چارلس ٻئي جي حڪومت:
انگلنڊ جي چارلس ٻئين جو ظالماڻي نموني حڪومت ڪرڻ
ڏانهن لاڙو ٿي پيو، جو سڀني اسٽوئرٽ خاندان وارن
جو ورثو هو، پر هن اها خبرداري ورتي ته انتهائي حد
تائين ظلم نه ڪري، ڇو ته کيس پنهنجي پيءُ جي
پڇاڙيءَ جي خبر هئي. جيتوڻيڪ بادشاهه انگلينڊ جي
مذهبي فرقي سان سرڪاري طرح تعلق رکندو آيو، پر دل
۾ ڪئٿولڪ ٿي رهيو، ۽ جيڪر ايئن چاهي ها ته حڪومت ۾
ڪئٿولڪ مذهب وارن جي پاسخاطري ڪري.
ماڻهن کي اچي شڪ پيو ته چارلس مستقل طرح قائم ٿيل
مذهبي فرقي کي ختم ڪرڻ جا ساٽ پئي سٽيا، جنهن ڪري
پارليامينٽ ۾ گهڻو جوش پيدا ٿيو. 1673ع ۾ هڪ قاعدو
پاس ڪيو ويو، جنهن مطابق اُهي سڀ ماڻهو، جيڪي
سرڪاري مذهب جا پوئلڳ نه هئا، تن لاءِ نوڪريءَ جو
در بند ڪيو ويو. بادشاهه ۽ پارليامينٽ جي وچ ۾
ڪشمڪش جو نتيجو اهو نڪتو جو ٻه سياسي پارٽيون بنجي
پيون، هڪ وِگ پارٽي ۽ ٻي ٽوري پارٽي. ٽوري پارٽيءَ
وارا ڪنزرويٽو بادشاهه جا مددگار هئا. وِگ پارٽي
اُها هئي، جنهن کي جديد سياست ۾ ترقي پسند يا
آزاداڻن خيالن واري پارٽي سڏجي ٿو. هـُـو سياسي
جوڙجڪ واري آزاديءَ جا قائل هئا ۽ بادشاهه بدران
عوام جا طرفدار هئا.
هـِـن حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ وِگ پارٽي وارا شاهي
حقن تي حملن ڪرڻ ۾ گهڻو اڳتي وڌي ويا. عوام جي
همدردي بادشاهه جي پاسي هئي، ان ڪري پارليامنٽ ۾
ٽوري پارٽيءَ وارن کي اڪثريت حاصل ٿي. نتيجو اهو
نڪتو ته چارلس ٻيو اسٽوئرٽ خاندان وارن حڪمرانن
جهڙي ابتدائي آمريت وري قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
1688ع وارو انقلاب:
جڏهن چارلس ٻئي جو ڀاءُ جيمس ٻئي جي لقب سان تخت
تي ويٺو، تڏهن شروع کان وٺي هن هڪ مطلق العنان
حڪمران وانگر راڄ شروع ڪيو. ”معافيءَ جو اظهار
نامو“ ڪڍي هـِـن انهن ماڻهن، جيڪي سرڪاري مذهب جا
پوئلڳ نه هئا، خلاف قاعدي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سچ
پچ رومن ڪئٿولڪ مذهب وارن کي وڏن عهدن تي مقرر
ڪيائين. بادشاهه جيڪا ملڪ جي قاعدي جي بي عزتي
ڪئي، ڪئٿولڪ مذهب وارن کان سواءِ سڄي قوم تنهن تي
ناراض هئي. جڏهن جيمس کي پـُـٽ ڄائو ۽ ماڻهن کي
اهو ڀؤ ٿيو ته شايد هن جي ڪئٿولڪ حڪومت گهڻو وڌيڪ
جاري رهي، تنهن ڪري هنن انهيءَ کان آزاد ٿيڻ جو
فيصلو ڪيو. وليم آف آرينج، جو هڪ ڊچ سردار هو،
جنهن جي زال ميري، جيمس جي ڌيءُ هئي، تنهن کي
ڳجهيءَ طرح دعوت ڏني وئي ته هو اچي تخت هٿ ڪري.
1688ع ۾ وليم آف آرينج انگلينڊ ۾ اچي لٿو. جيمس
ٻئي ڏٺو ته سڀ کيس ڇڏي ويا، سو هو فرانس ڀڄي ويو.
نئين پارليامينٽ سڏائي وئي، جنهن اعلان ڪيو ته هن
پروٽسٽينٽ بادشاهت جي سلامتيءَ ۽ ڀلي لاءِ اها
ڳالهه ضروري هئي، جو هڪ پوپي (پوپ جي) امير جي
حڪومت هيٺ رهن. وليم ۽ ميري ٻنهي کي گڏيل حڪمران
مقرر ڪري سندن آجيان ڪئي وئي.
حقن وارو بل
(Bill of Rights)
]1689ع[:
وليم کي عوام جي عزت ۽ پڪي ارادي جي ڪري تخت مليو،
اهو ارادو جيڪو هـُـنن پارليامينٽ جي ذريعي ظاهر
ڪيو. سندس حڪومت جي پهرئين سال هن حقن واري بل
لاءِ منظوري ڏني. حقن وارو بل ”هن ملڪ جي عوام جي
بنا شڪ وارن حقن جو اعلان هو“. هي بل ميگنا ڪارٽا
(1615ع) ۽ حق جي تڪميل جي درخواست (1628ع) کي جاري
رکڻ ۽ انهن کي تڪميل تي پهچائڻ واسطي هو. هن بل
مطابق ماڻهن کي تقرير ڪرڻ جي آزاديءَ جي پڪ ڏني
وئي، پارليامينٽ ۾ تقرير ۽ بحث ڪرڻ جي آزادي ڏني
وئي ۽ صـُـلح سانت جي وقت ۾ لشڪر رکڻ جي منع ڪئي
وئي، سواءِ انهيءَ موقعي جي، جنهن لاءِ پارليامنٽ
خصوصي اجازت ڏئي. انهيءَ وقت کان وٺي انگريز
بادشاهن جو پارليامينٽ تي مدار رکڻ لازمي ٿي ويو.
انگلينڊ ۽ فرانس جي وچ ۾ دشمني:
اسٽوئرٽ خاندان جا سڀئي بادشاهه فرينچ حڪمرانن جا
سٺا دوست ٿي رهيا هئا. وليم آف آرينج، جيڪو
انگلينڊ جي تخت تي ويٺو، سو لوئي چوڏهين جو تمام
وڏو دشمن هو. ”حڪمران اعظم“ جي ظلمن جا سڀني کان
وڌيڪ مـُـتاثر ڊچ هئا ۽ وليم هڪدم پنهنجو نئون ملڪ
پنهنجي اباڻي وطن جي وڏي دشمن جي خلاف کڙو ڪيو. هن
صديءَ ۾ هن کان پوءِ جيڪي يورپي لڙائيون ٿيون، تن
۾ انگلينڊ هميشه فرانس جي خلاف وڙهيو.
راڻي اين
(Ann):
وليم ۽ ميري تخت لاءِ ڪو وارث نه ڇڏيو. جيمس ٻئي
جو پـُـٽ ۽ پوٽو، جي ”دعويدار“ جي لقب سان مشهور
هئا، تن ٻنهي انگلينڊ جي بادشاهه ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي،
پر هـُـنن کي جانشينيءَ کان الڳ رکيو ويو، ڇو ته
هو ڪئٿولڪ هئا. 1702ع ۾ اسٽوئرٽ خاندان جي شهزادي
اين، جا پروٽيسٽنٽ مذهب جي هئي، ان کي خاموشيءَ
سان راڻي ڪري مڃيو ويو. سندس حڪمرانيءَ ۾ مارلبرو
جو شاندار دور هو، جنهن اسپين جي تخت نشينيءَ واري
لڙائيءَ ۾ يورپ ۾ انگريزي فوج جو نالو ڪڍيو.
اندروني سياست ۾ وِگ ۽ ٽوري پارٽين جي وچ ۾
چـَـٽاڀيٽي هلندي آئي. سياسي زندگيءَ جو هڪ نئون
رُخ اِهو هو جو پارٽيءَ جي مقابلي جي بحث لاءِ
قابل مصنف استعمال ٿي ڪيا ويا. انهيءَ دور جون
اڪثر تصنيفون سياسي رنگ جون آهن.
هينوويرين خاندان جي تخت نشيني:
1714ع ۾ راڻي اين جي وفات کان پوءِ انگريزي تخت جو
قريب ترين پروٽيسٽنٽ وارث هينوور جو امير جارج
پهريون هو. سن 1837ع تائين انگلينڊ جا بادشاهه
هينوور جا پڻ حڪمران ٿي رهيا. جارج پهريون (1714ع
کان 1727ع) ڪڏهن به انگريزي ڳالهائڻ نه سکيو ۽
پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ پنهنجي اباڻي وطن جون
جـَـرمن عادتون ۽ رسمون هلائيندو آيو. فطرتاً هو
انگريز رعيت ۾ مقبول نه هو. جيئن ته هيءُ پنهنجي
نئين ملڪ جا عوامي معاملا سمجهي نه ٿي سگهيو، تنهن
ڪري حڪومت سراسر وزيرن جي هٿ ۾ اچي وئي، جي
پارليامينٽ ڏانهن جوابدار هئا. جارج ٻيو (1727ع
کان 1760ع) انگريزي ڳالهائيندو هو، پر هن پڪن پيرن
تي بيهڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جنهن ڪري وزيرن جو زور
گهٽ ٿئي ها. سن 1721ع کان 1742ع تائين حڪومت جو
انتظام سر رابرٽ والپول هلائيندو هو. هو هڪ چالاڪ،
قابل سياستدان ۽ خرچ جو حسابدان وزير هو. هن جي
وزارت جي دور ۾ انگلينڊ صلح سانت ۽ مالي آسودگيءَ
جا ويهه سال گذاريا، پر هن پنهنجي زيردستن لاءِ
پنهنجي تـُـرش رُو بداخلاقيءَ جو برو نمونو پيش
ڪيو. پارليامينٽ ۾ اڪثريت پڪي ڪرڻ لاءِ بداخلاقي ۽
رشوت سندس خاص طريقا هئا.
جارج ٽيون (1760ع - 1820ع):
جارج ٽيون |
چئن جارجن منجهان جارج ٽيون وِلادت ۽ تعليم مطابق
انگريز هو. جارج ٽئين پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي روايت
خلاف حڪومت ۾ اڳرو حصو ورتو. سندس ماءُ کيس چيو هو
”جارج بادشاهه ٿي“ ۽ جنهن جو مقصد اهو هو ته هـُـو
پراڻي اسٽوئرٽ يا ٽيوڊر خاندان جي مطلب مطابق
بادشاهه ٿئي. هن پارليامينٽ جي طاقت گهٽائي پنهنجي
حيثيت کي بلند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن رابرٽ والپول
وارو رشوت جو سرشتو وري تازو ڪيو، جنهن کي وليم
پـِـٽ سياڻپ ڪري نه همٿايو هو. پنهنجن مددگارن کي
لقب عطا ڪري پينشنون ۽ عهدا ڏيئي بادشاهه
پارليامينٽ ۾ هڪ طاقتور شاهي پارٽي قائم ڪئي. اها
انگلينڊ لاءِ بدبختي هئي جو جارج ٽيون تنگدل ۽ ضدي
هو. ان جي ڪري برطانوي فوجن جي شڪست ٿي ۽ هو
آمريڪي بيٺڪون وڃائي ويٺا.
نمائندگيءَ کان سواءِ ٽيڪس نه ڏينداسون:
بادشاهه جارج ٽيون ۽ پارليامينٽ ۾ سندس پٺڀرائي
ڪندڙن جي مرضي هئي ته بيٺڪي واپار تي ٽيڪس وجهي
بيٺڪن جي بچاءَ لاءِ نوڪريءَ ۾ رکيل لشڪر کي پگهار
ڏجي. بيٺڪي رياستن وارا انگريزي پارليامينٽ جي
ڪنهن به منظور ڪيل ٽيڪس جي ادائگيءَ جي سخت خلاف
هئا، ڇو ته کين انهيءَ پارليامينٽ ۾ نمائندگي ڪانه
هئي. سندن چوڻ هو ته سندن نمائندگيءَ کانسواءَ
ملڪي دستور عمل جوڳو نه هو. هن قاعدي جي اصول سان
سڀ انگريز متفق هئا، پر ٽيڪس جي حامين اهو دليل
پيش ڪيو ته بيٺڪي رياستن جي مفادن جي پارليامينٽ ۾
انگريز ميمبر نمائندگي ڪري رهيا هئا، جيتوڻيڪ
بيٺڪي رياستن سڌيءَ طرح پنهنجي نمائندگي ڪرڻ لاءِ
ميمبر ڪونه ٿي موڪليا.
ڪجهه وقت لاءِ داخلي حڪومت بيٺڪي رياستن جي جذبن
جو احترام ڪيو، پر جارج ٽئين ۽ سندس وزيرن چانهه
تي ٽيڪس وجهي لڙائي پکيڙي ڇڏي.
آمريڪي انقلاب:
جارج واشنگٽن |
انگريز حڪومت جي تجربيڪار لشڪر ۽ بيشمار بحري فوج
جي مقابلي ۾ تيرهن بيٺڪي رياستون نه ٿي پـُـڄي
سگهيون. پر جڏهن هڪ ئي وقت ٻه ڳالهيون ۽ مسئلا
سندن خلاف گڏجي سامهون آيا. جنهن ڪري بيٺڪي رياستن
کي آخري فتح ۽ آزادي حاصل ٿي. سڀ کان اولين
ڪاميابي جنرل جارج واشنگٽن جي طاقت ۽ جانثاريءَ جي
ڪري هئي. ٻيو ته فرينچ سرڪار، جنهن آخر ۾ انگلينڊ
جي خلاف لڙائي جو اعلان ڪيو، تنهن جي ڏنل مدد
برطانوي بحري ٻيڙي کي ٻئي طرف موڙي ڇڏيو ۽ سن
1781ع ۾ يارڪ ٽائون وٽ انگريزن کي فيصلائتي شڪست
آئي.
آزاديءَ جو اعلان:
1774ع ۾ فلاڊيلفيا جي شهر ۾ جا ڪانگريس پهريائين
جمع ٿي، تنهن لاءِ سڀني بيٺڪي رياستن عيوضي
موڪليا. 4 جولاءِ 1776ع تي ڪانگريس آزاديءَ جو
اعلان بحال ڪيو، جنهن مطابق انگلينڊ سان سمورو
سرڪاري تعلق باقاعدي ختم ڪيو ويو. اُنهيءَ وقت
کان وٺي 4 جولاءِ آمريڪي قوم جو جنم ڏينهن ڪري
ملهايو وڃي ٿو.
آزاديءَ جي اعلان مختصر طرح اڪثر آمريڪا وارن جا
سياسي عقيدا چٽا ۽ ويجها ڪيا ۽ حڪومت جون برائيون
شمار ڪري برطانوي اختياريءَ جي خلاف بغاوت جي
تصديق ڪئي. اعلان ۾ ڏنل سياسي عقيدا آمريڪا تائين
محدود نه هئا. حقيقت ۾ اُهي انگريز ۽ فرانسيسي
اَصـُـل جا هئا، جيڪي اڪثر ڪري انگريز فيلسوف جان
لاڪ جي سياسي تصنيفن تي مبني هئا. اِهي عقيدا
فرانس ۽ آمريڪا ۾ پڻ انقلاب جا رهنما هئا. تنهن
ڪري آزاديءَ جي اعلان مان هڪڙو اقتباس اسان کي
سمجهائڻ ۾ مدد ڪندو ته ٻن کنڊن ۾ مطلق العنان
حڪومت کي ڇو ڪيرايو ويو؟ هڪ مختصر مـُـهاڳ کان
پوءِ هي دستاويز بيان ٿو ڪري: ءِ اسان انهن حقيقتن
کي روشن سج جيان سمجهون ٿا ته سڀني انسانن کي
برابر ڪري پيدا ڪيو ويو آهي، ۽ خالق کين ڪي اٽوٽ
حق بخشيا آهن، انهن مان خاص زندگي، آزادي، ۽
خوشيءَ جي جستجو آهن، انهن حقن کي سلامت رکڻ لاءِ
ماڻهن ۾ سرڪار ٺاهي ٿي وڃي، جنهن سرڪار جون
اختياريون حڪومت ڪيل ماڻهن جي راضپي سان ملن ٿيون،
جڏهن به ڪو حڪومت جو نمونو انهن مقصد لاءِ تخريب
ڪاريءَ جو ڪارڻ بڻجي، ته عوام جو اهو حق آهي ته
اُنهيءَ نموني ۾ تبديلي آڻي يا انهي کي مورڳو ختم
ڪري ڇڏي ۽ نئين حڪومت بنائي. پر جڏهن برائين ۽ غصب
ڪرڻ جو هڪ وڏو سلسلو ڏيکاري، ته مـُـطلق العنانيءَ
جي جبر هيٺ کين (عوام) ختم ڪيو ويندو، تڏهن نه رڳو
اهو سندن حق آهي ته اهڙيءَ حڪومت کي پري ڦٽو ڪري
ڇڏين، پر گڏوگڏ پنهنجي مستقبل جي سالميت لاءِ نوان
بچاءَ جا طريقا به مهيا ڪجن“.
اوائلي بلند مرتبي وارا آمريڪي:
بينجامن فرئنڪلن |
آمريڪي جمهوريت جي خوش قسمتي هئي جو کيس ڪيترائي
مشهور ماڻهو سندس رياستي نظام جو پايو وجهندڙ ملي
ويا. اُنهن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماڻهو سڀني زمانن جي
عظيم المرتبت ماڻهن مان ليکيا وڃن ٿا. اُهي آهن:
جارج واشنگٽن ۽ بينجيمن فرئنڪلن. واشنگٽن، جنهن کي
انهيءَ وقت آمريڪا واراءِ ملڪ جو ابو“ ڪري ڪوٺيندا
هئا، سو ورجينيا ۾ هڪ مالدار آبادگار هو. هـُـن
انگريز ۽ فرينچ لڙائين ۾ ڪجهه فوجي تجربو حاصل ڪيو
هو ۽ کيس آمريڪي لشڪر جو مهندار ڪري چونڊيو ويو.
سندس لشڪر ۾ بدانتظامي هئي ۽ فلاڊيلفيا جي ڪانگريس
کيس دل سان مدد نه پئي ڪئي، سندس مقابلي ۾ هڪ برتر
دشمن هو، تنهن هوندي به واشنگٽن اُنهن موقعن تي
فتحون حاصل ڪيون. سندس حقيقي عظمت سندس مهنداريءَ
جي فن ۾ نه هئي، جيتري سندس اخلاق جي اورچائي ۽
شرافت ۾. انقلاب کانپوءِ سندس ملڪ جي شڪر گذار
ماڻهن کيس اتفاق راءِ سان بيٺڪن جي اتحادي سرڪار
جو پريزيڊنٽ چونڊي کيس عزت ڏني.
فرئنڪلن باسٽن شهر ۾ هڪ ميڻ بتيون ٺاهيندڙ جو
پندرهون ٻار هو. هن جي پيءُ کي ايتري وسيعت نه
هئي، جو کيس اسڪول ۾ موڪلي سگهي. اِن ڪري هـُـن
کيس هڪ وڏي ڀاءُ سان، جيڪو ڇپائي جو ڪم ڪندو هو،
ڪم سکڻ لاءِ ڳنڍي ڇڏيو. پر فرئنڪلن پنهنجي ڀاءُ
سان، جيڪو هڪ ناانصاف مالڪ هو، جهڳڙو ڪري
فلاڊيلفيا ڏانهن هليو ويو. جڏهن هو اُتي پهتو ته
هن وٽ هڪ پائي به کيسي ۾ ڪانه هئي. هن اورچائي ۽
محنت سان اخبارن ۾ لکڻ جو ڌنڌو شروع ڪري پاڻ کي هڪ
مالدار بنايو. انهيءَ وچ ۾ هي فلاڊيلفيا جو تمام
وڏي اثر رسوخ وارو شهري ٿي ويو هو. هميشـہ عوام جي
ڀلي جو خيال رکندو هو. هن پهرين پبلڪ لائبريري
کولي فوج ۽ فائربرگيڊ کي منظم ڪيو، فـُـوٽ پاٿ ۽
رستن تي بتيون آندائين. سندس اوائلي بين الاقوامي
مشهوري سائنس جي ڪم جي کوجنا سبب هئي. هن طوفان
کان اڳ ۾ هڪڙي لغڙي اُڏائي مٿين وايو منڊل مان
بجلي جي ڌار کي زمين تائين آڻي سڀني کان اڳ اها
ڳالهه ثابت ڪئي ته وِڄ، بجليءَ جي هڪ وَهڪيا لهر
آهي. انقلاب جي وقت ۾ هي پيرس ۾ آمريڪا جو وزير
هو. فرئنڪلن لاءِ فرينچن کي جيڪا عزت ۽ احترام هو،
تنهن هن لاءِ آسان ڪيو ته هو فرانس کي برطانيا جي
خلاف پنهنجي ملڪ جو مددگار بڻائي. اَسي ورهين جي
عمر کان پوءِ به هيءُ اُن اجلاس جي سڀ کان وڌيڪ
بـَـرجـُـستن ميمبرن مان هڪ هو. هن آمريڪا جي گڏيل
رياستن جو آئين ٺاهيو، جيڪي نوجوان ايمانداريءَ،
محنت ۽ انسانيت جي حقيقي خدمت جي ذريعي ترقي ڪرڻ
گهرن ٿا، تن لاءِ ڪي ٿوريون آمريڪي زندگيون اڀياس
جي لائق هونديون، جهڙي فرئنڪلن جي زندگي.
پيرس جو معاهدو (1783ع):
آمريڪي انقلاب جو خاتمو پيرس جي معاهدي سان ٿيو.
برطانيا آمريڪي آزاديءَ کي تسليم ڪيو ۽ ٻيا به
فائدي وارا شرط قبول ڪيا. نئين قوم جون سرحدون
اُتر ۾ سينٽ لارينس ندي ۽ وڏين ڍنڍن تائين، ۽
اولهه ۾ مسيسپي نديءَ جي لڳ مقرر ڪيون ويون. ڏکڻ
طرف فلوريڊا جو ملڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي منهن کان
مسيسپي جي منهن تائين وارو علائقو اسپين پنهنجي
قبضي ۾ رکيو.
آمريڪي آئين جو بحال ٿيڻ:
جنهن گڏيل حڪومت جي هٿ هيٺ انگلينڊ سان جنگ ڪئي
وئي هئي، سا هئي، تيرنهن آزاد رياستن جي حڪومت،
جيڪا اڳتي هلي انتظام جي مشڪل پيچيدگين سان نه پڄي
سگهي: نتيجي ۾ رياستن جي وچ ۾ حسد ۽ جهڳڙا پيدا
ٿيا ۽ ايئن پئي نظر آيو ته ڄڻ هو پنهنجي نئين حاصل
ڪيل آزاديءَ مان بهرو وٺي نه سگهندا. نا اتفاقي
آمريڪا وارن کي سندن پهرئين يورپي دشمن جي رحم ڪرم
تي ڇڏي ڏئي ها.
1788ع ۾ متحد يا فيڊرل آئين بحال ٿيڻ جي ڪري، نئين
ڄاول هن قوم جو آزاديءَ سان اُسرڻ يقيني ٿيو.
ٿـُـلهي ليکي کڻي چئجي، ته الڳ الڳ رياستن عوام جي
ڀلي لاءِ گهربل سڀ اختيار مرڪزي حڪومت کي سونپي
ڇڏيا ۽ پاڻ وٽ سڀني مقامي معاملن جي خودمختيار
حڪومت جا سمورا حق محفوظ رکيا. حڪومت، آئين مطابق
ٻن اسيمبلين يعني عيوضين جي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٺاهڻ
لاءِ قانون سازيءَ جي اختياري ڏني هئي. ڪاروباري
اختيار صدر کي ڏنا ويا، صدر چوٿين سال نئون چونڊيو
ويندو هو. اهي سڀ دعوائون، جيڪي رياستي ڪورٽن ۾
نبيرو نه ٿي ٿي سگهيون، تن کي هلائڻ جي اختياري
سپريم ڪورٽ يا اعليٰ عدالت کي ملي. هن آئين اتحادي
رياستن جو پڪو پايو وڌو، جن کي پوءِ يونائيٽڊ
اسٽيٽس آف آمريڪا يا ”آمريڪا جون گڏيل رياستون“
سڏيو ويو. صدر واشنگٽن جلدئي هڪ نئون گاديءَ جو
هنڌ بنايو، جنهن شهر تي اڃا تائين سندس نالو قائم
رهندو پيو اچي.
عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو
ڀاڱو چوٿون
باب اُڻٽيهون
فرينچ انقلاب کان وٺي هاڻوڪي وقت تائين
فرينچ انقلاب جو ابتدائي احوال:
فرينچ انقلاب کي دُنيا جي سياسي تاريخ ۾ اهو مقام
حاصل آهي، جهڙو ريفارميشن يا مذهبي سڌاري کي مذهبي
تاريخ ۾. جهڙيءَ طرح مذهبي سڌارو مذهبي جماعت جي
مستقل قوت پاران عوام تي ٿيندڙ ”روحاني ظلم“ جي
خلاف بغاوت هئي، تهڙيءَ طرح فرينچ انقلاب هڪ ظالم
مـَـلوڪيت جي بدڪارين خلاف هڪ خطرناڪ احتجاج هو.
فرينچ انقلاب”بادشاهن جا خدائي حق“ تي ٻڌل حڪومتن
جو خاتمو ڪيو، ۽ ”عوامي/آئيني حڪومتن“ جي اُسرڻ
لاءِ رستو ٺاهيو، جنهن جو سڄو يا گهڻو حصو محڪومن،
يا رعايا اُنهن جي مرضيءَ تي ٻڌل هو. عوامي حقن جا
خيال، جن اڳيان قديم فرينچ مـُـلوڪيت قربان ڪئي
وئي، سي تقريباً سڄي يورپ ۾ قبول ڪيا ويا آهن ۽
ٿورو وقت ٿيو ته جاپان ۽ چين ۾ پڻ بحال ٿيا، جيڪي
تمام تنگدل شهنشاهتون آهن، اُنهن ۾ پڻ پارلياماني
حڪومتن جي قيام سڄي دُنيا ۾ پکڙيل گهربل انقلابي
خيالن جو غلبو ثابت ڪيو آهي.
فرينچ انقلاب جا سبب:
هن ڪتاب جي اوائلي ڀاڱن ۾ انقلاب جا ڪيترا سبب اڳ
۾ ئي ڏيکاريا ويا آهن. هتي ٻين مـُـک سببن سان گڏ
سندن اختصار ڏنو وڃي ٿو.
1. بادشاهن عوام جا قديم خاص حق ختم ڪري، سڀ
اختياري حق پنهنجي شخصيت ۾ مرڪوز رکي ڇڏيا هئا.
لوئي پندرهون بيڪار ۽ بدڪارهو، جيتوڻيڪ طبعيت ۾
هـُـو محبت ڀريو ۽ سٺي نيت وارو هو.
2. وڏي مرتبي وارا امير ۽ مٿئين طبقي وارا رهنما
عوام جي خرچ تي عيش عشرت ۾ مشغول رهندا هئا ۽
بيڪار زندگي گذاريندا هئا. جاگيردار سردارن اڳي
وانگر فوجي نوڪريءَ جو پاڻ تي بار ڪونه ٿي کنيو،
پر وچئين زماني وارا خاص حق قائم رکندا آيا. گهڻو
ڪري ٽيڪس ڪونه ڏيندا هئا جڏهن ته هنن هارين تي
ڪيترائي ڪاوڙ ڏياريندڙ تڪليفن وارا بار وجهي کين
چيڙائي ڇڏيو هـُـئائون. سڀني کان وڌيڪ ڌڪار جوڳا
شڪاري قانون هئا، جن مطابق هارين کي منع ٿيل هئي
ته ڪنهن به جهنگلي جانور کي هٿ نه لائين ۽ پاڻ
امير وري شڪار جي ڳولا ۾ فصلن کي گهوڙن جي سـُـنبن
سان لتاڙيندا ويندا هئا.
3. هيٺاهين ۽ وچولي طبقي وارن ماڻهن مالي ۽ ذهني
طرح سان گهڻي ترقي ڪئي هئي. فرينچ هاري يورپ جي
ٻين ملڪن جي هارين کان وڌيڪ آسودا هئا. انهن ٻين
ملڪن ۾ وچئين زماني واري غلاميءَ کي اڃا تائين ڪو
ٿورو گهٽايو ويو هو. تنهن هوندي به سندن نصيب ۾
تڪليف لکيل هئي. جڏهن انهيءَ جو مقابلو اڄڪلهه جي
هارين سان ٿو ڪجي ته هو پنهنجي حقن واسطي ڇا ٿا
طلب ڪن. ٽيڪس يا ڍلن جو سڄو بار اڪثر ڪري هارين تي
ٿي پيو. اميرن جا عيش ۽ خاص حق هارين لاءِ بي عزتي
۽ بار هئا، ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ فرينچ هاري
ايترا موڳا نه هئا، جو پنهنجي حيثيت سان ٿيندڙ
ناانصافي سمجهي نه سگهن. جيترو سڌاري لاءِ وڌيڪ ٿي
سـِـڪيا، اوتروئي امير طبقي لاءِ سندن ڌڪار جي آتش
ٿي ڀڙڪي.
وچولو طبقو، جنهن کي فرانس ۾ ”بورزوا“ ڪوٺيو ويندو
هو، اهي اڪثر ڪري هنرمند ۽ واپاري هئا. سرڪاري
عملدارن جو وڏو حصو انهن مان آيل هو، تنهن ڪري
انهن انتظام جي گندگيءَ کي چڱيءَ طرح سمجهيو. وڏي
رقم واري عوامي قرض وچئين طبقي وارن سرمائيدارن تي
ڳرو بار هو، جو اِهي سرمائيدار سرڪاري قرضن جا
اڪثر بار ڀريندڙ هئا. هـُـنن اڳواٽ ئي محسوس ڪيو
ته سرڪار کان اُڌاريون ورتل وڏيون رقمون واپس ڏيئي
نه سگهندا ۽ کين حق هو ته سرڪار کي مالي انتظام
لاءِ جوابدار بڻائين.
4. ارڙهين صدي عيسوي آزاد جاچ ۽ همٿ ڀري تنقيد
وارو زمانو هو. علم جون سڀ شاخون ۽ سڀ رويا عقل جي
نئين روشنيءَ ۾ پرکيا ٿي ويا. مذهب ۽ سياست جي
ميدان ۾ هن ذهني تحريڪ هڪ شاندار ”انقلابي ادب“
پيدا ڪيو، جنهن انساني حقن ۽ حڪومت جي فرضن جا
نوان نظريا قائم ڪيا. هڪ طرف حڪمران اڃا تائين
”بادشاهن جي خـُـدائي حق“ کي چـُـهٽيا پيا هئا، ته
ٻئي طرف وري رعيت کي اهوئي پئي سيکاريو ويو ته
حڪومت جو مدار محڪومن يا رعيت جي قبوليت تي آهي ۽
مظلوم قوم کي ظالمن جي خلاف بغاوت ڪرڻ جو حق آهي.
والٽيئر، هڪ عالم، فاضل، فيلسوف ۽ کليل دماغ وارو،
تمام قابل ۽ عقلمند ليکڪ هو. سندس زماني کان اڳ ۾
قديم عقيدن ۽ رسمن جي جيتري هن پاڙ پٽي، اوترو ڪشٽ
ٻئي ڪنهن نه ڪيو. ساڳئي وقت ٻئي فرانسيسي مـُـفڪر
رُوسو جا ڪتاب نه رڳو پيرس جي مٿاهين سوسائٽيءَ جي
بحث هيٺ هوندا هئا، پر هارين جي ڳوٺاڻي مجلس ۾ پڻ
ان تي بحث ڪيو ويندو هو. هن جي تعليم اهائي هئي ته
سڀ انسان هڪجهڙا آهن ۽ مصنوعي طبقي وارو فرق
بدنيتي تي ٻڌل آهي. روسو جي چواڻي، انسان کي گهرجي
ته فطرت جي حالت ڏانهن موٽي، جنهن ۾ ڪو شاهوڪار
آهي نه ئي ڪو غريب. فطرت ۾ ڪنهن کي طاقت نه آهي،
ته هو ٻين انسانن ۽ ڀائرن تي ظلم ڪري.
5. آمريڪي انقلاب جي مثال ماڻهن کي همٿايو، ته
اهڙو ساڳيو واقعو فرينچ قوم لاءِ آزاد روايتون
آڻيندو.
6. مـُـلڪ جي ساڳين ضلعن ۾ هر هر ڏڪار پوڻ لڳا ۽
انهن ماڻهن کي جي اڳ ۾ ئي ناراض ويٺا هئا، ظاهر
ظهور بغاوت لاءِ مجبور ڪيو. 1788ع ۽ 1789ع جي
سياسي بحران دُوران ملڪ جي گهڻي ڀاڱي ۾ ڏڪار ڦهليل
هو. پيرس جي اڪثر عوام کي بک چريو ڪري وڌو ۽ عوام
جي غصي انقلاب کي اُها خوفائتي صورت وٺرائي، جنهن
جي ڀيٽ ۾ جديد يورپ جا ٻيا انقلاب جـَـهڪا نظر اچن
ٿا.
عام رياستن جو اجتماع (1789ع):
بادشاهه لوئي سورهين عوام جي حالت سڌارڻ جي ڪوشش
ڪئي. هن جي هڪ وزير ٽيرگو
(Tergot)
ڏاهپ ڀريا سڌارا تجويز ڪيا پر اُن ۾ ناڪام ٿيو، ڇو
ته خود غرض مٿانهن طبقن عوامي خرچ مان پنهنجي پوري
حصي ڀرڻ کان انڪار ڪيو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي بادشاهه
مـُـلڪ جي مـُـختلف طبقن
(Estate Generale)
جو اجتماع گـُـهرايو. هن ڪائونسل ٽن طبقن جي
نمائندگي ٿي ڪئي، يعني اميراڻي طبقي، مذهبي طبقي ۽
عوام جي. پوئين مذڪور طبقي، جنهن کي ٽئين رياست
سڏيو ويندو هو، تنهن کي 1614ع کان اڳ ڪڏهن به نه
ڪوٺايو ويو هو. هڪڙي قديم قاعدي مطابق هر هڪ رياست
کي گڏيل جماعت ٿي ووٽ ڏيڻو هو. امير ۽ مذهبي طبقي
وارا پنهنجي ٻن آوازن جي ذريعي وچ واري طبقي،
(جنهن کي هڪڙو ووٽ هو) کي ڪنهن به سڌاري ڪرڻ کان
روڪي ٿي سگهيا. ڪيترن ئي گرم بحثن کان پوءِ ٽئين
رياست ٻين ٻن رياستن کان سواءِ معاملي کي طيءِ ڪرڻ
۾ اڳتي وڌي، هڪڙو انقلابي قدم کنيو ۽ هـُـن اعلان
ڪيو، ته اهي ”قومي اسيمبلي“ جي نئين نالي تحت قوم
جا باقاعدي نمائندا آهن. اميراڻي ۽ مذهبي طبقي
وارا ڪيترا ميمبر آخر ۾ هن نئين قانون ساز جماعت ۾
شامل ٿيا.
بيسٽيل جو زوال: (14 جولاءِ 1789ع)
بيسٽيل پيرس ۾ هڪ قلعو هو، جنهن کي سياسي ڏوهارين
لاءِ قيد خاني طور ڪم آندو ويندو هو. سوين بيگناهه
انسان سندس اونداهين ڪوٺين ۾ بند ڪيا ويا هئا، صرف
انهيءَ ڪري جو درٻار جي ڪنهن نه ڪنهن اثر رسوخ
واري ماڻهوءَ کين پنهنجي راهه کان هٽائڻ ٿي چاهيو!
ماڻهو انهيءَ ڳالهه ڪرڻ ۾ حق تي هئا ۽ بيسٽيل کي
ظلم جو هڪ اهڃاڻ ڪري ٿي سمجهيائون.
بيسٽيل جو قلعو |
حـُـڪومت مـُـخالف جوش ۾ آيل ماڻهن جي هڪ انبوهه
سرڪاري توشاخاني مان هٿيار هٿ ڪيا ۽ بيسٽيل تي
حملو ڪيو. اُتان جي پهريدارن کي قتل ڪري، قيدين کي
آزاد ڪيو ويو ۽ قلعي کي ماڻهن هڪ پرجوش جشن جي وچ
۾ زمين دوز ڪيو. سڄي يورپ ۾ آزاد خيال ماڻهن
انهيءَ واقعي جي آجيان ڪئي ته اها هڪ آزاد دور جي
ابتدا هئي. ماڻهن ڪاميابيءَ سان پنهنجا حق تسليم
ڪرايا، ظلم کي هڪ سنڌائتو ۽ موتمار ڌڪ لڳو. انقلاب
جي آئيندي رفتار لاءِ عوام جي هن پهرين فتح خطرناڪ
نتيجا آندا. هيٺاهين طبقي وارا هينئر پنهنجي طاقت
کان آگاهه ٿيا ۽ ان ڏس ۾ جلدئي وڌيڪ عملي قدم کڻڻ
ڪرڻ تي مجبور ٿيا.
بادشاهه کي پيرس آندو ويو:
بيسٽيل
(Bastille)
جي خاتمي کانپوءِ ٽن مهينن جي اندر پيرس جي عوام
گهـُـر ڪئي ته بادشاهه کي گاديءَ جي هنڌ آندو وڃي.
هي افواهه اُٿيا هئا ته هو انقلابين جي خلاف لشڪر
استعمال ڪرڻ جا منصوبا سٽي رهيو هو. حقارت، بـُـک
۽ هڪ بامقصد جوش، جيڪو هڪ گهٽ پڙهيل عوام جي
انبوهه کي خطرناڪ بنائي ٿو، ان کان مجبور ٿي هڪ
وڏي انگ وارو ميڙ پيرس کان وارسائيءَ تائين مارچ
ڪندو ويو. راڻي ماري انٽونيٽ پنهنجي مغروريءَ سان
هيٺاهن طبقن جي ماڻهن کي ڀڙڪايو هو. هڪ گندي ذهنيت
واري ڪاوڙيل ميڙ، شاهي خاندان کي مارڻ جي نيت سان
وارسائي جي محل تي اچي حملو ڪيو. لافييٽ
(Lafayate)،
جو قومي پهري جو اڳواڻ هو، تنهن مس مس سندن
حياتيون بچايون. عوام جو اهو انبوهه بادشاهه ۽ هن
جي سڄي خاندان کي، پنهنجي ڪاميابي تي خوشيون ڪندو،
پيرس وٺي آيو.
قومي اسيمبلي پڻ جلدئي مجبور ٿي ته وارسائيءَ جي
بدران پيرس ۾ اجتماع ڪري. انهيءَ کان پوءِ بحث
مباحثي تي عوامي ميڙ جو هڪ مستقل وڌندڙ دٻاءُ قائم
رهيو. عوامي زور ۽ سگهه جي ڊپ، نرم ڌُر وارن
ميمبرن جي چـَـپـن تي مـُـهر هڻي ڇڏي هئي. ٻئي طرف
وري عوام سطح تي ٿيندڙ ساراهه حد درجي جي انقلاب
کي همٿايو ٿي.
قومي اسيمبليءَ جو ڪارنامو:
قومي اسيمبليءَ تڪڙا فيصلا ڪري ماضيءَ سان تعلق
بلڪل ختم ڪيو ۽ رُوسو ۽ ٻين نظرئي وارن جي تعليمات
تي ٻڌل نين روايتن کي قائم ڪيو.
4 آگسٽ 1789ع تي امير طبقي جا لقب ۽ خاص حق ختم
ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح هڪ ئي ٺهراءَ سان فرانس جو
سڄو اجتماعي دستور درهم برهم ٿيو.
اسيمبليءَ هڪ نئون دستور ٺاهيو، جنهن مطابق حڪومت
کي محدود ملوڪيت بنايو ويو ۽ گهڻي اختياري هڪ
پارليامينٽ جي قانون ساز اسيمبليءَ جي هٿ ۾ ڏني
وئي. پراڻيون علائقائي حد بنديون ختم ڪيون ويون ۽
ملڪ کي ندين ۽ جبلن جي نالن پٺيان کاتن يا ڀاڱن ۾
نئين نموني ورهايو ويو.
اميرن جو لڏي وڃڻ ۽ بادشاهه طرفان ڀاڄ جو
نتيجو:
انهيءَ وچ ۾ فرانس جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هارين
بغاوت ڪئي، اميرن کي قتل ڪيو ۽ سندن قلعا ساڙيا.
هزارين امير سرحد پار ڪري ڀڄي ويا ۽ پرڏيهي درٻارن
۾ وڃي پنهنجي جمهوري ملڪي ماڻهن جي خلاف مدد جي
طلب ڪيائون. ٽي وڏيون مشرقي يورپي طاقتون، يعني
آسٽريا، رُوس ۽ پـُـروشيا، پولينڊ جي ورهاڱي ۾
ايترو ته محوَ هيون، جو فرانس جي معاملن ڏانهن غور
سان ڪو ڌيان ڏيئي نه سگهيون، پر يورپ جا مـُـطلق
العنان حڪمران فرانس ۾ جمهوريت جي بغاوت تي ڊڄي
ويا، ڇاڪاڻ ته کين ڊپ لڳو ته متان سندن رعيتي
ماڻهو به فرانس جو مثال ڏسي انقلاب لاءِ جوش ۾ اچي
وڃن.
جيستائين بادشاهه، پيرس جي انقلابي ماڻهن جي هٿن ۾
قيد هو، تيستائين ڪنهن به حالت ۾ انقلابين جي خلاف
جنگ جو اعلان نه ٿي ٿي سگهيو، ٻئي طرف پـُـراڻي
نظام جي حامين طرفان شاهي خاندان کي ڀڄائي آزاد
ڪرائڻ لاءِ مستقل منصوبا پئي سٽيا ويا ۽ آخر ۾
رائين نديءَ کان پري ڀاڄ جو سچ پچ بندوبست ڪيو
ويو. هن منصوبي مطابق فرار ٿيڻ کان پوءِ چـُـستي ۽
چالاڪيءَ سان بادشاهه ۽ راڻي پنهنجي دوستن تائين
پهچي سگهن ها، جن گهوڙي سوارن جي مهنداريءَ سان
سندن انتظار پئي ڪيو. پر افسوس ته ايئن ٿيندي
ڪيترا قيمتي ڪلاڪ ضايع ٿي ويا ۽ سرحد کان اڌ پنڌ
تي بادشاهه کي هڪ ڳوٺ ۾ گرفتار ڪيو ويو. انهيءَ
کان پوءِ بادشاهه تي ڳرو پهرو رکيو ويو. ڪيترن
ماڻهن اعلان ڪيو، ته هن جي ڀاڄ جي ڪوشش تخت تان
دستبرداري برابر هئي. ٻئي طرف وري هڪ وڏي پارٽي
کيس پنهنجي مـُـلڪ جي خلاف هڪ راڄ ڊوهي ڪري پئي
سمجهيو. بادشاهه خود سراسر هيسجي ويو، ۽ جلدئي
انهيءَ دستور تي هلڻ جو قسم کنيائين، جنهن سندس
تقريباً سڀ خاص حق کسي ورتا.
پلنٽس جو اعلان ۽ والمي جي جنگ:
آگسٽ 1791ع ۾ پـُـروشيا جي بادشاهه فريڊرڪ وليم
ٻئي، آسٽريا جي شهنشاهه سان گڏ پلنٽس شهر مان هڪ
اعلان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن فرينچ انقلابين جي خلاف
قدم کڻڻ جو دڙڪو ڏنو. فرينچ انقلابي فرانس جي
اندروني معاملن ۾ پرڏيهي مداخلت تي باهه ٿي ويا ۽
لوئيءَ کي جنگ جي اعلان ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيائون.
ايندڙ جنگين ۾ شروع ۾ اڻ سکيا ورتل فرينچ رنگروٽن
کي شڪست آئي، پر آزاديءَ جي جوش، سيپٽمبر 1792ع ۾
پـُـروشيا ۽ آسٽريا جي گڏيل لشڪر کي اڳتي وڌڻ کان
روڪيو.
پـُـروشيا جي لشڪر جو مهندار جنرل، جنهن شروع ۾
فرينچ لشڪر کي ڌڪاريو ٿي، تنهن پنهنجي فوج کي بي
عزتيءَ سان پٺتي هٽڻ جو حڪم ڏنو. اها هئي يورپ ۽
انقلابي فرانس جي وچ ۾ لڙائين جي ابتدا، جنهن جي
ڪري پوءِ آخر ۾ نيپولين نالي هڪ فرينچ فوجي غاصب
يورپ جو ڊڪٽيٽر بڻيو هو.
انقلاب جي ترقيءَ ۾ پرڏيهي مداخلت جو اثر:
نئين دستور مطابق قانون ساز اسيمبليءَ جو آڪٽوبر
1791ع ۾ اجتماع ٿيو. پلنٽس واري اعلان جي ڪري
ماڻهن ۾ جيڪو جوش آيو هو، تنهن تحت اسيمبليءَ ۾
جمهوريت پسندن جي اڪثريت چونڊجي آئي. نرم ڌُر جي
جمهوري پارٽيءَ جي ميمبرن کي جـَـيرونڊسٽ
(Gerondists)
سڏيو ٿي ويو، ۽ ٻئي طرف وري انقلاب جي جمهوريت
پسندن کي مائونٽينسٽ
(Mountainists)
يا جابلو ڪوٺيو ٿي ويو، ڇو ته اسيمبلي هال ۾ سندن
نشستون مٿاهين جڳهه تي هيون. ڊينٽن
(Denton)
رابسپيئر
(Robesppiere)
۽ مارا
(Mirat)
مائونٽينسٽن جا مهندار هئا.
بادشاهه کي اڃا تائين اهو حق هو ته هو جنهن به
قانون کي خراب سمجهي، اُن کي ويٽو جي ذريعي ملتوي
ڪري ٿي سگهيو. جڏهن هن ليجسليٽو اسيمبليءَ جا سخت
قانون ويٽو ڪيا، تڏهن هن جيرونڊسٽن سان لاڳاپيل
هٿياربند فسادين جي هڪ ٽولي کي ڀڙڪايو ته شاهي محل
تي حملو ڪن ۽ بادشاهه کان گـُـهرڪن ته ويٽو ختم
ٿيڻ گهرجي.
جلد ئي پوءِ بادشاهه ۽ سندس خاندان کي ٽيمپل نالي
هڪ قديم جڳهه ۾ قيد ڪري رکيو ويو. اهڙيءَ طرح شاهي
اختياريءَ جو آخري اُهڃاڻ به ختم ٿي ويو.
انهيءَ وچ ۾ فرينچ لشڪر کي جنگ جي ميدان ۾ شڪست
آئي ۽ پـُـروشيا وارا پيرس ڏانهن اڳتي وڌندا پئي
ويا. ڊينٽن
(Danton)،
جو ان وقت فرانس جو وزير عدالت هو، تنهن پڪو ارادو
ڪيو ته بادشاهه جي حمايتين ۽ پرڏيهي اتحادين کي
اِن طريقي سان ڊيڄاريندو جو، پيرس جي قيد ۾ بند
ٿيل پادرين ۽ اميرن سڀني جو قتل عام جو حڪم ڏيندو.
اِنهي ”سيپٽمبر جي ڪوس“ ۾ اٽڪل هڪ هزار ماڻهو قتل
ٿي ويا.
جمهوريت جو اعلان ۽ لوئي سورهين جو قتل:
قانون ساز اسيمبليءَ پاڻ کي 21 سيپٽمبر 1792ع تي
برخواست ڪيو ۽ هڪدم نيشنل ڪنوينشن يا قومي اجتماع
نالي اداري سندس جاءِ ورتي. هن اداري ساڳئي ڏينهن
تي فرانس جي جمهوريت جو اعلان ڪيو. جڏهن فرينچ
سپهه سالارن والميءَ جي فتح کان پوءِ آسٽريائي
نيدرلينڊ (هينئر بيلجم) ۽ رائين نديءَ جي ڪناري
وارا ڪجهه علائقا فتح ڪيا، تڏهن هـِـن اجتماع
(National Convention)
ٻين يورپ جي ملڪن ۾ انقلاب کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو
ڪيو. هـُــنن انهيءَ فيصلي جا نقل هر هنڌ موڪلي
ڏنا، جنهن ۾ آزادي چاهيندڙ سڀني قومن لاءِ برادري
۽ مدد جو واعدو ڪيل هو. اهو واعدو ته سچ پچ
ڀروارين حڪومتن لاءِ خطرناڪ هو، ڇو ته انهن
مـُـلڪن ۾ ڪيترا ماڻهو فرينچ انقلاب ۽ ٻين انقلابي
مثالن جي پيروي ڪرڻ، ۽ مطلق العناني ۽ جاگيرداري
ظلم جي ڪڙين مان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ منتظر
هئا، سڀ ڪنهن هنڌ آزاد خيال وارن ماڻهن منجهه
انقلاب لاءِ همدردي محسوس ڪئي.
پر هن همدرديءَ جي جڳهه خوف ۽ حقارت ورتي، جڏهن
”قومي اجتماع“
(National Convention)
بادشاهه کي راڄ ڊوهي ڪري مٿس ڪيس هلايو ۽
21 جنوري 1796ع تي ”گـِـلوٽين“
جي ذريعي کيس قتل ڪيو. هي قتل ڏوهه به هو، ته هڪ
سياسي غلطي به هئي. هن انقلاب جي انهيءَ خوف کي
وڌايو، جو انقلاب جي پرڏيهي دوستن ”سيپٽمبر جي
ڪوس“ کانپوءِ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هو.
فرانس جي خلاف ٻـَـڌي:
خاص ڪري انگلينڊ ۾ عوامي راءِ حڪومت تي فرانس سان
لڙائي ڪرڻ لاءِ زور آندو. اهڙي لڙائي نـِـج سياسي
سببن ڪري پڻ ضروري هئي، ڇو ته فرينچن جي دڙڪي ڏنل
هالينڊ جي فتح انگريزن جي سامونڊي واپار لاءِ خطرو
هئي. وزيراعظم وليم پـِـٽ ننڍي جي هٿ هيٺ انگلينڊ،
سمنڊ ۽ زمين تي لڙائي جاري رکي ۽ هڪ ٻئي پٺيان
يورپي اتحاد ٺاهيا، انهيءَ مطلب لاءِ ته فرانس
مجبور ٿي وڃي ۽ پنهنجي اصلوڪين سرحدن جي اندر رهي.
پهريون اتحاد، جنهن ۾ هالينڊ، اسپين، آسٽريا،
پـُـروشيا ۽ ٻيا ڪيترا ننڍا ملڪ اچي ٿي ويا، تنهن
1793ع ۾ فرانس تي ٽن طرفن کان حملو ڪيو، جنهن ۾
فرينچ لشڪر کي شڪست آئي.
عوام جي سلامتيءَ لاءِ ڪاميٽي:
”قومي اجتماع“ اعتبار ۾ نه ايندڙ طاقت ۽ جوش سان
هر خطري جو مقابلو ڪيو. جيرونڊسٽن، جن انقلابي
مائونٽينسٽن سان جهڳڙو ڪيو، تن کي هٿياربند فسادين
جي هڪ ٽولي جي حڪم سان گرفتار ڪيو ويو، جن اچي
اسيمبلي هال تي حملو ڪيو. مائونٽينسٽن، جن جو
هينئر خالص قبضو رهيو، تن ”عوام جي سلامتي لاءِ
ڪاميٽي“ ٺاهي، جيڪا ڳجهي رکي وئي هئي. جنهن مـُـلڪ
تي خودمختيار اختيار استعمال ڪيا. حڪومت، جيڪا اڃا
تائين نالي ۾ جمهوري هئي، سا ڪن خاص ماڻهن جي
حڪومت ۾ تبديل ٿي وئي. روبيسپيئر انهيءَ ڪاميٽيءَ
جو صدر هو.
انهيءَ حڪومت جو لائق ۽ قابل ترين ميمبر ڪارنو
(Carnot)
هو، جو شايد تاريخ ۾ اعليٰ ترين جنگي وزير ٿي
گذريو آهي. هن لا تعداد لشڪر ڪـَـٺو ڪيو ۽ ان جي
تشڪيل ڪئي، سپهه سالار مقرر ڪيا ۽ يورپ جي مـُـلڪن
تي ڪاهون ڪرڻ جا منصوبا پڻ سٽيا. هڪ سال اندر هن
فرانس کي پرڏيهي دشمنن کان صاف ڪيو ۽ ان ريت
نيپولين جي آئيندي جي شاندار فتحن جو فوجي بنياد
پڻ رکيو.
ڏهڪاءَ جي حڪومت (جون 1793ع - جولاءِ 1794ع):
حڪومتي ڪاميٽيءَ جو پنهنجي حڪمن کي عمل ۾ آڻائڻ جو
طريقو سادو ۽ خطرناڪ هو. جنهن به بيوفائي يا
نافرمانبرداريءَ جا اُهڃاڻ ڏيکاريا پئي، تنهن کي
گلوٽين جي رستي قتل ڪيو ٿي ويو. گلوٽين رستي قتل
روزمرهه جو نظارو ٿي ويو، جنهن مان پيرس جي فسادي
عوام جو ڪميڻي خصلت وارو طبقو مزي سان تماشو ڏسندو
هو. جولاءِ 1794ع ۾ سرڪپڻ جو روزمرهه تعداد 196
تائين پهتو. راڻي ماري ائنٽونيٽ ۽ ايڪويهه
جيرونڊسٽ اڳواڻ انهن مقتولن مان هئا.
هڪ مـُـحبِ وطن نوجوان عورت، شارلوٽ ڪورڊي، اميد
رکي ته ڏهڪاءَ جي مـُـک حاميءَ کي ماري شايد اهو
ڏهڪاءُ بند ڪري سگهي. هوءَ مارا
(Mirat)
جي ڪمري ۾ وئي ۽ کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيو. پر جيئن
هميشـہ ٿيندو آهي، تئين هتي به خون ڪرڻ فرانس کي
لڳل مرض جو ڪو علاج ثابت نه ٿيو. اُن جي برعڪس
مارا جي ساٿين وڌيڪ ظلم ڪري سندس خون جو بدلو
ورتو.
هتي ايتري جڳهه ڪانهي جو اُنهيءَ فساد جو مڪمل
بيان ڏيئي سگهجي. نون ماڻهن نوان خيالات آندا،
انهن ۾ ڪي سچ پچ بلند درجي وارا ڪي رڳو وهمي يا
تعصبي هئا، سي هڪٻئي پٺيان ايترو تيزي سان آيا، جن
ماڻهن کي ويتر مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. آخر انهيءَ
ڏهڪاءَ پکيڙيندڙن کي انقلابي حڪومت جي زماني ۾ ئي
عيسائي مذهب سان گڏ ختم ڪيو ويو. انقلابين کي سڀني
رُخن کان سڄو نئون معاشرتي سرشتو هڪ نئين بنياد تي
شروع ڪرڻو هو. انهن ڏاڀ ڀريل ۽ چڱن سڌارن مان تور
۽ ماپ جو ميٽرڪ سرشتو به هڪ هو، جيڪو اڄ ڏينهن
تائين هلندو اچي ۽ سڄي دنيا ۾ هڪ عالمي معيار هئڻ
جي لياقت پڻ رکي ٿو.
روبسپيئر
(Robespierre)
جو زوال ۽ خوفائتي عهد جو خاتمو:
انهيءَ اجتماع مان پنهجي دشمن کي، خاص ڪري ڊينٽن
کي، ڦاسيءَ تي چاڙهائي روبسپيئر پاڻ کي ڊڪٽيٽر
بڻايو. هن اعلان ڪيو ته هن جي مرضي هئي، ته هو
فرانس ۾ آزادي ۽ مساوات تي ٻڌل هڪ آدرشي حڪومت
قائم ڪري. هن دهريت (يعني خدا جي وجود جو انڪار
ڪرڻ) جي عقيدي کي ننديو ۽ ان کي اخلاق جي ابتڙ
ظاهر ڪيو ۽ اجتماع کي انهيءَ ڳالهه تي آندو ته هڪ
حڪمنامو ڪڍي، جنهن مطابق اعليٰ ترين هستي (يعني
خدا) جي عبادت کي قومي مذهب ڪري ڄاتو وڃي. جيڪي به
مخالف هئا، تن کي موت جي سزا ڏني وئي. ڇهن هفتن
اندر 1366 ماڻهن کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو. آخر ۾
خود روبيسپيئر جي هم شـريڪن کي اچي ڀؤ لڳو ته متان
سندن لالـچ جي ڪري کين به ڦاسيءَ تي نه چڙهڻو پوي.
اهي اوچتو روبيسپيئر جي خلاف ٿي پيا ۽ اجتماع ۾
راڄ ڊوهي ڪري هن کي ننديائون. ٻئي ڏينهن روبيسپيئر
جو سر انهيءَ ساڳي ڪٽار سان ڪٽيو ويو، جا ٽن مهينن
تائين هن جي حڪمرانيءَ جو نشان ۽ اوزار هئي. هن جي
موت سان ڏهڪاءَ واري حڪومت ختم ٿي. فرينچ شهرين جو
اڪثر حصو اُن مستقل فساد کان تنگ ٿي پيو هو، جو
انقلابي هنگامي ڪندڙن قائم رکيو. هنن جي مرضي هئي،
ته وري سڪون واري روزمرهه جي زندگي گذارجي.
ڊائريڪٽريءَ جي تشڪيل (1795ع):
ان کان پوءِ اجتماع هڪ نئون دستور تجويز ڪيو، جنهن
مطابق ڪاروباري اختيار پنجن ميمبرن جي هڪ
ڊائريڪٽريءَ يا جٿي کي سونپيا ويا. قانون ساز
جماعت جا ٻه گهر ٿيندا، حالانڪ انقلاب جون اڳيون
ٽي قانون ساز جماعتون هڪ گهر يا جماعت واري
فرينچائيز (ووٽ جو حق)،
]جو
1793ع ۾ عالمي ووٽ جي حق تي ٻڌل هو،[
کي هينئر انهن شهرين تائين محدود ڪيو ويو، جيڪي
حڪومت کي ڪجهه رقم ٽيڪس ۾ ڏيندا هئا. هن ۽ ٻين
قومن پيرس جي فسادي عوام کي ڪاوڙ ڏياري. پنجين
آڪٽوبر تي هڪ فسادي هٿياربند ٽولو اسيمبلي هال تي
حملي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو جتي اجتماع جي ويهڪ هئي،
پر هڪ مضبوط توب خاني جي هڪ نوجوان آفيسر فسادي
عوام کي چڱو مزو چکايو. هي آفيسر پهريون ماڻهو هو
جو سمجهي ٿي سگهيو، ته ڪيئن انبوهي حڪمرانيءَ کي
ماري مات ڪجي؟ انهيءَ آفيسر جو نالو هو ”نيپولين
بوناپارٽ.“
باب ٽيهون
نيپوليني دور
نيپولين جي اوائلي حياتي:
نيپولين بونا پارٽ |
نيپولين سن 1769ع ۾ ڪارسيڪا جي گاديءَ جي هنڌ
آياچو
(Ajaccio)
۾ ڄائو هو. هو بوناپارٽ جي اميراڻي خاندان جو ٻيون
نمبر پـُـٽ هو. هن جي ننڍپڻ جي زماني ۾ فرينچن
ڪارسيڪا کي فتح ڪيو، ته اهڙيءَ طرح بوناپارٽ
خاندان وارا فرينچن جي رعيت
ٿي پيا. نيپولين جڏهن برين جي فوجي اسڪول ۾ شاگرد
هو، تڏهن هن غير معمولي قابليت جو مظاهرو ڪيو.
1793ع ۾ جڏهن تـُـولون جي بندر پاڻ کي انقلابي
سرڪار جي خلاف انگريزن سان گڏ متحد ڪيو، تڏهن
اِنهيءَ شهر کي سزا ڏيڻ لاءِ نيپولين کي موڪليل
لشڪر جي توبخاني جو آفيسر ڪري موڪليو ويو. نيپولين
جي منصوبن ذريعي انهيءَ شهر کي آڻ مڃائڻ لاءِ
جلدئي مجبور ڪيو ويو. جيتوڻيڪ هيءُ ان وقت رڳو
چوويهن ورهين جو هو، ٻئي سال هن توبخاني جو سپهه
سالار ٿي ڪم ڪيو، ۽ حڪومت جي مـُـک ميمبرن تائين
اثر رسوخ حاصل ڪيائين.
نيپولين جي اٽليءَ تي پهرين ڪاهه: (1796ع - 1796ع)
ڊائريڪٽريءَ تحت، اٽليءَ ۾ آسٽريا وارن جي خلاف
موڪليل لشڪر جي اعليٰ ڪمان نيپولين کي سونپي وئي.
شروع ۾ وڏي عمر وارن مهندارن کي پنهنجي نوجوان
فوجي ڪماندار ۾ اعتماد ڪونه هو ۽ حسد پڻ محسوس پئي
ڪيائون، پر اُهي جلدئي هن نوجوان آفيسر کي جنگ جي
فن ۾ هڪ قابل ترين شخصيت ڪري مڃڻ ۽ ساراهڻ لڳا.
نيپولين کي هميشـہ اها ڄاڻ هئي ته ڪيئن لشڪر جي
وفاداري ۽ پنهنجي لاءِ جانثاري هٿ ڪجي. جوشيليون
تقريرن ڪرڻ ۾ هن جي قابليت، هن جي پهرين اعلان مان
ظاهر هئي. جنهن ۾ هن چيو ”سپاهيو! توهان کي پورو
کاڌو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ توهان کي ذري گهٽ اگهاڙو ٿو
رکيو وڃي. حڪومت تي توهان جو وڏو احسان آهي، پر هو
توهان جي لاءِ ڪجهه به نٿي ڪري، توهان جو صبر ۽
توهان جي همٿ ئي توهان جي عزت وڌائين ٿا، آءٌ
هينئر جلدئي توهان کي دنيا جي شاداب ترين ميدانن ۾
وٺي هلندس. اتي توهان وڏا شهر ۽ شاهوڪار علائقا
ڏسندؤ. اتي توهان کي عزت، شان ۽ دولت حاصل ٿيندي.
اٽليءَ جي لشڪر جا سپاهيو! ڇا توهان همٿ هاريندؤ؟“
هينئر جيڪا اٽليءَ جي زمين تي لڙائي ٿي، تنهن جهڙي
هنيبال جي ڏينهن کان وٺي ڪا حيرت انگيز لڙائي ڪانه
ٿي. آسٽريا وارن کي هر هڪ جڳهه تي شڪست ڏني وئي ۽
فوجي حڪمت عمليءَ سان کين چٿيو ويو. 1797ع ۾ بهار
جي مهيني ۾ بوناپارٽ آسٽريا جي گاديءَ جي هنڌ
ويانا تائين ڪاهي ويو ۽ شهنشاهه کي صـُـلح ڪرڻ
لاءِ مجبور ڪيائين. ”ڪئمپيو فارميو“ جي عهدنامي
مطابق آسٽريا پنهنجي ملڪ جا هيٺانهان علائقا فرانس
کي ڏنا ۽ رائين نديءَ کي جمهوريت جي مشرقي سرحد
ڪري مڃيو. اُتر اٽليءَ کي ٻن نين فرينچ رياستن ۾
تبديل ڪيو ويو، ۽ کين ”سـِـشئال پين“ ۽ ”لگيورن“
جمهوريتون ڪوٺيون ويون.
نيپولين جون فوجي مهمون
مصري مهم (1798ع - 1799ع):
آسٽريا جي بي عزتي ڪرڻ کان پوءِ فرينچ جمهوريت جو
هڪ وڏو دشمن انگلينڊ وڃي بچيو هيو. نيپولين
انگلينڊ جي هندستان ۾ حملي ڪرڻ جو هڪ جانباز
منصوبو خيال ۾ آندو. هندستان اُن وقت انگلينڊ جي
دولت ۽ طاقت جو سرچشمو هو. جيئن، ته انگريز بحري
ٻيڙي جو وڏن سمنڊن تي قبضو هو، تنهن ڪري اِها مهم
يا چڙهائي خشڪيءَ رستي ٿيڻي هئي. مشرق ڏانهن اڳتي
وڌڻ لاءِ مصر آڏو ٿيڻو هو. ڊائريڪٽرن خوشيءَ سان
نيپولين جي تجويزن کي قبول ڪيو، ڇو ته انهن کي ڀؤ
ٿيو ته متان گهر ۾، يعني نيپولين ساڻن ملڪ ۾ ويهي،
سياسي مقابلو ڪندڙ نه ٿي پوي. نيپولين پنهنجي
چونڊيل لشڪر سان گڏ پاڻ سان عالمن جو هڪ تعداد
کنيو، جي مشرق جي قديم يادگارن جي اڀياس لاءِ هئا.
فرانس جو بحري ٻيڙو خوش قسمتيءَ سان ڀونوچ سمنڊ تي
پهرو ڏيندڙ برطانوي بحري لشڪر کان نظر بچائي ويو ۽
سلامتيءَ سان وڃي مصر پهتو. مصر وارو هيٺانهون
ڀاڱو فرينچن جي ٿوري نقصان سان فتح ٿيو، پر سمنڊ
تي برطانوي تسلط جي ڪري نيپولين جو فتحون نيسقت ٿي
ويون. اميرالبحر نيلسن فرينچ بحري ٻيڙي، جو اڀوڪير
اُپسمنڊ وٽ لنگرانداز هو، تي حملو ڪيو، ۽ انهيءَ
کي بلڪل تباهه ڪري ڇڏيو. هن نيل نديءَ جي مشهور
بحري لڙائيءَ فرانس ۽ مصر جي وچ ۾ مواصلات کي ڪاٽي
ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن نيپولين فرانس موٽي
آيو ته سندس لشڪر سراسري طرح ختم ٿيل هـُـئو.
نيپولين جو مشير اول ٿيڻ:
نيپولين جي غيرحاضريءَ ۾ ڊائريڪٽريءَ کي مشڪلاتون
درپيش آيون. انگلينڊ فرانس جي خلاف يورپي ملڪن جو
ٻيو اتحاد ٺاهيو. فرينچ مهندارن کي شڪست ڏني وئي،
اٽلي کسجي وئي ۽ خود جمهوريت پرڏيهي حملي جي خطري
۾ هئي. مـُـلڪ جي اندر وري ڊائريڪٽرن کي بادشاهه
جي حامين ۽ انتهائي جمهوريت پسندن مان گهڻي تڪليف
رسي. جڏهن نيپولين کي انهن تڪليفن جي خبر پئي،
تڏهن هن حڪومت کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ جو پڪو ارادو
ڪيو. لشڪر کي پٺتي ڇڏي هي پئرس ڏانهن جلد موٽيو.
سندس بيحد مقبوليت ماڻهن لاءِ اهو آسان ڪيو ته
ڊائريڪٽريءَ کي ختم ڪن ۽ 1799ع جو نئون دستور
ٺاهين. هن مطابق حـُـڪومت جي ڪاروباري طاقت ٽن
مشيرن جي هٿ ۾ هئي، جن کي ڏهن سالن لاءِ چونڊيو
ويو. مشير اول جي حيثيت ۾ نيپولين کي اڪثر اڪيلي ۽
خودمختيار طاقت هئي. هن جا ٻه ٻيا همراهه رڳو هن
جي ارادي جا حامي هوندا هئا. جڏهن ماڻهن کي چيو
ويو ته دستور کي پڪو ڪيو، تڏهن ٽيهن لکن انهيءَ جي
فائدي ۾ ووٽ ڏنو ۽ رڳو پندرنهن سؤ ماڻهن هن تجويز
جي خلاف ووٽ ڏنو.
ٻئي اتحاد جي شڪست:
جيئن ئي داخلي معاملا نبيريا، تيئن ئي نيپولين،
جيڪي سندس غير حاضريءَ ۾ فوجي نقصان ٿيا هئا، تن
جي تلافي ڪرڻ جي تياري ڪئي. هـُـو ڳجهه ڳوهه ۾ ۽
تيزيءَ سان آسٽريا جي سپهه سالار، جيڪو مغربي ”پو“
واديءَ ۾ جنگ ۾ مشغول هو، کي خبردار ڪرڻ کانسواءِ
آلپس جبلن جي پار هڪ لشڪر کي وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب
ٿيو. هن پيشقدميءَ تي آسٽريا وارا وائڙا ٿي ويا.
مارنگو جي جنگ ۾ کين وڏي شڪست آئي جنهن جو نتيجو
اهو ٿيو ته هڪ ئي ڌڪ سان اٽلي وري حاصل ڪئي وئي.
آسٽريا ساڳين شرطن تي صلح ڪرڻ تي راضي ٿيو، جيڪي
شرط ڪئپوفاميو جي عهدنامي ۾ ڏنا ويا هئا. انگلينڊ
پڻ امينس شهر ۾ 1802ع تي صلح جي عهدنامي تي صحيح
ڪئي، جنهن مطابق هن فرانس کي اهي فتح ڪيل ملڪ
موٽائي ڏنا، جيڪي جنگ جي شروعات کان اڳ اُن فتح
ڪيا هئا.
نيپولين جا صلح جا ڪم:
نيپولين جي حڪومت مان ظاهر ٿيو ته هن کي هڪ
سياستدان ۽ انتظام هلائڻ جو وڏو عبور حاصل هو.
فرانس ۾ جلدئي آسودگي ۽ امن امان اچي ويا. پنهنجي
سڀني سڌارن ۾ نيپولين اهڙي طاقت ۽ تيزيءَ سان ڪم
ڪيو، جو ايئن پئي نظر آيو ته هيءُ ڄڻ انسان کان
مٿانهين درجي جي مخلوق آهي. سڀني کان وڌيڪ فائدي
وارو سڌارو سندس طرفان جوڙيل قانون جو نئون دستور
هو، جنهن کي ”نيپولين جو قانون نامو“ سڏجي ٿو.
اهو قانون نامو فرانس جي مشهور ترين قانوندانن
ٺاهيو هو ۽ انقلاب جي دوران آندل قانوني سڌارن جو
تت هو. اهو اڪثر ڪري قديم فرينچ ۽ رومن قانونن تي
ٻڌل هو. ”ديواني قانون“ جي نالي سان اهو اڃا تائين
فرانس جو هاڻوڪو قانون آهن. نه رڳو ايترو پر ٻيا
ڪيترا ملڪ، جهڙوڪ: ارجنٽائن، ميڪسيڪو ۽ اٽلي،
پنهنجن مـُـلڪن ۾ گهٽ يا وڌ انهيءَ دستور جي پيروي
ڪن پيا. سينٽ هيلينا ۾ نظربنديءَ جي زماني ۾
نيپولين هڪ ڀيري چيو: ”مون کي انهيءَ ڳالهه تي فخر
نه آهي جو مون چاليهه جنگيون کٽيون آهن، پر اها
شيءِ جنهن کي ڪوبه مٽائي نه ٿو سگهي ۽ جا هميشـہ
لاءِ رهندي، اهو آهي منهنجو ديواني قانون نامو“.
نيپولين جو پاڻ کي شنهشاهه ڪري تاج پهرائڻ:
نيپولين جو مقصد هو ته پنهنجيءَ حڪومت کي دائم ۽
موروثي ڪري. 1802ع ۾ هن کي تاحيات مشير
(Priector)
ڪيو ويو ۽ 1804ع ۾ هن فرينچ قوم آڏو اها ڳالهه رکي
ته ڇا هوءَ ايئن چاهي ٿي ته هو مـُـلڪي مفاد ۾
شهنشاهه جو لقب اختيار ڪري. اُن وقت تقريباً سڀني
شهرين جمهوريت کي شهنشاهت ۾ تبديل ڪرڻ جي فائدي ۾
ووٽ ڏنو. نيپولين جشن ڪرائي تاجپوشي ڪئي، جا ذري
گهٽ شارلمان جي تاجپوشي ياد پئي ڏياري. شهنشاهه جي
طاقت تقريباً ايتري هئي، جيتري هڪ فوجي ڊڪٽيٽر جي.
جيڪڏهن فرينچ قوم سچ پچ جمهوري حڪومت لاءِ ساماڻل
هجي ها ته نيپولين جي ايتري اوچتي ترقي نه ٿئي ها.
نيپولين شروع کان وٺي مـُـلڪ ۾ ملوڪيت قائم ڪرڻ جو
مقصد رکيو هو، جيئن سندس هيٺئين گفتي مان معلوم
ٿئي ٿو، جيڪو هـُـن 1799ع ۾ چيو هو: ”جمهوريت هڪ
وهم آهي، جنهن سڀني فرينچن کي مجنون بنائي ڇڏيو
آهي، پر اهو ٻين وانگر وقت اچڻ تي ڪافور ٿي ويندو.
هو جنهن شيءِ جي پٺيان آهن، سا آهي فخر ۽ سندن
غرور جو پورو ٿيڻ. جيستائين آزاديءَ جو تعلق آهي،
ان بابت کين ڪو تخيل ئي ڪونهي. قوم کي ڪنهن سردار
وانگر هئڻ گهرجي، اهو سردار جيڪو شان شوڪت سان
مشهور هجي.“
يورپ جي لڙائيءَ جو وري شروع ٿيڻ:
جيڪڏهن نيپولين پنهنجي اقتداري حرص کي روڪي سگهي
ها ته شايد پنهنجي فتحن جو صلح سانت ۾ فائدو وٺي
سگهي ها، پر هو هميشـہ ٻين ملڪن جي معاملن ۾
مداخلت ڪندو رهيو. ان کان علاوه هندستان ۽ آمريڪا
جي ڪجهه ڀاڱن کي گڏي هڪ فرينچ بيٺڪي شهنشاهت قائم
ڪرڻ جي سازش سٽيائين. 1805ع ۾ مجبور ٿي، پنهنجي
بچاءَ ۾ وري لڙائي شروع ڪئي. روس، آسٽريا ۽
سوئيڊن، انگلينڊ کان ٽٽي اتحاد ۾ شامل ٿيا.
انگلينڊ جي حملي لاءِ نيپولين زبردست تياريون
ڪيون. بولون وٽ فوجي چـُـر پـُـر جا بحري جهاز
تيار رکيا ويا. انگريز جيڪڏهن هڪ ڏينهن لاءِ به
کاريءَ تي پنهنجي نظرداري گهٽ ڪن ها ته هو نابود
ٿي وڃن ها. اهو خطرو 1805ع ۾ اميرالبحر نيلسن جي
مشهور فتح سان غائب ٿي ويو، جيڪا فتح هن جبرالٽر
جي ڀرسان ٽرافلگر جي راس وٽ فرينچ ۽ اسپين جي گڏيل
بحري ٻيڙي مٿان حاصل ڪئي.
نيلسن جو حڪم ته: ”انگلينڊ سڀ ڪنهن ماڻهو ۾ اميد
رکي ٿو ته هو پنهنجو فرض ادا ڪندو“، انگريزن جي
تاريخ ۾ ڪڏهن به وساريو نه ويندو. هي بهادر
اميرالبحر لڙائي هلندي مري ويو. ٽرافلگر جي
لڙائيءَ کانپوءِ برطانيا وارا سمنڊ جا مطلق مالڪ
بڻيا.
زميني لڙائيءَ ۾ نيپولين هميشـہ کان وڌيڪ چمڪيو.
ڊينيوب نديءَ جي مٿانهين ٽڪري ۾ هن اُلم شهر وٽ
تڪڙيون ڪاهون ڪري، ٽيهه هزار آسٽريا ئي سپاهين کي
قيد ڪيو. فرينچ سپاهين اهو نوٽ ڪيو ته شهنشاهه
هينئر ٻانهن سان نه پر ڄنگهن جي ذريعي پئي وڙهيو.
هوڏانهن ويانا جي ويجهو آئوسٽرلٽس وٽ آسٽريا ۽ روس
وارا به کانس بـُـري طرح سان شڪست کائي ويا.
پـُـروشيا کي پـَـٽَ تي ڪيرايو ويو ۽ فرانس جي
لشڪرن فتحمنديءَ سان برلن جي پل جي وچان چپ راست
ڪئي. روس وارن لڙائي اڃا تائين جاري رکي ۽ ايلائو
وٽ هو نهايت جوش سان وڙهيا. البت ڪجهه مهينن کان
پوءِ فيبروري 1807ع ۾ فريڊ لينڊ وٽ هڪ فيصلائتي
شڪست کاڌائون. انهيءَ سال نيپولين جي قابليت کان
مرعوب ٿي روس جي زار اليگزينڊر پهرئين ٽلسٽ جو صلح
ڪيو. صلح لاءِ يورپ کنڊ جا هي ٻه مـُـک، نيمين
نديءَ جي وچ ۾ هڪ تـُـرهي، (جو ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾
لنگرانداز هو) تي اچي مليا.
ٽلسٽ
(Tilsit)
جو صلح:
ٽلسٽ وٽ نيپولين اها تجويز ڏني ته هو پاڻ ۽ روس جو
زار يورپ کي ذري گهٽ پاڻ ۾ ورهائي کڻن. پـُـروشيا
کان تقريباً اَڌ ملڪ کسيو ويو. سوئيڊن ۽ ترڪي ڪنهن
حد تائين روس ۾ شامل ڪرڻا هئا. حقيقت ۾ ٿوڙي وقت
کان پوءِ سوئيڊن کان فنلينڊ به کسيو ويو. روس جي
اولهه وارا ملڪ، جي نيپولين جي شهنشاهت جو حصو نه
هئا، تن تي يا ته هن جي مائٽن جي حڪومت هئي يا
اُنهن کي هن سان اتحاد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو.
نيپولين سڀني کان ننڍي ڀاءُ جيروم، جيڪو ويسٽ
فاليا جو بادشاهه هو، راهو ملڪ اڳي اولهه
پـُـروشيا ۾ هو. ٻئي طرف لوئي بوناپارٽ هالينڊ جو
بادشاهه هو. نيپولين خود اٽليءَ جي بادشاهت تي
قبضو ڪيو ۽ پنهنجي ماٽيلي پـُـٽ يوجين بوهارني کي
وائسراءِ ڪري مقرر ڪيائين. سندس وڏي ۾ وڏي ڀاءُ
جوزف بوناپارٽ کي نيپل شهر جو شاهي تاج مليو.
مغربي جرمنيءَ جا امير نيپولين جي بچاءَ هيٺ قائم
”رائين جي اتحادي حڪومت“ ۾ متحد ٿيا.
انهن تبديلين جي ڪري قديم جرمن شهنشاهت ختم ٿي
وئي. تنهن ڪري فرانسس پهريون مقدس روم جي شهنشاهت
جي تخت تان دستبردار ٿيو ۽ ”آسٽريا جو شهنشاهه“ جو
نئون لقب اختيار ڪيائين.
يورپ کنڊ جو سرشتو:
رڳو برطانيا ئي هو، جنهن يورپ جي قيصر (نيپولين)
جي اڳيان سرجهڪائڻ کان انڪار ڪيو. تنهن ڪري
نيپولين پنهنجي لشڪر سان برطانيا جي واپار کي لولي
لنگڙي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. هن برلن مان هڪ
حڪمنامو ڪڍيو، جنهن مطابق يورپ جي سڀني ملڪن کي
منع ڪئي وئي ته هو انگلينڊ سان ڪوبه اچ وڃ جو رستو
نه رکن. برطانوي جهازن ۽ برطانوي وَکر، جي يورپ جي
بندر اندر آيا ٿي، تن کي ضبط ڪيو ويو، انهيءَ قدم
انگلـيـنڊ جـي مـزدورن، مـال پيـدا ڪـندڙن ۽
جهازيـن کـي سخـت تڪليف
1810ع ڌاري نيپوليني شهنشاهت جو هڪ خاڪو
نيپولين بونا پارٽ هڪ شهنشاهه جي روپ ۾ |
پهچائي. پر يورپ ۾ پڻ اهو قدم ساڳيءَ سختيءَ سان
محسوس ڪيو ويو. ٻاهرين ملڪن مان گهرايل شين جون
قيمتون ايتريون ته وڌي ويون، جو شاهوڪارن کان
سواءِ ٻين سڀنيءَ جي وَسَ کان مٿي هيون. واپار جو
هر جڳهه تي خاتمو ٿي ويو. خاص ڪري روس انهيءَ تي
پيو ڀاڙي ته انگريزن جي ڪپڙي ۽ ٻين فيڪٽرين ۾ ٺهيل
شين کي استعمال ڪري. هينئر يورپ جي سرشتي
(Continental System)
کين جيڪا تڪليف ڏني، تنهن فرينچ اتحاد کي جلدئي اڻ
وڻندڙ بنايو. انهيءَ وچ ۾ نيپولين لاءِ اهو ناممڪن
هو جو يورپ جي سڄي سامونڊي ڪناري جي نگراني ڪري
سگهي. انگريزن وڏي پيماني تي چوريءَ شين جي آڻڻ جو
هڪ سلسلو قائم ڪيو ۽ ڳجهيءَ طرح وڏي انداز ۾ شيون
ملڪ ۾ داخل ڪرڻ وارو سلسلو جاري رکيو.
اسپين ۾ اُپٻيٽي لڙائي: (1808ع - 1812ع)
1808ع ۾ نيپولين اسپين ۽ پورچوگال جي ملڪي معاملن
۾ مداخلت ڪئي، ڇوته اهي ملڪ اڃا تائين پنهنجا بندر
برطانوي واپارين لاءِ کليا رکندا ٿي آيا. نيپل جي
بادشاهه جوزف بوناپارٽ کي هينئر اسپين جو بادشاهه
ڪيو ويو ۽ نيپل جو تاج شهنشاهه جي سالي، ميورا
ڏانهن ويو. اسپين وارا، جي هميشـہ فخر مند محب
وطن ماڻهو رهيا آهن، تن فرينچ بادشاهه خلاف بغاوت
ڪئي. هنن جو مقابلو انهن سڀني مقابلن کان وڌيڪ
خطرناڪ هو، جيڪي نيپولين هن وقت تائين ڏسي چڪو هو،
ڇوته ماڻهن جي اڪثر حصي ويڙهه لاءِ هٿيار استعمال
ڪيا. جي هڪڙي علائقي کي ماٺ ٿي ڪرايو ويو ته ٻئي
علائقي ۾ وڳوڙ ٿي اُڀريا. پورچوگيزن ۽ اسپين جي
محب وطن ماڻهن ڊيوڪ آف ويلنگٽن جي هٿ هيٺ برطانوي
لشڪر جي ذريعي مدد حاصل ڪئي. فرنيچ سپهه سالارن کي
آهستي آهستي پر يقين سان مجبور ڪري پٺتي موٽايو
ويو ۽ پائرانيز جبلن جي پار هڪليو ويو. اسپين جي
لڙائي فرانس کي ماڻهن جي قتل ۽ خزاني جي لحاظ کان
مهانگي پئي ۽ يورپ ۾ نيپولين جي عزت کي ڌڪ هنيو.
انهيءَ اُپٻيٽ ۾ برطانيا جي فتحن جي خبر نيپولين
جي ٻين دشمنن کي همٿ ڏياري. انهيءَ جو نتيجو اهو
ٿيو، جو هن کي آخر شڪست آئي. |