(6)
ثنا خوان شاعر
ڪڇ جي موجوده رڻ جي اڳوڻيءَ آباديءَ کي ساري، ڪن
سنڌ جي شاعرن اُتي جي بزرگن، سخين، دريائن،
بادشاهن ۽ شهرن جي واکاڻ ڪئي آهي.
اُنهن مان مرکان شيخڻ، ٻارٽ، شاهه عنات رضوي، شاهه
عبداللطيف، غلام حسين رنگريز، يوسف، شيخ الله
بچايو، مولوي احمد ملاح جهڙا بزرگ شاعر به شامل
آهن. اهي شاعر آهن، جن ڪڇ جي ماڻهن، مڪانن، شهرن ۽
سورمن کي ڳايو آهي. شاعرن جو ڪلام قدامت جي حساب
ڏنو ويو آهي، قديم بزرگن کي پهرين ۽ ٻين شاعرن کي
پوءِ سن وار رکيو ويو آهي. ڪلام ٻين شاعرن به چيا
آهن، پر هتي جن جا ڪلام ملي سگهيا آهن، سي ڏنا
اٿم. ٻين به ڪيترن شاعرن ڪڇ جي لاءِ شعر چيا آهن،
پر مون کي سردست هٿ ڪونه لڳا آهن.
مرکاڻ شيخڻ ۽ شيخ الله بچائي، قرهئي ڀانڊاريءَ کي
ڳايو آهي. ٻارٽ ڪڪرالي جي ڄامن جي ساراهه ۽ گلا
ڪئي آهي. شاهه عنات رضوي ساڱري درياءَ، جسودن
بادشاه، پنري بڊاماڻي، سنگهار، ڪاڇو جت، لاکو، ڄام
جکرو ۽ رڻ کي ساراهيو ۽ ڳايو آهي. يوسف ۽ رنگريز
ساڱري درياءَ کي ڳايو آهي. شيخ الله بچايو جکار،
سنگهار، رپڙ، رکال، سمڪي، وانر ۽ روپاماڙي، کاري
پاڻي، قرهيو ڀانڊاري ۽ ٻين کي ڳايو آهي. مولوي
احمد ملاح وڳهه ڪوٽ کي ساراهيو آهي. اهي ئي شاعر
آهن، جن ڪڇ جي رڻ جي پراڻي وسندي ۽ موجوده حالتن
کي ساراهيو آهي.
مرکان شيخڻ
شيخ پير قرهيو ڀانڊاري
آءٌ سرهي ٿيو ٿي اچان.
هيءَ ڪانڊير ڙي لس،
هيءَ واسرڙي وس،
آءٌ سرهي ٿيو ٿي اچان
قرهيل ڏٺم سـُـک پار ۾،
آءٌ کلندي ڪڏندي اچان،
ڀانڊاري ڏٺم سک پار ۾،
آءٌ سرهي ٿيو ٿي اچان.
*
پورڙيون ڪييم پير ڀانڊاري،
تنهنجو ساٿ سلامت آيو.
تنهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو.
پورڙيون ڪيم پيڙ پانڊاري،
مريد ني تنهنجا ڏس ۾، آور جا ڄاما،
شيخ ني تنهنجا ڏس ۾، کونئري جا ڄاما،
پورڙيون ڪييم، پير ڀانڊاري،
جهڙيون ني جن جي من ۾، آورجا ڄاما،
ڀورڙيون ڪيم پير ڀانڊاري،
تنهنجو ساٿ سلامت آيو.
*
هندورو قرهيل جو، وڃي لوڏيان هٿڙن سين،
لا الہ الاالله، قرآن ويٺي پڙهان ڪلمي سين،
لا الہ الاالله، ڀلي ڄائو بسم الله،
لا الہ الاالله ڀلي ڄائو رسول الله
هندورو قرهيل جو، وڃي لوڏيان هٿڙن سين...
لا الہ الاالله، ڀلي ڄائو بسم الله...
مٽر
قرهيل جا، وڃي لوڏيان هٿڙن سين،
لا الہ الاالله، ڀلي ڄائو بسم الله
ٻارٽ
مينهون ۽ ڪڪرالي جا ڄام
مينهون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏکيون،
پر ڪڪرالي جا ڄام، ڪيهر ڀانئين ڪاڪيون.
*
مينهون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏکيون.
پر ڪڪرالي جا ڄام ڪيهر ڀانئين ڪوڏيون.
شاهه عنات رضوي
ساڱرو
شال مَ سـُـڪين ساڱرا، برڪت محمد مير،
جي نوازيل نبيءَ جا، سي توکي ٻنهي پاسي پير،
تو ۾ جـُـهلن جهالارين واريون، مٿي ڪيو ملير،
سائر تنهنجي سير، وهي ولاسئي سامهين.
ڪنڊي کي خطاب
ڪنڊا تو ڪيهي پر، ڀونءِ منجهه پرت،
ري ساڻهه سيد چئي، تون ڪيئن گهارين هت،
نگاهه ڪج نرت، متان وڍي ڏينئي واڙ ۾.
ڪنڊا! اسان ساٿ، جي تون هلين موهه ڏي،
ته ڏينهان ڏک نه ساريين، گهڻو ريجهايين رات،
تون تنهنجي ذات، پڻ رِهائي پٽن ۾.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه
ڍوري جو ڪنڊو
ڪرڪا ويهي ڳالهه، ڪنڊا ڍور ڌڻين جي،
ههڙي اڄ تون حال، ڏکيا ڏينهن گذارئين.
ڪنڊا تو وٽان، سچ ڪَ سيڻن لڏيو،
مڃر تو منجهان، ڇڻيو پون ڇڳا ڪريو.
جسوڌن بادشاهه
ڪنڊا تو ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي،
جسوڌن جيڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو.
جڏهن ڍاڳي ڍور، ٻئي وهن ٻليار ۾،
تڏهن تازڙين طور، هئو جسوڌن سين.
پٽيل جو ڍورو
سڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
پاڻي پٽيهل ۾، اڳيون نه آيو،
ماڙهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀيڻئـِـن.
پٽيهل تو ۾ پور، اڳيون نه آهي آب جو،
سڪين ڪهڙي سـُـور، پئي واري وچ ۾.
پنرو بڊاماڻي
چيتا ڪيو چڻيج، بڊاماڻي بٺ ۾،
نيڻن ننڊ مَ ڏيج، ڇيڙون ڇپرآئيون.
آيون ڍور ڍري، اصل سندي آسري،
کـَـنڀـَـرَ ڀونءِ کـَـري، پاڻا پير ڏکويا پکڻين.
ڪاڇو ۽ سنگهار
ڪاڇي ڪاهيائون، سچ ڪَ سنگهارن لڏيو،
مان تن ماريائون، پاڻان وجهي گوندرين.
-
سنگهارن ساري، ساٿي ڏيج سنيهڙا،
سا هيڪلي گهاري، منڌ ڪاڇي ڪنڌئين.
سونگ
سچ ڪ سڪئين ڍور، ڪنڌيءَ اُڪ ڦلاريا،
جنگن ڇڏيو زور، سرسڪو سونگي ڳـَـيا.
سنگهار
جي ڀانئين وس چران ته، سنگهارن سين لڏ،
ته هاڃي سندي هڏ، ڪوڪ نه سڻين ڪڏهن.
-
پـَـٽين پڪون پونِ، ڀريا ڀاڻ هٿن ۾،
نيڻ منهنجا رونِ، ساريو سنگهارن کي.
هاڻو
ڌڻ ڏارڻ، ڌار رهڻ، ايءَ نه سنگهارن سٽ،
ڪاهي ايندا ڪڏهن، مٿي وانڊ وهٽ،
جي هاڻو هوني مٽ، ته به اُڊو لاهه م اُن جو.
لاکو ۽ اُن جا ساٿي
ڀڄئان ڀـُـلي نڱيو، ڏيئي پاڳوڙي پير،
جسي ۽ جسراج جو، مٿي وانڊين وير،
ڪڇ رهندو ڪير؟ لاکو لوڙائو ٿيو.
لکي ۽ لاکو
لکي ۽ لاکو، ٻئي مئا ٻاجهه تي،
قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو،
وانڍن ۾ واڪو، ريٻاري رهي ويا.
اُتر ڏي آلاپ
اُتر ڏي آلاپ، ڪالهونڪر ڪونج ڪري،
پرين پسي منجهه خواب، ويهاڻيءَ وايون ڪري.
جکرو ڄام
ڏمري ته ڏي، پرچي ته پاٽ ڀري،
جادم جکري کي، ٻئي چڱيون ڇت ۾
آءٌ جکري جهڙو پرس، پسان ڪونه ٻيو،
وائي جنهن جي وات ۾، ”ڏيو ڙي ڏيو.“
وڃي ڇونه ويهو، اُن در مٿي مڱڻا.
جکرو جوڙي، پاڻ ڌڻيءَ پيدا ڪيو،
ڪيهر جيئن ڪر کڻي، مڇون ملهه موڙي،
جڏهن گهوٽ چڙهيو گهوڙي، تڏهن عالم آسودو ٿيو.
-
جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيرا،
جئان جڙيو جکرو، تئان تان نه ٻئا،
مٽي ان ماڳان، اصل هـُـئي ايتري.
-
جکرا جيئن شال، تنهنجو ڪنين مدو مَ سـُـڻان،
جيئن تو اچي ڪالهه، نالائق نوازيا.
جکرا تون جيئين، تنهنجو مدو ڪنين مَ سڻان،
اکيين ۽ هينئين، ٻنهي تاري تنهنجي.
رنگريز
ساڱرو
شال مَ سڪين ساڱرا، برڪت رب جبار،
جو تو راڄ رهايا، چوکنڊيءَ چوڌار،
مهتا مياڻين ۾، ويٺا ڪن واپار،
تو ۾ جهلن جهالارين واريون، پايو هارِ هزار،
رسين تن رنگريز چئي، اُچيا جي اپار،
وهين ويرو تار، سڀر سدائين ساڱرا.
-
رب مَ وڃن رامهور، جتي آب نه سيل،
ان به لڀي مهنگو، ڏڌ به قدر قليل،
واحد ٿئي وسيل، جو ميڙهو سلامت ساڱري.
-
سر سڀر سـُـرهو ساڱرو، جتي سخي شاهه عنات،
جو نوازيل نبيءَ جو، عليءَ جو اولات
،
جنيئو تت جهاز ٿي، جت گهاتئين پني نه گهات،
ڪاري ڪاتب وات، ڪي مون جو ڪمائيو.
يوسف
ساڱرو
سر سڀر سرهو ساڱرو، جنهن جي لهر لاثاني،
شيخ سونهارو سڀين پرين، صاحب سبحاني،
مهر جي ماني ڪا پير ڏياهون پانهنجي.
-
سر سڀر سرهو ساڱرو، جنهن جي لهر سڀ
ڪا لال،
وڄي نوبت نيڪ جي، يوسف چئي جال،
جي آيا سي اگهيا، ڪوريجي وٽ ڪال،
قرهيو ڀلائي ڀال، پير پرچو پاڻ ۾.
شيخ الله بچايو
جکار
جکندا جکار ۾، جويون نڪو جوان،
الله جي انسان، ويو ڇو ولهار مان.
-
جـُـويون ۽ جکار، سمڪيون ۽ سـُـور،
مون کي پڊن پور، ڏنا سڄي ڏيهه ۾.
-
سـُـڄي جـُـوءِ جکار، سڄي جڳ ۾ جکرو،
جي وٺبا پرينءَ پار، ته خالي ناهي کيترو.
سنگهار -
ساريو سنگهارن کي، روئان رت ڦڙا،
ساريو سنگهارن کي، ڳاريان آءٌ ڳوڙها،
ويو سڀ وڙا، رهيو ڪونه رکال ۾.
رپڙ ۽ رکال -
منهنجو روح رکال ۾، رپڙ ۾ رهاڻ،
منهنجو روح رکال ۾، هنئيون هـُـنين ساڻ،
هئنيون جني هٿ ڪيو، الله سي تون آڻ،
قادر وجهه مَ ڪاڻ، رس نه ڦٽي رهاڻ جو.
-
پکي سـُـکي سڀ، ماڻهو ۽ پڻ مال،
رپڙ روح جو حال، نه ته ٻنيون ٻيون به ڏيهه ۾،
-
رپڙ ۽ رکال، وانر ۽ وڍار.
سڀئي ٿيا گوال، پوءِ نڪتس پڊ مان.
سمڪي -
سڃي ٿئي مَ سمڪي، رڻ مَ رپڙ ٿئي،
من منهنجي کي، هير اچي اُن هنڌ تان.
وانر -
وانر وسي شال، جکار ۾ جڳ رهي،
بـُـهيون ٿين بحال، جي سورن ري سڃيون ٿيون.
-
روپاهه ماڙي
روپاه ماڙي رڪ ۾، ڦٽا رس جا ڏار،
دونهنين ري ڌرار، سـُـڃا سڄي جڳ ۾.
-
جڳ کي ڏس جکار ۾، يا رهي منجهه روپا،
يا پٽيجي جيءَ جي پٽ جا، چراچي چوپا،
يا جهانگيئڙن جهوپا، ڏس قرهئي جي ڪپ تي.
-
روپي رانديون روپاهه ۾، پٽيجيءَ ۾ پـَـٽ،
جکار ۾ جرڪن، حويليون ۽ هٽ
اهي ڳالهيون اڳ جون، هاڻ نه ڪجن مٽ،
ويئي جڏهن وٽ، تڏهن بچايو ٿيو بر ۾.
لڏپلاڻ
لڏيا سڀ سوار، تون به لڏج جندڙي،
ڦٽا پڊ فقير جا، رهيو جت ڄمار،
پڊن جي پچار، پويان ڪندا، ڪَ وسرندي.
کارو پاڻي -
سڄو مٺو ڏيهه، کاري کاريو لوڻ سان،
وهڻ اُتي وهه، جتي رڃ ريهون ڪري.
-
سانڊُوهه سامونڊي بني، پتيجي پٽ لوڻ،
پيئي مـُـلڪ ڀوڻ، ته قرهيو ٿيو ڪڇ رڻ ۾.
سڃ
سڃي ٿي جکار، وانر وايون رڻ ۾،
الله جي ٻيهار، هت ڪَ ٿيندي وسندي.
-
ڏُکيءَ ڏيهه ڏڪار، مـُـلڪ سڄو وسندي،
سڄي جو جکار، آئي رڻ جي رس ۾.
--
پير قرهيو ڀانڊاري
سڄو مـُـلڪ مصري، پر قرهيي جهڙو ڪونه،
سڄي سنڌ جي سو
ن، ته به قرهيو ڪسر سڀ کان.
قرهيو ڪڇيو ڪون، روح رکيائين رپڙ سين،
هو ته سڄو سون، پر شيخن کي ڇنڊي ڇڏئين.
رڃ -
نڪو ڪاني نه ڪک، نڪو سائو گاهه،
جتي اکين ٿي بک لٿي، اُتي پيٽ ٿئي ٿو پاهه،
اِها بک جي باهه، لڏبو تڏهن لهندي.
لڙيو ڪٿان لوڻ، آئي ڪٿان سڃ،
جتي پاڻي پرهه هو، اُتي مرجي اُڃ،
رب کي وڻي رڃ، جا سڃيون ڪري وسنديون.
بچائي لاءِ برٿيو، وسنديءَ وارو وي،
روئن رت ٿيون اکيون، جي نه چوي ٿو جي،
لڏ لهوارو ٿي، ڏک سهه تون ڏيهه جا.
مولوي احمد ملاح
وڳهه ڪوٽ
آهي اوهان مان اي ادا! هي جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب،
منهنجا سڄڻ سهڻا سدا، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
ڪهڙو قلعي جو ڪارگر، ڪنهن جو مٿس هٿ جو هنر،
هو ڪير حاڪم تنهن اندر، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو
جواب.
ڏسجي ٿو شاهاڻو شهر، مضبوط محڪم منجهه ٻهر،
پر اڄ مٿس لٽ جي لهر، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
رازن اڏي جو راس ڪيو، خاصو خلاصو خاص ٿيو،
پوءِ رات ۾ راڪاس پيو، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
ڪهڙو قوي قابو قلعو، هوندس ڪڏهن ڪو غلغلو،
آخر ڀڳو ٿي بي بلو، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
ماڙيون منجهس موچاريون، سهڻيون سرائون ساريون،
هاڻي وسن نت واريون، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
هاريءَ مٿي هاري ڏيئي، سر سر سين سينگاري ويئي،
محلات موچاري ٿئي، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
ماڙيون جتي محلاتيون، راڻيون رهيون ڏينهن راتيون،
اُت ڪن بلائون باتيون، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
هت چهچٽا چوڌار هئا، هت جوڙ هت جنسار هئا،
هت سانگ هت
سينگار هئا، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب!
هيءُ ڳوٺ ڪهڙو ڳوٺ هو، هي ڪو يڪ چوٽ هو،
هيڏو نه هت ٻيو ڪوٽ هو، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو
جواب.
ٻانهي نه ٻائي آهي ڪا، وسندي نه واآئي آهي ڪا،
دربان دائي ناهه ڪا، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
ڇا وڳهه جو وير هو، مالڪ قلعي جو ڪير هو،
دنيا ۾ ڪيڏي دير هو، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
پورو پتو ڪنهن کان پڇان، ڇت ڀت ڇڻي پئي ناهه ڇان،
ڪنهن سان پڇان
ڪنهن سان ڪڇان، هيءَ جاءِ ڏي ڪو جواب.
دعوائون جن ٿي ڌاريون، ”ماڙيون اسان موچاريون،“
تن کان پڇون پوڪاريون، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
ماڙي ڇڏي جي مقتدا، ساڪن ٿيا سڃ ۾ سدا،
آءٌ ٿو پڇان اُن کان ادا! هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو
جواب.
جن ڪوٽ هي قائم ڪيو، ”آهيون اسين“ ائين ٿي چيو،
پل پل پڇان تن کان پيو، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو
جواب.
ماڙي تي مارو جن متو، گهر گهر گنگهر گهاڻي گهتو،
تن کان پڇان پورو پتو، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
مالڪ ويا ۽ مال گم، مرجان موتي لعل گم،
خوبيون ختم ۽ خال گم، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
راجا رتولن ۾ رهي، سوڀون کٽيون جن ٿي صحي،
آءٌ ٿو پڇان ان کان پهي، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو
جواب.
اڳ تان ڪڏهن اڳواڻ ٿيو، مارو ٿي ماڙيءَ ڪاڻ پيو،
تن کان پڇان پرپاڻ پيو، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو
جواب.
مالڪ ويا ماڙيون مٽي، ڪي ڏينهن قسمت جا ڪٽي،
پرڏيهه ويا پکڙا پٽي، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
ماڻهو مٽيءَ ۾ پيا مري، وسري وڳهه ويڙن وري،
ڪنهن کان خبر
وٺجي کري، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
خاطر وڏيرن جي وڏي، اوڏن عمارت جا اڏي،
تنهن ۾ نڪو ماڻهو مڏي، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
مضبوط محڪم ميل ۾، سهڻو سوايو سيل ۾،
وارث ڇڏي ويا ويل ۾، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
هوندا هتي حاڪم هئا، دودا دلاور ٿي سئا،
ماڙيون ڊٺيون ماڻهو مئا، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو
جواب.
پڇندي پڇڻ وارا ٿڪا، وو وو! ملي ورندي نڪا،
بندو بلاشڪ بي بقا، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
آيس سويرو سج وڏي، وُو وُو! ڪو ورندي ڪونه ڏي،
بيٺس سڄوئي
ڏينهن سڏي، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
هن قلعي ۾ ڪالهه جي، سرها گذاريا سال ٿي،
هاڻي ٻڌائن حال سي، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
ڪالهه ڏيئي قيمت وڏي، مضبوط ماڙي جن اڏي،
ڪيڏانهن تن جي لڏ لڏي، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
چپ ڪين دلبر ڌاريو، يا ڪو ڏمر ڏيکاريو،
ڇو ڪين وائي واريو، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
مغرور ڪهڙو مـَـئو اٿئي، ڀانئڻ ۾ ڀوراڀو اٿئي،
وڌ عمر ته به سٺ سو اٿئي، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو
جواب.
ڇاتي ميان آهين متو، ڪي ڏينهن قائم ڪوٽ تو،
پڇندا پئا پويان پتو، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
ڇاتي ميو آهين ميان کيندئي ڪينان هڏ چم هينئان،
هيءَ ثابتي سامهين ڏيان، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو
جواب.
جن آهين اولاد تون، ڪيڏانهن ويا ڪرياد تون،
آهين ٻه ٽي
ڏينهن آباد تون، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
”احمد“ اجايو حرص ڇڏ، قومون هت هيون
ڪالهه گڏ،
اڄ ڪو سڻي ٿو
تن جو سڏ، هيءَ جاءِ ڪنهن ڏي ڪو جواب.
مهاڳ لکڻ لاءِ
مددي ڪتاب
1. ”انڊس ايج اينڊ اِٽس رائيٽنگ سسٽم“ : از:
گريگوري ايل پوسيل.
2. ”انڊس سولائيزيشن اِن سوراشٽر“ از: گريگوري
ايل پوسيل، دهلي سال 1980ع.
3. ”دي انڊس سولائيزيشن“ ، از: ايم وهيلر ڪئمبرج،
سن 1953ع.
4.
”آڳاٽيون
سنڌو تهذيبون“
از: ڊاڪٽر اي. مئڪي سن 1948ع.
5. ”سـُـر سورٺ“ ، مرتب: تاج جويو، ڀـِـٽ شاهه
ثقافتي مرڪز،
سن 2003ع.
6. ”سنڌ جو مهراڻ“ ، از: راوارٽي،مترجم: عطا محمد
ڀنڀرو، سال 1995ع.
7. سنڌ جو مطالعو، جلد: 2، مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد
لاکو،
سن 2004ع.
8. سنڌ جو شاهه، از: بدر ابڙو، شاهه لطيف چيئر،
ڪراچي يونيورسٽي سن 2000ع.
9. سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ، از: ايڇ. ٽي.
لئمبرڪ سن 1984ع.
10. ”دي ٽريولس ائنڊ ائڊونچرس“ ، از: اي. يئمبري
لنڊن 1899ع.
11. ”تاريخ فيروز شاهي“ ، از: شمس سراج عفيف
ڪئلينٽي 1890ع.
12. ”ائنٽي ڪئيٽيز آف ڪڇ اينڊ ڪاٺياواڙ“ از:
جيمس برجيس سال 1991ع - سنڌي ادبي بورڊ.
13. ”ٺٽي جا ڪاتب“ ، از: محمد عبدالغفور، مترجم:
عطا محمد ڀنڀرو سن 2004ع - سنڌي ادبي بورڊ.
14. ”همايون نامه“ از: گلبدن بيگم، (انگريزي
ترجمو): اينيتي. ايس. بيوريج. سنگ ميل پبليڪيشن،
لاهور، پهريون ڇاپو 1974ع.
15. ”ارلي انڊس سولائيزيشن“ ، از: اي ميڪي. ٻيو
ڇاپو لنڊن 1948ع.
16. ”قديم سنڌ“ ، از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي،
1980ع سنڌي ادبي بورڊ
17. ”امپيرئيل گزيٽيئر“ از: هيئگ بيولر.
18. هنڊريڊ سيلس آف موئن جو دڙو، از: شنڪر مڪيش
پونيڪر.
19. ”ڀٽن جي ڀـُـڻ ڀــُـڻ“ ، از: ناشاد رحم علي
موسي پوٽو، ڏياٽي پبليڪيشن، اسلام ڪوٽ، سال 2006ع.
20. ”سنڌ جو سفر“ از: جيمس برنس سال 1964ع سنڌي
ادبي
بورڊ.
21. ”نئين مصر جا پراڻا ورق“ از: ايسٽوڪ سال:
ڪڇ جي رڻ جا نقشا
|