سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ڪڇ جو رڻ

حصو پهريون

صفحو ؛ 3

 

 

(2)

راءِ گهراڻو (450ع - 652ع)

سن 450ع کان سن 652ع تائين راءِ گهراڻي جي سنڌ تي حڪومت رهي. راءِ گهراڻي جا راءِ ڏيواجي، راءِ سهيرس پهريون، راءِ سهاسي پهريون، راءِ سهيرس ٻيو ۽ راءِ سهاسي ٻيو مکيه حاڪم هئا. راءِ گهراڻي جي حڪومت هلمند کان ڪشمير تائين هئي. هن جي حڪومت ۾ چار مکيه قلعا هئا، جن مان برهمڻ آباد به هڪ هو، انهن قلعن ۾ راءِ گهراڻي جا نائب رهندا هئا، جن جو لقب ”ملڪ“ هوندو هو.

اسلام کان پهريون سنڌ ۾ ٻڌ وارن زور ورتو. ڪڇ جا راجا ٻڌ ڌرم جي خلاف هئا، ڇو ته هو کتري هئا.

برهمڻ آباد جيڪا ڏکڻ سنڌ جي گادي هئي، تنهن جي هٿ هيٺ لوهاڻو، لاکو ۽ سمو مکيه حڪومتون انهن ذاتين وارن جون هونديون هيون.

راءِ سهاسي ٻئي جي وقت ۾ لوهاڻن، لاکن، سمن، جتن ۽ ميدن فساد ڪيو هو، پر پوءِ آڻ مڃي هئائون. راءِ گهراڻي جي وقت ۾ اگهم لوهاڻو برهمڻ آباد جي گاديءَ تي هو ۽ سما، جت، لاکا، ميد ۽ ٻيا راڄواڙ سندس زير نظر هئا.(1)

”گپتا خاندان ختم ٿيو ته سندن سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي ان ڪري راءِ خاندان ڪڇ تي قبضو ڪيو. ڀٽارڪه هتان جو آخري گورنر هو، ولڀي خاندان ستت پاڻ کي ڪاٺياواڙ ۾ مستحڪم ڪيو. انهن جو راءِ خاندان وارن سان سٺو تعلق هو. ان طرح سنڌ کي پارٽيهارا جي ٻن مضبوط بادشاهتن: يعني راجپوتانه ۽ ڏکڻ گجرات جي ممڪنه حملي خلاف تحفظ جو سٺو موقعو ملي ويو.“ (2)

برهمڻ گهراڻو (652ع - 712ع)

راءِ گهراڻي کان پوءِ برهمڻ گهراڻو سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بنيو. هن گهراڻي جا هيٺيان حاڪم ٿيا:

1. چچ 40 سال                32-72هجري مطابق 652-691ع

2. چندر        ساڍا 7 سال    72-80 هجري مطابق 691-699ع

3. ڏاهر         13 سال                80- 93 هجري مطابق 699-712ع

چچ: برهمڻ گهراڻي جي ابتدا چچ سان ٿي. برهمڻ آباد جو حاڪم اگهم لوهاڻو جيئن راءِ گهراڻي جو ڏاني هو، سو چچ جي وس ۾ نٿي آيو. اگهم کي جت، سما، لاکا ۽ لهاڻا وڏي ٽيڪ هئا، تنهن ڪري اگهم هڪ سال تائين قلعي کي گهيرو ڪيو پر قلعو فتح نه ٿيو. آخر قنوج جي بادشاهه کان اگهم لوهاڻي مدد گهري ۽ پڻ سيوستان جي باغي حاڪم کي، جيڪو ڏاهر جي خلاف هو، پنهنجي مـُـلڪ ۾ اچي رهڻ جي آڇ ڪئي. ايتري ۾ اگهم لوهاڻو گذاري ويو. اگهم جي گذارڻ ڪري اگهم جي پٽ سربند جي مٿان ڄڻ ڇپر ڪري پيو، پر سربند کي ٻڌ رکو پنڊت همٿائيندو رهيو ۽ گڏوگڏ فوج کي به جوش ڏياريندو رهيو. آخر قلعي جو ڪافي لشڪر ڪسي ويو. تڏهن سربند امانَ گهري، جيڪا ڏني ويس. چچ چيس ته، ”چاهين ته هت رهه، چاهين ته کپئي اوڏانهن وڃ.“ چچ کي مهربان ڏسي سربند برهمڻ آباد ۾ رهي پيو.

انهيءَ وقت ٻيون شهري رياستون قبضي ۾ اچي ويون هيون، باقي جت باغي وڃي رهيا هئا. چچ دورانديش حاڪم هو، تنهن اگهم جي زال سان شادي ڪئي ۽ سندس ڀائيٽي ڏهسن، اگهم جي پٽ سربند کي ڏنائين. پوءِ چچ ٻڌ رکوءَ وٽ ويو، جيڪو پري وڃي رهيو هو پر اُن تي مهربانيون ڪري موٽيو. برهمڻ آباد ۾ ڪجهه عرصو رهي، چچ جتن ڏانهن لاڙو ڪيو.

جتن کي وڏيءَ مشڪل سان قبضي ۾ ڪيو ويو هو. چچ هنن تي مکيه هيٺيان شرط رکيا ۽ ان جي پوئواري لاءِ جتن کان ضامن به ورتائين:

1. خاص حالت کان سواءِ تلوار نه کڻندا.

2. بخمل ۽ ريشم نه ڍڪيندا.

3. ڪاري يا ڳاڙهيءَ چادر جي گوڏ ٻڌندا.

4. گهوڙن تي هنو نه رکندا.

5. مٿو ۽ پير اگهاڙا رکندا.

6. گهر کان ٻاهر پاڻ سان گڏ ڪتا کڻندا.

7. برهمڻ آباد جي بورچي خاني لاءِ ڪاٺيون ڏيندا.

8. ڏکئي وقت رستا ڏسڻ ۽ جاسوسي ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهندا.

9. برهمڻ آباد جي حڪومت سان وفادار رهندا.

ائين ڪندا ته اوهان جي سچائيءَ تي اعتبار ايندو ۽ هنن کان سربند سان سچي رهڻ جو به انجام ورتائين.(1)

چچ کان پوءِ چندر سنڌ جو والي ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ ڀر وارا ٻه حاڪم گڏجي چڙهائي ڪري آيا. انهيءَ ڳالهه کي اڳيان رکي چندر برهمڻ آباد کي محفوظ رکڻ لاءِ ڏهر سين کي موڪليو. ڏهر سين پهتو ته سڀني قبيلن اچي مٿو جهڪايو ۽ وفاداريءَ جا سچا عهد ڪيا.

ڏاهر: چندر کان پوءِ ڏاهر الور جي گاديءَ تي ويٺو. چندر جو پٽ راڄ برهمڻ آباد تي حاڪم مقرر ڪيو ويو، پر هو هڪ سال ۾ ختم ٿي ويو ته پوءِ برهمڻ آباد کي سنڀالڻ لاءِ ڏهر سين ويو. ڏهر سين راوڙ ۾ ويو، اُن کي ٺيڪ ٺاڪ ڪيائين. واهن جي سڌاري لاءِ اُپاءُ ورتائين. راوڙ رهائش جي لائق ٿيو، ته اُن ۾ سٺا ماڻهو ويهاري پوءِ برهمڻ آباد موٽي آيو. راوڙ جو بنياد چچ رکيو هو، انهيءَ ڪري سندس پويان هن شهر ڏي خاص توجهه ڏيندا رهيا.

ڏهر سين ۽ ڏاهر جي ڇڪتاڻ ۾ ڏهر سين وفات ڪئي. اُن وقت سندس عمر 30 ورهيه هئي. ڏهر سين جو لاش ڏاهر صندل جي ڪاٺين تي رکائي ٻارايو. ڏاهر اگهم لوهاڻي جي ڌيءَ جيڪا ڏهر سين جي زال هئي، پنهنجي حق ۾ آندي، پوءِ ڏاهر برهمڻ آباد ويو ۽ اُتي هڪ سال رهيو. انهيءَ وقت اندر سڀني قبيلن سندس مڃتا ڪري ورتي ۽ ڏهر سين جي پٽ چچ کي به آڻ مڃڻي پيئي.

پوءِ ڏاهر راوڙ ۾ ويو. هن پنهنجي وڏي جي شهر ۾ وڌيڪ سڌارا ڪيا. راوڙ جي هوا سهڻي ۽ پاڻي مٺو هو، سو راجا ڏاهر اونهاري جا چار مهينا راوڙ ۾ رهڻ جو پروگرام رٿيو ۽ اونهاري جا چار مهينا هميشه راوڙ ۾ ۽ سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد ۾ گذاريندو هو. باقي چار مهينا اروڙ ۾  گذاريندو هو.

ديبل بندر جي ڀرسان سنڌ جي سامونڊي علائقي ۾ نڱامرن عربن جا جهاز ڦريا ته: عربن جا لشڪر سنڌ ڏانهن اچڻ لڳا. بديل جي وفات کان پوءِ عربن جو جوش هيڪاري ٻيڻو ٿيو ۽ محمد بن قاسم سنڌ تي چڙهي آيو.

اهڙي طرح سان اونهاري وارا چار مهينا هئا، جنهن ڪري ڏاهر راجا راوڙ ۾ رهيو پيو هو ته عربن ساڻس مقابلو ڪيو ۽ هو راوڙ جي ڀرسان ڪسي ويو. اهڙيءَ طرح گويا راجا ڏاهر موجوده ڪڇ جي رڻ ۾ ڪٺو ۽ سنڌ ۾ اسلام کي سربلندي ملي. (1)

”چچ کي ڪڇ جو ڀاڱو پنهنجي بادشاهيت جي حـصي طور مليو هو. هن 641ع ۾ اولهه طرف هلان ڪري مڪران کي پنهنجي حڪومت سان ملايو. سندس ملڪ ۾ پنج صوبا: ملتان، اچ، اروڙ، سيوستان ۽ برهمڻ آٻاد جي نالن سان هئا. ڪڇ جو علائقو آخري پرڳڻي ۾ شامل هو. چچ کان پوءِ سن 42هه/662ع ۾ سندس ڀاءُ چندر حاڪم ٿيو ۽ ساڍا ست سال بادشاهت ڪيائين. سن 50هه/670ع ڌاري سنڌ ٻه ٽڪرا ٿي وئي. ملتان ۽ اروڙ توڙي اُچ ڏاهر جي حوالي ٿيا، جڏهن ته ڏاکڻيا صوبا ڏهرسين جي قبضي ۾ اچي ويا. هي ٻئي ڀائر هئا. ڏهر سين ٽيهه سال يعني ته 81هه/700ع تائين زنده هو. سندس دؤر ۾ ڪڇ تي چاوڙي سردار جيسراج قبضو ڪيو. هي واقعو سن 66هه/685ع کان 77هه/696ع تائين، ڪنهن وچ واري عرصي ۾ ٿيو هوندو. ڏهرسين جي موت کان پوءِ سڄي سنڌ، وري متحد ٿي راجا ڏاهر جي حڪومت هيٺ اچي وئي. هن ڪڇ کي واپس وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ماڻهو اڳ ۾ ئي هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جي نالي ۾ ورهائجي چڪا هئا. اڄوڪي پاڪستان جي حدن ۾ ٻڌ ڌرم اڃا قائم هو، جڏهن ته ننڍي کنڊ جي ٻين حصن مان برهمڻن، ٻوڌين کي هڪلي ڪڍيو هو. بعد ۾ڪڇ جو ملڪ چاوڙي راجا ڪلياڻ والاريو. ڏاهر وڏي غلطي ڪئي جو ڪڇ تي ڌيان نه ڏنائين. ڪڇ جي سامونڊي ويڙهاڪن عربن کي لٽيو هو. ممڪن آهي ته سنڌ جا سامونڊي ملاح به انهن سان گڏ هجن. ڏاهر جو هي موقف درست هو، جڏهن حجاج کي موٽ ڏني هئائين ته، هنن بحري قذاقن تي هن جو ڪوبه قبضو ڪونهي. پر ڪڇ جي جاگرافيائي اهميت کي نظر انداز ڪرڻ سبب، پنهنجي بادشاهيت به وڃايائين.

ڏاهر جو ڏاکڻي سنڌ تي ڪو خاص ضابطو نه هو. سن 81هه/700ع ڌاري هڪ سنڌي قبيلو ”ڪاٺيا“ سنڌ مان ڪڇ ڏي لڏي رهيو هو. انهن اوڀر ڪڇ ۾ سن 107هه/725ع کان 123هه/740ع جي وچ ۾، ڪنهن ساڪ ”ڪنٺ ڪوٽ“ تختگاهه کي وسايو هو. جلد پوءِ اهي ڪاٺياواڙ ڏي لڏي ويا ۽ خود اهو پرڳڻو پوءِ سندن نالي تي مشهور ٿيو. هي لڏپلاڻ ماڻهن جي وڌڻ ڪري نه ٿي هئي، پر ان جا ضرور ڪي سياسي سبب هئا.“ (1)

مولوي نورمحمد نظاماڻي ”سنڌ جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو:

”سنڌ تي مسلمانن جي حملي جي آخري سبب کان گهڻو پهرين هڪ ٻيو وڏو واقعو ٿيو هو. اُن کان اڳ ڇوٽا ڇوٽا حملا سن 15هه/636ع کان وٺي هند ۽ سنڌ جي سرحدن تي عربن پاران ڪيا ويا آهن.“

عربن جون شروعاتي ڪاهون:

محمد بن قاسم جي سن 94هه/712ع واري حملي کان گهڻو اڳ سنڌ تي عربن جون ڪاهون 15هجريءَ کان شروع ٿي چڪيون هيون.

سڀ کان پهرين جنهن واقعي جو ذڪر اچي ٿو، تنهن ۾ قبيلي بني اسار مان هڪ ماڻهو محمد بن حارث علاقيءَ جو آهي، جيڪو واپار سانگي عمان مان لڏي اچي مڪران ۾ رهيو هو. مڪران ۾ هڪ شخص صفوي بن لام الحمامي جي هٿان هڪ ذمي (غير مسلم) جو قتل ٿي ويو هو، اُن وقت مڪران جو حاڪم سعيد بن اسلم هو. جنهن ذميءَ جو پاسو کنيو ۽ صفوي مٿان قتل جو فرياد داخل ڪيو. علاقي خاندان کي اميد هئي ته مذهبي معاملي ۽ گارگند تان ٿيل قتل ۾ سعيد سندن پاسو وٺندو، پر ائين نه ٿيڻ جي ڪري علافين بغاوت ڪئي ۽ سعيد بن اسلم حملو ڪري هن جو سر وڍي ڇڏيو، بعد ۾ محمد بن حارث علافي سنڌ جي علائقي ۾ اچي پناهه ورتي ۽ عربن جي هڪ حملي ۾ رامل واري لڙائيءَ ۾ هنن راجا ڏاهر جي عاليشان مدد ڪئي هئي. ان واقعي جو ذڪر ڪتاب ’فتوح البلدان‘ ۾ بلاذري به ڪيو آهي.  سن 15هجري ۾ عربن جا هند ۽ سنڌ جي سرحدن تي ڪـُـل چوڏنهن حملا ٿيا هئا.

1. پهريون حملو: عثمان بن ابي عاص ثقفي سنڌ جي ڪنارن تي پهچي هڪ شهر ٿاڻي تي حملو ڪيو. اهو حملو خليفي عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنـہ جي اجازت کان سواءِ ڪيو ويو هو، جنهن تي هو ناراض ٿيو هو.

2. ٻيو حملو: مغيره بن ابي عاص گجرات جي شهر ”ڀڙوڇ“ تي ڪيو.

3. ٽيون حملو: هن حملي ۾ مغيره بن ابي عاص شهر ديول واري لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. اهي ٻئي حملا 15 هجريءَ ۾ ڪيا ويا.

4. چوٿون حملو: هيءُ حملو عبدالرحمان بن سمره، ڪش ۽ زرنج وارن علائقن تي ڪيو. ان وقت ۾ سيستان ۽ مڪران به سنڌ جا علائقا هئا.

5. پنجون حملو: هيءُ حملو 38 هجريءَ ۾ ڪيو ويو، هيءَ حملو تغار بن ضعير جي ڪمان هيٺ ٿيو، جنهن ۾ (بهرج) ۽ ڪوهه پايا جي رستي کان هندستان ڏانهن ڪاهه ڪئي وئي.

6. ڇهون حملو: هيءُ حملو سن 42 هه/662ع ۾ حارث بن مره عبديءَ ڪيو هو، هيءَ لڙائي ڪيڪان (قلات) واري علائقي ۾ لڙي وئي، جيڪو خراسان جي ويجهو آهي. هن لڙائيءَ ۾ حارث بن مره عبدي شهيد ٿي ويو.

7. ستون حملو: هيءُ حملو عبدالرحمان بن حمزه جي فوج جي مشهور سالار مهلب، ڪابل کان نڪري سنڌ جي اُتر وارن شهرن تي ڪيو هو.

8. اٺون حملو: هيءُ حملو سن 43هه/663ع ۾ عبدالله بن سوار عبدي ڪيڪان (قلات) تي ڪيو هو، هن جو ٻانهن ٻيلي عبدالله بن عامر هو، جنهن اتي جي جهيڙاڪ قبيلن کي شڪست ڏيئي گهڻو مال غنيمت حاصل ڪيو هو.

9. نائون حملو: امير معاويہ رضه جي ڏينهن ۾ عبدالله بن سوار چئن هزار سپاهين سان ڪيو هو.

10. ڏهون حملو: سن 44هه/664ع ۾ مهلب بن ابي صفره ڪيو هو. هيءُ حملو درياءَ جي پاسي کان ٿيو هو. مهلب جو اهو حملو اڄوڪي پنجاب جي ميدانن تي هو، جيڪي ان دؤر ۾ سنڌ سان شامل هئا. مهلب جو اهو حملو ملتان ۽ ڪابل جي وچ وارن علائقن تي هو.

11. يارهون حملو: هيءُ حملو سيستان جي والي زياد بن ابي سفيان پاران سنان بن سلمه بن محبق هذلي کان ڪرايو ويو. هن مڪران کي فتح ڪيو ۽ اتي جي ترقيءَ لاءِ چڱا اُپاءَ ورتا.

12. ٻارهون حملو: هيءُ حملو زياد بن ابي سفيان پاران راشد بن عمرو جريديءَ کان ڪرايو ويو. هن به ساڳي ريت ڪوهه پايا ۽ ڪيڪان (قلات) تي حملا ڪيا ۽ ڏنُ وصول ڪري اڳڀرو ٿيو. امير معاويـہ رضه جي پوئين ڏينهن ۾ سن 59هجري ۾ زياد بن ابوسفيان جو پٽ عباد بن زياد هند ۽ سنڌ ڏانهن جهاد لاءِ نڪتو. هو ردبار وارو علائقو لنگهي وڃي قنڌار تي ڪڙڪيو.

13- تيرهون حملو: سنان بن سلمه جي شهادت کان پوءِ منذر بن جارود عبدي مڪران جو حاڪم ٿيو. هن به پنهنجي پيشروئن وانگر ڪيڪان (قلات) تي چڙهائي ڪئي. منذر بن جارود عبدي، خضدار ۽ توران تائين ڪاهه ڪري پهتو، آخر ۾ ڪنهن بيماريءَ سبب گذاري ويو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ حڪم بن منذر کي مقرر ڪيو ويو.

14- چوڏهون حملو: حڪم بن منذر کان پوءِ ابن زياد هڪ بهادر سالار ابن حري باهليءَ کي سنڌ جي سرحد تي مقرر ڪيو. ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته اصل ۾ سنان بن سلمه پنهنجي پاران ابن حري باهليءَ کي موڪليو.(1)


 

(3)

عرب ۽ ڏکڻ سنڌ  (712ع - 854ع)

ديبل ميدن [ملاحن] جو علائقو سڏبو هو. اُهي سامونڊي دنيا جا شهزادا هئا. انهن مان نڱامرا ملاح ويڙهاڪ هئا. انهن سيلون کان عرب ڏانهن ويندڙ جهاز ڦـُـريا ۽ عربن کي قيد ڪيو ته ميد هاڻ عربن جي اکين ۾ کٽڪڻ لڳا. آخر حجاج، سنڌ جي والي ڏاهر کي لکيو، پر ڏاهر ٻڌايو ته: ”اِهي ملاح منهنجي وس کان ٻاهر آهن.“ اِهو ڪو جواب ڪونه هو، تنهن ڪري حجاج سنڌ تي بديل کي چاڙهي موڪليو، اُهو قتل ٿيو، ته محمد بن قاسم کي حملي ڪرڻ لاءِ چيائين.

محمد بن قاسم وڏو لشڪر وٺي سنڌ تي چڙهي آيو. ديبل فتح ڪري، ٽي ڏينهن پئي ڪوس ڪرايائين. لکين ماڻهو ختم ٿي ويا ۽ ديبل جو حاڪم جاهين اُتان ڀڄي الهندي مهراڻ ٽپي، وڃي اڀرندي مهراڻ تي پهتو.

جاهين جي ڏاهر پـُـڇا ڪئي ته، ”جاهين ڪٿي پهتو؟“ ته ڪنهن خابروءَ کيس ٻڌايو ته: ”جاهين ’کاري مٽيءَ‘ وٽ پهتو آهي.“ اِهو ٻڌي ڏاهر ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ خابروءَ کي چيائين ته، ”شال تنهنجي مٿي ۾ مٽي پوي، بادشاهن جي اڳيان خراب نالو نه وٺبو آهي، چئو ته ’مٺيءَ مٽيءَ وٽ پهتو آهي‘.“ پوءِ ڏاهر جئسين کي لکيو ته: ”يڪدم مهراڻ ٽپي برهمڻ آباد قديم ۾ پهچي ۽ نيرون ڪوٽ جي سنڀال شمنيءَ جي حوالي ڪري.“ ۽ جاهين جيڪو پڻ پوءِ نيرون ڪوٽ ۾ آيو هو.

محمد بن قاسم به ديبل  جي فتح کان پوءِ ساڱري درياءَ جي رستي سامان روانو ڪيو. پاڻ سيسم کان ٿي، نيرون ڪوٽ ۾ پهتو. اُتان سيوستان فتح ڪري، وري نيرون ڪوٽ موٽي آيو، جيڪو خلافت کي ويجهو هو.

ٻيٽ: ٻيٽ جو ڏکڻ سنڌ جي دنگ ۾ هو، اُتي جو حاڪم وسايو پٽ راسيل جو هو. اهو ٻيٽ ڪڇ جي مـُـلڪ کي بنهه ويجهو هو. وسائي جي وفاداريءَ ۾ ڪنهن کي به شڪ ڪونه هو. پر ديبل جي ماڻهن محمد بن قاسم کي ٻڌايو ته، ”وسايو اسان جو ساٿي ٿيڻ لاءِ تيار آهي. اُهو صلاح ۾ آيو ته پوءِ درياءَ اُڪرڻ ۾ وڏي آساني ٿيندي.“

پوءِ محمد بن قاسم اشبهار تي ڪاهي ويو. اُتي جي رهاڪن سنڌ جي مشهور ويڙهاڪ قبيلي جتن کان مدد ورتي هئي ۽ جت مڙس ماڻهو ٿي وڙهيا، پر ٻين ايترو ساٿ نه ڏنو ته صلح ڪيو ويو ۽ محمد بن قاسم جتن کي بهادر ۽ جنگجو چئي معافي ڏني ۽ انهن جون همدرديون هٿ ڪيون. جيئن ته مهراڻ کان الهندي وارن جتن جون همدرديون محمد بن قاسم حاصل ڪري چڪو هو، تنهن ڪري هو راوڙ جي علائقي ۾ پهتو. ڏکڻ لاڙ وارو علائقو ديبل کان اڀرندي، برهمڻ آباد کان اولهه ڏکڻ ۽ نيرون ڪوٽ کان ڏکڻ ڪڇ کان اُتر وجورتـہ (وڳهه) کان اولهه وارو علائقو راوڙ وارو مـُـلڪ سڏبو هو.

موڪو پٽ وسايو: جيئن ته وسائي اڳي پنهنجي وفاداريءَ جا اهڃاڻ موڪليا هئا، اُنهيءَ جو پٽ موڪو پڻ محمد بن قاسم ڏانهن سهڻو رخ رکندڙ هو. انهيءَ ڪري محمد بن قاسم موڪوءَ کي ”وجورته“ * وارو مـُـلڪ جاگير طور ڏنو ۽ انهيءَ تي سندس قبضو به تسليم ڪيو. اِها خبر ڏاهر کي پيئي ته، هن کي کٽڪو ٿي پيو ۽ جاهين جيڪو ديبل جو حاڪم هو، سو به ٻيٽ جي علائقي ۾ وڃي محمد بن قاسم کي سامهون ٿيو هو ۽ موڪي به چيو ته، ”ڏاهر سان اسان کي ڏک سک ۾ گڏ گذارڻ گهربو هو پر سنڌ جي فيلسوفن ٻڌايو آهي ته، اسان کان حڪومت ويندي، تنهن ڪري ڇوٽڪاري جي صلاح سان، آءٌ توهان جو هم درد ٿيان ٿو. آءٌ ساڪري جي راڻي جي نياڻيءَ جي شاديءَ جي بهاني سان ويندس، اُتي تنهنجو لشڪر اچي مون کي گرفتار ڪري، ته ڏاهر ۽ مـُـلڪ جي ماڻهن جي مهڻي کان بچي سگهان.“ پوءِ موڪو سؤ سوارن سان روانو ٿيو. بناتـہ بن حنظله سندس اڳ ورتو. وسايو پنهنجي ويهن سردارن سان گرفتار ٿيو ۽ محمد بن قاسم، موڪي کي وڏيءَ عزت سان مليو. سرداريءَ جي پهرين پڳ موڪي جي سر تي آئي. موڪي کي پروانو به مليو ۽ محمد بن قاسم اِها به پارت ڪيس ”هاڻ ٻيڙين آڻڻ جي مهر ڪر.“ موڪو پوءِ محمد بن قاسم جو ڏاڍو سهڻو ساٿي ثابت ٿيو ۽ هن جو ڀاءُ راسل به پوءِ اچي موڪي جو ساٿي بنيو. محمد بن قاسم موڪي کي ٻيٽ جو علائقو ڏنو. ’وجورته‘ سندس پٽن کي ڏنو ويو.

دل: هڪ شاميءَ کي محمد بن قاسم مولو گڏ ڏنو، جنهن کي ترجمانيءَ جا حق ادا ڪرڻا هئا، سو ڏاهر وٽ پهتو ته ڏاهر جو ادب نه ڪرڻ لڳو، تنهن تان ڏاهر غصو ڏيکاريو، پر پوءِ غم پي ويو ۽ مولي شاميءَ جي عربيءَ ٻوليءَ جو ترجمو ڏاهر کي سنڌي ۾ ٻڌايو ته ”محمد بن قاسم چوي ٿو ته يا تون مهراڻ ٽپي اچ يا اسان کي ٽپڻ ڏي.“  ڏاهر چيو ته، ”هـُـو مرضيءَ جو مالڪ آهي، جيئن کيس چڱو لڳي تيئن ڪري.“ پوءِ مولو ۽ شامي واپس ٿيا.

محمد بن قاسم، درياءَ لنگهڻ جو خيال ڪرڻ لڳو. راوڙ جي قلعي جي سامهون، درياءَ جي الهندي تان منزل ڪئي ۽ موڪي جي هٿ ۾ سٺا ايماندار ماڻهو ڏنائين ۽ درياءَ مان سولي لنگهه جي جاءِ چونڊيائون. مهراڻ اُڪرڻ ۾ محمد بن قاسم کي ٻه تڪليفون سامهون هيون، هڪ درياءَ جو وهڪرو ۽ ٻيو سامهون ڏاهر جو لشڪر. ايتري ۾ حجاج کان هدايت پهتي ته، جيڪي درياءَ اُڪرڻ ۾ سنڌي ماڻهو ساٿ ڏين، اُنهن کي وڏا انعام ڏج ۽ انهن کان پڪا انجام وٺج، جيئن اُهي دغا نه ڪن. مون کي ٻارهن ميلن جو نقشو پڻ ڪڍي موڪل.

محمد بن قاسم ائين ڪيو. آخر حجاج کان موڪل مليس ته درياءَ ڀلي ٽپي. اُن وقت پاڻ جيور جي سامهون هو.

راجا ڏاهر غضب جو تير انداز هو. راجا ڏاهر تير ڇڪي هنيو، جيڪو هڪ شامي سپاهيءَ کي لڳو ۽ هـُـو شهيد ٿي ويو. راجا ڏاهر واپس هليو ويو ۽ ٻيٽ جي رکواليءَ لاءِ جاهين کي حڪم ڪيائين ته، ڪنهن به قول تي عربن کي هـِـن پار اُڪرڻ نه ڏج. گهيڙ مان لنگهي نه سگهن، گپ چڪ مان لنگهن ته ٺيڪ آهي. اُها اُنهن جي شامت آڻيندي.

جئسين: راجا ڏاهر کي موڪي جي ڦرڻ جو يقين ٿيو ته هن ٻيٽ جي سنڀال لاءِ جئسين کي گهرايو ۽ اُن کي تاڪيد ڪيائين ته، عرب پاڻيءَ مان لنگهي نه سگهن، جئسين ڪوتڪه نديءَ جي پاڻيءَ مان پنڌ ڪري ٻيٽ جي قلعي ۾ پهتو.

عرب سپهه سالار پنهنجون منزلون تبديل ڪندو رهندو هو. ڪڏهن راوڙ کي سامهون ته ڪڏهن جيور کي سامهون ته ڪڏهن مرڳو ڪرهل جي سامهون منزل پيو ڪندو هو. اُن وقت محمد بن قاسم، ڪرهل کي سامهون هو. اُتي پنجاهه ڏينهن رهيو. اُتي اناج جي کوٽ، گاهه جي گهٽ هئڻ ۽ گهوڙن جي بيماريءَ عربن کي ڏاڍو تنگ ڪيو. عربن گهوڙا ڪـُـهي کاڌا. ڏاهر محمد بن قاسم کي واپس وڃڻ جو چيو ۽ مدد جي آڇ پڻ ڪئي، پر محمد بن قاسم اِها آڇ شڪريه سان واپس ڪئي. حجاج کي اِها خبر پهتي ته هن گهوڙا ۽ سرڪو موڪلي ڏنو ۽ محمد بن قاسم کي هدايت ڪئي ته، ”سست ٿي نه ويهه، مهراڻ اُڪري وڃي دشمنن سان وڙهه. ٻيٽ جي قلعي کي اُڪرڻ تو لاءِ سٺو ٿيندو. ڇو ته اِهو علائقو دوآبي ۾ آهي. پاڻيءَ ۾ ايتري تک نه هوندي.“ محمد بن قاسم اُتي تختا حاصل ڪيا ۽ ٻيڙيون ٺهرايون. اُن وقت راجا ڏاهر راند روند ۾ مشغول هوندو هو ۽ ائين پيو ڏيکاءَ ڏيندو هو، ڄڻ هن کي عربن جي پرواهه ئي ڪونهي. اِها حالت ڏسي سياڪر کي ڏک ٿيو ۽ هن راجا کي چيو ته، ”دشمن اچي گهر جي اڳيان پهتو آهي ۽ تون راند روند ۾ لڳو پيو آهين. هاڻ هينئن ڪر جو ڪڇ جي مـُـلڪ ۾ وڃ، اُتي جو ريگستان تو لاءِ مددگار ۽ اُتي جا ماڻهو تنهنجا واهرو ٿيندا.“ پر ڏاهر اِها صلاح قبول نه ڪئي ۽ جنگ ڪرڻ جو خيال ڏيکاريو.

راوڙ جو والي گوپي پٽ ڏاهر هو، اُن کي روڪڻ لاءِ محمد بن قاسم سلمان قريشي موڪليو ۽ چيائينس ته تون اُن جي راوڙ جي سامهون وڃي بيهه، جيئن گوپي پيءُ جي مدد ۾ نه پهچي. سليمان پاڻ سان ڇهه سئو ماڻهو وٺي راوڙ کي سامهون وڃي بيٺو. اگهم جي رستي تي عطيه تغلبي وڃي بيٺو. جيئن ڪندراهه کان ڪو پهچي نه سگهي. نيرون ڪوٽ جي نگهبان کي هدايت ڪيائين ته، ”اناج ۽ گاهه موجود ڪري ڏي.“ جـَـتَ پڻ دشمن جي رستن روڪڻ ۾ اسلامي لشڪر جو ساٿ ڏيئي بيٺا.

موڪو پٽ وسايو محمد بن قاسم لاءِ فرشتو ثابت ٿيو. هن جو تر وارين قبيلن تي وڏو اثر هو. ڀٽي، ٺڪر، ٻيا ڪيترائي قبيلا ابن قاسم کان متاثر ٿيا ۽ سندس هٿ هيٺ بيعت ڪيائون. ساڪري جا گهڻو ڪري سڀ وڏيرا بيعت ۾ آيا ۽ موڪي اچي سڀ وفاداريون محمد بن قاسم کي آڇيون، جنهن انهن قبيلن کي قبول ڪيو ۽ انهن جي عزت افزائي ڪئي. اهي سڀ قبيلا جن ۾ جت به هئا، ٻيٽ جي الهندي تان جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا، انهيءَ ڪري ٻيٽ جو لشڪر انهن کي سامهون ٿي بيٺو.

ڪرهيل جي ڀرسان ٻيڙين سان پـُـل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. اِهي ٻيڙيون موڪي وسائي آڻي حاضر ڪيون هيون، انهيءَ ڪري راجا ڏاهر کي موڪي لاءِ ڪاوڙ وڌيڪ ٿي ۽ هن ٻيٽ جي قلعي لاءِ سخت حڪم ڏنو.

وسائي جي باري ۾ حڪم مليو ته انهيءَ تي اعتبار نه ڪيو وڃي، پر راسل، جيڪو وفاداري ڏيکاري ٿو، تنهن تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. راسل ڏاهر وٽ حاضر ٿيو. هن وفاداريءَ جو يقين ڏياريو. راسل ٻيٽ ۾ وڃي پهتو. جئسين ڏاهر جو پٽ واپس ٿيو ته جيئن پيءُ سان گڏجي سگهجي. جئسين واپس پئي ٿيو ته، ٻهراڙيءَ جي ماڻهن سمجهيو ته ٻيٽ سنڌين کان هليو ويو ۽ محمد بن قاسم اچي اُن ۾ لٿو آهي، تڏهن جئسين واپس پيو وڃي. آخر مسلمان وڏي مشڪل سان مهراڻ جي هـُـن ڀر پهتا. هڪ خابروءَ جڏهن اِها خبر ڏاهر کي ڏني، ته اُن مـُـڪ هڻي اُن کي ماري چيو ته، ”تو بـُـري خبر آندي آهي.“

اسلامي لشڪر ٻيٽ کي سامهون روانو ٿيو. سڀني کي سينن تي زرهون پيل هيون. ٻيٽ جي ويجهو ۽ پريان ڪجهه ماڻهو جاچ جوچ لاءِ بيهاري، لشڪر جي چوڌاري خندق کوٽائي، سامان اُتي رکائي، محمد بن قاسم راوڙ ڏانهن روانو ٿيو.

آخر هو وڃي جيور جي جاءِ تي پهتو. راوڙ ۽ جيور جي وچ ۾ هڪ ڇڇ هو. ڏاهر حفاظت خاطر اُن ڇڇ تي ڪي ماڻهو بيهاري ڇڏيا هئا. محمد بن قاسم به محرز قيسيءَ کي ٻه هزار سپاهي ڏنا ته، انهن سپاهين جي سامهون کـُـپي وڃي ويهن. اُتان ئي حجاج کي اطلاع ڪيو ويو ته اسان درياء اُڪري ويا آهيون.

انهيءَ کان پوءِ ڏاهر مناسب ڄاتو ته اسلامي لشڪر جي مناسب روڪ نه ڪئي ويئي ته ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا، تنهن ڪري ڏاهر پنهنجي پٽ جئسين کي عربن جي لشڪر کي روڪڻ لاءِ موڪليو، پر عرب لشڪر جئسين جي چوڌاري  گهيرو ڪري ورتو. فيلبان، لشڪر لتاڙي هاٿيءَ کي ڪاهي، عربن مان جئسين کي ٻاهر ڪڍي ويو. ڏاهر، جي ڀڄڻ جو ٻڌي الک کي ساراهيو.

جئسين جي هار جو ٻڌي، راسل، محمد بن قاسم ڏانهن ماڻهو موڪليو ۽ نياپي طور چوائي موڪليو ته، ”آءٌ تو وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان، پر آءٌ ٿوري لشڪر سان ايندس. مون کي اُتي گرفتار ڪجو ته ادا وانگر ميار ۾ نه اچان.“ راسل جي وزير اهو ٻڌي چيو ته، ”توتي ڏاهر جو اعتبار آهي، تون ڏاهر کان غداري نه ڪر.“ پر راسل اِهو ڪونه ٻڌو. آخر راسل پنهنجي پيءُ وسائي کي ٻيٽ جو قلعو ڏئي روانو ٿيو. مقرر جاءِ تي غلط فهميءَ کان جنگ شروع ٿي ويئي. اِها غلط فهميءَ واري جنگ راسل ۽ عربن جي وچ ۾ ڪنبهه جي قلعي کان پنجن فرسنگن فاصلي تي لڳي. اُها جاءِ نيطري واهه تي هئي. راسل جنگ به نٿي چاهي ۽ ڀڄڻ به چڱو نٿي ڄاتائين، انهيءَ ڪري ڪافي لشڪر ڪسي ويو. محمد بن قاسم هن کي جيئري گرفتار ڪرڻ جو چيو هو، تنهن ڪري عرب سپاهي، نقصان سهي به هن کي زنده گرفتار ڪري محمد بن قاسم وٽ وٺي آيا. محمد بن قاسم چيس ته، ”راسل! هاڻ تون مهڻن کان آجو آهين، جنهن جو توکي فڪر هو. هاڻ توکي جيڪا به ولايت گهرجي، سا گهر.“ پر راسل خدمت ۾ رهڻ جو چيو ۽ هـُـو محمد بن قاسم جي ڀرسان ئي رهڻ لڳو. پوءِ راسل محمد بن قاسم سان عهدنامو ڪيو ته، ”آءٌ تنهنجي رضا کان سواءِ ٻاهر نه ويندس، جيئن حڪم ٿيندو، سو بجا آڻيندس.“

محمد بن قاسم جو اڳي ’موڪو‘ سٺو صلاح ڪار هو، وري جو راسل به گڏيو ته، محمد بن قاسم کي، انهن جي صلاحن مان وڏو فائدو رسيو ۽ محمد بن قاسم انهن جي صلاح کان سواءِ هڪدم به اڳتي نه چـُـرندو هو. اڳتي هلي انهن جي ئي صلاح سان هو جـنگ ۾ ڪامياب ٿيو. انهن ڀائرن جي صلاح سان محمد بن قاسم نارائي (ناراڻي) ۾ اچي لٿو.

اُن وقت راجا ڏاهر قاجيجاق [ڳاجهي جهاڳ] ۾ لٿل هو. انهن ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ رڳو هڪ ڇڇ هو. اُهو ڇڇ ٽپڻ ڏاڍو ڏکيو هو. راسل چيو ته، ”اسان کي هي ڇڇ ٽپڻ گهرجي.“ راسل ٻيڙيون هٿ ڪيون ۽ ٽيهه ٽيهه ٿي لنگهيا، تان جو سڄو لشڪر اڳتي لنگهي ويو. پوءِ هڪ خليج کان سواءِ ٻيو وچ ۾ ڪجهه به حائل نه هو.

جيئن ته راسل جيڪو سهڻو صلاحڪار ۽ ڏکڻ سنڌ جو واقف هو. تنهن محمد بن قاسم کي جيور ۾ پهچڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو ته، ”توکي هڪ منزل اڳتي وڃي جيور ۾ دڌاواهه تي، جيڪو راوڙ جو هڪ ڳوٺ آهي، ڪئمپ ڪرڻ گهرجي، جيئن ڏاهر جي اڳيان ۽ پويان اچي سگهين ۽ ساڻس جنگ ۾ پـُـڄي پورو پوين ۽ سندس ساز و سامان تي ڪامياب ٿي قبضو ڪري سگهين.“ فوجي لحاظ کان اِها صلاح لک لهندڙ هئي. جنگ جو خاڪو محمد بن قاسم به سمجهي چڪو هو ۽ هن جيور ۾ وڃي، دڌاواهه جي ڪناري تي منزل ڪئي. جڏهن وزير سياڪر کي خبر پيئي ته، چيائين، ”هاءِ! برو سوڻ ٿيو. انهيءَ جاءِ کي جيور (فتح جي جاءِ) ٿا چـَـون.“ تنهن تي راجا ڏاهر چيو ته، ”هڏباريءَ ۾ لٿو آهي، جيڪا اِها جاءِ آهي، جتي رڳو هڏا پهچندا آهن.“ جيئن ته عربن، راسل جي صلاح سان ڪامياب سهڻو جنگي نقشو اختيار ڪيو هو، تنهن جو اثر راجا ڏاهر تي زبردست ٿيو.

نتيجي طور راجا ڏاهر پاڻ کي راوڙ جي محفوظ قلعي ۾ وڃي لڪايو. اُتان عربن ۽ راجا ڏاهر جي لشڪر وچ ۾ رڳو ٽي ميل جو مفاصلو هو. آخر ۾ مفاصلو رڳو اڌ فرسنگ وڃي ٻنهي جي وچ ۾ رهيو.

ٻئي ڏينهن محمد بن قاسم رڳو ٻن سڏن تي اچي پهتو. راجا ڏاهر پنهنجي جهاپي اڳواڻ کي جنگ لاءِ موڪليو. اُهو صبح کان شام تائين وڙهندو رهيو. آخر ٻئي لشڪر واپس موٽي ويا.

ٽئي ڏينهن ٿيندي ئي جاهين لشڪر وٺي عربن کي سامهون ٿيو ۽ وڙهندي وڙهندي ڪـُـسي ويو. عربن به جيڪا ٿي فوج ڏٺي، تنهن کي ٿي ختم ڪيو. اُن تي سياڪر وزير کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن راجا کي چيو ته، ”ايئن لشڪر کي نڌڻڪو ڪري نه ڪـُـهايو. عربن تي يڪو حملو ڪريو ۽ پوري طاقت سان عربن کي ڪچلي ڇڏيو.“

خميس جي ڏينهن ڏهين رمضان سن93هه ۾ عربن ۽ ڏاهر جي لشڪر ۾ فيصلو ڪندڙ لڙائي شروع ٿي. جنگ جي ڏينهن نغارو وڄائي، جهنڊو اڀو ڪيو ويو. اٽڪل 5 هزار نالي وارا چالاڪ، ڦڙت جنگي جوان ۽ شهزادا، سٺ جنگي هاٿي، ويهه هزار زرهن ۽ ڍالن سميت پيادا جنگ لاءِ سندس اڳيان روانا ٿيا. راجا ڏاهر پاڻ هڪ مست هاٿيءَ تي پالڪي ٻڌي، لوهي برگستوان وجهي، زرهه ڍڪي ۽ ڪمان تي زهه چاڙهي، جنگ جي ميدان تي آيو. ساڻس ٻه ٻانهيون گڏ هيون. هڪڙيءَ کيس پالڪيءَ ۾ هڪ ٻئي پويان تير ٿي ڏنا ۽ ٻيءَ پان ٿي پهچايو.

جئسين کي ڏاهر محمد بن حارث علا في مدد ۾ ڏنو ۽ چيو ته، ”علا في عربن جي جنگ کان واقف آهي، هـُــو جيئن چوي تيئن ڪج.“

محمد بن قاسم به پنهنجي لشڪر کي ترتيب ڏني ۽ پنهنجي شهادت جي صورت ۾ محرز کي سردار بنائڻ جو چيو.

آخر ڏهين رمضان تي راجا ڏاهر هلان شروع ڪري ڇڏي. راجا ڏاهر پنهنجي فوجي ترتيب هن ريت رکي هئي: پاڻ اڳيان هاٿي موڪليا هئائين، وچ وارو لشڪر پنهنجي نظر ۾ رکيائين. هٿيار کڻندڙ پيادا، تير انداز، بڙڇيون، سيل، کڻدار اڳيان ڪيائين. تير هڻندڙ ساڄي پاسي ۽ هٿيار بند ڄاڻو سوار کاٻي پاسي رکيائين.

ڪي عرب پاڻي به ٽپي آيا ته، محمد علا فيءَ به محمد بن قاسم جي دل وڏي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ راجا ڏاهر اڳيان وڌندڙن تي حملو شروع ڪري ڇڏيو. محمد بن قاسم ڄاڻو سپاهين سان اڳتي وڌيو هو. چونڊ لشڪر اڳتي وڌيو. جنگي گهوڙي سوار به اڳتي وڌيا. محمد بن قاسم سان وچ ۾ ڪي ٿورا ماڻهو وڃي رهيا. موڪو پٽ وسايو به پنهنجي فوج سان جنگ جي ميدان تي ڄمي ويو. آخر سڀني سپاهين پاڻي لنگهي جنگ شروع ڪئي. محمد بن قاسم محرز بن ثابت سان وچ لشڪر ۾ وڃي بيٺو ۽ وصيت ڪيائين ته، ”آءٌ مري وڃان ته، پوءِ محرز ۽ اُن کان پوءِ سعيد توهان جو سردار آهي.“

عرب سپاهين ڏاهر جي لشڪر کي سندن صفن تائين پهچڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ پوءِ سڀ لشڪر موٽي ويو. ائين 9- 10 تاريخ پوري ٿي ۽ ڏهين تاريخ موجوده ڪڇ جي رڻ ۽ اڳوڻي سنڌ جي ڏاکڻئين حـصي ۾ هڪ خونخوار، ڪفر ۽ اسلام ۾ جنگ لڳي، جنهن ڪافرن جي تسلط جو خاتمو آندو.

عربن جي فتح ۽ ڪڇ جو رڻ:

ڏهين تاريخ راجا ڏاهر ٻاهر نڪتو. هن جئسين کي ڏهه هزار زرهه پوش سپاهي ڏنا جن مان ڪن جا وار کليل ۽ ڪن جا وڏا وار بند ٿيل هئا. ڪن جون تراريون اگهاڙيون ۽ ڪن جون هٿن ۾ هيون ۽ ڀالا به وٽن هئا. اهي سڀ راجا لشڪر جي وچ ۾ بيهاري اچي مسلمانن جي سامهون بيٺو. اِها راوڙ جي سرزمين هئي. هو پنهنجي اڇي هاٿيءَ تي سوار هو. سندس چوڌاري ۽ پويان هاٿي هئا. هن جي ساڄي پاسي (1) جئسين (2) ابي ارجن (3) ننڍي ڪوار جو ڏاڏو وڏو ڪوار ۽ (4) راجا ڏاهر جو سوٽ جئسين. راجا ڏاهر جي کاٻي پاسي کان (1) بشر پٽ ڍول (2) گيهه پٽ بشر (3) ڏهر سين پٽ ڏاهر (4) بيل حاڪم ڪنبهه (5) نائلو (6) جوڻو ۽ (7) مشبد بيٺل هئا. سنڌ جا سڀ چونڊ ماڻهو جهڙوڪ: (1) بجهاري (2) اسرهيل (3) سنج (4) اسيار (5) لقيار امار ۽ اڀرندي پاسي جا سڀ جت، جيڪي تلوار جا ماهر هئا، اِهي سڀ بهادر وچ وارن سپاهين ۾ سندس اڳيان هئا، جن کي هاٿين مان ٻه لشڪر جي کاٻي ۽ ٻه ساڄي رکيائين ۽ باقي ٻيا سڀ سوار ۽ هاٿي جاهين جي هٿ هيٺ اسلامي لشڪر جي سامهون روانا ڪيائين.

محمد بن قاسم راجا ڏاهر جو لشڪر ايندو ڏسي ٻاهر نڪتو. نباتـہ بن حنظلـہ کي ميمني تي، ذڪوان بن علوان کي ميسره تي مقرر ڪري ابو صابر کي جهنڊا ڏيئي هاٿين جي سامهون بيهاريائين.

پهرين پهرين مقدمه جنگ شروع ڪئي، هڪ طرف کان محمد بن
زيادالعبدي ۽ بشر بن عطيـہ پنهنجي ساٿين سميت ۽ ٻئي پاسي کان محمد بن مصعب بن عبدالرحمـٰـن الثقفي ۽ خريم بن عروه مدني، راجا ڏاهر جي سامهون ٿيا. جڏهن سڀ گهوڙا ۽ لشڪر جا ماڻهو سامهون گڏ ٿيا، تڏهن محمد بن قاسم پنهنجي چونڊ سوارن جون ٽي پتيون ڪيون، هڪ پتي ساڄي، ٻي کاٻي ۽ ٽين وچ ۾ رکي. هرهڪ پتي ۾ ٽي ٽي سؤ سپاهي هئا. پوءِ سڀني جا تير ڪمانن تي چوڙهيا. جڏهن فجر جي نماز پڙهي صفون سڌيون ڪيائون، تڏهن پنهنجن صفن ۾ تيار ٿي، جهنڊا هٿن ۾ کڻي، گهوڙن تي سوار ٿي فرض ادا ڪيو. نماز کان پوءِ پنجن قبيلن محمد بن قاسم ڏانهن توجهه ڏنو. محمد بن قاسم چيو ته، ”الله کان مدد گهرو“. پاڻيءَ وارن کي چيائين ته، ”پاڻي فوجن کي پياريندا رهجو“ اُن وقت سنڌي فوج خوشي پئي ڪئي ته، بنو تميم وارن محمد بن قاسم کي چيو ته، ”هو
(ڏاهر جي فوج) فوجي سامان مڪمل کڻي آيا آهن ۽ هنن اوهان کي سامهون ٿيڻ جي تڪڙي طلب ڪئي آهي.“ تڏهن اُن کي محمد بن قاسم چيو ته، ”دشمن سامهون آهي، ته اوهان کي به تياري ڪرڻ گهرجي.“ پوءِ دلاور ۽ ٻين کي سڏي، پنجئي قبيلا صفون ٻڌي جنگ لاءِ ٻاهر نڪتا. عربن ۾ اُن وقت وڏو جوش هو.

محمد بن قاسم بنهان قشيري کي وچ ۾ ٻن سون چونڊ پهلوانن سان بيهاريو، ڇوته راجا ڏاهر به وچ ۾ وڏا پهلوان رکيا هئا. ٻنهي ڌرين جنگ شروع ڪري ڇڏي ۽ اڳيون لشڪر هٽي وڃي راجا ڏاهر سان گڏيو. راجا ڏاهر وري ٻيا جوڌا موڪليا، پر عربن انهن تي به فتح حاصل ڪئي. ابو فضـہ خدا جو نالو وٺي ڏاهر جي ٻن حملن کي پسپا ڪيو ۽ ابو فضـہ ڪافرن کي راجا ڏاهر تائين ماريندو ويو. جنگ هلندي محمد بن قاسم ڪافرن جي اڳيان آيو ته، ڪن اچي امان گهري ۽ چيو ته، ”اسان اسلام ۾ اچون ٿا. اسان کي ڪجهه چونڊ سوار ڏي ته ڪافر جيڪي پٺيان غافل آهن، انهن ۾ ٽاڪوڙو وجهون. جيئن هو ٻه چتا ٿي پون ۽ دل لهي پوين.“ پوءِ اسلامي لشڪر کي چئن طرفن کان حملي جو حڪم ڏجو ته هو برباد ٿين. محمد بن قاسم مروان يمني ۽ تميم قيني کي پٺيان ڦري اچڻ لاءِ چيو. هنن پٺيان حملو ڪيو ته، گهڻا ڪافر ڀڄڻ لڳا ۽ راجا ڏاهر جي لشڪر ۾ گوڙ پئجي ويو ۽ انهن تي ڊپ غالب پئجي ويو. محمد بن قاسم به نعرو بلند ڪيو ته، ”ڪافر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن، اوهان مٿن حملو ڪريو.“ اسلامي لشڪر پوءِ اڳيان، ساڄي، کاٻي ۽ پٺيان ڦري آيو. ڪافرن جا ڍير لڳي ويا. محمد بن قاسم چيو ته، ”اڄ اوهان جو ڏينهن آهي.“

اهڙي حالت ڏسي راجا ڏاهر ۽ سندس وفادار صفا سر تان آسرو لاهي ميدان تي نڪري پيا. چار سئو سندس پاسبان جيڪي هٿيارن سان ٻڌل هئا، سي ڳچيءَ ۾ تلوارون ۽ هٿن ۾ ڀالا کڻي ميدان تي آيا ۽ ايتري قدر جنگ ڪيائون جو انهن جي هٿن جون کلون به لهي ويون.

ڏاهر وٽ شيشي جهڙو تکين ڪاتين سان گول چڪرو هو، جڏهن به هاٿيءَ حملو ٿي ڪيو، تڏهن جيڪو به هاٿيءَ جي ويجهو ٿي آيو، ته اهو چڪرو وجهي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي پيادي توڙي سوار جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪريو ٿي ڇڏي. ٻه ٻانهيون مسلسل کيس تير ۽ پان ڏينديون رهيون. جنگ مسلسل هلندي رهي. شام جي نماز تائين ٻنهي طرفن جا ڪئين ڪونڌر ڪسي ويا.

شجاع حبشيءَ، محمد بن قاسم وٽ قسم کنيو ته: ”جيسين آءٌ راجا ڏاهر جي هاٿيءَ کي زخم نه پهچائيندس، تيستائين پاڻي يا اَنُ نه استعمال ڪندس.“ راجا ڏاهر اڇي هاٿيءَ تي ويٺو هو. شجاع حبشي گهوڙي تي چڙهي اڳتي وڌيو. ماڻهن ٻڌايس ته، ”راجا! توسان شجاع حبشي جنگ ڪرڻ اچي ٿو.“ راجا ڏاهر ساڻس سامهون ٿيو ۽ مٿس هاٿي هڪليائين. شجاع به گهوڙي کي مشڪل سان هاٿي جي ويجهو آندو. پر گهوڙو وري به هاٿيءَ کان ٽهي پري ٿيو. شجاع اِهو ڏسي گهوڙي جون اکيون پنهنجي پٽڪي سان ٻڌيون ۽ پوءِ هاٿيءَ تي ڪاهيائين. هاٿيءَ جي سونڊ تي زخم رسايائين. راجا وٽ ڪينچي جهڙو ٻه شاخو تير هو، سو ڪمان تي رکي نشان ٻڌي شجاع کي هنيو ۽ هن جو سر ڪلهن تان اُڏامي وڃي پري پيو، ۽ ڌڙ گهوڙي مٿي پيو هو. راجا ڏاهر خوش ٿي چيو ته، ”ڏسو ڌڪ اثرائتو ٿيو آهي ۽ حبشي ڪيئن نه سهڻي نموني ۾ قتل ٿيو آهي.“ بهادرن اڳتي وڌي ڏٺو ته، حبشيءَ جو ڌڙ هني تي پيو هو. راجا ڏاهر جي فوج پير کوڙي حملو ڪيو ۽ اسلامي لشڪر کي راجا ڏاهر جا فوجي پاسن کان ڦري آيا، جنهن ڪري اسلامي لشڪر لـُـڏي ويو ۽ صفون هيٺ مٿي ٿي ويون. راجا ڏاهر جي فوج سمجهيو ته اسلامي لشڪر ڀڄي وڃي رهيو آهي. ماڻهو دهشت ۽ حيرت ۾ پئجي ويا. محمد بن قاسم به خطا ٿي ويو ۽ پنهنجي غلام ساقيءَ کي چيائين ته، ”مون کي پاڻي کاراءِ.“ حقيقتاً کيس چوڻ گهربو هو ته، ”مون کي پاڻي پيار.“ پاڻي پي، ساهه پٽي، پڙهو ڏياريائين ته، ”اي عربو! توهان جو امير محمد بن قاسم اجهو آءٌ هتي آهيان، مون کي ڇڏي ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ ڍالون کڻو! صبر ڪريو. ڇاڪاڻ ته ڪافر هار کائي چڪا آهن، فتح اسان جي آهي.“ آخر عربن جو سڄو لشڪر اچي گڏ ٿيو. موڪو پٽ وسايو پنهنجي پهلوانن سميت پيادي لشڪر جو اچي اڳواڻ ٿيو ۽ مرڻ مارڻ لاءِ ميدان سينگاريائين. موڪي کي جنگ لاءِ تيار ڏسي عرب سردارن کي محمد بن قاسم نالا وٺي سڏيو:

”خريم بن عمرو مدني ڪٿي آهي؟

ڪحلي، ذهلي ۽ نباتـہ ڪٿي آهن؟

محمد بن زياد ۽ تميم بن زيد قيني ڪٿي آهن؟

دوستو!

عزيزو!

هٿيار بردارؤ!

تلوار بازؤ!

پهرين قطار وارؤ!

نيزي بازؤ! اسلام جي ٽيڪ توهان آهيو.“

محمد بن قاسم جي سڏ تي سڀ ٺهي ٺـُـڪي جنگ لاءِ تيار ٿيا. راجا ڏاهر تي سامهون حملو شروع ڪري ڇڏيائون.

مسلمانن خدا جو نالو وٺي حملو شروع ڪري ڇڏيو. راجا ڏاهر جو لشڪر به مرڻ يا مارڻ لاءِ تيار هو. پوءِ ڇتي جنگ جو آغاز ٿيو. تلوارن جي ڌڪاڌڪيءَ جي ڪري هوا ۾ باهه جا شعلا نظر اچڻ لڳا. نيزا ۽ حربا هڪ ٻين سان ٽڪرندا رهيا. آخر هي جو رڻ گجيو هو، راڙو ٿيو هو، تنهن جي پڇاڙي هن ريت ٿي جو، ٻنهي ڌرين جا هٿيار جـُـهري پيا ۽ پهلوانن اچي هڪ ٻين کي ٻک وڌا. ٻنهي ڌرين جو ڪيترا هزار لشڪر ڪسي ويو. راجا ڏاهر پنهنجن اميرن، سردار، شهزادن ۽ چونڊ هڪ هزار سپاهين سان اڃا سلامت هو، سج ڳاڙهو ٿي چڪو هو.

اوچتو کاٻي پاسي کان شور ۽ گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. اُتي ڪنهن چيو ته، ”اسان هيڏانهن آهيون، اسان ڏانهن اچو.“ اُهي زالون هيون، جي عرب لشڪر گرفتار ڪيون هيون. زالن چيو ته، ”اي راجا! اسان اوهان جون زالون آهيون، عربن اسان کي گرفتار ڪيو آهي.“ تنهن تي راجا ڪاوڙجي چيو ته، ”اوهان کي ڪير گرفتار ڪندو؟ آءٌ اڃا زندهه آهيان؟“ ائين چئي راجا ڏاهر عربن جي لشڪر تي زوردار حملو ڪيو.

محمد بن قاسم اهو ڏسي نفط اندازن کي چيو ته، ”هيءُ وقت توهان جي سوڀ جو آهي.“ ايتري ۾ هڪ سڌي هٿ واري تير انداز تير هنيو، جو وڃي راجا جي پالڪيءَ کي لڳو ۽ پالڪيءَ کي باهه لڳي ويئي.

اِهو ڏسي راجا فيلبان کي چيو ته، ”هاٿيءَ کي پٺتي وار، ڇوته مون کي اُڃ لڳي آهي.“ هوڏانهن پالڪيءَ کي باهه لڳي چڪي هـُـئي، تنهن ڪري هاٿي فيلبان جي وس کان ٻاهر نڪري ويو. هاٿي وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو. فيلبان وڏا وس ڪيا، پر هاٿي وس ۾ ڪونه آيو. هاٿيءَ کڻي وڃي فيلبان، ڏاهر ۽ ٻن داسين کي وڃي پاڻيءَ ۾ ڪيرايو. ڏاهر جا پاسبان گهڻا پاڻي ۾ ساڻس گهڙي پيا ۽ ڪي ڪنارن تي بيهي رهيا. ايتري ۾ عرب به پهچي ويا ۽ ڪافر ڀڄڻ لڳا. هاٿي پاڻيءَ مان نڪري قلعي ڏانهن وڃڻ ٿي گهريو ته مسلمانن تيرن جي هاٿيءَ تي بارش ڪري ڇڏي. هڪ تير انداز تير چٽي راجا ڏاهر جي دل تي هنيو. تنهن ڪري هـُـو اونڌي منهن پالڪيءَ ۾ ڪري پيو. هاٿيءَ پاڻيءَ مان نڪري حملو شروع ڪيو ۽ خود پنهنجن ماڻهن کي مارڻ لڳو. تنهن ڪري سڀ ٽڙي پکڙي ويا. راجا ڏاهر به هاٿيءَ تان لهي مقابلو ڪرڻ لڳو. هڪ عرب کي وجهه ملي ويو. هن راجا ڏاهر کي تلوار جو هيبتناڪ ڌڪ هڻي، سسي ڪلهن تائين ٻه اڌ ڪري ڇڏي. پوءِ وري به چوڌاري مارا ماري شروع ٿي ويئي. عربن مان گهڻا راوڙ جي قلعي تائين پهچي ويا هئا ۽ اڇي هاٿيءَ پنهنجن ئي ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڏنو. ڏاهر کي ڪن برهمڻن کڻي گپ ۾ لڪائي ڇڏيو. اُن وقت قابل بن هاشم 16 زخم کائي به هيءَ رجز پڙهي ۽ جنگ ڪري رهيو هو:

الا فاصبحـَـاَني قـَـبـُـلَ وَقـَـعـة دَاهر،
وَ قـَـبلَ مـَـنـُـا يـَـا قـَـد غـَـدونَ بـَـواڪـَـر،
وَ قـَـبل غـُـدً يا لهفَ نفـِـسي عـُـليٰ غـَـد،
اِذا مـَـا غـَـدا صـَـحبـِـي ولستُ بـِـبـَـاڪـِـرِ

 

(ڀائرؤ! ڏاهر جي جنگ کان اڳ مون کي پيالو ڀري ڏيو، جو اڄ تيار آهي، اوهان سڀاڻي مئه خاني ۾ هوندا، پر مون لاءِ اوسيئڙو نه ڪجو.)

جنگ جا ڪڪر هٽي چڪا هئا، شور و غل پورو ٿي ويو هو. محمد بن قاسم لشڪر ۾ پڙهو گهمايو ته، ”راجا ڏاهر غائب آهي، متان ڪنهن ڪنڊ مان نڪري حملو ڪري، تنهن ڪري هوشيار رهجو.“ ايتري ۾ هڪ برهمڻ آيو، تنهن چيو ته، ”آءٌ توکي ڏاهر، ڏيکاريان، پر شرط هي آهي ته، مون کي ۽ منهنجي ماڻهن کي امانَ ڏني وڃي.“ پوءِ ويساهه جهڙا ماڻهو اُن برهمڻ سان گڏجي ويا ۽ گپ مان راجا ڏاهر سنڌ جي راجا جو لاش ڪڍيو ويو. سندس لاش مان عطر جي بـُـوءِ اچي رهي هئي. هن جي سسي لاهي محمد بن قاسم وٽ آندي ويئي. محمد بن قاسم انهيءَ جي سڃاڻپ پالڪيءَ ۾ ويٺل ٻانهين کان ڪرائي. محمد بن قاسم راجا ڏاهر جو سر ڏسي سرهو ٿيو ۽ انهيءَ برهمڻ جي ٽي سؤ ماڻهن کي آجو ڪري شڪراني جا نفل ادا ڪيائين. سڀ جنگي قيدي ڪٺا ڪيا ويا. ڪاريگر ۽ واپارين کي جيءَ دان ڏنو ويو. چون ٿا ته، راجا ڏاهر کي عمرو ماريو هو. عمرو حجاج جي اڳيان بيهي هيءُ شعر پڙهيو هو، اُن مان عمرو راجا ڏاهر جو ماريندڙ ثابت ٿئي ٿو:

اَلخيل تـُـشـَـهدُ يـُـومَ دَاهرَ وَالقـَـنـَـا،
وَ محمـَـد بن القـَـاسـِـم بن مـُـحـَـمدَ،
اِني فـَـرحتُ الجـِـمع غير مـُـعـَـرد،
حـَـتيٰ عـَـلوتَ عـَـظيمهـَـم بمـُـهنـَـدا،
فـَـتـَـرڪة تـَـحت الجــُـاج مـُــجد لا،
مـُـتعفر الخـُـدَين غـَـير مـَـوُسـَـد،

 

[مون ڏاهر جي جنگ ۾ بهادري ڏيکاري،

گهوڙا، نيزا ۽ محمد بن قاسم شاهد آهن.

مون بي ڊپو ٿي، ڪافرن کي ڇڙوڇڙ ڪيو.

مون وڌي راجا جي سسي لاٿي،

مون ئي هن کي، ڌوڙ ۾ ليٽايو هو.

هن جي، منهن ۽ مٿي تي، مٽي وري وئي هـُـئي.]

ڏسڻ ۾ هينئن پيو اچي ته عمرو برهمڻ جي ڏيکارڻ کان پوءِ راجا جو سر ڪپيو هو. باقي راجا جو موت تير لڳڻ سان ٿيو هو. پر جيئن ته، اِهو ڪو گمنام سپاهي هو، تنهن ڪري عمرو سڄي ڳالهه پنهنجي نالي ڪئي ۽ حجاج کي ٻڌايو ته، ”مون ئي راجا کي ماري مات ڪيو هو ۽ سندس سسي ڪپي توهان وٽ آندي آهي.“ بهر صورت راجا ڏاهر ڪڇ جي رڻ ۾ ڪسي ويو ۽ اِهو رڻ موجوده وانر جي جڳهه تي ٿيو ۽ انهيءَ رڻ ۾ ”رڻ گجيو، راڙو ٿيو.“

راڻي لاڏي: راجا ڏاهر کي يقين هو ته، هن لڙائيءَ ۾ مربو يا ماربو. مرڻ جي صورت ۾، راڻين کي به مرڻ جو حڪم  هو، جيئن هو مسلمانن جي هٿ نه لڳن. تنهن ڪري هڪ هڪ راڻيءَ لاءِ هڪ هڪ جلاد مقرر ڪيو ويو هو ته، هار جي صورت ۾، انهيءَ راڻيءَ کي ڪـُـهي ڇڏي.

راڻي لاڏي، جنهن ۾ راجا ڏاهر کي پورو ڀروسو ڪونه هو، تنهن لاءِ به هن ٻين راڻين جيئن جلاد مقرر ڪيو هو. پر راڻيءَ لاڏيءَ بچائڻ لاءِ وجهه وٺي عرب لشڪر ۾ داخل ٿي. آخر محمد بن قاسم کي اِها وڻي ويئي ته، حجاج کان موڪل ورتي ويئي، جنهن اِها موڪل وليد کان ورتي ۽ محمد بن قاسم جو گهر راڻيءَ سنڀاليو. راڻي لاڏي ڪو نالو شايد ڪونه هو، پر لقب هو. ڇوته اسان کي ساڳئي نالي واري راڻي برهمڻ آباد ۾ عربن سان وڙهندي پڻ نظر اچي ٿي. منهنجي خيال ۾ راڻي لاڏي جيڪا محمد بن قاسم جي زال ٿي هـُـئي، اُن جو نالو ڪو ٻيو هو، البت لاڏي (ڪنوار) جي لقب سان هوءَ ياد ڪئي ويندي هئي. (والله اعلم بالصواب) يا هينئن به ٿي سگهي ٿو ته، چچ نامي جي ليکڪ ڪجهه چاشني وٺائڻ لاءِ اهي زالن جا قصا وڌائي گهٽائي ڏنا هجن يا راوين جي ڳالهه جو هو تسلسل رکي نه سگهيو هجي. هرصورت ۾ انهيءَ ڳالهه جي سڄي ذميداري چچ نامي جي مصنف تي اچي ٿي.

جيئن ته راجا ڏاهر ڪـُـسي چڪو هو، محمد بن قاسم سندس سـِـر عربن جي پهري هيٺ عراق روانو ڪيو. اُن سان گڏ ڏاهر جا هاٿي، گهوڙا، سامان، ڪپڙا، ٻانها ۽ ٻانهيون مسلح سپاهي، چوپايو مال عراق موڪليو ويو. راجا ڏاهر سان راڻن، شهزادن جا سر به روانا ڪيا ويا.

حجاج جي اڳيان جڏهن راجا ڏاهر ۽ راڻن جون سسيون پهتيون، تڏهن هن جهنڊا ۽ ڇٽ اونڌا ڪرڻ لاءِ چيو.

حجاج کي محمد بن قاسم جي ڪنجڪ جهليندڙ ڪعب الراسبي چيو ته، ”آءٌ محمد بن قاسم جي گهوڙي جي واڳ جهليو لڙندو هيس. جنگ وقت باهه جا شعلا نڪري رهيا هئا.“

حجاج جنگي قيدين کي جـُـتين وٽ وهڻ جو چيو. اُن وقت بني ثقيف جي هڪ ماڻهوءَ پيرن ڀر بيهي راوڙ جي فتح ۽ راجا ڏاهر جي ڪسجڻ جي خوشيءَ ۾ شعر پڙهيو ته:

”وڏي مشڪل سان،نيٺ، سنڌ مـُـلڪ فتح ٿيو،

قاسم جي پٽ سر تي سهرا ٻڌا،

ثقفي رعب تاب ۽ سياست ڪتب آندائين،

هن عقل ۽ دورانديشيءَ کان ڪم ورتو،

رواني ٿيڻ وقت امير (حجاج) کيس نصيحت ڪئي هئي،

بيشڪ امير ادب جوڳو ۽ رهبر آهي،

هڪ گهڙيءَ لاءِ به وقار کي نه ڇڏجانءِ،

هن نيزي سان دين جي مدد ڪئي،

هن تلوار سان ماتم جي صف ٿي وڇائي،

ڏاهر جو سر انهيءَ جي ڏاهپ سان ئي، هتي کڄي آيو

جو سهڻو، سخي ۽ امير پيو ڏسجي، مال غنيمت ۾ سهڻيون عورتون به آيون آهن،

هو هرڻيءَ جي اکين کان به وڏيون اکيون رکندڙ آهن،

ڏاهر جي سر جو، سڀني سرن کان مٿاهون شان آهي،

سڀني بادشاهن هـُـن کي، پنهنجو بادشاهه ڪري ٿي مڃيو،

هن جي گهر واريون رنيون ٿي، جيئن پاڪ باز روئندا آهن،

(ڏاهر) جا گهوڙا به انهيءَ جي ڏک ۾، زارو زار رنا ٿي.“

محمد بن قاسم کي حجاج بن يوسف ثقفي گهڻو ڀانئيندو هو. سو جو شعر ٻڌائين ته سندس درد تازو ٿيو ۽ چوڻ لڳو:

”مون کي موت جي اونداهيءَ جو ڪوبه خوف ڪونهي، رڳو قاسم جي پٽ کي اُهو شل نه رسي.“

حجاج پوءِ هر روز محمد بن قاسم ڏانهن خط لکندو هو ۽ کيس همتائيندو هو. محمد بن قاسم  به سندس چوڻ موجب هلندو هو. حجاج هڪ ڏينهن خطبو ڏيندي، مجاهدن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته، ”سنڌ ۽ هند جي فتح ڪرڻ ڪري، مهراڻ جو مٺو پاڻي ۽ گهڻيون نعمتون اسان کي الله ڏنيون آهن.“

حجاج کان پوءِ راجا ڏاهر جو سر ۽ جهنڊا خليفي وليد بن عبدالملڪ بن مروان وٽ کڄي ويو. اُتي به راجا جي راڻين ۽ شهزادين کي غلامن وانگر جتين وٽ بيهاريائون. اُتي وليد، راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي ڪعب الراسيءَ کي ڏني. هوءَ ڏاهي زال هئي. عرب زالون هن وٽ اچي کانئس ڏاهپ واريون ڳالهيون سکنديون هيون.

راجا ڏاهر جو پٽ جئسين ۽ راڻي مايين عربن سان جنگ ڪرڻ لاءِ راوڙ جي قلعي ۾ ٿي ويٺا. سياڪر وزير جي مرضي هئي ته برهمڻ آباد ۾ هلي جنگ ڪجي. ايتري ۾ راجا ڏاهر جي مارجڻ جي خبر پهتي. شهزادي جئسين چيو ته، ”مربو يا ماربو. ٻي ٻولي ڪونه ڪبي.“ پر جئسين کي وزير سياڪر ۽ محمد علافي جي صلاح سان راوڙ ڇڏي برهمڻ آباد وڃڻو پيو.

جئسين هليو ويو، پر راڻي مايين چيو ته، ”راجا ڪسي ويو ته راڻي به ان سان گڏ ڪسجڻ گهرجي.“ هن سان ڪافي سورهيه ۽ سرويچ سردار صلاح ۾ هئا. راڻيءَ جي اشاري تي پهلوان ۽ سپاهي ڳڻيا ويا ته پندرهن هزار نڪتا، جي سڀ جنگي جوان هئا ۽ مرڻ لاءِ تيار هئا. راڻيءَ ۽ راوتن قلعو راوڙ بند ڪري ڇڏيو ۽ محمد بن قاسم به اچي قلعي راوڙ جي هيٺان پهتو. راڻيءَ جي ماڻهن قلعي جي مٿان دهل ۽ شرنايون وڄائڻ سان گڏ منجنيقن مان پٿر، تير ۽ نيزا وسائڻ شروع ڪيا. راڻيءَ جي طرفدارن کي جيڪو ٿي هٿ آيو، سو ٿي عربن تي اُڇلايائون.

هوڏانهن محمد بن قاسم ڏينهن جو منجنيقن سان ۽ رات جو نفط ۽ زرنيخ سان جنگ شروع رکي. آخر قلعي جا برج ڪري پيا ۽ کامڙيا قلعي هيٺان کڏون کوٽيندا رهيا.

آخر راڻي مايين زالن کي گڏ ڪري چيو ته، ”شهزادو جئسين اسان کان ڌار ٿي ويو. محمد بن قاسم اچي رسيو. هنن چنڊالن کان اسان جي جان ڪونه ڇٽندي. ڇوٽڪاري جي اُميد ڪونهي. ڪاٺيون ڪپهه ۽ تيل گڏ ڪري، هاڻ پاڻ کي ڏاگهه چڙهي مرڻ گهرجي ته جيئن هلي پنهنجن مڙسن سان ملون، جنهن کي وڃي امانَ وٺڻي هجي، ته ڀلي وڃي ۽ ممڪن آهي ته کيس نجات ملي وڃي.“

پوءِ سڀ زالون گهرن اندر ويون ۽ وڃي ڏاگهه چڙهي ويون. قلعو محمد بن قاسم جي قبضي ۾ آيو ۽ پاڻ قلعي ۾ ٽي ڏينهن رهيو. قلعي ۾ وڙهندڙن مان 6 هزار مردن کي محمد بن قاسم ماريو ۽ ڪن کي تيرن جو نشانو بنايو ويو. باقي زالون ۽ ٻار رهيا هئا، انهن کي گرفتار ڪيو ويو.

راوڙ جو قلعو فتح ٿيو ته، اُن مان هيٺيون سامان مليو، جيتوڻيڪ جئسين ڪافي سامان برهمڻ آباد کڻي ويو هو. ٽيهه هزار ٻانها ۽ ٻانهيون، جن مان ٽيهه راجائن جون ڌيون هيون. راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي سهڻي پڻ انهن ۾ هئي. سي سڀ حجاج ڏانهن موڪليا ويا. جڏهن حجاج وٽ اِهو مال ۽ ملڪيت غلام پهتا تڏهن چيائين ته،

”بيشڪ سڀ خزانا، دفينا، مال ۽ دنيا جي ملڪيت مون کي ملي چڪي آهي.“

عبدالله بن عباس (حسنه) جي وليد کان گـُـهر ڪئي، ته هن چيو ته، هن سهڻيءَ لاءِ منهنجي دل به ڇڪ ڪري ٿي. پر تون ڀلي هن کي ام ولد بناءِ ۽ پوءِ هوءَ انهيءَ جي ڪنوار ٿي رهي.

راوڙ جي فتح جو خط محمد بن قاسم حجاج کي لکيو ته، حجاج هن کي تنبيهه ڪندي لکيو ته، ”تنهنجيون سڀ ڳالهيون مون کي وڻن ٿيون، رڳو هڪ ڳالهه نٿي وڻي، اُها هيءَ ته تون امانَ ڏيڻ جو ڏاڍو شوقين آهين. دوست دشمن جو فرق نٿو ڪرين. عام امانَ نه ڏي، نه ته سڀ توکي عقل جو فتور رکندڙ ۽ ضعيف سمجهندا.“

راوڙ اسلام جي لشڪر جي دٻدٻي هيٺ اچي ويو. سنڌ جو راجا هينئر ”جئسين“ برهمڻ آباد ۾ هو. جئسين چوڌاري خط موڪليا ته، ”عرب اسان کي تڪليفون ٿا ڏين، مدد ڪريو.“ ۽ راجا ڏاهر جي مارجڻ جو به سڀني کي اطلاع ڏنائين ۽ پاڻ برهمڻ آباد ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ سامان ڪٺو ڪرڻ لڳو. اهڙي طرح سان محمد بن قاسم سنڌ جي راجا ڏاهر کي راوڙ (موجوده ڪڇ جي رڻ جي دنگ ڏکڻ) جي ڀرسان ماري پاڻ هڪ طرح سان ڄڻ سنڌ جو والي ٿيو. پر اڃا ” شهزادي جئسين“ سان لڙائي ڪرڻي هـُـيس. پر فتح جو ستارو محمد بن قاسم سان شامل هو.

راوڙ کان پوءِ محمد بن قاسم ڌليلو(1) دهليلہ ۾ ويو. اُن کان اڳ عربن ڀروڙ (بهرور) پڻ فتح ڪيو هو ۽ ڏاهر جو ماڻهو ڌليلو مان منجهيل واهه جي رستي ٻاهر نڪري جيسلمير ۽ ريگستان ڏانهن ڀڄي ويا. ڌليلو جي فتح وقت وزير سياڪر اچي محمد بن قاسم وٽ پيش پيو ۽ محمد بن قاسم هن کي ڏاڍي عزت ڏني. ڌليلي جو راڄ محمد بن قاسم، نوبہ بن هارون کي ڏنو، اُن جي حد وڌاتيه تائين هئي. ٻيڙين جو ڪم به نوبة جي حوالي ڪيائين ۽ انهيءَ قلعي جي اڀرندئين ۽ الهندئين حـصي جو ڪم به سندس حوالي ڪيائين. اُتان برهمڻ آباد ٽي ميل هو.

جئسين مڙس ٿي برهمڻ آباد ۾ جنگ ڪئي. ڏينهن جو لڙائي ٿيندي هئي. رستن ۾ به جئسين عربن کي وڏيون تڪليفون ڏنيون. موڪي پٽ وسائي جي مدد سان هن برهمڻ آباد ڇڏي، جئسين کي چترور وڃڻو پيو. برهمڻ آباد فتح ٿي ويئي. سياڪر وزير جي صلاح سان لوهاڻن ۽ جتن جي احوال کان محمد بن قاسم واقف ٿيو ۽ ڏاهر وارو دستور جتن لاءِ محمد بن قاسم به قائم رکيو. لهاڻا، لاکا ۽ سما قبيلا جنهن ايراضي ۾ قابض هيا. انهن قبيلن جي پٺيان سڏجندڙ علائقا سمورا برهمڻ آباد جي هٿ هيٺ هئا. محمد بن قاسم، وداع بن حميد الجريءَ کي برهمڻ آباد جو  امير مقرر ڪيو.

برهمڻ آباد ۾ ترسي ڪري محمد بن قاسم راوڙ لاءِ نوبهه بن دارس کي حاڪم مقرر ڪيو ۽ حڪم ڏنائين ته ڪابه جنگي ٻيڙي نظر اچي ته اُها هٿ هيٺ ڪري سامان هٿ هيٺ رکيو وڃي.

موجوده رڻ ۾ محمد بن قاسم جو وڌيڪ انتظام:

راوڙ کان مٿي سمنڊ جي ويجهو حڪم ابن زياد العبديءَ کي مقرر ڪيائين ۽ انهيءَ کي ٻيڙين جي هر چرپر تي نظر رکڻ جو چيائين. ڪڇ جو مـُـلڪ ڪيرج جي بادشاهه دروهر جي هٿ هيٺ هو، اهو علائقو هذيل بن سلمان الازديءَ کي ڏنائين ۽ نوبت جي جاءِ تي ڌليلو جو حاڪم حنظلہ ڪلابيءَ کي مقرر ڪيائين. انهن سڀني کي هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻ ۽ ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ جو به چيائين. آخر جڏهن محمد بن قاسم  برهمڻ آباد ۾ ويهي اڀرندي الهندي جي انتظام کان فارغ ٿيو، تڏهن اڳتي وڌيو ۽ ٻئي مـُـلڪ کي فتح ڪرڻ جو خيال ڪيائين.

محمد بن قاسم جي سمن وڏي مرحبا سان آجيان ڪئي. سمن جي علائقي تي خريم بن عمروءَ کي محمد بن قاسم حاڪم مقرر ڪيو. محمد بن قاسم لوهاڻي علائقي کان پوءِ سهتن جي علائقي ۾ ويو. جتي سڀني پير اگهاڙا ڪري، امانَ گهري. محمد بن قاسم انهن تي ڍل مقرر ڪئي. ان ريت هو اڳتي فتحون ڪندو وڌندو ويو، جيئن ته دروهر ۾ جئسين کي وڏي اُميد هئي. سو پنهنجي لشڪر سان اُتي ويو، پر بدگمانيءَ سبب دروهر هن جي مدد ڪري ڪونه سگهيو.

محمد بن قاسم ملتان تائين سنڌ فتح ڪري ويو. راجا ڏاهر جي سڄي حڪومت هٿ هيٺ ڪيائين. ايتري ۾ کيس دارالخلافت ”بغداد“ کان حڪم مليو ته، واپس ٿئي. اُن وقت وليد وفات ڪري چڪو هو، سليمان خليفو ٿيو، تنهنڪري هن فاتح سنڌ کي عرب وڃڻو پيو.

محمد بن قاسم جي شهادت:

نئين خليفي، يزيد بن مهلب کي موڪليو ته هو محمد بن قاسم کي کل پارائي، هٿ ڪڙيون هڻي روانو ڪري. ڪيرا وارن محمد بن قاسم جي پوڄا شروع ڪري ڇڏي. محمد بن قاسم شهر واسط ۾ قيد ڪيو ويو. صالح نالي هڪ عرب کيس تڪليفون ڏيئي شهيد ڪيو. اِهو واقعو سن 96هه/715ع ڌاري پيش آيو.(1)

”عربن سنڌ تي سن 94هه/712ع ۾ قبضو ڪيو، پر هنن ڪڇ کي نه والاريو. يا ته عربن کي ڪڇ جي اهميت جو اندازو نه هو. يا وري محمد بن قاسم جي تڪڙي واپسيءَ جي ڪري ائين ٿيو هو. سندس جاءِ نشين مان جنيد (سن 106هه-112هه/724- 730ع) ۽ ان جي نائبن: ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، اجين، چتور، نيلم، بيلامن، جرز، مرموڊ، منڊل، ڊهناز، ڀڙوچ ۽ مالوهه تي حملا ڪيا. حملن جو مقصد فتوحات بجاءِ ڦر لٽ جو مال هٿ ڪرڻ هو. ڪڇ جي نار (کاري) کان سڄي ڏکڻ سنڌ جي سرحد غير محفوظ هئي. جاگرافيائي حالتن جو فائدو وٺندي: لتا (چالوڪيه)، مالوهه (پارٽيهارا)، ڏکڻ گجرات ۽ ڀڙوچ (جيه ڀٽا)، ڪڇ (راجه ڪلياڻ چاوڙو)، ۽ اتر گجرات توڙي ڪاٺياواڙ (سلادتيه v يا vi، ولڀي)- گڏجي جنيد جي نائبن کي سن 112-120هه/730ع - 738ع جي وچ ڌاري ڪنهن سال ۾ شڪست ڏني. هنن گڏجي عربن جي خلاف سنڌ ۾ هڪ بغاوت کي ڀڙڪايو. مجبور ٿي سنڌ جي گورنر تميم کي سنڌ ڇڏڻي پئي، جنهن کي وري حڪم اچي فتح ڪيو ۽ عربن جي حفاظت لاءِ هڪ شهر ”محفوظـہ“ نالي سان آباد ڪيائين.

سن 120هه/738ع ڌاري صورتحال جي سنگينيءَ سبب، اوڀر ۾ عربن جي توسيع پسند پاليسيءَ تي وري سوچيو ويو. سنڌ جو عرب دؤر ڪو امن ڀريو زمانو ڪونه هو. حالتن جو فائدو وٺندي هڪ مقامي راجا سن 129هه/746ع ۾ خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو. هي خودمختياري پنج سال هلي. چئي سگهجي ٿو ته جنيد جي حملن عربن کي فائدي بدران نقصان ڏنو هو.“ (1)

 

اُموي دؤر جا گورنر (سن 715ع - 750ع)(2)

1. يزيد بن ابي ڪبشہ السڪسڪي سليمان بن عبدالملڪ
(سن 96-99هه/715-717ع) جي دؤر ۾ سنڌ جو گورنر ٿيو.

سنڌ ۾ پهتو ته آرام ڪونه مليس ۽ 18 ڏينهن ۾ ئي وڃي الله سان مليو.

انهيءَ دؤر ۾ عربن ۾ هيجان رهيو. محمد بن قاسم سان جيڪي مجاهد عرب آيا، انهن سنڌ ۾ رهڻ انهيءَ ڪري چڱو نه ڄاتو جو هو محمد بن قاسم جو حشر ڏسي چڪا هئا، اهڙا مـجاهد واپس عرب هليا ويا. باقي فقط اُهي خاندان سنڌ ۾ رهيا، جن کي جاگيرون ۽ ملڪيتون ڏنيون ويون هيون. يعقوبيءَ جي چوڻ موجب اهڙي طرح سنڌ مجاهدن کان خالي ٿي ويئي.

2. حبيب بن المهلب بن ابي صفره: سليمان بن عبدالملڪ جي ڏينهن (سن 99هه/717ع) ۾ 18 ڏينهن لاءِ گورنر ٿي آيو.

حبيب اڃا هتي پهتو ئي ڪونه، پٺيان جئسين جو پنهنجو مـُـلڪ حاصل ڪرڻ لاءِ واجهه وجهي رهيو هو، سو برهمڻ آباد ۾ آيو ۽ برهمڻ آباد فتح ڪري ورتائين. حبيب پهرين ته بلاذريءَ موجب سنڌو درياءَ جي ڪناري تي ويٺو هو، پر پوءِ راوڙ ۾ ويو ته، اُتي جو عوام سندس همدرد ٿيو ۽ جيڪي باغي هئا، انهن کي به حبيب تلوار مان ڪڍيو. برهمڻ آباد ۽ اروڙ اڃا به جئسين وٽ هئا، باقي راوڙ تي حبيب جو قبضو هو. اهڙي طرح حبيب موجوده ڪڇ جي رڻ تي اسلامي راڄ هلائيندو رهيو، جو ان وقت وڏيءَ آباديءَ وارو هو.

3. عمرو بن مسلم الباهلي عمر بن عبدالعزيز جي دؤر (سن 99هه-101هه/717-719ع) ۾ گورنر ٿيو.

عمر بن عبدالعزيز عمرو باهليءَ کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو ۽ هند جي راجائن ڏانهن خط پڻ لکيو ته، ”مسلمان ٿيو ته، اوهان جي حڪومت ۾ ڪوبه خلل نه پوندو. اوهان کي مسلمانن جهڙا حق ڏنا ويندا ۽ اوهان تي مسلمانن جهڙيون ذمي واريون رهنديون.“

انهيءَ خط جو پهريون اثر راجا ڏاهر جي پٽ جئسين قبول ڪيو. هن پاڻ تي عربي نالو رکيو ۽ مسلمان ٿيو.(1) عمر باهليءَ پنهنجي خليفي عمر جي اشاري سان حجاج وارا ڳرا ٽيڪس ماڻهن مٿان لاٿا.

عمرو الباهلي ۽ ڪڇ: عمرو باهلي جيئن ته، ڏکڻ سنڌ ۾ راوڙ ۾ رهندڙ هو. برهمڻ آباد ۽ الور جئسين جي هٿ ۾ هئا، جو مسلمان ٿي چڪو هو ۽ هن کي مسلمانن جي خليفي پنهنجي مـُـلڪ تي حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو هو. تنهن ڪري، انهيءَ سان وڙهڻ عهدنامي جي ڀڃڪڙي هئي، تنهن ڪري عمرو باهليءَ پنهنجي ڀر واري راجا ملهر جي خبر ورتي، ڇوته، هـُـو جيئن ته ڪڇ جو راجا هو ۽ عمرو باهلي ڏکڻ سنڌ ۾ راوڙ جو حاڪم هو، ٻنهي جي حڪومتن جي سرحد ڪوري نديءَ وٽ هئي. ملهر ۾ بغاوت جا آثار ڏسي، عمرو باهلي هـُـن تي ڪاهي ويو ۽ ڪڇ عمرو باهليءَ جي هٿان فتح ٿيو ۽ راوڙ سرڪار جي ماتحت ٿي رهيو. اڳ به ڪڇ فتح ٿيو هو، پر عربن جي حڪمت عمليءَ جي ڪري اُتي جو حاڪم باغي ٿي ويو هو، جنهن جي پوئين کي عمرو سهڻو سبق ڏنو.(1) عمرو جي ڏينهن ۾ ڪافي غير مسلم، مسلمانن کان متاثر ٿي مسلمان ٿيا ۽ سنڌ ۾ امن امان قائم ٿيو، سڀ ڪو پنهنجي حال ۾ خوش هو. اسلام کي وڏو فائدو پهتو. اِهو سڀ عمر بن عبدالعزيز جي منصفانه حڪومت جو اثر هو.(2)

4. هلال بن احوز تميمي يزيد بن عبدالملڪ جي دؤر
(سن 101هه - 105هه/720 - 723ع) ۾ گورنر ٿي آيو.

هلال بن احوز تميمي يزيد بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو. هن جي دؤر ۾ سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ۾ جتن جون تمام گهڻيون بغاوتون رهيون.

جنيد سنڌ ۾ آيو ته، اچي ديبل ۾ رهيو ۽ کيس اِهو شوق ٿيو ته پنهنجي بهادري ڏيکاريان، تڏهن سنڌونديءَ جي ڪناري تي وڃي خيما کوڙيائين.

5. جنيد بن عبدالرحمن المري هشام بن عبدالملڪ جي دؤر (سن 105هه - 125هه/723 - 742ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿي رهيو.

جنيد ۽ جئسين جي پاڻ ۾ اڻ بڻت ٿي پيئي. اهڙي طرح بدگمانيون وڌيون ۽ جنيد جنگ لاءِ تيار ٿيو. جيئن ته عمر بن عبدالعزيز، جئسين جي حڪومت تسليم ڪري چڪو هو، پر هينئر هشام جي حڪومت هئي، تنهن تي جنيد پراڻي عهد جي پرواهه نه ڪئي. نتيجي طور برهمڻ آباد ۽ ديبل جي حڪومتن جو ٽڪراءُ ٿيو. خاص طور جئسين ۽ ڏاهر جو پٽ چچ انهيءَ جنگ ۾ ڪم آيا.(1) بلاذريءَ جي بيان موجب جنيد سمنڊ جي رستي ڪافي مـُـلڪ هٿ ڪيا. ڪيرج کي پڻ جنيد نئين سر فتح ڪيو.(2) جنيد بيلمان پڻ فتح ڪيو. مولوي نور محمد نظاماڻيءَ جي تحقيق موجب اهو شهر ورنلمه آهي. جو عمر ڪوٽ ۽ جيسلمير جي وچ ۾ آهي. نور محمد نظاماڻيءَ صاحب اها معلومات ايليٽ صاحب جي تحقيق مان حاصل ڪئي.(3) جنيد ڀرپاسي ۾ وڏيون سوڀون ڪيون. محمد بن قاسم کان پوءِ هيءُ ئي وڏو فاتح هو، جنهن هند ۽ سنڌ ۾ فتح جي ڌوم مچائي ڇڏي ۽ ڪافي ملڪيت گڏ ڪئي. 111هه/729ع ۾ هن کي سنڌ کان بدلي ڪري خراسان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو ۽ هن جي جاءِ تي تميم آيو.

6. تميم بن زيد العتبي هشام بن عبدالملڪ جي دؤر (سن 105هه - 125هه/723 - 742ع) ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو.

تميم سنڌ جو والي ته ٿي آيو، پر هن ۾ ٻه ڳالهيون هيون. هڪ ته هي نرم دل هو ۽ ٻيو ته فياض هو. جنيد جيڪو جئسين ۽ چچ کي عهد شڪني ڪري ڪـُـهي ويو هو، انهيءَ ڪري سنڌين توڙي عربن ۾ به اُنهيءَ لاءِ نفرت هئي. هنگاما وڌي ويا. تميم سنڌين خواه عربن جي انهن هنگامن کي پڄي ڪونه سگهيو ۽ هڪ ٻي ڳالهه به پيدا ٿي، عربن جو پاڻ ۾ اچي تڪرار ڪيو. تميم اهو سهي نه سگهيو ۽ وٺي ديبل ڏانهن ڀڳو. سنڌو درياءَ جي ڪناري تي رڇن واري ڍنڍ جي ڀرسان ساهه ڏنائين.(3) تميم جي ڏينهن ۾، جنيد جي عهد شڪنيءَ ڪري سنڌ جي ماڻهن جو عربن مان ويساهه نڪري ويو ۽ هو مرتد ٿيڻ شروع ٿيا ۽ اهو سلسلو ڊيگهه وٺڻ لڳو.(4)

7. حڪم بن عوانـا ڪلبي هشام بن عبدالملڪ جي دؤر (سن 105هه - 125هه/723 - 742ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو.

تميم کان پوءِ حڪم کي سنڌ جو والي ڪري موڪليو ويو. هن عمرو بن محمد بن قاسم جي سهاري ۽ پنهنجي ظالمانه روش سبب قبضو ڪري ورتو. والي عراق خالد قشري اڪثر چوندو هو ته، ”مون فياض تميم کي موڪليو ته، ناراضپي جا آواز اچڻ لڳا. پوءِ مون بخيل ۽ نالائق شخص حڪم کي موڪليو ته، تحسين ۽ مرحبا جا نعرا بلند ٿيا.“ (1)

حڪم جي دؤر ۾ هنگاما ۽ شورشون رهيون، حڪم جي اچڻ وقت مـُـلڪ ۾ وڏا هنگاما متل هئا. حڪم، عمرو کي ملڪ جي سڄي واڳ هٿ ۾ ڏني ته حڪومت کي قبضي ۾ رکي. هو وڏي فوج وٺي جتان ڪٿان سوڀارو ٿي آيو ته، حڪم کي ڏاڍي خوشي ٿي.

محفوظـا شهر ٻڌائڻ: جيئن حڪم کي اهو آسرو ڪونه هو ته ڪنهن پراڻي شهر ۾ سلامت رهي سگهبو. تنهن ڪري هن ڪوشش ڪري سنڌو نديءَ جي ڇوڙ جي اڀرندي تان محفوظہ شهر جو بنياد رکيو. پاڻ اُتي رهڻ لڳو. اُن کي حفاظت جو شهر قرار ڏنائين.(2)

منصوره شهر ٻڌائڻ: عمرو فتحن پٺيان فتحون قائم رکندو آيو. انهيءَ ڪري حڪم کي ڪجهه وڌيڪ سگهه حاصل ٿي ۽  هن سنڌو نديءَ جي الهندي پاسي تان هڪ ٻيٽ ۾ منصوره شهر ٻڌايو. جيڪو بعد ۾ برهمڻ آباد جي جاءِ تي گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو ۽ عربن جي چرپر پوءِ انهيءَ شهر ۾ ئي نظر اچڻ لڳي.(3)

”حڪم“ هندو فوجن ۽ هنگامن ۾ ختم ٿي ويو. اُن کان پوءِ عمرو سنڌ جو والي ٿيو.(4)

8. عمرو بن محمد بن القاسم هشام بن عبدالملڪ جي دؤر (سن 105هه - 125هه/723 - 742ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿيو.

اُن وقت عمرو بن محمد يزيد بن عرار طاقتور ليکيا ٿي ويا ٿي. عمرو کي يزيد منصوره ۾ گهيرو ڪري ورتو. پر عراق جي حاڪم يوسف هن کي لشڪر جي مدد ڏيئي يزيد کان بچايو ۽ عمروءَ کي به طاقت ملي ته، هن ڀرپاسي جي هڪ هندو راجا تي ڪاهه ڪئي ۽ اُن جو مـُـلڪ هٿ ڪيائين. جيئن ته، اُن راجا جو نالو يا لقب ”راءِ“  هو، اُن مان گمان نڪري ٿو ته اُهو ڪو ڪڇ جو حاڪم هو.(1)

9. يزيد بن عرار وليد بن هشام جي دؤر (سن 125-126هه/742-743ع)

عمرو کان پوءِ هي سنڌ جو والي ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ رعيت آزار ۾ هئي. ماڻهو هن مان خوش ڪونه هئا.(2) يزيد جي ڏينهن ۾ منصور سنڌ ۾ پناهه ورتي. هـُـو خلافت جي برخلاف هو. منصور سدوسان ۾ ترسي پيو. پوءِ هڪ لشڪر وٺي اچي منصوره شهر کي گهيرو ڪري ابن عرار کي مارائي پاڻ سنڌ جو حاڪم ٿيو. هي خودساخته حاڪم هو.

10. منصور بن جمهور الڪلبي بني اميہ جي آخري خليفي مروان الحمار جي دؤر (سن 127-132هه/744-749ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿي رهيو.(3)

منصور، شهر منصوره ۾ رهيو ۽ پنهنجي ڀاءُ منظور کي قندابيل ۽ ديبل جو والي مقرر ڪيائين. پاڻ جنگجو هو، تنهن ڪري يقين سان ماٺ ڪري ڪونه ويٺو هوندو. منصور 132هه/749ع تائين سنڌ جو والي ٿي رهيو. هن خود مختياريءَ جو اعلان ڪيو.(4)

عباسين جا گورنر(5) (751ع - 855ع)

اُموين کان پوءِ عرب جي سياست جا نگهبان عباسي ٿيا. عباسين جي ڏينهن ۾ هيٺيان گورنر سنڌ ۾ آيا، اهي سڀ گورنر گهڻو ڪري ڏکڻ سنڌ تائين محدود هئا:

1. مغلس بن السري العبدي: ابو العباس سفاح جي دؤر (سن 133هه-136هه/751-753ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿي رهيو.

جيئن ته منصور سنڌ جو والي  ٿيو ويٺو هو. عباسين اُن کي پنهنجو گورنر نٿي سمجهيو. انهيءَ ڪري اُن جي خلاف مفلس کي موڪليائون. مفلس، منصور جي ڀاءُ کي ديبل بندر ۾ ماريو. پر مفلس جڏهن منصوره شهر جو گهيرو ڪيو ته پاڻ مارجي ويو.

2. موسيٰ بن ڪعب تميمي: ابو العباس سفاح جي دؤر (سن 133هه-136هه/751-753ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿيو هو. مفلس کان پوءِ منصور خلاف موسيٰ هلان ڪري آيو. موسيٰ حرفت ڪري منصور کان ماڻهو ڦيري پوءِ ساڻس جنگ ڪئي، نتيجي طور منصور هارايو. منصور کي هاڻ ڪنهن ۾ به اعتبار نه رهيو  هو، تنهن ڪري هو راجسٿان جي ريگستان ۾ پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي سڪي بک ۽ اُڃ وگهي مري ويو. موسيٰ، منصوره شهر جي مرمت ڪرائي ۽ ڏکڻ سنڌ تي ڪاميابيءَ سان راڄ ڪندو رهيو.

3. عينيہ بن موسيٰ بن ڪعب تميمي: ابوجعفر منصور جي دؤر (سن 136هه- 158هه/753-774ع) ۾ موسيٰ عراق هليو ويو ته پٺيان عينيہ مـُـلڪ تي راڄ ڪرڻ لڳو. يمني ۽ ربيع قبيلي هن خلاف ڳالهايو ته، انهن کي مارائڻ ڪري مٿس پڪارون ٿيون. غلط فهمين جي ڪري هن بغداد جي خلافت سان بغاوت ڪئي.

4. هشام بن عمرو التغلبي: ابوجعفر منصور جي دؤر (سن 136هه- 158هه/753-774ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿي رهيو.

5. عمر بن حفص: ابوجعفر منصور جي دؤر (سن 136هه- 158هه/753-774ع ) ۾ عراق جي والين کان حڪم نامو وٺي اچي ديبل بندر ۾ رهيو. عينيہ کان حڪومت ڦري ويئي ته هن پناهه ورتي. عمر کيس خلافت ڏانهن روانو ڪيو، پر يماني عربن کيس ڪهي ڇڏيو. عمر سنڌ ۾ اچي سک جو ساهه ڪونه کنيو، پر سڄو دؤر سرحدي راجائن سان وڙهندي وقت گذاريو.

6. بسطام بن عمرو: ابوجعفر منصور جي دؤر (سن 136هه- 158هه/753-774ع) هو هشام جو ڀاءُ هو، جو منصور جي ڏينهن ۾ سنڌ جو گورنر ٿي رهيو.

7. معبد بن الـخليل تميمي: ابوجعفر منصور جي دؤر (سن 136هه- 158هه/753-774ع) ۾ سنڌ جو گورنر هو.

هن جي دؤر ۾ جتن فساد شروع ڪيو. اها هڪ وڏي بغاوت هئي، معبد جهڙو نيڪ خصلت ماڻهو انهيءَ بغاوت کي منهن ڏيئي ڪونه سگهيو ته وقت جي خليفي، روح بن حاتم کي سنڌ جو والي ڪري موڪليو، پر يعقوبيءَ جي چوڻ موجب جتن ۾ ڪو اهڙو جوش پيدا ٿيو هو، جو هو گورنرن کان جوش ۾ وڌي ويا هئا. روح کي ڪجهه به نه وريو ۽ جتن جو جنگي جوش گهڻو وڌي ويو ته، مهدي خيلفي روح کي لاهي بسطام کي سنڌ ۾ موڪليو، پر هن اڃا انتظام هٿ ۾ کنيو ته وري روح بن حاتم کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. اڃا روح پير ئي نه ڄمايا ته، مهديءَ جي من ۾ وري ٻي ڳالهه آئي ۽ خليفي نصر بن محمد کي سنڌ سنڀالڻ لاءِ ڏني. اڃا نصر پهتو مس ته، مهديءَ وري به محمد بن سليمان کي سنڌ جي حڪومت ڏني، جنهن نصر کي معزول ڪري عبدالملڪ بن شهاب کي سنڌ جو والي ڪري موڪليو. پر وري ترت نصر بن محمد کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو ويو. هو اڃا رستي ۾ هو ته سندس مقرري کي رد ڪيو ويو. اِهي حالتون مهديءَ مجبور ٿي ڪيون، ڇو ته جتن جي چـُـرپر جي ڪري غير مطمئن هو. پنهنجي گورنرن ۾ حال نه ڏسي، هو انهن کي معزول ڪندو ۽ نوان  گورنر رکندو پئي آيو. آخر جڏهن ڌارين جي ڳالهين تي ويساهه نه ويٺس، ته خليفي، زبير بن عباس کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. پر اُٰن عراق مان ويٺي حڪم ڪڍيا، تنهن ڪري بدانتظامي هيڪاري چوٽ چڙهي ويئي. اُنهي ڪري سنڌ تي مصح بن عمروءَ کي موڪليو ويو. مگر بدامني برابر وڌندي رهي ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ جتن جي بغاوت کان سواءِ يمانيه ۽ نزاريه ۾ به عربن خلاف تعصب به چوٽ چڙهڻ لڳو ته مهدي ليث بن ظريف کي سنڌ جو پروانو ڏنو. پاڻ سن 164هه/780ع ۾ سنڌ ۾ پهتو. ٻه سال جتن سان جنگ ڪندي گذريس، پر جت ليث جي قبضي ۾ نٿي آيا. آخر ليث خلافت کان مدد گهري، اُن وقت ليث حج لاءِ واٽ تي هو ته فساد جي خبر مليس. هن وڏي فوج موڪلي، جا جهازن جي رستي ليث وٽ پهتي ۽ جتن جي پراڻي بغاوت کي ليث چيڀاٽي ڇڏيو، ان ريت ليث سنڌ مٿان حڪومت ڪندو رهيو. ڪا ننڍي ننڍي سازش اُٿندي هئي ته فوج وسيلي ترت دٻائي ڇڏيندو هو. مهدي پاران مقرر ڪيل سنڌ جي عباسي حڪومت جي گورنرن جو تفصيل هن ريت آهي:

8. روح بن حاتم المهلبي: مهدي جي دؤر (سن 158هه - 169هه/774-785ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿي رهيو.

9. بسطام بن عمرو: مهدي جي دؤر (سن 158هه - 169هه/774-785ع) ۾ هشام جو ڀاءُ، سنڌ جو ٻيهر گورنر ٿي آيو. هي روح بن حاتم کان پوءِ سنڌ جو حاڪم ٿيو. پر ٿورن مهينن کان پوءِ خليفي کيس لاهي ڇڏيو ۽ سندس جاءِ تي ٻيهر روح بن حاتم کي گورنر ڪري موڪليو.

10. نصر بن محمد بن الاشعث الخزاعي:  مهدي جي دؤر (سن 158هه - 169هه/774-785ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿي رهيو.

11. عبدالملڪ بن شهاب السمعي:  مهدي جي دؤر (سن 158هه - 169هه/774-785ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿي رهيو.

12. نصر بن محمد بن الاشعث الخزاعي: مهدي جي دؤر (سن 158هه - 169هه/774-785ع) ۾ سنڌ جو ٻيهر گورنر ٿي رهيو.

13. زبير بن عباس: مهدي جي دؤر (سن 158هه - 169هه/774-785ع)  ۾ سنڌ جو گورنر ٿي رهيو.

14. مصح بن عمرو التغلبي: مهدي جي دؤر (سن158هه - 169هه/774-785ع) ۾ گورنر مقرر ٿيو، هن پنهنجي پاران ليث بن ظريف کي سنڌ موڪليو.

عمر جي ڏينهن ۾ عبدالله اشتر سنڌ ۾ آيو ۽ سنڌ ۾ شيعت جو ابتدائي دؤر ڏکڻ سنڌ کان شروع ٿيو. عمر، عبدالله اشتر کي پناهه ڏيڻ جي ڏوهه جي ڪري آفريڪا بدلي ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ هشام تغلبي عمر جي جاءِ تي منصوره جو والي ٿي آيو. عبدالله اشتر کي گرفتاري جو به هشام کي حڪم هو، پر هشام رڳو ”ها“۾ ”ها“ ملائيندو آيو. هڪ ڏينهن فوج هڪ بغاوت کي دٻائڻ لاءِ پئي ويئي ته، عبدالله اشترکين هٿ لڳي ويو ۽ شهيد ٿي ويو. پر پوءِ اُن راجا تي به هشام خليفي جي حڪم موجب حملو ڪيو، جنهن عبدالله کي پناهه ڏني هئي ۽ اُها حڪومت هٿ هيٺ ڪيائين. هشام جي سپهه سالار عمر بن جمل جهازن سان ڪڇ ۽ گجرات جي بندرن تي ڪاهون ڪيون هيون ۽ ڪافي ملڪ هٿ ڪيو. پاڻ منصوره ۾ بسطام کي ڇڏي، اُتر سنڌ تي ڪاهي ويو ۽ ملتان ۾  گادي بنائي وڃي رهيو. پر هن کي منصوره جهڙو مزو ملتان ۾ نه آيو، تنهن ڪري وري اچي منصوره ۾ رهيو.

15. سالم اليونسي:  هارون جي دؤر (سن 170هه - 193هه/786-808ع) ۾ هي اسماعيل بن عليءَ جو آزاد ڪيل غلام هو ۽ هارون رشيد جي دؤر ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. هن ليث کي اچي اقتدار تان لاٿو ۽ پاڻ سٺي نموني سان حڪومت ڪئي. سندس گادي ٻين عباسي گورنرن وانگر منصوره ۾ هئي.

16. اسحاق بن سليمان بن علي هاشمي: هارون جي دؤر (سن 170هه - 193هه/786-808ع) ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. هن کي ڏکڻ سنڌ سان گڏ مڪران به هٿ ۾ هـو.

17. طيفور بن عبدالله يوسف بن منصور الحميري: هارون جي دؤر (سن 170هه - 193هه/786-808ع) ۾ پهرين طيفور بن عبدالله بن يوسف بن اسحاق پيءُ پڄاڻان سنڌ جو حاڪم ٿيو، تنهن جو حڪومتي نمونو هارون کي نه وڻيو ته اُن کي لاهي هارون طيفور بن عبدالله  بن منصور الحميري کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. پر هن جي ڏينهن ۾ يمانيه ۽ نزاريه جو جهڳڙو بنهه گهڻو وڌي ويو ۽ هن جهڳڙي جو اثر اسپين تائين پوڻ لڳو. تنهن ڪري اُن کي معزول ڪري سنڌ جو والي جابر بن اشعث طائي ۽ اُن کان پوءِ سعيد بن مسلم کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو ويو. سعيد خود ته سنڌ ۾ ڪونه آيو، پر هن پنهنجي پاران ڪثير بن مسلم کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليو. ڪثير سنڌ ۾ اچي ڏاڍي خرابي پيدا ڪئي. هن وڏيون بداخلاقيون ڪيون، تڏهن خليفي هارون رشيد، عيسيٰ بن جعفري کي سنڌ جي حڪومت ڏني. پر هن به محمد بن عديءَ کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليو. عربن جي لڙائي ڏسي عديءَ منصوره کي ڇڏيو ۽ ملتان روانو ٿيو، پر ملتان وارن هن کي ڀڄائي ڪڍيو. اها خبر هارون رشيد کي ملي ته عبدالرحمن کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليائين، پر هو به سنڌ جي حڪومت سنڀالي نه سگهيو. تڏهن ايوب به جعفر بن سليمان کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو. گهڻي ڦيٽاڙي کان پوءِ آخر هارون رشيد، سنڌ تي دائود مهلبي کي حاڪم ڪري موڪليو. دائود سان گڏ ابوالصمو به آيو ٿي. پر دائود پوءِ سنڌ ڏانهن اچڻ چڱو نه ڄاتو ته مغيرهه مهلبيءَ کي، جيڪو سندس ڀاءُ به هو، سنڌ ڏانهن حاڪم ڪري موڪليو. هن کي به يمانيه ۽ نزاريه واري جهڳڙي سان واسطو پيو. عربن وٽ جيڪو سنڌ جو ٽڪر رهيو هو، اُن کي مغيرهه جي ڏينهن ۾ ورهائي چار ٽڪر ڪرڻ جو خيال هو ۽ يمنين کي مـُـلڪ مان ڪڍڻ جو ارادو هئن. مغيره آيو ته، اُن کي منصوره ۾ گهڙڻ به نٿي ڏنائون. آخر مغيرهه يمنين جو طرف ورتو. عربن جون تلوارون نڪتيون، ويچارو مغيرهه ڪنهن حال ۾ نه رهيو. دائود کي اهي خبرون پيون ته ڪاوڙجي نڪتو. واٽ تي جيڪي نزاريه هئا، انهن کي ماري پورو ڪندو آيو. سنڌ ۾ هزارين نزاريه قتل ٿيا، ان هوندي به هو فساد ڪندا رهيا. آخر منصوره ۾ نزارين جا گهر ڊاٺا ويا ۽ جڳهيون خاڪ ۾ ملايون ويون. هن عربن جو گهرو فساد بند ڪيو. باقي ٻاهرئين ڪنهن به راجا تي هن ڪونه ڪاهيو. نڪو هن تي ڪنهن ڪاهيو. خليفي هارون رشيد پاران مقرر ڪيل سنڌ جي گورنرن جو وچور هن ريت آهي:

18. جابر بن معد الطائي: هارون جي دؤر (سن 170هه - 193هه/786-808ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو.

19. سعيد بن مسلم بن قتيبـآ: هارون جي دؤر (سن 170هه - 193هه/786-808ع) ۾ هن پنهنجي ڀاءُ ڪثير بن مسلم کي پنهنجي پاران سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو.

20. عيسيٰ بن جعفر بن منصور: هارون جي دؤر (سن 170هه - 193هه/786-808ع) ۾ هن پنهنجي پاران محمد بن عدي تغلبي کي هارون جي ڏينهن ۾ سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو

21. عبدالرحمان: هارون جي دؤر (سن 170هه - 193هه/786-808ع) ۾ سنڌ جو گورنر ٿيو.

22. ايوب بن جعفر بن سليمان: هارون جي دؤر (سن 170هه - 193هه/786-808ع) ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو.

23. دائود بن يزيد بن حاتم المهلبي: هارون جي دؤر (سن 170هه - 193هه/786-808ع) ۾ هن پنهنجي پاران پنهنجي ڀاءُ المغيره کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو.

24. بشر بن دائود: امين الرشيد جي دؤر (سن 193-198هه/800-813ع) ۾ دائود جي وفات کان پوءِ هن جو پٽ بشر سنڌ جو والي ٿي رهيو. هن جي فضول خرچين ڪري مامون حاجب بن صالح کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو. جنهن چغل خوري ڪري خليفي جا ڪن ڀريا ته بشر مون کي سنڌ ۾ اچڻ نٿو ڏئي. ان تي غسان کي سنڌ ڏانهن ڪٽڪ سان چاڙهي موڪليو ويو، جنهن کي بشر جي شريف طبع جي خبر پيئي ته سڄي سنڌ موسيٰ برمڪيءَ کي خليفي جي حڪم موجب ڏيئي پاڻ واپس ٿيو.

25. غسان بن عباد: مامون الرشيد جي دؤر (سن 198-218هه/813-833ع) ۾ سنڌ جو گورنر بنيو.

26. موسيٰ بن يحييٰ بن خالد برمڪي: مامون الرشيد جي دؤر (سن 198-218هه/813-833ع) معتصم بالله جي زماني ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو. هو سنڌ جي منصوره شهر ۾ ويهي حڪومت هلائڻ لڳو. هن راجا بالا کي جيڪو منصوره جي اڀرندي ڏانهن رهندو هو، گرفتار ڪري قتل ڪرايو، ۽ پاڻ سن 227هه ۾ گذاري ويو.(1)

27. عمران بن موسيٰ: معتصم باالله جي دؤر (سن 218-227هه/813-841ع).

موسيٰ جي وفات کان پوءِ، منصوره جو حاڪم ٿيو ۽ خليفي پڻ هن کي سنڌ جو حاڪم منظور ڪيو. هن ڪيڪان، جنهن تي جتن قبضو ڪري ورتو هو، سو جتن کان آجو ڪرايو ۽ ”بيضا“ شهر درياءَ جي ڪناري تي ٺهرايو، پر پاڻ پوءِ منصوره ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. ميدن (ملاحن) پڻ فساد جي بازار گرم ڪئي هئي. هن هڪ مضبوط پٿر جو رستو ٺهرايو، اُن جو نالو ”سڪته الميد“ رکيو ۽ هو هڪ ڀيرو درياءَ جي ڪناري تي وڃي رهيو. هـُـن اُتي جي جتن کي گرفتار ڪري هنن سان ڏاڍ ظلم ڪيا ۽ چيو ته، ”اوهان سان چچ وارو قانون لاڳو رهندو. اوهان مان هر ڪو شخص پاڻ سان گڏ ڪتو آڻي جيئن سڃاڻجي سگهجي.“ اُن ڪري ڪتن جي قيمت يڪدم وڌي ويئي.“

جتن اڳتي هلي ڪري اسلام قبول ڪيو ۽ ميدن تي حملي ڪرڻ وقت عمران جا هٿ مضبوط ڪيا. عمران ميدن تي حملو ڪيو ته، هنن پنهنجي شهر جا دروازا بند رکيا. عمران اٽڪل ڪري مٺيءَ شهر ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي اچي گڏرايو، پر ميدن همت نه هاري، عمران به گهيرو ڪريو ويٺو هو ته عمر بن عبدالعزيز سن 436هه/840ع هن کي يمانيه ۽ نزاريه جهڳڙي جي ڳالهين کي اڳيان رکي شهيد ڪيو ۽ خليفن سنڌ لاءِ عنبسه کي گورنر ڪري موڪليو پر عنبسه سنڌ ۾ اچي عمر جو نالو ئي ڪونه ورتو. منصوره ۾ هو پهتو ته سڀني عربن اطاعت ڪئي. عنبسه منصوره کان واندو ٿي ديبل ڏانهن رخ رکيو. ديبل جي هڪ مندر کي هن قيد خاني ۾ تبديل ڪيو.

28. ايتاخ الترڪي: الواثق بالله جي دؤر (سن 227هه - 232هه/841-846ع)

۾ هن پنهنجي پاران عنبسہ بن اسحاق ضبيءَ کي سنڌ جو حڪمران ڪري موڪليو. يعقوبيءَ موجب عنبسہ کي خليفي سڳوري سڌو نئون مقـرر ڪيو هو.

29. هارون بن ابي خالد: (متوڪل علي الله جي دؤر (سن 232-247هه/846-861ع) ۾ گورنر ٿي آيو.

عنقسہ کان پوءِ هارون سنڌ جو حاڪم ٿيو. هن کي عربن ڪٽڪ سان وڙهندي 240هه/854ع ۾ نيٺ پورو ڪري ڇڏيو ۽ عربن جو جهڳڙو چوٽ چڙهي ويو. هرڪو پنهنجي ٽڪر جو حاڪم ٿي رهڻ لڳو.

30. عمر بن عبدالعزيز هباري: متوڪل علي الله جي دؤر (سن 232-247هه/846-861ع) ۾ گورنر مقرر ٿيو.

جيئن ته خليفن جو سنڌ سان ڪو واسطو ڪونه رهيو هو، تنهن ڪري هتي جي مذڪوره سردار پاڻ کي سنڌ جو والي سڏايو ۽ بغداد جي خلافت به هن کي پنهنجو گورنر تسليم ڪيو. پوءِ هو ڄڻ سنڌ جو خودمختار حاڪم هو ۽ ٻيون عرب رياستون هيون، سي مرڪز کان بنهه بي تعلق ٿي ويون هيون ۽ طاهريه حڪومت جو ڪجهه نه ڪجهه سنڌ تي اثر پوڻ لڳو، نه ته جيڪي آزاد حڪومتون هيون، انهن جو ڪنهن  به حڪومت سان، ڪوبه واسطو ڪونه هو.(1)  ان ريت عبدالله بن عمر، منصوره جو آزاد حاڪم ٿي رهيو.

31. ابوالصمه: معتصم باالله جي دؤر (سن 247-248هه/861-862ع)

۾ عمر بن عبدالعزيز کان پوءِ سنڌ جو حڪمران ٿي رهيو. عمر بن عبدالعزيز وانگر هيءُ به سنڌ جو خودمختيار حاڪم ٿي رهيو.(1)

هن دؤر ۾ ڪڇ تي چاوڙن جي حڪومت هئي. ان وقت سمن جي هڪ فرد لاکي ڳوراهي جو اولاد جيڪي نائين صديءَ ۾ سنڌ مان لڏي آيا هئا، اوڀر ڪڇ ۾ پنهنجي ننڍڙي حڪومت ٺاهي ورتي هئي. عربي ڪتابن ۾ ڪاٺياواڙ جي ولڀي بادشاهت ۽ اتر گجرات طرف هشام تغلبي جي حملن جو ذڪر ملي ٿو. ان جي برعڪس قديم آثارن جي شاهدين مان معلوم ٿيو آهي ته، هي حملو سن 766ع ڌاري ٿيو هوندو، جڏهن اڃا سنڌ تي عمر جي حڪومت هئي. هن حملي ۾ ولڀي تختگاهه تباهه ڪيو ويو، پر ڪاٺياواڙ کي هڙپ نه ڪيو ويو، ۽ نه وري ڪڇ تي ڪاهون ڪيون ويون. هن حملي جو فائدو ڏکڻ گجرات جي پراٽيهارن ورتو، جن ڪاٺياواڙ جي حاڪم سلادتيه  vii (ولڀي) کي شڪست ڏئي ملڪ تي قبضو ڪيو.

سنڌ ۾ عباسي دؤر ۾ حالتون لاڳيتو خراب رهيون ۽ گورنر تبديل ٿيندا رهيا. هڪ صديءَ ۾ ٽيهه حاڪم تبديل ٿيا. انهن مان چوڏهن نا اهل هجڻ ڪري معطل ٿيا، ٽي ويڙهه ۾ مارجي ويا، چار هت سنڌ ۾ پنهنجي موت مئا ۽ ٻن کي ته وڏي واڪي ناڪام سڏيو ويو. اهڙي خراب سياسي ۽ سماجي صورتحال ۾ آبپاشي انتظام بحال نه ٿي سگهيو، بدامني زور وٺي وئي ۽ مقامي قبيلا لاڳيتو بغاوتون ڪندا رهيا. عباسي خلافت مامون رشيد کان پوءِ زوال جو شڪار ٿي وئي، ان جو هڪ سبب فوج جو رياست جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ هو. ٻيو سبب شيعه رياستن جو اڀرڻ، جن سڄو زور عباسي طاقت کي ختم ڪرڻ تي لڳايو. پهرين فاطمي خلافت تيونس ۾ پوءِ 60 سالن کان پوءِ مصر ۾ قائم ٿي، اهي سمورا واقعا عباسي خلافت جي خلاف هئا. انهيءَ کان علاوه ادريسين، خارجين، رستمين ۽ قرامطين جو وجود به ملي ٿو، جيڪي فاطمي شهنشاهيت جو حصو ته نه هئا پر عباسين جي خلاف ضرور هئا.

بغداد ۾ صورتحال اها رهي، جو مستعين بالله جي دؤر
(سن 248-251هه/862-865ع) کان وٺي، مستکفي باالله جي دؤر
(سن 333-334هه/944-945ع) تائين يارنهن خليفا مستند نشين ٿيا، عباسي خلافت جو هي سڄو دؤر محلاتي سازشن، بغاوتن ۽ اقتدار لاءِ قتل ڪرڻ وارو دؤر ڪوٺيو ٿو وڃي. انهيءَ دؤر ۾ نه اِهل علم محفوظ هئا نه اهل هـُـنر. انهيءَ دؤر جو هڪ وڏو ظلم اسلامي دنيا جي هڪ وڏي ڪاتب ”ابن مقله“ جو قتل هو. جنهن قرآن شريف کي نوان حروف تهجي (الفابيٽ) ۽ اعرابون ڏئي ڪامليت بخشي. هـُـو المقتدباالله، القاهر باالله ۽ الراضي باالله جي ٽن دؤرن ۾ وزير اعظم بڻيو ۽ نيٺ قتل ٿيو. هن جي موت تي بغداد جي ماڻهن چيو ته اڄ علم ۽ ڏاهپ جو موت ٿيو آهي. اهڙي بي انصاف حڪومت کان سنڌ واسين 90 ورهيه اڳ لاتعلقي اختيار ڪندي هباري عربن جي شڪل ۾ سنڌ ۾ خودمختيار حاڪميت قائم ڪري ورتي هئي.

سن 184هه/800ع واري دؤر ۾ هتان سمن جو قبيلو (جي هندو هئا) لاکي ڳوراهي جي قيادت ۾ ڪڇ ڏي لڏي ويو. سندس پٽن پوءِ چاوڙن جي پاڇي هيٺ اوڀر ڪڇ ۾ هڪ ننڍڙي بادشاهت قائم ڪري ورتي. سندن حڪومت سن 375هه/985ع تائين هلي. ان جو مطلب ته سمن پهريون ڀيرو ڪڇ تي 175 سال راڄ ڪيو.

ڏسجي ٿو ته سنڌ جي عربن جا گجرات جي پراٽيهارن سان سٺا تعلقات نه هئا. گجرات جي حاڪمن جي دکن جي راشٽريڪوٽن سان ويڙهه هلندڙ هئي. عرب سياحن ۽ واپارين ڏکڻ جي حاڪمن جو سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪندي، انهن کي ٻلهارا (Balhara) سڏيو آهي ۽ کين دعائون به ڪيون آهن.“ (1)

ان ڏس ۾ جديد تحقيق اها ٻڌائي ٿي ته هباري دؤر ۾ سنڌ بغداد کان الڳ ٿي خودمختيار ٿي وئي هئي.

 

 

-------


 

(1) ڏسو چچ نامو ۽  جنت السنڌ.

(2) مطالعو سنڌ جو، جلد-II، مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، حيدرآباد 2004ع

(1)  چچ نامو، مصح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص.55-65، سال 1954ع.

(1) چچ نامو: مصصح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سال 1954ع.

(1)  ”مطالعو سنڌ جو“، جلد-II،  مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، حيدرآباد 2004ع

(1) سنڌ جي تاريخ، (ڀاڱو پهريون) از: مولوي نورمحمد نظاماڻي ص 99- 116 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو.

*  صحيح ’وڄوٽهه‘ (وڄوٽو) هيءُ ٽٽل قلعو اڄ به نئون ڪوٽ مٺيءَ جي رستي جي وچ ۾ موجود آهي. (ليکڪ)

(1) ڌليلو = قلعو (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  مٿيون سڄو قصو فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو تان ورتو ويو آهي ۽ محمد بن قاسم جي شهادت جو ذڪر ص.441 ۽ ابن الاثير 84 - 282 تان ورتو ويو ۽ پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ”چچ نامه“ جي ”واڌارا ۽ اشارا“ تان استفادو ڪيو ويو. (ليکڪ)

(1) ”مطالعو سنڌ جو“، جلد-II، مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. سال 2004ع

(2) تاريخ معصومي تي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي لکيل تعليقات ۽ سيد حسام الدين راشدي جي تصحيح ڪيل تحفة الڪرام (فارسي) تان درست ڪري واڌارا ڪيا ويا آهن. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  فتوح البلدان: بلاذري ص.446.

(1) تاريخ سنڌ، جلد:2: مولوي نورمحمد نظاماڻي، ص.9، (4) ص.116.

(2)  الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر، ص.21-22.

(3) يعقوبي، از: بلاذري، جلد: 2.

(1)  ساڳيو

(2)  تاريخ سنڌ، جلد:2، از: مولوي نورمحمد نظاماڻي، ص.23، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

(3)  يعقوبي، از: بلاذري.

(4) روزانه الوحيد جو ”آزاد سنڌ نمبر“

(1) فتوح البلدان، از: بلاذري.

(2) جنت السنڌ، از: رحيمداد خان مولائي شيدائي

(3) ساڳيو

(4) يعقوبي، از: بلاذري، جلد: 2

(1) يعقوبي، از: بلاذري، جلد: 2

(2)  جنت السنڌ، رحيمداد خان مولائي شيدائي، ص.120، سال 1958ع، سنڌي ادبي بورڊ

(3) ڊاڪٽر دائود پوٽي جا تاريخ معصوميءَ تي تعليقات، ص. 266 - 267، سال 1953ع

(4) تاريخ سنڌ، جلد:2، از: مولوي نورمحمد نظاماڻي، ص. 48 - 49، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

(5) ڊاڪٽر دائودپوٽي جا تاريخ معصومي تي لکيل تعليقات راشديءَ جي تصحيح ڪيل ۽ سيد حسام الدين راشدي ’تحفة الڪرام‘ (فارسي) تان درست ڪيو ويو آهي. (نظرثاني ڪندڙ)

(1) ڊاڪٽر دائودپوٽي جا ”تاريخ معصوميءَ“ تي لکيل تعليقات ۽ سيد حسام الدين راشديءَ جي تصحيح ڪيل تحفة الڪرام (فارسي) تان درست ڪري واڌارا ڪيا ويا آهن. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  مٿيون احوال هيٺين ڪتابن تان مدد وٺي لکيو ويو:

(الف) فتوح البلدان، از: بلاذري

(ب) احسن التقاسيم، بشاري مقدمي

(ج) ڪتاب الهند، از: البيروني

(د) تاريخ سنڌ، جلد:2: مولوي نورمحمد نظاماڻي. (ليکڪ)

(1) عباسي حڪمرانن جو سنڌ تي قبضو ۽ وٺ ختم ٿي چڪي هئي. ان ڪري عباسين جي دؤر ۾ ئي سنڌ جي حيثيت عرب سلطنت جي هڪ ڏورانهين جاگير کان وڌيڪ ڪانه رهي هئي. ان وچ ۾ سنڌ ۾ سومرن جون مڪاني حڪومتون جڙي رهيون هيون، جيڪي هڪ مرڪزي رياست جوڙڻ ڏانهن وڌي رهيون هيون. عربن جي حڪومت سنڌ جي چند شهرن جهڙوڪ منصوره، ديبل ۽ ساڪره وغيره کان اڳتي ڪانه رهي هئي. بغداد جي خليفي جي برخلاف سنڌ ۾ آباد ٿيل عرب نسل جا حاڪم جهڙوڪ: عبدالعزيز هباري سنڌ جو خودمختيار حاڪم بڻجي ويو هو. (نظرثاني ڪندڙ)

(1) ”مطالعو سنڌ جو“، جلد II، مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، حيدرآباد 2004ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org