آسٽريا جو اُسرڻ:
1438ع کان پوءِ جرمنيءَ جو تاج ۽ شاهاڻو شان
هئپسبرگ
(Hapsburg)
خاندان ڏانهن موروثي طرح منتقل ٿي ويو.
هئپسبرگ شهنشاهه هميشـہ پنهنجي خانداني مملڪت يعني
آسٽريا جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا، جنهن ڪري
آسٽريا جي ڊيوڪن
(Dukes)
يا اميرن جي حيثيت ۾ ٻين جرمن اميرن کان وڌيڪ طاقت
حاصل ڪري ويا، پر پنهنجي شهنشاهي منصب جي جلوي کي
وڌائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا، نه وري ڪو جرمنيءَ کي قومي
اتحاد جي رستي تي اڳتي وڌائي سگهيا. هي شاندار ڪم
گهڻو وقت پوءِ پـُـروشيا(prussia)
علائقي جي اڳواڻيءَ هيٺ ٿيو.()
روس
(Russia):
ايفان ٽئين
(Ivan III) (1462ع-1505ع) جنهن کي اڪثر ايفان عظيم ڪوٺيو
وڃي ٿو، جي حڪومت سان روس لاءِ هڪ نئون زمانو شروع
ٿيو. تاتاري تسلط ختم ٿيو ۽ ايفان هينئر آزاد هو،
جنهن پنهنجي تختگاهه جي ڀرپاسي وارن ننڍن روسي
اميرن جو ملڪ پنهنجي ملڪ ۾ گڏي ڇڏيو. پنهنجي حڪومت
جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجو لقب ”ماسڪو جو امير ڪبير“
مان ڦيرائي ”ڪل روس جو مطلق امير“ رکيائين. ايفان
جي پوين، شخصي مطلق العناني واري پاليسي قائم رکي
۽ آهستي آهستي سڀ ننڍيون روسي حڪومتون ماسڪو
شهنشاهت ۾ ملائي ڇڏيون. ايفان چوٿين
(1533ع-1584ع)، جنهن کي ”خوفناڪ“ ڪري ڪوٺيندا هئا،
ان جي ڏينهن ۾ قذاقي سردار ليرماڪ
(Lermaek)
ارتش نديءَ تائين سائيبريا فتح ڪري، روسي ايشيائي
حڪومت جو پايو وڌو. ايفان چوٿين غير ملڪي ڪاريگر
ملازم رکي انگلينڊ سان سمنڊ رستي باقاعدي واپار
شروع ڪري روس ۾ يورپي تهذيب آندي.
وچ واري زماني ۾ يورپ جي ذهني حالت:
ايوان ٽيون ۽ ايوان چوٿون |
جنهن وقت جديد مغرب جي علم جي سڀني شعبن ۾
تحرڪ جي حالت کي وچ واري زماني جي حالت سان ڀيٽجي
ٿو، ته وچ وارو زمانو هڪ ويران دور نظر ٿو اچي ۽
اونداهي زماني جو نالو مٿس ٺهڪي ٿو اچي. رومن
تهذيب جي نابوديءَ جي وقت ۽ چارلس اعظم جي دور جي
وچ ۾ ذهني بربريت وارو زمانو آهي. (يورپ ۾) نائين
صدي جي شروعات ۾ چارلس اعظم ديولين ۽ خانقاهن ۾
اسڪول قائم ڪيا. هتي مذهبي علم ۽ پادرين جي ڪم
واري علم سان گڏ لاطيني ٻولي سيکاري ويندي هئي.
ڏيهي ٻولين کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو ۽ لاطيني
ٻولي، وچ واري زماني ۾ سڀني عالمن جو تعليم جو
ذريعو ٿي رهي. چارلس اعظم جي موت کان پوءِ اهي اسڪول آهستي
آهستي پادرين جا سکيا گهر بڻجي پيا. ڪجهه لاطيني
مصنفن جي ڪتابن سان گڏ ارسطوءَ جا ڪتاب، جن جو عرب
عالمن تعارف ڪرايو هو، خاص طرح انهن جو اڀياس ڪيو
ويندو هو. نائين صديءَ کان پوءِ مـُـک عالم
”مدرسائي“
(School men)
جي نالي سان مشهور هئا. سندن ضخيم تصنيفون اڪثر
تخليقي ڳالهين سان پـُـر هونديون هيون، جيڪي کين
به سمجهه ۾ نه اينديون هيون.
يورپ جا اڪثر رهاڪو بي علم، جاهل، وهمي ۽ وسوڙا
هوندا هئا. اُتي انسان زندگي ايئن گذاريندا هئا،
ڄڻ سندن دلين تي پردا چڙهيل هجن! هو پنهنجي روحاني
حڪمرانن جا فرمانبردار ۽ ڪنهن ڳالهه کي عقل وسيلي
پرکڻ کان نااهل هئا، سندن ڏينهن ۾ مذهبي جذبات وڌي
تعصب جو روپ اختيار ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو،
جو ملڪ ۾ مذهبي گهرو ويڙهه جو دور شروع ٿيو. ان جو
مشهور مثال ”ٻارن جي صليبي لڙائي“
(Children Crusade)
آهي. يروشلم جي آزاد ڪرائڻ لاءِ هن صليبي جهد ۾
هزارين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين بهرو ورتو.
سندن والدين ايئن سمجهيو ته خدا جي طرفان انهن
ٻارن کي اشارو ٿيو آهي، ان ڪري کين نه روڪيائون،
نتيجي ۾ سڀ بري طرح ختم ٿي ويا.
فلاسافر ابي لارڊ |
اٽليءَ ۾ شهري زندگي
وڌيڪ آزاد هئي، جنهن ڪري علمي تحريڪن کي جاڳائڻ ۾
سٺو ماحول پيدا ٿيو. ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ رومن
قانون
(Roman Law) جي ٻيهر اڀياس سان علمي تحريڪ جي ابتدا ٿي. بولونا
(Bologna)
جي يونيورسٽيءَ مغربي يورپ جي سڀني حصن مان شاگردن
کي پاڻ ڏانهن ڇڪي آندو. ٻين ملڪن ۾ جلد ئي
يونيورسٽيون قائم ٿيون، جي اڪثر اڳين وڏين ديولن
جي اسڪولن کي وڌائي بنايون ويو هيون. اسپين ۾
سلامانڪا جي يونيورسٽي هڪ ڏورانهين مشهور علم جو
مرڪز هئي. پئرس جي يونيورسٽي فاضل ۽ عالم ”ابي
لارڊ“
(Abelard) جي ليڪچرن ڪري يورپي فڪر جو مرڪز بڻجي پئي. ابي لارڊ پهريون شخص هو، جنهن
ديول جي روايتي تعليم تي حملي ڪرڻ جي جرئت ڪئي.
اٽليءَ جي فنڪارن ۽ عالمن يوناني ڪلاسيڪي
شاهڪارن جو اڀياس ڪيو، جنهن ڪري يوناني علم ۽ ادب
۽ فلسفي لاءِ عوام جي دلچسپي وڌي ۽ ڪيترائي عالم ۽
ڄاڻو ماڻهو پئدا ٿيا. قديم يوناني مصنفن جي آزاد
خياليءَ نون اٽليءَ جي شاگردن کي انڌي تقليد کان
روڪيو. نتيجي ۾ هڪ نئين نسل تربيت پاتي، جو علم جي
کوجنا ڪرڻ لڳو ۽ طبع زاد خيالَ پيدا ڪيا، جنهن ڪري
انساني علم ۽ هنر جي شاندار ترقي ٿي. اٽليءَ جي هن
عظيم ذهني انقلاب کي ”نئون جنم“ يا رنيسينس
يارنيسان
(Renaissance)
ڪوٺيو وڃي ٿو. هي انقلاب چوڏهين صدي عيسويءَ جي
آخر ۾ شروع ٿيو ۽ 1453ع ۾ قسطنطنيه جي شڪست جي ڪري
وڌيڪ طاقتور بڻيو، ڇو ته بازنطيني گاديءَ جي هنڌ
(قسطنطنيه) کان ڪيترا يوناني عالم اٽليءَ جي شهرن
ڏانهن لڏي آيا. اٽليءَ ۾
”نئين جنم“ جي ڪري، دنيا جا بهترين نقاشي جا شاهڪار تڪميل کي پهتا. فن ۽ علم
و ادب جون سڀ شاخون نئين تڪميل کي پهتيون. علمي
کوجنا پڻ ترقي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ عجيب انڪشاف
ٿيا. هي تحريڪ وڌي فرانس، جرمني، ۽ انگلينڊ تائين
پهتي ۽ هر هنڌ انساني دماغ ۾ نئون جوش جاڳايائين ۽
کيس طاقت بخشيائين.
ڪوپرنيڪس |
جرمنيءَ جي ڪوپرنيڪس
(Copernicus) (1493ع-1543ع) هيءَ حقيقت قائم ڪئي ته ڌرتي سج جي چوڌاري پئي ڦري ۽ سج،
گرهن جي نظام جو هڪ مرڪزي گرهه آهي ۽ ٻيا گرهه پڻ
ڌرتيءَ وانگر آهن. ڪوپرنيڪي نظام جي
انڪشاف جي وقت تائين سڀني ماڻهن بطليموسي نظام
(Ptolemaic System)
کي پئي مڃيو، جنهن مطابق ڪائنات جو مرڪز ڌرتي هئي.
اطالوي (اٽليءَ جي) رياضيدان گئليلو
(galileo) (1564ع-1646ع) پهريون شخص هو، جنهن آسماني جسمن جي اڀياس
لاءِ دوربيني استعمال ڪئي. هن ڪوپرنيڪي نظام جي
حقيقت جي تصديق ڪئي ۽ ڪيترا سائنسي انڪشاف ڪيا،
جيئن ته هن جا ڪتاب ڪرستاني عقيدن جي خلاف سمجهيا
پئي ويا، ان ڪري هن کي قيد ڪيو ويو ۽ زبردستيءَ
کانئس اقرار ڪرايو ويو ته جيڪي ڪجهه هن ڪوپرنيڪي
نظام جي پٺڀرائيءَ ۾ لکيو هو، تنهن جو هو انڪاري
آهي.
رياضي دان گئليلو |
انهيءَ دور ۾ جن ماڻهن يوناني علم و ادب جي
اڀياس لاءِ پاڻ کي وقف ڪيو، سي ”انسان پسند“ يا
هيومئنسٽ
(Humanist)
جي نالي سان مشهور ٿيا. هي ”انسان پسند“ تحريڪ
جلدئي سڄي يورپ جي اعليٰ تعليم تي ڇانئجي وئي ۽
اڻويهين صدي عيسويءَ جي آخر تائين هلندي آئي.()
علمي سجاڳيءَ ڪري مذهب ۾ ڪيترا ماڻهو ڪرستاني
عقيدن جي سچي هئڻ ۾ شڪ ڪرڻ لڳا ۽ مذهبي مهندارن جي
ديولي انتظاميا جي ڪن بدعنوانين تي تنقيد ڪرڻ لڳا.
اهڙي طرح ”مذهبي سڌاري“ يا ريفارميشن
(Reformation)
لاءِ رستو صاف ڪيو ويو. جديد زماني جي شروعاتي
صديءَ ۾ هن تحريڪ يورپ ۾ گهڻو وڳوڙ ۽ فساد پيدا
ڪيو.
جان گوٽنبرگ جي ڇاپخاني جي تصوير |
وچ واري زماني جي آخر ۾
ڇاپي جي فن ۾ سڌاري جي ڪري علمي سجاڳي پيدا ٿي.
هن ڏس ۾ سن 1438ع ۾ جرمن شهر مائنز
(Mainz)
۾ جان گوٽنبرگ
(John gutenberg)، جو ڇاپي جو ماهر هو، تنهن هڪ عجيب ايجاد ڪئي. هن ”متحرڪ
ٽائيپ“
(Movable Type)
ٺاهي، جنهن ۾ استعمال ٿيل اکر قالب مان ڪڍي، وري
ٻئي صفحي ڇاپڻ ۾ ڦيرائي استعمال ڪري سگهجن پيا. هن
نئين طريقي سبب ڪتاب سستا ٿيا ۽ تمام هيڻي حالت
وارن غريب ماڻهن کان سواءِ ٻين سڀنيءَ جي خريد ڪرڻ
جهڙا ٿيا. سڌريل ڇاپي واري ڇاپخاني يا پريس
(Press) جي ڪري حقيقت ۾ قلم تلوار کان به وڌيڪ طاقتور هٿيار ثابت ٿي
پيو.
ايئن ٿو نظر اچي ته ڇاپو، بارود ۽ ملاحي قطب
نما چين کان مغرب ۾ آيو.
اهي ٽي
ايجادون ڪنهن پهريان استعمال ڪيون، ان جو صاف طرح
پتو نه ٿو پوي. بهرحال نئين زماني جي جرئت
ڀرين ملاحن لاءِ قطب نما ايترو ڪرائتو ٿيو جيترو
مذهبي سڌاري ڪندڙن لاءِ ڇاپخانو لاڀائتو ثابت ٿيو
هو.
باب ايڪيهون
جديد زماني جي تاريخ
آمريڪا جي دريافت جي زماني کان وٺي فرينچ انقلاب
(1492ع - 1789ع) تائين
دريافت جو زمانو، پورچوگيز ۽ اسپين جا فتح ڪيل
ملڪ، اوڀر ڏانهن نئين رستي جي ڳولا:
اوڀر ڀونوچ سمنڊ تي ترڪن جي حڪومت قائم ٿيڻ جي ڏينهن کان وٺي اٽليءَ جي
واپارين جي هندستاني ۽ چيني وکرن جو واپار، مسلمان
مخالف قوتن جي رحم ڪرم تي
هو، ڇاڪاڻ ته ڏور اوڀر جا سڀ پراڻا واپاري رستا ترڪن جي هٿ ۾ اچي ويا هئا.
ترڪ حڪومت جي محصول کان پاڻ بچائڻ جي خواهش ڪيترن
ئي ملاحن کي نئين
1760ع تائين آمريڪا ۾ يورپي لوڪن جون قائم ٿيل
بيٺڪون
رستي جي ڳولا ۾ مشغول ڪيو. اٽليءَ وارن کان سواءِ
پورچوگيز، ملڪ ڳولي لهڻ جي دليراڻي سامونڊي سفر ۾
سڀنيءَ کان اڳتي هئا. پورچو گال جي ننڍڙي حڪومت
مسلمانن جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي رُڌل
هئي. اسپين جي وڌيڪ طاقتور بادشاهت جي اسرڻ ڪري
سندس وڌاءُ رڪجي ويو. تنهن ڪري پورچوگيز حاڪمن
سمنڊ پار نون ملڪن ڏانهن رخ رکيو.
هينري (1463ع)، جنهن جو
لقب ”ملاح“ آهي، ان جي ڏينهن ۾ آفريڪا جو مغربي
ڪنارو باقاعدي جاچيو ويو. سن 1458ع ۾ مشهور جاکوڙي
بارٿولوميو ڊي آس،آفريڪا کنڊ جي ڏاکڻي ڪنڊ، ”راس
اميد“
(Cape of good hope) جي چوڌاري ڦري آيو ۽ اهڙيءَ طرح انهيءَ هنڌ تي پهتو جتان
جهاز سولائيءَ سان هندستان ڏانهن وڃي ٿي سگهيا.
يارهن سالن بعد واسڪو ڊيگاما ”ڪئلي ڪٽ“ وٽ لنگر
انداز ٿيو، جو هندستان جي مغربي ڪناري تي آهي.
اهڙيءَ طرح نون ملڪن ڳولي ڪڍڻ جو سلسلو تڪميل تي
پهتو، جنهن ڪري پورچوگيزن کي واپاري شهنشاهت ملي
پئي.
ڪولمبس:
جنهن وقت پورچوگيزن آمريڪا جي چوگرد رستي ڳولڻ
جي ڪوشش ٿي ڪئي، ان وقت گينوا (اٽلي) جو رهاڪو
ڪرسٽوفرڪولمبس هڪ دليراڻي ۽ سندس خيال مطابق ”سادي
تجويز“ ڳولي ڪڍي. هن جو انهيءَ نظرئي ۾ اعتماد هو
(جنهن ۾ ڪن ٿورو تعليم يافته ماڻهن جو يقين هو)،
ته دنيا گولو آهي، پر عام ماڻهو مذهب جي تعليم
مطابق انهيءَ ۾ اعتقاد رکندا هئا ته دنيا سنئين
سڌي آهي، گول نه. ڪولمبس انهيءَ اميد ۾ هو ته دنيا
جي چوڌاري مغرب طرف جهاز وٺي وڃڻ جي ذريعي مشرق
تائين وڃي پهچندو. سندس تجزيو درست هو، رڳو هڪڙي
غلطي ڪيائين جو ڌرتيءَ جي ماپ جي ڪـَـٿ گهٽ
ڪيائين.
ڪيترن سالن تائين ڪولمبس کي ڪو اهڙو ماڻهو نه
پئي مليو جو هن جي ڳالهين تي اعتبار ڪري.
گينوا جي حڪومت، پورچوگال ۽ انگلينڊ جو
بادشاهه، سڀني کيس اهڙيءَ چريائيءَ جي مهم لاءِ
جهازن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. آخر اسپين جي راڻي
ايزابيلا کيس مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو. 1492ع ۾، جنهن
سال غرناطه جو زوال آيو، ان سال ڪولمبس 3 ننڍا
جهاز وٺي اسپين جي پالوس بندر کان روانو ٿيو.
ڇهين سيپٽمبر تي هن ڪئنري
(Canary)
ٻيٽ پار ڪيو، جيڪو ان وقت مغرب ۾ ڏورانهين زمين
ليکيو ويندو هو، ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي پار مغرب طرف
هلڻ لڳو. جڏهن ٽي هفتا گذري ويا ۽ ڪا زمين نظر نه
آئي، تڏهن جهاز جا ملاح همٿ هاري ويٺا. نااميديءَ
جي حالت ۾ انهن ذري گهٽ بغاوت ٿي ڪئي، پر ڪولمبس
پنهنجي ارادي ۾ اٽل رهيو. انهيءَ جو عظيم اجورو
کيس ٻارهين آڪٽوبر 1492ع تي مليو، جڏهن هو بهاما
ٻيٽن مان هڪڙي تي وڃي لنگر انداز ٿيو. هن ڪيوبا ۽
ٻيا ٻيٽن جا ميڙ، جن کي ويسٽ انڊيز سڏجي ٿو، سي پڻ
ڳولي ڪڍيا ۽ پوءِ گهر موٽيو.
هن اسپين جي بادشاهه جي
جيتري بي انتها خدمت ڪئي، ان جو کيس قابل قدر
اجورو ڪونه مليو. شروع ۾ فرڊيننڊ ۽ ايزابيلا هن
ملڪ ڳولي ڪڍندڙ کي انعام اڪرام ڏنا ۽ ساڻس واعدا
ڪيا، پر بعد ۾ سندس دشمن جي چغلين تي لڳي پيا ۽
کيس قيد ڪرڻ جو حڪم ڪڍيائون. نئين دنيا ڏانهن سندس
ٽئين بحري سفر تان کيس هٿڪڙين ۾ قيد ڪري موڪليو
ويو. جيتوڻيڪ بعد ۾ بادشاهه ۽ راڻي پنهنجي انهيءَ
ناشڪرگذاريءَ کان شرمسار ٿيا، پر هن جو ڪوبه جوڳو
بدلو نه ڏنائون. سڀني نون ملڪن جي ڳولي ڪڍندڙن ۾
مشهور ترين يعني ڪولمبس هڪ مفلس ۽ دل شڪستو انسان
ٿي مئو.
آمريڪا تي نالو ڪيئن پيو؟
ڪرسٽوفر ڪولمبس |
پڇاڙيءَ تائين ڪولمبس
ايئن پئي سمجهيو، ته هن ايشيا جو هڪڙو ڀاڱو ڳولي
ڪڍيو آهي. اتان جي رهاڪن کي انڊين يا هندستاني ڪري
ڪوٺيندو هو، جو اڄ ڏينهن تائين اهو سندن نالو هليو
اچي، جيتوڻيڪ انهن کي هينئر آمريڪائي هندي
(American Indians)
ڪوٺيو ٿو وڃي، ته جيئن کين هندستان جي مشرقي هندين
کان جدا ڪري سگهجي. ڪولمبس جي غلطي ”مغربي هند
ٻيٽن“
(West Indies)جي نالي ۾ هميشـہ لاءِ
رهجي وئي. جڏهن آخر ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿي، ته ايشيا
۽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي وچ ۾ هڪ نئون کنڊ آهي،
تڏهن هڪ عجيب اتفاق جي ڪري هن ملڪ تي آمريڪا جو
نالو پئجي ويو. آمريگو ويسپوچي، جو فلورينس شهر جو
هڪ عالم هو، تنهن سن 1500ع ۾ سائوٿ آمريڪا جي
ڪناري ڏانهن بحري سفر ڪيو ۽ نئين دنيا جا ڪجهه
نقشا ڪڍيا. ڪجهه سالن کان پوءِ هڪ جرمن پروفيسر
هڪڙو نقشو ڪڍيو، جنهن تي آمريگو جي يادگيريءَ ۾
نئين کنڊ جو نالو آمريڪا رکيائين.
پورچو گيزن جون نيون بيٺڪون ٺاهڻ:
سن 1499ع ۾ جڏهن واسڪو ڊيگاما هندستان مان
لزبن موٽي آيو تڏهن پورچوگال جي بادشاهه پاڻ سندس
هيٺيون لقب رکيو: ”حبش يعني آفريڪا، عربستان،
ايران ۽ هندستان جي تجارت، ملاحيت ۽ فتح جو مالڪ.“
واسڪوڊيگاما جي ڪارنامي جي ڪري هڪ سؤ سالن تائين
راس اميد جي رستي کان يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ واپار
پورچوگيزن جي هٿن ۾ رهيو.
پورچوگيزن جيڪا هندستاني ڪناري جي فتح ڪئي،
انهيءَ کي وينس شهر وارن ۽ مصر وارن نه مڃيو، ڇو
ته اسڪندريه ۽ وينس شهر وارا ڳاڙهي سمنڊ رستي اڃا
تائين ڪيترو مشرقي واپار هلائيندا پئي آيا، پر
هندستانين جي پهرين پورچوگيز گورنر الميدا، مصرين
۽ وينس وارن جي گڏيل لشڪر کي شڪست ڏني، جنهن سان
ڀونوچ سمنڊ جي واپاري شهرن کي هڪ موتمار ڌڪ لڳو.
هندستان جي شهر گوا
(Gua)
مان پورچوگيز واپاري جلدئي اوڀر طرف وڌي آيا. انهن
ملاڪا فتح ڪيو ۽ 1516ع ۾ ڪينٽن شهر پهتا ۽ ساڳئي
وقت ڪيترن چيني بندرن سان واپار پئي ڪيائون. ڪينٽن
جي ويجهو مڪاؤ واري بيٺڪ، جا 1540ع کان اڳ ۾ قائم
ڪئي ويئي هئي، سا پورچوگيز واپار جو مرڪز رهي، تان
جو هانگ ڪانگ جي برطانوي بيٺڪ کانئس اڳ ڪڍي ويئي.
پورچوگيزن جو مقصد محض اهو هو ته واپار رستي نفعو
پرائجي. هنن نه ڪي کاڻيون کوٽيون، نه وري ڪا پوک
ڪئي ۽ نه وري نون هنرن جي ترقيءَ کي هٿي ڏياري.
مشرق ۾ سندن دور بابت دغا، ظلم ۽ بحري چوريءَ جا
داغ پڻ آهن. پورچوگيزن جي بد چلت جي ڪري مشرقي ۽
يورپ جي قومن جي وچ ۾ اڻ وڻندڙ لاڳاپن جي ابتدا
ٿي.
اسپين جون بيٺڪون ٺاهڻ:
شروع ۾ آمريڪا جا رهاڪو اسپين جي رهاڪن کي
ديوتا ڪري سمجهندا هئا. آتشي هٿيارن، گهوڙي سوارن
جي لشڪر ۽ زرهه جي استعمال جي ڪري هنن حملي ڪندڙن
کي هڪ قسم جي برتري ملي، جنهن جي مقابلي ۾ آمريڪا
جا ويچارا اصلي رهاڪو بيوس ۽ اڻڄاڻ هئا. سڀني کان
وڌيڪ تهذيب يافته اصلوڪا رهاڪو ميڪسيڪو ۽ پيرو جا
هئا. انهن شهر بنايا، پليون ۽ واهه ٺاهيا. اهي
سهڻن مندرن ۾ پوڄا ڪندا هئا ۽ قاعدي وارين حڪومتن
هيٺ رهندا هئا. جڏهن اسپين وارن ٻڌو ته انهن ماڻهن
وٽ سون ۽ چاندي گهڻو آهي، تڏهن يڪدم انهن کي ڦرڻ
لاءِ تيار ٿي ويا. ”هرننڊو ڪورٽيز“ ميڪسيڪو جو
مضبوط شهر فتح ڪيو ۽ ”فرنسڪو پزاري“، پيرو ۾ انڪاز
جي خاندان جي راڄ جو خاتمو ڪيو. انهن اسپين جي
جانبازن جي بهادري ايتري بي مثل هئي جيترو سندن
ظلم ۽ دغا. انهن فتحن مان هنن کي جيڪا دولت هٿ آئي
سا ايتري هئي جو هنن لالـچي ماڻهن ڪنهن خواب ۾ به
نه ڏٺي هئي. جنهن وقت پيرو جو آخري بادشاهه پزاري
وٽن قيد ٿي آيو، تڏهن هن پاڻ کي قيد مان ڇڏائڻ
لاءِ هڪ سون سان ڀريل ڪوٺي ڏيڻ جو واعدو ڪيو. اهو
سون، جنهن جي قيمت هڪ ڪروڙ ست لک سونا ڊالر هئي،
ڏنو ويو تڏهن به بادشاهه کي قتل ڪيو ويو.
اسپين جي بيٺڪن وارا
جلدئي نون فتح ڪيل ملڪن ۾ گهر ڪري ويٺا. هو پوک
ڪرڻ لڳا، سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون کوٽڻ لڳا ۽
پنهنجي اصلي ملڪ جون سڀ ريتون رسمون پاڻ سان کڻي
آيا. هتان جي رهاڪن کي پنهنجي غير ملڪي مالڪن جي
لاءِ غلام ٿي ٿي ڪم ڪرڻو پيو. جڏهن ريڊ انڊين يعني
هتان جا اصلي رهاڪو گهڻي ڪم سبب مرڻ لڳا، تڏهن
آفريڪا مان ڪارا غلام آندا ويا. آهستي آهستي لکين
شيدي چوپائي مال وانگر سمنڊ پار ڪري آندا ويا.
سندن پويان آمريڪي آدمشماري جو هڪ حصو آهن. اسپين
وارن مغربي هند ٻيٽن، ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي اڪثر حصي
۽ اتر آمريڪا جي گهڻي ڀاڱي کي والاريو. سندن مک
بيٺڪون پيرو ۾، (جو پئسفڪ ڪناري تي) هيون. جتان
مستقل طرح چانديءَ جي کاڻين مان اسپين جي خزاني ۾
مال ويندو رهندو هو. سورهين صدي عيسويءَ ۾ اسپين
جي بادشاهن جي ملڪيت جو خاص مدار آمريڪي کاڻين جي
ججهي آمدنيءَ تي هو.()
باب ٻاويهون
پروٽيسٽنٽ مذهبي سڌاري وارو زمانو
مذهبي سڌاري جا سبب:
يورپ جي وچ ّ“ اتر وارن ملڪن ۾ مذهبي سڌارو
روم جي تسلط خلاف هڪ بغاوت هئي، جنهن جي نتيجي ۾
ڪرستاني مذهب جو نئون نمونو قائم ٿيو، جنهن کي
پروٽيسٽنٽ مذهب سڏجي ٿو. ساڳئي وقت مذهبي سڌاري
وارن ملڪن پوپ جي سياسي اثر کي نه قبوليندي پاڻ
کان بلڪل پري ڦٽو ڪيو.
مذهبي سڌاري جي ابتدا ۽ علمي سجاڳيءَ جو پاڻ ۾
گهرو تعلق آهي. عالمن ڏٺو ته رومن ڪئٿولڪ مذهب جا
ڪيترا عقيدا بائيبل ۾ ذڪر ٿيل نه هئا. انهن بائيبل
کي خدا جو اصل ڪلام ڪري پئي سمجهيو ۽ سندن عقيدي
مطابق رومن ڪئٿولڪ مذهب جو بائيبل کان هٽي وڃڻ هڪ
غلطي هئي. ٻيو ته پندرهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾
رومن ڪئٿولڪ مذهب پنهنجي ابتدائي پاڪيزگي ۽ طاقت
وڃائي چڪو هو، هن جا اڳواڻ دولتمند، دنيادار ۽ عيش
پسند ٿي پيا ۽ ڪيترن ساڀيا وارن ماڻهن کي جيڪا هنن
لاءِ عزت هئي ۽ جيڪا فرمانبرداري بجا آڻيندا هئا،
سا هينئر ختم ٿي وئي. خاص ڪري مذهبي معافي نامن جي
وڪري جي وڌندڙ استعمال ماڻهن ۾ اختلاف ۽ ويڇو پيدا
ڪيو. اهي مذهبي معافي ناما، اهي معافيون هيون جن
متعلق سمجهيو ويندو هو ته ڪن خاص حالتن ۾ گناهه
بخشي سگهجن ٿا. هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته معافيون، جيڪي
ماڻهن خريد ڪري سگهيو ٿي، تن جو ماڻهن تي برو اثر
پيو ۽ عام ماڻهو ايئن سمجهڻ لڳا ته مذهبي رهنمائن
کي پئسي ڏيڻ سان برائي مٽجي سگهي ٿي.()
مطلب ته مذهبي سڌاري جا مـُـک سبب هيءُ هئا:
1. ذهني تحريڪ جو وري اسرڻ، جنهن ڪري ماڻهو
مذهبي روايت ۽ رهنما تي اعتراض ڪرڻ لڳا ۽ پڻ فڪر
جي ٻين ميدانن ۾ اعتراض ڪرڻ لڳا.
2. مذهبي رهنما ماڻهن جي دنيوي ڳالهين ۾
مداخلت ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري ماڻهن انهن جي خلاف
بغاوت ڪئي.
(3) ڪرستاني مذهبي پيشوائن جي بـُـرين عادتن
جيڪري ماڻهو مذهب کان باغي ٿيڻ لڳا.
مذهبي سڌاري جي حد:
سورهين صدي عيسويءَ جي شروعات کان سترهين صدي
عيسويءَ جي وچ واري زماني ۾ يورپ جي تاريخ تي
مذهبي ڪشمڪش جو تسلط رهيو. جرمني انهيءَ طوفان جو
مرڪز هو، جتان بغاوت پکڙجي سوئيٽرز لينڊ، فرانس،
هالينڊ، انگلينڊ، ناروي ۽ سوئيڊن جي ملڪن تائين
پهتي. فرانس کان سواءِ ٻين انهن سڀني ملڪن ۾ عوام
جو گهڻو حصو پوپ کان ڦري ويو. جرمنيءَ جي خوفناڪ
ٽيهن سالن واري لڙائي (1618ع کان 1648ع) مذهبي
تفرقي مان پيدا ٿيل هٿياربند جهڳڙن کي تڪميل تي
پهچايو. ان کان پوءِ آهستي آهستي مذهب جو زور
گهٽيو ۽ ان جي جاءِ مختلف ملڪن جي وچ ۾ سياسي
رقابت والاري.
جرمنيءَ ۾ مذهبي سڌارو:
پروفيسر مارٽن لوٿر |
پاپ ليئو ڏهون |
روم جي مذهبي پيشوا سان ظاهر ظهور لاڳاپا ختم
ڪرڻ کان گهڻو اڳ ۾ پوپ جي مذهبي حاڪميت جي خلاف
اعتراض ٿيڻ جا ڪيترائي واقعا ٿيا هئا، پر اهي
بغاوتون لڙائيءَ وسيلي مات ڪيون ويون هيون. پهريان
مذهبي سڌارڪ ناڪام ٿيا ۽ ماريا ويا، جنهن ڪري پوپ
جي خلاف وري مقابلي ڪرڻ لاءِ انتهائي جرئت جي
ضرورت هئي. سن 1517ع ۾ ”معافي نامن جي وڪري“ سڄي
جرمنيءَ ۾ سخت مخالفت پيدا ڪئي. مارٽن لوٿر
(Luther)،
جو وٽنبرگ يونيورسٽيءَ ۾ مذهبي علم جو پروفيسر هو،
تنهن معافي جي وڪري جي رسم کي دليريءَ سان ننديو ۽
انهي جي خلاف ورقن جو سلسلو شروع ڪيو، اهي ورق هن
پوءِ وٽنبرگ جي ديول جي در تي ڪليءَ سان ٽنگي
ڇڏيا. ڇاپي جي پريس جي ڪري لوٿر
(Luther)
جو اعتراض جرمني ۽ ٻين ملڪن ۾ پکڙجي ويو، جنهن
ڪري هر هنڌ سخت جوش پيدا ٿيو. جڏهن پوپ ليئو ڏهين
(Leo X) هن نئين تعليم جي ڪري پنهنجي حڪم کي خطري ۾
ڏٺو، تڏهن هن هڪ پوپ جو فرمان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن
لوٿر کي مذهبي جماعت مان خارج ڪرڻ جو دڙڪو به ڏنو،
پر مارٽن لوٿر پوپ جي هن فرمان کي عوام جي اڳيان
ساڙي ڪرستاني مذهب يعني رومن ڪئٿولڪ جماعت سان
لاڳاپا بلڪل ختم ڪري ڇڏيا.
ورمس
(Worms)
شهر جو اجلاس (1561ع):
شهنشاهه چارلس پنجين، جو رومن ڪئٿولڪ جو هڪ
سٺو پيروڪار هو، تنهن لوٿر کي حڪم ڪيو ته ڊي ايٽ
(D-8)
يا شهزادن ۽ اميرن جي جماعت جي اجلاس (1561ع)
اڳيان اچي ورمس جي شهر ۾ پنهنجي عقيدن جي بچاءَ ۾
ڳالهائي. لوٿر عوام جو هڪ سادو رهنما هو، تنهن
لاءِ هيءَ انساني طاقت کان مٿي جي آزمائش هئي، جو
مذهبي پيشوائن، اميرن ۽ سردارن جي حشمت ۽ شوڪت
اڳيان اچي مقابلي ۾ بيهي. پر هن دليريءَ سان منهن
ڏنو، خطري جي خبر هوندي به هن پنهنجي عقيدي کان
ڦرڻ کان انڪار ڪيو ۽ آخر ۾ چيائين ته پنهنجي ضمير
جي خلاف قدم کڻڻ نه سلامتي وارو رستو آهي، نه وري
ٺيڪ آهي. شهنشاهه لوٿر کي سلامتيءَ جو اجازت نامو
ڏنو، جنهن ڪري هيءَ ورمس جي شهر مان سلامتيءَ سان
واپس وريو، پر انهيءَ کان جلدئي پوءِ کيس قيد ڪرڻ
۽ سندس ڪتابن ساڙڻ جو شهنشاهه طرفان حڪم صادر ڪيو
ويو.
لوٿر جو بائيبل جو ترجمو:
هن مذهبي سڌارڪ جي دوستن کيس وچ جرمنيءَ جي
وٽنبرگ جي قلعي ۾ لڪائي هن جي حياتي بچائي. هن
اڪيلائيءَ جي زماني ۾ بائيبل جو جرمن ٻوليءَ ۾
ترجمو ڪيو. لوٿر جو بائيبل وارو ترجمو جلدئي گهر
گهر ۾ پڙهجڻ لڳو، جنهن جو اثر انهيءَ کان پوءِ علم
و ادب تي هميشـہ لاءِ رهندو آيو.
پروٽيسٽنٽ مذهب:
سن 1530ع تائين مذهبي
سڌارن جي اِها تحريڪ جرمنيءَ جي گهڻي حصي ۾ پکڙجي
ويئي هئي. تاريخ جي پيروڪارن کي ”لوٿري“ يا
”پروٽيسٽنٽ“ ڪوٺيو ويو، ڇو ته انهن ڪئٿولڪ مذهب
وارن جي فائدي ۾ ڪن شهنشاهي حڪمنامن جي خلاف
باقاعدي پروٽيسٽ ڪيو ۽ اعتراض واريو. پروٽيسٽنٽ
مذهب، راهبن جي خانقاهن، مجرديت يا شادي نه ڪرڻ ۽
قديم مذهب جي ٻين ڪيترن عقيدن کي ختم ڪيو. پوپ جي
حڪم جي بجاءِ هن مذهب وارن فقط بائيبل کي ئي خدا
جو حقيقي ڪلام ڪري ٿي مڃيو.
|