باب چوويهون
انگريزي تاريخ جي هڪ صدي (1558ع - 1660ع)
تعارف:
انگريزي تاريخ جو زمانو، جيڪو هن فصل ۾ بيان
ڪبو، سو انهن واقعن جي اثر هيٺ آهي جي هن کان ٿورو
اڳ بيان ڪيا ويا. انگلينڊ جي ٻين ملڪن کان الڳ
جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري مذهبي لڙائي جي خطرن کان
سندس بچاءَ ٿيو، جن يورپ کي سوين سالن تائين
جنجهوڙي ڇڏيو هو. هي ملڪ پنهنجي عمل ۾ آزاد هو ۽
يورپي ڪشمڪش ۾ حڪومت ايستائين حصو پئي ورتو،
جيستائين کيس مناسب ٿي لڳو. اهو خاص ڪري انگلينڊ
جي جدا هئڻ جي ڪري هو، جو سندس رهاڪو پنهنجي سياسي
حقن جي بچاءَ لاءِ ڪاميابي سان اٿي کڙا ٿي سگهيا،
ان وقت جنهن وقت مطلق العنان فرانس ۽ جرمن ملڪن
پنهنجن ڏتڙيل رهاڪن مٿان پنهنجي قبضي کي ڪمال تي
پئي پهچايو.
هن فصل کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويندو:
(الف) ايلزبيٿ جي حڪومت، (ب) اسٽوئرٽ حڪمراني
جو پهريون دور ۽ (ث) دولت مشترڪا ۽ بچاءَ هيٺ آيل
ملڪ.
(الف) ايلزبيٿ جي حڪومت (1558ع - 1603ع)
ايلزبيٿ ۽ ميري اسڪاٽس جي راڻي:
جڏهن اين بولن جي ڌيءُ ايلزبيٿ تخت نشين ٿي،
تڏهن گهڻا انگريز خوش ٿيا ته اهي هينئر راڻي ميري
ٽيوڊر ۽ سندس مڙس فلپ ٻئي جي ڪئٿولڪ راڄ کان آزاد
ٿيا. اسپين جي اثر کي هينئر هن ٻيٽ يعني انگلينڊ
مان ٻاهر ڪڍڻو هو ۽ جوان راڻي هڪ حقيقي پروٽيسٽنٽ
قوم جي اڳواڻ ٿيڻي هئي. اهڙو پروگرام پروٽيسٽنٽ
فرقي جو هو، پر ايلزبيٿ جو اهو سڄو پروگرام نه هو.
يقيناً هو پروٽيسٽنٽ مذهب تي هٿ رکڻ لاءِ مجبور
هئي. جيئن ته سندس تخت جي مالڪ هئڻ کان انتها پسند
ڪئٿولڪ پارٽيءَ کي انڪار هو، جو هنن هينري اٺين جي
اين بولن سان شادي ڪڏهن به جائز نه سمجهي هئي، پر
ايلزبيٿ سياسي پاليسيءَ کي مذهب کان مٿي رکيو. هن
قومي مذهبي جماعت کي اهڙيءَ طرح بنايو جو وفادار
ڪئٿولڪ ۽ وچ وارا پروٽيسٽنٽ پڻ ان مطابق عقيدو رکي
ٿي سگهيا. هن جي مرضي هئي ته هڪ متحد قوم بنائي ۽
نه مذهبي ڪشمڪش جي ذريعي ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ڇڏي. هن جو مقصد حاصل ٿيو ۽ هن سندس رعيت ۾ حب
الوطنيءَ جو جذبو گهڻو جاڳايو ۽ حڪمران سان ٻڌل
رهڻ جو جذبو پڻ جاڳايو. انگلينڊ جي پوپ واري
پارٽي، جنهن جو سڀني کان وڌيڪ زوردار پرڏيهي
حمائتي فلپ ٻيو هو، تنهن ڪئٿولڪ ميري اسٽوئرٽ
اسڪاٽس جي راڻيءَ کي انگريزي تخت تي ويهارڻ ٿي
چاهيو. هڪڙي اڳين حڪومت ۾ پاڻ ۾ سڱا بنديءَ ڪري
اسڪاٽلينڊ جو اسٽوئرٽ حڪمران انگريزي تخت جو
قانوني وارث ٿئي ها،
جيڪڏهن ٽيوڊر خاندان جو ڪو جانشين نه هجي ها پر
جيئن ته انگريز قوم جي وڏي اڪثريت ايلزبيٿ ٽيوڊر
جي وفاداريءَ سان حمايت ڪئي، تنهن ڪري هن کي هٽائڻ
جي ڪابه ڪوشش راڄ ڊوهي سمجهي ٿي وئي.
راڻي ايلزبيٿ |
ميري اسٽوئرٽ عجيب و غريب حسن ۽ موهيندڙ طبعيت
واري عورت هئي، جنهن ڪري سندس ڪيترا جوشيلا
ساراهيندڙ پيدا ٿي پيا هئا، پر جوانيءَ ۾ هن
پنهنجي هوس جي ڪري پنهنجي زندگي برباد ڪري ڇڏي.
جڏهن سندس مڙس، فرانس جي بادشاهه فرانسس ٻئي وفات
ڪئي، تڏهن هن اسڪاٽلينڊ جو تاج سنڀاليو ۽ هڪ اسڪاچ
امير ڊارنلي سان شادي ڪئي، پر ڪجهه وقت کان پوءِ
سندس ڳجهين سازشن سان مڙس قتل ٿيو، جنهن کان پوءِ
ميريءَ جلدي ئي ڊارنلي جي قاتل باٿول سان شادي
ڪئي. اسڪاٽلينڊ جي رنجيده ماڻهن راڻيءَ جي خلاف
بغاوت ڪئي ۽ کيس هدايت ڪيائون ته هوءَ راڻي
ايلزبيٿ جي دربار ۾ وڃي پناهه وٺي. انگريز راڻيءَ
حڪم ڪيو ته سندس رقيبه کي قيدي ڪري رکيو وڃي.
جيستائين ميري اسٽوئرٽ زندهه هئي تيستائين سندس
ڪئٿولڪ حمايتين ايلزبيٿ جي خلاف سازش ڪرڻ بند نه
ٿي ڪئي. آخر ۾ ايلزبيٿ کي قتل ڪرڻ ۽ ميريءَ کي تخت
تي ويهارڻ جو خطرناڪ منصوبو ظاهر ٿي پيو ۽ ميريءَ
کي ڏوهاري بنايو ويو ته هن انهيءَ سازش جي حمايت
ڪئي آهي. 1587ع ۾ کيس موت جي سزا ڏني وئي ۽ آخرڪار
جلاد جي ترار سان سندس موت ٿيو. پر سندس ڏوهه ڪڏهن
به پڪيءَ طرح ثابت ٿي سگهيو، نه وري سندس بيڏوهي
هـُـجڻ جي پڪ ملي سگهي. انهيءَ واقعي تي ڪتابن جي
سڄي لئبرري لکي وئي آهي. ميري اسٽوئرٽ جي قتل جي
جواب ۾ فلپ ٻئي انگلينڊ کي فتح ڪرڻ لاءِ اسپين جو
بحري آرماڙ موڪليو، جنهن جي مڪمل ناڪاميءَ جو ذڪر
مٿي بيان ڪيو ويو آهي.
انگريزي بحري طاقت ۽ تجارت جو اُسرڻ:
ايلز بيٿ جي فياضيءَ واري حڪومت جي زماني ۾
انگريز قوم اهڙي مادي آسودگي ڏٺي جا اڳين حڪومتن ۾
نه ڏٺي هئائون. پرڏيهي واپار کي گهڻو وڌايو ويو ۽
انگريزي جهنڊو تمام ڏوراهن بندرن تائين ويندو هو.
اسپين جي بحري آرماڙ جي برباديءَ انگريزي بحري
طاقت وڌائڻ جي لاءِ خاص حوصلا افزائي جو ڪم ڏنو.
ايلزبيٿ جي دور جا بحري جهازران وڏا دلير هئا، جي
اعتبار نه ڪرڻ جهڙا ڪم وڏيءَ جرئت سان ڪري ٿي
سگهيا.
سرفرانسز ڊريڪ جي آکاڻي اڃا تائين برطانوي
ڇوڪرن ۾ دليريءَ جو جذبو پيدا ڪري ٿي. سرفرانسز ٽي
ننڍا جهاز ساڻ ڪري ۽ ٿورا فوجي جهازران وٺي سائوٿ
آمريڪا ۾ وڃي اسپين جي بيٺڪن تي اوچتو حملو ڪيو،
سڄا بحري جهاز ۽ شهر لٽيا ۽ ساڙيا ويا. ان وقت
سرفرانسز پئسفڪ سمنڊ پار ڪري ويو ۽ سلامتيءَ سان
انگلينڊ ڏانهن موٽي، ڦر ۽ لـُـٽ جو تمام گهڻو مال
ساڻ کڻي آيو. هي پهريون سپهه سالار هو، جنهن زمين
جي گولي جي چوڌاري بحري سفر مڪمل ڪيو. ان وقت
ايلزبيٿ جي زماني جي ملاحن جي جانباز بحري مسافرين
ڪي خاص نتيجا ڪونه ڏيکاريا، پر ايندڙ سالن لاءِ
ڪامياب بيٺڪيءَ پاليسي لاءِ رستو تيار ڪيو. اتر
اوڀر ۾ روس ڏانهن سامونڊي رستو ڳولي ڪڍيو ويو ۽ ان
ملڪ سان باقاعده واپار شروع ڪيائون. سر والٽر رئلي
اُتر آمريڪي ڪناري ڏانهن بيٺڪون ٺاهڻ لاءِ فوجون
موڪليون پر هن جون بيٺڪن ٺاهڻ جون ڪوششون آمريڪا
جي اصلي رهاڪن جي حملن جي ڪري ناڪام ٿيون، تان جو
1607ع ۾ ورجينيا جي جيمس ٽائون شهر ۾ انگريز بيٺڪ
سازن پهرين مستقل بيٺڪ ٺاهي. ايسٽ انڊيا ڪمپني
1600ع تي وجود ۾ آئي ۽ اهڙيءَ طرح آئيندي لاءِ
هندستان ۾ انگريز (برطانوي) شهنشاهت قائم ڪرڻ لاءِ
پهريون قدم کنيو ويو.
ايلزبيٿ جي حڪومت ۽ علم و ادب:
شيڪسپيئر |
ايلزبيٿ جي حڪومت جي زماني ۾ انگلينڊ ۾ علمي
سجاڳي بهترين ادبي نتيجا ڏيکاريا. هن دور ۾ قومي عظمت جو جذبو، مذهبي سڌاري جي
آندل نون خيالن جو سيلاب ۽ بحري مسافرن جي دنيا جي
ڏورانهن ۽ عجيب و غريب کنڊن کان موٽڻ، تن جا آندل
خيال، راڻيءَ لاءِ ماڻهن جي پرُ جوش جانثاري ۽
ماڻهن جي عام آسودگي وغيره پيدا ٿي. انگلينڊ لاءِ
راڻي ايلزبيٿ جو زمانو
اهڙو هو جهڙو روم لاءِ آگسٽس جو زمانو، يعني علم ۽ ادب جو سونهري دور. هن ڪتاب جي
مقصدن جي پورائي لاءِ وڏن ليکڪن جي نالن جو رڳو
ذڪرئي ڪافي آهي. وليم شيڪسپيئر، شاعر ۽ ڊراما
نويس، جنهن کي عام طرح سڀني ملڪن جو اڳرو ادبي
بيدار مغز ڪري ليکيو وڃي ٿو. سرفرانسز بيڪن،
فيلسوف سياستدان ۽ مضمون نويس، جنهن فلسفي جي
استقرائي سرشتي جو بنياد رکيو().
هن کان اڳ ۾ مـُـنتج سرشتو استعمال ڪيو ويندو هو،
جنهن جو مدار سچ جي ڳولا ۽ سڄو ئي عقلي نتيجي تي
هو. استقرائي سرشتي مطابق حقيقي واقعن کي
ايمانداريءَ سان جاچي ڳالهين جا سبب ڳولي ڪڍجن ۽
تجربو ڪري ڏسجي، جيڪو جاچ ۾ مدد ڪندو. جديد سائنس
استقرائي طريقي تي مبني آهي، جيڪو واقعن جي علم تي
ٻڌل آهي ۽ اهو نتيجو آهي،
انهن هزارن جانثار ماڻهن
جي پرجوش محنت جو، جي بيڪن جي قدمن تي هليا آهن.
(ب) اسٽوئرٽ حڪمرانيءَ جو پهريون دور
هن دور جي خصوصيت:
اسڪاٽلينڊ جو بادشاهه، ميري اسٽوئرٽ جو پٽ ۽
جيمس ڇهون 1603ع ۾ جيمس پهرئين جي نالي سان
انگلينڊ جي تخت جو وارث ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح انگلينڊ
۽ اسڪاٽلينڊ هڪ بادشاهه جي هٿ هيٺ متحد ٿيا. جيمس
پهرئين ۽ سندس پٽ چارلس پهرئين جي حڪومتن جا دور،
بادشاهه ۽ پارليامينٽ جي وچ ۾ ڪشمڪش سان ڀريل هئا،
جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو بادشاهه چارلس کي قتل
ڪيو ويو ۽ ڪجهه وقت لاءِ حقيقي پارلياماني حڪومت
قائم ڪئي وئي.
بادشاهن جا خدائي حقَ:
ٽيوڊر حڪمرانن جي حڪومت ۾ ڪيترائي عوامي حقَ،
جي مئگناڪارٽا مطابق بحال ڪيا ويا هئا، سي عمل ۾
نه پئي آيا
.
”گلابي گلن وارين لڙاين“ کان پوءِ اميرن جي
زوال اچڻ ۽ پرڏيهي لڙاين جي دٻاءَ ڪري، هينري ستين
کان وٺي ايلزبيٿ تائين حڪمرانن اڪثر پارليامينٽ
کان سواءِ حڪومت ڪئي هئي. جڏهن به پارليامينٽ
گهرايائون، (جا اڪثر پئسي جي بحاليءَ جي واسطي
هئي) تڏهن اها جماعت، يعني پارليمينٽ بادشاهه جي
مرضيءَ جي ٻڌل ٻانهي هوندي هئي. اهڙين حالتن ۾، جن
جو تعلق فرانس ۾ شاهي آمريت جي مثال سان هو، ڪيترن
ماڻهن ۾ اهو خيال ويهجي ويو، ته بادشاهه جو تخت تي
خدائي حق هو. جيمس پهرئين شاهي شان جي خدا جي طاقت
سان ڀيٽ ڪئي ۽ چيو ته رعيت مان ڪنهن کي به حق ڪونه
هو ته جيڪي بادشاهه ڪري انهيءَ تي هو اعتراض ڪن يا
ايئن چون ته بادشاهه هي يا هو ڳالهه نه ٿو ڪري
سگهي.
عوام جو رخ:
پارليامينٽ ۾ قوم جي نمائندن پنهنجي عوامي حقن
کي ڪڏهن به ڪونه وساريو هو. ايلزبيٿ جي حڪومت کان
پوءِ ڪو به پرڏيهي خطرو ڪونه رهيو هو ۽ نه وري ڪو
گهرو ويڙهه جو امڪان هو، جو ٽيوڊر خاندان جي ڪل
مختياري جاري رکڻ جائز ڪري. ٻيو ته انگلينڊ جو
اڪثر وچ وارو طبقو دولت ۽ عقل ۾ ترقي ڪري ويو هو،
ان طبقي جي ترقيءَ سان گڏ منجهس فطري خواهش پيدا
ٿي ته خاص سياسي حقن جو حصو، جنهن جي حصول جو هن
کي انصاف سان حق هو، سو پنهنجي هٿ ۾ کڻي. زميندار،
صنعتڪار ۽ واپاري، جيڪي گهڻي ۾ گهڻو ٽيڪس ڏيندا
هئا، تن پارليامينٽ ۾ پنهنجن نمائندن جي ذريعي
پنهنجي انهيءَ حق تي زور ڏنو، ته سندن طرفان ڏنل
ٽيڪس ڪيئن جمع ڪجن؟
جيمس ۽ پارليامينٽ:
اهي ۽ اهڙيون ٻيون پارلياماني جي حقن جو
گهـُـرون جيمس بادشاهه حقارت سان رد ڪري ڇڏيون.
ڪيترائي ڀيرا هن پارليامنٽ ان لاءِ گهرائي ته ٽيڪس
بحال ڪرايو وڃي! پر هر دفعي دارالعوام باقاعدي
پنهنجي خاص حقن تي زور ڏنو ٿي، جنهن جو اهو نتيجو
نڪتو جو بادشاهه سندن نشستن کي برخواست ڪري ڇڏيندو
هو.
بادشاهه جيمس پهريون |
جيمس پهرئين جي مذهبي پاليسي:
انگلينڊ جا پيورٽين مذهب وارا جيمس کي نه
وڻندا هئا، ڇو ته سياست ۾ هو تمام جمهوريت پسند
هئا. جڏهن اٺ سؤ کان وڌيڪ پادرين کيس درخواست ڪئي
ته سرڪاري ديول ۾ ڪئٿولڪ مذهب وارن جا رسم رواج
بند ڪيا وڃن، تڏهن هن سندن درخواست نه مڃي ۽ سڀني
اعتراض ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وئي.
1604ع تائين بادشاهه ڪئٿولڪ مذهب وارن ڏانهن
چڱيءَ طرح مائل هو. انهيءَ سال ڪن نراس ٿيل ڪئٿولڪ
مذهب وارن ماڻهن، بادشاهه ۽ سڄي پارليامينٽ کي
بارود سان اڏائڻ جو منصوبو ٺاهيو.
آخري گهڙيءَ ۾ اهو خطرناڪ بارودي منصوبو ظاهر ٿي
پيو. نتيجو اهو ٿيو جو ڪئٿولڪ مذهب وارن کي
انتهائي بري نموني ستايو ويو.()
چارلس پهرئين جي تخت نشيني ۽ رد حق جي درخواست:
چارلس پهريون |
چارلس پهرئين پنهنجي پيءُ وارو، ارهه زورائيءَ
جو راڄ جاري رکيو. پارليامينٽ سندس پاليسيءَ جي
سخت مخالفت ڪئي ۽ جڏهن به بادشاهه پئسن جي ضرورت
کان مجبور ٿي پارليامينٽ سڏائي تڏهن انهن پنهنجن
خاص حقن جي بحاليءَ تي زور ڏنو. 1628ع ۾
پارليامينٽ ”حق جي درخواست“ جو هڪ مسودو ٺاهيو.
اهو دستاويز ”وڏن حقن جي دستاويز“ جي اُصول تي ٻڌل
هو. ان کان اڳ ۾، جو بادشاهه ماڻهن کان ڪو به پئسو
وٺي سگهي، هن کي اها ڳالهه بحال ڪرڻي هئي ته
هيٺيون ڳالهيون غير قانوني آهن:
1. پارليامينٽ جي قبوليت کان سواءِ ٽيڪس مڙهڻ،
2. پنهنجي مرضيءَ تي شهرين کي جيل ۾ وجهڻ، 3. جنگي
سپاهين کي خانگي گهرن ۾ رهڻ جي جڳهه ڏيڻ ۽ 4.
مشيرن کان سواءِ ڪيس هلائڻ.
چارلس ”حق جي درخواست“ تي عمل نه ڪري پنهنجو
واعدو ٽوڙيو ۽ يارهن سالن تائين پارليامينٽ جو
اجلاس گهرائڻ کانسواءِ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان راڄ
ڪيائين. انهيءَ وقت ۾ هن غير قانوني ٽيڪس مڙهي
پنهنجي آمدني وڌائي ۽ دارالعوام جي جن ميمبرن
مخالفت ڪئي هئي، تن کي بنا ڪنهن ڪيس هلائڻ جي قيد
ڪيائين.
آرچ بشپ لارڊ ۽ پيوريٽن مذهب وارن جو آمريڪا ڏانهن
لڏي وڃڻ:
چارلس پهرئين جو مذهبي معاملن لاءِ وزير آرچ
بشپ يا وڏو بشپ لارڊ هو، جو هڪ جوشيلو ۽ همٿ وارو
شخص هو. هي چاهيندو هو ته سرڪاري مذهب جي سخت
نموني ۾ پابندي ٿئي ۽ جيڪي اعتراض ڪندڙ سندس حڪم
نه مڃيندا هئا، انهن کي سخت سزا ڏيندو هو. انهيءَ
وقت لارڊ جي ظلم اڳيان سر جهڪائڻ بدران هزارين
پيوريٽن مذهب وارا پنهنجا گهر ڇڏي آمريڪا لڏي ويا.
انهن مان گهڻا انهن بيٺڪن ۾ ٺهي ٺڪي ويٺا، جي
هينئر نئين انگلينڊ وارن علائقن
(New- England State of the Union)
جي نالي سان مشهور آهن.
انهن اُتي ڪال ون وارو مذهب ۽ نمائنده حڪومت
قائم ڪئي. جيتوڻيڪ بادشاهه جي حڪمرانيءَ وارين
بيٺڪن ۾ گورنر ويٺو هو، پر حڪومت جا مـُـک اختيار
قانون ساز اسيمبليءَ جي هٿ ۾ هئا، جن جا ميمبر
ماڻهن جا چونڊيل هئا.
وڏ - مدتي پارليامينٽ جو گڏ ٿيڻ (1640ع):
لارڊ جي صلاح تي چارلس پهرئين سرڪاري مذهب کي
پنهنجي اسڪاٽلينڊ جي رعيت تي پڻ زوري مڙهڻ جي ڪوشش
ڪئي، جي سڀ جوشيلا پروٽيسٽنٽ هئا. جڏهن هن سندن
اعتراضن جو جواب زور ۽ زبردستيءَ سان ڏنو، تڏهن
اسڪاٽ قوم بغاوت ۾ اٿي کڙي ٿي ۽ اُن انگلينڊ ۾
لشڪر ڏياري موڪليو. هن بغاوت چارلس کي هڪدم
مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن مان هو نڪري نه پئي
سگهيو. باغين کي پٺتي هٽائڻ لاءِ اسڪاٽ کي لشڪر جي
ضرورت هئي ۽ لشڪر ڪٺي ڪرڻ لاءِ وري هن کي پئسن
لاءِ پارليامينٽ کي درخواست ڪرڻي هئي، پر جيڪڏهن
هو پارليامينٽ گهرائي پيو ته پڪ سان اها جماعت
سندس شخصي حڪومت کي درهم برهم ڪري ها. اسڪاٽ لشڪر
هٿان اتر انگلينڊ جي والارجڻ، چارلس کي آڻ مڃڻ تي
مجبور ڪيو. آخر 1640ع ۾ هن هڪ پارليامينٽ سڏائي،
جيڪا انگريزي تاريخ ۾ طويل پارليامينٽ
(Long Parliament) جي نالي مشهور آهي.
چارلس پهرئين ۽ وڏ - مدتي پارليامينٽ جي وچ ۾
ڪشمڪش:
شروع ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن کي بادشاهه سان
دشمنيءَ جو جيترو اندازو هـُـئو، انهيءَ کان به اڳ
پارليامينٽ بادشاهه سان دشمني ۾ اڳتي وڌي. بادشاهه
جي مقبول وزيرن لارڊ ۽ اسٽرئفورڊ تي ملڪ جي خلاف
بغاوت جو ڪيس هلائي کين ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. غير
قانوني ٽئڪسن لڳائڻ کي ممنوع قرار ڏنو ويو ۽
بادشاهه جون ارهه زورائيءَ واريون عدالتي ڪورٽون
بند ڪيون ويون. ٻيو ته چارلس کان هڪ دستاويز تي
صحيح ڪرائي وئي، جنهن مطابق ان وقت جي پارليامينٽ
پنهنجي مرضيءَ کان سواءِ برخواست نه ٿي ٿي سگهي.
جي بادشاهه هر هر پنهنجي انجام کي پاڻي نه ڏيڻ جي
نيت بار بار ظاهر نه ڪري ها، ته جيڪر بادشاهه ۽
دارالعوام جي وچ ۾ وري سٺو صلح ٿي وڃي ها. 1641ع ۾
دارالعوام هڪ تجويز وڏي جهڳڙي
(grand
Remonstrance)
جي نالي سان پاس ڪئي، جنهن ۾ ان بادشاهن مٿان بي
اعتباري ظاهر ڪئي ۽ گهر ڪيائون ته انهن جا وزير
پارليامينٽ ڏانهن جوابدار ٿي رهن. چارلس اها گهر
رد ڪئي. ٿوري وقت کان پوءِ هـُـو پنج سؤ سپاهين جو
هڪ لشڪر وٺي پارليامينٽ جي عمارت ڏانهن ويو، ان
نيت سان ته راڄ ڊوهيءَ جي الزام ۾ پنجن مـُـک
ميمبرن کي قيد ڪري، ڇو ته هنن اسڪاٽ باغين کي مدد
ڪئي هئي. پر ميمبر اڳيئي نڪري هليا ويا هئا. هينئر
خانگي لڙائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو.
خانگي لڙائي:
1643ع
۾ بادشاهه پنهنجي مددگارن جو لشڪر جمع ڪيو ۽
پارليامينٽ جي لشڪر جي خلاف ميدان ۾ آيو. بادشاهه
جي لشڪر وارا، جن کي ”گهوڙي سوار“ ڪوٺيندا هئا،
انهن شروع ۾ ”گول مٿن وارن“ تي فتح پاتي. گول مٿي
جي چڙ وارو نالو پيوريٽن سپاهين کي انهيءَ لاءِ
ڏنو ويو هو، جو انهن مان گهڻا وار ڪترائي ننڍا
رکندا هئا، جڏهن ته ان وقت فيشن طور، امير وڏا وار
رکائيندا هئا، اهي "لوهي پاسين" وارا به سڏبا هئا،
جڏهن ڪرنل آليور ڪرامويل پنهنجا ”لوهي پاسيا“
گهوڙي سوار جنگ جي ميدان ۾ آندا، تڏهن لڙائيءَ جو
رخ ئي بدلجي ويو. هي جوشيلا پيوريٽن هئا ۽ پنهنجي
مذهب کي قائم رکڻ خاطر مرڻ لاءِ به تيار هئا. سندن
مهندار جي تنظيم ۽ بيدارمغزيءَ جي ڪري اُهي هڪ
ناقابل شڪست لشڪر ٿي پيا هـُـئا. هو پنهنجو
واندڪائيءَ جو وقت بائيبل جي اڀياس ۾ گذاريندا هئا
۽ هر جنگ کان اڳ ۾ عبادت ڪندا هئا. سن 1644ع ۾
مارسٽن موئر جي جنگ ۾ ”لوهي پاسين“ گهوڙي سوارن تي
حملو ڪري کين شڪست ڏني. ايندڙ مهينن ۾ ڪرامويل
پارليامينٽ جي لشڪر کي لوهي پاسين جي نموني تي وري
ٺاهيو، نتيجو اهو ٿيو جو 1645ع ۾ بادشاهه کي ٻي
وڏي شڪست آئي.()
ڪرام ويل |
ٻئي سال بادشاهه دشمنن جي هٿ چڙهي ويو. پر
پوءِ به هن هر قسم جي سازش جي ذريعي انقلابين ۾
نفاق ۽ جهڳڙي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪرامويل جي
مهنداريءَ واري پارٽي، جنهن کي ”آزاد“ سڏجي ٿو،
انهن جي وچ ۾ ۽ اسڪاٽلينڊ وارن جي وچ ۾ آخر لڙائي
ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جڏهن ڪرامويل
(Cromwell)
جي ”پارٽي“ کي خبر پئي ته بادشاهه کين فريب ڏيندو
آيو آهي ۽ اهڙي طرح رتو ڇاڻ جي عرصي کي وڌائيندو
آيو آهي، تڏهن انهن تمام خطرناڪ ۽ غيرقانوني رستي
تي هلڻ جو فيصلو ڪيو. لشڪر سندن قبضي ۾ هو،
جنهنڪري هو مخالف ڌر وارن کي هيسائي ٿي سگهيا.
هوڏانهن پارليامينٽ مان انهن ميمبرن کي ڪڍيو ويو،
جي اسڪاٽ پارٽيءَ يا بادشاهه جا همدرد هئا. سندن
اهو ڪم ”پرائيڊ جي صفائي ڪرڻ“ جي نالي سان ٿيو.
چارلس پهرئين جي ڦاسي (1649ع):
اصلاح ڪيل پارليامينٽ هينئر لشڪر جي مرضيءَ جي
غلام هئي. ان بادشاهه جي ڪيس لاءِ اعليٰ ڪورٽ
تشڪيل ڏئي بادشاهه کي موت جي سزا ڏني ۽ ڪجهه ڏينهن
کان پوءِ لنڊن ۾ عوام اڳيان بادشاهه جو سر ڌڙ کان
جدا ڪيو ويو. ڪيس کان وٺي موت جي وقت تائين
بادشاهه سان بادشاهي فضيلت ۽ شان وارو ورتاءُ ڪيو
ويو.
(ث) دولت مشترڪه ۽ بچاءَ هيٺ آيل ملڪ
دولت مشترڪه (1649ع - 1653ع):
دارالعوام هينئر ملوڪيت ختم ڪري هڪ قسم جي
جمهوريت قائم ڪئي، جنهن کي ”دولت مشترڪه“ سڏيو.
نئين حڪومت، حقيقت ۾ ”پيورٽن عقليت وارن جي هئي“
جنهن کي باقي سڄي قوم جي مٿان لشڪر جي طرفداري
حاصل هئي، ان جي هڪ شاخ هئي.
اسڪاٽلينڊ ۽ آئرلينڊ ۾ جڏهن ماڻهن بادشاهه جي
قتل ٿيڻ جو ٻڌو، تڏهن مٿن هڪ خوف طاري ٿي پيو،
جنهن ڪري هو بادشاهه جا طرفدار ٿي پيا، ۽ بادشاهه
جي پٽ چارلس ٻئي کي اسڪاٽلينڊ جو بادشاهه مڃيائون.
نئين دولت مشترڪه (گڏيل حڪومت) کي هينئر ٻن طرفن
کان ڊپ هو، ۽ ٻئي طرف وري بادشاهه جا انگريز
طرفدار چارلس ٻئي جي لشڪر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار
هئا، جيڪي لشڪر انگلينڊ وٺي اچن ها. انهيءَ خطري
ڪرامويل ۾ ويتر دليري پيدا ڪئي. هن جلدئي آئرلينڊ
جي بغاوت کي دٻايو ۽ بورسيٽر جي جنگ ۾ چارلس ٻئي
جو اسڪاٽلينڊ وارو لشڪر ختم ڪري ڇڏيو ۽ نوجوان
شهزادو فرانس ڀڄي ويو، جتي هن جي لوئي چوڏهين جي
ڪورٽ ۾ وڏي ڀليڪار ٿي. هڪ طرف دولت مشترڪه جون سڀ
فوجي ڪاميابيون لشڪر جي لياقت، قابليت ۽ ڪرامويل
جي قابل مهنداري جي ڪري هيون ۽ ٻئي طرف وري
پارليامينٽ حڪومت جي مهم سان نه پئي پڄي سگهي. هن
جي ميمبرن ۾ حب الوطني ڪانه هئي ۽ هو رشوت وٺڻ
لاءِ تيار هئا. سن 1653ع ۾ ڪرامويل شخصي طرح
ميمبرن تي بي انصافي ۽ خود غرضيءَ جو الزام لڳايو
۽ پنهنجي غصي ۾ ڀريل تقرير جي آخر ۾ چيائين:
”هينئر توهان هتي وڌيڪ ويهڻ جا لائق نه آهيو.“
سپاهين جي هڪ جٿي ميمبرن کي هڪالي ٻاهر ڪڍيو ۽
ڪرامويل پارليامينٽ جي دروازن کي چڱيءَ طرح تالا
لڳائي ڇڏيا. ان طرح طويل پارليامينٽ کي زوريءَ ختم
ڪرڻ سان حڪومت جي جوڙجڪ جي آخري اختياري به ختم ٿي
وئي.
ڪرام ويل
(Cromwell)
نئين پارليامينٽ گهرائي، جا سڄي مذهبي ۽ ايماندار
پيورٽين مذهب وارن مان ٺهيل هئي. هن اسيمبلي، جنهن
کي عام طرح ننڍڙي پارليامينٽ ڪري ڪوٺيندا هئا، جي
مرضي اها هئي ته جيترو کانئس پڄي سگهي بهترين ڪم
ڪري، حقيقت ۾ ان ڪجهه ننڍا سڌارا پڻ عمل ۾ آندا،
پر سندس ميمبرن ۾ عملي لياقت ڪانه هئي جو حڪومت
هلائي سگهن. وري خانگي لڙائي لڳڻ ۽ بد انتظامي ڏسڻ
بدران هنن ايئن مناسب سمجهيو ۽ پڪو ارادو ڪيو ته
ڪرامويل کي مڪمل سياسي اختيار ڏنا وڃن، سندن خيال
موجب اهو فقط ڪرامويل ئي هـُـئو جيڪو انتظام رکي
ٿي سگهيو.
سرپرستيءَ واري حڪومت (1653ع - 1659ع):
دولت مشترڪه جي سرپرست، لارڊ جي لقب تحت،
آليور ڪرامويل انگلينڊ جي مٿان هڪ قسم جي ”برانا
حڪومت“ هلائي. هي پنهنجي واسطي طاقت جي حـُـصول
پٺيان نه هو پر ان طاقت کي قبول ڪيائين، ۽ جڏهن
حالتن کيس مجبوريءَ سان اها طاقت ڏني، تڏهن ان کي
چڱيءَ طرح استعمال ڪيائين. هن ڪيتريون
پارليامينٽون گهرايون، انهيءَ اميد سان ته حڪومت
جي نمائندگي ڪندڙ نمونو وري قائم ڪري سگهي، پر اهو
سڀ بيڪار هو ۽ ڪرامويل کي پنهنجي ”برانا حڪومت“
جاري رکڻي پئي. سندس پڪي انتظام هيٺ ملڪ ۾ اندروني
طرح صلح سانت رهيو ۽ پرڏيهه ۾ پرڏيهي حڪومتن کان
عزت حاصل ڪيائين.
جيڪڏهن کيس ڪو اهڙو پٽ هجي ها جو قابليت ۾ هن
جهڙو هجي ها ته شايد هڪ نئين حڪمران خاندان جو
پايو وجهي ها. هن جو پٽ رچرڊ ڪرامويل هن کان پوءِ
سن 1659ع ۾ سرپرست لارڊ ٿيو، پر رچرڊ ڪمزور ۽
نااهل ثابت ٿيو. ڪجهه مهينن جي حڪومت کان پوءِ هن
اهو عهدو ڇڏي ڏنو. نتيجو اهو ٿيو جو لشڪر ۽
پارليامينٽ جي وچ ۾ خطرناڪ جهيڙي لاءِ هڪ ميدان
کلي پيو.
چارلس ٻئي جي تخت نشيني:
ڪيترن انگريزن کي خطرو هو ته گهرو لڙائي وري
تازي ٿي پوندي، تنهن ڪري هو دل و جان سان خوش ٿيا
جڏهن چارلس ٻئي پڌرنامو ڪڍيو ته جيڪڏهن کيس ٻيهر
بادشاهه بڻايو ويو ته هو سڀني انقلابين کي معافي
ڏيندو.
چارلس ٻيو |
مئي 1660ع ۾ بادشاهه ڊوور
(Dover)
جي مقام تي اچي لٿو ۽ تمام گهڻي جوش ۽ جذبي سان
سندس آجيان ڪئي وئي. سندس موٽي اچڻ، جنهن کي
”ريسٽوريشن“ ڪوٺجي ٿو، تنهن مان ظاهر هو ته ماڻهو
اڃا تائين ملوڪيت جي فائدي ۾ هئا، شرط رڳو اهو هو
ته اها بادشاهت ظلم جي شڪل نه اختيار ڪري.
باب پنجويهون
فرينچ ملوڪيت جو ڪمال ۽ زوال
لوئي(Louis)
تيرهون ۽ رشيليو
(Richelieu):
لوئي تيرهون |
هينري چوٿين جو پٽ لوئي تيرهون 1610ع ۾ جڏهن
فرانس ۾ تخت نشين ٿيو، تڏهن هو نون ورهين جو ٻار
هو. شروع ۾ سندس والده ميري دُميڊيچي هن جي بدران
راڄ ڪيو. 1614ع ۾ نوجوان بادشاهه جي بالغ ٿيڻ جو
اعلان ڪيو ويو، پر هن پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ڪڏهن
به ايتري جرئت نه ڪئي جو آزاد حڪمران جي حيثيت ۾
رهي. هن جي حڪمرانيءَ جي خصوصيت جو مدار سڄو ئي
سندس صلاحڪارن تي هو. فرينچ ملوڪيت جي خوش قسمتي
هئي جو بادشاهه هڪ تمام قابل سياستدان پادري
رشيليو جي اثر هيٺ اچي ويو. 1624ع کان 1642ع تائين
هي عجيب و غريب انسان فرانس جو عملي طرح حڪمران
هو. هن پنهنجيون سڀئي صلاحيتون شاهي طاقت کي بلند
ڪرڻ ۾ قربان ڪيون. انهيءَ مقصد لاءِ هن ٻه طريقا
عمل ۾ آندا: پهريون، فرانس ۾ بادشاهه جي سڀني
مخالفن کي ڪچلڻ ۽ ٻيو، فرانس جي پرڏيهي مقابلي
ڪندڙن کي ڪمزور ڪرڻ.
اميرن جي سياسي طاقت جو ٽٽڻ:
ملوڪيت کي فرانس ۾ مضبوط ڪرڻ جي ڪم کي جاري
رکندي، رشيليو آزاديءَ جي انهن سڀني خطرناڪ ذرن
پرزن کي ختم ڪيو، جيڪي ڪجهه اميرن کي جاگيرداري
سرشتي ۾ مليا هئا.
هيوناٽس فرقي وارن هن جي زبردست مخالفت ڪئي.
سندن مرضي هئي ته شاهي حڪومت جي طرفداري ڇڏي هڪ
پروٽيسٽنٽ جمهوريت قائم ڪجي. سندن مـُـک قلعو
مغربي فرانس ۾ لاروشيل جو شهر هو. رشيليو، لاروشيل
تي شخصي طرح هڪ ڪامياب زبردست حملو ڪري کيس برباد
ڪيو. اهڙي طرح هيوناٽس کي سندن مذهب تي هلڻ جي
اجازت ڏني وئي پر سندن انقلابي تجويزون ٽـُـٽي
پيون.
رشيليو جي پرڏيهي پاليسي:
رشيليو |
رشيليو جي پرڏيهي پاليسي پڻ ايتري ڪامياب هئي
جيتري هئڻ گهرجي. جيتوڻيڪ هو زندهه نه رهيو جو
هيپسبرگ خاندان جي بي عزتي ”ويسٽ فاليا“ جي
عهدنامي ۾ ڏسي سگهي، پر تڏهن به فرينچن کي جيڪي
فائدا مليا، سي سڀ رشيليو جي خداداد صلاحيتن جو
نتيجو هئا. هن فرانس کي يورپ جي حڪومتن ۾ اول نمبر
تي بلند ڪيو.
مزارين(Mazarin)
جي انتظامي حڪومت:
جڏهن لوئي تيرهن وفات ڪئي تڏهن رشيليو جي
جانشين پادري مزارين وزيراعظم جو عهدو سنڀاليو.
لوئي چوڏهين جي صغير هئڻ جي وقت ۾، جڏهن هو تخت
نشينيءَ وقت پنجن سالن جو ٻار هو، مزارين فرانس جي
حڪومت هلائي. هي هر ڪنهن ڳالهه ۾ رشيليو جي نقش
قدم تي هليو ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين.
لوئي چوڏهين جي شخصي حڪومت:
لوئي چوڏهون |
جڏهن مزارين وفات ڪئي تڏهن لوئي چوڏهين فيصلو
ڪيو ته هو پنهنجو وزيراعظم پاڻ ٿيندو. انهيءَ
پاليسيءَ تي عمل ڪندي ملڪ جو ڪوبه خسيس ڪاغذ عمل ۾
نه ٿي اچي سگهيو، جيستائين هن انهيءَ فرد کي شخصي
طرح پاڻ نه ٿي ڏٺو ۽ ان تي صحي نه ٿي ڪئي. هي
پنهنجي پڪي ارادي تي قائم رهيو ۽ حڪومت جون سڀ
اختياريون پنهنجي هٿ ۾ رکيائين ۽ گهڻي محنت سان ڪم
ڪيائين. لوئي چوڏهون ”بادشاهن جا خدائي حق“ جي
عقيدي جو اڳرو نمائندو هو. هي پاڻ کي انسان کان
مٿي سمجهندو هو، پنهنجي درٻار مان پرستش جي حد
تائين شخصي خدمت ۽ خوشامد جي طلب ڪندو هو. فرانس
جي سڀني اميرن کي پئرس جي نزديڪ وارساءِ
(Versailles)
جي شاندار محل ۾ وٺي ويو ته جيئن هو اتي بادشاهه
جا پينشن بردار ٿي شان شوڪت سان بيڪار زندگي
گـُـذارين. اهو وڏو محلات ۽ وارساءِ جي چوگرد باغ
اڃا تائين درٻار جي فضول خرچيءَ جا شاهد آهن. هڪ
محلات جي خريداريءَ جو ڪاٿو ڏهه ڪروڙ سونا ڊالر
ڪيو ويو آهي. لوئيءَ وٽ اهڙا ڪيترائي ٻيا محلات به
هئا پر هي نه وسهڻ جوڳو خرچ هـُـن اُن لاءِ ڪيو
ويو ته جيئن ٻاهرين طرح بادشاهي شان قائم رهي.
لوئي پنهنجي ۽ پنهنجي طاقت متعلق خيال هيٺئين
مشهور چوڻيءَ ۾ ٿورن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”مان ئي
ملڪ ۽ حڪومت آهيان.“
ڪولبيئر:
لوئيءَ جي حڪومت جي پهرين اڌ ۾ فرانس جي
ملوڪيت داخلي آسودگي ۽ ٻاهرين طاقت جي چوٽيءَ کي
وڃي پهتي. ان جي واسطي بادشاهه ايترو جوابدار نه
هو جيتري گهڻن قابل وزيرن جي جان نثاريءَ جي محنت
ذميدار هئي! انهن سڀني وزيرن ۾ ڪولبيئر سڀنيءَ کان
اڳرو هو. سياستدان جي حيثيت ۾ ڪولبيئر رشيليو
پادريءَ جو هم عصر هو، پر سندس نالو گهٽ مشهور
آهي، ڇو ته هن پنهنجون وصفون پوشيده رکيون ۽
پنهنجي ڪاميابين جي شاباش بادشاهه کي ڏني.
واپاريءَ جي پٽ هئڻ ڪري ڪولبيئر ننڍي هوندي ئي
هنرمندي، واپار ۽ خرچ پکي ۾ مهارت حاصل ڪئي هئي ۽
انهن ئي شعبن ۾ وزير جي حيثيت ۾ هن پاڻ کي ممتاز
ڪري ڏيکاريو. حساب ڪتاب جو هڪ سخت سرشتو شروع ڪري
هن حڪومت جي مالي حالت وڌائي ۽ ٻئي طرف واري سچ پچ
ٽيڪس گهٽائي ڇڏيو. هن ملڪ ۾ مختلف هنرن کي همٿايو،
پرڏيهي واپار کي جوش ڏياريو ۽ فرينچ بحري لشڪر جي
توسيع ڪئي، تان جو فرانس جي بحري طاقت يورپ ۾
پهريون نمبر ٿي وئي. ڪئناڊا ۽ ٻين هنڌن تي بيٺڪن
کي وڌايو ويو، لوئي زيانا جي جاچ پڙتال ڪئي وئي ۽
ٻن وڏين واپاري ڪمپنين کي مغربي ۽ مشرقي انڊيز
ڏانهن واپار ڪرڻ جي سرڪاري اجازت ڏني وئي.
ڪولبيئر جي وفات وقت فرانس سڄي دنيا ۾ وڏي ۾
وڏي بيٺڪي شهنشاهت جو مالڪ هو. ڪولبيئر ڪڏهن به
پنهنجي لاءِ ڪا خواهش ڪانه ڪئي پر بادشاهه جي شان
شوڪت ۽ ان کان وڌيڪ عوام جي ڀلي لاءِ ڪئي. ان ڪري
جڏهن بادشاهه جي پرڏيهي پاليسيءَ هن جو بهترين ڪم
بگاڙيو ته هي سخت نااميد ٿيو. ڇو ته موتمار لڙائين
ملڪ جي سموري آمدني ختم ڪري ڇڏي هئي، جنهنڪري
ڪولبيئر مجبور ٿيو ته ماڻهن تي ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪري
نئين سر آمدني ڪري.
لوئي چوڏهين جي پرڏيهي پاليسي
هالينڊ سان لڙائي:
لوئي چوڏهين جي حرص فرانس کي چئن لڙائين لاءِ مجبور ڪيو، جن جو جيڪڏهن انسانن ۽
پئسي جي ضايع ٿيڻ جو اندازو ڪجي ته اهي لڙائيون
فرانس کي تباهه ڪندڙ هيون. هالينڊ جي خلاف ٻي
لڙائي، کانئس انهيءَ عهدنامي جي بدلي وٺڻ لاءِ
هئي، جيڪو هن سوئيڊن ۽ انگلينڊ سان ڪيو ۽ جنهن
مطابق لوئيءَ کي ”اسپين واري هالينڊ“
جي فتح ڪرڻ کان روڪيو ويو هو. لڙائي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ لوئي سوئيڊن ۽ انگلينڊ جي
بادشاهن کي ڳريون رشوتون ڏيئي ڊچ جمهوريت کي جدا
ڪري ڇڏيو. اسٽوئرٽ خاندان جو حڪمران چارلس ٻيو،
جنهن حڪومت ٻيهر هٿ ڪئي هئي، تنهن لوئيءَ سان صلح
ڪري پاڻ کي پارليامينٽ ۽ عوام جي اڳيان خوار ڪيو.
فرينچ حملي ڪندڙ لشڪر اڳيان عام حڪومتون اڪيليءَ
طرح ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيون. تنهنڪري هو پنهنجي ملڪ
جو ٽيون حصو ڏيئي صلح کي خريد ڪرڻ لاءِ تيار هو،
پر فرينچن اهڙيون بي عزتيءَ جون گـُـهرون ڪيون، جو
ڊچن نراسائيءَ ۾ همٿ ٻڌي وري لڙائي شروع ڪئي.
هنن کي وليم ”خاموش“ جي نسل مان وليم آف آرينج
جهڙو لياقت وارو اڳواڻ ملي ويو. پنهنجي بزرگ وڏي
ڏاڏي وانگر آرينج جو هيءُ نوجوان شهزادو پنهنجي
صبر ۽ اورچائيءَ سان جنگ جي ميدان ۾ فتحن سان
ڪامياب ٿيو. اسپين ۽ جرمني فرانس جي خلاف هالينڊ
جو پاسو ورتو، نتيجو اهو ٿيو جو لوئي پنهنجي اڳين
فتحن جي حاصلات وڃائي ويٺو. ”عهدنامي“ (1678ع) ڪري
هالينڊ تمام فائدي وارا شرط حاصل ڪيا، ايئن سندس
ملڪ گهڻو ڪري سلامت رهيو پر اسپين کي ڪجهه ملڪ
ڏيڻو پيو، جيڪو اڃا تائين اتر فرانس جو ڀاڱو آهي.
لوئي چوڏهين جو تڪبر:
ڊچ لڙائيءَ کان پوءِ ايندڙ سالن ۾ لوئي چوڏهون
يورپ ۾ سڀنيءَ کان وڌيڪ سگهارو حڪمران هو. هن ڀر
وارن ملڪن، خاص ڪري جرمني ۽ اٽليءَ سان مغروريءَ
واري هلت اختيار ڪئي. جڏهن جرمن السيس ۾
اشٽراسبورگ جي وڏي شهر کي هٿ ڪري اتي قلعو ٺهرايو
۽ هونئن به هـُـن سدائين پنهنجي ڪمزور پاڙيسريءَ
جي بي عزتي ڪئي تڏهن مـُـک حڪمرانن گڏجي هن جي
خلاف هڪ اتحاد قائم ڪيو. |