روس تي ڪاهه: (1812ع)
”يورپ جي سرشتي“ جيڪي زار کي تڪليفون ڏنيون،
انهيءَ کانسواءِ کيس نيپولين سان معاهدي ڪرڻ کان
پڇتائڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي سبب پئدا ڪيا هئا.
نيپولين اها اجازت نه ٿي ڏني ته ترڪيءَ کي روس سان
ملايو وڃي. هن اليگزينڊر جي هن ريت بي عزتي ڪئي،
جو هڪ روسي شهزاديءَ جو سڱ گهري ۽ وري يڪدم زار
طرفان جواب ملڻ کان اڳ ئي آسٽريا جي اميرياڻي
ماريا لوئيزا سان شادي ڪيائين.
هن پاڻ کي جوزيفائين کان طلاق ڏياري ۽ آسٽريا جي
شهنشاهه جي ڌيءُ سان شادي ڪيائين. انهيءَ مان کيس
هڪ پـُـٽ ٿيو، جنهن کي ”روم جو بادشاهه“ وارو لقب
مليو.
روس سان وڌندڙ اڻبڻت جي نتيجي ۾ 1812ع واري لڙائي
جو اعلان ٿيو. نيپولين جي هٿ ۾ تقريباً
ساري مغربي يورپ جو سازو سامان هو. هن تقريباً پنج
لک ماڻهن جو لشڪر تيار ڪيو، جنهن جو ٽيون حصو
فرانس مان آيل هو. جون مهيني ۾ هن ”شاهي لشڪر“
نيمين ندي پار ڪري روس تي حملو ڪيو. روسي سپهه
سالارن سياڻپ ڪري هن اجيت جنگي ماهر سان دوبدو
لڙائي ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ حملي آورن جي اڳيان اچڻ
بجاءِ اوڀر ڏانهن پـُـٺتي هٽي ويا ۽ انهيءَ ڪوچ
ڪرڻ دوران ملڪ جي کاڌ خوراڪ جا گودام خالي ڪندا
ويا. ماسڪو کان گهڻو پري نه بوروڊينو وٽ هنن
نيپولين جي پيشقدميءَ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
خطرناڪ لڙائي کانپوءِ کين شڪست آئي پر اهي چڱيءَ
حالت ۾ پٺتي موٽيا.
نيپولين ماسڪو جي قديم گاديءَ جي هنڌ ۾ فاتح جي
حيثيت ۾ داخل ٿيو ۽ اميد رکي ويٺو ته جلدئي
اليگزينڊر کي صلح جي شرطن لاءِ مجبور ڪندو. ماسڪو
جا سڀئي رهاڪو پنهنجا گهر ڇڏي ڀڄي ويا هئا ۽
نيپولين جو شاهي لشڪر ان ويران شهر ۾ اڃا منزل
انداز ئي مس ٿيو هو، جو ڪيترن هنڌن تي باهيون اچي
لڳيون. ٽن ڏينهن کانپوءِ شهر جي ڏهن مان نو حصا
سڙي رک ٿي ويا. ان وقت نيپولين هڪ موتمار غلطي
ڪئي. هـُـو هن برباد ٿيل شهر ۾ پنج هفتا ترسي پيو
۽ هميشـہ ان اميد ۾ هو ته زار صلح لاءِ چوندو، تان
جو 19 آڪٽوبر تي هـُـن فرانس موٽڻ جي حڪم ڏنو.
انهيءَ سال سيارو معمول کان گهڻو اڳ ۾ اچي ويو.
لشڪر کي اچي برف ۽ سخت سرديءَ وڪوڙيو. روسي سپاهي،
جي سرديءَ تي هريل هئا، تن بک ۾ مرندڙن فرينچ لشڪر
جي جـَـٿن کي سڀني طرفن کان اچي هيسايو. نتيجو اهو
ٿيو، ته فرينچ لشڪر جي پٺتي موٽ
(Retreat)
پڻ هڪ بي انتها جنگ ۾ تبديل ٿي وئي. فرينـچ لشڪر
جا ٻه لک پنجاهه هزار ماڻهو قتل ٿي ويا يا بک ۽
سرديءَ ۾ گڱ ٿي مري ويا. ٻئي طرف وري هڪ لک ٽيهه
هزار ماڻهو قيد ٿيا. باقي سترنهن هزار شاهي لشڪر
مان مصيبتن ماريل فرينـچ سپاهي بچيا، جي انهيءَ
يورپ جي تاريخ ۾ وڏي خوفناڪ ترين جنگ مان بچي
نڪتا.
نيپولين جي تخت تان دستبرداري: (1814ع)
پوين ڇهن سالن ۾ پـُـروشيا جي انتظام کي سندس
سڀني شعبن ۾ سڌاريو ويو هو.فرينچ انقلاب جا سماجي
سڌارا مـُـلڪ ۾ آندا ويا ۽ لشڪر کي نيپولين کان
سکيل طريقن تي وري تشڪيل ڏني وئي. نئين سماجي
آزادي ۽ فرينچ آقائن جي حقارت، ٻنهي گڏجي هڪ
گـَـهـَـري جرمن حـُـب الوطني پيدا ڪئي. پـُـروشيا
جي قوم حل ڪڍڻ لاءِ ترسي ويٺي هئي ته ڪيئن سندس
مـُـلڪ مان ظالمن کي هڪالي ڪڍيو وڃي.
جڏهن فرينچ شاهي لشڪر جي تباهيءَ جي خبر جرمني ۾
پئي، تڏهن پـُـروشيا جي بادشاهه کي سندس رعيت
مجبور ڪيو ته نيپولين جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري.
نيپولين وري فرانس ۾ هڪ وڏو لشڪر ڪٺو ڪيو، جو اڪثر
نوجوانن تي مشتمل هو، ڇو ته ملڪ جا مرد اڳ ئي سڄي
يورپ جي جنگين ۾ قربان ٿي چڪا هئا. سيڪسنيءَ ۾
ڪيترين سخت جهڙپن کانپوءِ آسٽريا وارا پڻ نيپولين
جي خلاف اتحادين سان شامل ٿيا. ٽن ڏينهن اندر
لائپزگ شهر جي ڀرپاسي ڪيتريون جنگيون وڙهيون ويون
۽ فرينچن کي وڏي تعداد واري يورپي لشڪر وڪوڙي ختم
ڪيو. اتحادي لشڪرن نيپولين جو رائين نديءَ جي
هـُـن پار به پيڇو ڪيو ۽ ساڳئي وقت تي برطانيا ۽
اسپين جا لشڪر پائرينيز جبل پار ڪري ويا. نيپولين
آخر تائين وڙهڻ لاءِ تيار هو، پر خود هن جي سپهه
سالارن سندس حڪم نه مڃيو. هن کي تخت تان دستبردار
ٿيڻو پيو ۽ ايلبا جي ننڍي ٻيٽ ڏانهن کيس جلدي جلا
وطن ڪري موڪليو ويو. البت اُتي هن کي اجازت ڏني
وئي، ته هو ڪجهه وفادار پوئلڳن جي وچ ۾ ويهي هڪ
ننڍي حڪمران وانگر حڪومت هلائي.
سؤ ڏينهن ۽ واٽرلـُـو: (1815ع)
بوربون شهزادو لوئي ارڙهون، جو اڳئين بادشاهه لوئي
سورهين جو ڀاءُ هو، تنهن کي اتحادين فرانس مٿان
بادشاهه ڪري ويهاريو. هو هڪ موڳو شخص هو، جنهن سان
هيءَ چوڻي نسبت رکي ٿي ته بوربون نه ڪجهه سکندا
آهن ۽ نه ڪجهه وساريندا آهن. بوربون ۽ سندس
درٻارين فرانس کي انقلاب کان اڳ واري حالت ڏانهن
موٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رعيت جلد ئي ناراض ٿي پئي
۽ نيپولين جي دور کي موٽائي آڻڻ لاءِ سـِـڪڻ لڳي.
نيپولين کي فرانس ۾ رعيت جي جذبي جي حالت جي خبر
ڏني وئي. انهيءَ ڪري هڪ رات وجهه وٺي هو ايلبا مان
پنهنجن ڪجهه پوئلڳن سان گڏ ڀڄي نڪتو ۽ فرانس جي
ڏاکڻي ڀاڱي تي اچي لٿو. هر هنڌ سندس اڳيان سپاهي
اچي مليا. هيڏانهن بوربون کي ته ڀڄڻو پيو، پر ٻئي
طرف وري شهنشاهه نيپولين عوام جي آجيان سان پيرس ۾
داخل ٿيو.
اتحادين هڪدم نيپولين کي ”هڪ دشمن ۽ دنيا جي امن ۾
وڳوڙ وجهندڙ“ ڪري مشهور ڪيو. جڏهن يورپي لشڪر
فرانس ڏانهن وڌندا ٿي ويا، تڏهن نيپولين پنهنجي
عادت مطابق طاقت ۽ تيزيءَ سان هڪ نئون لشڪر ڪٺو
ڪيو. هن پهرين پـُـروشيا وارن کي شڪست ڏني ۽ ان
کان پوءِ ڊيوڪ آف ويلنگٽن جي هٿ هيٺ انگريزي لشڪر
تي حملو ڪيائين، جو بـُـروسيلز جي ويجهو ”واٽرلو“
جو مٿانهين هنڌ تي تمام مضبوط پوزيشن تي بيٺو هو.
ٻنهي طرفن جي لشڪر سڄو ڏينهن
اڻ وسهندڙ بهادريءَ سان لڙائي ڪئي. 18 - جون 1815ع
جي شام ڌاري نيپولين سمجهيو، ته هن فتح حاصل ڪئي
هئي، پر پـُـروشيا جي جنرل بلوشر جو لشڪر آخري
لمحي ۾ سندس لشڪر جي ٻانهينءَ تي ظاهر ٿيو. اهڙي
طرح هن فرينچ شهنشاهه جي لشڪر کي بلڪل ختم ڪيو
ويو.
جديد تاريخ ۾ هن سڀ کان وڌيڪ اهم جنگ جي فيصلي ڪرڻ
لاءِ ڪئين حالتون گڏجي پيون. صبح جو مينهن پوڻ ڪري
زمين نرم ٿي وئي هئي، جنهن ڪري وڏي ٽپهريءَ تائين
نيپولين پنهنجين توبن کي سٺي نشاني وارين جڳهين تي
نه آڻي سگهيو. اُن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ”برسات جي
وسڪاري ڪارسيڪا جي ديو جو زوال آندو.“ جنرل
ويلنگٽن ۽ بلوشر فتح ۾ ساڳئي فخر جي حصي جا مستحق
آهن. فرينچ گهوڙي سوارن جي موتمار حملن کي منهن
ڏيندي اَٽل ارادي سان بيهي جنگ ڪرڻ جي ڪري ولنگٽن
کي ”فولادي ڊيوڪ“ يا امير سڏيو ويو. بلوشر وري
پنهنجي شڪست کاڌل لشڪر سان هڪ عجيب هلان ڪري
ڏيکاري ۽ انگريزن جي نظر ايندڙ شڪست کي هڪ
فيصلائتي فتح ۾ تبديل ڪيو.
نيپولين جا آخري سال (1815ع - 1821ع):
واٽرلوُ جي جنگ کانپوءِ نيپولين هڪ برطانوي جنگي
جهاز تي آڻ مڃي پاڻ کي قيد ڪرايو. يورپ ۾ يا ان جي
ويجهو سندس حاضر هجڻ، دنيا جي امن ۽ صلح لاءِ
خطرناڪ سمجهيو ويو. تنهن ڪري هن کي ڏاکڻي ائٽلانٽڪ
سمنڊ جي وچ ۾ هيلينا جي ننڍڙي ٻيٽ ڏانهن شهر بدر
ڪيو ويو. هن پنهنجي جلاوطنيءَ واري زماني ۾ پنهنجا
تاريخي يادگار واقعا لکيا.
نيپولين تي تبصرو:
ڊيوڪ آف ويلنگٽن |
نيپولين جديد زماني جو فوجي دماغ ۽ عظيم ترين
منتظم هو، پر هن جي غير معمولي دماغي قابليت ۽
طاقت گهڻو ڪري لالچي غرضن واسطي استعمال ڪئي وئي.
يورپ تي حملي ۾ هن جي شخصي لالـچ بي انتها عروج تي
هئي ۽ انهيءَ ڪري آخرڪار سندس زوال آيو. هن جيڪو
وڳوڙ ۽ جيڪا خونريزي آندي، تنهن مان آخر ۾ هميشـہ
جو ڀلو ٿي پيو. هن جي فتحن جي ڪري سڄي يورپ ۾
سماجي انصاف ۽ آزاد انتظام جا خيال ڦهلجي ويا.
1815ع ۾ حڪمرانن جڏهن يورپ کي وري ٺاهيو تڏهن، هو
جيڪر چاهين ها ته وري ظالماڻيون روايتون قائم ڪن،
پر نيپولين جي دور اڳي ئي آزاديءَ جا ٻج ماڻهن جي
دل ۾ پوکي ڇڏيا هئا.
جرمني ۽ اٽليءَ ۾ نيپولين ڪيتريون ننڍيون ۽ بد
انتظاميءَ جي حڪومت واريون رياستون ختم ڪري ڇڏيون.
انهن ملڪن جي ماڻهن کي هن سياسي اتحاد جا قاعدا
سيکاريا هئا. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته نيپولين
جديد جرمني ۽ اٽليءَ جي تعمير جي ڪم کي تيز ڪيو.
فرانس وري نيپولين کان دائمي شان ۽ قليل عرصي جي
شهنشاهيءَ وارو تسلط حاصل ڪيو، پر فتحن جي لاءِ
پنهنجي ماڻهن جي خون سان ڳري قيمت ادا ڪئي نتيجي ۾
نيپولين جي زوال وقت فرانس جي هٿ ۾ انقلاب کان اڳ
جيترو ملڪ هو، انهيءَ کان به گهٽ ملڪ وڃي باقي
رهيو.
باب ايڪٽيهون
ارڙهين صدي عيسويءَ کان وٺي هن وقت تائين دنيا جي
مادي ۽ ذهني ترقي
مهاڳ:
جديد زماني جي اڀياس جاري رکڻ کان اڳ ۾ ضروري آهي
ته نج سياسي تاريخ جي ميدان کان ٻاهر جيڪي ترقي جا
ڪجهه پهلو آهن، تن تي غور ڪرڻ لاءِ ڪجهه ترسون.
بادشاهن ۽ سياستدانن جي چـُـر پـُـر ۽ خاموشي
هميشـہ انهن لاءِ سندن رعيت جي حالتن پٽاندر ٿيندي
آئي آهي. جيئن رعيت ۾ جهالت ۽ غربت وڌيڪ، تيئن
سرڪار جي حڪومت وڌيڪ مطلق العنان ۽ ظالم ٿئي ٿي.
جيڪي ماڻهو پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي پوري پني کاڌي
۽ ڪپڙي لٽي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ گذاريندا آهن،
سي عوامي معاملن ۾ ڪا دلچسپي نه وٺندا آهن.
روزمرهه جون تڪليفون سندن جسمن کي ٿڪائي ڇڏين
ٿيون، دماغن کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿيون. هو خاموشي
سان اهي بار سر تي کنيو بيٺا هجن ٿا، جيڪي سندن
زندگي جو هڪ فطرتي حصو نظر اچن ٿا.
ارڙهين صدي عيسويءَ جي آخر کان وٺي يورپ جي عوام
سرڪاري انتظام ۾ روزمرهه وڌندڙ حصي وٺڻ لاءِ گهر
ڪئي ۽ کيس اهو حصو حاصل ٿيو. عوامي حقن جو اُصول
فرينچ انقلاب کان وٺي عمل ۾ آيو آهي، جو خاص طبقي
وارن جي الڳ حڪمرانيءَ خلاف هڪ زبردست اعتراض هو.
اسان مٿي سکي آيا آهيون ته آزاد فلسفياڻي کوجنا
کان پوءِ ئي انقلاب آيو ۽ ان کان اڳ ۾ پڻ فرانس جي
عوام ۾ دماغي قابليت عام طرح وڌيڪ ڦهليل هئي. ان
کانپوءِ ايندڙ انقلاب ۽ اڻويهين صدي عيسويءَ جا
سڌارا ساڳيءَ طرح علم ۾ ترقي جي ڪري آيا. جديد
سياسي ۽ معاشرتي تبديلين جا بنيادي سبب اُن عجيب و
غريب ذهني ۽ مادي ترقي ۾ آهن، جا پوئين صديءَ کي
تاريخ ۾ ٻين سڀني دورن کان ممتاز ڪري ٿي. تنهن ڪري
هن فصل ۾ جديد زماني جي سڀنيءَ کان وڌيڪ مـُـک
ايجادن، کوجنائن ۽ معاشرتي سڌارن جو مختصر ذڪر ڪيو
ويندو:
سائنس جي ترقي:
سڀني جديد ايجادن جو بنياد سائنس تي ٻڌل آهي. علم
ڪيميا ۽ علم طبعي جي ماهرن علم جو اهو حصو تيار
ڪيو، جنهن جي ڪري ٻاڦ واري انجڻ ۽ هٿ سان شين ٺاهڻ
جا هزارين سڌريل طريقا ايجاد ٿيا. علم حيات ۽ علم
حيوانات، جيڪي نباتاتي ۽ حيواناتي زندگي جو اڀياس
ڪن ٿا، تن گهڻيون کوجنائون ڪيون. جنهن جي ذريعي
طبي فن انسان ذات جي فائدي لاءِ وڏي ترقي ڪري ويو
آهي.
جديد سائنسي ترقي (1600ع جي لڳ ڀڳ) استقرائي طريقي
جي تعارف ڪرائڻ سان سر فرانسس بيڪن کان شروع ٿي.
هن کانپوءِ يورپي علم آهستي آهستي پر ثابت قدميءَ
سان وسيع ٿيندو ويو. ارڙهين صدي عيسويءَ جي ٻئي اڌ
۾ يورپ ۾ اڳيئي سائنسدانن جو وڏو تعداد ڳڻي سگهجي
پيو. جرمن فيلسوف ڪانٽ ۽ فرينچ رياضيدان ۽ هيئتدان
لئپلاس اُن زماني جا چوٽيءَ جا ذهين ماڻهو هئا.
فرانس ۾ ڊيڊورو جي اڳواڻيءَ ۾ قابل ماڻهن جي جماعت
اٺاويهن جـُـلدن ۾ ان وقت (1751ع کان 1772ع) جي
موجود انساني علم تي هڪ ڪتاب شايع ڪيو. انهيءَ
اشاعت کي هنن ”انسائيڪلو پيڊيا يا دائرة المعارف“
جو نالو ڏنو، جنهن ڪري ان جي مصنفن کي عام طرح
انسائيڪلوپيڊيس سڏيو ٿو وڃي.
نيپولين جيتوڻيڪ عوام ۾ سياسي قابليت جي ڦهلاءَ کي
روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر سائنسدانن کي همٿايو، هن هڪ
دفعي چيو ”حقيقي فتحون اُهي آهن جي جهالت تي حاصل
ڪجن، اهي ئي فتحون آهن جن مان ارمان ڪونه ٿو ٿئي.“
نيپولين جي دور جي خاتمي کانپوءِ سائنس جي هر شعبي
کي روزمرهه وڌندڙ جوش سان اوساريو ويو. حق جي
ڪيترن جانثار ڳولائن پنهنجين پرجوش محنتن سان
انسان ذات کي فطرت جي طاقتن تي اهو قبضو ڏنو، جو
ماڻهن جي خواب خيال ۾ به ڪونه هو. سائنس جي ذريعي
انسان حقيقي طرح فطرت جو مالڪ بنجي پيو.
چارلس ڊارون |
جتي ايترا عظيم ماڻهو هجن، اتي مشڪل آهي ته سڀني
کان وڌيڪ مشهور نالا چونڊي ڏجن. جيڪڏهن انهيءَ
خيال کان ڏسجي ته انسان ذات جي ڀلي لاءِ هنن ڇا
ڪيو ته جيڪر علم ڪيميا
Chemistry))
جي ٻن ماهرن ليبڪ ۽ پاسچوئر کي سڀ کان اول درجو
ڏيڻ گهرجي. جرمن ليبڪ (1803ع کان 1873ع) جيتريون
کوجنائون ۽ ايجادون ڪيون، انهن جي ڪري کيس جسماني
علم ۽ ڪيميا جو ابو سڏي سگهجي ٿو. جڏهن پيرس جي هڪ
اخبار عوام کان انهيءَ ڳالهه واسطي ووٽ وٺڻ جي
تحريڪ شروع ڪئي ته اڻويهين صدي عيسويءَ جو عظيم
ترين فرينچ ڪير هو، تڏهن اول نمبر پاسچوئر کي ڏنل
هو.
يورپ ۾ جنهن ماڻهو آئيندي جي فڪر کي تمام گهريءَ
طرح متاثر ڪيو، سو آهي انگريز چارلس ڊارون
(Darwin).
ڪيترن سالن جي اڀياس ۽ دنيا جي چوڌاري هڪ بحري
سفر، جيڪو سفر علم حيوانات
(Zoology)،
علم نباتات
(Botany)
۽ علم طبقات الارض
(Geology)
جي کوجنا ۾ صرف ڪيو هئائين، کانپوءِ ڊارون 1859ع ۾
”حياتيات جي اصليت“
(Origin of Species)
ڪتاب ڇپائي ظاهر ڪيو. انهيءَ ڪتاب ۾ هن قديم نظرئي
جي تائيد ۽ توسيع ڪئي ته موجوده ٻوٽا ۽ حيوان
آهستي آهستي هيٺاهين طبقي واري موجودات مان ترقي
ڪري انهيءَ حد کي پهتا ۽ شايد سڀئي هڪ اصلوڪي قديم
وجود مان ظهور ۾ آيا آهن. انهيءَ سلسلي کي تقابل
يا ارتقا جو نظريو
(Evolution)
سڏجي ٿو، ڊارون جي نظرئي جي ان کان اڳ ۾ ٻئي ڪنهن
به ڇپائي ظاهر ڪيل خيال کان وڌيڪ سخت مخالفت ٿي،
پر هينئر سندس خيالَ تقريباً سڄي علمي دنيا ۾ مڃيا
وڃن ٿا. ارتقا جو نظريو سڀني شين جي اُسرڻ جي
سمجهاڻي ڏيئي سگهي ٿو. انهيءَ هڪ نئون دور آندو،
جو نه رڳو طبعي علمن واسطي هو پر تاريخ، قانون،
فلسفي ۽ تعليم لاءِ پڻ هو.
نجي سائنس جو اخلاقي پهلو:
هن کان پوءِ ايندڙ فقرن ۾ سائنس جي ڪم جي ڪن خاص
نتيجن جو ذڪر ڪيو ويندو ۽ عملي زندگيءَ ۾ انهيءَ
جو استعمال بيان ڪيو ويندو. ان کان اڳ ۾ خالص
سائنس جي ذهني ۽ اخلاقي قدرن متعلق ڪجهه چوڻ
گهرجي. جيڪي ماڻهو پاڻ کي علمي حق جي ڳولا لاءِ
سراسر سونپي ڇڏين ٿا، اُهي انسان جي هٿ وس ٿيندڙ
بلند ترين مقصد جي پيروي ڪن ٿا. سندن ڪم اڳ ۾ ئي
انسان ذات کي ان کان مٿانهين درجي تي پهچائڻ لاءِ
وڌيڪ ڪجهه ڪيو آهي، جو ڪجهه فاتحن، قانون سازن يا
مذهبي معلمن هزار سالن ۾ ڪيو آهي. سندن مشهوري
جيڪا نيپولين کان وڌيڪ هئڻ گهرجي، سا اڃا گهٽ آهي،
ڇو ته اڪثر ماڻهن سندن ڪم جي فطرت کي اڃا سمجهيو
ئي ڪونهي. سندن مثال انسان ذات لاءِ انهيءَ ڳالهه
کي ظاهر ڪري ٿو ته حق ئي بلند ترين ۽ سڀ کان وڌيڪ
سلامتيءَ وارو اخلاقي آدرش آهي.
ٻاڦ واري انجڻ جي ايجاد:
جيمس واٽ |
1769ع ۾ جيمس واٽ
(Watt)
نالي هڪ انگريز پهرين ٻاڦ واري انجڻ ايجاد ڪئي. هن
اهڙيءَ طرح فطري طاقتن کي استعمال ڪرڻ جو هڪ آسان
طريقو ڳولي ڪڍيو. گرميءَ کي تحرڪ ۾ تبديل ڪرڻ ته
جيڪو ڪم انساني طاقت ٿي ڪري اهو ڪم فطري طاقتون
ڪيئن ڪن؟ ٻاڦ واري انجڻ کي جلدئي تڪميل تي پهچايو
ويو ۽ شين تيار ڪرڻ جي مقصد لاءِ ٻين مشينن سان
گڏيو ويو. انهن سڀني ۾ وڌ ۾ وڌ مشهور انگريزي
ايجادون آهن: هارگريوز جو ڪتڻ جو سانچو (1767ع) ۽
ڪارٽ رائيٽ جو ٻاڦ تي هلندڙ آڏاڻو (1785ع). قديم
طريقن مطابق هٿ جو ائٽ استعمال ڪري هڪڙو ماڻهو هڪ
وقت هڪ ڌاڳو ويڙهي ٿي سگهيو. پر سڌريل ڪتڻ جون
مشينون، جي پاڻي يا ٻاڦ جي طاقت تي هليون ٿي، سو
هڪڙو هلائيندڙ ماڻهو ٻارنهن هزار ڌاڳن جي ڪتڻ جو
ڪم پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿي سگهيو.
ڪارخاني جو سرشتو:
جيستائين ماڻهو پراڻن طريقن مطابق هٿن سان پورهيو
ڪندا هئا، تيستائين گهڻا ڪاريگر پنهنجن گهرن ۾ ڪم
ڪندا هئا. انهن گهرو هنرن جي لاءِ تمام ٿورو
سرمايو گهربل هو، ڇوته هڪ ئي وقت ۾ ڪچي مال جو
تمام ٿورو انداز آندو ويندو هو. مشينون مهانگيون
هيون ۽ سندن استعمال لاءِ ڪچي مال جو گهڻو تعداد
گهربل هو. تنهن ڪري دولتمند ماڻهن ڪارخانا شروع
ڪيا، جن ۾ هنن ڪاريگرن کي مزدوريءَ تي نوڪريءَ ۾
رکيو. جلدئي هڪ اڪيلي مالڪ وٽ سوين مزدور سندس
پگهاردار ۽ سندس ڪاروبار سان ٻڌل هئا. جن جڳهن تي
ڪوئلا ۽ لوهه ويجها هئا، انهن هنڌن تي جلدئي
ڪارخانا وڌي ويا. انگلينڊ ۾ لنڪاشائر جهڙن علائقن
۾، جتي آدمشماري گهٽ هئي، اتي وڏيءَ آدمشماري وارا
شهر جلدئي اسريا. هزارين ماڻهو جيڪي اڳي کليل ڳوٺن
۾ رهندا هئا، سي جلدئي نون هنري مرڪزن ۾ اچي
ڳـُـتيا.
مشين جو ٺهيل مال پراڻي طريقي سان ٺهيل مال کان
وڌيڪ سستو وڪامي ٿي سگهيو، تنهن ڪري اهي سڀ ماڻهو،
جيڪي اڃا گهرن ۾ مال ٺاهي وڪڻندا هئا، تن کي
پنهنجي ٺهيل شين جون قيمتون گهٽائڻيون پيون ۽ بک
مرڻ لڳا، خاص ڪري ان دور جي ڪورين لاءِ قديم زماني
جي اُڻت واري طريقي ۽ ڪارخاني جي سرشتي واري مدت
خوفائتي مصيبت آندي.
انگريزي هنري ۽ تجارتي طبقي جو اوج:
اهو انقلاب، جنهن کي عام ڪري ”هـُـنري انقلاب“
سڏيو وڃي، سو پهريائين انگلينڊ ۾ آيو. جنهن وقت
فرانس ۽ ٻين طاقتن جي وچ ۾ لڙائين يورپ کنڊ جي
هنري مال جي ترقي کي روڪيو، تنهن وقت انگلينڊ دنيا
جو ڪارخانو ٿي پيو. روسي ڪڙمي، آمريڪي بيٺڪ وجهندڙ
۽ هندستاني شهزادن لاءِ انگريزي ڪپڙو ۽ لوهي سامان
تمام ضروري استعمال جون شيون ٿي پيون. انگلينڊ جو
هنري ۽ واپاري اوج اڻويهين صدي عيسويءَ جي پوئين
اڌ تائين هليو، پر هينئر آمريڪا جون گڏيل رياستون،
جرمني ۽ فرانس سندس چٽاڀيٽي ڪندڙ ٿي پيا.
ريلوي رستا
(Railways):
قديم زماني کان وٺي هڪٻئي جي سامهون ڪاٺ جي پٽن جا
رستا استعمال ڪيا ويا آهن. گهوڙن وارين ٽرامن جي
هلائڻ لاءِ لوهي پٽا سڀ کان پهرين ويلس جي ڪن
کاڻين ۾ ڪوئلن کي سمنڊ تائين آڻڻ لاءِ استعمال ڪيا
ويا. 1804ع ۾ ٽريوٿيڪ انهن ٽرامن کي هلائڻ جي
استعمال لاءِ پهرين ٻاڦ جي انجڻ ٺاهي. انهيءَ کان
ڏهه سال پوءِ، 1814ع ۾، جارج اسٽيفن هڪ سڌريل انجڻ
ٺاهي، پر اڃا تائين ماڻهن کي ايترو متاثر نه ڪري
سگهيو، جو اُهي سندس ايجاد جو قدر ڪن! هن پنهنجي
انجڻ کي تڪميل تي پهچائڻ جو ڪم جاري رکيو ۽ 1825ع
۾ هن هڪ وڏي انجڻ ٺاهي، جيڪا هڪ ڳوري ٽرين کي ڪلاڪ
۾ يارهن ميلن جي رفتار سان ڇڪي ٿي سگهي. راڪيٽ
نالي ٺهيل انجڻ ڪلاڪ ۾ پنجٽيهه ميل رفتار تي پهچي
وئي. هن ڪاميابيءَ سڄي انگلينڊ ۾ ريل جا رستا
(ريلوائي) ٺاهڻ جو جنون پيدا ڪري ڇڏيو. 1840ع
تائين هن ٻيٽ جا سڀئي مـُـک شهر ريل رستي ڳنڍجي
ويا.
مـُـک يورپي ملڪن ۽ آمريڪا جلد ئي انگلينڊ جي مثال
جي پيروي ڪئي. آمريڪا جي گڏيل رياستن ۽ ڪئناڊا ۾
هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين جيڪي ريل جا وڏا رستا
ٺاهيا ويا، تن دنيا جي تاريخ ۾ هـُـنري شهنشاهت
بنائڻ ۾ ايترو مؤثر نموني ۾ ڪم ڪيو آهي، جيترو ڪو
لشڪر نه ڪري سگهي. يورپ جي فاضل آدمشماري انهن
ملڪن ۾ ورهائجي وئي، جيڪي ان وقت کان اڳ ۾ وسيع
بيابان هئا. جهنگلي جانورن جي اڳئين جـُـوءِ تي
آباد شهر ۽ ٻهڪندڙ کيت جادوءَ واري تيزيءَ سان
اُسري ويا آهن.
ريل جي رستي ٺاهڻ جا نتيجا:
ريل جي رستي ٺاهڻ سان سڀني قومن لاءِ هڪ نئون دور
اچي ويو. مال جو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين کڻي وڃڻ
جلد سستو ۽ اعتبار جوڳو ٿي پيو. ٻنيءَ جو فالتو
مال هجي يا کاڻ جو ڪچو ڌاتو، يا ڪارخاني جو ٺهيل
مال هجي، سڀني کي سولائيءَ سان ملڪ جي مختلف هنڌن
۾ موڪلي سگهيو ٿي. غريب ماڻهن جو کاڌو سستو ٿي
پيو، ڪتاب ۽ اخبارون هر هڪ ڳوٺ ۾ پهچي ٿي سگهيون ۽
تعليم اڳي کان وڌيڪ وسيع پيماني تي ميسر ٿي هرطرف
ڦهلجي وئي. اڳئين زماني جون پرڏيهي سفر جون
تڪليفون ۽ خطرا غائب ٿي ويا. ماڻهو هينئر آسانيءَ
سان ٻين قومن سان ملاقات ڪري ٿي سگهيا ۽ اهو پڻ
ڏسي ٿي سگهيا ته ٻين ملڪن جي ماڻهن ۾ به ڪيتريون
اعليٰ خاصيتون آهن. جاهليت جي بدترين پيداوار،
يعني نسلي تعصب جي ريلوي سخت دشمن ثابت ٿي هئي.
ٻاڦ تي جهاز راني:
1807ع ۾ آمريڪي رابرٽ فلٽن جي ٺاهيل پهرين ٻاڦ تي
هلندڙ ٻيڙي هڊسن نديءَ تي هڪ سفر ڪيو. فلٽن پهريون
ٻاڦ تي هلندڙ جهاز ٺاهيو، جنهن 1819ع ۾ ائٽلانٽڪ
وڏو سمنڊ پار ڪيو. سوانا کان لورپول تائين بحري
سفر تي ڇويهه ڏينهن لڳا. اڄڪلهه جا مشهور ٻاڦ تي
تيز هلندڙ انگريز ۽ جرمن جهاز، ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ
پنجن ڏينهن ۾ پار ڪن ٿا.
سستي ۽ تيز بحري چـُـرپـُـر جو اثر جيترو ڏورانهين
اوڀر ۾ ٿيو، اوترو ڪٿي به ڪونه ٿيو. چين ۽ جاپان
يورپ کان هڪ مهيني جي اندر سفر تي وڃي بيٺا. وڏا
زبردست ٻاڦ جا جهاز، جي ايشيا کان ڪچو مال کڻي
ويندا هئا ۽ ان جي بدلي يورپ مان ٺهيل شيون کڻي
ايندا هئا، تن مغرب جا جديد خيالَ پڻ درآمد ڪيا،
جن جلدئي قديم مشرقي خيالن کي تبديل ڪري ڇڏيو.
1869ع ۾ مصر جي سوئيز
(Suez)
ڪئنال جي کـُـلڻ هندستان ۽ ڏورانهين اوڀر کي يورپ
جي اڃا وڌيڪ ويجهو آندو. ايشيا جي ملڪن سان آمدرفت
وري اڳين قديم رستن مان شروع ٿي ۽ ڀونوچ سمنڊ جا
قديم بندر، جهڙوڪ: گينوا، وري هڪڙي آسودي دور ۾
داخل ٿيا.
بجلي جي رستي تار ۽ ٽيليفون
(Telegraph):
مارڪوئي |
دُنيا جي سڀنيءَ ايجادن کان وڌيڪ عجيب ايجاد هئي
بجلي جي تار جو سلسلو، يعني ٽيليگراف
(Telegraph)
(ٽيلي= پري - گراف= لک). اڻويهين صدي عيسويءَ جي
شروع ۾ انهيءَ تي تجربا ڪيا ويا هئا، پر هن جو عام
استعمال تڏهن ٿيو، جڏهن آمريڪا جي مورس 1844ع ۾
نياپن موڪلڻ ۽ نياپن ٻڌڻ جو هڪ عملي اوزار ٺاهيو.
ڪيترين ناڪامين کانپوءِ، (جنهن ۾ ڪيتري محنت ۽
پئسي جو نقصان ٿيو) ٽيليگراف جون تارون وڏي سمنڊ
جي تري ۾ پڻ رکيون ويون، جن انگلينڊ کي آمريڪا سان
گڏي ڇڏيو. هينئر بجليءَ رستي دنيا جي سڀني ڀاڱن
ڏانهن نياپا موڪلي سگهجن ٿا. 1896ع ۾ اٽليءَ جي
مارڪوني بنا تار جي نياپن موڪلڻ جو سرشتو بنايو.
مارڪوني ٽيليگرام هينئر عام طرح مٿانهين وايومنڊل
جي ذريعي آمريڪا ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ موڪليا وڃن ٿا.
بحري جهاز خشڪيءَ وارين جڳهين سان پيغام جي ڏي وٺ
ڪري سگهن ٿا ۽ هڪٻئي سان پڻ، جيتوڻيڪ هو وچ سمنڊ
مان تيز پيا وڃن. 1877ع ۾ آمريڪا جي گراهم بيل
ٽيليفون ايجاد ڪري هن سرشتي کي تڪميل تي پهچايو،
جنهن ڪري هن تي سندس نالو پيو ۽ ان کان پوءِ
ٽيليفون عام استعمال ۾ اچي ويا. 1907ع ۾ بنا تار
جي ٽيليفون، (جو آمريڪا جي بحري ٻيڙي اڳيئي
استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي) سائنس جي عجائبن مان
انتهائي اهم آهي، انهيءَ کان به وڌيڪ عجيب،
جيتوڻيڪ گهٽ اهميت واري، تازي ايجاد (1907ع) آهي
ڏورانهون فوٽو ڪڍڻ، جو عام رواجي ٽيليگراف کان تار
جي رستي فوٽو جهڙيون شڪليون منتقل ڪري ٿي سگهيو.
اهي سڀ ايجادون قومن کي هڪ وڏي خاندان ۾ جوڙڻ
ڏانهن مائل آهن. پيڪنگ پئرس کي ان کان به وڌيڪ
ويجهو آهي، جيترو لنڊن هڪ سؤ سال اڳي پئرس کي
ويجهو هو.
پيني پوسٽ ۽ عالمي پوسٽ جو اتحاد:
اڻويهين صدي عيسويءَ جي شروعات تائين دنيا جي هڪ
ڀاڱي کان ٻئي ڀاڱي ڏانهن خط موڪلڻ مشڪل ڪم هو. خود
ساڳين ملڪن ۾ پوسٽ جو خرچ تمام گهڻو هو ۽ رڳو وڏن
شهرن جي وچ ۾ ٽپال جا لاڳاپا هئا. 1830ع ۾ پڻ لنڊن
کان آئرلينڊ ڏانهن خط موڪلڻ تي هڪ شلنگ لڳندو هو.
1837ع ۾ انگريزي پارليامينٽ ”هڪ پيني هڪ خط لاءِ“
جو سڀني کان نرالو سرشتو اختيار ڪيو ۽ دنيا جي
سڀني سڌريل قومن انگريزي مثال جي پيروي ڪئي. قديم
سرشتي مطابق هڪ انگريز سال ۾ سراسري چار خط
موڪليندو هو. 1900ع ۾ انگلينڊ جي آدمشماريءَ
سراسري طرح ڇاونجاهه خط في شخص طرفان ويندا هئا.
ايئن کڻي چئجي ته هڪ سال ۾ ٻه سؤ ٽيهه ڪروڙ،
چاليهه لک خطن جو تعداد هڪٻئي ڏانهن موڪليو ويندو
هو.
1874ع ۾ جرمنيءَ جي صلاح تي ٻاويهه ملڪ عالمي ٽپال
جي اتحاد ۾ شامل ٿيا. 1878ع ۾ ٽپال جي ٻي ڪانگريس
۾ پنجهتر ڪروڙ ماڻهن جا ملڪ، هن اتحاد جا ميمبر
هئا. هينئر سڄي سڌريل دنيا انهيءَ دائري اندر اچي
وڃي ٿي ۽ ٽپال جي مقصد لاءِ دُنيا ڄڻ ته هڪ يڪو
ملڪ آهي. ستر سال اڳ جيترا پئسا پئرس کان مارسي
ڏانهن خط موڪلڻ تي لڳندا هئا، انهن کان گهڻي گهٽ
خرچ تي ٽوڪيو کان برلن ڏانهن خط موڪلجي سگهن ٿا.
اڄ مختلف ملڪن جي وچّ ۾ خط و ڪتابت سؤ سيڪڙو وڌي
وئي آهي.
اخباري پريس جو اُسرڻ:
پهريون روزنامو لنڊن ۾ 1802ع شايع ٿيو، اِها ڪا
اتفاقي ڳالهه نه آهي، ته عوامي پريس جو جديد
واڌارو انگلينڊ ۾ ٿيو. 1702ع وليم ۽ ميريءَ جي راڄ
جو پويون سال آهي. هي اُهي وليم ۽ ميري هئا، جن
1689ع جي ”حقن جي اعلان“ تي صحيح ڪئي هئي. سياسي
آزادي، جنهن ۾ آزاد تقرير جو حق ۽ آزاد پريس شامل
آهي، اها هميشـہ عوامي راءِ کي زور وٺرائي ٿي.
يوناني جمهوريتن ۾ جتي ڇپائيءَ جو علم ڪونه هو،
اُتي آزادي ۽ عوامي تقرير بازي جو ڪمال گڏوگڏ پئي
ويا. جديد حالتن ۾ پريس جي آزادي يا پريس تي ظلم،
حڪومت جي آزاد رويي يا ستم گريءَ جو هڪ آئينو آهي.
آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ جتي جمهوري روايتن جي ڪري
عوامي معاملن ۾ هڪ عام چاهه پيدا ٿيو آهي، اتي
1902ع ۾ 20156 اخبارون ۽ رسالا شايع ٿيندا هئا.
ٻئي طرف وري روس ۾، جتي ظالماڻي حڪومت هئي، اتي
1900ع ۾ 896 اخبارون شمار ۾ هيون. سڀ کان وڌيڪ
عجيب ڳالهه آهي اُهو تفاوت جيڪو پهرين روزنامي (جو
1777ع ۾ فرانس ۾ جابراڻي حڪومت جي هٿ هيٺ ڇپيو) ۽
انهن هزارين سياسي اخبارن ۽ رسالن جي وچ ۾ ظاهر
ٿيو، جيڪي انقلاب جي دوران هڪدم وجود ۾ آيا. پريس
سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ با اثر علمي ذريعو آهي. جديد
وڏيون اعليٰ ڇپائيءَ واريون اخبارون دنيا جي سڀني
حصن مان تار رستي خبر پهچائين ٿيون ۽ پنهنجي
پڙهندڙن کي اُهي سڀئي ڳالهيون سمجهائين ٿيون، جيڪي
هونئن سمجهڻ مشڪل آهن. اخبارن جي دعويٰ آهي ته هو
هر قسم جي عوامي واقعن تي کـُـلئي عام تنقيد ڪري
پنهنجن پڙهندڙن جي خيالن جو اظهار ڪن ٿا. هي پڻ
گهڻي قدر عوامي راءِ جي تشڪيل ڪن ٿا، جا عوامي
راءِ وري شهرين جي نمائندن ۽ چونڊيل عملدارن جي
چونڊ واري مرحلي ۾ ظاهر ٿئي ٿي. درحقيقت سياسي
نقطه نظر کان پريس کي قومن جي هڪ وسيع پارليامينٽ
سڏي سگهجي ٿو.
تاريخي ترقيءَ جو تيزيءَ سان وڌڻ:
ٻاڦ جون انجڻون، ريلوايون، زبردست بحري جهاز، تار
جو سلسلو، پوسٽ جو سرشتو ۽ اخباري پريس، اهي ڇهه
جديد زماني جا مـُـک معمار آهن. انهن پاڻ ۾ گڏجي
تاريخي ترقي ايتري تيز رفتار کي پهچائي ڇڏي آهي،
جنهن تي جيڪر ڪو سؤ سال اڳ اعتبار ئي نه ڪري ها.
سڌارا ۽ تبديليون، جيڪي اڳي سوين سال وٺن ها، سي
هينئر هڪ نسل جي عمر ۾ شروع ٿين ٿيون ۽ تڪميل کي
پهچن ٿيون. انهن سڀني کان وڌيڪ عجيب و غريب تازين
تيز تبديلين مان جاپان جي مغربي طريقي تي نئين
تشڪيل، آفريڪا جو ورهاڱو ۽ ان مان هنري فائدو وٺڻ،
آمريڪا ۽ مغربي ڪئناڊا جو پاڻ ۾ ٿيل ٺاهه شمار ڪري
سگهجن ٿيون. (اهي سڀ واقعا اڳتي هلي وڌيڪ چڱيءَ
طرح بيان ڪيا ويندا.)
تعليم جو واڌارو ۽ انساني مهمن جي ترقي:
ڪڏهن ڪڏهن جديد مغربي تهذيب کي ڏوهه ڏنو ويندو آهي
ته هو سراسر مادي مقصدن ڏانهن مائل آهي. رڳو دولت
۽ طاقت ئي سندس مقصد سڏيا ويندا آهن. اِها راءِ
سڄي سچي نه آهي. اِهو ان مان ظاهر ٿيندو ته علم
تعليم ۽ اخلاق ۾ ڪيتري قدر ترقي ٿي آهي؟
عوامي تعليم:
فرانس جي انقلاب کان اڳ ۾ يورپ جي اڌ آدمشماريءَ
کان وڌيڪ اڻ پڙهيل ماڻهو هئا. فريڊرڪ اعظم 1763ع ۾
پروشيا ۾ زوريءَ ابتدائي تعليم شروع ڪئي، پر گهڻي
وقت کانپوءِ هن جو اهو سياڻپ جو مثال هر ڪنهن هنڌ
نقل ڪيو ويو. هن وقت جرمنيءَ ۾ هڪ به جوان مرد يا
عورت مشڪل سان ملندو جو لکي پڙهي نه ڄاڻي. ٻين
اڪثر مغربي ملڪن ۾ پڻ لکڻ پڙهڻ نه ڄاڻندڙ ماڻهو
ورلي ملندا.
تعليم جي ڦهلاءَ ماڻهن جي زندگي آزاد ۽ وڌيڪ دلچسپ
بنائي
آهي. ڀرم يا انڌو ويساهه، جيڪو هن وقت تائين انسان
ذات تي بار هو، تنهن جي جاءِ علم جي روشني پئي
ڀري. مذهبي تعصب، جو يورپ جي مٿان وڏي لعنت هو،
تنهن کي تقريباً هر هنڌ انسان جي وڌيڪ وسيع خيالن
هڪالي ڪڍيو آهي. سياسي ذهن جي ترقيءَ ماڻهن کي
آزاد جوڙجڪ وارين حڪومتن ۾ شريڪ ٿيڻ جي لائق بنايو
آهي. ٻيو ته تجربي ڏيکاريو آهي ته تعليم يافته ۽
قابل مزدور کي هڪ اڻ پڙهيل کان وڌيڪ پيداواري
لياقت آهي، تنهن ڪري سرڪار عوامي تعليم تي جيڪو
پئسو خرچ ڪري ٿي، اُهو کيس وڌيڪ فائدي سان عوام جي
آسودگيءَ جي واڌاري ۾موٽي ملي ٿو.
غلاميءَ جو خاتمو:
دنيا جي سڀني ڀاڱن ۾ جتي زراعت يا هنرن لاءِ
مزدوري جي ضرورت ٿي، اتي غلاميءَ جو وجود قديم
زماني کان رهيو آهي. اسان فنيقي غلامن جي واپار جو
تفصيل اڳ ۾ ٻڌي آيا آهيون ۽ پڻ پوئين زماني جي روم
جي جمهوريت تحت غلامن سان ظالماڻي ورتاءَ بابت پڻ
ٻڌو آهي. ڪرستاني مذهب جيتوڻيڪ غلامن سان رحمدلي
ٿو سيکاري، پر غلاميءَ جي روايت کان منع ڪانه ڪئي
اٿس. وچ واري زماني جي سڄي دور ۾ جنگ ۾ گرفتار ٿيل
غلامن جي واپار، (جي خاص ڪري مسلمان هئا) تنهن
لاءِ روم هڪڙي مـُـک بازار هئي. پر تيرهين صدي
عيسويءَ ڌاري غلاميءَ کي ڇڏيو ويو ۽ غلامن کي
آهستي آهستي زرخريد آبادگار بڻايو ويو.
هن تبديليءَ جو بنياد رحمدليءَ تي نه پر اقتصادي
سهولت تي ٻڌل هو. اها ڳالهه آمريڪا کي ڳولي ڪڍڻ
کانپوءِ آفريڪي غلامن جي واپار جي ترقيءَ مان ثابت
آهي. پر انهيءَ ڳالهه مان اهو نه سمجهڻ گهرجي ته
گوري رنگ وارن ماڻهن ئي پهريائين ڪاري رنگ وارن کي
اها ظالماڻي رسم سيکاري. پورچوگيزن آفريڪا ۾ وڃي
ڏٺو، ته غلامي ۽ غلامن لاءِ حملا ڪرڻ حبشي قبيلن
جو باقاعدي دستور هو.
سورهين، سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ پورچوگال،
اسپين ۽ انگلينڊ، سڀني آفريڪي غلامن جو واپار پئي
ڪيو. اُتريخت جي عهدنامي مطابق 1713ع ۾ انگلينڊ
دستاويز تي لکي ڏنو ته برطانوي واپارين کي چاليهن
سالن تائين اسپين جي بيٺڪن ۾ هڪ لک چوئيتاليهه
هزار شيدي غلام درآمد ڪرڻ جو حق هئڻ گهرجي.
سن 1800ع جي آخر ڌاري انگريزي پارليامينٽ جي
ميمبرن غلامن جي واپار کي ظالماڻو ۽ وحشياڻو عمل
ڪري ننديو. ان سلسلي ۾ هنن عوامي سطح تي ڪيترا
پوئلڳ حاصل ڪيا ۽ غلامن کي سخت ظلم کان بچائڻ لاءِ
قاعدا پاس ڪيائون. 1908ع ۾ انگريزي پارليامينٽ
غلامن جي واپار کي ختم ڪرڻ جو هڪ قانون پاس ڪيو.
ايندڙ سالن ۾ ٻين ملڪن کي به عرض ڪيو ويو ته هو
غلاميءَ جي براين جي خلاف قدم کڻن.
1833ع ۾ برطانوي قوم غلامن جي سوال متعلق پنهنجي
رحمدلي ۽ بي غرضيءَ جو شاندار ثبوت ڏنو. انهيءَ
سال پارليامينٽ برطانوي بيٺڪن ۾ سڀني غلامن کي
آزاد ڪرڻ وارو قانون پاس ڪيو، ۽
6،39،000
غلامن کي وري آزادي ملي. سرڪار غلامن جي اڳين
مالڪن کي سرڪاري خزاني مان 2 ڪروڙ پائونڊ ڀري ڏنا.
فرينچ بيٺڪن ۾ غلامن کي 1848ع ۾ آزاد ڪيو ويو ۽
ڇهن سالن کانپوءِ فرينچن جي قبضي ۾ سڀني ملڪن ۾
هميشـہ لاءِ غلامي ختم ڪئي وئي. آمريڪا ۾ غلاميءَ
جي سوال تي جيڪا خطرناڪ گهرو لڙائي لڳي، ان جو
اڳتي ذڪر ڪبو.
جيئن ته آفريڪا يورپ جي قبضي ۾ اچي ويو، تنهن ڪري
لاڳاپيل طاقتن هڪٻئي سان عهدناما ڪيا، جن مطابق
انهي کنڊ جي سڀني ڀاڱن ۾ غلامن جي واپار کي ختم
ڪيو ويو.
ريڊڪراس يا ڳاڙهي صليب واري جماعت:
قديم ۽ وچ وارن زمانن ۾ جنگيون گهڻو ڪري ضرورت کان
وڌيڪ ظالماڻي نموني ۾ وڙهيون وينديون هيون. انهن
لڙائين ۾ نه رڳو جنگي قيدين کي قتل ڪيو ويندو هو
يا انهن سان بري هلت ڪئي ويندي هئي يا کين غلام
ڪري وڪيو ويندو هو، پر خود پنهنجي لشڪر جا زخمي
سپاهي ٿورڙي تعداد ۾ دوا درمل جي مدد حاصل ڪري
سگهندا هئا. سورهين صدي عيسويءَ کان وٺي يورپ جي
ڪيترن ملڪن ۾ غيرسرڪاري جماعتون ٺاهيون ويون، جن
جو مقصد جنگ کان پوءِ زخمين جي مدد ڪرڻ هو. جديد
زماني ۾ پنهنجي هم جنس انسانن جي مصيبت لاءِ
همدردي هڪ عام اخلاق جو معيار ٿي وئي آهي. هينئر
ماڻهو اِها ڳالهه سمجهڻ سکي ويا آهن ته لڙائي فردن
جي وچ ۾ نه پر قومن يا حڪومتن جي وچ ۾ هڪ ويڙهه
آهي. جيڪڏهن لڙائيءَ کي سراسر ختم نه ٿو ڪري سگهجي
ته به گهٽ ۾ گهٽ ماڻهوءَ کي ڪوشش وٺڻ گهرجي، ته
جيڪي غيرسرڪاري ماڻهو پنهنجي ملڪ جي خدمت ۾ سختيون
سهن ٿا، انهن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪجي. انهيءَ مقصد
کي نظر ۾ رکي 1864ع ۾ جينيوا
(Geneva)
شهر ۾ هڪ بين الاقوامي اجتماع ٿيو.
انهيءَ جينيوا اجتماع مطابق سڀني شريڪ ٿيندڙ
حڪومتن پاڻ کي انهيءَ ڳالهه لاءِ ٻڌل رکيو ته جنگ
جي زماني ۾ لڙائيءَ جي ميدان ۾ نرسن ۽ ڊاڪٽرن کي
خدمت ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني ويندي. سڀني خدمتگارن ۽
سندن گاڏين، تنبن وغيره تي هڪ نشانيءَ طور اڇي پٽي
يا جهنڊو هوندو آهي، جنهن تي ڳاڙهو صليب هوندو
آهي. اهي خدمتگار غير جانبدار هوندا آهن ۽ هنن کي
ڪو ڦيرائي نه ٿو سگهي ۽ هي ٻنهي طرفن جي زخمي ٿيلن
جي مدد ڪندا آهن. ڪيترن ئي مقامي زخمين جي مدد ڪرڻ
لاءِ جماعتن گڏجي هڪ بين الاقوامي ڳاڙهي صليب يا
ريڊ ڪراس
(Red Cross)
جماعت ٺاهي آهي. اُهي هزارين ماڻهو، جي اڳين حالتن
هيٺ جنگ جي ميدان تي بري نموني مري وڃن ها، تن جي
واهر ۽ حفاظت جديد تهذيب جي انساني جذبي جي بهترين
قدرداني آهي.
طب ۽ صحت جي فن جي ترقي:
بيمارين ۽ مرضن کي روڪڻ ۽ انهن جي علاج ڪرڻ کي
سائنس جي ايجادن ڪمال تي پهچايو آهي. جتي به جديد
ڊاڪٽر پنهنجي ڪم جي نعمتن کي ڦهلائي سگهيا آهن،
اتي انسان ذات وڌيڪ تندرست، وڌيڪ طاقتور ۽ وڌيڪ
آسودي بڻجي وئي آهي.
جديد دور جي پهرين مـُـک طبي ايجاد ٽڪا هڻائڻ هئي،
جا ماتا جي مرض کي روڪڻ لاءِ هڪ قدم هو. يورپ ۾
اِهو طريقو 1718ع ۾ تـُـرڪيءَ مان آيو. انساني
ماتا خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن مريض کي ماتا جا
جيوڙا جسم ۾ داخل ٿيندا، اهو ماتا جو مرض ٻين
تائين وچڙائي سگهي ٿو. 1792ع ۾ انگريز ڊاڪٽر
ايڊورڊ جينز اِها ڳالهه ڳولي ڪڍي ته ماڻهن کي
انهيءَ ڳئونءَ جي زهر سان ٽڪا هڻي سگهجن ٿا، جنهن
ڳئون کي ماتا هجي. اها وئڪسين
(Vaccine)
(لاطيني: وئڪا= ڳئون) مريض تي هڪ ننڍو ڦوڪڻو پيدا
ڪري ٿي ۽ کيس ماتا جي مرض کان آزاد رکي ٿي. جينز
جي وقت کان وٺي ٽڪا هڻڻ هڪ مڪمل طرح سلامتي ۽
يقيني طريقو بڻايو ويو آهي. هيءَ طب جي سڀ کان
وڌيڪ شاندار ۽ وڌيڪ فائديمند ايجاد ثابت ٿي آهي.
ماتا جون وبائون سال ۾ فقط يورپ جي ملڪن ۾ لکين
ماڻهو ختم ڪري ڇڏينديون هيون. جرمن شهنشاهت ۾، جتي
ٽڪا هڻڻ سرڪار جي طرف کان ضروري قرار ڏنا ويا آهن،
اتي 1898ع ۾ 53753140 ماڻهن مان 15 ماڻهو ماتا جي
مرض کان مئا.
شهرن ۾ صفائيءَ جو بندوبست 1850ع کان پوءِ
بهتر ڪيو ويو. تازو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گند کي
نيڪال ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيو ويو آهي. اهو ڪيترن
حالتن ۾ قديم روم جي پاڻيءَ جي نيڪال جي نالين کان
بيهڪ ۽ جوڙجڪ جي شڪل ۾ وڌيڪ سٺو ۽ پائيدار آهي.
ڪيترائي روڪ جا قدم کڻي، سرڪارن طرفان خاص ڪري
شهرن
۾ تمام سخت صفائيءَ جي تعميل ڪري، ترقي يافته ملڪن
پليگ ۽ هيضي جي وبائن، (جيڪي يورپ جي آدمشماري
گهٽائينديون هيون)، کي گهڻي حد تائين گهٽائي ڇڏيو
آهي.
طبي ترقيءَ جي تاريخي اهميت:
هن سموري طبي ترقيءَ جو اثر تاريخ تي تمام گهرو
پوي ٿو، جيتوڻيڪ سڌيءَ طرح اهو ماپي نه ٿو سگهجي.
انهيءَ اثر جي ڪري انسان ۾ هر قسم جي نوڪري ڪرڻ يا
ڪم ۾ وڌيڪ قابليت پيدا ڪرڻ ممڪن ٿئي ٿو. عوامي
ڀلائيءَ وڏن ڪمن ۾ وچڙندڙن مرضن جي ڪري جيڪي غير
ضروري رڪاوٽون پونديون هيون، اُهي ختم ٿي ويون.
طبي انقلاب جي ڪري قومون وڌيڪ مالدار ۽ پنهنجن
مقصدن ۾ يقين واريون ٿيون آهن.
مقصد جي يقين مان ڇا مطلب آهي؟ ان جو ظاهر مثال
پاناما واهه جو ڪم آهي. اُهو ڪم سوئيز ڪئنال جي
ڪاميابيءَ سان ٺهي وڃڻ کان ڪجهه وقت پوءِ، هڪ
فرينچ ڪمپنيءَ شروع ڪيو، پر فرينچ ڪوشش ناڪاميءَ
تي ختم ٿي، خاص ڪري پاناما جي ڳچي واري ڌرتيءَ جي
موتمار آبهوا ڪري. هن ڪم دوران بخارن ۽ دستن سوين
ماڻهن کي ماري ڇڏيو. جڏهن آمريڪا جي گڏيل رياستن
جي سرڪار هن واهه ٺاهڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو، تڏهن هنن
اڳ ۾ هڪ ماهرن جي جماعت موڪلي ته وڃي صحت جي حفاظت
لاءِ حالتون سڌارين. انهيءَ جماعت جي ڪاميابي
ويهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ طبي علم جي فتح جو هڪ
فخر وارو ۽ سوڀارو يادگار آهي. بخار ۽ دست، واهه
واري علائقي ۾ تقريباً ختم ڪيا ويا. هينئر وڏن
سمنڊن کي گڏڻ جا انجنيئر اڳتي وڌيا، ڇو جو اِهو
کين يقين هو ته ڪوبه وچڙندڙ مرض سندن تجويزن ۾ نه
دير وجهي سگهندو ۽ نه ئي کين روڪي سگهندو.
|