29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :11

جڏهن پامپي مشرق مان روم موٽي آيو، ان وقت هن جي طاقت جو ڪوبه مقابلو نه ٿي ڪري سگهيو، پر سياست ۾ سندس قابليت گهٽ درجي جي هئي. هيءُ اڪيلو پنهنجون تجويزون تڪميل کي نه پئي پهچائي سگهيو.

پهرين ٽه- ياري (Triumvirate) سن 60 ق.م:

جوليس سيزر

ٻن ٻين ماڻهن، سيزر (Caesar) ۽ ڪراسس (Crassus) پامپي سان گڏجي، عهدنامو ڪري، پهرين ’ٽه - ياري‘ (Triumvirate) ٺاهي ]ماڻهو = Vir + ٽـِـنِ جي= [Trium. ٽنهي گڏجي پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته هڪٻئي کي حڪومت جي اثر رسوخ وارن عهدن ورهائڻ ۾ مدد ڪندا. ڪراسس کي هيءُ عهدو سراسر سندس اکـُـٽ مال جي ڪري مليو.

جوليس سيزر (Julius Caesar) سن 100 ق.م ۾، هڪ قديم اميراڻي گهراڻي ۾ ڄائو هو. ابتدا ۾، سـِــِـنا (Cinna) جي ڌيءَ سان شاديءَ ڪرڻ ڪري، هيءُ عوامي پارٽيءَ سان وڙهيو. تنهن ڪري سـُـلا جي مرضي هئي ته هن تي منع نامو ڪڍي، پر رڳو هن جي امير رشتيدارن کي خوش ڪرڻ خاطر کيس جيئدان ڏنو. سـُـلا جي مرڻ کان پوءِ سيزر جلد ئي عوامي پارٽيءَ جو مڃيل مهندار ٿيو. پنهنجي فصاحت، شخصي جاذبيت، ۽ شاهاڻي سخاوت جي ڪري، عوام ۾ مقبول ٿيو.

جڏهن هن کي پروپريٽر (Properator) بنائي اسپين جو صوبو ڏنو ويو، تڏهن جن ماڻهن کيس قرض ڏنا هئا، تن هن کي روم ڇڏڻ نه ٿي ڏنو، جيستائين ڪـِـراسـَـس هن جي سمورن قرضن ۾ ضامن نه پيو. هو عقل واري انتظام ۽ فائدي وارين لڙاين جي ذريعي اٿاهه دولت هٿ ڪري، روم ڏانهن موٽي آيو، ۽ هڪ سياستدان ۽ مهندار جي حيثيت ۾ مشهور ٿي ويو. هيءُ ’ٽه - ياريءَ‘ جو رهبر هو، ۽ ان کي اڳتي وڌائيندڙ هو. سندس ٻن همراهن رڳو ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ عهدنامي مان فائدو حاصل ڪيو، پر هيءُ انهيءَ عهدنامي کي استعمال ڪري وڃي اوچيءَ طاقت تي پهتو.

ڪئٽلين (Catiline) جو منصوبو (سن 62 ق.م):

مشهور قانوندان سيسرو

هڪ آمر  جي طاقت جي اُسرڻ جي تاريخ بيان ڪرڻ کان اڳ ۾، جهڙيءَ طرح سيزر ۽ پامپي جي مقابلي ۾ ڏيکاريو ويو آهي، اهو ضروري آهي ته انهيءَ واقعي جو بيان ڪريون، جو ڏيکاري ٿو ته ڪيتريقدر زوال کي پهتل جمهوريت پنهنجي برباديءَ کي پهچي چـُـڪي هئي. ڪئٽلين جو منصوبو هڪ ڪوشش هئي، ته حڪومت جو تختو پلٽايو وڃي، شهر کي ساڙيو وڃي، ۽ عهديدارن کي قتل ڪيو وڃي. منصوبي ڪندڙ اڪثر اُهي هٿ ڦار هئا، جن پنهنجو سمورو پئسو وڃائي ڇڏيو هو، ۽ جن هينئر چاهيو پئي ته دشمن جي ملڪيت کي ضبط ڪري پاڻ کي شاهوڪار ڪجي. ڪئٽلين خود هڪ بدمعاش ماڻهو هو. هن خود پنهنجي ڀاءُ جونالو سـُـلا جي منع نامي جي لسٽ ۾ ڏئي سندس زمين حاصل ڪرڻ ٿي چاهي. انهيءَ سال ۾ صلاحڪار، سـِـسيرو (Cicero) نالي، مشهور قانوندان ۽ مقرر هو. هن اهو سڄو منصوبو اڳ ۾ ئي پرکي ورتو، ۽ ڪئٽلين کي سينيٽ اڳيان بدنام ڪيائين. منصوبي ڪرڻ وارا سازشي جلد ئي ڀڄي وڃي ايٽيروريا ۾ پنهنجي لشڪر سان شامل ٿيا. ان کان پوءِ جلد ئي جيڪا لڙائي ٿي، ان ۾ ڪيترائي ڪئٽلين سوڌا، مارجي ويا، ۽ سـِـسيرو کي ”ملڪ جو ابو“ ڪري مانُ ڏنو ويو.

سيزر ۽ پامپي جي وچ ۾ رقابت:

پامپي ۽ سيزر جي وچ ۾ ڪڏهن به سچي دوستي ڪانه هئي. ٻنهي مان هر هڪ ٻئي کي پنهنجي غرض لاءِ مـُـهرو ڪري پئي ڪم آندو. ان وقت حڪمران ’ٽه - ياريءَ‘ صـوبن جي انتظام جي ورهاسـت ڪــئي. ڪـراســس مـشـرق وارو حــصـو کـنـيو، جتـي هن کي فوجي شان هٿ ڪرڻ جي اُميد هئي، پر هن کي پارٿيا (Parthia) وارن جي خلاف جنـگ ۾ شڪـست ۽ مـوت نصيـب ٿيو. پامـپـي کي اسـپين مـليـو. هـن اُتان جـي

رومن شهنشاهت سيزر جي دور ۾

حڪومت پنهنجن زيردستن کي ڏيئي ڇڏي، ڇو ته هن پاڻ روم ۾ رهڻ ٿي چاهيو، جتي هو شخصي طرح واقعن تي قبضو رکي ٿي سگهيو. سيزر کي سس آلپين گال (Cis alpine gaul) ۽ ٽرانس آلپائن گال (Transalpine gaul) ]هينئر ڏکڻ فرانس[ جو ڏهن سالن لاءِ پروڪائونسل (Pro Consul) يا ننڍو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. ڪراسس جي موت کان پوءِ ٽـِـه - ياريءَ وارا باقي بچيل ٻه ڄڻا هڪٻئي جا ظاهر ظهور دشمن ٿي پيا. پهريائين پامپي زور هو. آپٽيميٽس ساڻس شامل هئا، ۽ سينيٽ آخر هن کي ڊڪٽيٽر جي طاقت ڏيئي اڪيلو صلاحڪار مقرر ڪيو. انهيءَ وقت ۾ عوامي پارٽي سيزر سان سچي رهي.

سيزر جو گال کي فتح ڪرڻ، جرمنيءَ ۽ برطانيا تي سندس ڪاهون:

دولت هٿ ڪرڻ، فوجي تجربي حاصل ڪرڻ، ۽ گال تي حملا ڪري هڪ قابل ۽ وفادار لشڪر حاصل ڪرڻ سان، سيزر پنهنجين تجويزن کي اڳتي وڌايو. پنهنجي پروڪائونسل هجڻ جي حيثيت ۾، هن روم جون حدون رائين نديءَ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين وڌايون. گال قوم سخت مقابلو ڪيو.سيزر پنهنجي فوجي تاريخ ”گال قوم سان لڙائيءَ جو بيان“ ۾ بربري گال قوم جي روم جي صوبي تي حملن ۽ ڪيترين جنگين جو تمام سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.

ٻئي طرف جرمن حملي ڪندڙ لشڪر کي رائين نديءَ ڏانهن پٺتي هٽائي، سيزر نئين ملڪ جون حدون قائم ڪيون، ۽ ٻه دفعا ان نديءَ جي پار پنهنجي لشڪر کي جرمنيءَ جي جهنگلن ۾ وٺي ويو. برطانيه تي ٻه ڪاهون ڪري، انهيءَ اتر واري ٻيٽ جي بهادر رهاڪن جي دلين ۾ روم جي نالي جو ڌاڪو وجهي ڇڏيائين.

سيزر ۽ پامپي جي وچ ۾ خانه جنگي (49 - 46 ق.م):

جڏهن سيزر جي نائب صلاحڪاريءَ جي عهدي جو مدو ختم ٿيو، تڏهن پامپي جي طرفدارن چالاڪيءَ سان کانئس سياسي طاقت کسڻ جي ڪوشش ڪئي. سيزر کين انهيءَ چالاڪيءَ جو جواب اهو ڏنو جو يڪدم روبيڪان (Rubicon) جي ننڍي نديءَ، جا گال ۽ اٽليءَ جي وچ ۾ هئي، سا پار ٽپي ويو. هينئر تاريخ جي هڪ وڏي خانه جنگيءَ جو اعلان ڪيو ويو، جا سيزر جي هوشياريءَ ڪري ٻيڻي مشهور آهي. هن جا دشمن کانئس دولت ۾، ملڪ ۾، لشڪر ۾ ۽ جهازن ۾ بهتر هئا، پر هن عظيم مهندار جي هڪٻئي پٺيان حملن جي اڳيان سندن مقابلو اجايو ويو. پامپي، سينيٽ ۽ امير اوچتو ائڊرياٽڪ سمنڊ پار ڪري يونان ڏانهن ڀڄي ويا. ٿورن مهينن اندر سڄي اٽليءَ سيزر جي حڪمراني خوشيءَ سان قبول ڪئي. هيءُ جلد ئي وري اسپين ويو، ۽ اُتي وڃي پامپي جي لشڪر کي ڇڙوڇڙ ڪيائين. انهن مان هڪڙو لشڪر جو منهندار سسليءَ ڀڄي ويو. ٻئي سال، يعني 48 ق.م ۾، سيزر يونان ۾ وڃي پامپي جي لشڪر تي حملو ڪيو، جو هن جي لشڪر کان ٻيڻو هو. فارسالوس (Pharsalus) جي جنگ ۾ پامپي جي قسمت جو فيصلو ٿيو. هو مصر ڀڄي ويو، پر سيزر چڱيءَ طرح هن جي پٺيان پيو. اسڪندريا وٽ پامپي جيئن خشڪيءَ تي لهڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن کيس قتل ڪيو ويو. تڏهن به، سيزر جو ڪم اڃا ختم نه ٿيو. اسڪندريا ۾ هن وڃي هڪ خطرناڪ بغاوت کي دٻايو. ايشيا ڪوچڪ ۾ هن هڪ باغي بادشاهه تي هلان ڪئي، ۽ آخرڪار پامپي جي لشڪر کي آفريڪا ۾ صفا نابود ڪري ڇڏيو. هينئر هو پنهنجي فتح جي ذريعي سڄي ڀونوچ سمنڊ کي گهيري ويو.

قيصريت يا سيزريت جو قائم ٿيڻ:

سيزر جلد ئي سڀ شهري ۽ فوجي مـُـک عهدا پنهنجي هٿ ۾ رکيا. هو صلاحڪار به هو ته محتسب به، فيصلا ڪندڙ به هو ته ڊڪٽيٽر به. نالي ۾ ته جمهوري جوڙجڪ اڳي وانگر ئي رهي، پر حقيقت ۾ سيزر هڪ مطلق العنان (ڊڪٽيٽر) بادشاهه هو، ڇو ته حڪومت جي سڄي سرشتي تي سندس قبضو هو. ان وقت کان وٺي هڪ خودمختيار شخصي بادشاهت،جا جمهوريت جي ظاهري نموني ۾ عمل پيرا هجي، ان کي قيصريت يا سيزريت سڏيو وڃي ٿو.

سيزر جا سڌارا:

سيزر پنهنجن سڌارن ۾ پنهنجيءَ عظمت جو ثبوت مهنداريءَ کان وڌيڪ ڏنو. هن زمين تان ٽيڪس لاهي ڇڏي، ۽ صوبن تي سڌيءَ طرح ٽيڪس مڙهي. صوبائي گورنر، جيڪي ماڻهن کي پيڙهيندا هئا، تنهن رسم کي ٻـُـنجو ڏنائين. نوآبادي وارن روم کي خطرناڪ عوام ’پرولتارين‘(Proletarian = غريب ماڻهن جو انبوهه) کان ڇوٽڪارو ڏنو، ۽ صوبن ۾ روم جي اثر کي جلد وڌايو. انهن سڀني ۽ ٻين ڪيترن سڌارن، روم جي شهنشاهت ۾، صلح ۽ آسودگي جو نئون زمانو آندو. جنهن ڪم جي سيزر ابتدا ڪئي هئي، ان ڪم جي کانئس پوءِ سندس گود ۾ ورتل پٽ، آڪٽي ويئن (Octavian)، جو روم جو پهريون شهنشاهه مقرر ٿيو، تنهن جاري رکيو.

سيزر جو موت:

مارڪس بروٽس

سيزر جي يادگار تصوير

روم ۾ ڪجهه گمراهه ماڻهن جوهڪ ننڍو مجموعو هو، جن اڃا تائين جمهوريت کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن اڳواڻ مارڪس برُوٽـَـس (Marcus Brutus) هو، جو خانگي زندگيءَ ۾ سيزر جو دوست هو، پر سياست ۾ سندس ڳجهو دشمن هو. بروٽس جو پڪو عقيدو هو ته جمهوريت ۽ ان سان گڏ آزاديءَ کي وري نئين زندگي ڏيئي سگهجي ٿو. هو اها ڳالهه نه پئي سمجهي سگهيو، ته جنهن وقت روم  وارن پنهنجا قديم شهري گـُـڻ وڃايا هئا، ان وقت سندن آزادي پڻ ويندي رهي. خود غرض امير ۽ بداخلاق عوام، جي پاڻ تي ئي هينئر وڌيڪ حڪومت ڪرڻ جي لائق نه هئا، ته وري دنيا تي ڪيئن حڪومت ڪندا؟ سيزر جي شخصي حڪمراني، جمهوريت پسند گروهه جي ناراضگيءَ جو سبب بڻي. هنن کي شڪ پيو ته سيزر بادشاهي تاج جي پٺيان آهي. نيٺ 15 مارچ 44 ق.م ۾، سينيٽ جي اجلاس هلندي، کيس قتل ڪيو ويو.

سيزر جو ڪردار:

تاريخ نويسن ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ”اعظم“ جو لقب ايترا دفعا نه ڏنو آهي، جيترو سيزر کي. يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته ڪنهن به انساني تاريخ جي واقعن تي ايترو اڻمٽجندڙ اثر نه ڇڏيو آهي، جيترو هن. سندس ڪارنامن سڄيءَ مغربي دنيا جو حـُـليو ئي ڦيرائي ڇڏيو.جنهن وقت ملڪ ۾ هـُـل فساد ٿيڻ جو انديشو هو، ته هن امن امان آندو. سياستدان جي حيثيت ۾ هي ڪنهن کان گهٽ نه آهي. فوجي مهنداريءَ ۾ هيءُ سڪندر ۽ هنيبال جو مـَـٽُ آهي. تقرير جي فصاحت ۾ هيءُ سـِـسيرو سان ڪلهو هڻي ٿو. لاطيني نثر لکڻ ۾ به اڄ ڏينهن تائين کيس مغرب جا شاگرد پيا ساراهين. هن دنيا ۾ شاندار ترين حڪومت قائم ڪئي، يعني مغرب جي سڄي تمدني حصي تي روم جي فياض شهنشاهت جو نظريو سندس نالي پٺيان ٿو سڏجي. هيءُ پهريون اِمپراٽور (Emperor = Imperator) هو،جنهن کي جرمن ۾ ”قيزر“ (Kaiser) يا ”قيصر“ چئجي ٿو، ۽ روسي ٻوليءَ ۾ ”زار“ (Czar). هي ٻئي لفظ سيزر جي نالي مان نڪتل آهن.(1)

(1) اٽليءَ ۽ مغرب ۾ ’سيزر‘ Caeser اُچار ’ڪائيزر‘ (Kaesar) ٿي ويو، ته مشرق ۾ وري سندس نالو ’قيصر‘ Kaiser ٿي ويو. (مترجم)

ٻي ٽـِـه - ياري:

سيزر جي موت جو پهريون نتيجو اهو نڪتو، جو گهرو ويڙهه وري شروع ٿي ويئي. انهيءَ ڪشمڪش ۾ سيزر جو گود ۾ ورتل پـُـٽ، نوجوان آڪٽي ويئن، سڀني کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيو. سن 43 ق.م. ۾ هن سيزر جي ٻن پراڻن دوستن، مارڪـُـس ائنٽونيوس (Marcus Antonios) ۽ ليپيڊيوس (Lepidues) ، سان گڏجي ٻي ٽه - ياري ٺاهي. هنن ايئن ظاهر ڪيو، ته سندن مقصد ملڪ کي وري منظم ڪرڻ هو، پر سندن اصلي غرض طاقت کي پاڻ ۾ ورهائڻ هو. لئپيڊيوس، جو هڪ غريب ماڻهو هو، ان کي جلد ئي پاسيرو ڪيو ويو. ائنٽني ۽ آڪٽي ويئن جي وچ ۾ رقابت شروع ٿي، جنهن ڪري آڪٽي ويئن اٽليءَ ۽ مغرب جي لشڪر جو مهندار بنيو، ۽ ائنٽني مشرقي لشڪر جو. هن رقابت جلد ئي لڙائي جي صورت اختيار ڪئي.

مصر جي راڻي قلوپطرا

ائڪٽـِـئم (Acteium) جي لڙائي: (31 ق.م)

ائنٽني، مصر جي خوبصورت راڻي قلوپطرا (Cleopatra)  جي محبت ۾ ڦاسي پيو هو. هوءَ جهڙي هئي سهڻي، تهڙي هئي حيله ساز. پنهنجي ڄار ۾ ڦاٿل عاشق ائنٽنيءَ سان جيئن وڻيس ٿي، تيئن ٿي ڪيائين. روم  ۾ هـُـلي ويو ته ائنٽنيءَ اسڪندريه کي روم  جي شهنشاهت جي گاديءَ جو هنڌ ڪرڻ ٿي چاهيو، ۽ قلوپطرا کي پنهنجي راڻي. انهن افواهن جي ڪري ماڻهن ۽ لشڪر ۾ ائنٽنيءَ جي مقبوليت گهٽجي ويئي ۽ آڪٽيوئن جي طرفداريءَ زور ورتو. 31 ق.م ۾ ’آڪٽيوّئن‘ جي بحري لڙائيءَ ۾ ان جو فيصلو ٿيو. فوج وچ جنگ ۾ پٺتي موٽي وئي ۽ ائنٽنيءَ جي بدنفسيءَ کيس مجبور ڪيو ته پنهنجو جهاز هن جي جهاز پٺيان ڦيرائي. آخرڪار آڪٽيوئن جي فتح ٿي ۽ هـُـو رومي شهنشاهيت جو وارث بڻيو. ائنٽنيءَ اسڪندريه ۾ خودڪـُـشي ڪئي، قلوپطرا جڏهن ڏٺو ته پنهنجي خوبصورتيءَ ۽ مهانڊي سان هوءَ آڪٽي ويئن جي دل هٿ نه ڪري سگهي، تڏهن هن به پاڻ کي نانگ هٿان ڏنگ هڻائي ماري ڇڏيو.

ٽرئگن جي جانشين، هـَـيڊريـَـن (Hadrian) ، انهن سڀني اوڀر وارن ملڪن تان هٿ کڻي ڇڏيو ۽ فرات کي روم جي حد بنائي، ڇو جو اها بچاءَ جي هڪ مضبوط سرحد هئي. هئڊرين صلح پسند هو ۽ ملڪي انتظامن ۾ ڀڙ هو. هن پنهنجي حڪومت جو گهڻو حصو شهنشاهت جي صوبن جي نظرداري ڪرڻ ۽ کين منظم ڪرڻ ۾ گذاريو.

هن کان پوءِ ايندڙ شهنشاهه، اَنٽونـِـينـُـس پـِـيئـَـس (Antoninus Pius)، بابت گهڻي چوڻ جي ضرورت ناهي، سواءِ سندس بهترين تعريف جي ته سندس حڪومت جو زمانو رعيت لاءِ صلح سانت ۽ خوشيءَ جو زمانو هو. مارڪـُـس آريليوُس (Marcus Aureluis)، جو روم جي نيڪ شهنشاهن مان پويون شهنشاهه هو، سو حڪيم’زينو‘ جي تعليم ’اِسٽائڪ‘ (Stoic) مت وارو فيلسوف هو. ’اِسٽائڪ‘ تعليم وارن جوعقيدو هو ته نيڪ ماڻهو اهو آهي جيڪو هوس کان آزاد آهي، رحمدل آهي، ۽ فرض شناس آهي. هن عقيدي تي مارڪس آريليوس هڪ حڪمران جي حيثيت ۾ عمل ڪيو. جيتوڻيڪ هن اورچائيءَ سان پنهنجي رعيت جي ڀلي لاءِ گهڻي تڪليف کاڌي، تڏهن به هن کي هڪ ڏک ڏسڻو پيو، جو سندس رعيت ۾ پليگ جو موتمار مرض اچي پکڙيو. پارٿيا وارن سان جنگ تان موٽندڙ لشڪر هيءُ مرض پاڻ سان اٽليءَ ۾ آندو، جتي ضلعن جا ضلعا هن مرض سببان جلد ئي ماڻهن کان خالي ٿي ويا. ساڳئي وقت جرمن لوڪ، ڊئنيوب نديءَ، وارا بچاءَ ٽوڙي اڳتي وڌي آيا ۽ اُتر اٽليءَ ۾ ڦـُـر شروع ڪيائون. هن فيلسوف بادشاهه پنهنجي حڪومت جا آخري سال بربرين جي خلاف جنگ ۾ گذاريا ۽ پنهنجي قوم کي حملي جي خطرن بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ڊئنيوب نديءَ وٽ، فوجي ڪئمپ ۾ گذاري ويو.

زوال واري صدي  (180ع - 184ع):

وبا جي برباديءَ ڪري ۽ سرحدي جنگ تي پئسي وڃائڻ سبب شهنشاهت جا خزانا کـُـٽي ويا. خود مارڪس آريلـُـيوس جي نيڪ حڪومت  به زواليت جي ايندڙ طوفان کي روڪي نه سگهي. اُتر ۾ جرمن قوم جي مستقبل خطري ۽ اوڀر ۾ پارٿيا وارن ڊپ، روم  جي شهنشاهن کي مجبور ڪيو، ته اُهي سدائين هڪ وڏو لشڪر هميشـہ تيار رکن. اڳتي هلي اهو وڏي لشڪر وارا آهستي آهستي ضابطي کان نڪري ويا ۽ آخر ۾ پنهنجي هڪ مقبول ماڻهوءَ کي شهنشاهه چونڊيائون. اڪثر لشڪر وارا مختلف صوبن ۾ پنهنجا مختلف اِپراٽو چونڊيندا هئا، ۽ ان کان پوءِ بربرين جي ڌمڪين سان گڏ، گهرو ويڙهه جا خطرا شروع ٿي ويا. شهنشاهت پرزا پرزا ٿيڻ تي هئي پر آريليئن شهنشاهه (Aurelian  270ع - 275ع) ۽ سندس جانشينن لشڪر ۾ وري ضابطو آڻي ملڪ ۾ ٻيهر صلح سانت آندي.

ڊيئو ڪليٽيئن (Diocletian) حڪومت (484ع - 305ع):

ڊيئوڪليٽيئن شهنشاهه جمهوريت جا اُهي آخري ظاهري نمونا به ختم ڪري ڇڏيا، جيڪي آگسٽس جي زماني کان هن وقت تائين هلندا پئي آيا. هن هڪ مشرقي بادشاهه وانگر ايشيا ڪوچڪ ۾ نڪوميڊيا (Nicomedia) جي علائقي وٽ، هڪ درٻارقائم ڪئي. حڪومت کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ واسطي هن شهنشاهت کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو، جن مان هر هڪ پنهنجو جدا حڪمران هو. هن جا ٽي شريڪ زبردست حڪمران هئا. هن سرشتي جي ڪري حڪومت ۾ نئين زندگي ۽ اثر پيدا ٿيو، پر چارجدا جدا دربارون شهنشاهت لاءِ هڪ ڳرو مالي ٻوجهه هيون.

قسطنطين (Constantine) اعظم جي حڪومت (323ع - 337ع):

قسطنطين اعظم

ڊيئوڪليٽيئن جي وفات کان پوءِ، سندس چئن حڪمرانن واري سرشتي جي ڪري شهنشاهن ۾ رقابت ۽ گهرو ويڙهه پيدا ٿي پئي. ڪجهه سالن جي ڪشمڪش کان پوءِ قسطنطين اعظم پنهنجن ٻين مقابلي ڪندڙن تي فتح پاتي. هن اڪيلي سر حڪومت هلائي، پر تنهن هوندي به ڊيئو ڪليٽيئن جي سڌارن کي قائم رکيو ۽ مڪمل ڪيو. شهنشاهت کي وري سورهن صوبن ۾ ورهايو ويو. انهن صوبن جا سڀ عهديدار شهنشاهه مقرر ڪندو هو ۽ اهي ڏانهس جوابدار هوندا هئا. کين اهي عهدا قانون ۾ امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ملندا هئا ۽ ان کان پوءِ باقاعدي سندن عهدي جي ترقي ٿيندي هئي. قسطنطين مسيحيت کي مـُـلڪي مذهب بنايو، پر غير مسيحي فرقن وارن کي به نه ڏکويو.(1) هن بزنطين (Byzantine) کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ چونڊيو ۽ ان کي ”قسطنطنيه“ (Constantinpole)، يعني قسطنطين جو شهر، جو نئون نالو ڏنو.(2) اهڙي طرح روم  جي حيثيت سلطنت جي فقط هڪ وڏي صوبائي شهر جي ٿي وئي.

شهنشاهت جي تقسيم (395ع):

ڊيئوڪليٽيئن جي حڪومت جي زماني کان وٺي مشرق ۽ مغرب، انتظامي طرح الڳ الڳ هئا. شهنشاهن انهن ٻن خـِـطن جي وچ ۾ فطرتي تفاوتن جو اعتراف ڪيو هو. هيڊرياٽڪ سمنڊ جي وچ وارو ملڪ يوناني ۽ مشرقي دنيا هو، جنهن ۾ سڀئي قديم  مهذب ملڪ اچي ٿي ويا، ۽ جنهن ۾ يوناني ٻولي ۽ تمدن رائج هئا. انهن جي مقابلي ۾ لاطيني مغرب وارا ملڪ اڻ گهڙيل ۽ نيم وحشي هئا. مغرب ۾ اٽلي، گال، اسپين ۽ برطانيا جا ملڪ اچي ٿي ويا. هي اهي ملڪ هئا، جن کي سندن ٻولي ۽ تمدن روم  کان مليا هئا. هيءُ فطرتي ورهاڱو ٿيئو ڊوسـِـس (Theodosius) جي حڪومت کان پوءِ هميشـہ لاءِ پڪو ٿي ويو. هن پنهنجي وڏي پٽ آرڪيڊيوس (Arcadius) کي مشرق سپرد ڪيو ۽ پنهنجي ٻئي پٽ آنريوس (Honorius) کي مغرب جي حڪومت سونپي.

مغربي شهنشاهت جي بربادي (476ع):

(1) قسطنطين مسيحيت کي ملڪي مذهب مقرر ڪيو: اهو چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو، ته شهنشاهه قسطنطين مسيحيت کي انهن مذهبن مان هڪ ڪري مڃيو، جي حڪومت قانوني ڪري مڃيا هئا. مسيحيت کي ان جي غير مسيحي مقابلي ڪندڙ مذهبن سان برابريءَ ۾ رکيو ويو. هيءَ ڳالهه 313 عيسويءَ ۾ ٿي. اٽڪل 80 سال پوءِ 392 عيسويءَ ۾ شهنشاهه ٿيوسوڊس پهرئين مسيحيت کي اڪيلو ملڪي مذهب قرار ڏنو ۽ غير مسيحي مذهبن کي غير قانوني قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو. (انگريزي ايڊيٽر)

(2) قسطنطنيه: هن شهر کي سندس ٻئي نمبر باني ۽ روم جي شهنشاهه قسطنطين جي نالي پٺيان ڪوٺيو ويندو هو. شهنشاهه جيڪو هن شهر کي نالو ڏنو سو اصل ۾ هو نوواروما (Novaroma) يعني نئون روم، پر اهو نالو گهڻو وقت هلي ۽ عام نه ٿي سگهيو. (انگريزي ايڊيٽر)

مشرقي شهنشاهت تي جرمن قوم ايترا حملا نه ٿي ڪري سگهي، جيترا اٽليءَ ۽ مغرب تي. بازنطيني يا يوناني شهنشاهت جي نالي سان هن شهنشاهت هزار سال وڌيڪ جٽاءُ ڪيو، تان جو 1453 ۾ ترڪن اچي قسطنطنيه کي فتح ڪيو.

مغربي شهنشاهت ۾ آنوريس ۽ سندس جانشينن رڳو نالي ماتر حڪومت ڪئي. شهنشاهت جي اڪثر حصن تي جرمن لوڪن پنهنجا حملا روز بروز وڌندڙ شدت سان جاري رکيا، تان جو سڄي مغرب تي ڇانئجي ويا. سن 476ع ۾ روم جو پويون شهنشاهه، جو پاڻ کي رومولـُـس آگسٽولس (Romolius Augustulos) سڏائيندو هو، تنهن کي جرمن مهندار، اوڊوآڪر (Odoacer) تخت تان لاهي، پاڻ کي اٽليءَ جو حڪمران بنايو.

 

رومي قانون جو بنياد رکندڙ جسٽينين پنهنجي ساٿين سان.


 

 

باب پندرهون

روم  جي تاريخ جا ڪي اهم موضوع

]هن باب جو مقصد اهو آهي، ته پڙهندڙن اڳيان ڪجهه اهي اهم موضوع پيش ڪيا وڃن، جي اڳئين باب ۾ روم  جي مختصر تاريخ ۾ شامل نه ٿي سگهيا. [

روم  جو قانون:

روم  وارن جو مغربي تمدن ۾ وڌيڪ قيمتي حصو سندن قانوني سرشتو آهي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، لکيل قاعدو ٻارهن پـَـٽين سان شروع ٿيو، جنهن کي ڏهن ماڻهن جي جماعت 451 ق.م ۾ ٺاهيو هو. هن مقرر ڪيل بنياد تي هڪ وسيع قانوني سرشتو آهستي آهستي ٺاهيو ويو، جنهن کي ”روم  جو شهري قانون“ (Roman  Civil Law) چئجي ٿو. جمهوريت جي پهرئين زماني ۾ شهري قانون تي صوبن جي قانوني سرشتن جو تمام گهڻو اثر رهيو. شهنشاهت اندر ’رومن شهري قانون‘ ۽ روم جي شهنشاهت ۾ جيڪي لاڳو قاعدا هئا، انهن مان بهترين چونڊي، گڏي هڪ سرشتو ٺاهيو ويو. مغربي شهنشاهت جي زوال کان اڌ صدي پوءِ بزنطين شهنشاهه، جسٽينين (Justinian 527ع کان 565ع)، قانوندانن جي هڪ ڪميشن مقرر ڪئي، جنهن ّجو صدر مشهور قانوندان  ٽريبونـِـيـَـن  (Trabonian)، هو. هيءَ ڪميشن ان لاءِ مقرر ڪئي ويئي، ته ان وقت جي قاعدن جي مجموعي کي منظم ڪري هڪ مستقل قانون بنائي. سندن ڪوششن جو نتيجو ”ڪارپس جورس سوِلـِـس“  (Corpus Juris Civilis) ، يا ’شهري قانون جو جسم يا مجموعو‘، جي نالي سان مشهور آهي. هن قانون جي ڪري جسٽينين کي ’تمدن جو قانون ڏيندڙ‘ جو لقب ڏنو ويو آهي. يورپ جي تقريباً سڀني حصن ۾ اڃا تائين خانگي قانون ’ڪارَپس جـُـورس سـِـولس‘ تي مبني آهي.

روم  جا رستا ۽ ڪالونيون:

روم  وارن رستن ٺاهڻ جي فن کي ڪمال تي پهچايو. اٽليءَ ۽ خود انگلينڊ ۾ بهترين شاهراهه قديم روم  وارن رستن مٿان ٺهيل آهن. روم  وارن جڏهن نوان ملڪ فتح ڪيا، تڏهن هميشـہ اها خبرداري ڪيائون، ته گاديءَ جي هنڌ کي مفتوح ملڪن سان هڪ اهڙي سنئين رستي ذريعي ڳنڍجي جنهن تي لشڪر جلدي اڳتي وڌي سگهي. بيشڪ، واپار کي پڻ انهن سلامتيءَ وارن رستن جي کـُـلڻ ڪري فائدو پيو.

نين فتحن ڪرڻ جو ٻيو طريقو اهو هو ته مستقل فوجي ڇانوڻيون قائم ڪجن، يا ڪالونين ۾ پراڻا تجربيڪار لشڪر وارا ۽ ضرورتمند شهري آباد ڪجن. اهي ڪالونيون فوجي ۽ واپاري لحاظ کان اهم شهرن ۾ قائم ڪيون ويون، انهن مان ڪيتريون ڪالونيون اڄ تائين به وڏا شهر آهن، مثلاً: رائين نديءَ تي ’ڪولون‘ جو شهر، جو جرمنيءَ وارن جي خلاف روم  وارن جي سرحدي پٽيءَ طور قائم  ٿيو، جنهن کي ان وقت ڪولونيا ائگريپينا، (Colonia Agrippina) ڪري ڪوٺيندا هئا.

رومن سپاهي

رومي علم و ادب، فن ۽ اڏاوت:

روم  وارن جي بلند تهذيب اڪثر ٻين قومن جي عظيم ورثن مان ورتل هئي ۽ انهيءَ کي پنهنجي نموني ۾ ٺاهيو هئائون. هيءَ تهذيب اڪثر يونان کان ورتل هئي. جيتوڻيڪ روم  جي علم و ادب گهڻائي مشهور ڪتاب ڏنا، پر انهن مان ڪي ٿورا آهن جي يوناني ڪتابن، جن جو هنن تتبع ڪيو، سان مقابلو ڪري سگهندا. ساڳي ڳالهه روم  وارن جي مجسمي سازيءَ لاءِ چئي سگهجي ٿي. اڏاوتي فن ۾ يونانين جي انهيءَ فن کي چڱيءَ طرح نقل ڪيو ويندو هو، پر هن ۾ به روم  وارن کي پنهنجو مختلف نمونو هو، جنهن ۾ ايٽروسڪن ۽ يوناني جزن کي ملائي ۽ ترقي ڏيئي، پنهنجين مخصوص ضرورتن پٽاندر ٺاهيو هئائون. سرڪاري عمارتون پنهنجي سونهن ۽ مضبوطيءَ ڪري مشهور هيون. جيتوڻيڪ اڳينءَ شهنشاهت جي زمين تي ڪيتريون ئي تباهي ڪندڙ لڙايون لڳيون، تنهن هوندي به اڄ ڏينهن تائين اٽليءَ، فرانس، ۽ ٻين هنڌن تي روم  وارن جون جايون مضبوط بيٺيون آهن. روز وهنجڻ جي رسم ڪري انهن ڪيترا عوامي غلسخانا ٺهرايا ۽ وڏا واهه کوٽايا، اُتي هٿرادو نهرون هيون، جي پرانهن جبلن مان روم  ۾ صاف پاڻي کڻي اينديون هيون. سڀني کان وڌيڪ خوبصورت روم  جي تماشگاهن (Amphitheatres) جا کنڊرات آهن، جي اڃا تائين فرانس ۽ اٽليءَ ۾ قائم آهن. هي راندين جا تماشگاهه هڪ اندروني گول يا بيضوي ميدان جا ٺهيل هئا، جن کي ’آرينا‘ (Arena) يا آکاڙو چئبو هو، ۽ انهن ۾ چوڌاري پاسن کان هيٺان کان مٿي تائين ويهڪون هونديون هيون. اهڙي قسم جو بهترين تماشگاهه، ’فـِـليوين‘  (Flavian) تماشگاهه (يونانــي لـــفــظ ’amphi’ جي

روم جي هڪ تماشگاهه جا کنڊرات

معنيٰ آهي، چوڌاري) يا ’ڪــلوسيم‘ (Colosseum) هو، جو روم  ۾ آهي. اهو تماشگاهه فليوين شهنشاهن، ويسپاسـَـين (Vespasian) ، ٽائيٽس (Titus) ۽ ڊوميٽيئن (Domitian) ٺهرايو هو. سندس بينچن تان پنجاسي هزار تماشبين رانديون ڏسي ٿي سگهيا. هن شهنشاهي شهر ۾ سندس کنڊرات اڃا تائين پـُـر اثر ۽ منظم آهن.

تماشگاهه جا تماشا:

روم  جي تاريخ جو مختصر احوال اڌورو رهجي ويندو، جي ائمفي ٿيئٽر جي تماشن جو ذڪر نه ڪبو. روم  وارن ايٽروسڪن کان هيءَ رسم سکي ته جنگ جي قيدي لشڪرين کي جنازن جي رسم تي پاڻ ۾ ويڙهائجي، جيستائين هو خود مري وڃن. سندن عقيدو هو ته مئلن کي عزت ڏيڻ لاءِ هيءُ قرباني ڪرڻ جو هڪ عزت پرايو طريقو هو. بعد ۾ جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن اهي ويڙهيون عوام جي لاءِ تفريح جو سبب ٿي ويون. پوئين زماني جي جمهوريت ۾ خاص عهديدار انهن ”گليڊئيٽوريل“ (gladiatorial) راندين (gladi = تلوار) جو انتظام ڪندا هئا. انهن راندين جو گهڻو عدد ڏيکاري ٿو ته شهنشاهت جي قائم ٿيڻ کان اڳ اها راند ڪيترو نه وڌي ويئي هئي. رومي شهنشاهن جي حڪومت ۾ اهي رانديون عوام جي اهم تفريح ٿي پيون. هرهڪ اهم شهر کي پنهنجو ’ائمفي ٿيئٽر‘ يا تماشگاهه هو. انهن شهر ۾ مرد، زالون ۽ ٻار پنهنجا گهر ڇڏي اُتي اچي ويهندا هئا ۽ انهيءَ نظاري مان لطف حاصل ڪندا هئا ته ڪيئن ماهر ويڙهن کي، کانئن وڌيڪ ويڙهه جو فن ڄاڻندڙ مقابلي وارا قتل ڪن ٿا. انهن راندين سان گڏ، وحشي جانورن جي ويڙهه جا تماشا پڻ ڪيا ويندا هئا. چيتا، رڇ، شينهن ۽ ٻيا وحشي جانور آکاڙي ۾ ڇڏيا ويندا هئا ته هڪٻئي سان وڃي وڙهن، يا ڏوهارين کي وڃي کائين.

رومي شهنشاهت ذريعي تمدن پيدا ڪرڻ:

جيڪڏهن ڪو شخص روم  جي تاريخ جو تڪڙو مطالعو ڪندو، ته روم  جيڪو دنيا کي سڌارڻ جو ڪم ڪيو آهي، پڙهندڙ کي نظرئي نه ايندو. جمهوريت وارو زمانو لڙائين، وڏن واپاري شهرن جي نابوديءَ ۽ حرصي گورنرن جي صوبن ۾ ڦـُـر مار واري تذڪرن سان ڀريل آهي. شهنشاهت جي تاريخ ۾ اسان کي رعيت تي ظلم ڪندڙ اهڙا ظالم حيوان نظر اچن ٿا، جهڙا نيرو ۽ ڊوميٽيئن. خود ’پنجن نيڪ شهنشاهن‘ واري زماني ۾ هڪ ختم نه ٿيندڙ  زوال شروع ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ هڪ سؤ سالن تائين تخت لاءِ مقابلي ڪندڙ دعويدارن جي وچ ۾ مسلسل لڙائي نظر اچي ٿي. انهيءَ صورتحال ۾ ماڻهو سولائيءَ سان انهيءَ خيال هيٺ رهي سگهي ٿو ته روم  وارن جي حڪومت ظالم ۽ نقصانڪار هئي.

حقيقت به اها آهي ته هنن جيڪي ڪم صلح لاءِ ڪيا، سي سندن بڇڙاين کان وڌيڪ هئا. جمهوريت جي شروع ۾ صوبن تي ايمانداريءَ سان حڪومت ڪيائون، پر جڏهن کان سينيٽ جي حڪومت ختم ٿي، تڏهن کان ماڻهن کي پيڙهڻ شروع ڪيائون. سيزر ۽ آگسٽس جي سڌارن صوبن کي عدل ۽ قابليت واري حڪومت ڏني. انهن مان اڪثر ملڪن جي تاريخ ۾، ڪنهن به اڳئين زماني ۾، انساني زندگي ۽ ملڪيت وڌيڪ سلامت نه هئا، جهڙا روم  جي حڪومت اندر، جنهن ۾  شخصي ڀلائي عام هئي، عدل ۽ انصاف وڌيڪ هو. رومي شهنشاهت جي ماتحت ايشيا واري حصي ۾، ظالم بادشاهن جي پنهنجي روءِ سوءِ حڪومت هلائڻ جي دور کان پوءِ جيڪي گورنر آيا، تن انتظام بي ريائيءَ سان هلايو. انهن گورنرن تي روم  جي شهنشاهه جي ڪرڙي نظر هوندي هئي. سندن دور ۾  يوناني شهرن ۾ باهمي جهڳڙن، گال ۽ اسپين وارين قومن ۽ سندن قبيلن جي لڙاين، جرمن ۽ پارٿين قومن جو حملن کي مضبوطيءَ سان روڪيو ويو. شهنشاهت جي اندر سڀني ملڪن روم  جي صلح جو زمانو ماڻيو. جڏهن بهتر شهنشاهن جا انتظامي طريقا باقاعديءَ سان عمل ۾ اچڻ لڳا، تڏهن صوبن وارن ٿيبريوس ۽ ڊوميٽيئن جهڙن ماڻهن جي ظالماڻي حڪومت کي ايترو محسوس نه ڪيو. توڙي جو انهن بد دماغ شهنشاهن جي ريچڪن جي ڪري، روم  ۽ شهنشاهي درٻار به گهڻو سـَـٺو.

اهڙي هئي روم  جي فياض شهنشاهت، جنهن جو سڄيءَ سڌريل مغربي دنيا تي قبضو هو، اها شهنشاهت جنهن جو بنياد سيزر وڌو هو، ۽ جنهن کي آڪٽي ويئن اچي مڪمل ڪيو. بعد ۾ مارڪس رليئسر جي موت تائين، بنا ڪنهن اَٽڪ جي، روم  جي صلح سانت واري حڪومت هلندي آئي. وري هڪ صديءَ جي گوڙ شور کان پوءِ ڊيئوڪليٽئن (Diocletian) ۽ قسطنطين جي سڌارن ان شهشاهت ۾ هڪ نئين زندگي ڦوڪي ۽ اندازاً ٻه سؤ سال وڌيڪ سندس وجود قائم رکيو.

هن عظيم حڪومت جو مغربي اڌ، روم  جي رهبريءَ هيٺ بلڪل بدلجي ويو. لاطيني ٻولي ۽ تهذيب اٽلي، گال، اسپين ۽ ٻين ملڪن ۾ پکڙجي ويئي. انهن مان ڪيترن ملڪن ۾، جي ٻوليون اڄڪلهه ڳالهايون وڃن ٿيون، سي لاطينيءَ مان نڪتل آهن. اهي ٻوليون، جي رومنس (Romans) ٻولين جي نالن سان سڏجن ٿيون، تن ۾ اطالوي، فرينچ، اسپيني ۽ پورچوگيزي ٻوليون اچي وڃن ٿيون.

سينٽ پيٽر (پوپ)

مسيحيت جو اُسرڻ:

نيرو جي حڪومت ۾ عيسائين تي جيڪي ظلم ٿيا، انهيءَ کان اڳ هن فرقي (مذهب) جي تاريخ جي ڪا خبر ڪانهي. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته رڳو عيسائين کي ڇو چونڊيو ويو، ته اُهي عوام جي ڌڪار سهن ۽ حڪومت جي خاص سزا ڀوڳين!؟ انهيءَ جا ٻه سبب هئا، جن جو تعلق سندن عقيدن ۽ سندن نظام سان هو. يهوديت جي پوئواري ڪندي، مسيحيت به خدا کان سواءِ ڪنهن ديوتا کي پوڄڻ جي منع ڪئي. جڏهن ته روم  جي قانون مطابق وري رعيت جي هر هڪ وفادار فرد کي جيوپيٽر (Jupiter) ۽ سيزر جي پوڄا ڪرڻي هئي. بلڪ سيزر اڳيان مذهبي سجدي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ هڪ قسم جي بغاوت هئي. شهنشاهه ٽرئگن حڪم ڪيو ته عيسائين سان، جيتري قدر قانون اجازت ڏئي، اوتريقدر نرميءَ سان هلڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ڏوهي ثابت ٿين ته کين سزا ڏني وڃي. ٽئين صديءَ جي وچ ڌاري مسيحيت سڀني صوبن ۾ ڦهلجي ويئي هئي. مسيحت جو باقاعدي انتظام هو ۽ ان جا عهديدار ديولن جي منبرن تي شهري مئجسٽريٽن وانگر حڪم هلائيندا هئا. هن مان ايئن ٿي ظاهر ٿيو، ته مسيحي مذهب روم جي حڪومت اندر هڪ نئين حڪومت ٺاهڻ ٿي چاهي ۽ هنن مذهب کي انقلابي مذهب ڪري ظاهر ڪيو. شهنشاهه دقيانوس (Decianus) (249 کان 251 م تائين) انهيءَ خيال جو هو ته عوام جي ڀلي جو بنياد، قديم روم  جي ملڪي مذهب تي هو. هن مسيحت جي پيروي ڪندڙن تي ظلم ڪري، هن مذهب جي پاڙن پٽڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي. هن مذهب کي بلڪل ناس ڪرڻ جي پڪي ڪوشش ڊيئوڪليئٽن جي ڏينهن ۾ ٿي، ڪجهه وقت تائين انهن سڀني ماڻهن کي، جي روم  جي ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ کان انڪار ڪندا هئا، تن کي موت جي سزا ڏني ويندي هئي. انهن سڀني رنڊڪن هوندي به نئين مذهب (مسيحت) جي ترقي ٿيندي ويئي. روم  جي عظيم شهنشاهت، جنهن ۾ يوناني ۽ لاطيني عالمي ٻوليون رائج هيون، سي هن عقيدي (مذهب) جي پکڙجڻ لاءِ هڪ پڪو ميدان هيون. بي دينيءَ واري ٻئي بيڪار مذهب، بي اعتقاديءَ ۽ عام بداخلاقيءَ جي ڪري، ماڻهن نئين مذهب ۽ سندس پاڪ تعليمات کي قبول ڪرڻ شروع ڪيو. غلام توڻي ٻيا جيڪي بدبخت انسان هئا، تن خوشيءَ سان انهيءَ پيغام کي ٻڌو جنهن کين بهتر زندگيءَ بابت سيکاريو ٿي ته شاهوڪار ۽ غريب، شهنشاهه ۽ غلام، سڀئي موت کان پوءِ انهيءَ عظيم انصاف ڪندڙ جي اڳيان آسمان ۾ هڪجهڙا ٿي بيهندا ۽ انهن کي دنيا ۾ ڪيل عملن مطابق انصاف پلئه پوندو. مسيحت جي هن تعليم ۾ جمهوري خيالات هئا. اهي، جيئن زمانو گذرندو ويو، ڪيترين صدين کان پوءِ مذهب مان نڪري سياست جي ميدان ۾ اچي ويا.

عيسائي مذهب جي تشڪيل شهنشاهت جي شهري حڪومت جي نموني تي هئي ۽ ان جي وڏن عهديدارن جي هٿ ۾، جن کي پطريق (Patriarch) ڪوٺبو هو، سڀ کان وڌيڪ طاقت هئي. جڏهن شهنشاهه قسطنطين مسيحت کي ملڪي مذهب قرار ڏنو، تنهن کان پوءِ قسطنطنيه جي پطريق کي مشرق ۾ مسيحت جو اڳواڻ سمجهيو ويو. مغرب ۾ وري روم  جي پادرين (Bishops) وڏو اثر رسوخ حاصل ڪيو. وڳوڙ واري وقت ۾، يعني رومولس آگسٽوُلس (Romulus Augustulus) کي تخت تان لاهڻ کان اڳ ۽ پوءِ، روم  جو ڪوبه بچاءُ ڪرڻ وارو ڪونه هو ۽ نه ئي ڪا باقاعدي حڪومت هئي. اهڙن وقتن ۾ ماڻهو بشپ يا پادريءَ مان سياسي توڻي مذهبي ڳالهين ۾ رهبري وٺندا هئا، ڇو ته جڏهن ٻيا حاڪم هٽي ويندا هئا تڏهن به هي پنهنجيءَ جاءِ تي قائم رهندا هئا. مغربي دنيا روم  جي حڪمن قبول ڪرڻ تي ايترو هري ويئي جو روم  جا بشپ ٻين ملڪن جي بشپن کان بلند مرتبي جا ليکيا ويندا هئا. انهن ۽ ٻين سببن جي ڪري روم جا بشپ، جن کي پوءِ ’پوپ‘ ڪوٺيو ويو، مغربي دنيا جي مسيحت جا اڳواڻ بنجي ويا.

مسيحت جي ڪري، روم  واري دنيا کي قديم بيديني اعتقادن کان وڌيڪ بلند درجي وارو اخلاق مليو. هن مذهب غلامن سان رحمدليءَ سان هلڻ سيکاريو، غريبن کي خيرات ڏيڻ ۽ خانداني زندگيءَ ۾ پاڪائي رکڻ سيکاري. مسيحي شهنشاهن وحشي کيڏارين (Gladiatorial) جون ويڙهون ممنوع ٺهرائي ڇڏيون، پر مسيحي مذهب هڪڙو خراب اصول يهوديت کان هٿ ڪيو، اهو هو ’مذهبي اڻ برابري‘. قسطنطين اعظم کان اڳ سڀني اعتقادن وارا پنهنجا منبر ۽ پنهنجا مندر ٺاهي ٿي سگهيا، جيستائين هو سياسي طرح خطرناڪ نظر نٿي آيا، يا اخلاقي طرح بـُـرا نه هئا. مسيحت جي فتح اهو افسوسناڪ زمانو آندو جنهن ۾ ملحدن کي، جيڪي مڃيل مذهب يعني مسيحت، کان منهن موڙيندا هئا تن کي باهه ۽ تلوار سان ناس ڪري سندن پاڙ پٽي ويندي هئي. ٻئي ڪنهن به انساني خطا جي ڪري ايترا ڏوهه ڪونه ٿيا جيترا هن مذهبي اڻ برابريءَ جي ڪري! ان پاليسيءَ جي ڪري يورپ ۾ لکين ماڻهو بي انصافيءَ سان چٽ ٿي ويا. هن جديد زماني جي اچڻ تائين يورپ هن غلطيءَ جي چنبي ۾ رهيو. روس ۾ يهودين تي ٿيل تازا ظلم، جن جديد دنيا کي لوڏي ۾ وجهي ڇڏيو، سي در حقيقت اُن پـُـراڻي اڻ برابريءَ جو رهيل اثر آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org