29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :10

مقدونيا ۽ ايشيا ڪوچڪ جي فتح:

ائنٽياڪُس اعظم

مقدونيا جي بادشاهه ٻيءَ فنيقي لڙائيءَ ۾ هنيبال کي پنهنجو لشڪر موڪليو هو. انهيءَ ۽ ڪن ٻين ڏوهن ڪري، روم جي سينيٽ سندس خلاف لڙائيءَ جو اعلان ڪيو. پوءِ ته مقدونيا کي جلد ئي مجبور ٿي روم جو تسلط مڃڻو پيو. هنيبال جي دوستي شام جي بادشاهه ائنٽياڪـُـس اعظم (Antiocus the great) لاءِ پڻ موتمار ثابت ٿي. هن بادشاهه هنيبال جي ڪارٿيج مان مجبور ٿي ڀڄڻ کان پوءِ، پنهنجي درٻار ۾ سندس مرحبا ڪئي هئي. ائنٽياڪس يورپ ۾ پڻ پنهنجي ملڪ کي وڌائڻ شروع ڪيو، اهڙيءَ طرح جو مقدونياد جيڪو روم جي هٿ هيٺ ملڪ هو، ان جي حد اندر داخل ڪري ويو. پر روم جي لشڪر کيس جلد يونان مان هڪالي ڪڍيو ۽ ايشيا ڪوچڪ تائين سندس پيڇو ڪري، سن 109 ق.م ۾، مئگنيزيا (Magnesia) جي جنگ ۾ کيس شڪست ڏني. ايشيا ڪوچڪ جو گهڻو حصو پرگاموس (Pergamus) جي بادشاهه پومينيز (Pumenes) کي ڏنو ويو، جو سينيٽ جو دوست ۽ اتحادي هو.ان طرح سينيٽ ان ڏوراهين صوبي تي حڪومت هلائڻ جي تڪليف کان بچي پيئي. هنيبال آخرڪار،روم وارن جي هٿ اچي وڃڻ بجاءِ زهر کاڌو.

هينبال کانپوءِ يونان مقدونيا جو حصو ٿي روم وارن جي هٿ هيٺ رهيو. جڏهن يونان وارن پنهنجن نون حاڪمن جي بي انصافيءَ جي هلت خلاف بغاوت ڪئي، ته روم جي صلاحڪار مونيوس (Monnius) هن بغاوت کي قتل عام جي طريقي سان دٻايو.ڪارنٿ (Corinth)، جو اُن وقت يونان جو سڀ کان وڌيڪ شاهوڪار شهر هو، تنهن کي، سن 142 ق.م ۾، زمين دوز ڪيو ويو.

ٽئين فنيقي لڙائي (146 - 159 ق.م):

سن 146 ق.م نه رڳو يوناني آزاديءَ کي آخري ڌڪ ڏيڻ لاءِ مشهور آهي، پر انهيءَ سن ۾ آفريڪا ۾ پڻ روم جي حڪومت قائم ٿي. ان کان ٽي ورهيه اڳ، هڪ پاڙيسري آفريڪي بادشاهه طرفان مسلسل سندن بيعزتيون ڪرڻ ۽ سندن ملڪ ۾ ڦـُـرلـُـٽ ڪرڻ سبب، ڪارٿيج وارن لڙائي شروع ڪئي. جيتوڻيڪ ڪارٿيج وارا رڳو پنهنجي بچاءَ ۾ وڙهيا، تڏهن به روم جي سينيٽ يڪدم مٿن الزام هنيو ته هنن ’201‘ ق.م وارو عهدنامو ٽوڙيو آهي ۽ سندن خلاف هڪدم ٻه لشڪر موڪليا. جيئن ته ڪارٿيج وارن پاڻ کي مقابلي لاءِ ڪمزور محسوس ڪيو، تنهن ڪري ڪنهن به شرط تي، تمام هيٺانهينءَ سان، صلح لاءِ عرض ڪيائون. روم جي صلاحڪار جي حڪم تي انهن پنهنجا سمورا هٿيار ۽ بحري ٻيڙا کين سپرد ڪيا، پرجڏهن هو پنهنجي بچاءَ جا سڀ وسيلا ڏيئي ويٺا، تڏهن صلاحڪارکين حڪم ڪيو ته ڪارٿيج ڇڏي هليا وڃن، ۽ سمنڊ کان ڏهه ميل پري وڃي نئين آبادي وَسائين. هن حڪم ملڻ تي ڪارٿيج وارن جي نماڻائي ۽ نااُميديءَ همٿ ۾ بدلجي ويئي ۽ شهر جي سڀني رهاڪن، بنا ڪنهن عمر، جنس يا عهدي جي لحاظ کان، پنهنجي شهر جي بچاءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو. زالن پنهنجا ڊگها وار ڪتري، انهن مان ڪمانن جون زرهون ٺاهيون. اندرئين بندر ۾ نئون بحري ٻيڙو تيار ڪري، روم وارن جي حملي کي روڪيو ويو. ٻن سالن تائين حملو ڪندڙ رومي لشڪر شهر کي هٿ نه ڪري سگهيو. 146 ق.م ۾، سپيو صلاحڪار رومي لشڪر جي مهنداريءَ جون واڳون ورتيون. هن هيءُ حملو وڏيءَ طاقت ۽ حرفت سان ڪيو، ۽ آخرڪار شهر هٿ ڪيائين. سترنهن ڏينهن جي هڪ وڏيءَ باهه کان پوءِ، روم جو هيءُ ڌڪاريل مقابلو ڪندڙ ڪارٿيج نابوديءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويو.

صوبائي انتظام:

سـِـسلي، سارڊينيا، ڪارسيڪا، آلپس جي ڏکڻ ۾ گال سان گڏ، روم وارن جي هٿ ۾ هينئر اسپين، آفريڪا، مقدونيا ۽ يونان پڻ هئا. رومين طرفان ماتحت صوبائي ماڻهن سان مفتوح قوم جي هلت ڪئي ويندي هئي، ۽ کين ڪي به سياسي حق نه ڏنا ويندا هئا. هڪ خاص عهدنامي مطابق، ڪيترن شهرن کي ’مڪاني خود مختيار حڪومت‘ جو خاص حق حاصل هو، پر روم جي صوبائي انتظام ۾ سندن ڪوبه عيوضي ڪونه هو.صوبي مٿان هڪ پرو ڪائونسل (Pro Council) يا ننڍو صلاحڪار، يا پروپريٽر (Propretor) مقرر هو، جنهن جي عهدي جي مدت اڪثر هڪ سال هئي. هن عهدي جو اجايو فائدو وٺي، محڪوم صوبي وارن کي هر طرح پيڙهيو ويندو هو. سينيٽ ڍل گڏ ڪرڻ جو ڪم انهن ماڻهن کي ڏيندي هئي، جي وڏي ۾ وڏو واڪ ڏيندا هئا، ۽ جي اصل شاهوڪار ۽ اميرهوندا هئا. هو وري پنهنجا ايجنٽ موڪليندا هئا، جن کي پبليڪنس (Publicians) ڪوٺيو ويندو هو، جي وڃي ماڻهن مان ڍل اڳاڙيندا هئا. پبليڪيشنس جي ظلم سبب جلد ئي پبليڪنس کان ماڻهو ڀڄڻ لڳا، ۽ صوبن جي ماڻهن جي ٻئي ڪنهن به طبقي کان کين وڌيڪ ڌڪارڻ لڳا. هنن جي ذريعي، ۽ جنگ جي مال غنيمت جي ذريعي، مفتوح ملڪن مان اٿاهه دولت روم ۾ اچي ويئي.

باب تيرهون

رومي جمهوريت جو زوال، ۽ هڪ آمر جي

 طاقت جو اُسرڻ

فنيقي لڙاين کان پوءِ روم جي سياسي ۽ اجتماعي حالت:

روم جي جمهوري جوڙجڪ، هڪ غلام شهري مملڪت طور ٺهيل هئي. جنهن وقت ڀونوچ سمنڊ جي ملڪن جو ڳچ حصو روم جي حڪمرانيءَ هيٺ آيو، تڏهن ايڏي وڏي شهنشاهت جي حڪمرانيءَ جي ڪم لاءِ سندس شهري حڪومت جو سرشتو بلڪل اڌورو ثابت ٿيو. پرڏيهي لڙائين جو ابتدائي سياسي نتيجو اهو نڪتو جو سينيٽ حڪومت جو سڄو قبضو پنهنجي هٿ هيٺ رکيو. عوامي اسيمبليون پرڏيهي پاليسيءَ جا مشڪل مسئلا نه ٿي سمجهي سگهيون ۽ هو پاڻ ان ۾ خوش هئا ته سينيٽ وارا ان کي منهن ڏين، جي تجربيڪار مدبر ۽ مهندار هئا. نتيجو اهو نڪتو جو حڪومت شاهوڪار امير طبقي جي هٿ ۾ اچي ويئي، جن سڀئي سرڪاري عهدا پنهنجي ننڍيءَ نيات جي هڪ هٽي سمجهيا. قديم جمهوريت جو نمونو ساڳيو، بغير تبديليءَ جي، هلندو آيو. عوامي اسيمبليون اڃا تائين گڏ ٿينديون هيون، مئجسٽريٽ چونڊبا هئا، ۽ اهي قاعدن جا فيصلا ڪندا هئا، پر عام ماڻهن مان  اڳئين حب الوطني نڪري ويئي هئي. هينئر هو ملڪ جي ڀلي ۾ ڪا سچي دلچسپي نه وٺندا هئا. هنن پنهنجا ووٽ رڳو انهن عيوضين کي ٿي ڏنا، جن کين اناج جي تحفن ڏيڻ سان راضي ٿي رکيو، يا کين ٿئيٽر جي مفت نمائش ٿي ڏيکاري.

روم وارن جي هيءَ خرابي، لڙائيءَ ۽ فتح جو نتيجو هئي. هنيبال وارين لڙاين جي بربادين ۾ اٽليءَ جو هاري (آبادگار) طبقو زبون ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ جيڪي گهڻيون فتحون ٿيون، تن جي ڪري غلامن جو وڏو تعداد وڌيڪ شاهوڪار روم وارن جي هٿ ۾ اچي ويو. مثلاً: سسليءَ ۾ غلامن جي مزدوري ايتري سستي هئي جو زمين جا مالڪ پنهنجن بيمار غلامن کي سندن موت تائين ڪم ڪرائيندا هئا، بجاءِ انهيءَ جي، جو هو انهن جي چاڪ ٿيڻ جو خيال رکن. نئين غلام خريد ڪرڻ ۾ کين گهٽ پئسا ڏيڻا پوندا هئا، انهيءَ ڀيٽ ۾، جو پنهنجي اڳئين غلام سان انساني هلت ڪن. هن سستي مزدوريءَ جي ڪري سسليءَ ۽ آفريڪا جي ٺيڪيدارن لاءِ سولائي ٿي پئي، ته اٽليءَ ۾ اناج پيدا ڪرڻ بدران روم جي بازار ۾ کين گهٽ قيمت تي اناج ڏين. نتيجو اهو نڪتو، ته هارين مجبور ٿي شاهوڪار اميرن کي زمين وِڪي ۽ روم ۾ ٻئي ڪنهن معاشي ذريعي لاءِ واجهائڻ لڳا. دارالسلطنت غريب ماڻهن جي ميڙ سان ڀرجي ويو. ڪيترن کي ته ڪو معاشي ذريعو ڪونه هو، سواءِ انهيءَ جي، جو جيڪي عوام مان کين اناج جا چندا مليا هئا ۽ ٻي خانگي ملڪيت، جا اميرن ڪنهن عهدي جي چونڊ لاءِ سندن ووٽن خريد ڪرڻ لاءِ ڏني هئي.

رومي سينيٽ واري طبقي ۾ آهستي آهستي عيش عشرت ۽ دولت جو حرص وڌندو ويو. صوبن کي روم جي گورنرن کي شاهوڪار بنائڻ لاءِ لـُـٽ جو خزانو سمجهيو ويندو هو. اها عام چوڻي هئي ته ڪنهن ماڻهوءَ کي ٽن سالن جو پروڪائونسل جو عهدو ضروري هو. پهرئين سال جي لـُـٽ مان جيڪو ڪجهه کيس ملندو، سو انهن قرضن ڏيڻ ۾ ادا ڪندو، جي هن انهيءَ عهدي حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ڏيڻ لاءِ کنيا هئا، ٻئي سال جي حاصلات ان لاءِ ڪافي هئي، ته ججن کي رشوت ڏئي کين بدانتظاميءَ جي امڪاني مقدمي هلائڻ کان روڪيو وڃي، ۽ ٽئين سال جو نفعو گورنر کي شاهوڪار بنائي ٿي سگهيو. مطلب ته ماڻهو ٻن جدا جدا طبقن ۾ ورهايل هئا، يعني ٿورا شاهوڪار، ۽ گهڻا غريب. شاهوڪار حڪومت تي پنهنجي فائدي لاءِ قبضو ڪري ويٺا هئا. غريب عوام پنهنجا ووٽ اڪثر پنهنجي کاڌي ۽ تفريح حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. عوام جي هن خراب حالت روم ۾ انقلاب آندا ۽ سينيٽ جي طبقي وارن جي لالـچ صوبن جي بربادي آندي.

گـِـراچي (Gracchi) ڀائرن جا سڌارا:

ٽيبريوس جو مجسمو

ٽـِـبيريوس (Tiberius)، ڪيئوس (Caius)، ۽ گريچوس (Gracchus) ڀائر، سن 133 ق.م کان 123 ق.م واري زماني ۾، ڪجهه وقت لاءِ سڌارن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ماڻهن جي عيوضين جي حيثيت ۾ هنن قاعدا عمل ۾ آندا، جن مطابق ڪوبه ماڻهو گهڻي عوامي زمين پنهنجي قبضي ۾ رکي نه ٿي سگهيو، ۽ انهن قاعدن مطابق هنن زمين وري شهرين ۾ ورهائي ڇڏي. هنن ڪيترن ضرورتمند ماڻهن کي صوبن ۾ آباد ڪري سندن ضرورت پوري ڪئي. جيئن ته گـِـراچي ڀائرن جي انهن ڪمن ڪري سينيٽ واري طبقي جي سياسي طاقت خطري ۾ هئي، تنهنڪري انهن سخت مخالفت ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو داخلي لڙائي شروع ٿي ويئي. آخرڪار ٻئي ڀائر عوام جي ڀلي خاطر وڙهندي مارجي ويا.

ماريوس (Marius) ۽ سـُـلا (Sulla) جي خانگي لڙائي:

گراچي ڀائرن جي سڌارن رڳو ڪجهه وقت لاءِ انهن خرابين کي دور ڪيو، جي روم جي بادشاهت کي خراب ڪري رهيون هيون. سينيٽ وارو طبقو پنهنجي ملڪ ۾ جيئن پوءِ تيئن رشوت واري بيحيائيءَ جي طريقن ۾ هيٺ ڪـِـرندو ويو، ۽ صوبن ۾ وري ماڻهن کان پيڙهي پيسا وٺڻ شروع ڪيائين. سينيٽ وارا ۽ عهديدار، جي رڳو پنهنجي خانگي غرضن جي پٺيان هئا، انهن جي خود غرضيءَ حڪومت جي طاقت کي ضعيف ڪري ڇڏيو.ٻئي طرف وري اڪيلا ماڻهو، جن کي قابليت هئي، سي ايترو اثر رسوخ حاصل ڪري ويا، جو ابتدائي جمهوريت جي ايمانداريءَ واري زماني ۾ اڻلڀ هو.

انهن ليڊرن جو مکيه هٿيار لشڪر هو. روم جا شهري عيش عشرت ۽ سستيءَ جي ضعيف ڪندڙ اثر هيٺ پنهنجي جنگي بهادري وڃائي ويٺا هئا. هو هميشـہ ايئن چاهيندا هئا ته پرڏيهي لڙائين جون تڪليفون، شهنشاهي صوبن مان ڪـِـرائي تي گڏ ڪيل لشڪرجي سر تي مڙهين. انهن سپاهين کي وري روم جي ڀـَـلي ۾ ڪا دلچسپي ڪانه هئي، بلڪ هو شخصي طرح ڪامياب ۽ عوام ۾ مقبول مهندارن سان ٻڌل هوندا هئا. هو پنهنجي مهندارن سان گڏ اٽليءَ ۾ سندن سياسي دشمنن جي خلاف ايتريقدر مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا، جيتريقدر آفريڪا ۾ ڪن باغي قبيلن جي خلاف.

جيئن حالتون بيان ڪيون ويون آهن، سي آهستي وڌنديون رهيون. اهي حالتون سن 88 ق.م کان 82 ق. م تائين ماريوس ۽ سـُـلا جي وچ ۾ خانگي لڙائين جي وقت ۾ حد درجي کي پهتل هيون.

ماريوس، جو هڪ ڏيهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ مزدور جو پٽ هو، سو هڪ عام لشڪريءَ مان وڌي وڃي لشڪر جو مهندار ٿيو. سندس فوجي ڪاميابين کيس لشڪر ۾ مقبول ڪري ڇڏيو، ۽ عوام ۾ کيس خاص مقبوليت حاصل ٿي. عوام هن کي پنهنجو فرد ڪري ٿي ليکيو. سن 102 ق.م ۽ 101 ق.م ۾ هن اڪئا سيڪشيا (Aquae Sextiae) ۽ وچيلي (Vecellae) جون لڙايون چنبري (Cinbri) ۽ ٽـِـيوتونيز (Teutones) جي خلاف فتح ڪيون. هنن بربري جرمنن روم جي ڪيترن لشڪرن کي شڪست ڏني هئي، ۽ خود روم کي ڊپ ڏنو هئائون ته متان هو اُتر اٽليءَ ۾ لهي اچي. ماريوس سندن لشڪر کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيو ۽ ان طرح ”ملڪ جي بچاءَ ڪندڙ“ جو لقب حاصل ڪيائين. جڏهن هو روم موٽي آيو ته کيس ڇهون ڀيرو صلاحڪار چونڊيو ويو ۽ هن عوامي پارٽيءَ سان اتحاد ڪيو. سندس نيت اها هئي ته پاڻ روم جو اڪيلو حڪمران بنجي، پر پنهنجي ظلم ۽ بدانتظاميءَ جي ڪري هيءُ ڪامياب ٿي نه سگهيو.

سـُـلا، جو ماريوس جو مقابلو ڪندڙ هو، سو آپٽيميٽڪس (شاهوڪار امير - بهترين ماڻهو = (Optimatex جي پارٽيءَ مان هو. هن ماريوس جو قابل نائب رهي شهرت حاصل ڪئي هئي ۽ ايشيا ڪوچڪ ۾ پنهنجي سر فتحون حاصل ڪري مشهور ٿيو هو. ماريوس وانگر، سـُـلا جو به اهو مقصد هو ته حڪومت جو قبضو سندس هٿ ۾ اچي. سن 88 ق.م ۾ اُتر ايشيا ڪوچڪ ۾ پانٽـَـس (Pontus) جي بادشاهه مـِـٿريڊاٽيس (Mithradates) سان لڙائي شروع ٿي پئي. سـُـلا ۽ ماريوس، ٻنهيءَ جي مرضي هئي ته لشڪر جي مهنداري کين ملي، ڇو ته هر هڪ ايئن ٿي چاهيو ته ان طرح پنهنجي پارٽيءَ کي مضبوط ڪري. سـُـلا ان معاملي جو فيصلو هن طرح ڪيو جو، لشڪر جي مهنداري ڪندي روم کي ڊاهڻ شروع ڪيائين ۽ عوامي پارٽيءَ جي ليڊرن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيائين. ماريوس کي شهر بدر ڪيو ويو ۽ هن پنهنجي حياتي مس بچائي. سـُـلا جي مشرق طرف رواني ٿيڻ کان پوءِ، سال اندر، ماريوس جي دوست، سـِـينا (Cinna) ، لشڪر ڪٺو ڪري ان جي مهنداريءَ لاءِ ماريوس کي واپس گهرايو. روم تي وري ٻيو ڀيرو حملو ڪيو ويو. پنجن ڏينهن تائين ماريوس جي لشڪر شهر کي ناس ڪيو ۽ سڀني آپٽيميٽن (Optimates) کي، جي ڀڄي نه ويا هئا، قتل ڪيو. مقتول ماڻهن جي ملڪيت ماريوس ضبط ڪئي. ماريوس ۽ سينا پاڻ کي صلاحڪار چونڊيو، پر ماريوس ان فتح کان پوءِ جلد ئي گذاري ويو. سينا ان کان پوءِ به ٽي سال وڌيڪ ظلم سان حڪمراني ڪندو رهيو.

سن 83 ق.م ۾، سـُـلا چاليهه هزار تجربيڪار سپاهين جي مهنداري ڪندو موٽيو. ماريوس جي لشڪر سان هڪ سال جي جنگ کان پوءِ، هي روم جو ڊڪٽيٽر ٿي اندر داخل ٿيو. عوامي پارٽيءَ جيڪي ظلم ڪيا هئا، تن جو هن خطرناڪ عيوضو ورتو. سندس دوستن جن ماڻهن جا کيس نالا ٻڌايا، سي هڪ لسٽ ۾ لکيا ويا، ۽ انهن مان روز هڪ هڪ ٿي چوسول تي ٽنگيا ويندا هئا. انهن ”ممنوع ماڻهن“ کي شهر بدر ڪيو ويو ۽ سندن ملڪيت ضبط ڪئي وئي. سـُـلا جا اهي منع ناما نه رڳو اٽليءَ ۾ جاري هئا، پر صوبن ڏانهن پڻ موڪليا ويا. سندس لکين سياسي دشمنن جو ڪوس ڪيو ويو، ايتريقدر جو ظالم سان مخالفت جو هر نشان ميٽايو ويو. سينيٽ سـُـلا جي انهن سڀني ڪارنامن کي درست ۽ قانوني قرار ڏنو ۽ سڄي حياتيءَ لاءِ کيس ڊڪٽيٽر مقرر ڪيو. ٽن سالن جي خودمختيار حڪمرانيءَ کان پوءِ هن ڊڪٽيٽريءَ جي عهدي تان استعيفا ڏني. ٻئي سال (سن 78 ق.م ۾) گذاري ويو.

ماريوس ۽ سـُـلا جي جانشينن جي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ ضروري آهي ته انهيءَ زماني جي مـُـک واقعن جو ذڪر ڪجي:

سسليءَ ۾ غلامن جون لڙايون:

ڪڏهن به غلاميءَ جو نتيجو ايتريقدر بي انصافي ۽ ظلم ڀريو نه نڪتو، جيترو رومي جمهوريت جي پوئينءَ صديءَ ۾ نڪتو. اٽليءَ جي رهاڪن تي غلاميءَ جي اثرن جو ذڪر اڳ ۾ ئي ڪيو ويو آهي. انهيءَ دور ۾ غلامن جي حالت ايتري ذليل هئي، جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. ساريءَ دنيا مان جيڪي جنگي قيدي هتي آيا، تن هنن بدبختن جو تعداد وڌائي ڇڏيو. سسليءَ ۾ ڪي اڪيليون زمينداريون ويهن هزارن غلامن جي ڪم ڪرڻ سان قائم هيون. انهن جي مٿان جيڪي محافظ مقرر ٿيل هئا، تن ڪنهن به بغاوت جي پيدا ٿيڻ خلاف اڳ ۾ ئي سخت قدم ٿي کنيا، پر سن 134 ۽ 132 ق.م جي وچ ۾ غلام هڪ بغاوت منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. هيءَ بغاوت تيستائين نه دٻائي ويئي، جيسين چئن رومي لشڪرن کي شڪست نه آئي. ان کان ٽيهه سال پوءِ سسليءَ ۾ وري غلامن جي ٻيءَ لڙائي هلچل مچائي.

گليڊيئيٽرس (Gladiators) جون لڙايون:

گليڊيئيٽرس پيشيور ويڙهـُـو هئا، جي ماڻهن جي تفريح لاءِ وڙهندا هئا. ورزش وارن اسڪولن جي سکيا ۾ منجهانئن ڪيترا اچي گڏ ٿيندا هئا، جتي ماڻهن اڳيان موتمار ويڙهه وڙهڻ لاءِ تياري ڪندا هئا. سن 73 ق.م انهن ويڙهاڪن مان ڪيترن ڄڻن مائونٽ ويسووس جي هڪ قلعي تي قبضو ڪيو، ۽ ان جي پسگردائيءَ واري ملڪ ۾ ڦـُـر ڪئي. ساڻن ٻيا ڪيترا ويڙهو اچي مليا، ۽ ڪيترا ڀاڄوڪڙ غلام اچي هنن جا ساٿي ٿيا، هنن جو هڪ وڏو لشڪر بنجي پيو، جنهن ٻن سالن تائين صلاحڪارن جي لشڪر جو مقابلو ڪيو. نيٺ انهيءَ بغاوت کي دٻايو ويو ۽ غلامن کي جهنگلي جانورن وانگر قتل ڪيو ويو.

مـِـٿريڊائيٽس (Mithridites) (سن 86 ق.م - 64 ق.م):

ڪيانئس جو بادشاهه مٿريڊائيٽس، روم وارن لاءِ هڪ ٻيو هنيبال هو. سن 88 ق.م ۾ هن ڌڪاريل روم وارن جي خلاف سڄي ايشيا ڪوچڪ ۾ هڪ بغاوت ڪئي. هڪ رات ۾ مشرق ۾ رهندڙ هڪ لک اٽليءَ وارن کي قتل ڪيو ويو. جنهن وقت سـُـلا پنهنجي پارٽين جي جهڳڙي ۾ وقت پئي وڃايو، ان وقت مٿريڊائيٽس يونان ۾ پنهنجو بري ۽ بحري لشڪر موڪليو، جنهن سان ڪيترا شهر اٿينس سوڌا اچي شامل ٿيا. سـُـلا يونان کي ٻن مشهور لڙاين ۾ وري فتح ڪيو، ۽ تياري ڪيائين ته مٿريڊائيٽس تي سندس ايشيائي ملڪ ۾ حملو ڪري، پر مٿريڊائيٽس صلح کي وڌيڪ پسند ڪيو، ۽ روم وارن کان جيڪو ملڪ هٿ ڪيو هئائين، سو کين موٽائي ڏنائين ۽ پڻ هڪ ڳرو ڏنڊ ڀري ڏنائين. سال کان پوءِ لڙائي وري شروع ٿي، ۽ مٿريڊائيٽس روم جي مهندار، جنهن پانٽس (Pontus) تي حملو ڪيو هو، ان کي شڪست ڏني. هن مقابلي جو خاتمو عهدنامي تي ٿيو، جنهن عهدنامي پهرئين صلح کي وري تازو ڪيو. سن 74 ق.م ۾ روم وارن ان ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جنهن لاءِ مٿريڊائيٽس جي دعويٰ هئي، ته سندس ملڪ آهي. مٿريڊائيٽس هڪدم لڙائي شروع ڪئي، ۽ هڪ صلاحڪار کي خشڪيءَ ۽ سمنڊ تي شڪست ڏني، پر هي ٻئي صلاحڪار، جنهن جو نالو لوڪولس (Lucullus) هو، ان سان پـُـڄي نه سگهيو، جو اهو بيشمار قابليت وارو مهندار هو. لوڪولس بادشاهه کي سندس ملڪ مان تڙي ڪڍيو، ۽ ايشيا ڪوچڪ جي مشرقي حصي تي ڪيترا ڀيرا هلان ڪئي، پر سندس لشڪر ۾ بغاوت ٿيڻ ڪري هن کي مجبور ٿي پٺتي موٽڻو پيو. مٿريڊائيٽس هڪدم اڳتي وڌيو ۽ روم جي ٻن صوبن کي برباد ڪيائين. ان وچ ۾ ايشيا ۾ لشڪر جي مهنداري بامپي کي سونپي ويئي. هن مٿريڊائيٽس جي ڪوهه قاف جبل تائين پٺ ورتي، پر کيس پهچي نه سگهيو. هيءَ طويل لڙائي سن 63 ق.م ۾ مٿريڊاٽيس جي موت ٿيڻ جي ڪري نيٺ ختم ٿي. هيءُ جرئت وارو بادشاهه اٽليءَ تي حملي جون تياريون ڪري رهيو هو جو پٽ سندس خلاف بغاوت ڪئي. انهيءَ بري خبر سندس فخر واري دل کي ٽوڙي ڇڏيو. آخر انهيءَ صدمي ۾ هن پنهنجي هٿن سان پاڻ کي ماري ڇڏيو.

پامپي اعظم جو مجسمو

پامپي (Pompey) اعظم جو اُسرڻ:

سـُـلا جي نوجوان هم شريڪن مان امير پامپي سڀنيءَ کان اڳرو هو. جنهن وقت ڊڪٽيٽر گذاري ويو، ته پامپي فطرتي طرح سندس طاقت جو وارث بنيو. هن اسپين ۾ سرٽوريوس (Sertorius) جي خلاف، جنهن پاڻ کي اُپٻيٽ ۾ خودمختيار حاڪم ڪري کڙو ڪيو هو، همٿ سان لڙائي ڪئي. اسپين واري زندگيءَ جي زماني ۾ پامپي هڪ جمهوري آفيسر وانگر نه، پر هڪ شهزادي وانگر هلت ڪندو هو. صوبي جي حڪومت ۾ طاقت وارا سڀ عهدا هن پنهنجن دوستن ۽ واسطيدارن کي سونپي ڇڏيا. ان کان پوءِ، ايندڙ زماني ۾، سندس بخت ۽ فوجي قابليت گڏجي کيس روم ۾ اولين درجي تي پهچايو. هيءُ اٽليءَ ۾ وقت سر پهچي ويو، جو اچي گليڊيئيٽرس جي لڙائي ختم ڪيائين، ۽ ان ڪم جي سرانجاميءَ جي شاباس هن کي ملي، جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻيا جوابدار هئا. ساڳئي طرح مٿريڊائيٽس  واري ٽئين لڙائيءَ ۽ لوڪولس جي فتح جو فائدو به هن کي مليو. ايشيائي لڙائيءَ ۾ هن هڪ خاص قانون مطابق سڄي مشرق جي مٿان خودمختيار حڪمراني پئي ڪئي. ان کان هڪ سال اڳي هن کي اڳ ۾ ئي ڊڪٽيٽر جي طاقت مليل هئي، ته ڀونوچ سمنڊ ۽ ان جي ساحل تي بحري چورن جي پاڙ پٽي ڪڍي. ڪارٿيج ۽ ڪورينج جي ناس ٿيڻ کان پوءِ دنيا جو ڪيترو واپار برباد ٿي ويو هو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته واپارين سمنڊ تي ڦـُـر ڪرڻ مان اهو ڪجهه حاصل ٿي ڪيو، جو اڳ ۾ حق حلال جي واپار سان ڪندا هئا. آهستي آهستي هنن بحري چورن جي هڪ منظم حڪومت ٺاهي. ڀونوچ سمنڊ تي هڪ اٿاهه بحري ٻيڙو ڦرلـُـٽ جي سامان لاءِ پيو واجهائيندو هو، ايتريقدر جو خود روم وارن جا اناج جا جهاز هٿ ڪري، روم ۾ ڏڪار جو انديشو پيدا ڪيائون. پامپي رڳو ٽن مهينن جي هڪ باطريقي لڙائيءَ سان ڀونوچ سمنڊ کي ڦورن کان صاف ڪيو.  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org