ۽ ڪارنوال
پنهنجي قديم سيلٽڪ
(Celtic)
آباديءَ کي جبلن جي بچاءَ پٺيان قائم رکيو.
اٽلي ۽ لمبارڊ
(Lombard)
568ع - 774ع:
(1)
’ٽيوٽان‘
(Tiuton)
مان مطلب آهي ’قديم جرمن لوڪ‘، يا ’جرمن قومون‘، ۽
’ٽيوٽاني‘
(Teutonic)
مان مطلب آهي هڪ قبيلي جو نالو. (مترجم)
جرمن لمبارڊ، اوسٽروگوٽ بادشاهت جي زوال کان پوءِ،
جلدئي ايلپس جبل پار ڪري آيا، ۽ آهستي آهستي پاڻ
کي تقريباً سڄي اٽليءَ جو مالڪ بنايائون. سندن
اڳواڻ آلبوئن
(Alboin)
جيڪا بادشاهت قائم ڪئي، سا 774ع تائين هلي، جڏهن
چارلس اعظم يعني شارليمان
(Charlemagne)
اچي سندس خاتمو ڪيو. ان وقت کان وٺي ’پو‘
(Po)
واديءَ تي ’لمبارڊي‘
(Lombardy)
نالو چـُـهٽي ويو آهي.
هـَـن قوم جو يورپ تي حملو:
هـَـن قوم وارا جرمن قوم کان هر نموني ۾ مختلف
هئا. جرمن قوم وارن ماڻهن جو قد ڊگهو ۽ چمڙي اڇي
هئي، سندن وار ڳاڙهاڻ مائل يا ڪـَـڪا، سندن
ڏاڙهيون ڊگهيون ۽ اکيون وڏيون ۽ نيريون هيون. هو
پيادي وڙهندا هئا ۽ دشمن کي پـُـٺ ڏيڻ ۾
پنهنجي بيشرمي سمجهندا هئا. هـَـن قوم وارا وري
ننڍي قد جا هئا، سندن چهري جو رنگ پـِـيلاڻ ڏانهن
مائل، سندن وار کـُـهرا ۽ ڪارا، سندن ڏاڙهيون
ڇڊيون، ۽ سندن اکيون ننڍيون ۽ ڪاريون هيون، جي
منگول قوم سان مشابهت ڏيکارينديون هيون. هو منگولن
جي بـُـجن وارن ننڍن گهوڙن تي چڙهي لڙائي ڪنداهئا
۽ انهن جي پٺين تي زندگي گذاريندا هئا. هو جيڪڏهن
ڪنهن تي هڪدم تيرن جو وسڪارو ڪندا هئا ته وري پٺتي
به يڪدم ڀڄي ويندا هئا. ان ڪري روم
وارا ۽ جرمن سپاهي اهڙي دشمن جي مقابلي ۾، جنهن کي
هو وٺي نه پئي سگهيا، لاچار هئا. هتي اهو ذڪر ڪرڻ
دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته انهن پهرين يورپ تي
منگول حملي ڪندڙن ماڻهن تي ساڳيو اثر ڪيو، جهڙو
پهرين نيرين اکين وارن انگريزن چينائين تي.
انهن خطرناڪ وڏن شيطانن متعلق ڪيتريون ئي مبالغي
آميز ڪهاڻيون ٻـُـڌايون وينديون هيون. صدين تائين
يورپ جون دايون هي لفظ چئي پنهنجن ٻارن کي
ڊيڄارينديون هيون: ”هـَـن اچي توکي کڻي ويندا!“
اٽيلا |
عوام ۾ هـَـن قوم جو ڊپ حقيقت تي مبني هو. هو جرمن
قوم وانگر نه هئا،جي گهرن جي تلاش ۾ هئا، پر قتل ۽
غارت ڏانهن مائل هئا. سندن هڪڙي مهندار اَٽيلا
(Attila)،
مغرب ۾ هـَـن شهنشاهت قائم ڪرڻ جي تجويز رٿي، جنهن
کان پوءِ هنن ڊئينوب نديءَ جي وچ وارن ميدانن کي
پنهنجو مرڪزي ملڪ بنائي، يورپ تي حملا ڪرڻ شروع
ڪيا. نتيجي ۾ بازنطيني شهنشاهن ڳرا ساليانا ڏَنَ
ڏيئي پاڻ کي بچايو. 451ع ۾ اَٽيلا پنهنجا
گهوڙيسوار وٺي گال ۾ پهتو. اتي روم
وارن ۽ وزيگوٽن گڏجي پنهنجي ساڳئي دشمن کي شلانس
(Chalons)
جي ويجهو هڪ خطرناڪ لڙائيءَ ۾ شڪست ڏني. پر ٻي سال
وري اَٽيلا اُتر اٽليءَ ۾ ڦـُـرلٽ ڪئي ۽ وِنيشيا
(Vinetia)
جا ماڻهو هـِـن کان ڀڄي وڃي ائڊرياٽڪ جي ڀرسان
ٻيٽن ۾ ويٺا، جتي هـُـنن وينس
(Venice)
شهر جو پايو وڌو. 453ع ۾ اٽيلا مري ويو. سندس
دشمنن چيو ته هـُـن هڪ مجلس ۾ تمام گهڻو شراب
پيتو، جنهن سبب سندس موت ٿيو. ان سان گڏ هـَـن قوم
جا سياسي مقصد به ختم ٿي ويا ۽ هو آخر ڪڻو ڪڻو ٿي
ويا، اڄ تائين ڪنهن کي خبر ڪانهي ته سندن حشر ڪهڙو
ٿيو؟
فرنگي
(Frank)
قوم جي سلطنت:
فرنگي قوم جرمن قوم مان هڪ هئي جن پنجين صدي
ميلاديءَ ۾ رائين ندي پار ڪئي. هنن جي هڪڙي شاخ
اُتي اچي ويٺي، جنهن کي هينئر اُتر - اوڀر فرانس
چئجي ٿو، ٻيا وري رائين نديءَ جي ساڄي ڪناري تي
رهيا. هن فرنگي قوم کي سندن مذهب جي نيڪوڪار ۽ هڪ
بلند انسان وڏي مرتبي تي رسايو. هي مهندار
ڪـِـلووس
(Clovis)
هو، جنهن فرنگين جو بادشاهه ٿي 481ع کان 511ع
تائين حڪومت ڪئي. ڪـِـلووس ظالم ۽ بي اصول ماڻهو
هو پر جسم ۽ دماغ ۾ مضبوط ۽ ڦڙتيلو هو. انهيءَ گوڙ
شور واري زماني ۾ طاقت ئي هئي، جنهن ماڻهوءَ کي
بادشاهه ٿي بنايو. جنگ، قتل ۽ ٺڳيءَ جي وسيلي هن
پنهنجي خاندان ۽ پسگردائيءَ وارن ملڪن ۾ پاڻ کي
طاقتور بنايو. هن رومن ڪئٿلڪ عيسائي مذهب اٿانازين
(Athanasian)
فرقو اختيار ڪيو، ۽ پنهنجيءَ رعيت کي مجبور ڪيو ته
هو به ساڳيو مذهب اختيار ڪن. بيشڪ، شروع ۾ ظالم بي
دينن مسيح جي مقرر ڪيل رحمدليءَ ۽ صلح واريءَ هلت
تي
عمل نه ڪيو، پر پنهنجي قوم جي فطرتي ظالماڻي جذبي
کي قائم رکيو. ڪـِـلووس
(Clovis)
هڪدم پاڻ کي ڪئٿلڪ مسيحت جو خاص محافظ کڙو ڪيو. هن
وزيگوٽ تي حملو ڪيو، ڇو ته هـُـو آريان
(Arian)
مسيحي مذهب جي ڪري سندن دشمن هئا. هن انهن کي ڏکڻ
گال مان هڪالي ڪڍيو. هينئر فرنگين جي بادشاهت سڄي
گال تي وڌي ويئي ۽ جرمنيءَ جو مغربي حصو پڻ ان ۾
اچي ويو. ڪـِـلووس جي موت کان پوءِ سندس پوين، جن
کي ’ميرو ونگيئن‘
(Merovingians)
ڪوٺجي ٿو، فرنگين تي ڏيڍ سؤ سال حڪومت ڪئي.(1)
سندن تاريخ هر قسم جي قتل ۽ ظلم سان ڀريل آهي.
فرنگي بادشاهن ۽ پوپن جي وچ ۾ مفاهمت:
روم جا پوپ ’اٿانازيان‘ عقيدي جا پيروڪار هئا.
ڪجهه وقت سندن مذهب کي رومن ڪئٿولڪ
(Roman Catholic)
سڏيو ويندو هو. اسان اڳ ۾ پڙهي آيا آهيون ته جرمن
قبيلن مان اڪثر ’آريان‘
(Arian)
عقيدي وارا هئا، تنهنڪري پوپ لاءِ خطرناڪ هئا.
جڏهن ڪـِـلووس رومن ڪئٿولڪ مذهب اختيار ڪيو تڏهن
اهو هن انهيءَ ڪري اختيار ڪيو، جو سندس زال انهيءَ
عقيدي ۾ ايمان رکندي هئي، حالانڪه هن انهيءَ عقيدي
کي سمجهيو به نه هو ۽ نه ئي انهن ٻنهي عقيدن جي
اختلاف جي کيس ڪا پرواهه هئي.(2)
فرنگين جو اهو اتفاقي مذهب ڦيرائڻ، ان کان پوءِ
ايندڙ يورپ جي تاريخ لاءِ وڏي وقعت رکي ٿو. هن
ڳالهه جي ڪري هـُـو هڪدم پوپن جا بهترين دوست بنجي
پيا. بادشاهه پوپن کي فوجي مدد ڏيئي سگهندا هئا ۽
پوپ وري پنهنجي طرف کان فرنگي بادشاهن جي مدد ۾
پنهنجو مذهبي اثر هلائيندا هئا.
محلات جا مـُـکي:
پويان ميروونگيئن
(Merovingian)
بادشاهه، پنهنجي ڪاهليءَ جي ڪري ’بيڪار بادشاهن‘
جي نالي سان مشهور آهن. سندن طاقت وزيرن جي هٿ ۾
اچي وئي جن کي ”محلات جا مـُـکي“
(Mayers of the Palace)
سڏجي ٿو. ستين صديءَ ۾ وزيرن جا اهي عهدا، مشهور
وزيرن جي خاندان، ڪارولـِـنگيئن
(Carolingians)
۾ موروثي ٿي ويا. انهن مان هڪڙي، جنهن کي جنگ ۾
سندس بهادريءَ ڪري ’چارلس مارٽيل‘(Charles
Martel)
(مترڪو =
Martel)
ڪوٺيو ويندو هو، تنهن عربن جي اڳتي وڌڻ کي روڪي
يورپ جي بي بها خدمت ڪئي.(1)
حالانڪه ايستائين عربن وزيگوٽ بادشاهت کي شڪست ڏني
هئي ۽ ڏکڻ گال کي والاري ويا هئا. سندن وڌيڪ
ڪاميابي مغربي يورپ جي جرمن ۽ عيسائي حڪومتن
کي ناس ڪري
ڇڏي ها. ٻه وڏيون لڙايون جيڪي تـُـور
(Tours)
۽ ’پـُـئاٽيئر‘
(Poitiers)
۾ 732ع تي لڳيون، تن ۾ چارلس مارٽيل جي فتح جرمن
تمدن کي بچائي وڌو. چارلس جي پٽ، پيپن
(Pipin)
، آخري نيرووِنگيئن بادشاهه کي تخت تان لاٿو ۽
بادشاهي لقب پاڻ اختيار ڪيائين. تخت غصب ڪرڻ ۾ پوپ
هن جي مدد ڪئي، جنهن جو چوڻ هو، ته جيڪو ماڻهو خود
بادشاهه جا فرض ادا ڪري، تنهن کي اهو لقب سونهي.
پوپن دنيا ۾ خدا جي خليفي هئڻ جي دعويٰ ٿي ڪئي ۽
مغربي عيسائين اها دعويٰ قبول ڪئي. پوپ جي خدمتن
جي بدلي ۾ نئين فرنگي بادشاهه سندس دشمنن، لمبارڊن
(Lombards)
کي سزا ڏني ۽ وچ اٽليءَ ۾ سندن ملڪ جو هڪڙو حصو
کيس ڏنو. اهڙيءَ طرح، پوپ جي حڪومت جو پايو پيو.
هن کان پوءِ پوپن، جن هن وقت تائين رڳي روحاني
حڪومت هلائي هئي، سي هينئر دُنيوي حڪمران ٿي ويا.
چارلس اعظم
(Charlemagne)
(768ع - 814ع):
چارلس اعظم |
پيپـِـن جي پٽ، چارلس اعظم، فرنگي بادشاهت کي سندس
طاقت جي چوٽيءَ تي پهچايو. هن سڀني طرفن تي
ڪيتريون چڙهايون ڪري پنهنجو ملڪ وڌايو. ڏکڻ اولهه
۾ پئرينيز
(Pyrenees)
۽ ايبرو نديءَ جي وچ وارا ملڪ عربن جي قبضي مان
ڇڏايائين ۽ اُتي اسپين جو لشڪر کڙو ڪيائين. لمبارڊ
بادشاهه ڊيزي ڊريئس
(desiderius)
سان جهڳڙي کي ايئن ختم ڪيائين جو هن کي هڪڙيءَ
مڙهيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائين، ۽ لمبارڊ بادشاهن جو
لوهو تاج خود پنهنجي مٿي تي رکيائين. هن جا پڪا
دشمن سئڪسـَـن
(Saxons)
هئا، جو اصل هڪ بي دين جرمن قبيلو هو ۽ رائين
(Rhine)
۽ ايلبر
(Elber)
نديءَ جي وچ ۾ رهندو هو. هن قبيلي فرنگي حملي ڪندڙ
جي خلاف ڪيتريون ئي بغاوتون ڪيون، ڇو ته هن سندن
آزادي ۽ سندن محبوب مذهب تي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو.
آخر ۾ چارلس ڪاوڙ ۾ اچي ساڍا چار هزار سئڪسن جي
سرن ڪاٽڻ جو حڪم ڏنو. ايتري ظلم هوندي به هنن جي
بهادريءَ واري حب الوطني گهٽ ڪانه ٿي. آخرڪار
چارلس کي ڪيترن سئڪسن کي دربدر ڪرڻو پيو ۽ انهن جي
جاءِ تي فرنگي آباد ڪيا. ان کان پوءِ هن بهادر قوم
کيس بادشاهه ڪري مڃيو ۽ مسيحت کي پنهنجو مذهب ڪري
قبوليو.
انگريزن کان سواءِ ’چارلس اعظم‘ مغربي يورپ جي
سڀني جرمن قومن کي پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ متحد ڪيو.
سندس تجويز هئي ته هڪ عالمي جرمن شهنشاهت قائم
ڪري، جا قديم روم جي شهنشاهت وانگر هجي. هن 800ع
۾، روم
۾ پاڻ شهنشاهه جو تاج پهريو. ان وقت اٽلي اڃا نالي
۾ مشرقي شهنشاهه جي حڪم هيٺ هئي. پر بازنطين جي
ڪمزور حڪومت نه اٽليءَ کي لمبارڊن کان بچائي ٿي
سـِـگهي ۽ نه وري پوپن تي پنهنجو حڪم هلائي ٿي
سـِـگهي. ان جي خلاف روم
واري مسيحت قسطنطنيه سان پنهنجا لاڳاپا ٽوڙڻ ٿي
چاهيا، ڇو ته انهن جي وچ ۾ سخت مذهبي اختلاف هئا.
(1)ميرو
ونگين حڪومت جو دور: ڪلووس
(Clovis)
511 عيسويءَ ۾ گذاري ويو. 751 عيسويءَ يعني 240
ورهين جي مدت تائين ڪلووس جي جانشينن مرو ونگين
نالي ماتر حڪومت ڪئي. پر سندن بادشاهيءَ جي صديءَ
۾ بااثر طاقت، محلات
جي ڪارو لنگين مـُـکين
(Mayors)
جي هٿ ۾ هئي. (انگريزي ايڊيٽر)
(2)
ڪلووس جو ڪئٿولڪ مذهب اختيار ڪرڻ: ڪلووس جي ڪئٿولڪ
زال سان شادي ۽ انهيءَ کان پوءِ هن جو ڪئٿولڪ مذهب
اختيار ڪرڻ، اهي ٻئي ممڪن آهي ته هڪ اتفاقي ڳالهه
جو نه پر دور انديشيءَ پاليسيءَ جو نتيجو هجن. گال
۾ ڪئٿولڪ پارٽي غالب طاقت هئي ۽ ڪلووس جي انهيءَ
مذهب سان ڳنڍجڻ عظيم علائقي جي فتح حاصل ڪرڻ ۾ مدد
ڪئي. (انگريزي ايڊيٽر)
(1)
هيءُ مصنف جو بيان سندس عيسائي هئڻ ڪري آهي.
(مترجم)
|