29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :23

1895ع ۾ شمونويسڪي جي عهدنامي مطابق جاپان کي ليائوٽونگ اپٻيٽ جو قبضو وٺڻو هو. اوچتو روس، جرمنيءَ ۽ فرانس سان گڏ جاپاني شهنشاهت جي طرفان ٿيندڙ هن ملڪي وڌاءَ تي اعتراض ڪيو، جنهن ڪري جاپان کي علائقي بجاءِ چين مٿان وڌل جنگي ڏنڊ جي پئسن وٺڻ تي راضي ٿيڻو پيو. روسي سرڪار يقين ڏياريو، ته چين انهيءَ ڏنڊ جي پهرين قسط ڀرڻ لاءِ جيڪو قرض کڻندو، انهيءَ لاءِ روس ٻڌل رهندو. ان جي بدلي ۾ منچوريا ۾ روس کي فوجي فائدا ڏنا ويا.

ان کان ٽي سال پوءِ 1898ع ۾ پيڪنگ سرڪار روس سان هڪ نئين معاهدي تي اتفاق ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ ٽئلين وِين ۽ پورٽ آرٿر (لـُـئـِـشـُـنڪو) جا بندر پنجويهن سالن تائين روس کي مقاطعي تي ڏنا ويا ۽ روس کي منچوريا جي وچ مان سائبيرين ريلوي سان انهن بندرن کي ڳنڍڻ لاءِ هڪ ريل جي رستي جوڙڻ جي رعايت ملي.

باڪسر هنگامن دوران (1900ع - 1901ع) منچوريا کي روسي لشڪر مڪمل طرح والاريو. پيڪنگ ۾ روسي وزير هڪ معاهدي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن مطابق منچوريا مٿان سندس ملڪ جو تسلط قائم ٿي ٿيو، پر ٻين طاقتن هن قدم کي سٺيءَ نظر سان نه ڏٺو، جنهن ڪري روس انهيءَ ڳالهه کي بهتر سمجهيو ته اُهو 1902ع واري معاهدي مطابق منچوريا چين کي موٽائي ڏيڻ جو واعدو ڪري.

روس ۽ جاپان جي وچ ۾ لڙائيءَ جا سبب:

سائبيريا جي ترقيءَ لاءِ روسي سرڪار کي پئسفڪ وڏي سمنڊ تي هڪ غير برفاني بندر جي ضرورت آهي. روس جو ولاڊي ووسٽو خاطري جهڙو بندر نه آهي، ڇو ته هر سياري ۾ سندس بندر ٻن مهينن تائين برف سان ڄميل رهي ٿو، جنهن دوران برف ڀڃندڙ اوزارن ذريعي نهايت تڪليف ۽ وڏي خرچ سان بحري آمدرفت جاري رکي وڃي ٿي. پورٽ آرٿر هڪ تمام سٺو ۽ برف کان خالي بندر هو، جنهن کي روسي جنگي آفيس هڪدم هڪ وڏي پيماني تي بچاءَ وارن طريقن سان مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو. ڀر واري ٽئلين وين اپسمنڊ ۾ ڊالني جو واپاري بندر به وڏي خرچ سان ٺهرايو ويو.

جاپان هڪ طاقتور ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ آدمشماريءَ واري اسرندڙ طاقت هئي. هن کي پنهنجي وهنوار لاءِ وسيع ميدان ۽ نوان ملڪ گهربا هئا. 1895ع ۾ پنهنجي سوڀ مان حاصل ڪيل غنيمت کان محروم ٿي، هن کنڊ جي ٻئي طرف سامونڊي ڪناري تي روسين جي هلچل کي وڌندڙ خوف ۽ غصي سان ڏٺو. روس جي ڪاميابيءَ جاپان کي هڪ ننڍي ٻيٽائين طاقت جي حيثيت ۾ رهڻ ۽ هميشـہ لاءِ نيچ ڪري ڇڏيو. هي موقعو اُن وقت هڪ نازڪ حالت ۾ بدلجي پيو، جڏهن روسين ڪوريا جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ شروع ڪئي ّ“ ملڪ کي خالي ڪرڻ جي انجام کي دهرائيندي به لاڳيتو منچوريا تي پنهنجو فوجي قبضو ڪندا ويا.

روسي ۽ جاپاني جنگي تياريون:

جنهن وقت لڙائي لڳي، تنهن وقت روس وٽ ڏور اوڀر ۾  158,000سپاهين جو لشڪر موجود هو، پر اهو لشڪر هيڏانهن هوڏانهن  پکڙيل هو، ڇاڪاڻ جو قلعن وارو لشڪر پورٽ آئرن ۽ ولاڊي ووسٽو بندرگاهه لاءِ گهربل هو. روسي جنگي ڪمڪ سائبيرين ريل رستي پئي آئي، پر ايترو آهستي جو روسي لشڪر جي مهندارن جون فوجي ضرورتون پـُـوريون نه پئي ٿي سگهيون.

ان جي ڀيٽ ۾ جاپان وٽ 2,00,000 سپاهين جو لشڪر هميشـہ تيار هوندو هو ۽ 1,00,000 سپاهي ڪمڪ طور جلدي اچي ٿي سگهيا. ان سان گڏ 1,00,000 ماڻهن جو ٻيو پاسيرو رکيل نيم فوجي لشڪر ان مهم ۾ ڳنڍي سگهجي ٿو. جڏهن ته 1,65,844 ٻيا ماڻهو پڻ هڪدم ميدان ۾ اچي ٿي سگهيا.

جيستائين بحري لشڪر جو تعلق آهي، ان ۾ جاپانين کي هڪ اڪثريت وارو اعليٰ رتبو حاصل هو، روس وارن جي بحري لشڪر جو گهڻو حصو بالٽڪ گودين ۾ ۽ بندرن تي هڪ غير تياريءَ جي حالت ۾ پيو هو. جاپان ۽ روس واري لڙائي وقت کان اڳ ۾ شروع ٿي ۽ سراسر غير ڪافي تيارين روسين کي حيرانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو.

جاپان جو سمنڊ تي سالم قبضو:

جاپاني بحري ٻيڙي لڙائي اوچتي ۽ زور سان شروع ڪئي. 9 فيبروري 1904ع جي اڌ رات، جڏهن پورٽ آرٿر جي قلعي جو لشڪر ڪنهن جشن ملهائڻ ۾ مشغول هو، ان وقت جاپانين جون جهازن کي هيٺان بم هڻڻ واريون ڪشتيون بندر ۾ داخل ٿيون ۽ ٽن روسي جهازن کي نقصان پهچايائون. جاپانين کي انهيءَ پهرين سوڀ کانپوءِ هڪٻئي پٺيان فتحون ٿينديون ويون، تان جو باقي ٿورڙا روسي جهاز سمنڊ تي ظاهر ٿي نه سگهيا. جاپاني سمنڊ ۽ هيڊو سمنڊ هينئر جاپانين جي قبضي ۾ هئا ۽ چـُـرپـُـر وارا جهاز سلامتيءَ سان لشڪر ۽ سازوسامان کي لڙائي جي ميدان تائين کڻي وڃي پئي سگهيا.

بري لڙائيءَ جي ابتدا:

روس جو گهٽ لياقت وارو لشڪر يالوندي مان پٺتي هٽايو ويو. ليائوٽونگ اپٻيٽ پورٽ آرٿر سان گڏ منچوريا ۾ مـُـک لشڪر کان بلڪل ڇڄي ويو. هيءُ وڏو قلعو، جنهن کي اجيت شاهي ديوار ڪري سمجهيو ويندو هو، سو اڃا تائين نامڪمل هو ۽ منجهس ايترو جنگي ساز سامان به ڪونه هو. فتح لاءِ حالتون بهتر ڏسندي
جنرل نوگيءَ جي هٿ هيٺ جاپاني لشڪر جي هڪ جٿي کي پورٽ آرٿر جي فتح جو ڪم سونپيو ويو.

ليائوينگ جي جنگ:

روس جو مـُـک لشڪر جنرل پوروياٽڪن جي هٿ هيٺ ڏکڻ منچوريا ۾ ليائوينگ جي شهر ۾ هڪ مضبوط حيثيت ۾ گڏ ٿيل هو. انهيءَ ۾ اٽڪل ٻه لک ماڻهو هئا. هن لشڪر جي مقابلي ۾ ئي جاپاني لشڪر، جنهن ۾ اٽڪل ٻه لک ماڻهو هئا، سو فيلڊمارشل اوياما جي مهنداري ۾ اڳتي وڌيو. ڇهن ڏينهن جي لڙائيءَ کانپوءِ ٻن ڏينهن جي زبردست جنگ لڳي (31 آگسٽ 1904). انهيءَ کان ٽي ڏينهن پوءِ پوروياٽڪن لشڪر کي پسپا ٿيڻ يعني پٺتي هئڻ جو حڪم ڏنو. ڏهن ڏينهن جي هن لڙائيءَ ۾ جاپانين 21600 ماڻهو وڃايا ۽ روس جا 16000 آفيسر مئا.

پورٽ آرٿر جي شڪست:

هيءَ حقيقت آهي ته انهيءَ سڄي عرصي دوران پورٽ آرٿر جي حملي ۾ انساني حياتين جي زيان جو خيال ڪرڻ کانسواءِ حملي تي زور ٻڌو ويو. روسي سپاهين مختلف قلعن کي اهڙي دليريءَ سان بچايو جيڪي ڄڻ ته جاپاني حملي آورن جي هٿ هئا، پر روسي مهندار انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿي نه سگهيا ته جنگي فن جا ڪهڙا حرفتي قدم کڻجن؟ سپهه سالار شٽل سيلر اهڙي ڪمزوريءَ سان ۽ ريچڪ واري نموني ۾ عمل ڪيو، جو تقريباً ايئن پئي نظر آيو ته خود پنهنجي ملڪ سان غداري پيو ڪري. هن پهرين جنوري 1905ع تي تمام خراب شرطن تي آڻ مڃي. انهيءَ سوڀ کانپوءِ هاڻي جنرل نوگيءَ جو لشڪر مڪڊين ۾ پوروياٽڪن جي مقابلي ڪندڙ جاپاني لشڪر کي هينئر وڌائي ٿي سگهيو.

مڪڊين جي جنگ:

ليائوينگ جي فتح کانپوءِ جاپاني مهندارن روس وارن جو آهستي ۽ خبرداريءَ سان پيڇو ڪيو. مڪڊين وٽ روسي لشڪر، جيڪو مضبوطيءَ سان خندق ۾ ويٺو هو، تنهن جي ڏکڻ ۾ هو (جاپاني) سرديءَ وارين جاين ۾ ويا. سخت سرديءَ جي ڪري لڙائيءَ جو وسيع پيماني تي جاري رهڻ بهار جي موسم تائين بند ٿي ويو. انهيءَ وچ ۾ پوروياٽڪن کي يورپ مان تازي لشڪر جي ڪمڪ ملي، تان جو هن جي اڳيان اٽڪل ٽي لک پنجاهه هزار ماڻهو حاضر هئا. اهي انهيءَ لشڪر کانسواءِ هئا، جيڪو ٻين جڳهن تي پکڙيل هو.

جاپاني فيلڊ مارشل اوياما وٽ بهتر سازوسامان هو. ساڻس جاپان مان ڀرتي ڪيلن جي نئين لشڪر سان گڏ پورٽ آرٿر جو لشڪر به اچي شامل ٿيو. هن جو جملي لشڪر چئن لکن کان مٿي هو. جاپاني مهندارن جي تجويز اِها هئي ته روسي مورچن کي پاسن کان گهيري وڃجي، پر ساڳئي وقت سامهون هڪ مستقل حملو رکبو اچجي. ٻن هفتن جي خطرناڪ لڙائيءَ کان پوءِ اِها تجويز ذري گهٽ ڪامياب ٿي. ڏهين مارچ تي زار کي پوروياٽڪن کان هڪ تار پهتي ”مون کي گهيرو ڪيو ويو آهي“، پر اڃا تائين روسي سرڪار کي شڪست جو سخت ترين خوف ڪونه هو. هوڏانهن جلدي پٺتي موٽ ڪرڻ ڪري شڪست کاڌل روسين جا ڪجهه رهيل جٿا انهيءَ کان اڳ ۾ ڀڄي نڪتا، جو جاپاني پنهنجو وسيع گهيرو پورو ڪن. هرهڪ طرف کان لک ماڻهو مئا. مڪڊين جي جنگ، وڙهندڙ لشڪر جي عدد جي گهڻائي ۽ ٻنهي طرفن کان ڏيکاريل جانباز دليري، قربان ٿيل زندگين ۽ حاصل ٿيل نتيجن جي لحاظ کان تاريخ ۾ شاندار ترين ۽ خوفناڪ ترين مقابلن مان هڪڙي ليکي ويندي.

جاپان جي سمنڊ جي جنگ:

جيستائين جاپان جو سمنڊ تي قبضو هو، تيستائين سندس لشڪر کي مورچي کان مسلسل ڪمڪ ملي پئي سگهي. انهيءَ موڙ تي جاپان ۽ مـُـک ملڪ جي وچ ۾ لاڳاپي ختم ڪرڻ جو رڳو هڪ ئي طريقو هو، جنهن سان روس جي آخري فتح ٿي پئي سگهي. هن ڪم لاءِ بالٽڪ سمنڊ مان ٻه وڏا بحري جنگي ٻيڙن جا آڙماڙ موڪليا ويا. انهن جو ٽشوشيما جي ڳچي سمنڊ وٽ جاپاني بحري ٻيڙي اميرالبحر ٽوگو جي هٿ هيٺ انتظار پئي ڪيو، جيڪو جاپاني سمنڊ جي ڏاکڻين منهن وٽ آهي. 19 مئي 1905ع تي اخبارن ۾ اعلان ٿيو، ته ٽريفلگر جي جنگ کان پوءِ وڏي ۾ وڏي جنگ.... ڪوريا جي ڳچي سمنڊ ۾. هن جنگ ۾ روسي امير البحر روز ديسٽوينسٽي جو وڏو آرماڙ ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو، هن جا سڀ ويڙهاڪ جهاز يا ته ٻوڙيا ويا آهن يا گرفتار ڪيا ويا.  جڏهن ته جنگ ۾ جاپانين جو نقصان معمولي هو. (1)

 

پورٽ سمٿ جو صلح:

5 سيپٽمبر 1905ع ۾ ٻنهي طاقتن جي مختيار وزيرن پورٽ سمٿ (آمريڪا جي گڏيل رياستن) وٽ هڪ عهدنامي تي اتفاق ڪيو. فقري ٻئي موجب: ”روس ڪوريا جي شهنشاهت ۾ سياسي، فوجي ۽ اقتصادي حوالي کان جاپان جا تسلط وارا مفاد تسليم ڪري ٿو ۽ ڪنهن به قبضي جي مخالفت نه ڪندو ۽ نه ڪنهن بندش جي مخالفت ڪندو، جا جاپان ڪوريا ۾ نافذ ڪرڻ ضروري سمجهندو“. فقرو چوٿون: ”پورٽ آرٿر ۽ ڊالني جو مقاطعو سراسر جاپان جي قبضي ۾ رهندو“. فقرو نائون: ”روس جاپان کي سخالين ٻيٽ جو ڏاکڻيون ڀاڱو قبضي ۾ ڏيندو“(1) .

 

روس جي شڪست جا سبب:

روس جي شڪست جا سبب جاپانين جي فوجي ۽ بحري انتظام جي خوبين ۽ روس جي فوجي ۽ بحري انتظام جي خامين ۾ ملندا. لڙائيءَ کان ڪيترا سال اڳ روس جي سرڪار داخلي معاملن ۾ رشوت جي براين ۾ ڦاٿل هئي، جيڪي گهڻو ڪري هڪ آپيشاهي آفيسري راڄ ۾ ڏٺيون وينديون آهن. ڪيترائي روسي آفيسر نيپولين جي 1870ع وارن آفيسرن وانگر اڳواڻيءَ جي لائق نه هئا. جيستائين اميرالبحر روز ڊينسٽ وينسٽي جي بحري ٻيڙي جو تعلق هو، سو اهو به جيستائين مشرق تائين پهچي، ان کان اڳ ۾ ئي مغرب جي ٺٺوليءَ جو شڪار ٿي چڪو. اميرالبحر جي ٽوٻن ۽ سندس ٻيڙي جو فخر سوڀ ۾ ايترو نه هو جيترو سندس فتح جي ذري پرزي جي تڪميل ۾، اها فتح جا ڪيترن سالن جي دورانديشيءَ ۽ قابليت سان تيار ڪئي وئي هئي. اُن جو اخلاقي فائدو، جو هڪ سچي مقصد لاءِ جذبي مان پيدا ٿئي ٿو، سراسري جاپان جي طرف هو. جاپاني ميڪاڊو جا سپاهي پنهنجي ملڪ جي خودمختياريءَ لاءِ وڙهيا. ٻئي پاسي روس جي ڪيترن  سپاهين منچوريا جو نالو به نه ٻڌو هو. هو اُتي بيدليءَ سان وڙهيا ۽ جيڪڏهن روسي فوجين جي فطرت ۾ اورچائيءَ جو انگ، (جنهن کيس هميشـہ ممتاز ڪيو آهي) نه هجي ها ته  جيڪر هو جلدي ئي پيش پون ها. (2)

 

سڌاري ۽ ان جي ردعمل جي وچ ۾ اندروني ڇڪتاڻ (1855ع - 1905ع)

روس ۾ وچ واري زماني جي ذهنيت کان جديد زماني جي حالتن ڏانهن هڪ مـُـک قدم کنيو ويو، جڏهن زار اليگزينڊر ٻئي (1855ع - 1881ع) روس جي 2,30,00,000 ايڪڙ زمين سان گڏ خريد ڪيل هارين (Serfs) جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. هو هينئر آزاد انسان هئا، پر سندن اقتصادي حالت اڃا تائين خراب هئي. هوڏانهن مـُـلڪ ۾ آپيشاهيءَ جي حڪمرانيءَ سان ناراضپي جو نتيجو هي ٿيو، جو هڪ ڳجهي جماعت ٺاهي وئي، جنهن کي ”نهيلسٽ“ (Nihilist) يا ناستڪ ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. سندن تجويز هئي ته ڳجهي طرح ماڻهن کي قتل ڪري زوريءَ سڌارو آندو وڃي. سرڪار انهيءَ تحريڪ جو جواب انهيءَ طرح ڏنو جو هزارين ماڻهن کي اوڀر سائبيريا ڏانهن نيڪالي ڏني وئي. 1881ع ۾ اليگزينڊر هڪ اوڪازي (فرمان) تي صحي ڪئي، جنهن مطابق هڪ جمهوري جوڙجڪ واري حڪومت جي ابتدا قائم ڪيائين. اڃا اها خبر اخبارن ۾ ڇپي ئي نه هـُـئي ته هـُـو هڪ ناستڪيءَ جي بم لڳڻ سان مارجي ويو. سندس جائنشين ماڻهن کي شهر بدر ۽ قيد ڪري پنهنجي آپيشاهي قائم رکي. انهيءَ کان پوءِ ايندڙ زار نڪولس ٻئي، پنهنجي حڪومت جي پهرين ڏهن سالن ۾ پڻ ساڳيا پير کنيا.

البت وزيرن جي اثر ذريعي 1903ع ۾ روس ۾ هڪ آزاد خيال وارو اعلان ڪيو ويو. جنهن موجب سڀني مذهبي فرقن سان رواداري جائز رکي وئي. علاقائي ۽ ضلعي سرڪار جي سڌاري جو واعدو ڪيو ويو، پر ڪجهه مهينن کانپوءِ پليهه وي، جيڪو چوٽيءَ جو رجعت پسند هو، تنهن جي وزير ٿيڻ تي وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه وارو معاملو ٿي ويو. سياسي قتل بازي ّ“ مقامي فساد ذري گهٽ هر روز جا واٰقعا ٿي ويا. جولاءِ 1904 ۾ پليهه وي، جنهن کي سڌاري جو وڏو دشمن ڪري سمجهيو ٿي ويو، تنهن کي قتل ڪيو ويو.

روسي انقلاب:

1905ع ۾ جڏهن جاپان سان ٿيل لڙائيءَ آفيسر شاهيءَ جي بيشرم خود غرضي ۽ بد اخلاقي ظاهر ڪري وڌي، تڏهن ڪاوڙيل ماڻهن کلم کلا بغاوت شروع ڪري ڏني.

مشهور سماج سڌارڪ ڪائونٽ ٽالسٽاءِ ساڳئي وقت لڙائيءَ کي هڪ وحشياڻو عمل ڪري ننديو ۽ ماڻهن کي چيو ته هو لشڪر ۾ ڀرتي ٿيڻ کان انڪار ڪن. ان ڏس ۾ مزدورن طرفان ٿيل هڙتالن ۽ بچائي رکيل لشڪر جي فساد کي سرڪاري لشڪر جي جبر سان دٻائڻو پيو. هوڏانهن ڪاري سمنڊ ۾ هڪ تمام خطرناڪ حالت پيدا ٿي پئي، جتي سڀ کان وڏي جنگي جهاز جي ملاحن بغاوت ڪئي ۽ ٻين جهازن جي لشڪر، انهن تي گولي هلائڻ کان نابري واري. آخر ۾ زار پنهنجي وزيرن جي سڀا واري صلاح جي اڳيان ڪنڌ نوايو ۽ هڪ فرمان جاري ڪيائين، جنهن ۾ سڌارا آڻڻ جو واعدو ڪيل هو.

سرڪاري فرمان ۾ نار طرفان ٻين ڳالهين سان گڏ ايئن به چيل هو ته ”هن کان پوءِ مون پڪو ارادو ڪيو آهي، ته خدا جي مدد سان انهن لائق ماڻهن کي گڏ ڪندس، جن ۾ عوام جو ڀروسو هوندو ۽ جن کي هنن چونڊيو هوندو، ته جيئن اُهي اچي قانون سازيءَ جي عمل ۾ شرڪت ڪن ۽ انهن کي عملي جامو پهرائڻ ۾ حصو وٺن“.

هڪ قومي اسيمبلي جو قائم ٿيڻ:

18 آگسٽ 1905ع ۾ زار هڪ فرمان ذريعي حڪومت جي جوڙجڪ بحال ڪئي، جنهن جي پهرين فقري ۾ چيل آهي:”ڊوما (Duma) قائم ڪئي وڃي ٿي ته جيئن اُها قانوني تجويزن جو اوائلي اڀياس ڪري انهن تي بحث ڪري. اهي تجويزون بنيادي قانونن مطابق شهنشاهت جي ڪائونسل جي ذريعي اعليٰ ترين شاهي اختياريءَ وارن اڳيان پيش ڪيون وينديون“. ووٽ جو حق انهن ماڻهن تائين محدود رکيو ويو جن کي ڳچ ملڪيت هئي، مثال طور: ماسڪو ۽ سينٽ پيٽرزبرگ ۾ 100 مان رڳو هڪڙو شخص ووٽ ڪري سگهيو ٿي. ان تجويز تي آزاد خيال وارا راضي نه ٿيا.

ڊوما جو پهريون اجلاس:

10 مئي 1906ع تي پيٽرزبرگ ۾ سياري واري محلات ۾ زار پهرين ڊوما جو افتتاح ڪيو. افتتاحي جشن وقت ماڻهن جي نمائندن بادشاهه جي خيالن جي مخالفت ظاهر ڪئي. هن اڃا تائين آپيشاهيءَ جي اصل روح کي برقرار رکيو، پر ڊوما جي مرضي هئي ته کيس هڪ سچي پچي جمهوري جوڙجڪ واري حڪومت جو بادشاهه ڏسي. خيالن جي هيءَ ڪشمڪش جاري رهي. نيٺ جولاءِ ۾ زار طرفان ڊوما کي برخواست ڪيو ويو، جنهن ٻيو ڪجهه نه ڪيو، فقط ثابتي ڏني ته انقلابي دور اڃا ختم نه ٿيو هو. ان قدم مان ثابت ٿيو ته شهنشاهه جي صلاحڪارن وري کيس رجعت پسنديءَ ڏانهن ڦيرائي ڇڏيو.

ڊوما جو ٻيو اجلاس جيڪو 5 مارچ 1907 تي ٿيو، سو پڻ ناڪام ثابت ٿيو. ساڳئي سال جي جون مهيني ۾ زار انهي اجلاس کي به برخواست ڪري ڇڏيو.
نڪولس ٻيو سڀني روسين جو اڪيلو ذميوار بادشاهه ٿي رهيو. نومبر 1907 واري ٽين ڊوما کانئس اڳ واري ڊوما کان وڌيڪ سر جهڪائيندڙ هئي. ڊسمبر ۾ انهيءَ وزير اعظم جو هڪ اعلان ڪنن سان ٻڌو ته بادشاهه جي خودمختياري ۽ آپيشاهي هڪ اعليٰ طاقت وانگر زندهه وجود ۾ هئي ۽ جڏهن به روس جي سلامتيءَ لاءِ انهيءَ طاقت جي استعمال جي ضرورت ٿيندي ته زار انهيءَ طاقت جي استعمال کي عمل ۾ آڻيندو.

 

باب پنجٽيهون

برطانوي شهنشاهت ۽ يورپ جو بيٺڪي ڦهلاءُ

تعارف:

”برطانوي شهنشاهت“ جي اصطلاح جو عام طرح اهو مطلب آهي ته عظيم برطانيا جون بيٺڪون ۽ سندس تعبيدار ملڪ. اسان برطانوي شهنشاهت جي مختصر بيان ۾ انهيءَ اصطلاح کي سندس مڪمل معنيٰ ۾ استعمال ڪنداسين، جنهن ۾ اصل ملڪ ۽ ان سان گڏ سندس بيٺڪون اچي وڃن ٿيون.

نيپولين وارين لڙائين جي آخري دور ۾ برطانوي طاقت:

اسان اڳ پڙهي آيا آهيون ته پورچوگال، فرانس ۽ اسپين پنهنجي عروج جي زماني ۾ ايترن تعبيدار ملڪن جا اڳواڻ هئا، جيڪي انگلينڊ جي قبضي ۾ آيل ملڪن کان وسيع تر هئا. جڏهن انگريزن آخر ۾ پنهنجي طاقت بيٺڪي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ صرف ڪرڻ شروع ڪئي، تڏهن آهستي آهستي اُهي پنهنجي مقابلي وارن والار پسندن کان گوءِ کڻي ويا. 1713ع ۾ اسپين جي تخت نشينيءَ جي لڙائي جي آخر ۾ اوتريخت جي صلح مطابق فرانس کي گهربو هو ته هو انگلينڊ کي نيوفائونڊ لينڊ، نوواسڪوٽيا ۽ هڊسن وارا ملڪ ڏئي.  هوڏانهن اسپين جبرالٽر تان هٿ کڻي ڇڏيو هو. ستن سالن واري لڙائي (جنهن جو 1763ع ۾ پئرس جي صلح سان خاتمو ٿيو.) ۾ فرانس تي فتح جي ڪري ڪئناڊا، انگلينڊ کي مليو هو ۽ هندستان ۾ برطانوي تسلط کي پڪو ڪيو (ڏسو باب 26 جي پڇاڙي).

1768ع - 1779ع تائين ڪئپٽن جيمس ڪـُـڪ آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ جو ڪنارو ڳولي لڌو.

انهن ملڪن مٿن انگلينڊ جو حق قائم ڪيو. 1815ع  ۾ ويانا جي ڪانگريس ۾ انگلينڊ حاصل ڪيل ڪن ٿورن ملڪن رکڻ تي راضي رهيو، جن مان مالٽا سڀني کان وڌيڪ اهميت وارو آهي. هيءُ ٻيٽ ان وقت کان وٺي ڀونوچ سمنڊ ۾ برطانوي بحري طاقت جو مـُـک مرڪز رهيو آهي.(1)

 

برطانوي طاقت جو بنياد:

وسيع برطانوي شهنشاهت کي خاص اهميت برطانوي بحري طاقت جي ڪري حاصل ٿي ۽ قبضي ۾ رهي. نيپولين سان زبردست مقابلي جي دوران انگريز جهازرانن ڪاميابيءَ سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته ”برطانيا سمنڊ جو حڪمران آهي“. جنگي بحري ٻيڙو وري ڏينهون ڏينهن ترقي پذير جنگي هنر ۽ ڪاريگري کي معتبر بنائڻ سان گڏ ۽ سڄيءَ دنيا ۾ انگلينڊ جي واپار کي بلند ڪندو رهيو.

دُنيا ۾ برطانوي ڪاميابيءَ جو بنيادي سبب انگلينڊ جي جاگرافيائي حيثيت، ماڻهن جي هلت چلت ۽ سندن سياسي روايت ۾ ڳولڻ گهرجي. ٻين ملڪن کان ڌار بيهڪ جي فائدن متعلق پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته انگلينڊ کي سمنڊ جي قدرتي روڪ نه هـُـجي ها ته اُهو نيپولين جي رحم و ڪرم تي هجي ها. بيٺڪن جي آبادي ۽ ترقي، سرڪاري تحريڪ کان وڌيڪ عام ماڻهن جي خانگي ڪوشش جي ڪري هئي. اهي پايو وجهندڙ ۽ واپاري، جي برطانوي اثر کي ساريءَ دنيا ۾ کڻي ويا، تن جرئت، ايمانداري ۽ جانبازيءَ سان اڳتي ترقي ڪئي. هو جتي به ويا اُتي پنهنجي ملڪ وارو انصاف ۽ سچائيءَ جو اصول کڻي ويا (1).

 

1900ع جي شروعات ۾ انگريزي حڪومت:

سياسي طور انگريزي پارليامينٽ عام ماڻهن جي نمائندن جي سڀا هئي، پر حقيقت ۾ اها بادشاهه جي هڪ Olegarchy يا ”اميرن جي حڪومت“ ۽ امير گهراڻن جي حڪومت هئي. عام ماڻهوءَ جو حڪومتي وهنوار ۾ ڪوبه هٿ نه هو. هيءَ صورتحال آزاديءَ جي انگريزي روايت جي خلاف نظر اچي ٿي، تنهنڪري انهيءَ جي ڪجهه سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آهي.

جيئن جارج ٽئين بابت لکيل ٽڪري ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي (باب 27)، ته انهيءَ حڪمران باقاعدي رشوت ۽ عهدي جي آڇ سان پارليامينٽ ۾ پنهنجي لاءِ اڪثريت حاصل ڪئي. دراصل ان وقت اهڙيون چالون جائز سياسي اُپاءَ ڪري پئي ليکيون ويون. پارليامينٽ ۾ سيٽ خريد ڪرڻ ڪو بي شرميءَ جو ڪم نه هو ۽ نه وري ان کي ڳجهيءَ طرح خريد ڪيو ويندو هو. ڪيتريون سيٽون ڪن طاقتور خاندانن جي تسليم ڪيل ملڪيت ٿي ويون. هنري انقلاب جي ڪري آدمشماريءَ جا نوان مرڪز وجود ۾ آيا، ٻئي طرف وري ڪي ٻيا علائقا ذري گهٽ خالي ٿي ويا. تنهن هوندي به پارليامينٽ جي چونڊن لاءِ ووٽ ڏيڻ جو حق تبديل نه ٿيو. هيءُ عجب جهڙي ڳالهه چئبي ته سرشتي ۾ مانـچسٽر جهڙن وڏن شهرن کي ووٽ ڪونه هو پر آباديءَ کان خالي ٿيل ڳوٺاڻن علائقن، جن کي راٽن بوروز يا گندا علائقا سڏيو ٿي ويو، اهي پارليامينٽ ۾ ٻه ميمبر موڪلي ٿي سگهيا. دراصل اها نمائندگي صرف هڪ ڏيکاءُ هئي.

انگلينڊ جي خوش قسمتي هئي، جو سندس اميراڻي طبقي ۾ سياسي قابليت ۽ حب الوطنيءَ جو معيار بلند هو. 18 هين صدي عيسويءَ جي پارليامينٽن ۽ وزارتن جي ڀيٽ جمهوريت جي زوال کان اڳ ۾ روم جي سينيٽ سان ڪري سگهجي ٿي. ٻئي جماعتون عقل ۽ قابليت سان شهنشاهي پاليسيءَ جي رهنمائي ڪنديون هيون. پارليامينٽ جا وڏي ۾ وڏا مهندار ٻه سردار (Pitt) هئا. وليم قـِـْٽ وڏو، چئٿم جو امير (1708ع - 1778ع) جنهن کي عوامي مهندار به ڪوٺجي ٿو، تنهن ستن سالن واري لڙائيءَ ۾ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان انگلينڊ جي پاليسيءَ جي رهنمائي ڪئي. هن جي زوردار تقريري طاقت کيس هائوس آف ڪامنس جو حاڪم بنائي ڇڏيو. سندس ٻيو نمبر پٽ، وليم پـِـٽ ننڍو (1759ع - 1806ع) اڳ ۾ ئي 24 ورهين جي عمر ۾ چانسلر آف دي ايڪسچيڪر (مالي وزير) هو. وزيراعظم جي حيثيت ۾ هن نيپولين جي خلاف ٻيون ۽ ٽيون يورپي اتحاد ترتيب ڏئي کڙو ڪيو.

انهيءَ سرشتي جا مقصد، ۽ آمريڪي بيٺڪن جو هٿ مان وڃڻ:

ارڙهين صدي عيسويءَ جي نمائندگيءَ واري سرشتي جي حامين جو اهو خيال هو، ته پارليامينٽ جو هر ميمبر سڄي برطانوي شهنشاهت جو نمائندو هو، ۽ اها ڳالهه نه هئي ته شهنشاهت جي ڪهڙي حصي مان هو چونڊجي اچي ٿو. جيئن ته پارليامينٽ گهرو ملڪ ۽ بيٺڪن جي نمائنده هئي، تنهن ڪري اها اهڙا قانون پاس ڪري پئي سگهي، جي بيٺڪن تي پڻ واجب هئا. آمريڪا ۾ رهندڙ انگريز ان تصور جي مخالف خيال جا هئا. هنن جو چوڻ هو ته رڳو انهن ضلعن جي حقيقي طرح نمائندگي ٿـِـي ٿـَـي سگهي، جيڪي پنهنجا چونڊيل نمائندا  پارليامينٽ ۾ موڪليندا هئا، ۽ سندن دعويٰ هئي ته اهڙي نمائندگيءَ کان سواءِ مٿن ٽيڪس نه ٿو مڙهي سگهجي. هن اصول تي جهڳڙي جو نتيجو اهو ٿيو، جو انگريز پنهنجون وڌ ۾ وڌ قيمتي بيٺڪون وڃائي ويٺا ۽ آمريڪا جون گڏيل رياستون يعني يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا وجود ۾ آيون. انگلينڊ ۾ ماڻهن جو ڳچ گاڻيٽو ذهن آمريڪا وارن سان متفق هئو ۽ اُن هائوس آف ڪامنس ۾ نمائندگيءَ جي اصول جو سڌارو ڏسڻ ٿي چاهيو. (1)

 

سڌاري ۾ دير جا سبب:

انگريز قوم سهڻن سياسي نظرين کان وڌيڪ هميشـہ قانون ۽ صلح سانت جو قدر ڪندي آهي. هنن حڪومت ۾ آهستي آهستي خبرداريءَ سان تبديليون آنديون آهن ۽ اهڙي طرح انهن گوڙن وڳوڙن کان بچيا رهيا آهن، جن فرينچ انقلاب جي ابتدا کان وٺي ٻين يورپي ملڪن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو آهي. جنهن وقت آزادي، مساوات، برادريءَ جو واڪو سڄي فرانس ۾ گونجي رهيو هو، ان وقت انگلينڊ به سڌارن آڻڻ لاءِ ذري گهٽ تيار هو. شروع ۾ فرينچ انقلاب جي مثال جي ڪري آزاد خيال واري تحريڪ تيز ٿي وئي، پر فرانسي انقلابين طرفان بادشاهه ۽ حڪمران طبقن جي خلاف ڪيل ظلمن جي ڪري انگلينڊ ۾ ان سوچ جي خلاف جذبو پيدا ٿيو. عوام کي فرينچ جنون ۾ مست ڏسڻ بدران قوم اها ڳالهه وڌيڪ پسند ڪئي ته هڪ رجعت پسند حڪومت جي هٿ هيٺ اندروني صلح سانت وارو نظام هجي.

سڌاري وارو قانون:

انگلينڊ ۾ سياسي حقن جي عادلاڻي ورڇ ڏانهن پهريان قدم 1827ع ۽ 1829ع ۾ کنيا ويا. پهريائين پروٽيسٽنٽ اختلاف رکندڙن (جن جو مـُـلڪ ۾ قائم مذهبي فرقي سان اختلاف هو) ۽ ان کان پوءِ ڪئٿولڪ فرقي وارن کي اُنهن مذهبي رڪاوٽن مان آزاد ڪيو ويو، جن جي ڪري هن وقت تائين کين سرڪاري عهدن مان ٻاهر رکيو ويو هو.


(1) لنڊن ٽائمز اخبار. (مترجم)

(1) هن عهدنامي جي اهميت آخري باب جي پڇاڙيءَ ۾ بحث هيٺ آندي ويندي. (مترجم)

(2) اهو سچ آهي، ته فتح جي ڪري جاپان کي نوان ملڪ مليا، جنهن ڪري سندس لڙائي سولائيءَ سان هڪ فتح واري لڙائي ڪري سمجهجي ٿي. ڇوته جاپاني سمنڊ تي روس جي بحري ٻيڙي جو قبضو ۽ ان سان گڏ روس جي ڪاميابي جاپان جي مستقبل جي خودمختياري لاءِ خطرو هو. (ايڊيٽر)

(1) ”آسٽريا“ ۽ ”آسٽريليا“ جي نالن وچ ۾ مونجهاري جهڙي ڪا ٻي وڏي چڪ عام ڪانهي. آسٽريا، جنهن کي جرمني ٻوليءَ ۾ اؤسٽررائس (اؤسٽر= مشرق ، رائس= دولت يا ملڪ) سڏجي ٿو، تنهن جي معنيٰ آهي ته (ٻين جرمن ملڪن جي) مشرق وارو ملڪ. آسٽريليا لفظ ان ملڪ جي پهرئين لاطيني نالي ّمان نڪتو آهي، يعني ”ٽيرا آسٽريالس“ (ٽيرا= ملڪ، آسٽريالس= ڏاکڻيون) جنهن جي معنيٰ آهي ڏاکڻيون ملڪ. (مترجم)

(1) انهيءَ جو اهو مطلب نه آهي، ته سڀ انگريز انصاف وارا ۽ سچار هئا، پر انهيءَ جو اهو مطلب آهي، ته انهن بـُـنيادي خوبين ئي انگريز قوم کي سندس مقابلي ڪندڙن کان ممتاز ٿي ڪيو. ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سچائي ۽ انصاف جا معيار اڄڪلهه کان گهڻو ڪريل هئا. (مترجم)

(1) ڏسو باب 28.

اعليٰ طبقي جي گهڻي مخالفت کانپوءِ ۽ ماڻهن جي پاران ٿيل وڳوڙن سبب مشهور سڌارن جو قانون 1832ع ۾ پاس ٿيو. ”راٽن بوروز“ کي ختم ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ نون شهرن هائوس آف ڪامنس ۾ پنهنجا نمائندا موڪليا. سڌاري جي قانون ”شهرن ۾ وچئين طبقي وارن ماڻهن جي فائدي ۾ طاقت جي منتقليءَ جو ڪم سرانجام ڏنو. جيتوڻيڪ ان قانون حقيقي جمهوريت قائم نه ڪئي، پر تنهن هوندي به انهيءَ ڏس ۾ هڪ وڏو قدم کنيو“ (1).

 

چارٽزم (Chartism) يعني سـَـنـَـديت يا سنـَـد ڏيڻ وارو سرشتو:

انگلينڊ جا مزدور سڌاري واري تجويز تي راضي نه هئا. ڇو ته ان مطابق وڌيڪ غريب ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڪونه هو. سندن اڳواڻن هڪ ”عوامي پروانو“ (Peoples charter) ٺاهيو، جنهن مطابق ٻين تبديلين سان گڏ پارليامينٽ ۾ سيٽن لاءِ ملڪيت هـُـجڻ جي شرط ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. هڪ بالغ فرد لاءِ ووٽ جي حق هئڻ ۽ هائوس آف ڪامنس جي ميمبرن کي پگهار ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي، پر سڌاري جو جوش و خروش ننڍين جماعتن کان اڳتي نه وڌيو ۽ 1848ع  جي وڏي مظاهري کان پوءِ سڄي تحريڪ ختم ٿي وئي.

بچاءَ واري واپار کان آزاد واپار تائين:

انگريز حڪومت ٻين ملڪن سان گڏ درآمدي مال جي سڀني قسمن تي ڳرا محصول وجهندي هئي. انهن محصولن جو مـُـک مقصد اهو هو ته مقامي هنر ۽ ڪاريگريءَ جي پرڏيهي مال سان ٿيندڙ چٽاڀيٽيءَ ۾ ان جو بچاءُ ڪجي. عام ماڻهن لاءِ اهو بچاءَ وارو محصول هڪ بار هو، ڇو ته هنن هٿرادو طرح زندگيءَ جي ضرورت وارين شين جون قيمتون وڌائي ڇڏيون هيون. سڀني کان وڌيڪ بوبار وارا ”اَن جا قانون“ (Corn laws) هئا. انگلينڊ جي بازار ۾ اناج جي هڪ جنس جيستائين هڪ خاص ڳري قيمت تي وڪي ٿي، اوستائين پرڏيهي ڪڻڪ جي درآمد کي روڪيو ٿي ويو. انهن قانونن زميندارن کي فائدو ٿي پهچايو پر غريب مزدورن کي بک ٿي ماريو.

رچرڊ ڪابڊن ۽ جان برائيٽ جي مهنداريءَ هيٺ هڪ سڀا ءِ اَن قانون خلاف ليگ“ جي نالي سان ٺاهي وئي. هنن تقريرن ۽ چوپڙين جي وسيلي هلچل قائم رکي ۽ ڪارخانيدارن ۽ مزدورن کي انهيءَ ڳالهه تي قائل ڪيو ته اَن تي لاڳو محصول ختم ڪيو وڃي. انهن سر رابرٽ پيل، (جو 1841ع ۾ وزيراعظم ٿيو) جي حمايت حاصل ڪئي. 1846ع ۾ اَنَ وارا قانون ختم ڪيا ويا. جلدئي ٻين محصولن جو پڻ جلدي ساڳيو حال ٿيو. ”1842ع ۾ ٻارنهن سو اهڙيون شيون هيون، جن مٿان برطانوي بندرن تي محصول وڌو ٿي ويو. ان کان ڪجهه سال پوءِ محصول لائق رڳو ٻارنهن جنسون وڃي رهيون ۽ اهي به رڳو اپت برقرار رکڻ لاءِ رکيون ويون “. ان تبديليءَ کان وٺي انگلينڊ ”آزاد واپار“ سان لڳو رهيو آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته ملڪ ۾ مال بنا محصول ڏيڻ جي درآمد ۽ برآمد ٿي سگهي ٿو. اڄوڪو انگريزي واپار آزاد واپار جي اصول تي وڌي بيٺو آهي.(1)

 

اقتصاديات جي ڪيترن اڀياس ڪندڙن جو رايو آهي، ته جيئن ته ڪابڊين جي ڏينهن کان وٺي انگلينڊ جون واپاري حالتون بدلجي چڪيون آهن تنهن ڪري انگلينڊ کي گهٽ ۾ گهٽ ٿوري حصي لاءِ ٻيهر ڪـُـجهه واپاري حفاظتي قدم کڻڻ گهرجن. انهيءَ وقت انگلينڊ جو هنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ ڪوبه مقابلو ڪندڙ نه هو، پر هينئر جرمني ۽ آمريڪا جون گڏيل رياستون، جن ٻنهي وٽ حفاظتي محصول جا اگهه آهن، سي سندس زبردست مقابلو ڪندڙ بنجي پيا آهن.

وڌيڪ سياسي سڌارا:

برطانيا ۾ 1867ع ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق وسيع ڪيو ويو، جنهن ڪري مڇيءَ مانيءَ وارا مزدور به چونڊن ۾ شامل ٿـِـي پئي سگهيا. 1884ع کان وٺي ملڪيت هئڻ وارو اُهو شرط تمام گهٽجي ويو آهي، جيڪو ”خاص ووٽ“ جي حق کي ”عام ووٽ“ جي حق کان جدا ڪري ٿو.


(1) س. ر. گارڊينر: شاگردن لاءِ انگلينڊ جي تاريخ. (مترجم)

(1) ر. مئڪينزي: اُڻويهين صدي عيسوي. (مترجم)

آئرلينڊ واري ڏکيائي:

آئرلينڊ جا ماڻهو پنهنجي مٿان ڪڏهن به انگريز حڪومت تي راضي نه هئا. هو سيلٽڪ قوم جا ماڻهو آهن، ڪئٿولڪ مذهب جا پيرو ۽ سرڪاري تسلط نه سهڻ وارا. فرينچن سان لڙائين واري زماني ۾ آئرلينڊ جي پارٽيءَ فرينچ لشڪر جي مدد گهري، جيئن اُها هڪ خودمختيار آئرڳينڊ جي جمهوريت قائم ڪري سگهي. وليم پـِـٽ 1800ع ۾ آئرلينڊ جي پارليامينٽ کي انگلينڊ جي پارليامينٽ ۾ شامل ڪري، انهيءَ وڳوڙ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ٻنهي حڪومتن جي ڳنڍجڻ کان پوءِ به آئرلينڊ وارن جو ناراضپو ختم نه ٿيو.

آئرلينڊ جو مسئلو 1845ع کان پوءِ وري نازڪ ٿي پيو. انهيءَ سال ۽ بعد جي ڪـُـجهه سالن ۾ تمام گهڻي برسات جي ڪري ماڻهن خطرناڪ ڏڪار جي تڪليف ڏٺي. 1850ع کان اڳ ۾ ملڪ ڇڏڻ ڪري ۽ بک ڪڍڻ ڪري 20,00,000 ماڻهو آدمشماري ۾ گهٽجي ويا. اهو سڄو ڏوهه سرڪار تي مڙهيو ويو، نتيجي ۾ انگريز حڪومت جي خلاف آئرلينڊ جي حقارت وڌيڪ گهري ٿي ويئي.

هوڏانهن انگلينڊ جي نام نهاد ”فينيئنس“ (Fenians) زور ۽ زبردستيءَ سان آئرلينڊ جي خودمختياري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين جلدي دٻايو ويو. 1870ع کان وٺي آئرلينڊ جي محبِ وطن ماڻهن جي هڪ جماعت ”گهرو راڄ“ (Home Rule) يعني هڪ جدا آئرلينڊ جي پارليامينٽ جي طلب ڪئي. انگلينڊ جي مـُـختلف پارليامينٽن جي اڳيان گهڻي وقت تائين آئرلينڊ هڪ مـُـک مسئلو رهيو ۽ 1893ع ۾ گلئڊسٽن، جو ان وقت جو وزيراعظم هو، تنهن ان گـُـهر جي حمايت ڪئي. بعد ۾ گهرو راڄ جي تحريڪ خاص ڪري آئرلينڊ جي سياستدانن ۾ جهڳڙي پوڻ ڪري ناڪام ٿي.

1903ع ۾ حڪومت هڪ ”مهربانيءَ وارو قانون“ بحال ڪيو، جنهن جو مقصد آئرلينڊ ۾ معاشرتي حالتن جو سڌارو آڻڻ هو. هن آئرش لينڊ بل (Irish Land Bill) جي تفصيل بابت گهڻي سمجهاڻي نه ٿي ڏئي سگهجي. اهو چوڻ ڪافي ٿيندو، ته اڄ ڏينهن تائين برطانوي حڪومت جون آئرلينڊ ۾ معاشرتي امن وامان ٻيهر آڻڻ لاءِ ڪوششون مڪمل ڪامياب نه ٿيون آهن. آئرلينڊ اڃا تائين برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاهت جو (هڪ تڪليف پيدا ڪندڙ) شريڪ آهي (1).

 


(1) آئرلينڊ:  1920ع ۾ برطانوي پارليامينٽ ”گورنمينٽ آف آئرلينڊ ايڪٽ“ پاس ڪيو، جنهن مطابق آئرلينڊ جي ٻنهي حصن اتر ۽ ڏکڻ کي محدود خودمـُـختيار حڪومت عنايت ڪئي وئي. اتر واري حصي يونائيٽيڊ ڪنگڊم (United Kingdom) جي هڪ شامل ميمبر جي حيثيت ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. ڏاکڻئين ڀاڱي ”آئرش فري اسٽيٽ“ يعني آئرلينڊ جي آزاد ملڪ جي نالي سان برطانوي شهنشاهت اندر پنهنجي جوڙجڪ ٺاهي. (انگريزي ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org