باب ڇهون
يونان جي تاريخ: ايراني لڙاين تائين
يونان جي جاگرافي ۽ ان جو سندس تاريخ تي اثر:
اصل يونان بلقاني اپٻيٽ جو ڏاکڻيون تنگ حصو آهي.
جيتوڻيڪ اهو تمام ننڍو آهي، تنهن هوندي به جبلن جي
اوٽن ڪري ڪيترن ئي ضلعن ۾ ورهائجي وڃي ٿو، ڇو ته
پراڻي دور ۾ انهن جبلن کي اڪرڻ مشڪل ڪم
هو. هر هڪ ضلعي، ٻين کان الڳ پنهنجي ليکي پنهنجي
مڪاني ترقي شروع ڪئي. نتيجو اهو ٿيو جو ڪيتريون ئي
ننڍيون حڪومتون قائم ٿيون پر ڪڏهن به هڪ گڏيل ملت
نه ٺهي. يونان جو ڪنارو ڪيترن ئي اپسمنڊن سان
ٽيڪيو پيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي سٺا بنـدر آهـي.
اولـهـه ۾ آيـونـيـن سـمنـڊ
(Ionian Sea)
۽ اوڀـر ۾ ايجـيـن
(Aegaean)
قديم يونان جون سرحدون
هيٺيان جاگرافيائي نالا اهم آهن: ”اتر يونان“
جيڪو اتر ۾ ”ڪئمبونين“
(Cambunian)
جبلن ۽ ”ائمبريشن“
(Ambrasion)
نار کان سـِـڌَ تي ”مالين“
(Malian)
نار تائين ڏکڻ تي ٻڌل آهي. اتر ۾ سمنڊ جي ويجهو
”اولمپس“
(Olympus)
جبل هو، جنهن کي يوناني ديوتائن جو آشيانو سمجهيو
ويندو هو. وچ يونان ۾ ويندڙ سٺو رستو رڳو اهو هو،
جو ٿرما پلي
(Thermopylae)
واري لـَـڪَ کان لنگهيو، جو اتانهن جبلن ۽ مالين
نار جي وچ ۾ آهي. ”وچ يونان“ وڃي سمنڊ آهي ۽ ٻنهي
۾ ڪئين ٻيٽ آهن. ايجين ٻيٽن جو ميڙ ايشيا ڪوچڪ جي
مغربي ڪناري سان ڳنڍيل آهي، جو يونان جهڙو آهي ۽
جنهن کي پڻ يونانين وسايو. اهڙي سٺي هنڌ تي واقع
ملڪ ۾ طبعي طرح سامونڊي جهازراني ۽ تجارت پيدا ٿي.
يونان جي آبهوا تمام موافق هئي. زمين تمام گهڻي
سڦلائتي
هئي ۽ نظارو سهڻو. مطلب ته يونان کي قدرت ترقي
پسند قوم جي گهر لاءِ بلڪل سٺو ماحول مهيا ڪيو هو.
”ڪارنٿين“
(Corinthian)
نار ۽ ”ڪارنٿ“
(Corinth)
جي ڳچي ڌرتيءَ تائين پئي پهتي. ان ۾ ”اٽيڪا“
(Attica) جو ضلعو سندس گاديءَ جي هنڌ ”اٿينس“
(Athens)
سوڌو اچي ٿي ويو. وچ يونان جي ذري گهٽ وچ ۾
”ڊيلفي“
(Delphi) هو، جنهن کي يوناني ڌرتيءَ جو وچ ڪري سمجهندا
هئا. اوڀر جي طرف ”بوئيٽيا“
(Boeotia) جي ضلعي ۾ ”ٿيبس“
(Thebes)
جو شهر هو. ”ڪارنٿ“ جي ڳچي ڌرتيءَ تي اتان جي
مالدار تجارتي شهر جي ڪري اهو نالو پيو. ڏکڻ
يونان، جنهن کي عام طرح ”پيلو پونيسس“
(Peloponnesus) چئجي ٿو، تنهن جي ”لئڪونيا“
(Laconia)
ضلعي ۾ سندس مشهور شهر ”اسپارٽا“
(Sparta)
واقع هو. ”اٽيڪا“ ۽ ”بوئيٽيا“ جي ڪناري جي سامهون
”يوبويا“
(Euboea)
جو ٻيٽ، جنهن کي اڄڪلهه جي نقشي ۾ نيگروپانٽي
(Negroponte) ڪوٺيو وڃي ٿو، اهو. سڀني کان وڌيڪ مشهور ٻيٽ
ايجين ۾ ”ڊيلاس“
(Delos)
هو، جو هڪ مقدس هنڌ هو. ايشيا ڪوچڪ ۾ يونان جي
انيڪ شهرن مان ”ايفيسس“
(Ephesus)
۽ ”مليٽس“
(Miletus)
وڌيڪ ناميارا شهر هئا. (1)
يونان جو ابتدائي احوال:
هومر جو مجسمو
يونان، جن ماڻهن جي ڪري هن ملڪ تي اهو نالو
پيو آهي، اهي هن ملڪ جا اصلوڪا رهاڪو نه هئا. هو
هن ملڪ ۾ اتر يا اتر اوڀر کان داخل ٿيا ۽ آهستي
آهستي ايشيا ڪوچڪ جو ڪنارو، ايجين ٻيٽ ۽ يورپ جو
مکيه ڀاڱو قبضي ۾ آندائون. يوناني سوسائٽيءَ جو
قديم ترين احوال هومر
(Homer)
جي شعرن مان ملي ٿو، جي سن 1000 ق . م ڌاري جا
آهن. ان زماني ۾ يوناني اڃا اڻ گهڙيل ڪاٺ وانگر
هئا، پر منجهن ڪيتريون دلپسند خوبيون هيون. هو
زراعت ڪندا هئا، رڍون ۽ چوپايو مال چاريندا هئا ۽
شڪار يا لڙائيءَ ۾ کين مزو ايندو هو. ان دور ۾
سمنڊ تي واپار شروع ٿي ويو هو، پر ساڳي وقت
سامونڊي چوري به رائج هئي. حڪومت جو سرشتو بادشاهي
(Monarchy)
هو، جنهن ۾ بادشاهه جي قوم ۾ حيثيت اهڙي هئي
جهڙيءَ طرح هڪ پيءُ پنهنجي ڪٽنب جي سنڀال ڪندو
آهي. عوام جا معاملا بادشاهه ۽ اميراڻي گهراڻن جا
وڏيرا سنڀاليندا هئا. معاملا شاهي محل ۾ يا ان جي
ويجهو ڪنهن کليل ميدان ۾ نبيريا ويندا هئا، جتي سڀ
آزاد ماڻهو ٻڌي سگهن. وڏيرن کي صلاح مشوري ڏيڻ جو
حق هو، پر سڀ فيصلا آخر ۾ بادشاهه شخصي طرح ڪندو
هو. عوام جي اڪثر ماڻهن کي ان بحث مباحثي ۾ بهري
وٺڻ جي اجازت ڪانه هئي، پر اهي مخصوص آوازن جي
وسيلي پنهنجي قبوليت يا خاموشيءَ جي ذريعي پنهنجو
ناراضپو ڏيکاريندا هئا. بادشاهه لڙائيءَ جي وقت
سپهه سالار هو ۽ شهري سپاهين جو مهندار ٿي وڙهندو
هو. هو اعليٰ مذهبي پيشوا پڻ هو، جو ديوتائن اڳيان
ماڻهن جي طرفان قرباني ڪندو هو.
آزاديءَ جي لاءِ پيار:
يوناني گهڻن آريائي قومن وانگر شخصي آزاديءَ
جا ڪوڏيا هئا. هي ڳالهه قديم ترين زماني کان ظاهر
آهي. جيتوڻيڪ بادشاهه ديوتائن جي نسل مان هئڻ جي
دعويٰ ڪندا هئا، پر ڪڏهن به پاڻ کي ايئن مقدس نه
سمجهيائون، جهڙيءَ طرح فرعونن ۽ بابلي ظالم
بادشاهن سمجهيو. سندن معاشرت آزاد شهرين جي معاشرت
کان گهڻي مختلف نه هئي. هو خلق کان پري اڪيلائيءَ
۾ نه رهندا هئا. ڪوبه ساڻن ملاقات ڪري ٿي سگهيو.
بلڪ بادشاهه خود پوکي راهيءَ جي ڪم ۾ ماڻهن سان گڏ
ڪم ڪندا هئا. مشرقي بادشاهن وانگر کين خودمختياري
واري طاقت حاصل ڪانه هئي. سڀ آزاد شهري ايئن
سمجهندا هئا ته حڪومت ۾ سندن شخصي واسطو آهي، جنهن
۾ جهڙيءَ طرح مٿي بيان ڪيو ويو آهي، هو بهرو وٺندا
هئا. ڪيترين ئي يوناني حڪومتن ۾ آزاد شهرين آهستي
آهستي پنهنجي طاقت وڌائي ۽ بادشاهه جي طاقت
گهٽائي، ايتريقدر جو حڪومت آخر ۾ وڃي ماڻهن جي
حڪومت يا ”جمهوريت“ (جمهور = ماڻهن جو ٽولو يا
مجموعو) وڃي ٿي. اهڙيءَ حڪومت ۾ ڪوبه ماڻهو حاڪم
ڪونه هو، پر ماڻهو پنهنجا معاملا پاڻ هلائيندا
هئا.
شهري حڪومتون:
يوناني شهري حڪومت، هڪ ديوار ڏنل شهر ۽ سندس
ڀرپاسي حاڪم واري ٻهراڙيءَ واري ضلعي تي مشتمل
هوندي هئي. گهڻو ڪري کيس جدا سامونڊي بندر هوندو
هو، جنهن صورت ۾ شهر خود سمنڊ جي ڪناري تي واقع نه
هو. قديم يونان اهڙن سون ننڍين خود مختيار حڪومتن
تي مشتمل هو. انهن سڀني حڪومتن جا شهري پنهنجن حقن
جي حفاظت ڪرڻ ۾ پڪا هئا ۽ سخت محب وطن هئا، پر
سندن حب الوطني بلڪل مڪاني هئي. ڀروارين حڪومتن جي
ڀلائيءَ جو هرگز خيال نه ڪندا هئا. اٽلو جي ڪو شهر
ايترو طاقتور ٿي ويندو هو، جو ڀر وارن جي
خودمختياري خطري ۾ هوندي هئي، ته هو سڀ ان جي خلاف
گڏجي ويندا هئا ۽ لڙائيءَ جي ذريعي ڪوشش ڪندا هئا،
ته پاڻ جهڙي ڀر واري حڪومت جي طاقت ناس ڪن ۽ ان جي
تسلط هيٺ پاڻ کي اچڻ نه ڏين.
بيحد خود مطلبي جي روش:
هر هڪ فرد کي حتي الامڪان آزادي ڏيڻ واري
نظريي کي ”فرديت“ ڪوٺيو ٿو وڃي. جيئن اڳيئي
ڏيکاريو ويو آهي، ته يوناني هن ڏس ۾ ايشيا وارن جي
بلڪل ابتڙ هئا. مصر ۽ عراق جي خود مختيار حڪومتن
هيٺ عوامي معاملن ۾ رعيت جي ڪو ڪونه ٻڌندو هو.
زبردست بادشاهه جي مرضيءَ خلاف، ڪو ڪنهن به طرح
سان پنهنجي مرضيءَ کي عمل ۾ آڻي نه ٿي سگهيو، پر
گهڻن يوناني شهري حڪومتن ۾ هرڪو شهري، جنهن ۾ ذهني
قابليت ڪافي هئي، سو اڳتي ترقي ڪري ٿي سگهيو. شخصي
لياقت، موروثي حقن کان وڌيڪ ليکي ويندي هئي، پر ڪن
حالتن ۾ يوناني ”فرديت“ حد کان ٻاهر نڪري ويئي. هر
منظم سرڪار هيٺ سڄي سماج جي ڀلي لاءِ شخصي/انفرادي
حقن تان هٿ کنيو ويندو آهي، ڇو ته جي هر ماڻهو
پنهنجي شخصي غرضن جي پٺيان پوي ته رياست ۾ هڪدم
وڳوڙ ڦهلجي ويندو. يونان ۾ اڪثر ايئن ٿيو جو قابل
ماڻهن پنهنجا شخصي غرض ملڪ جي ڀلي کان مٿانهان
سمجهيا. ساڳيءَ طرح جدا جدا حڪومتن ڪڏهن به پنهنجي
مڪاني مطلب ۽ حقارت کي سڄي يوناني قوم جي ڀلي خاطر
گهٽ ڪرڻ کان انڪار پئي ڪيو. يونانين کي ايتري طاقت
هئي جو، جي رڳو متحد ٿين ها ته اسپين کان هندستان
تائين پکڙيل عالمي سلطنت قائم ڪري سگهن ها، پر
سندن بيحد ”فرديت“ کين گمراهه ڪيو ۽ پاڻ کي بيڪار
لڙاين ۾ نابود ڪيائون، جي رڳو مڪاني مغروريءَ ۽
حسد ڪري وڙهيون ويون.
ڊورين
(Dorians)
۽ آيونين
(Ionians):
ٻوليءَ ۽ رسم رواج جي اختلاف ڪري ورهايل
يوناني ڪيترين ئي وڏين شاخن ۾ پکڙيل هئا. انهن جون
مشهور شاخون هيون: ڊورين
(Dorians) ۽ آيونين
(Ionians). مٿي ذڪر ڪيل ”فرديت“ خاص طرح آيونين ۾ زور
ورتو. سندس اڪثر حڪومتون جمهوري هيون. معاشرت ۽
عمل جي آزادي انهن آيونين حڪومتن ۾ هنر و فن ۽ علم
کي اعليٰ ڪمال تي پهچائڻ لاءِ ذميوار هئي. سڀنيءَ
کان وڏو آيونين شهر اٿينس
(Athens)
هو. ڊورين لوڪ گهٽ قابل قوم هئا. اهي علم سکڻ ۾
پٺتي هئا ۽ وڌيڪ پراڻي خيال وارا هئا، پر اختيار
وارن لاءِ گهڻي عزت هوندي هئن. هو اڪثر امير شاهي
حڪومت کي پسند ڪندا هئا. ڊورين حڪومتن ۾ اسپارٽا
(Sparta) زبردست شهر هو.
مطلق العنان حڪمران
(Tyrants)
جو زمانو (650 ق.م 500 ق.م)
اڪثر يوناني حڪومتون ابتدا ۾ بادشاهي راڄ
هيون. امير، جي شروع ۾ مشاورتي مجلس جا ميمبر هئا،
تن آهستي آهستي بادشاهه جي اختياري پنهنجي قبضي ۾
ڪئي ۽ سڄي حڪومت پنهنجي هٿ هيٺ آندي. سندن حڪومت
کي
”خواص جي حڪومت“
(Oligarchy) يا ”امير شاهي حڪومت“
(Aristocracy)
ڪوٺجي ٿو. گهڻو ڪري سندن حڪومت درجي بدرجي
خودمختيار ۽ مطلق العنان ٿيندي ويئي. سندن حڪومت ۾
ڍل عوام ڀريندي هئي، پر سرڪاري نوڪريون رڳو اميرن
کي ملي پئي سگهيون. دعوائن ۾، جي خواص جي حڪومت جو
قاضي فيصلو ڪندو هو، انهن ۾ غريب ماڻهوءَ کي ڪڏهن
به انصاف پلئه پئجي نٿي سگهيو، پر مالدار امير
هميشه ڪيس کٽي ويندو هو. وٽن اها ڳالهه عام هئي ته
عوام اهڙي ظلم جي خلاف دانهن ڪئي ۽ پهرين ئي موقعي
واري وقت تي بغاوت لاءِ تيار هئا. هن مقصد حاصل
ڪرڻ لاءِ ڪنهن مطلبي امير سندن مدد ۽ مهنداري ڪئي
۽ عوام جي مدد سان ”خواص جي حڪومت“ کي ڊاٿو ۽ پوءِ
جمهوريت قائم ڪرڻ بدران، سندن ان سردار سموري طاقت
پنهنجي قبضي ۾ رکي ۽ اڪيلو حڪمران ٿي ويٺو. اهڙي
حاڪم کي ”ظالم“ ڪوٺيو ويندو هو. يوناني تاريخ ۾
اهڙن ظالمن مان اٿينس جو پـِـسسـِـٽريٽـَـس
(Pisistratus)
۽ سندس پٽ مشهور آهن. سندن ڪهاڻي مختصر طرح اڳتي
بيان ڪئي ويندي. انهن حڪومتن ۾ ڪي ظالم ته ٽن نسلن
تائين هلندا آيا، پر ڪـُـجهه عرصي کان پوءِ ظالمن
کي عوام قتل ڪيو يا شهر بدر ڪيو، جو عوام هڪ
ماڻهوءَ جي اختيار هيٺ هلندڙ حڪومت واري خيال کي
نه پئي سهي سگهيا.
يونانين جو نئون ملڪ وسائڻ:
حڪومت ۾ مذڪور تبديلين جي ڪري مختلف گروهن جي
پاڻ ۾ ڪشمڪش ٿيندي هئي. شڪست کاڌل جماعت جا اڳواڻ
نئين حڪومت اڳيان سر نه جهڪائڻ چاهيندا هئا يا
انهن کي مورڳو شهر نيڪالي ڏني ويندي هئي. ٻنهي
حالتن ۾ کين نئون گهر ڳولڻو پوندو هو. ان طرح
جماعتي ڪشمڪش جو نتيجو اهو ٿيو، جو يونانين وڃي
نوان ملڪ آباد ڪيا. ان جا ٻيا به سبب هئا، جن ۾ حد
کان وڌيڪ آدمشماري ۽ اختيار جو چاهه نمايان عنصر
هئا. منجهانئن نوان علائقا
آباد ڪندڙن
پنهنجو مذهب ۽ ريتون رسمون پنهنجين نين وَسندين ۾
رائج ڪيون ۽ ان طرح يوناني تمدن سڄي ڀونوچ سمنڊ ۽
ڪاري سمنڊ جي ڪناري جي گهڻي ڀاڱي تائين منتقل ٿي
ويو. ڏکڻ اٽلي، نيپلس
(Naples) جي اپسمنڊ تائين ڦهليل زمين يوناني نوآباديءَ
سان ڇانئجي ويئي. تارينتـُـم
(Tarentum)، جو اڄڪلهه ترانتو
(Tranto)
جي نالي سان اڃا تائين مشهور آهي، اهو ڪنهن وقت
امير ترين يوناني شهر هو. سسليءَ
(Sicily)
۾ سـِـراڪيوز
(Syracuse)
نسل جي نوآباديءَ گهڻي مشهوري ۽ طاقت حاصل ڪئي، پر
انهيءَ جي اولهه طرف ماسيليا
(Massilia)
جو اڄڪلهه جو ماسيلر
(Masseiller)
جي نالي سان مشهور آهي، پڻ يوناني نوآبادي هئي. اتروارين
نوآبادين ۾ بازنطيم
(Byzantium) تمام دلچسپ آهي. سندس نالو رومي شهنشاهه
قسطنطين ڦيرائي قسطنطنيہ رکيو.
يوناني نوآباديءَ وارا سياسي طرح پنهنجن اصلوڪن
شهرن کان وڌيڪ خودمختيار هئا، پر ان وقت جي مغربي
دنيا جي گهڻي حصي ۾ هنن يوناني تهذيب جا مرڪز
ٺاهيا. انهن سڀني ملڪن ۽ شهرن کي جتي يوناني ٻولي
ڳالهائي ويندي هئي، گڏي هڪ علائقو جوڙيو ويو جنهن
کي ”هيلاس“
(Hellas)
ڪوٺيو ويندو هو. تنهنڪري
”هيلاس“ ڪو هڪ سلسليوار ڳنڍيل ملڪ ڪونه هو، پر
اڄوڪي برطانوي شهنشاهت وانگر پري
پري تائين پکڙيل هو.
(1)(2)
اسپارٽا جي ابتدائي تاريخ ۽ رسمون:
مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته اسپارٽا وارا ڊورين
قوم جو مشهور گروهه هئا. هو سن 1100 ق. م ڌاري
پيلو پونيسس
(Peloponesus)
۾ اترطرف کان داخل ٿيا ۽ آهستي آهستي سندس ڏکڻ
وارو حصو فتح ڪيائون. ڇهين صدي ق.م ڌاري هو سڀني
پيلو پونيسس حڪومتن جا سردار بڻجي ويا ۽ سڄي هيلاس
۾ پهرئين جوڙ جي فوجي طاقت ليکيا ويندا هئا.
ٽي طبقا:
جنهن ضلعي جي گاديءَ جو هنڌ اسپارٽا هو، تنهن
کي لئڪونيا(Laconia)
۽ سندس رهاڪن کي لئسيڊيمونين
(Lacedaemonians)
ڪوٺيو ويندو هو. هو ٽن طبقن ۾ ورهايل هئا: اسپارٽي
(Spartans)،
پيريوئيسي
(Perioeci)
۽ هيلاٽ
(Helot)
يا غلام. پهرئين طبقي وارا ڊورين فاتحن جا اولاد
هئا، هو عدد ۾ ٿورا هئا. جڏهن ته پيريوئيسي جو
اٽڪل چوٿون حصو ۽ هيٺئين طبقي وارن جو ٻارهون حصو
هو. رڳو اسپارٽا وارن کي ”شهري“ ڪري ليکيو ويندو
هو. هو بهترين زمين جا مالڪ هئا، پر ان زمين جي
پوکي هيٺانهين طبقي وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي هئائون.
سندن پنهنجي حياتي اهڙي هئي جهڙي لشڪر وارن جي
ڇانوڻيءَ ۾ هوندي آهي. اُهي لڙائي ۾ مشغول نه
هوندا هئا، تڏهن به ان لاءِ تياري ۽ چپ راست ڪرڻ ۾
مصروف هوندا هئا. پيريوئيسي پنهنجي زمين جي پوکيءَ
لاءِ آزاد هئا، پر ڍل ڀريندا هئا ۽ اسپارٽا وارن
وٽ فوجي نوڪري ڏيندا هئا. ”هيلاٽ“ غلام هئا، جي
حڪومت جا ٻانها يا سندس ملڪيت هئا ۽ کين اسپارٽا
جي خاندانن کي خدمت لاءِ ورهائي ڏنو ويو هو.
اسپارٽا جي حڪومت جي جوڙجڪ ۽ قانون ”لائي
ڪرگس“
(Lycurgus)
]سن 800 ق.م ڌاري[
ڏانهن منسوب ڪيا ويا آهن. اُتي جا ”ٻه بادشاهه“
سپهه سالار به هئا ته اعليٰ مذهبي پيشوا به، ته
قاضي به. سندن اختياري محدود هئي، ڇو ته حڪومت هڪ
قسم جو رعيتي راڄ هو، جنهن ۾ اميرن جي هٿ ۾ گهڻي
اختياري هئي. ”وڏيرن جي مشاورتي مجلس“ ۾ اٺاويهه
تاحيات ميمبر هوندا هئا، جن مان هر هڪ جي عمر سٺ
ورهيه کان مٿي هوندي هئي. اڳ ۾ هن مجلس يا ڪائونسل
۾ سڀني عوامي تجويزن تي بحث ٿيندو هو، پوءِ هو اهي
تجويزون عوامي مجلس” اڳيان پيش ڪندا هئا، جا مجلس
آخري فيصلو ڪندي هئي. اسپارٽا جا اهي سڀ ماڻهو، جي
ٽيهن ورهين کان وڌيڪ عمر جا هئا، سي هن مجلس جا
ميمبر هئا. هنن کي بروقتي معاملن تي بحث ڪرڻ جي
اجازت ڪانه هئي، پر هو پنهنجو رايو رڙين (آواز)
ڪرڻ يا خاموشيءَ جي ذريعي ظاهر ڪندا هئا.
اسپارٽا وارن جي تعليم ۽ رسمون:
اسپارٽا وارن جي تعليم ۽ رسمون سڀ هڪ ئي مقصد
لاءِ هيون، سو هو هڪ طاقتور ۽ بهادر قوم جي تربيت
ڪرڻ. ملڪ جا ٻار ڄمندي ئي ڪائونسل اڳيان معائني
لاءِ پيش ڪيا ويندا هئا. منجهانئن جي ٻار ضعيف
هوندا هئا، اهي سندن مائرن کان جدا ڪيا ويندا هئا
۽ قتل ڪيا ويندا هئا. ستن ورهين جي عمر ۾ ٻارن کي
”عوامي تربيتي اسڪول“ ۾ داخل ڪيو ويندو هو، جتي
کين هر قسم جي فوجي تربيت ڏني ويندي هئي ۽ بدني
ورزشون ڪرايون وينديون هيون. سندن دماغي تعليم
ڏانهن بلڪل ڪو ڌيان نه ڏنو ويندو هو. کين موسيقي
به سيکاري ويندي هئي، ڇو ته اسپارٽا وارن جو عقيدو
هو ته موسيقيءَ جي ذريعي فوج وارن جي همٿ وڌندي.
شاگردن کي سور ۽ تڪليف جو عادي ڪرڻ لاءِ کين اڪثر
بنا سبب جي مار ڏني ويندي هئي ۽ مجبور ڪيو ويندو
هو ته سخت بسترن تي سمهن، جتي کين ڍڪڻ لاءِ ٿورا
ڪپڙا ڏنا ويندا هئا. سندن کاڌو خراب ۽ بک ختم ڪرڻ
جيترو مس هوندو هو. جيڪڏهن ڪي شاگرد ڪجهه کاڌو
ڪٿان چوري ڪري کڻي ايندا هئا، استاد ان ڳالهه کي
پسند ڪندا هئا، ڇو ته لڙائيءَ جي زماني ۾ اڪثر
فوجي مجبور ٿيندا هئا ته وڃي لڪل کاڌو خوراڪ تلاش
ڪري کڻي اچن. پر جي ڪو شاگرد چوري ڪندي پڪڙيو ويو
ته کيس سخت مار ملندي هئي، ته ڇو اهڙي بي
حرفتائيءَ سان چوري ڪيائين. اسپارٽا وارا پيريءَ
تائين سخت فوجي ضابطي ۾ رهندا هئا. مرد پنهنجي اهل
عيال سان گڏ نه رهندا هئا، پر پاڻ ۾ گڏ کائيندا ۽
سمهندا هئا، جهڙي طرح لشڪر وارا ڇانوڻيءَ ۾ هجن.
ڇوڪرين جي تعليم جو مقصد طاقتور ۽ تندرست مائرون
پيدا ڪرڻ هو. هنن کي پڻ بدني ورزش ۽ رانديون
ڪرڻيون پونديون هيون ۽ هو عوامي ناچ ۽ ڊوڙ جي
مقابلي ۾ حصو وٺنديون هيون. شادي شده عورتن کي
البت وڌيڪ آزادي هئي ۽ عوامي معاملن تي سندن اثر
هو.
اسپارٽا جا نتيجا:
جيئن ته ”لائي ڪرگس“ جو مقصد هو ته هڪ فوجي
قوم پيدا ڪجي، جنهن جون رسمون ۽ قانون پنهنجي قسم
جا بهترين نمونا هـُـجن، تنهنڪري اسپارٽا وٽ
ڪيترين صدين تائين اهڙي بهترين فوج موجود رهي، جن
کان سڄي يونان وارا ڪن هڻندا هئا. ان کان وڌيڪ
اسپارٽا وارن جي تربيت جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو چئي
سگهجي. يونانين پوئين دور واري سڄي دنيا جي فائدي
لاءِ جيڪا به ترقي ڪئي، ان ۾ اسپارٽا جو ڪوبه حصو
ڪونهي. ان دور ۾ هڪ طرف اٿينس تهذيب جي چوٽيءَ کي
وڃي پهتو، جنهن جي دُنيا وارا اڃا تعريف پيا ڪن،
ته ٻئي طرف اسپارٽا فقط هڪ جهنگل جي گهرن وارو وڏو
ڳوٺ رهجي ويو، جنهن ۾ جهنگلين مثل انسان آباد هئا.
يونان جي باقي ڀاڱي کي سندن فوجي طاقت فائدي بدران
وڌيڪ نقصان پهچايو. کين خود ان مان ڪو فائدو نه
پهتو، ڇو ته سندن ساري زندگي فوجي ڇانوڻين جي
غلاميءَ ۾گذري. اسپارٽا جي روزاني زندگيءَ جي
طريقي ۽ سرشتي جي ڪنهن سٺي نتيجي حاصل ڪرڻ ۾
ناڪامياب ٿيڻ مان ثابت آهي، ته انسان کي ذهني ۽
عقلي تربيت جي ذريعي فوقيت يا بلندي تلاش ڪرڻ
گهرجي، نه حيواني طاقت جي وسيلي.
اٿينس جي ابتدائي تاريخ ۽ سرشتو:
اٿينس جي ابتدائي حڪومت ”هومر“ جي زماني جهڙي
هئي، جنهن جو خاڪو مٿي پيش ڪيو ويو آهي. ملڪ جي
داخلي تاريخ ڏيکاري ٿي ته ڪيئن بادشاهي طاقت
پهريائين آهستي آهستي گهٽجي ويئي ۽ ڪيئن اميراڻو
راڄ وڌندو ويو! جيتوڻيڪ، واري واري سان آزاد عوامي
شهرين جي، حڪومت ۾ شموليت وڌندي رهي، پر اڳتي هلي
جمهور جي طاقت زيان ٿيندي ويئي، ايستائين جو سڄي
حڪومت سندن قبضي ۾ آئي. ڪيترن يوناني تاريخ نويسن
کي شابس هجي، جن جي ڪري چٽيءَ طرح اها سچي ترقي
تفصيلوار پڙهي سگهجي ٿي. ان شاگرد لاءِ، جو حڪومتي
سرشتي ۾ دلچسپي رکي ٿو، اٿينس جي سياسي ترقي سندس
تاريخ جي ٻئي ڪنهن به ڀاڱي کان وڌيڪ عبرت آميز
آهي. تنهن ڪري ان جو اڳتي هلي خاص ذڪر ڪيو ويندو.
بادشاهي سرشتي جي امير شاهي نظام ۾ تبديلي:
ڪورڊس
(Cordus)
اٿينس جو آخري موروثي بادشاهه هو، جنهن سن 1000
ق.م کان ٿورو اڳ راڄ ٿي ڪيو. ڏند ڪٿائن مطابق
ڪورڊس اسپارٽا وارن سان بهادريءَ سان وڙهندي مارجي
ويو ۽ ملڪ جي بچاءَ لاءِ پنهنجي حياتي قربان
ڪيائين. جيئن ته ٻيو ڪو به بادشاهه نيڪيءَ ۾ هن
سان ڪلهو نه ٿي هڻي سگهيو، تنهن ڪري اٿينس وارن جي
مرضي هئي ته هن کان پوءِ اسان کي بادشاهه جي ضرورت
ئي ڪانهي. انهيءَ سبب جي ڪري ڪورڊس جي پٽ کي
”آرڪان“
(Archon) يا ”حاڪم“ جو لقب مليو. ٽي سؤ ورهين تائين
ڪورڊس جي خاندان مان ”آرڪانس“ سڄي حياتي حڪومت ڪرڻ
لاءِ چونڊيا ويندا هئا. ان کانپوءِ سندن عهدي جي
مدت ڏهن سالن تائين مقرر ڪئي وئي ۽ پوءِ جلدئي
هـُـو (آرڪانس) امير گهراڻن مان چونڊيا ويندا هئا.
انهن تبديلين دوران آرڪانس جي اختياري گهٽبي ويئي
۽ ٻئي طرف اميرن جي ڪائونسل جي طاقت وڌندي ويئي.
نيٺ سن 682 ق.م ۾ اتان جي بادشاهت جا آخري آثار
معدوم ٿي ويا. ان کان پوءِ هر سال اميرن مان نو
آرڪان چونڊيا ويندا هئا. هڪڙي جو لقب ”بادشاهه
آرڪان“ محفوظ رهيو، پر سندس اختياري رڳو هڪ وڏي
مذهبي پيشوا جهڙي رهي. هڪ ”صدر آرڪان“
به ٿيندو هو، جنهن جي نالي پٺيان سال کي نالو
ڏيندا هئا ۽ هڪ ”فوجي آرڪان“ به هوندو هو. ان خيال
کان، ته متان انهن سڀني آرڪانن مان ڪو بيجا طاقت
قبضي ۾ ڪري وڃي، ان ڪري انهن سڀني جي مٿان هڪ
ڪائونسل نگاهه رکندي هئي، جنهن کي ”آريوپئگس“
(Areopagus)
ڪوٺيو ويندو هو. هي ڪائونسل هر سال نوان آرڪان
چونڊيندي هئي. جيڪي ماجسٽريٽ يا فيصلو ڪندڙ بڻجي،
نوڪري پوري ڪري رٽائر ٿيندا هئا، اهي هن
”آريوپئگس“ جا ميمبر ٿيندا هئا.
عوام ۾ ناراضپو ۽ سائلن
(Cylon)
جي بغاوت:
رياستي معاملن ۾ اميرن حڪومت کي خود غرضيءَ
سان هلايو ۽ شهرين جي اڪثريت جي ڀلي جو ڪو خيال نه
ڪيائون. ان وقت ڪي ڇپيل قانون ڪونه هئا ۽ ماجسٽريٽ
اڪثر ڪري پنهنجن دوستن جي فائدي ۾ دعوائون
نبيريندا هئا، انصاف ڏيڻ لاءِ نه. عوام کي قرض جي
سخت قانون جي خلاف خاص شڪايت هئي، جنهن مطابق قرض
کڻندڙ يا سندن ڪٽنب کي قرض ڏيندڙ جي فائدي لاءِ
وڪڻي پئي سگهيا. فوجي نوڪري جي تڪليفن ۽ فصلن جي
خراب ٿيڻ ڪري ڪيترا غريب قرض ۾ وڪوڙجي ويا، جا
سندن بدقسمتي هئي، ڏوهه نه، پر تنهن هوندي به
اميرن قرض واري بري قاعدي کي بحال رکيو ۽ رعيت جي
ڳچ حصي کي غلاميءَ جو دڙڪو ڏنو. هڪ لالچي امير
”سائلن“
(Cylon)
ماڻهن جي ناراضپي جو فائدو ورتو ۽ هـُـن امير
شاهيءَ کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڏس ۾ هـُـن پنهنجي
سهري کان، جو هڪ ڀرواري حڪومت مٿان ”ظالم“ (حاڪم)
هو، هڪ فوجي دستو هٿ ڪري ”ائڪرا پولس“ (ائڪر =
اعليٰ، پولس = شهر)
]هي اٿينس جي وچ ۾ هڪ قلعي واري ٽڪريءَ جو نالو آهي[ وڃي هٿ ڪيو. هن مهم دوران سائلن جي عوام جي
راضپي جو خيال رکي ها ته ضرور ڪامياب ٿئي ها. پر
هن عوام کي راضي رکڻ اهم نه سمجهيو ۽ رڳو پنهنجي
طاقت کي وڌائڻ وارو مقصد اڳيان رکيائين. نتيجو اهو
ٿيو جو، جڏهن آرڪانس ”ائڪرا پولس“ تي چڙهائي ڪري
سائلن تي حملو ڪيو، ته عوام کيس مدد ڪرڻ لاءِ آڱر
به نه چوري ۽ هن کي پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ ڀڄي
وڃڻو پيو. ان ڪارروائي دوران سندس دوستن کي قتل
ڪيو ويو، جيتوڻيڪ کين زندهه ڇڏڻ جو واعدو ڏنو ويو
هو. هي واقعو سن 630 ق.م ڌاري ٿيو.
ڊريڪو
(Draco)
جو قانون (621 ق.م):
هن واعدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ ”سازش ڪندڙن“ جي قتل
سبب حڪومت ماڻهن جي نظر ۾ ڪري پئي. ان ڪري اميرن
جي حيثيت گهٽجي ويئي، جنهن ڪري اهي عوام جي ڪن
مطالبن مڃڻ لاءِ مجبور ٿي پيا. سندن ”خودمختيار
قانوني فيصلن“ کي قاعدن تحت لکڻ ۽ ماڻهن ۾ اعلان
ڪرڻ ذريعي روڪيو ويو. هن قانون ٺاهڻ جو اعلان
ڊريڪو
(Draco) نالي آرڪان ڪيو، پر هن جي قانون ماڻهن جي
حالت سڌارڻ ۾ خير ڪو اثر ڪيو. ڇاڪاڻ جو قرض وارو
قانون ساڳيو رهيو ۽ ٻيا ڪي قاعدا ته مورڳو اهڙا
سخت هئا، جو پڇاڙيءَ ۾ اٿينس وارن چيو ته اهو
قانون مس سان نه، پر رت سان لکيو ويو هو. ان وقت
کان وٺي سختيءَ وارن قاعدي کي ”ڊريڪو جا قاعدا“
سڏيو ويندو آهي.
سولن
(Solon):
انهي ڪشمڪش دوران مالدارن ۽ غريبن جي وچ ۾ فرق
وڌندو ويو ۽ عوام جي تلخيءَ وڌيڪ خطرناڪ روپ
اختيار ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو، خوني انقلاب اچڻ
جو امڪان پيدا ٿي ويو. ان خطري کي روڪڻ لاءِ اميرن
پاڻ مان سڀنيءَ کان وڌيڪ سمجهه ۽ ڏاهپ واري امير
کي عرض ڪيو ته قاعدن کي مڪمل طرح سڌاري ۽ ملڪ جي
جوڙجڪ بنائي. هن نازڪ وقت لاءِ سولن(Solon)
کي موزون ماڻهو سمجهيو ويو، جنهن کي ان ڏينهن کان
وٺي اڄ تائين نئين اٿينس جو باني ۽ يونان جو هڪ
وڏو بزرگ سمجهيو وڃي ٿو. سندس شخصيت متعلق گهڻي
خبر ڪانهي. هي اميراڻي گهراڻي مان هو ۽ بهادري ۽
شاعريءَ جي شوق سبب ممتاز هو. سندس حب الوطنيءَ جي
ڪري سڀني جماعتن جو مٿس ويساهه هو.
قرض وارن سخت قانونن جو خاتمو:
سولن پهريون ڪم اهو ڪيو جو، هيٺين طبقن وارن
تي جن تي بي انصافيءَ سان قرض وارو بار چڙهيل هو،
تن جا رهيل قرض رد ڪري ڇڏيائين، تنهن کان پوءِ حڪم
جاري ڪيائين، ته ڪو به قرض کڻندڙ، قرض ڏيندڙ جو
غلام ڪري نه وڪيو وڃي!
جوڙجڪي سڌارا (594 ق. م):
سولن ”زمين“ کي سياسي حقن جو بنياد مقرر ڪيو.
اٽيڪا جي ماڻهن کي سندن اناج، تيل يا شراب جي
آمدنيءَ مطابق چئن طبقن ۾ ورهايائين. پهرين طبقي
وارن جي سالياني فصلن جي اُپت گهٽ ۾ گهٽ اناج جا
پنج سؤ مڻ هوندي هـُـئي. ٻئي طبقي ۾ هئا ٽي سؤ مڻ
اناج اُپائڻ وارا ماڻهو، جڏهن ته ٽئين طبقي ۾ ٻه
سؤ مڻ اُپائڻ وارا ۽ چوٿين طبقي ۾ اُهي سڀ اچي ٿي
ويا، جن جي آمدني ان کان به گهٽ هئي. انهن کي ٿيٽ
(Thethes)
يا ”ڀاڙي جا نوڪر“ ڪري ڪوٺيو ويندو هو.(1)
آرڪان جي عهدي لاءِ رڳو پهرئين طبقي وارن مان
چونڊيا ويندا هئا، جي خود امير به هوندا هئا. ننڍا
عهدا پهرين ٽن طبقن مان ڪوبه ماڻي سگهيو ٿي.
ماجسٽريٽ کي عوامي اسيمبلي چونڊيندي هئي، جنهن ۾
هر هڪ شهري، ايستائين جو ٿيٽن کي به ووٽ هو. هيءَ
اسيمبلي نوان قاعدا به پاس ڪري سگهي پئي، جيتوڻيڪ
کيس نون قاعدن کي شروعاتي طرح ٺاهڻ جو حق ڪونه هو.
هوءَ رڳو ان معاملي جو فيصلو ڪري ٿي سگهي جو اڳيئي
”چئن سـَـوَن واري مجلس“ ٺاهيو هجي. هي مجلس (چئن
سـَـوَن واري) هر سال مٿين ٽن طبقن مان چونڊي
ويندي هئي. سولن ”ايروپئگس“ کي بحال رکيو، ان لاءِ
ته اُها حڪومت جي ڪمن جي عام نظر داري ڪري. هو
ماجسٽريٽن جي هلت چلت جي پڻ نگراني ڪندي هئي ۽
شهرين جي اخلاق مٿان نگاهه رکندي هئي. امير ”سولن“
جي انتظامي جوڙجڪ سان بلڪل راضي ٿي سگهيا ٿي، ڇو
ته آرڪانن جا عهدا ۽ ايروپئگس مڪمل طور سندن قبضي
۾ رهيا. هيٺين طبقن وارن کي هينئر ظلم جو ڊپ ڪونه
هو، ڇو ته منجهانئن هر هڪ شهري اسيمبليءَ ۾ ووٽ
ڏيئي ٿي سگهيو. عوام کي طرفداريءَ وارن فيصلن کان
بچائڻ لاءِ سولن هڪ نئين قاعدي جي ڪورٽ قائم ڪئي
جنهن کي ”هيليائي“
(Heliaea)
ڪوٺبو هو، ۽ جنهن لاءِ هر سال سڀني طبقن مان جج
چونڊيا ويندا هئا. ڪوبه ماڻهو جنهن سمجهيو ٿي ته
آرڪانن سندس ڪيس جو بي انصافيءَ سان نبيرو ڪيو
آهي، اهو هن عوامي ڪورٽ ۾ اپيل ڪري ٿي سگهيو.
اٿينس ۾ مطلق العنان راڄ
(Tyranny)
(560-511 ق. م):
جيتوڻيڪ سولن سڀني پارٽين کي خوش ڪرڻ لاءِ
پنهنجن ويهن آڱرين جو زور لڳايو، پر تڏهن به خلق
کان ناراضپو ڪونه ويو. امير پنهنجي اڳئين طاقت
لاءِ سڪندا رهيا ۽ هيٺئين طبقي وارن جي مرضي هئي،
ته کين وڌيڪ حق ملي. آخرڪار هي جڳهڙو وڃي گهرو
لڙائيءَ جي حد تائين پهتو. هڪ نوجوان امير
پسسٽراٽس
(Pisistratus) نالي، جو سولن جو ڀائيٽو هو، تنهن پاڻ کي
عوامي پارٽيءَ جو منهندار ڪيو. عوام جي مدد سان هن
حڪومت تي قبضو ڪيو ۽ پاڻ خودمختيار حاڪم ٿي ويٺو.
اميرن هن کي ٻه دفعا هڪالي ڪڍيو پر هن پنهنجي طاقت
ايتري محڪم ڪئي، جو بعد ۾ (پنهنجي طاقت ۽ حڪومت)
پنهنجن پٽن هيپيئس
(Hippias)
۽ هيپرڪس
(Hipperchus)
کي سونپي ويو.
پسسٽراٽس سولن واري جوڙجڪ کي نه ڊاٿو. هن رڳو
انهيءَ ڳالهه جي خبرداري ڪئي ته سڀ اعليٰ ماجسٽريٽ
هميشـہ سندس مائٽن يا دوستن منجهان چونڊيا وڃن.
سندس حڪومت نرمائيءَ ۽ عدل واري هئي ۽ اُن اٿينس ۾
آبادي ۽ سڪار آندو. سندس پٽن هن جي پيروي ڪئي،
ايستائين جو هيپرڪس کي ان نوجوان امير قتل ڪيو،
جنهن جي ڀيڻ جي هن بي عزتي ڪئي هئي. اڳتي هلي
هيپيئس شڪي ٿي پيو ۽ کيس پنهنجي جان جو ڀؤ ٿيڻ
لڳو. ان ڀـَـوَ ۾ اچي هن ڪيترن شهرين کي قتل ڪيو ۽
پنهنجي سخت حڪومت ڪري اٿينس وارن جو ناراضپو ۽
عـُـضو پنهنجي خلاف جاڳايائين. سندس خلاف عام
بغاوت ٿي، جنهن ۾ هيپيئس ايشيا ڪوچڪ ڏانهن ڀڄي وڃڻ
۾ ڪامياب ٿيو، جتي ايراني بادشاهه جو زيردست بڻجي
ٿانيڪو ٿي ويٺو.
ڪلائس ٿينز
(Cleisthenes)
جا سڌارا (سن 509 ق.م):
مطلق العنان راڄ
(Tyranny)جو
زوال وري نئين سر گهرو لڙائيءَ جو آغاز هو. امير
شاهي ۽ جمهوري راڄ، مان هر هڪ غالب ٿيڻ لاءِ جهد
ڪيو. عوام کي ڪلائس ٿينز جهڙو قابل اڳواڻ ملي ويو.
هي اهو امير هو، جنهن امير شاهي گروهه کي شهر مان
تڙي ڪڍيو. تنهن کان پوءِ ڪيترا سڌارا ڪيائين، جن
ڪري عوام ۾ سندس عزت ٿي. هن جيڪي ملڪي جوڙجڪ ۾
تبديليون آنديون، سي سولن جي سرشتي تي مبني هيون.
ان ۾رڳو ملڪيت جي پهرين طبقي وارا آرڪان ٿي پئي
سگهيا، پر انهن لاءِ ضروري نه هو ته اميراڻي نسل
مان هجن.
سندس حـُـڪومت دوران بزرگن جي مجلس
(Senate) جي ميمبرن جو تعداد وڌائي پنج سؤ ڪيو ويو، جن
منجهه اٽيڪا
(Attica)
جي ڏهن قبيلن مان ترتيب وار هر سال پنجاهه ڄڻا
چونڊيا ويندا هئا.
سڀ کان وڌيڪ بنيادي قدم جيڪو ڪلائس ٿينز کنيو،
سو اهو هو ته اٽيڪا جي سڀني آزاد شهرين کي ووٽ جو
عام حق يا فرنچائيز
(Franchise) ڏنائين، جن ۾ اهي به شامل هئا، جي تازا غلام
ٿيا هئا. عوامي مجلس جي ميمبرن وڌڻ ڪري هيءَ مجلس
حڪومت جو سڀ کان زوردار ڀاڱو ٿي پئي.
هن اسيمبليءَ جو نالو ايڪليزيا(Ecelesia)
هو.
اها عوام جا معاملا هلائيندي هئي. اها ماجسٽريٽ
چونڊيندي هئي ۽ سندن عهدي جي مدت ختم ٿيڻ تي مٿن
رايو ڏيندي هئي. اُها ڍلن ۽ گورنمينٽ جي خرچ تي
ضابطو رکندي هئي. جنگ يا صلح لاءِ فيصلو ڪندي هئي
۽ ٻين ملڪن سان عهدناما يا اتحاد ڪندي هئي. ان
حڪومت ۾ ڪو به شهري تقرير ڪرڻ واري ٿـَـلهي (پليٽ
فارم) تي چڙهي اسيمبليءَ کي خطاب ڪري ٿي سگهيو،
تنهنڪري عوامي خطابت ڪمال جي حد کي وڃي پهتي.
منجهان جيڪي ميمبر تقرير نه ڪري سگهندا هئا، تن کي
ٻڌندڙ سيٽيون وڄائي هيٺ ويهاري ڇڏيندا هئا ۽ ٻئي
طرف وري سٺا مقرر، ماڻهن تي گهڻو اثر هلائيندا
هئا. اٿينس وارا جلدئي پنهنجي آزاد تقرير جي حق
ڪري مغرور ٿي پيا، جنهن کي هو سياسي آزاديءَ جي
بهترين نعمت سمجهندا هئا.
هيليائي يعني، جيڪا عوامي ڪورٽ سولن منظم ڪئي
هئي، تنهن جون اختياريون گهڻو وڌايون ويون . ججن
جي رشوت خوريءَ کي روڪڻ لاءِ ڪيس شروع ٿيڻ کان
ٿورو اڳ کين چونڊڻ جو هڪ منجهيل طريقو تجويز ڪيو
ويو.
بهشڪار ڪرڻ يا ڀتئون لاهڻ (آسٽريسزم)
(Ostracism):
ڪلائس ٿينز شخصي طرح پسسٽراٽس ۽ هيپيئس جي
حڪومتن جو گهرو مشاهدو ڪيو هو ۽ پاڻ گهرو لڙائيءَ
جا خطرا به ڏٺا هئائين. تازي جمهوريت کي انهن ٻن
خطرن کان محفوظ رکڻ لاءِ هن هڪ عجيب بچاءَ جو
طريقو عمل ۾ آندو، جنهن کي آسٽريسزم
(Ostracism)
يا بهشڪار ڪرڻ يا ڀتئون لاهڻ يا قطع تعلقات ڪرڻ
ڪوٺجي ٿو. هن سرشتي تحت جيڪڏهن ڪو به مـُـلڪي مدبر
ايترو زور ٿي ويو، جو ملڪي جوڙجڪ کي خطري جو امڪان
وڌي يا جي پارٽيءَ اڳواڻن پنهنجن باهمي اختلافن
ڪري عوامي صلح ۾ وڳوڙ وڌو، ته پوءِ اهڙي خطرناڪ
ماڻهوءَ/ماڻهن کي شهر نيڪالي ڏيڻ ممڪن هـُـئو. ان
سلسلي ۾ جي ڪنهن ماڻهوءَ جي خلاف ڇهه هزار ووٽ آيا
ٿي، ته ان جي معنيٰ ان ماڻهوءَ لاءِ ڏهن سالن جي
شهر نيڪاليءَ جو حڪم نڪري چڪو. اهي ووٽ ڳجهي طرح
ورتاويندا هئا ۽ ڪوڏين جي ٽڪرن تي لکيا ويندا هئا.
(يوناني ٻولي ۾ آس ٽرئسان جي معنيٰ آهي ڪوڏي، جنهن
ڪري اهو لفظ ٺهيو.) ان قطع تعلقات يا ڀتئون لاهڻ
يا شهر نيڪالي سان بيعزتي جو ڪو تعلق ڪونه هو، پر
اها ڳالهه شهر بدر ٿيل ماڻهوءَ جي سماجي حيثيت جو
اظهار پڻ هو، ته اهو ماڻهو بهر حال اعليٰ سياسي
درجي جو مالڪ آهي. شهر نيڪاليءَ کان موٽڻ تي ڪيترا
ملڪ بدر ٿيل ماڻهو هڪدم عوامي معاملن ۾ اڳواڻ بڻجي
ويندا هئا. جماعتي اختلافن جي نبيري جو اهو طريقو
تقريبا= سؤ سالن تائين هليو
پر ان جي گهڻي ضرورت نه پئي.
ڪلائس ٿينز جي سڌارن جو اٿينس جي واڌاري ۽
ترقيءَ تي جاندار وجهندڙ اثر ٿيو. شهري پنهنجي
حڪومت يا ملڪ تي وڏو فخر ڪندا هئا. آزاديءَ ۽ عدل
جي اثر هيٺ هر هڪ کي ترقي ڪرڻ جو هڪجهڙو موقعو
ملندو هو، ان ڪري هر ڪنهن قسم جو ڪم ۽ تجويز وَڌِي
ويجهي. اٿينس جي اها ترقي ڏسي اسپارٽا وارن کي
پنهنجي رقيب ملڪ جي آباديءَ تي حسد ٿي پيو،
ايتريقدر جو جمهوريت کي ڊاهڻ جي نيت سان اٿينس جي
خلاف لشڪر وٺي ڪاهي ويا. اٿينس وارا پنهنجن ”اعليٰ
دشمنن“ اڳيان تقريباً هار کائڻ وارا هئا، پر خوش
قسمتيءَ سان اسپارٽا جا اتحادي هن حملي جي نا
انصافيءَ ۽ اڳرائيءَ واري صورت هـُـئڻ ڪري مٿن
ڪاوڙجي پيا ۽ اسپارٽا وارن کي لڙائيءَ کان سواءِ
پٺتي موٽڻ لاءِ مجبور ڪيائون.
باب ستون
ايراني جنگيون ۽ پيريڪليز
(Pericles)
جو دور
ڪهڙن واقعن جي ڪري ايراني جنگيون ٿيون:
ايراني تاريخ واري باب ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، ته
ڪيئن دارا يا داريوش اول ڏکڻ روس ۾ لشڪر وٺي ڪاهي
ويو ۽ ڪيئن سندس هڪڙي سپهه سالار بلقاني اپٻيٽ جو
وڏو حصو ايراني سلطنت سان ملائي ڇڏيو. تاريخ ۾
لديه
(Lydia) جي فتح اڳيئي ايشيا ڪوچڪ جي ڪناري وارن ملڪن
۾ رهندڙ يونانين کي ايرانين جي رعيت بڻائي ڇڏيو
هو. ان صورتحال ۾ اهو رڳو ايران جي شهنشاهه اعظم
جي مرضيءَ تي منحصر هو، ته هـُـو خود يونان کي
پنهنجي وسيع سلطنت سان ملائي ڇڏي يا نه!؟ هن وقت
تائين سندس لشڪر اجيت ثابت ٿيو هو ۽ سندس مالي
ذخيرو اڪٿ هو. اهو ناممڪن پئي نظر آيو، ته ڪو
ننڍڙيون يوناني حڪومتون، ايراني حملي خلاف ڪو ذڪر
جوڳو مـُـنهن ڏيئي بيهنديون.
ايشيائي يونانين جي بغاوت ۽ مقدونيه جو آڻ
مڃڻ:
سن 500 ق.م ۾ ايشيا ڪوچڪ جي يونانين اوچتو
بغاوت جي ذريعي ايراني قبضي کان آزاد ٿيڻ جي ڪوشش
ڪئي. اٿينس پنهنجي برادريءَ وارين حڪومتن ڏانهن
فوج موڪلي جنهن وڃي سارڊس
(Sardis)
کي ساڙيو، جو ايراني ّمغربي گورنر جي گاديءَ جو
هنڌ هو. دارا اول هڪدم باغين کي سزا ڏني، ۽ ايشيا
ڪوچڪ ۾ وري صلح سانت آندي. هن اهو پڻ پڪو ارادو
ڪيو، ته اٿينس وارن جيڪا هن جي بيعزتي ڪئي هئي، ان
جو کانئن ضرور بدلو وٺندو. هن يونان کي فتح ڪرڻ ۽
اٿينس کي نابود ڪرڻ لاءِ سپهه سالار مئرادونيوس
(Mardoniues) کي هڪ وڏو لشڪر ۽ بحري فوج ڏيئي چاڙهي
موڪليو. مئرادونيوس جي اڳيان يونان جي اتر واري
سرحد واري بادشاهت، يعني مقدونيا
(Macedonia)
آڻ مڃي، پر طوفان جي ڪري مئرادونيوس اڳتي وڌي نه
سگهيو، ۽ جنهن وقت سندس بحري ٻيڙي اٿاس
(Athos)
جبل کي راس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته (طوفان سبب) بحري
ٻيڙو ناس ٿي ويو.
ٻي ڪاهه:
ڪجهه سالن کان پوءِ سن 490 ق.م ۾ دارا پنهنجن
ٻن بهترين سپهه سالارن کي حڪم ڏنو، ته اُهي سندس
قسم کنيل ”اٿينس لاءِ سزا“ کي وري عمل ۾ آڻين.
ايرانين جي انهيءَ ڪـُـڌي ڪاهه جو حصو بڻجي، شهر
بدر ڪيل ظالم حاڪم هيپيئس
(Hippias) جي منهنداريءَ هيٺ هڪ لک لشڪر وٺي، هڪ شاهي
بحري فوج بڻائي ايجيئن سمنڊ پار ڪري ويا. ان مهم
دوران ڪيترن ٻيٽن کي فتح ڪرڻ کان پوءِ مئراٿان
(Marathon)،
]جو اٽيڪا جي اوڀر واري ڪناري تي آهي[ تي وڃي لٿا.
اٿينس وارن وٽ دشمن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏهه هزار
ماڻهن جو لشڪر هو. اسپارٽا وارن مدد جو انجام ڪيو،
پر مذهبي ساٺن سڳڻن ڪري (مدد موڪلڻ ۾) دير ڪيائون.
رڳو ڏاکڻي بوئيٽا
(Boeta)
جي هڪ ننڍي شهر پلاٽيا
(Plataeo)
جي رهاڪن پنهنجي بهادريءَ ۽
دوستيءَ جو ثبوت ڏنو، جو سندن سڄو لشڪر، (هڪ هزار
جوڌا جوان) ايراني حملي جي مصيبتن آڏو اٿينس وارن
سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ وٺي اچي بيٺا.
مئراٿان جي لڙائي (490 ق.م):
اٿينس ۽ پلاٽيا وارن هڪ جبلن جي قطار (جا
مراٿان جي ميدان جي مٿان هئي) تي لشڪر کي کڙو ڪيو.
هڪ هفتي تائين ٻنهي ڌُرين کان ڪنهن به حملو ڪرڻ نه
ٿي چاهيو. آخر ۾يونانين لاءِ هڪ سٺو وجهه آيو.
ايراني فوج جنهن وقت پنهنجي لشڪر جي هڪ حصي کي
جهاز تي چاڙهي رهي هئي، ان وقت هو غير منظم هئا.
ان وقت ملٽياڊيز
(Miltiades)
نالي اٿينس جي لشڪر جي منهندار حڪم ڏنو، ته
ايرانين تي شتابي حملو ڪيو وڃي. يوناني فوج وارن،
جي ان وقت بلڪل هٿياربند هئا، تن ايرانين جي لشڪر
تي منظم ٿيڻ کان اڳ حملو ڪيو. ايراني هن حملي
اڳيان بيهي نه سگهيا. هو پنهنجن جهازن ڏانهن وٺي
ڀڳا ۽ ڪيترن کي اتي مئل ڇڏي ۽ ڪيترو جنگي ساز
سامان فاتحن جي هٿ ۾ ڇڏي ڀڄي ويا.
ايراني سپهه سالار پنهنجون تجويزون هڪدم ڇڏي
نه ڏنيون، پر ان کان اڳ جو بچاءُ ڪندڙ يا مقابلو
ڪندڙ لشڪر مئراٿان مان موٽي، ته هنن اٿينس جي طرف
سمنڊ جي رستي ڪاهي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. ملٽياڊيز کي
جڏهن جبل جي نگران سندن (ايرانين جي) (سمنڊ رستي)
اڳتي وڌڻ جي خبر ڏني ته هو تيزيءَ سان پنهنجي لشڪر
اٿينس ڏانهن موٽائي وٺي ويو ۽ جنهن وقت ايراني
بندر جي ويجهو پهتا ته هنن ڏٺو ته ميراٿان جا فاتح
اڳ ئي کين جهازن مان لهڻ کي روڪڻ جي حڪمت عمليءَ
سان تيار بيٺا هئا. اٿينس وارن جي اهڙين جنگي
تدبيرن ڪري شهنشاهه اعظم (ايراني بادشاهه) جي فوج
کي اٿينس جي مضبوط پيادي لشڪر سان ٻئي دفعي مقابلي
ڪرڻ خواهش ڪانه هئي، ان ڪري هو بي عزت ٿي هڪدم گهر
موٽيا.
تاريخ ۾ مئراٿان جي لڙائيءَ جي اهميت:
مئراٿان جي لڙائيءَ جي اهميت کي جيڪڏهن لشڪر
جي تعداد جي خيال کان وٺجي، ته مئراٿان جي لڙائي
هڪ ننڍڙو معاملو هو، پر اٿينس وارن لاءِ هڪ شاندار
فتح هئي، جا هڪ اوچتي مقابلي ۾ هنن کي پنهنجي
زندهه رهڻ لاءِ حاصل ٿي. ايرانين لاءِ پڻ هڪ
معمولي هار هئي، جنهن کي دير سوير، سوڀ ۾ تبديل
ڪرڻ لاءِ هو اميد رکي ويٺا هئا. پويان مؤرخَ، جي
ڄاڻن ٿا ته مئراٿان جي لڙائي سڄي مغربي تمدن جي
لاءِ ڇا معنيٰ ٿي رکي، سي هن لڙائيءَ کي دنيا جي
فيصلائتين لڙائين مان ليکين ٿا. ڇاڪاڻ ته ايرانين
جي فتح اٿينس وارن جي آزاديءَ کي ختم ڪري ڇڏي ها.
اٿينس وارن جيڪا علم ۽ فن جي مختلف شعبن ۾ ترقي
ڪئي هئي، سا ايراني گورنر جي خودمـختيار راڄ ۾
ممڪن نه هئي، جي اٿينس وارن کي شڪست ملي ها، ته
يوناني تهذيب جي ترقي گهٽجي وڃي ها يا بلڪل ختم ٿي
وڃي ها ۽ ان طرح بعد واري زماني کي سندن تمدن جي
بهترين تعارف کان محروم رکي ها.
(1) يوناني زمين جي زرخيز هئڻ متعلق
پرنيسر بـَـري
(Bury) پنهنجي ڪتاب ”يونان جي تاريخ“
جي ص. 4 تي لکي ٿو ”يونان ڪنهن به نموني ۾ دولتمند
۽ ماحول خيز ملڪ ڪونهي. کيس ڪي ٿورا وڏي پئماني تي
آبپاشيءَ وارا ميدان آهن. پوک واريون واديون ايترو
فصل نٿيون پيدا ڪن، جيترو انهيءَ ايراضيءَ مان
اميد رکي سگهجي ٿي. هي زمين جـَـوَن جي پوک لاءِ
سٺي آهي، پر ايتري ڀلي نه آهي جو انهيءَ ۾ ڪڻڪ
سولائيءَ سان پيدا ڪري سگهجي. انهيءَ ڪري ملڪ جي
آبادگارن کي سخت ڪم ڪرڻو ٿي پيو ۽ ...... آخر ۾
اهو ضروري ٿي پيو، ته ملڪ لاءِ اَنَ جو پورائو
ٻاهرين ملڪن مان برآمد ٿيل ڪڻڪ سان ڪجي. (انگريزي
ايڊيٽر)
(1)
”ڏور اولهه ۾ يوناني بيٺڪ مسيليا
(Massilia)
جي هئي، پر انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، ته
مسيليا جي يونانين، اسپين جي ساحل تي بيٺڪون
ٺاهيون ۽ وڏو اثر ۽ طاقت حاصل ڪيائون. ڏسو : بيري
جي لکيل ”يونان جي تاريخ” ص. 298 ۽ ص. 519.
(انگريزي ايڊيٽر)
(2)
قسطنطنيه: هن شهر کي سندس ٻئي نمبر باني ۽ روم جي
شهنشاهه قسطنطين جي نالي پٺيان ڪوٺيو ويندو هو.
شهنشاهه جيڪو هن شهر کي نالو ڏنو سو اصل ۾ هو
نوواروما
(Novaroma)
يعني نئون روم، پر اهو نالو
گهڻو وقت هلي ۽ عام نه ٿي سگهيو. (انگريزي ايڊيٽر)
(1)
مڻ دراصل سنڌي ماپو ۽ ماڻ آهي. يونانين جي ماڻي جو
البت ٻيو نالو هو. (مترجم)
ملٽياڊيز جي مشهوري ۽ سندس اوچتو زوال:
ملٽياڊيز، جنهن جي مشهوري ڪري اٿينس وارن کي
فتح حاصل ٿي، اهو هڪدم يونان جو مشهور ترين انسان
بڻجي ويو. اٿينس وارن سندس تعريف ڪري کيس کڻي وڃي
آسمان تائين پهچايو، بقول سندن هو اهڙو عظيم ترين
دلير هو، جنهن جهڙو اڃا تائين ڄائو ئي ڪونه هو.
ملڪ جي بچاءُ ڪندڙ، هن بهادر ۾ کين حد کان وڌيڪ
ڀروسو هو. پر ملٽياڊيز جو نالو نشان هڪ شرمناڪ
نموني ۾ جلد ئي ختم ٿي ويو. هن جي اوچتي اوج سندس
مٿو ڦيرائي ڇڏيو. هن ايڪليزيا
(Ecclesia)
کي چيو ته کيس بحري فوج ۽ لشڪر استعمال ڪرڻ جي
اجازت ڏئي، ته جيئن هو اٿينس جي وڌيڪ سوڀ لاءِ هڪ
ڳجهي ڪاهه ڪري. جڏهن عوام هن جي حڪم تي ها ڪئي ته
هن سڄو جنگي سازسامان پنهنجي مخالف يوناني ٻيٽ
واري حڪومت تي حملي ڪرڻ ۾ ڪم آندو، جنهن حڪومت کان
هن کي شخصي رنج پهتل هو. هيءَ مهم بلڪل ناڪام ٿي ۽
ملٽياڊيز زخمي ٿي، هڪ بي عزت ۽ راڄ ڊوهيءَ جي
حيثيت ۾ اٿينس موٽيو، جتان جي ماڻهن جي ويساهه سان
هن دغاڪئي هئي. هو هيلئيا
(Heliaea)
ڪورٽ وٽان موت جي سزا ملڻ کان مـَـسَ وڃي بچيو، پر
جلدئي زخمن وگهي مري ويو.
اٿينس جي بحري فوج کي وڌائڻ:
مئراٿان جي لڙائيءَ کان پوءِ گهڻن اٿينس وارن
جو خيال هو ته ايراني وري ٻيو ڀيرو مٿن ڪاهه نه
ڪندا. البت هڪ ملڪي مدبر اهڙو هو، جنهن سمجهيو پئي
ته دارا شڪست جـو ضـرور ۽ سـخـت بـدلـو وٺـنـدو.
انـهـيءَ شـخـص جـو نــالــو ٿـيـمـس ٽــاڪـلـيـز
ايرانين ۽ يونانين جي وچ ۾ لڙائين جو نقشو
(Themistocles)
هو،
جو هڪ هوشيار سياستدان، جوشيلو محب وطن هو ۽ جنهن
جي ذڪاوت ۽ سياسي سوجهه بوجهه کيس ان وقت، ٻين
ملڪي مدبرن کان ممتاز ڪيو هو. هن اٿينس وارن تي
زور آندو ته پنهنجي سڄي طاقت جو زور لڳائي ايندڙ
مقابلي لاءِ تيار ٿين. مطلب ته، هن جي مرضي هئي ته
اُهي هڪ مضبوط بحري فوج ٺاهين. پر پراڻي خيال واري
ڌُر جي اڳواڻ اَرسٽائيڊيز
(Aristides) سندس پاليسيءَ جي هن اهم تجويز جي مخالفت
ڪئي. هن ۽ سندس حمايتين جي مرضي هئي ته اٿينس کي
رڳو خشڪيءَ واري طاقت ڪري رکجي. هو سڀ زميندار هئا
۽ کين ڊپ هو ته متان بحري فوج ڪري سياسي اثر کي
وڃائي ويهن، ڇوته بحري فوج مڪمل طور تي ٿيٽس
(Thetes) يا ”پاڙي وارن نوڪرن“ تي مشتمل هئي. جيئن ته
اهي ٻه مخالف پاليسيون پاڻ ۾ ٺهي نه سگهيون، ان
ڪري ٻن مخالفن جي وچ ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ ”آسٽريسزم“
(Ostracism)
وارو طريقو استعمال ڪيو ويو. ووٽن ۾ ارسٽائيڊيز
هارايو ۽ ٿيمس ٽاڪليز، اٿينس وارن جي حڪومت جو
اڪيلو اڳواڻ بڻجي اُڀريو. هن جي مشوري سان
پاِئـِـرائـَـس
(Piraeus)
جي بندر جي مورچا بندي ڪئي وئي ۽ بحري فوج بلڪل
نئين سر تشڪيل ڏني ويئي ۽ يونان جي بحري فوج جو
معيار مرتبو وڌايو ويو.
ايرانين جي ٽيون دفعو يونان تي ڪاهه:
دارا
دارا، مئراٿان واري بدناميءَ کي مٽائڻ جي خاطر
هڪ وڏو لشڪر، جنهن جي مهنداري پاڻ ڪرڻ ٿي
چاهيائين، يونان تي ڪاهي اچڻ لاءِ تيار ٿيو. پر
سندس اوچتي موت ڪري سندس تجويز اڌ ۾ رهجي ويئي.
سندس پٽ ”خشايارشا“
(Xerxes)، جو شخصي طور ڊڄڻو ۽ سست هو، تنهن پنهنجي
صلاحڪارن جي مشوري اڳيان سر نوايو، جن کيس هن مهم
جي ذريعي نامور ٿيڻ جي اميد ڏيکاري. هن ايتري لشڪر
گڏ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو جيترو لشڪر اڳي ڪڏهن به ڪنهن
مشرقي بادشاهه
جمع نه ڪيو هو. هن وسيع سلطنت جي سڀني طرفن کان
لشڪر سارڊس جي جاءِ ڏانهن ڪوچ ڪري آيو، جتي سڄي
فوج جمع ٿي. حبشي، مصري، هندستاني، ۽ ٻين ڪيترين
قومن ۽ قبيلن جا ماڻهو گڏ ٿيندا ويا، تان جو لشڪر
جو انداز وڃي ڏهن لکن کي پهتو. هي ميڙ شاندار ۽
دلچسپ هو پر حقيقي معنيٰ ۾ لشڪر نه هو. لشڪر وارا
مختلف ٻوليون ڳالهائيندا هئا ۽ ڪيترن ئي مختلف
قسمن جا هٿيار وٽن هئا. جنهن ڪري نتيجو اهو ٿيو جو
فوج جا مختلف گروه پاڻ ۾ ملي ڪم ڪري نه سگهيا ۽
قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ مورڳو وڳوڙ ڦهلجي ويو.
هيتري ساري لشڪر جي لاءِ کاڌ خوراڪ جي بندوبست به
هڪ وڏي تڪليف پيدا ڪئي. هن جنگ جي وقت کان اڳ ۾ ئي
ڪاهه واري رستي تي لشڪر لاءِ کاڌ خوراڪ جا ذخيرا
جمع ڪيا ويا. کين 1300 ٻيڙين کان وڌيڪ بحري فوج
فنيقين ۽ ايشيا ڪوچڪ جي يوناني شهرن کان ملي.
فنيقي معمارن کي حڪم ڏنو ويو ته هيلسپانٽ
(Hellespont)
جي ٻئي پار ٻيڙين جون ٻه پـُـليون ائٿاس
(Athos)
جبل وٽ ٻڌن. خشايارشا کي ماردونيوس جي بحري فوج جو
ناس ٿيڻ ياد هو. ان ڪري (اڳئي) خطرناڪ راس کان
بچڻ لاءِ هن حڪم ڏنو ته پٺئين پاسي واري ٻيٽ جي
هيٺاهين پاسي کان جهاز لاءِ واهه کوٽيو وڃي.
يونان جون رِٿـُـون:
يوناني حڪومتن جي خودغرضي ايراني شهنشاهه جي
لشڪر کان سندن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ هئي. هن هيبتناڪ
مصيبت جي سامهون هوندي به هو ملڪ جي گڏيل بچاءَ
لاءِ پاڻ ۾ نه مليا. ڪن حڪومتن ته ناس ٿيڻ جي جوکي
کان آڻ مـڃڻ بهتر سمجهي. حملي شروع ڪرڻ کان اڳ
خشايارشا يونان ڏانهن ايلچي موڪلي ”زمين“ ۽ ”پاڻي“
جي طلب ڪئي، جنهن جو مطلب ايراني حڪومت اڳيان
سرنوائڻ هو. اٿينس ۽ اسپارٽا وارن ايلچي کي قتل
ڪري کڏن ۽ کوهن ۾ اڇلائي چيو، هي اٿـَـوَ ”زمين“ ۽
”پاڻي“. هن بيعزتيءَ کان پوءِ خشايارشا کان رحم جي
اميد رکڻ اجائي هئي.
ٿيمس ٽاڪيليز ڪارنٿ
(Corinth)
شهر ۾ يوناني حڪومتن جي ڪانگريس يا ميڙ ڪوٺايو ته
جيئن بچاءَ جي اپائن تي بحث ڪيو وڃي. هيلاس جي
گهڻن شهرن جا عيوضي هن ميڙ ۾ شامل ٿيا، سواءِ انهن
شهرن جي، جي اڳئي ايراني حڪومت جي هٿ هيٺ هئا. بحث
مباحثي مان صاف ثابت ٿيو ته يونانين ۾ ڪيتري قدر
اڻپوري قومي حب الوطني هئي. رياست ٿيبيز
(Thebes)
وارن ايراني غلامي ان ڪري پسند ڪئي، جو اُهي اٿينس
وارن کي ڌڪاريندا هئا. ٻين ڪن حڪومتن ۾ امير شاهي
گروهن آڻ مڃڻ لاءِ زور آندو، ڇوته ايراني بادشاهه
هر قسم جي جمهوري حڪومت جي خلاف هو.
اسپارٽا ۽ سندس پيلوپونيئن اتحادي جنگي مقابلي
جي فائدي ۾ هئا، پر هو پڻ پنهنجي سلامتيءَ جو سڄي
يونان جي سلامتيءَ کان وڌيڪ اونو رکندا هـُـئا.
هنن جي مرضي هئي ته ڪارنٿ جي ڳچيءَ واري ڌرتيءَ کي
مورچو ڏنو وڃي ۽ اتان ايراني لشڪر جو مقابلو ڪيو
وڃي ۽ اتر ۽ وچ يونان کي حملي آورن جي رحم ڪرم تي
ڇڏيو وڃي. اٿينس وارن هوشياريءَ سان اسپارٽا وارن
جي هن تجويز جي بيوقوفيءَ ڀريل پهلوءَ ڏانهن سندن
ڌيان ڇڪايو. هنن جو چوڻ هو ته ان حڪمت عمليءَ ڪري
ڳچي ڌرتيءَ جي اتر واريون سڀ حڪومتون مجبور
ٿينديون ته آڻ مڃين ۽ سندس لشڪر بچاءَ لاءِ هڪدم
بيڪار پوندو.
ٿرماپـُـلي
(Thermopylae)
جي لڙائي (480ق.م):
اسپارٽا جو عظيم جرنل ليونيڊاس
مـُـختلف يوناني رياستن جي عيوضين آخرڪار
فيصلو ڪيو ته ”ٿرماپلي لنگهه“ (ٿرما = گرم، جيئن
”ٿرماميٽر“ ۾ لفظ آهي ۽ پـُـلي = دروازا. هن تي
اهو نالو ان ڪري پيو جو هن لنگهه ڀرسان ڪجهه گرم
چشما هئا) وٽ بيهي مقابلو ڪجي. هتي ماليان
(Malian)
نار ۽ جبلن جي اونهي روڻيءَ جي وچ ۾ هڪ سوڙهو رستو
هو، جنهن کان اتر يونان کان وچ يونان ڏانهن سٺو
لنگهه هو. هن لنگهه جي بچاءِ لاءِ اسپارٽا جي
بادشاهه لـِـيونـِـيڊاس
(Leonidas)
کي ڇهه هزار سخت هٿياربند سپاهين جو پيادو لشڪر
ڏيئي سپرد ڪيو ويو.
ليونيڊاس سولائيءَ سان ايراني فوج جي مقابلي ۾
ڪامياب ٿيو. جيتوڻيڪ اڳ ئي ايئن پئي نظر آيو ته
خشايارشا پنهنجي ڏاکڻي ڪاهه کي ٿرماپلي لنگهه وٽ
ختم ڪندو، پر عين ان موقعي تي هڪ يوناني راڄ ڊوهي
سون ملڻ جي لالـچ تي ايراني لشڪر کي جبلن جي پار
هڪ ڳجهي لنگهه ڏيکارڻ جي آڇ ڪئي. رات جو هن پاسيري
رستي ڏانهن خشايارشا پنهنجا ڪجهه چونڊيل ماڻهو
موڪليا ۽ ٻئي ڏينهن تي سندن مقدمو (لشڪر جو اڳيون
ڀاڱو) لنگهه جي پٺئين پاسي ظاهر ٿيو. ليونيڊاس
هڪدم پنهنجي ننڍي لشڪر جي وڏي حصي کي پٺتي هٽڻ جو
حڪم ڏنو. پاڻ اسپارٽا جي ٽي سؤ شهرين سان گڏ ان
لنگهه ۾ موت کي لبيڪ چيائين. اسپارٽا جي شهرين جي
حيثيت ۾ سندن مرتبي جي تقاضا اها هئي ته اُهي آخري
پساهه تائين پنهنجي ڌرتيءَ جو بچاءُ ڪن.
لـِـيونـِـيڊاس ۽ سندس ٿوري تعداد واري لشڪر
جي دليريءَ ايرانين تي گـَـهـَـرو اثر ڪيو. هنن
اهڙي فرض ادائي ۽ بهادري ڪڏهن به ڪانه ڏٺي هئي.
سندن (ايرانين) جا ته ڪيترا سپاهي چهبڪ هڻي زوريءَ
لڙائيءَ ۾ آندا ويندا هئا. اسپارٽا وارن طرفان ٿيل
مقابلي کانپوءِ خشايارشا جو لشڪر يونانين کي پاڻ
کان بهتر سمجهڻ لڳو ۽ کانئن ڊڄڻ لڳو. ان طرح
اسپارٽا وارن جي بهادري واري موت يونانين کي جنگ
جي پوين لڙاين جي کٽڻ ۾ مدد ڪئي.
سلامس
(Salamis)
جي لڙائي (480 ق.م):
وچ يونان ۾ ايراني لشڪر جو وڌيڪ مقابلو نه ڪيو
ويو. ‘ائٽيڪا’ جا ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏي ويا. اُهي
پنهنجا پوڙها مرد ۽ زالون ۽ ٻار پيلوپونيسس جي طرف
کڻي ويا ۽ ويڙهه وارا جوان وڃي جهازن ۾ چڙهيا. ان
دوران ويهه ورهيه اڳ سارڊس تي حملي جي بدلي وٺڻ
لاءِ خشايارشا اٿينس جي بلڪل نابود ڪرڻ جو حڪم
ڏنو.
اهڙي ماحول ۾ سڄي يوناني بحري فوج سلامس جي
ٻيٽ تي جمع ٿي. سلامس پائريئوس
(Piraeus)
جي ويجهو هو. جيتوڻيڪ ايستائين يونان جو گهڻو حصو
دشمن جو شڪار ٿي چڪو هو، پر پوءِ به مختلف يوناني
رياستن جا سپهه سالار پنهنجن حڪمت عملين مطابق
وڙهڻ ۾ مشغول هئا. منجهانئن ٿيمس ٽاڪيليز ته
ايرانين سان بحري مقابلو ڪري يونانين کي مڪمل
نابوديءَ کان بچايو. رات جو هن خشايارشا ڏانهن
ڳجهيءَ طرح نياپو موڪليو ته، ٻئي ڏينهن يوناني
بحري فوج ڪوچ ڪندي، جي هو صبح جو سوير مٿن اوچتو
حملو ڪندو ته هڪ ئي ڌڪ سان يوناني بحري طاقت کي
ختم ڪري ٿي سگهيو. خشايارشا هيءَ صلاح مڃي ورتي.
هـُـو سمنڊ جي مٿان هڪ ٽڪريءَ تي هڪ تخت تي ٿي
ويٺو ۽ پنهنجي درٻار کي چوڌاري ويهاريائين، ته ڏسو
يونان ڪيئن ٿو نابود ٿئي. پر هن جون اميدون اوچتو
اهڙيءَ شڪست ۾ ملي ويون، جنهن جهڙي شڪست تاريخ ۾
ڪاورلي لڀندي. شهنشاهه اعظم بيوسيءَ جي حالت ۾ تخت
تان ڏسندو رهيو ته ڪيئن يوناني لشڪر سندس بحري فوج
جو تقريباً اڌ حصو ناس ڪري ڇڏيو. جڏهن ته سندس
باقي بچيل سپاهي پريشانيءَ ۾ لڙائيءَ جي ميدان مان
ڀڄي ويا.
ان حالت ۾ باقي بچيل ايراني جهاز يونانين جي
جهازن کان تعداد ۾ وڌيڪ هئا. پر خشايارشا سموري
همت هاري ويٺو هو ۽ تڪڙ ۾ پنهنجي ايشيائي ملڪن کي
بچائڻ لاءِ پٺتي موٽيو ۽ پنهنجي تجربيڪار سپهه
سالار ماردونيوس کي ايران جي لشڪر جي بهترين حصي
جي مهنداريءَ لاءِ اتي ڇڏيائين ته جيئن يونان جي
فتح مڪمل ڪري موٽي.
يونان تي ايرانين جي چوٿين ڪاهه: پلاٽيا
(Plataea) جي لڙائي (479 ق.م):
ٻئي سال بهار جي موسم ۾ ڏکڻ طرف کان ماردونيوس
ڪاهه ڪري آيو ته اسپارٽا وارن کي وري به رڳو
پنهنجي بچاءُ جو خيال نه ٿيو. هنن ٻيو دفعو به
اٿينس کي نابود ٿيڻ نه ڏنو. ماردونيوس اٿينس وارن
کي واعدو ڏنو هو ته، جي ايرانين جي حڪومت قبول
ڪندا ته اٿينس کي يونان ۾ مکيه حڪومت بنائيندو.
اٿينس وارن پيلوپونيـَـسس وارن کي دڙڪو ڏنو ته، جي
هو ماردونيوس جي خلاف سندس مدد نه ڪندا ته هو
ماردونيوس جي آڇ قبول ڪندا. هن دڙڪي ڪري اسپارٽا
وارن آخرڪار پنهنجي خودمطلبيءَ کي ترڪ ڪيو.
اسپارٽي بادشاه پازي نيئس
(Pausanias)
جي مهنداري هيٺ هڪ وڏو لشڪر اچي اٿينس وارن سان
مليو. پلاٽيا جي لڙائيءَ ۾ ماردونيوس قتل ٿيو ۽
تقريباً سندس سڄي لشڪر کي به قتل ڪيو ويو. هن
بـُـري شڪست کانپوءِ ايراني لشڪر وري ڪڏهن به
يونان ۾ قدم نه رکيو.
يونانين جو ايرانين تي اڳرائي ڪندڙ حملو:
ساڳئي سال ۾ يوناني بحري فوج ايشيا ڪوچڪ ڏانهن
هاڪاري آئي ۽ مـِـڪـَـيلـِـي
(Mycale)
جي راس وٽ هڪ وڏي ايراني بحري فوج کي هارايائين.
هيءَ يونانين جي اڳرائي ڪندڙ لڙائيءَ ۾ پهرين فتح
هئي، جنهن ۾ اٿينس جي مهنداريءَ هيٺ هنن ايران کي
ايندڙ چاليهن سالن ۾ باز رکيو. ايراني بادشاهه
يورپ وارا ته سڀ ملڪ وڃايا، پر ايشيا ڪوچڪ وارن
يوناني شهرن تان پڻ دستبردار ٿيڻ لاءِ مجبور ٿيو. |