حصو ٻيو
رياست
ڪڪرالو
(1)
ڪڪرالو
ڪڪرالو سرزمين سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ هڪ رياست هـُـئي،
جنهن تي سما ڄام حڪومت ڪندا هئا. اِها رياست سنڌ
جي زير نظر رهندي هئي.
سمن جي ڏينهن ۾، ڪڪرالو رياست زور وٺڻ لڳي، ڇوته
اِها رياست سمن پنهنجن عزيزن ۽ قريبن کي ڏيئي ڇڏي
هـُـئي. هن رياست جا مالڪ سما ئي هوندا هئا،
جيتوڻيڪ اها رياست اڳي به هلندي پئي آئي، پر اها
ڪيهر سمن جي ڪري وڌيڪ مشهور ۽ نالي واري ٿي. هن
رياست تي اُنڙ جي اولاد مان ”ٻڍو“ ، ”جکرو“ ،
”هوٿي“ ۽ ”ڏيسر“ مشهور حاڪم ٿي گذريا آهن. هيءَ
رياست هميشه سنڌ جي زير نظر پئي رهندي هـُـئي ۽
سنڌ کي ڇهه آني ڏيندي هئي.
هن رياست جي زمين آباد ۽ شاد هـُـئي. ماڻهو سکيا
ستابا هئا. ڪڪرالي جي ٻنيءَ ۾ ڪئين لوڪ ڪهاڻيون
اُسريون ۽ ڪيترن ئي شاعرن جنم ورتو. ڪيترا سخي
ساماڻا، ڪيترا عالم ۽ فاضل درويش ۽ اولياء الله
هئا، جيڪي انهيءَ سرزمين تي آرامي آهن. اُها
ڪڪرالي جي زمين ڪيهر سمي جي اولاد جي هٿ هيٺ ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت تائين رهندي آئي،
انهيءَ رياست جي سمن ڄامن کي ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ۽ اِها رياست سنڌ
سان ڳنڍي ويئي.
پوءِ اِها
رياست باقاعدي ختم ٿي ويئي ۽ سما حاڪم بدران
انهيءَ رياست ۾ محڪوم ٿي رهيا.
ڪڪرالي جي ميدان تي به ڪئين جنگيون ٿيون، جن مان
ميرزا باقي بيگ جي وقت ۾ جان بابا ۽ رتي سوڍي واري
جنگ، شاهه جهان ۽ ڪڪرالي جي ڄام واري جنگ ۽ ميان
غلام شاهه ۽ ڪڪرالي واري جنگ خاص مشهور آهن.
ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ميان محمد مرادياب ۽ ڪڪرالي جي
ڄام جي پاڻ ۾ سٺي چڪري لڳي هئي. آخر ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي ڪڪرالي جي حاڪم کي هميشه لاءِ ماٺ
ڪرايو. نه فقط ايترو پر موجوده رڻ ۽ اُن وقت
آباديءَ واري ٽڪري مان غلام شاهه لنگهي ڪڇ به ويو
هو ۽ ميان غلام شاهه ڪڇ جا به ڳچ جيترا ڳوٺ ۽ شهر
پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا هئا.
ميرن جي ڏينهن ۾ ڪڪرالي تي سنڌ جي ميرن پاران حاڪم
مقرر ٿيندا هئا. ڪڪرالي مان سنڌ کي هر سال ٻه لک
ٻاويهه هزار رپيا (2,22,000)
محصول جي مد ۾ وصولي ٿيندي هئي. جڏهن ته سنڌ جي
ڪـُـل آمدني اٽڪل چوٽيهه لک اٺٽيهه هزار(34,38,000)
سالياني هئي. ڪڪرالي مان اها محصول جي اوڳڙ
هالڪنڊي ۽ سيوستان سان لاڳاپيل علائقن کان به مٿي
هئي.
ميرن جي ڏينهن ۾ کوسا ڪڇ کي ڦريندا هئا ان تان
ٻلياريءَ ۾ ميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ جنگ لڳندي
لڳندي رهجي ويئي. ميرن جي ڏينهن ۾ ڪڪرالو، وڳهه
ڪوٽ، ڪانجهي ڪوٽ ۽ ٻيو وسندڙ ۽ آباد پاسو به ويران
ٿي ويو، تنهن ڪري انهيءَ ٽڪري تي جنگ لڳڻ جو ڪو
سوال ئي ڪونه هو،
۽ ٻنهي ڌرين انهيءَ رڻ کي ڪابه اهميت ڪونه ٿي ڏني.
انگريزن جي ڏينهن ۾ ته جنگ جو سوال ئي نٿي اُٿيو
ڇو ته، سنڌ ۽ ڪڇ انگريزن جي هٿ ۾ رانديڪا هئا ۽
اُن وقت رڻ ۾ وڌيڪ وسعت آئي هـُـئي. ميرن جي وقت
جون رهيل آباديون به ويراني ۾ تبديل ٿي چـُـڪيون
هيون.
انهن سڀني ڳالهين کي اڳيان رکي هيءَ تاريخي خاڪو
پيش ڪيو ويو آهي، انهيءَ خاڪي مان سـُـهڻن نتيجن
ڪڍڻ لاءِ اُن تي نظر وجهڻ ضروري آهي.
جيڪي ڪڪرالي
جا ڄام ٿي گذريا آهن، انهن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي
ٿو:
اُنڙ ڄام سمو:
اُنڙ سنڌ جو مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي. انهيءَ کي
مهڙ ۽ منائي نالي ٻه پٽ هئا. انهيءَ مهڙ ۽ منائي
کي ٽيون ڀاءُ اُنڙ اُنڙاڻي هو. اِهو اُنڙ اُنڙاڻي
ڄام اُنڙ کي پڇاڙيءَ جي عمر ۾ ڄائو هو، تنهن ڪري
هـُـن (اُنڙ خود) پنهنجي جيئري پنهنجي پٽ تي
پنهنجو نالو رکيو.
اُنڙ جي مرڻ کان پوءِ، اُنڙ اُنڙاڻيءَ جي ماءُ جي
سياست سبب ڄام اُنڙ جا وڏا پٽ مهڙ ۽ منائي هڪ پاسي
ٿي ويا ۽ ڪڇ تي وڃي قبضو ڪيائون.
منائي کي ٻه پٽ هئا، هڪ اوڍو ۽ ٻيو ٻڍو. منائي ۽
مهڙ جي وقت ۾ هنن ٻنهي ڀائرن انڙ اُنڙاڻي کان سنڌ
جو ڪڪرالي وارو حصو هٿ ڪيو، جنهن تي پوءِ اُهي ڪڇ
سان گڏ حاڪم ٿيندا آيا.
اوڍو ۽ ٻڍو:
اوڍو ۽ ٻڍو ٻئي سڳا ڀائر هئا، منائي جا پٽ هئا،
ڪڪرالي ۾ رهندا هئا. ٻڍو وڏو هو، اوڍو ننڍو هو.
ٻڍي جي زال جي ڏنگائي جي ڪري، اوڍو ڪڪرالو ڇڏي ڪڇ
ڏانهن پنڌ پيو ۽ اُتي وڃي هوٿل سان پرڻيو. اُن مان
کيس جکرو پٽ ڄائو هو، جو پوءِ ڪڪرالي جو حاڪم ٿي
رهيو هو.
ٻڍو ڪنجوس هوندو هو، سو مڱڻهارن هـُـن کي لويو هو،
پر پوءِ هڪ مڱڻهار اٽڪل سان خيرات وٺي ٻڍي تان اهو
ٽڪو لاٿو هو.
ڄام جکرو:
ٻڍي کان پوءِ ڪڪرالي تي، ڄام اُوڍي جي پٽ جکري راڄ
ڪيو. هـُـو سخي مڙس هو. مڱڻهارن کي لک بخشيندو هو.
ٻڍي جا ڪنجوسائي ڪئي هـُـئي سا جکري جي سخا ڌوئي
ڇڏي. اُن ڪري سنڌ ۽ ڪڇ جي مڱڻهارن، ڀٽن ۽ چارڻن
اُن سخي مڙد کي دل کولي ڳايو ۽ هن جي واکاڻ لاءِ
بيت چيا. شاهه پڻ جکري کي ساراهيو آهي.
ڏمـــري تــــه ڏي، پــرچي ته پــــاٽ ڀـــري،
جادم جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.
جکري جي نالي سان ڪڪرالي جي ”جکار“ مشهور آهي.
اِهو شهر،
شيخ پير قرهيو ڀانڊاريءَ جي درگاهه کان ڏکڻ اولهه
طرف ميل سوا فاصلي تي هوندو هو.
ڄام ڏيوو:
ڪلهوڙن جي وڏن بزرگن مان ميان محمد چـِـينو به هڪ
هو. ميان محمد چـِـيني خان سن 617هه/1220ع ڌاري ٿي
گذريو.
هـُـن ڏانهن سنڌ جي اميرن ۽ بزرگن سٺيون ۽ سهڻيون
نوازشون ڪيون هيون. اُن وقت ڪڪرالي جو حاڪم ڄام
ڏيوو هو. جنهن پنهنجي نوازش سان ميان محمد چيني
ڪلهوڙي کي نوازيو هو.
هن جي خدمت ۾ ڄام ڏيوي هڪ ڀلوڙ گهوڙو ۽ وڪيل ڏياري
موڪليو، جنهن اِها سوکڙي اچي ميان محمد چيني جي
خدمت ۾ پيش ڪئي.
جان بابا ۽ يادگار مسڪين:
ميرزا باقي بيگ جي ڏينهن ۾،ميرزا جان بابا جيڪو
سنڌ جي گاديءَ جو پاڻ کي حقدار سمجهندو هو، اُهو
سڄي سنڌ ۾ پنهنجا همدرد پيدا ڪرڻ لاءِ پيئي گهميو.
آخر ماهه بيگم، ۽ جان بابا سان گڏجي پنهنجا همدرد
وٺي ميرزا باقيءَ کي سامهون ٿيا. قدرتي طور جنگ ۾
ميرزا باقي بيگ زور ٿي ويو. جان بابا ۽ يادگار
مسڪين کي ڀڄي جند ڇڏائڻي پيئي. اِها ڳالهه سن
977هه/1569ع جي آهي.
جيئن ته، جان بابا ۽ يادگار مسڪين پنهنجي سر بچائڻ
لاءِ ڀڄي وڃي ڪڪرالي جي ڄام وٽ لڪا. تاريخ
معصوميءَ جي چوڻ موجب ڄام مـُـهڙ ڪڪرالي جو والي
هو. پر تاريخ طاهري ۽ ٻين ڪتابن جي اهڃاڻن موجب
ڄام ڏيسر ڪڪرالي جو والي هو.
ميرزا جان بابا جڏهن ڪڪرالي ڏانهن ويو پئي ته، واٽ
تي کوڙ قوم (ڪيهر قوم) انهن جي لشڪر ۽ ماڻهن کي
تڪليف ڏني. بهر صورت اِهي سياسي پناهه گير ڪڪرالي
۾ پهچي ويا ۽ اُتي رهڻ لڳا.
جيئن ته ميرزا باقي بيگ پنهنجا دشمن ختم ڪرڻ ٿي
گهريا، انهيءَ ڪري هن
سيد علي
شيرازيءَ کي وچ ۾ وڌو، جيڪو وڃي سـُـنهن ويساهه
ڏيئي ميرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين کي
ڪڪرالي مان ٺٽي وٺي آيو.
جيئن ئي ميرزا باقي بيگ جي هٿ ۾ جان بابا ۽ يادگار
مسڪين آيا ته هن انهن کي ڪـُـهارائي ڇڏيائين ۽
اهڙي طرح ميرزا باقي بيگ پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن ۾
اضافو ڪيو ۽ هن جي اُن ڏينهن کان ڪڪرالي جي رياست
ڏانهن نظر ويئي. هـُـن پوءِ ڪڪرالي جي ڇڙواڳن کي
هٿ ۾ رکڻ جو خيال ڪيو.
خان ولد وسيو سمو:
ميرزا محمد باقيءَ جي ڏينهن ۾ ڪڪرالي جو سمو ڄام
تمام مغرور ۽ سرڪش ٿي پيو هو. سو ميرزا باقيءَ جي
اک ۾ ڪنڊو ٿي بيٺو، آخر ميرزا باقي جي لشڪر جي
هٿان قتل ٿي ويو. پٺيان جيئن ته، ڪڪرالو خالي ٿي
ويو هو، سو ميرزا باقي بيگ پنهنجي طرفان رتي سوڍي
کي ڪڪرالي جو حاڪم مقرر ڪيو.
رتو سوڍو:
رتي سوڍي کي ٽي هزار پيادن جو لشڪر ڏنو ويو هو. هو
ٽن هزارن سان گڏ اچي ڪڪرالي ۾ دٻدٻي سان رهيو. رتو
سوڍو داناءُ ماڻهو هو، اُن سڄي ڪڪرالي ۾ گشت ڪيو ۽
امن امان بحال ڪرايو. ٿورن ڏينهن اندر کوڙن فسادن
تي سندرو ٻڌو. انهن سان راٺوڙ، جاڙيجا ڦلاڻي ۽
مهاڻا پڻ شامل رهيا. هنن رتي سوڍي جي خلاف هڪ وڏو
جهنگل وڃي وسايو ۽ اُتي هـَـن جي خلاف سازشون ڪرڻ
لڳا. هنن اهڙي جڳهه تي قبضو ڪيو هو، جو اچ وڃ جو
واحد رستو هو ۽ اُن جهنگل مان ويندو هو. ان رستي
جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويئي ۽ خود رتو سوڍو هيڏي
لشڪر هوندي به انهن سان پورو پئي ڪونه سگهيو. هو
مرڳو پنهنجي جان بچائڻ ۾ پورو هو. آخر مجبوريءَ جي
حالت ۾ رتي سوڍي ميرزا باقيءَ کي درخواست لکي
موڪلي ۽ مدد لاءِ گهر ڪئي. ميرزا باقيءَ ڏٺو ته،
ڪڪرالي جي زرخيز زمين باغين جي وس اچي ويئي آهي ۽
هنن حڪومت کي تنگ ڪيو آهي، اِها مصيبت پاڻ تان
ڪيئن ٽارجي؟ خود رعيت به انهيءَ افراتفريءَ ۾
پريشان هئي. آخر ميرزا باقيءَ جي نظر مير شاهه
قاسم خان بيگلار، خان زمان تي وڃي پيئي جو سرڪشيءَ
جو علاج ڄاڻندو هو، اُن کي ميرزا باقيءَ گهرايو.
هـُـو اُن وقت نصرپور جو گورنر هو. هن کي ڪڪرالي
جي گورنريءَ جي آڇ ڪئي. خان زمان اِها آڇ وڏي
خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ پوءِ خان زمان هڪ وڏو لشڪر،
جنهن ۾ هڪ هزار ٽي سو ارغون ۽ ترخان، هڪ هزار
تگدري پٺاڻ، ۽ هڪ هزار ست سؤ سوار ۽ پيادا ۽ رتي
سوڍي واري سڄي فوج، ستر ٻيڙيون ۽ گهڻا لوهار ۽
واڍا شامل هئا، ساڻ وٺي وڏي ٺاٺ سان، سن 5 رمضان
980هه/19- جنوري 1773ع ۾ خميس جي ڏينهن ڪڪرالي
ڏانهن روانو ٿيو.
واٽ تي پير پٺيرحه جي درگاهه جي زيارت
ڪيائين ۽ پوءِ سفر کي اڳتي وڌايائين.
ناره ناره قلعو:
واٽ ۾ ناره ناره قلعو هو، اُن قلعي کي ڪڪرالي ۾
چڱي اهميت هئي، اُتي رتي سوڍي جو هيڊڪوارٽر هو.
رتي سوڍي کي خان زمان جي اچڻ جي خبر پيئي ته، ناره
ناره (ناهڙ نار) قلعي مان سڀ سامان ڪڍي، قلعي کي
باهه ڏيئي ٻاري، قلعو خالي ڪري وڃي راڻي رائسل جي
جاگير ”چنيج“ ۾ ويٺو. اُتي چوڌاري وڏي کاهي
(خندق) کوٽرايائين ۽ ميرزا باقيءَ کان جيڪي سپاهي
مليا هئس، سي به پنهنجي قبضي ۾ رکيائين. انهن
سپاهين تي راڻي کي گهڻو اعتبار ڪونه هو، تنهن ڪري
انهن مٿان ڀٽي، چارڻ، ڪوري ۽ راٺوڙ نگهبان مقرر
ڪيائين. خان زمان ناره ناره قلعي ۾ اچي ڏسي ته
مڙيئي خير لڳو پيو آهي. خان زمان پوءِ يڪدم واڍن،
لوهارن ۽ رازن جي مدد سان قلعي جي مرمت ڪرائي.
جايون جڳهيون، جي تيار ڪرائڻيون هـُـيس سي تيار
ڪرايائين. پاڻ سان خان زمان جيڪو به سامان سڙو
آندو هو، اُهو ۽ وهٽ (ڍور ڍڳا) سڀ قلعي اندر
رکيائين.
ميليو شهر:
خان زمان اِهو قلعو ميرزا ابوالقاسم جي حوالي ڪيو.
اُن تي اِهو سٺو نگهبان مقرر ڪيو هئائين. پاڻ ويهه
وڏيون ٻيڙيون ۽ چاليهه ننڍيون ٻيڙيون وٺي، اُهي
سامان سان ڀرائي ڪولات جي رستي کاري ڍنڍ ۾ داخل ٿي
چنيجن ڏانهن روانو ٿيو. جتي رتو سوڍو رهيو پيو هو.
اِها مسافري رات ۾ ٿي رهي هـُـئي، آخر پنڌ ڪندي
ڪندي ٽه پهريءَ جو ميليئي شهر ۾ پهتا. جتي ابن
شاهه جو مقبرو هو. اُتي جي متولي شيخ صلاح الدين
کي رتي سوڍي ڏانهن ايلچي ڪري موڪليو ۽ پيغام به
اُن جي هٿان موڪليو ته، ”آءٌ ميرزا محمد باقيءَ
طرفان ڪڪرالي جو حاڪم ٿي آيو آهيان، تون مون سان
باغي نه ٿي. اِهو ارادو ڦٽو ڪر ۽ تابعداري مڃ.“
شيخ صلاح الدين اِهو نياپو رتي سوڍي کي موڪليو. پر
رتو سوڍو باز نه آيو.
خان زمان خلاف رتي سوڍي جهيڙيڪار ڌاڙيلن کي
سنبرايو،
جنهنڪري ڪڪرالي ۾ سياسي ۽ سماجي عدم استحڪام
جو ماحول پيدا ٿيو. مٿان وري ڌاڙيلن ڪڪرالي ۾
ڦرمار جي ڌم لڳائي ڏني ان ريت ويڙهاڪ وڌيڪ دلير ٿي
پيا.
خان زمان رمضان شريف جي عيد جي رات ٻيڙيون هاڪاري
چنيجن جي ڍنڍ ۾ آيو. رتي سوڍي جي کاهيءَ جي ٻاهران
آڻي ٻيڙيون بيهاريائين. بندوق بازي شروع ٿي. اِهي
حالتون ڏسي رتو سوڍو هيسجي ويو. قاضي خميسو، جنهن
جو وڏو اثر هو، جنهن سوڍن کان سڱ ورتا هئا.
نواب مير محمد باقيءَ جو به جهونو عملدار هو، ۽
خان زمان کان به چڱيءَ طرح واقف هو. رتو سوڍو اُن
کي وڃي چنبڙيو ۽ چيائينس ته، ڪيئن به ڪري هيءَ
مصيبت مون تان ٽار. ائين نه ٿئي جو خان زمان
منهنجي ٻارن ٻچن ۽ مون کي قيد ڪري تڪليف ڏي.“
قاضي خميسو:
جيئن ته قاضي خميسي رتي سوڍي جي حالت کان واقف ٿي،
هڪ خط ميرزا باقيءَ کي لکيو. قاصد جڏهن ميرزا
باقيءَ وٽ خط کڻي ويو ته، بر وقت ميرزا محمد باقي،
خان زمان کي چورائي موڪليو ته، ”اسان اوهان کي
ڌاڙيلن ۽ ڦورن ۽ چورن کي هيسائڻ ۽ دٻائڻ لاءِ
موڪليو آهي. پاڻ ۾ وڙهڻ لاءِ ڪونه موڪليو آهي. تون
پنهنجو هيڊ ڪوارٽر ميليئي ۾ مقرر ڪر ۽ ملڪ ۾ امن
سلامتيءَ جي ڪوشش ڪر.“ اِهو پيغام نواب سيد محمد
حسين ولد محمد خان تربتيءَ جي هٿان موڪليو ويو هو،
جنهن ٻيڙيءَ تي چڙهي اِهو پيغام اچي خان زمان کي
پهچايو.
خان زمان جي ڪاوڙ ڍري ٿي ته، رتو سوڍو به آري
راٺوڙ، فريڊ چنيجي ۽ ٻين زيردستن سميت اچي پيش پيو
۽ پاڻ ۾ ٻئي ٺهي ويا.
خان زمان پوءِ مـُـلڪ جي ماڻهن کي گهرائي تسلي ڏيڻ
لڳو، تنهن ڪري ڪجهه سندس نيڪ ناموسي مـُـلڪ ۾ وڌي.
ساريو سوڍو، ڪورين جا رئيس ۽ چارڻ، خان زمان کي
اچي عرض ڪرڻ لڳا ته هاڻ خريف جو فصل لٿو آهي،
اُنهيءَ فصل مان هلي سرڪاري حصو کڻو.
خان زمان انهيءَ لاءِ مير طاهر کي مقرر ڪيو جنهن
ٽي سؤ خرار ان جا ڍل طور اچي حاضر ڪيا.
ناره ناره جو جهڳڙو:
خان زمان، ميليئي شهر (ابن شاه ٽڪر) تي هو. پٺيان
ويڙهاڪن کي وجهه لڳي ويو،
سي ناره ناره جي قلعي کي گهيرو ڪري ويهي رهيا.
ميرزا ابوالقاسم پنهنجي پيءُ کي خط لکي ڄاڻ ڏني.
ويڙهاڪن اُن نهر جو منهن به لٽي ڇڏيو هو، جيڪا
ميليئي ۽ ناره ناره کي ملائيندي هئي. چٺي جيڪا
ابوالقاسم پنهنجي مهر سان موڪلي هئي، خان زمان کي
اِها ملي ته، هو ٻارنهن ٻيڙيون سامان سان ڀرائي
روانو ٿيو. خيال هي هوس ته، جيتري پنڌ ۾ ٻيڙيون
هلي سگهن، اوترو وقت هلائجن. پوءِ خشڪيءَ جي رستي
وڃي قلعي ۾ پهچجي، پوءِ خان زمان پاڻ به گهوڙا،
سيڌو سامان ۽ لشڪر ٻيڙين ۾ چاڙهي نهر جي منهن واري
ڌاڙيلن جي قلعي تي ڪاهي ويو ۽ ٻن پهرن جو اُتي
پهتو. خان زمان قلعي ۾ وڃي ڌاڙيلن جي رهڻ واريءَ
جاءِ کي ڏٺو. اُتي سڪل مڇي ۽ سروڻ کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به ڪونه هو. هـُـن خان زمان جو ٺهرايل اهو
قلعو ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ واهه جو بند ڪيل منهن پڻ
کولرايو.
خان زمان اڃا ميلئي ڏانهن موٽيو ٿي ته، ايتري ۾
ويڙهاڪن جي وڏي فوج دهلن، نغارن ۽ شرناين سان شور
ڪندي، پٺيان ايندي ڏٺائين. خان زمان جون ڪي ٻيڙيون
اڳ ۾ هيون، پر سندس وڏي ٻيڙي سڀني جي پٺيان هئي،
اُن کان سواءِ نهر ۾ پاڻي گهٽ هو، تنهن ڪري ٻيڙيون
گڏ هلي
نٿي
سگهيون. خان زمان جي ٻيڙي ته زمين سان لڳي ويئي ۽
هلي نه سگهي. دشمن جي فوج مٿان اچي ڪڙڪي. خان زمان
جي توبچين مقابلو ڪيو. آخر مهل تائين مڙس ٿي بيٺا
۽ جند ڇڏائي ويا. خان زمان پوءِ تير اندازي شروع
ڪئي ۽ ويڙهاڪن جا اڳواڻ چونڊي چونڊي ماريائين.
انهن مان ڄام دودو، نورو ۽ سوڍو مکيه هئا. سخت
لڙائي ڪرڻ کان پوءِ ويڙهاڪن جڏهن پنهنجا اڳواڻ مئل
ڏٺا ته پوئتي هٽي ويا. خان زمان کي به زخم رسيا،
پر هو بچي ويو ۽ موٽي خندق ۾ آيو. ميرزا محمد
باقيءَ کي خط لکي سڄي احوال کان واقف ڪيائين.
جڏهن ميرزا باقي بيگ کي خان زمان جي ڪارنامي جي
سڄي خبر پهتي، تڏهن اُن کي انعامن سان نوازيائين.
خسرو خان، مير علي خان ۽ حبش خان جي هٿ هيٺ فوجون
روانيون ڪيون ويون، جيئن خان زمان جي مدد ڪري سگهن،
پر ٻه منزلون اڳتي وڌي واپس وريا ۽ بهانو هي
ڪيائون ته، ”اسان ٻڌو آهي ته، ميرزا باقي بيگ
سڪرات جي حالت ۾ آهي.“ انهن ٽن سپهه سالارن سان
ميرزا باقي بيگ جٺ ڪئي ۽ پوءِ ميرزا باقي بيگ
ويچاري خان زمان کي واپس اچڻ لاءِ خط لکيو ۽ ڄام
ڏيسر کي خط لکيائين ته ڄام ڏيسر کي سندس اصلي
مـُـلڪ ڏجي ٿو. تون وڃي سنڀال. خان زمان پوءِ
سـڄـو مـُـلڪ اُن جي حوالي ڪري، اچي ٺٽي پهتو. خان
زمان کي پوءِ اُنڙن جي پرڳڻي جو گورنر ڪري موڪليو
ويو. پٺيان ڄام ڏيسر مـُـلڪ کي سنڀاليندو رهيو.
ڪڪرالي جو والي ڄام جرار:
ڄام جرار لاءِ اسان کي تحفته الڪرام مان ٿورو
احوال ۽ لوڪ ادب مان ڪجهه بيان ملي ٿو. اسان جي
خانداني ۽ روايتي لوڪ گيتن ۾ پڻ ڄام جرار جو نالو
موجود آهن.
بوبنا هن ڄام جرار سان وابسته هڪ ڪردار آهي. لوڪ
ڪهاڻيءَ موجب ڄام جرار، ڄام نظام (نندي) جو پٽ هو.
راڻو عبيده جيڪو نڱامره قبيلي جو هو، ڌاراجا جو
والي هو. اِهو بزرگ 1000هه/92-1591ع ڌاري زنده هو
۽ ڪڪرالي جي ڄام جرار جو ساٿاري هو. هڪ دفعي ڄام
جرار ۽ راڻو عبيده پاڻ ۾ ويٺا هئا. اُن وقت ڄام جرار کي اکين ۾ آشوب چشم جي ڪري
ڏاڍو سور هو. هي هڪ ٻئي کي ڏاڍو گهرندا هئا، ڄام
جرار راڻي عبيده جي گوڏي تي مٿو رکيو ليٽيو پيو
هو. ڄام جرار چيو ته ”راڻا عبيده ڪا سچي ڳالهه
ٻڌائيم، مانَ انهيءَ جي صدقي منهنجو سـُـور لهي.“
پوءِ راڻي عبيده ڳالهه شروع ڪئي ته، ”مون کي سمنڊ
جي پرئين ڀر معلوم ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، سو
هڪ ڏينهن ٻيڙا سينگاري، انهيءَ شوق پوري ڪرڻ لاءِ
نڪري پيس. ڳچ مدت کان پوءِ انهيءَ جاءِ تي پهتس،
جتي ٻيو ڪوبه ڪونه پهتو هو. چيم ته، اڃا به اڳتي
وڌان، شايد ٻئي ڪناري جي خبر پويم. اتفاق سان
ظلمات واري ڪن سان اچي واسطو پيو. سڀ جهاز اُن
ڪـُـن ۾ غرق ٿي ويا. جڏهن منهنجو ٻيڙو اوڏانهن
وڌيو ته، مون هڪ ڪناري تي وڻ ڏٺو ۽ مون ٽپو ڏيئي
وڃي اُن کي جهليو. اُن وڻ ۾ هڪ تمام وڏي پکيءَ جو
آکيرو هو، مون کي رات اُتي پيئي، آءٌ صبح جو اُن
پکيءَ جي پيرن ۾ چنبڙي پيس، جنهن کڻي اچي هڪ جبل
تي ڇڏيم. اُتي هڪ عبادتگاهه ڏٺم. اُتي خواب ۾
حسنين سڳورا آيا، جن مون کي سلامت پهچڻ جي بشارت
ڏني. سمهي اُٿيس ته، اُتي پرين جي ٽولي آئي ۽ مون
کي پاڻ سان اهڙي جڳهه کڻي ويئي،
جتي مون کل خوشيءَ سان وقت گذاريو. جڏهن وطن جي سڪ
لڳيم ته، هنن وري موٽي اچڻ جي وعدي سان ڇڏيو. پر
وعدي وفائي ڪونه ڪيم. پر اُها لذت اڃا نٿي وسريم.
اگر اِها ڳالهه سچي آهي ته شل خدا تنهنجي اکين جو
سور لاهي. قدرتي طور ڄام جرار ڳالهه ٻڌڻ سان سور ۾
فرق محسوس ڪيو، سو بلڪل چڱو ڀلو ٿي پيو. پوءِ ڄام
جرار ۽ راڻي عبيده، الله جا شڪرانا مڃيا ۽ رب جي
تعريف ڪرڻ لڳا.
ڄام جرار ۽ بوبنا جون قبرون مڪليءَ ۾ شاهه مراد جي
مقام ۾ موجود آهن.
ڏسڻ ۾ هينئن پيو اچي ته ميرزا جاني بيگ جي وقت ۾،
ڄام جرار ڪڪرالي جو والي هو. ڇو ته هيءَ ڳالهه سن
1000هه/1592ع ڌاري جي آهي ته، راڻي عبيده ۽ ڄام
جرار انهيءَ سن ڌاري رهاڻ ڪري رهيا هئا. پڻ سن
993هه/1584ع ۾ ميرزا باقي بيگ پاڻهي پاڻ کي ڪـُـٺو
۽ سن 1009هه/1591ع ۾ ميرزا جاني بيگ گهڻي شراب
پيئڻ ڪري وفات ڪئي. هي ئي وقت هو، جنهن ۾ ڄام جرار
ڪڪرالي تي راڄ ڪري رهيو هو. سن 1001هه/1593ع ۾
امير عبدالرحيم خان خانان پورچوگيزن کي سيکت ڏيڻ
لاءِ لاهري بندر ۾ آيو، انهيءَ حساب سان اِهو اڪبر
جو به زمانو هو.
ڄام هالو ۽ ميرزا غازي بيگ:
غازي بيگ جي ڏينهن ۾، ڪڪرالي جو والي ڄام هالو هو،
جو ڄام ڏيسر جو پٽ هو. اُن وقت ڄامن ۾ ڦوٽ پيل
هـُـئي. ڄام دائود اچي غازي بيگ جو سلامي ٿيو. اُن
وقت ڄام هالي، ميرزا غازي بيگ جي هڪ جاگيردار کي
ڪـُـهي ڇڏيو. انهيءَ جو وير وٺڻ، ميرزا غازي بيگ
لاءِ ضروري ٿي پيو. ٻيو ته ڄام دائود به ساڻس
صلاحڪار هو، سو ميرزا، ڄام هالي تي حملو ڪري ڇڏيو.
دائود ڄام سندس سونهو هو. ان ريت ڪڪرالو ميرزا
غازي بيگ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو.
ڄام دائود:
ڄام دائود جيئن ته ڪڪرالي جي ڄامن مان هو. سو اڃا
به ميرزا
غازي بيگ کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ سڱ ڏيئي ويٺو ۽
انهيءَ کان پوءِ هـُـن ميرزا کي درخواست ڪئي ته،
ڪڪرالي جي حڪومت مون کي ڏني وڃي. پر ميرزا غازي
بيگ ڪڪرالي جهڙي سائي ستابي زمين ڇڏڻ لاءِ تيار
ڪونه هو، هيڏانهن سڱ جي ڪري ڄام دائود جو به لاچار
ٿيس. پوءِ ڪڪرالي کي ٽي حصا ڪيائين. ٻه حصا پاڻ وٽ
رکيائين ۽ ٽيون حصو ڄام دائود سنڀاليندو رهيو.
اهڙي طرح ڪجهه ٽڪرو ڄامن جي هٿ ۾ رهيو ۽ ڪجهه حصو
سڌي طرح ميرزا غازي بيگ جي حڪومت ۾ شامل رهيو.
شاهه جهان ۽ ڪڪرالي جو ڄام:
شاهه جهان، پنهنجي والد بزرگوار کان رنج ٿي، جڏهن
ٺٽي ۾ اچي آرامي ٿيو هو، تڏهن لاڙ ۾ هن جا ٻه وڏا
دشمن ٿي رهيا. هڪ ڪڪرالي جو ڄام ڪهيري ۽ ٻيو ٺٽي
جو گورنر نواب شريف خان هو.
شاهه جهان جڏهن هندستان جو والي ٿيو، تڏهن پنهنجي
امير عبدالرحيم خان خانان کي خاص هدايت ڪئي هئائين
ته، انهن جو خاص خيال رکيو وڃي. حڪم موجب ڪڪرالي
جي ڄام کي شاهي سزا ڏني ويئي ۽ نواب شريف خان کي
به سزا جو مستحق سمجهيو ۽ اُن کي به سزا ڏياري.
البت انهيءَ جي خلاف حمل جت ۽ ڌاراجا جي راڻي شاهه
جهان سان ڀال ڀلايا هئا ته انهن کي شاهي نوازشن
سان نوازيو ويو هو.
ميان محمد مرادياب ۽ ڪڪرالي جو ڄام:
سن1151هه/1739ع ۾ ميان نورمحمد پنهنجي طرفان ٺٽي
جو گورنر پنهنجو فرزند مرادياب کي مقرر ڪيو.
ميان محمد مرادياب ٺٽي پهتو ته، راڻو جمال ۽
ڪڪرالي جو ڄام فساد لاءِ تيار ٿي پيا. هنن ميان
سان بحري توڙي بري لڙايون ڪيون. خاص ڪري بحري
لڙائيءَ ۾ ڪڪرالي جي ڄام جو بخت زور هو. لڙائيءَ ۾
ميان محمد مرادياب ڪجهه نه ڪري سگهيو. مخالف جي
لشڪر سمنڊ جي رستي نصرپور تائين جهازن جا ٻيڙا
پهچايا ۽ مـُـلڪ کي نه سهڻ جهڙو ڇيهو رسايو ۽
درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي لٽ مار به شروع ڪئي، ميان
محمد مرادياب ٻنهي ڪنارن تي توبون رکائي ڪڪرالي جي
جنگي ٻيڙي کي ختم ڪيو ۽ بچيل لشڪر ڪڪرالي ڏانهن
ڀڄي ويو. ڪلهوڙن انهيءَ لڙائيءَ ۾ ڪڪرالي وارن جا
ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. ڪڪرالي تائين هنن جي تباهيءَ
لاءِ رٿ رٿي ويئي هئي، پر اوچتو سنڌ تي نادر شاهه
اچي ڪڙڪيو. ميان محمد مرادياب ۽ ميان غلام شاهه کي
اول طور وٺي ويو ۽ ڪڪرالي جي ڄام کي انهيءَ وقت ۾
ساهه کڻڻ جو وجهه ملي ويو.
شيخ شڪر الله ۽ ڄام هوٿي (واليءِ ڪڪرالو):
ميان مرادياب جي وقت ۾ جڏهن ڪڪرالي جي ڄامن جي
بغاوت کي ڪلهوڙا منهن ڏيڻ ۾ پورا هئا، تڏهن وڏي
مشڪل سان ڪلهوڙن هنن کي پليو هو. وري اوچتو جو
نادرشاهه سنڌ تي فوج چاڙهي آيو ته، ڪڪرالي جي حاڪم
جو دماغ چوٽ چڙهي ويو. نتيجو هي نڪتو جو ڄام
هوٿيءَ فساد ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي ۽ هو رات ڏينهن
ڪلهوڙن جي خلاف جهيڙا ڪندو رهيو.
ڪلهوڙن جو ٺٽي ۾ شيخ شڪر الله وڏو همدرد هو. هن کي
ميان انهيءَ طرف توجهه ڏياريو. شيخ شڪر الله، الله
جو مٺو نالو وٺي ڪڪرالي جي حاڪم تي ڪاهه شروع ڪري
ڇڏي. اِهو سن 1157هه/1744ع جو واقعو آهي.
ڪڪرالي جو ڄام اڳيئي ميان محمد مرادياب جي جنگ وقت
ڪلهوڙن جي فوج جي عيبن کان واقف هو. سو بي پرواهه
ٿي سامهون ٿيو، پر شيخ شڪر الله اُهي ڏينهن جا
تارا ڏيکاريس، جو هن کي پنهنجي جان بچائڻ به ڏکي
پيئي نظر آئي. آخر ڄام هوٿيءَ ساهه تان آهو پليو ۽
ڪڪرالو شيخ شڪر الله جي هٿ ۾ آيو.
ڪڪرالي جو والي ڄام مهڙ:
شيخ شڪر الله پنهنجي هٿ سان هن جي پٽ ڄام مهڙ کي
تخت تي ويهاريو. ائين ڪڪرالي جو والي ڄام مـُـهڙ
ٿي رهيو، جو ڪلهوڙن جو ادنيٰ غلام هو.
ميان محمد مرادياب ۽ ڪڪرالي جو ڄام:
ميان محمد مرادياب سن 1167هه/1753ع ۾ سنڌ جو والي
ٿيو ته هن جي پهرين نظر ڪڪرالي جي ڄام ڏانهن ويئي.
ڇوته هن کي ڪڪرالي جي ڄام گورنريءَ جي وقت ۾ وڏا
ڏک ڏنا هئا، پر ڄام مهڙ سان ڪلهوڙن قرآن مجيد وچ ۾
رکي هڪ ٻئي سان صلح ۾ رهڻ جا عهد ۽ انجام ورتا
هئا. سو ڪلهوڙن جي مرضي ڪونه هئي ته، عهد ۽ اقرار
ٽوڙجن، پر ميان محمد مرادياب کي انهيءَ ڪنڊي مان
جند ڇڏائڻي هئي. تنهنڪري هن ڪلهوڙن جو
خيال ڇڏي، ڄام سان جنگ شروع ڪئي. اُنهيءَ وڌيڪ ست نه ساري آڻ
مـَـڃي ۽ هـُـو ميان جي پاران حڪومت ڪرڻ لڳو. ميان
صاحب کي اِهو عهد انجام ڀڃڻ ڏکيو لڳو جڏهن ته
ڪلهوڙن جا سرائي فوجي هل هنگامو ڪرڻ لڳا. ڪڪرالي
جو ڄام ۽ ان جا ساٿي انجام و اقرار ياد ڪري ۽ ميان
جي اڍنگي هلت ڏسي هن کي لاهڻ جي پويان پيا ۽ آخر
کيس سنڌ جي تخت تان لاهي، ميان غلام شاهه کي سنڌ
جو والي بڻايو ويو. اِهو 1170هه جو واقعو آهي.
ميان غلام شاهه ۽ ڏيسر ڄام ڪڪرالو:
ميان غلام شاهه تخت تي ويٺو ته ميان محمد عطر خان
تخت تي ويهڻ لاءِ افغان درٻار کان سـَـنـَـدَ وٺي
آيو. ميان غلام شاهه انهيءَ کي سامهون ٿيڻ چڱو نه
ڄاتو ۽ ٻين پاسن کان ٿيندو، آخر ڪڪرالي ۾ آيو. پر
ميان محمد مرادياب اڳي جو ڪڪرالي جي ڄام سان قرآن
مجيد وچ ۾ ڏيئي، پوءِ جنگ ڪئي هـُـئي سو ڪڪرالي جي
ڄامن ۾ هن جو اعتماد نه رهيو هو، نتيجي طور ميان
غلام شاهه کي ڪڪرالي جي ڄام ڏاڍي تڪليف ڏني. هن
ميان غلام شاهه جو شاهه ڪره ۾ ويهڻ به زهر ڪري
ڏنو. آخر ميان جهڙو سـُـور هو، سو سهي ويو ۽ اُتان
پاسي ٿي ڪجي (قرهيي) ۾ اچي رهيو. اُتي ڪوٽ
اڏايائين ۽ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۾ لڳي ويو. آخر سنڌ
جي گاديءَ تان ميان محمد عطر خان هٿ کنيو ته، سڄي
سنڌ جو والي ميان غلام شاهه ٿيو.
ميان کي ڄام ڏيسر جون ڳالهيون وسري ڪونه ويون
هيون، سو ميان غلام شاهه مٿس ڪاهي ويو. محمد صديق
۽ ٻين اميرن سان آباد قلعي مان ميان غلام شاهه هن
کي ڌڪا ڏيئي ڪڍيو ۽ پوءِ هـُـو ڀڄي وڃي ڪڇ ڀيڙو
ٿيو. ديري واري وقت کان ميان غلام شاهه جي خدمت ۾
ڏيسر جو پٽ هر دؤر ۾ رهندو پئي آيو. اِهو ميان
غلام شاهه ڄڻ اول طور ڄام ڏيسر کان ورتو هو، سو
آخر تائين خدمت ۾ رهندو آيو. پر ميان کيس ڪڪرالو
موٽائي ڪونه ڏنو، ڪڇ جي راجا سمو هجڻ ڪري ڪڪرالي
جي ڄام سمي کي پناهه ڏني هـُـئي، سو ميان جون
اکيون وڃي ڪڇ ۾ کتيون هيون، آخر سيٺ پونجي مل جي
صلاح سان هـُـو ڪڇ جو فاتح بنيو. جهاري جبل لڳ
مشهور جنگ لڳي. ڪڇ ۾ هيءَ روايت عام آهي ته، ڪڇ جي
جهاري جبل تي ٽي لڙايون لڳنديون، جنهن مان ٻه
لڙايون لڳي چڪيون آهن، هڪ لڙائي باقي آهي، جا
لڳندي ۽ اِها سنڌ ۽ ڪڇ جي آخرين لڙائي هوندي. جاري
جي جنگ وقت جيڪو رت وهيو هو، سو هيٺ جنهن ڪن ۾ گڏ
ٿيوهو، سو اڃا تائين ڳاڙهو آهي ۽ اُن جي پاڻيءَ ۾
ڳاڙهاڻ شامل آهي. اِهو سنڌي ۽ ڪڇي ڪونڌرن جو رت
آهي، جو اڃا پنهنجو رنگ قائم رکيو اچي، جيسين
انهيءَ گلال ۾ ٻيو رنگ پوي.
ڪڪرالي جي سرزمين ۾ ڪافي اولياءَ الله رهندا هئا،
جن مان هيٺيان ته خاص مشهور ۽ نالي وارا بزرگ آهن:
1. درويش صالح: جنهن 1000هه ۾ وصال ڪيو.
2. لاکو پير: هي بزرگ جکار نالي ڳوٺ ۾ دفن آهي.
3. شيخ اسماعيل: هي بزرگ ديري ۾ آرامي آهي.
4. پير مڻ: هي بزرگ ديري جي اولهه تان آرامي آهي.
5. شيخ راڄن: هن جا ڪڪرالي جا ڄام مريد ۽ خادم
هئا.
6. شيخ مغل ڀين: هن جو ديري کان الهندي تان مقبرو
آهي.
7. پير ابڙو هالاڻي: هي قديم وقت جو بزرگ آهي.
8. پير شيخ قرهيو: تحفة الڪرام هن بزرگ کي کاري جو
وڏو بزرگ ڪري لکيو ويو آهي. هن جي درگاهه تي ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي عاليشان مقبرو اڏايو هو.
9. شيخ لال: هيءُ بزرگ کاري جي ٻنيءَ ۾ آرامي آهي.
هن جي قبر
شيخ قرهيي ڀانڊاريءَ جي قبي جي ڀرسان آهي.
10. مخدوم جلال: هي ڪڪرالي جو وڏو عالم هو.
11. قاضي قطب الدين: هيءُ بزرگ اورنگا بندر جو
رهاڪو هو، اُتي ئي آرامي آهي.
12. قاضي محمد شريف: اورنگا بندر لڳ دائم آرامي
آهي.
13. قاضي قائم الدين: اورنگا بندر لڳ ابدي آرامي
آهي.
14. شيخ رحمة الله: اورنگا بندر لڳ ابدي آرامي
آهي.
15. شيخ محمود: پاڻ اڀن شاهه جي ويجهو آرامي آهي.
16. سيد يقيق: هيءُ بزرگ اورنگا بندر جي ويجهو
آرامي آهي.
17. اڀن شاهه: هيءُ پنهنجي ڳوٺ ۾ آرامي آهي.
ڪڪرالو سن 1244هه/1828ع تائين ڪجهه نه ڪجهه آباد
هو، ڇوته جيمس برنس جڏهن ڪڪرالي مان گذري رهيو هو،
اُن وقت رڙي ۽ ٻيا شهر ڪجهه نه ڪجهه آباد هئا، جي
پوءِ جلد ئي ڦٽي ويا. ڪڪرالي جي تباهيءَ جو وڏو
ڪارڻ سانوڻ ۾ ايندڙ کارو پاڻيءَ آهي جنهن ڏکڻ سنڌ
کي هميشه پئي برباد ڪيو آهي.
---------
(2)
ڪڇ جي مختصر تاريخ
ڌرتيءَ جو علم (Geologists)
رکڻ وارا چون ٿا ته، سڄو هند ۽ سنڌ جيالوجي، جي
ٽئين زماني ۾ ’ٽي ٿيا‘ نالي سمنڊ هيٺ هو. پوءِ
زلزلا آيا ته، زمين نڪري آئي.
جڏهن زمين نڪري آئي، ته سنڌ جي سرزمين تي ئي انسان
جي پهرين چرپر نظر آئي.
قديم سنڌ ۾ رهڻ وارن قبيلن مان ”اسر“ به هڪ
پراڻي قوم هئي. اها، اهير ۽ اڀير جي نالي به سان
سڏجي ٿي.
جڏهن آريا آيا ته، آرين ۽ اسرن
]اهيرن[
۾ لڙايون شروع ٿيون. انهن ۾ پهرين فتح اسرن جي ۽
آخري سوڀ آرين جي ٿي. اسر غير آباد علائقن ڏانهن
نڪري ويا. ڪي اسر ايران ۽ ڪي ڪڇ ڏانهن ويا، تنهن
ڪري ڪڇ کي ”اڀيريا“ به سڏيو ويو.
اڳئين وقت ۾، سنڌ جون حدون تمام وڏيون هيون.
ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ ڪڇ به سنڌ ۾ شامل هئا.
ڪڇ ته، سنڌ جي بلڪل بغل ۾ هـُـئي، تنهن ڪري ئي
کيس ”ڪڇ“ ڪري سڏيندا هئا. اِهو نالو پوءِ وڌيڪ
مشهور ٿيو. گهڻو گهڻو پوءِ، سنڌ جو مشهور قبيلو
”ڪاٺي“ سنڌ مان لڏي ڪڇ ۾ وڃي آباد ٿيو، لاکي
ڦلاڻيءَ کي مارڻ ۾، انهيءَ قبيلي جو وڏو هٿ هو.
انهيءَ ڊپ کان هنن ڪڇ کي ڇڏي ڏنو ۽ هڪ ويران
علائقو وڃي وسايو، جو پوءِ ”ڪاٺياواڙ“ جي نالي
سان مشهور ٿيو.
نائين صديءَ ۾ سنڌ مان سمن جي وڏي جماعت هتان وڃي
ڪڇ ۾ آباد ٿي. جن ڪڇ تي وڏو عرصو وڏي شان ۽ شوڪت
سان راڄ ڪيو ۽ اُهي ”جاڙيجا“ به سڏبا آهن.
تاريخي پس منظر کان ڏٺو وڃي ته، ڪڇ ۾ 95 سيڪڙو
سنڌي رهن ٿا.
ڪڇ ۾ سنڌ سان گڏوگڏ اسلام داخل ٿيو. ڇوته محمد بن
قاسم پاران سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪڇ به اسلام جي
روشنيءَ سان منور ٿيو. ۽ هن ڪڇ تي مسلمان گورنر
مقرر ڪيا. ڪڇ جي گورنر هذيل بن سليمان الازريءَ
گهڻو وقت ڪڇ تي حڪومت ڪئي ۽ ان کي اسلام جي علم
واري روشنيءَ سان منور ڪيو.
سما خاندان جو سنڌ کان ڪڇ ڏانهن لڏي ويو هو، اُهو
مسلمان هو، اُن جو به ڪڇ تي، وڏو اثر پيو. اِهوئي
سبب آهي جو سنڌ جيان ڪڇ ۾ به مسلمان گهڻا آهن.
هتان سنڌ مان ڪيترا روحاني پيشوا اسلام جي تبليغ
لاءِ ڪڇ طرف ويا. انهن جا اُتي اڄ گهڻائي مقبرا
موجود آهن. هندو توڙي مسلمان انهن بزرگن کي عقيدت
سان ڏسندا آهن. جيتوڻيڪ ورهاڱي کان پوءِ ڪيترا
مسلمان، سنڌ ڏانهن هجرت ڪري آيا آهن، پر تڏهن به،
پٺيان جت، سما، جاڙيجا، منڌرا، شيخ ۽ ٻيا مسلمان
قبيلا وڏي تعداد ۾ اڃا ڪڇ ۾ رهن پيا.
محمد بن قاسم جي فتح ڪرڻ وقت ڪڇ جو حاڪم دروهر هو.
پوءِ مسلمانن جي حڪومت شروع ٿي، ۽ گهڻا مسلمان
گورنر ڪڇ تي آيا. مگر افسوس جو انهن جو پورو پتو
ملي نه سگهيو آهي.
سنڌ مان ويندڙ ”جهارو“ پهرين سمون حاڪم هو. اُن
جي خاندان مان گهڻا حاڪم ٿيا. انهن مان ڪينگر جي
راهه دين (1666ع)، ڪيانجي، گورجي (1716ع)، ڏيسل
(1719ع)، لڪائجي (1745ع)، راهه دين ٻيو (1778ع) ۽
ٻيا حاڪم ٿيا.
سن 1816ع کان ڪڇ تي انگريزن جو اثر پوڻ لڳو ۽ سن
1819ع ۾ ڪڇ تي انگريزن جو راڄ شروع ٿيو. جيتوڻيڪ
راجا به راڄ ڪندو هو، پر هو انگريزن جي هٿ ۾ ڪٺ
پتليءَ جي حيثيت رکندو هو.
سن 1947ع ۾ نه رهيا انگريز ۽ نه رهيو راجا ۽ ڪڇ
هند جي هڪ رياست گجرات جو علائقو بڻجي ڳڻپ هيٺ
آيو.
سنڌ ۽ ڪڇ جا تعلقات
گريگوري ايل. پوسيل (gregory L.Possehl)
پنهنجي ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ“
(Indus civilization in surashtra) ۾ لکي ٿو ته، ”جيتوڻيڪ ڪڇ جي قديم آثارن مان رڳو ٻن قديم
ماڳن جي کوجنا ۽ کوٽائي ٿي آهي، جيستائين اُتي جي
سمورن قديم ماڳن جي کوٽائي مڪمل نٿي ٿئي، ان کان
پوءِ ئي ڪڇ جي سنڌوماٿري جي آڳاٽن لوڪن جي لڏپلاڻ
۽ هن علائقي ۾ سنڌو تهذيب بابت تفصيل سان اظهار
ڪري سگهجي ٿو.“
هو وڌيڪ لکي:
”جاگرافي نقطي نظر کان ڪڇ، سنڌ ۽ گجرات کي پاڻ ۾
ملائيندڙ علائقو آهي، هن علائقي ۾ سنڌ ۽ گجرات
وارا گڏيل ڳڻ آهن. انهيءَ کان سواءِ هن کي ٻنهي
علائقن سنڌ ۽ گجرات کي ملائڻ واري خاصيت به آهي،
جيڪا هن بيان جي تائيد ڪري ٿي ته: ”قديم زماني ۾
اڀرندو نارو پاڻيءَ جو هڪ وڏو وهڪرو هوندو هو،
جيڪو سنڌو درياءَ جي آبي نظام جو هڪ حصو هو.“
ڪڇ جي تاريخ تي حقيقت ۾ سنڌ ڇانئيل رهي آهي. ڪڇ کي
آباد سنڌين ڪيو. ڪڇ ۾ اڄ به 95 سيڪڙو سنڌي رهن ٿا،
جن جو پراڻو ثقافتي ۽ سياسي ناتو سنڌ سان آهي.
ڪڇ جا مشهور سما حاڪم سنڌي نسل مان آهن. اڀير يا
اسير سنڌ واسي هئا، ڪاٺياواڙي قبيلا سنڌي آهن، اهي
سڀ قبيلا ڪڇ ۾ وڃي رهيا ۽ انهن قبيلن ڪڇ کي پنهنجو
وطن ڪري ليکيو.
ڪڇ سنڌ سان گڏ اسلام سان روشناس ٿيو. عربن جي
ابتدائي رياستن مان ڪڇ جي سانڌاڻ رياست به هڪ هئي.
انهيءَ جو وڏو سبب هي هو جو ڪڇ، سنڌ جوئي هڪ ٽڪرو
رهيو آهي.
اڳي ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ رڳو سـَـري، سرحد هئي. ڪوري
نديءَ کي ڪڇي توڙي سنڌي سري چوندا آهن. سريءَ
هـِـن پاسي سنڌ ۽ هـُـن پاسي ڪڇ هئو. سريءَ جي
هينئر به سراسر پکيڙ ٻن ميلن تائين آهي. اڳي اِهو
ڪوري نديءَ جو پيٽ هو.
ڪڇ جو رڻ سرسوتي نديءَ جي بند ٿيڻ کان پوءِ ڦهليو.
هاڪڙو درياءَ بند ٿيو ته انهيءَ رڻ ۾ وڌيڪ وسعت
آئي. انهيءَ ڪري اِهو رڻ ڪڇ جي اُتر کان ۽ سنڌ جي
ڏکڻ تان اولهه طرف ڪوري نديءَ جي وهڪري (سري) وارو
ڪنارو ڏيئي اولهه ڏانهن ڦهلجڻ لڳو. اِها ڳالهه
عيسوي پهرين صديءَ جي شروعات ۾ ٿي.
رڻ آهستي آهستي وڌندو سومرن جي ڏينهن ۾ اچي وڳهه
ڪوٽ کي ويجهو رسيو هو، وڳهه ڪوٽ جي ڦٽڻ کان پوءِ
سومرن روپاماڙي ڏانهن توجهه ڏنو ۽ حڪومت جي گادي
جو هنڌ وڃي ”ڪانجي ڪوٽ“ ٿي رهيو.
سن 1763ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي پراڻ درياءَ تي
”الابند“ نالي سان بند ڏياريو، اُن کان پوءِ ڪڇ
ڏانهن ته ڇا پر ڪوريءَ نديءَ ڏانهن به پاڻي نه ويو
۽ هاڪڙي سرسوتي واري ويرانيءَ سان پراڻ جي ڇاڙن به
ساٿ ڏنو. ڪوري ندي جون ڇاڙهون ڏکڻ سنڌ کي رڻ ۾
تبديل ڪرڻ لڳيون. جيئن ته، اِها مصيبت ڪڇ جي پاسي
کان سنڌ تي آئي، انهيءَ ڪري انهيءَ جو نالو ”ڪڇ
جو رڻ“ رکيو. اِهو رڻ ئي ڏکڻ اوڀر سنڌ جي تباهيءَ
جو جوابدار آهي. انهيءَ رڻ جي وسعت سراسر، سريءَ
(ڪوري خليج) کان سواءِ 37-38 ميل آهي.
ڪڇ تي سنڌ جو اثر
جيئن ته اهو اڳي ٻڌايو ويو آهي ته ڪڇ ۾ رهڻ واريون
اڪثر قبيلا ۽ ذاتيون اصلي ۽ نسلي طور سنڌي آهن،
انهيءَ ڪري انهن جون ريتون رسمون، تهذيب ۽ تمدن ۽
زبان پڻ سنڌي آهي. ڪڇي ٻولي سنڌيءَ ٻوليءَ جي هڪ
اهم شاخ آهي.
ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪافي شاعر گذري چڪا آهن، جن
مان چونڊ مکيه شاعرن جو تذڪرو مون ”ڪڇين جا قول“
ڪتاب ۾ ڪيو آهي. اِهي سڀ شاعر ڪڇي آهن. انهن جي
ٻوليءَ تي 98 سيڪڙو سنڌيت جو ۽ 2 سيڪڙو گجراتي
ٻوليءَ جو اثر آهي.
ڪڇ هميشه (ورهاڱي کان اڳ) سنڌ ڏانهن ڏسندي رهندي
هـُـئي. ڇوته، جنهن سال ڪڇ ۾ برسات نه پوندي
هـُـئي، اُن سال ڪڇي سنڌ ۾ ايندا هئا ۽ پنهنجي پيٽ
گذر جي اچي ڪندا هئا، پوءِ چار داڻا چوکن جا ڪري
ڪڇ جي واٽ وٺندا هئا. ڪڇ جا ماڻهو سنڌين سان
پنهنجو مائٽاڻو ناتو وڏي فخر سان بيان ڪندا هئا.
گهڻو ڪري سنڌي گهراڻن ۾، ڪڇي عورتون اچيو گهر
سينگارينديون هيون.
هاڪڙو، پراڻ ۽ پٽيهل درياءَ، ڪوري نديءَ ۾ وڃيو
ڇوڙ ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ڪوري ندي زور سان وهندي
هـُـئي. پاڻيءَ جي گهڻائيءَ مان ڪڇي گهڻو فائدو
حاصل ڪندا هئا ۽ ڪڇ ۾ انهيءَ نديءَ جي آسري تي هو
ساريون پوکيندا هئا. ڪڇ حڪومت کي اڌ آمدني ڪوري
نديءَ جي سهاري سان ملندي هئي. جيڪڏهن سنڌ وارا
انهن دريائن جا منهن موڙي ڇڏين ته، ڪڇ وارا هوند
ڪڏهن به آباديءَ جو منهن ڏسي ڪونه سگهن ها. دريائن
جا منهن بند ڪرڻ جي نوبت ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي
ڏينهن ۾ آئي. ميان غلام شاهه خاص ڪري ڍورو پراڻ
کي ”موري“ جي جڳهه تي ”الابند“ نالي سان بند
ڏياريو. نتيجو هيءُ نڪتو جو ڪوري نديءَ ۾ گهڻو
پاڻي ڪونه ويو ۽ ڪڇ اڌ آمدنيءَ کان وانجهجي ويو.
انهيءَ کان پوءِ جڏهن به ڪڇ ۾ مينهن منهن نه
ڏيکاريو ته ڪڇي سنڌ ڏانهن منهن ڪندا هئا. ڪڇي حاڪم
سنڌي حاڪمن کان هميشه ڪنبندا هئا. ڪي حاڪم جيمس
برنس جي چوڻ موجب هميشه سنڌي حاڪمن جي رحم ۽ ڪرم
تي هوندا هئا. سنڌي ڪڇ کي پنهنجو ٻيو وطن ڪري
سمجهندا هئا ۽ هميشه ڪڇي سنڌ تان ۽ سنڌي ڪڇ تان
ڀيرا پيا ڪندا هئا. ابوالحسن ۽ عبدالله واعظ جيڪي
وڏا عالم هئا، اُهي سنڌ ۾ اچي رهيا هئا، شاهه
عبداللطيف ۽ ٻيا سنڌ جا مشهور اديب ۽ شاعر ڪڇ تان
ڦيرا ڪرڻ ويا هئا.
شاهه عبداللطيف ته ڪڇين کي پنهنجي بيتن ۾ سهڻيءَ
طرح ڳاتو آهي. ٿورن لفظن ۾ کڻي هينئن چئجي ته، سنڌ جو ڪڇ تي سياسي،
اقتصادي، تهذيبي، تمدني، مذهبي، لساني، تاريخي ۽
جاگرافيائي اثر رهيو آهي.
ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحد
ڪڇ ۽ سنڌ کي هينئر هڪ وڏو رڻ ڌار ڪري ٿو. مگر اڳي
سنڌ ۽ ڪڇ ۾ سـَـنڌو (وڇوٽي) رڳو ڪوري ندي هئي.
انگريزن جي وقت ۾ به سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد ڪوري ندي
ليکي ويندي هئي. ڪوري نديءَ جي هن پاسي سنڌ ۽
هـُـن پاسي ڪڇ جو ويرانو هوندو هو.
ڪوري ندي ڪڇ جي اُتر کان شروع ٿيندي هئي ” ڪڇ جي
اولهه ۾ وڃيو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڪوري ندي
سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد هئي، پوءِ جڏهن ڍوري پراڻ جو
پاڻي بند ٿيو، ۽ ٻين دريائن به منهن موڙيو ته،
ڪوريءَ نديءَ ۾ پاڻي به نه پيو، انهيءَ ڪري مٺي
پاڻيءَ جي بدران اُن ۾ کارو پاڻي، عربي سمنڊ کان
ڪاهي اچڻ لڳو ۽ ڪوري ندي ڦري، ڪوري نار ٿي پيئي.
ڪوري نار ۾ کاري پاڻيءَ جو زور سانوڻ جي ڏينهن ۾
واهه
جو هوندو آهي، باقي موسمن ۾ ڪوري نار ۾ ايترو پاڻي
نه رهندو آهي. ڪوري نار جي کاري پاڻيءَ سنڌ جي ڏکڻ
وارا ۽ ڪڇ جي اُتر وارا شهر آهستي آهستي ڪري ويران
ڪيا، ائين اِهو رڻ وسيع کان وسيع تر ٿيو ۽ آباديءَ
جي جاءِ تي ويراني آئي.
ڪوري نار جو اولاهون پاسو تمام گهرو رهيو، پر اوڀر
وارو پاسو اوڀارو (مٿاهون) رهيو ۽ اُن ۾ ايتري
گهرائي ڪونه هئي. بهر صورت ميرن کان پوءِ انگريزن
جي وقت تائين، جيتوڻيڪ ڪڇ جو رڻ وسيع تر ٿي چڪو
هو، تڏهن به ڪڇ جي ۽ سنڌ جي سرحد ”ڪوري نار“
ليکي ويئي ٿي، جنهن کي اُن وقت ”ڪوري ندي“ ۽
”ڪوري نار“ جي نالن سان ياد ڪيو ويندو هو.
”ڪوري ندي“ يا ”ڪوري خليج“ کي ئي انگريز، سنڌ
۽ ڪڇ جي سرحد مڃيندا هئا.
ڪڇ جي طبعي حالت
ڪڇ انگريزن جي ڏينهن ۾ ۽ پڻ سن 1955ع کان پهرين،
پکيڙ چار سؤ سٺ (460) چورس ميل هئي. مگر 1955ع ۾
صوبيدار منوءَ، حڪومت هند کي مشورو ڏنو ته، ”ڪڇ
جي ايتري ٿوري پکيڙ ڏيکارڻ جي ڪري، ڪڇ واري رڻ تي
حڪومت پاڪستان حق ڇڪيندي، تنهنڪري ڪڇ جو رڻ، ڪڇ ۾
شامل ڪري اُن جي پکيڙ سورهن هزار ست سؤ چوويهه
(16724) چورس ميل ٻڌائي وڃي.“
اِها ڳالهه حڪومت هند کي وڻي ۽ منو ڀائيءَ جي
انهيءَ صلاح موجب حڪومت هند ائين ئي ڪيو. ائين
حڪومت هند جون 1955ع کان پوءِ سنڌ جي انهيءَ
ويراني تي نظرون پيون.
۽ پوءِ ڪڇ جو طبعي نقشو بدلائي وڏو ڪيو ويو. نه ته
هونئن ڪڇ جي طبعي حالت اصلي جا آهي، سا آءٌ جيمس
برنس جي لفظن ۾ ٻڌايان ٿو: ”ڪڇ جو صوبو 18 ۽ 77
درجا (ڊگريون) اوڀر ۾ ۽ 22 ۽ 24 درجا (ڊگريون) ڏکڻ
جي وچ ۾ آهي. اُن جي ڏکڻ ۾ ڪڇ واري خليج ۽ عربي
سمنڊ آهي. اُتر اولهه ۾ رڻ آهي، جو مئي کان آڪٽوبر
تائين کاري پاڻيءَ سان ڀريو پيو هوندو آهي. اولهه
۾ ڪوري ندي آهي، جيڪا سنڌو درياءَ جي اولهائين شاخ
آهي. ڪڇ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي. ڪڇ کي هر سال سنڌ
مان اناج گهرائڻو پوي ٿو. آڪٽوبر مهيني ۾ ڪڇ ۾
خراب هوائون لڳنديون آهن، انهيءَ جي اثر کان
بيماري پکڙجندي آهي. اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ سخت
گرمي لڳندي آهي. سڄو ڪڇ مـُـلڪ سرطان ۽ جدي گهيرن
جي وچ ۾ آهي. ڪڇ جي آبهوا خشڪ آهي، انڪري ڪڇ ۾
بارود گهڻو وقت سلامت رهي سگهي ٿو. ڪڇ جي ڊيگهه
اوڀر کان اولهه تائين 165 ميلن کان وڌيڪ ڪونه آهي.
اُن جي ويڪر اُتر کان ڏکڻ تائين 52 ميل وڌ ۾ وڌ ۽
گهٽ ۾ گهٽ 15 ميل آهي“.
ڪڇ جي رڻ جا حصا
ڪڇ جي رڻ جا مکيه وڏا ٻه حصا آهن:
1. وڏو رڻ
2. ننڍو رڻ.
مٿي ذڪر ڪيل رڻن مان ننڍي رڻ سان اسان جو ڪوبه
واسطو ڪونه آهي، ڇوته اُهو رڻ انڊيا سان واسطو رکي
ٿو. ۽ اُهو گجرات جي حدن ۾ آهي. ننڍي رڻ ۾ گهڻو
عرصو ٿيندو ته پاڻي ختم ٿي ويو، انهيءَ ڳالهه کي
چار سؤ ورهيه کن ٿيندا. سن 1500ع ۾ ننڍي رڻ ۾
پاڻيءَ جي گهڻائي هئي ۽ اُن ۾ وڏيون ٻيڙيون
هلنديون هيون.
اسان جي سنڌ جي رڻ، جنهن کي ”وڏو رڻ“ پڻ چئبو
آهي، اُهو رڻ اڳي آباد هو. مگر اُن کي ڪڇ جي ننڍي
رڻ ۽ ڪوريءَ نار جي کاري پاڻيءَ تباهه ڪيو.
آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ رڻ ۾ پاڻي گهڻو ايندو آهي ۽
اُهو ڪوري نار کان ايندو آهي. اِهو کارو پاڻي،
ڪلهوڙن جي وقت ۾ سنڌ جي ڏاکڻئين حـصي کي تباهه ڪرڻ
لڳو، اڃان تائين هر سال 5-6 ميل اِهو رڻ جو راڪاس
ختم ڪندو رهي ٿو. ان وڏي رڻ جي پکيڙ جا ڪڏهن 2 يا
4 ميل هوندي هئي، اُهو رڻ هينئر سراسري طرح 39 ميل
پکيڙ رکي ٿو. ڏينهون ڏينهن اهو وڏو رڻ، وڏي کان
وڏو ٿي رهيو آهي. ڇوته کاري پاڻيءَ جي روڪڻ لاءِ
ڪوبه بند ٻڌل نه آهي، جيڪو سانوڻ جي موسم ۾ پريان
ايندڙ پاڻيءَ کي روڪي بيهاري ۽ رڻ ۾ واڌارو نه
اچي. انهيءَ کاري پاڻيءَ جي تباهيءَ جو عمل هن طرح
ٿيندو آهي ته سانوڻ جي برسات پوندي آهي ته سنڌو
درياءَ جو پاڻي عربي سمنڊ ۾ گهڻي انداز ۾ داخل
ٿيندو آهي، ڏاکڻيون هوائون زور دار نموني ۾
لڳنديون آهن. نتيجي طور عربي سمنڊ جو کارو پاڻي
ڏکڻ اولهه کان اوڀر- اتر طرف وڌي ٿو. علاؤ الدين
واريون کاهيون انهيءَ پاڻيءَ کي اڳتي وڌڻ ۾ وڌيڪ
مددگار ثابت ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح اِهو کاري
پاڻيءَ جو راڪاس، ڏکڻ سنڌ جو وڏو دشمن آهي ۽ هر
سال هڪ ٻه ڳوٺ پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻيو تباهه ڪريو ڇڏي.
ڳوٺ شيخ پير قرهيو ڀانڊاري جيڪو ڪڏهن آباد هو، مگر
پوءِ کاري پاڻيءَ جي اثر هيٺ اچي ويو. سن 1942ع ۾
اُهو ڳوٺ تباهه ٿي ويو. سڄو ڳوٺ کاري پاڻيءَ هيٺ
اچي ويو ۽ ماڻهن کي پنهنجو ڳوٺ ڇڏي بدين اچڻو پيو.
هن ڳوٺ وانگر ٻيا ڳوٺ به تباهه ٿيا آهن، هر سال
5-6 ميل انهيءَ کاري پاڻيءَ جي اثر هيٺ اچن ٿا.
ڏاکڻي سنڌ کي انهيءَ آفت کان ڪا حڪومت بچائي ته ٻي
ڳالهه آهي، نه ته کاري جو راڪاس ڏاکڻين زمين کي
کائي ويندو ۽ رڻ ۾ وڌيڪ وسعت اچي ويند ي. وڏي رڻ ۾
صرف آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ پاڻي ايندو آهي، باقي سڄي
سال انهن علاؤالدين جي خندقن [کاهين[ کان سواءِ، کاري پاڻيءَ جو نالو نشان نظر نه ايندو آهي.
انهيءَ وقت اصل شهرن جا ويرانا جيڪي ڪڏهن اُتي
آباد هئا، ڏسڻ وٽان ٿين ٿا ۽ اُهي ماڻهن کي عبرت
ڏيارين ٿا. اُهي ڄڻ خاموش زبان سان چون ٿا:
”اسين به ڪڏهن آباد هئاسون. اسان ۾ هزارين ماڻهو
رهندا هئا. اسان به سنڌ جي جگر جا ٽڪرا آهيون.
اسان ڏانهن به ڌيان ڏيو. اسان تان لپو اُٿلايو ته
اسين پنهنجو شان شوڪت پاڻهي ٻڌائڻ شروع ڪنداسون.
حڪومت گهري ته، اسان کي وري به آباديءَ جي شانائتي
درجي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.“
انهيءَ وڏي رڻ جي پکيڙ وڏي عمر وارن بزرگن هينئن
ٻڌائي آهي:
”هيءَ پکيڙ رڻ جي اصل آبادي ۽ سـَـري (ڪوري خليج)
جي پکيڙ سان گڏ آهي. سري جا اصل رڻ شمار ٿئي ٿي،
سا سراسري پکيڙ ۾ ٻه ميل آهي. باقي سڀ جي سڀ آبادي
اُها آهي، جا اصل سنڌ جي آبادي هئي ۽ هاڻ رڻ جي
آبادي ليکجي ٿي.“
1. قرهيي ڀانڊاري کان 48 ميل
2. شيخاڻي گهاڙيءَ کان 22 ميل
3. ماري کان 35 ميل
4. رحمڪي بازار کان 28 ميل
5. ونگڙ کان 42 ميل
6. ٻلياري کان 48 ميل
7. ونگي کان 32 ميل
8. نبي سر کان 42 ميل
9. ننگرپارڪر کان 40 ميل
انهيءَ لحاظ کان انهيءَ رڻ جي پکيڙ سراسري 39 - 40
ميل آهي. ان مان جي سريءَ وارا ٻه ميل ڪڍيا وڃن ته
رڻ جي سراسري پکيڙ 37 ۽ 38 ميل وڃي رهي ٿي، اهائي
پکيڙ سنڌ جي رڻ جي اصل ڊيگهه آهي جنهن ۾ اڳي ڪيترا
شهر آباد هئا، اِهي سڀ شهر سنڌ جي حڪمرانن ٺهرايا
هئا. انهن شهرن کي پاڻي به اولهه ناري کان، ڍوري
پراڻ کان، پٽيهل درياءَ ٻين ندين ۽ نالن کان ملندو
هو. اسان اِهو ته ڪڏهن به ڪونه ٻڌو ته، وڳهه ڪوٽ،
ڪانجي ڪوٽ، رڙيءَ، وانر پير، راوڙ ۽ ٻين ڏکڻ سنڌ
جي شهرن کي پاڻي ڪو سنڌو درياءَ کان سواءِ ٻئي
هنڌان ملندو هو. اهي شهر سنڌو درياءَ جي ننڍن ننڍن
واهن تي آباد هئا. خود ڪڇ جو اُتريون حصو جنهن کي
”ٻني“ ڪري چوندا آهن، جنهن ۾ اڳي ساريال فصل جي
وڏي آبادي ٿيندي هـُـئي، اُنهيءَ کي پاڻي ڍوري
پراڻ جي ذريعي ڪوريءَ نديءَ کان ملندو هو، جو پوءِ
ڪڇين جي سياسي چالاڪين کي اڳيان رکي ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي بند ڪرائي ڇڏيو ۽ ٻني ساريال جي
آباديءَ کان وانجهجي ويئي. ميان غلام شاهه جي بند
ڏيارڻ ڪري هن رڻ ۾ وڌيڪ وسعت آئي. نه ته اِهو رڻ
اڳي ايترو وسيع ڪونه هو. جنهن کي اڄ وڏو رڻ چيو
وڃي ٿو. اِهو موجوده رڻ اڳي ٻن مکيه ضلعن تي مشتمل
هو، جن مان هڪ ڪڪرالو ۽ ٻيو وڳهه ڪوٽ هو.
هن باب ۾ جن شهرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن مان ڪي
تخت گاهه پئي رهيا ته ڪي جنگي اهميت جي ڪري تاريخي
حيثيت وٺي بيٺا ته ڪي تعميرات ۽ فن جي ڪري مشهور
ٿيا.
شهر:
جنگي اهميت وارا شهر جيڪي اُن وقت رڻ ۾ هئا، ۽
انهن کي فوجي اهميت حاصل هئي، اهڙن شهرن مان 1.
پاتال، 2. وڳهه ڪوٽ، 3. ڪانجي ڪوٽ، 4. مورو (ڪوٽ)،
5. راوڙ، 6. جيور ۽ ٻيا مشهور شهر هئا.
پاتال ۾ سڪندر اعظم تمام گهڻو عرصو رهيو هو ۽ هيفا
اسشن جي رستي هن انهيءَ شهر کي مڪمل فوجي ڇانوڻي
بنايو هو.
*
وڳهه ڪوٽ سومرن جو مشهور تخت
گاهه هو. دودي ۽ چنيسر جي جنگ انهيءَ ڪوٽ ۾ چوٽ
چڙهي ۽ انهيءَ جنگ کان پوءِ وڳهه ڪوٽ جي اهميت
گهٽجي ويئي جو اُتي آبادي گهٽجڻ لڳي ۽ نيٺ اهو شهر
ويران ٿي ويو.
*
ڪانجي ڪوٽ پڻ فوجي مرڪز هو.
ميان نور محمد ڪلهوڙي هن ڪوٽ کي جڏهن بارود سان
اُڏايو هو، تڏهن ايڏو ڌماڪو ٿيو هو، جو سمنڊ ۾ وير
اچي ويئي هئي ۽ اِهو ڌماڪو ملڪن ۾ ٻڌو ويو هو.
*
مورو (ڪوٽ) رڻ جي وچ ۾ فوجي
اهميت جي جاءِ هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي انهيءَ
شهر کي ڇڙواڳ رئيس کان وٺي هٿ ۾ ڪيو ۽ انهيءَ
جڳهه تان پراڻ کي ڳنڍو ڏياريو، جيئن ڪڇ ڏانهن
اجايو پاڻي نه وڃي ۽ سنڌ مـُـلڪ وڌيڪ سرسبز ۽ سائو
رهي.
*
راوڙ ۽ جيور پڻ جنگي اهميت جون
جايون هيون. ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ انهن
شهرن ۾ چڪريون لڳيون هيون. آخر راوڙ جي ڀرسان ئي
راجا ڏاهر ماريو ويو. ٻيءَ طرح سان هينئن کڻي چئجي
ته، عرب سڀ کان پهرين ڪڇ ۾ پهتا جو اڳ آباد ۽ شاد
هو ۽ هينئر ويران ۽ غير آباد آهي.
*
بندر انهيءَ رڻ ۾ ڪڏهن درياءَ
به وهندا هئا، جن جا سٺا بندرگاهه به هئا، جيڪي پڻ
مشهور واپاري شهر هئا. اهڙن شهرن مان پاتال، پاري
نگر، علي بندر ۽ ٻيا مکيه بندر هئا.
*
پاتال سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا ۾
هو. انهيءَ بندر تي عربن جا سامونڊي جهاز اچيو
بيهندا هئا، ۽ سنڌ مان هو مال کڻيو ڏيساورن کي
وڃيو ڏيندا هئا.
*
پاري نگر به قديم سنڌو درياءَ
جي پوڇڙيءَ ۾ موجوده رڻ ۾ پاتال کان اُتر ڏانهن هڪ
سـُـٺو بندر هوندو هو. اُتي واپاري جهاز اچيو لنگر
هڻندا هئا، پاري نگر ۾ جهازن جي بيهڻ لاءِ ٻه تڙ
هوندا هئا جي ”ڏتڙ“ ڪري سڏبا هئا.
*
علي بندر: علي بندر ۽ راوڙ پراڻ واري وهڪري تي
جڏهن سنڌو درياءَ وهندو هو، تڏهن مشهور بندر هئا.
انهن بندرن کان سواءِ ننڍن ننڍن شاخن جا بندر به
ڪافي هئا، جي سنڌو درياءَ جي پاڇاڙ مان نڪرنديون
هيون. اهڙيءَ طرح اِهو موجوده رڻ ڪڏهن دنيا جي
واپار جو مرڪز هو ۽ سڄي سنڌ انهن بندرن ڏانهن
نهاريندي هئي. سنڌي مانجهي آخرين طور انهن تڙن تان
ڌارين مـُـلڪن ڏانهن اسهندا هئا.
گاديءَ وارا شهر:
ڪڇ جي رڻ ۾ ڪي اهڙا به شهر هئا، جيڪي سڄيءَ سنڌ جي
گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيا ۽ ڪڏهن سڄيءَ سنڌ جون اکيون
انهن مرڪزي شهرن ۾ کتل هونديون هيون. اهڙن مرڪزي
شهرن مان راوڙ، وڳهه ڪوٽ ۽ چنيسر ڪوٽ مکيه هئا.
راوڙ شهر گهڻو ڪري راجا ڏاهر جي گاديءَ جو هنڌ
رهيو هو ۽ هن کي ايتري مرڪزي اهميت نه رهي. راجا
ڏاهر هن شهر ۾ اونهاري جا چار مهينا رهندو هو. اُن
وقت سنڌ ڏانهن جيڪا به حڪومت لکپڙهه ڪندي هـُـئي،
تنهن جو جواب راوڙ مان ملندو هو ۽ راوڙ مان ئي ڌار
ڌار حڪومتن ڏانهن خط ۽ سنديش ويندا هئا.
وڳهه ڪوٽ ۽ روپا ماڙي:
وڳهه ڪوٽ ۽ روپا ماڙي سومرن جي آخري حڪمرانيءَ
تائين سندن گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيا. سڄيءَ سنڌ جون
اُميدون انهن شهرن سان وابسته رهيون.
چنيسر ڪوٽ:
چنيسر جي ڏينهن ۾ ”چنيسر ڪوٽ“ سنڌ جي گاديءَ جو
هنڌ هو ۽ اِهو وڳهه ڪوٽ جي ڀرسان هو. اهي اهڙا شهر
هئا، جي سنڌ جا مرڪز ٿي رهيا.
علائقائي گاديءَ وارا شهر:
ڪي اهڙا به شهر هئا، جي علائقائي تخت گاهه رهيا،
جن مان ڪانجي ڪوٽ، گجر ڪوٽ ۽ رڙي مشهور هئا.
ڪانجي ڪوٽ سهتن جي گاديءَ جو هنڌ هو. اُن ۾ سهتا
حاڪم رهندا هئا. اهي سنڌ جي حڪومت سان وابسته هئا.
گجر ڪوٽ، گجر قوم جو تخت گاهه هو. جنهن کي پوءِ
سومرن سنڌ مان ڌڪي راجسٿان ڏانهن موڪليو، اُتي هنن
زور وٺي ”گجرات“ جو پايو وڌو.
رڙي جتن جو مرڪزي شهر هو. جت هڪ سگهارو قبيلو هو.
سنڌ ۾ حڪومتن جي ٺاهه ڊاهه ۾ انهن جو وڏو حصو
رهندو هو. جتن جا مرڪزي قافلا انهيءَ رڙي شهر مان
ٻاهر نڪرندا هئا.
ڪڪرالو سمن ڄامن جي گاديءَ جو هنڌ هو. ڪجهه وقت
شاهه ڪرهه به غلام شاهه جو تخت گاهه ٿي رهيو هو.
اُن وقت سنڌ تي ميان عطر خان جو قبضو هو، انهيءَ
ڪري شاهه ڪرهه کي علائقاتي تخت گاهه جي حيثيت هئي.
مرڪزي شهر:
سياسي، معاشي، تمدني ۽ ادبي جڳهن جا مرڪز سڀ رڻ جا
شهر پئي رهيا، پر انهن مان مٿيان خاص خصوصيت جا
حامل هئا. هيٺيان شهر پڻ اهڙيءَ خصوصيت جا حامل
هئا:
1. پاتال، 2. پاري نگر، 3. ٻلياري، 4. وڳهه ڪوٽ،
5. چنيسر ڪوٽ، 6. ڪانجي ڪوٽ، 7. علي بندر، 8. مورو
(ڪوٽ)، 9. روپاماڙي، 10. گجر ڪوٽ، 11. مانجهي، 12. شاهه ڪرهه، 13. جکار، 14. راوڙ، 15.
جيور، 16. رڙي، 17. ڪوٽڙي، 18. ڪڪرالو، 19. نارو
(ڪوٽ)، 20. ميليو.
هن ڪتاب ۾ انهن شهرن جو ذڪر پڻ انهيءَ ترتيب سان
ڪيو ويو آهي. اها ترتيب قدامت موجب نه پر اوڀر کان
اولهه طرف جي لحاظ کان رکي اٿم.
اوڀر طرف کان جيئن جيئن شهر اولهه طرف وارا ايندا
پئي ويا آهن، تيئن تيئن هنن جو ذڪر آيل آهي.
شهرن جي ڳالهه نڪتي آهي ته، اُتي هيءَ ڳالهه به
ٻڌائڻ ضروري آهي ته، ٻيا به ڪيترا شهر آهن، جن جو
اڃا ذڪر هتي نه ٿيو آهي. ڇوته سڀني شهرن جا حوالا
ملي نه سگهيا آهن. ڪي ڪي شهر ته، مسلسل ايڏا وڏا
آهن، جي هوند موجوده ڪراچيءَ يا حيدرآباد سان ڪلهو
هڻي سگهن ٿا. جيئن روپاماڙيءَ کان ويندي راوڙ
(وانر) تائين هڪ مسلسل شهرن جو سلسلو آهي، انهيءَ
سلسلي ۾ ڪيترا اوڀارا لهوارا شهر به اچي وڃن ٿا،
جن جو ڪو پتو ڪونه آهي، اُهي يا ته ڪي شهر هئا، يا
هڪ شهر جا ڀاڱا هئا. ايڏا مسلسل شهر انهيءَ رڻ ۾
ڏسي تعجب ٿو لڳي ته، قدرت جڏهن چاهي ٿي، تڏهن
آباديءَ کي ويرانيءَ ۾ تبديل ڪريو ڇڏي ۽ ويرانن کي
آباد ڪريو ڇڏي.
انهن سمورين ڳالهين کي اڳيان رکي رڻ جي انهن شهرن
جو ذڪر ڪجي ٿو:
1. پاتال:
اسان کي ڏکڻ سنڌ ۾ پاٽار ۽ پاٽاري نالا عام ملن ٿا. انهيءَ نالي سان وابسته لاڙ جو پاتال بندر
قديم وقت کان مشهور آهي، حضرت سليمان عليه
السلام جي وقت کان پاتال ڏکڻ سنڌ جو مشهور بندر
پئي رهيو آهي. يهودين ۽ حضرت سليمان عليه السلام
جي وقت کان پاتال جو واپار ڏور ڏيهن سان هلندو هو.
پاتال بندر جو جڳ مشهور نالو تڏهن ٿيو، جڏهن سڪندر
اعظم ڊيلٽا ۾ آيو. ڊيلٽا جي هن شهر پاتال
(پاٽالين) ۾ سڪندر اعظم جي هڪ سپهه سالار جنهن جو
نالو هفا اسسشن هو، تنهن هتي بحري مک مرڪز ٺاهڻ
شروع ڪيو.
سڪندر جي ڏينهن ۾ پاتال جو بادشاهه موئيرس سڪندر
جي آڻ مڃي هئي. موئيرس، راجا سامبس جي هٿ هيٺ
حڪومت ڪندو هو. سامبس سمون ڄام هو، سو وطن تان ڪسي
قربان ٿي ويو.
موئيرس سڪندر جو وڏو ساٿي ٿي رهيو. سنڌ جا ڀلا ڍور
۽ هاٿي پاتال کان موئيرس جي معرفت يونان ڏانهن
روانا ٿيا. سڪندر پاتال ۾ رهي لکپت ۽ کنڀات تائين
سمنڊ جو سير ڪيو.
سنڌو ندي يوناني جي اهڃاڻن موجب پاتال کان ٻن شاخن
۾ ٿي وهندي هئي.
هي ڳالهيون اڳ جون آهن، پوءِ ڪن بزرگن پيٽالا
(پاٽالين) جي لاءِ خاص نوٽس ڏنا. جن مان ڪن چيو
ته، پيٽالا موجوده حيدرآباد آهي. ڪن وري مرڳو پير
پٺي کي پيٽالا بنايو. پر حقيقت جي سڀ خلاف رهيا.
پيٽالا يا پاٽالين حقيقت ۾ پاتال يا ”پاٽار“ لفظ
جا منجهيل روپ آهن. اسان جي لاڙ ۾ گهڻين ئي ٻنين
جو نالو ”پاٽار“ آهي. بدين جي اُتر کان پاٽار جو
ڏيهه آهي. مهاڻن جي اوڙڪن مان هڪ اوڙڪ به پاٽاري
(پاٽارجا) سڏبي آهي. پر پاٽال يا پاٽارڪا بدين لڳ
يا جاتيءَ ۾ ڪونه هئي، حقيقتون ۽ خود سڪندر اعظم
جو سفرنامو پاٽار کي اڃا به اوڀر ڏکڻ وٺي وڃي ٿو.
آءٌ هتي ڪجهه اهڙو سڪندر اعظم جو بيان ڏيان ٿو،
جنهن مان اِها ڳالهه وڌيڪ اُڀري بيهندي:
پاتال (پاٽالين) مان جڏهن سڪندر اعظم جو لشڪر
پيادو روانو ٿيو، جنهن سان سڪندر خود به گڏ هو، سو
پهرين ته سنئين ميدان تي پئي آيو، پر پوءِ جلد ئي
هنن کي واريءَ جي دڙن سان واسطو پيو. مٽيءَ جي دڙن
سپاهين کي ڏاڍو تنگ ڪيو. انهن تي چڙهڻ ڏاڍو مشڪل
هو. آخر حالتون ڏسي سڪندر رات جو سفر ڪرڻ شروع ڪيو
۽ ڏينهن جو آرام ڪندو هو. پاڻيءَ جي ذخيرن لاءِ پڻ
هنن کي ڏاڍي تڪليف ٿي. آخر انهن دڙن کان پوءِ
وسندڙ آباديءَ ۾ سڪندر جو لشڪر آيو. اِهو لشڪر
سامونڊي آڙماڙ جي ڪري ڪناري کي پڻ ويجهو هو.
هن بيان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته، پاتال مان نڪرڻ
کان پوءِ سڪندر جو جلد ئي ٿر سان واسطو پيو.
انهيءَ مان ظاهر آهي ته، اهو پاتال بندر پاري نگر
کان ڏکڻ ڏانهن هو.
هيءَ ڳالهه به انهيءَ لاءِ شاهد آهي ته، پاري نگر
کان ڏکڻ ڪڇ جي لڳ ڪوري ندي ۽ ٻي شاخ ڪڇ کان اڀرندي
کنڀات ڏانهن ويندڙ هئي. تنهن ڪري اِهو پاتال بندر
موجوده ڪڇ جي رڻ ننگر پارڪر ۽ اُن جي سامهون
واريءَ ڪڇ جي ڪنهن ايراضيءَ ۾ واقع هو. اِهو مرڪزي
شهر اُن وقت به مشهور ۽ نالي وارو هو. انهيءَ
پاتال کان نڪرندڙ شاخ جا اولهه طرف ويندي هئي، سا
ڪوري ندي سڏبي هئي. انهيءَ ڪري ڪوريءَ نديءَ جي
ڪنن مان ”ڪيناهه“ جو ڪـُـن به لکپت کي سامهون ۽
مشهور آهي، جتي يونانين جا جهاز اچي توائي ٿيا
هئا.
جنهن جو ذڪر لوڪ ڪهاڻين ۾ پڻ ملي ٿو.
سنڌو درياءَ جو قديم وهڪرو به هاڪڙي وارن اهڃاڻن
سان وابسته هو. پاتال بندر هاڪڙي درياءَ جي بند
ٿيڻ سان تباهه ٿيو. هاڪڙي کان اڳ سرسوتي نديءَ وهڻ
بند ڪيو، جنهن تي يونانين هڪ هزار ڦٽل شهر پڻ ڏٺا
هئا، پر اُن جو پيٽ اُن وقت به سفر جي لائق هو.
هاڪڙي جي وهڪري جي اسان کي هيءَ سـُـڌ آهي ته،
اِهو پاري نگر کان ٿي ڪڇ جي ڀرسان اچي ٻن شاخن ۾
تقسيم ٿيندو هو، هڪ شاخ ڪوري ندي واري هئي، جا
لکپت ڏانهن ايندي هئي، ٻي شاخ کنڀات ڏانهن ويندي
هئي، پاتال بندر انهن ٻنهي شاخن جي وچ تي هو يا
ڪنهن پاسي هو، پر اُن مان اِهو ظاهر آهي ته اهو
پاتال بندر موجوده ڪڇ جي رڻ ۾ ڏکڻ اوڀر پاسي هاڪڙي
جي ٻن ڦاٽن وٽ هو، جتان اڳي سنڌو ندي به وهندي
هئي. پاتال بندر جو نالو هاڪڙي سان اٽڪل روءِ
پهرين صديءَ تائين زندهه هو، پوءِ ختم ٿي ويو.
شاهه سائينءَ هاڪڙي جي هاڪ جي پڙاڏي ۾ پاتال جو
پڙاڏو ٻڌو هو ۽ موتين جون ڳالهيون ماڻهن کي ياد
ڏياريون هئائين، تڏهن چيو هئائين ته:
”ويا عميق ڏي، مـُـنهن ڪاٿو ڏيئي،
تن سپون سوجهي ڪڍيو، پاتاران پيهي،
پسندا سيئي،آمـُـل، اکڙين سين.
پاتال جو نالو هندو ڌرمي ڪتابن ۾ به ملي ٿو. سڀ
”پاتال“ کي
”اونهو پاڻي“ جي معنيٰ سان ياد ڪندا آهن، پر
حقيقتاً اونهي پاڻيءَ جي ڀرسان جو بندر هو، سوئي
پاتال بندر هو.
2. پاري نگر
پاري نگر شهر جا ڦٽل کنڊر، ننگرپارڪر کان 14 ميل ۽
وير واهه کان اوڀر طرف ٻه ميل آهن. هن شهر کي
پارسين آباد ڪيو ۽ ”پارسي نگر“ نالو رکيو جو
پوءِ ”پاري نگر“ ٿيو.
هن شهر ۾ پوءِ جين ڌرم وارا ڪافي تعداد ۾ رهندا
هئا، انهن مان ڪيترا مشهور جيني بزرگ پڻ ٿي گذريا
آهن.
هن شهر کي ڪڇ جي اوڀر واري رڻ تباهه ڪيو. هي شهر
4-5 ميلن ۾ هو. جيئن کنڊرن مان ظاهر آهي. وير واهه
جو ڳوٺ پاري نگر ڦٽڻ کان پوءِ ٻڌو. گهڻا پاري نگر
جا رهواسي ويرا واهه ۽ ننگرپارڪر ۾ اچي ويٺا. هن ۾
وڏا وڏا بت پيل هئا، جن مان هڪ وڏو بت ڪاري پٿر جو
اڃا به انهن کنڊرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
عيسوي پهرين صديءَ تائين هن شهر جي مـُـلڪان ملڪ
هاڪ هئي ۽ هي مشهور بندر هو. هن جو تڙ ”ڏوتڙ“ جي
نالي سان مشهور هو. اڳي هتي ناريل به ٿيندا هئا.
هي شهر هاڪڙي جي وهڪري بند ٿيڻ کان پوءِ ڦٽو ۽
اتان انساني آبادي ختم ٿي وئي.
3. ٻلياري
ابن حوقل سن 343هه/943ع ۾ جيڪو سنڌ جو نقشو ڏنو
آهي، اُهو سنڌ جو پراڻي ۾ پراڻو نقشو آهي. اُن مان
هينئن پيو پڌرو ٿئي ته، سنڌو درياءَ اُن وقت
موجوده پراڻ درياءَ هو ۽ ٻلڙي (ٻلياري) کان پوءِ
گهڻو ڏکڻ ٻيٽ ۾ درياءَ جي اڀرندي ڪپ تي منصوره هو.
خير اِهي ڳالهيون اڳ جون آهن، تحقيق طلب آهن،
انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي رڳو ميرن جي وقت، انگريزن جي
چـُـرپر کي بلاري (ٻلياري) ۾ ڏسڻ گهرجي. ليفٽيننٽ
جنرل سرجان ڪين پنهنجي نقشي ۾ بلاري يعني ٻلياريءَ
جو اهڃاڻ ۽ جڳهه ٻڌائي آهي. مانڊوي ۽ ڀڄ کان جيڪو
رستو ونگيءَ ڏانهن ويندو هو، سو بلاري (ٻلياريءَ)
وٽان لنگهندو هو.
واقعي موجوده نقشي ۾ به رحمڪي بازار جي اڀرندي تان
ونگو ۽ پوءِ ٻلياري آهي ۽ اُن کان پوءِ ونگي اچي
ٿي. وڏن جي چوڻ موجب ٻلياري سهڻو ۽ وسندڙ شهر هو.
راءِ ڀرمل کي جڏهن انگريزن تخت تان لاٿو هو، تڏهن
کان جاڙيجن ۽ کوسن فساد شروع ڪيا. آخر هنن ڀُڄ ڏانهن ويندڙ مکيه قلعي بلاري (ٻلياريءَ)
تي قبضو پڻ ڪري ورتو. شايد ماڻڪاڻي ٽالپرن انهيءَ
سان ساٿ ڏنو هو. ڀڄ ڏانهن پوءِ جيڪي واپاري قافلا
ويا ٿي، سي کوسن ۽ جاڙيجن ڦري ختم ٿي ڪيا. انهيءَ
لاءِ انگريزن ٽالپرن کي لکيو، پر ٽالپرن ايترو ساٿ
ڪونه ڏنو. ايترو چيو ته، اسان جي وس ۾ اهي ماڻهو
نه آهن. اِهو اهڙو جواب هو، جهڙو راجا ڏاهر حجاج
کي موڪليو هو. آخر ڪپتان والٽر هڪ دستو فوج جو وٺي
بلاريءَ (ٻلياريءَ) تي ڪاهي آيو.
والٽر صاحب جڏهن جاڙيجن ۽ کوسن جو مقابلو ڪيو ته،
ڏينهن جا تارا نظر آيس. جيتوڻيڪ جاڙيجا ۽ کوسا به
ڳپل کن مري ويا.
ٻيو معرڪو انگريز وڏي فوج وٺي ٻلياريءَ تي شروع
ڪيو. اُن وقت ميرن کي به تاءُ آيو، هنن کوسن ۽
جاڙيجن جي مدد لاءِ لشڪر موڪليو، پر سن 1825ع ۾
بمبئي ۽ کيرا کان انگريزن جو وڏو لشڪر چارلس-
نيپيئر جي اڳواڻيءَ ۾ روانو ٿيو ۽ انهيءَ ڪري
ٽالپر پنهنجو لشڪر واپس وٺي روانا ٿيا. جاڙيجن ۽
کوسن هارايو ۽ اُهي ٻلياري قلعو ڇڏي وڃي رائمل
ٽڪرين ۽ ڪڇ جي رڻ ۾ وڃي لڪا. پوءِ به هو جهيڙو
قائم رکيو آيا، پر ٻلياري قلعو وٽانئن ويو.
هنن ڳالهين مان لڳي ٿو ٻلياري/ ٻلهياري، ٻلڙي (ابن
حوقل واري) ۽ بلازي سڀ هڪ بندر جا ڌار ڌار نالا
آهن. صحيح نالو ٻلياري
Balyaree))
آهي. جا موجوده ڪڇ جي رڻ ۾ آهي، ڪڏهن وڏو قلعو ۽
بندر هو.
لطيف سائين ڪڇ جي سفر دوران ٻليار شهر کي ڏٺو،
جيڪو درياهن جي منهن مٽڻ ڪري برباد ٿي ويو هو.
تڏهن پاڻ چيائين:
جڏهن ڍاڳي ڍور، ٻئي وَهـَـن ٻليار ۾،
تڏهن تازڙين طور، هئو جسوڌن سين.
--
4. وڳهه ڪوٽ
ڏکڻ سنڌ جي ٻين ضلعن مان وڳهه ڪوٽ به هڪ مشهور
ضلعو هو.
وڳهه ڪوٽ جو ٻيو نالو ”وجهه ڪوٽ“ پڻ هو. هي تمام
پراڻو بندر هو. ڍورو پراڻ هن جي ڀرسان وهندو هو،
انهيءَ ڪري اِهو هڪ وڏو بندرگاهه به شمار ٿيندو
هو. هي شهر به هو ته ضلعو پڻ. علاؤ الدين جو
”الابند“
هن کي نزديڪ هو. هن تي ڪجهه وقت سنڌ جي قديم ترين
قبيلو سومرا راڄ ڪندي هـُـئي. سومرا اڄ به ڪڇ ۽
سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا.
ڪـِـن اڻپورين شاهدين موجب هيءَ روايت مشهور آهي
ته، ”هن شهر کي ’وڳهه‘ نالي شخص ٺهرايو هو.“ ۽
چيو وڃي ٿو ته، ”سومرو ۽ وڳهو ٻئي ڀائر هئا.“ هن
قديم شهر لاءِ هي به قياس آهي ته، ”وڳهي اهو شهر
سن 1226ع ۾ جوڙايو.“ اِها ڳالهه هن قديم شهر لاءِ
وسهڻ جهڙي ڪونه آهي. ڇوته، کنڊرات ۽ انهن جي قدامت
وڳهه ڪوٽ کي هزارين سالن کان به مٿي واري عمر ڏين
ٿا. هي شهر ڏيپلي کان ڏکڻ طرف اٺن ميلن جي مفاصلي
تي آهي.
دودو ۽ چنيسر سنڌ جا ٻه سورهيه سپوت هئا، انهن
ڀائرن ۾ لڙائي به
وڳهه ڪوٽ ۾ لڳي هئي.
وڳهه ڪوٽ جون سهڻيون ۽ مضبوط سرون سن 1835ع ڌاري
ڏسڻ وٽان هيون. سن 1745ع ۾ هن جي ويجهو هڪ وڏي
سامونڊي جهاز جو ڍانچو مليو هو، جو گپ ۾ گتو پيو
هو.
هيءُ شهر سن 713هه/1313ع ۾ علاؤ الدين جي جنگ ۾
تباهه ٿيو. رهيل کهيل آبادي ڍورو پراڻ بند ٿيڻ جي
ڪري، ختم ٿي ويئي ۽ اُتي جا رهاڪو لڏي اچي رحمڪي
بازار ۾ رهيا. اهڙي طرح اِهو قديم ترين شهر رڻ جي
وسعت ۾ گـُـم ٿي ويو.
پراڻ کان هاڪڙي تائين وڳهه ڪوٽ جي حاڪم جي حڪومت
هئي.
وڳهه ڪوٽ جي تباهيءَ کان پوءِ اها جڳهه ”ڪانجي
ڪوٽ“ کي ملي.
5. چنيسر ڪوٽ
وڳهه ڪوٽ جي ويجهو ”چنيسر ڪوٽ“ هو، هن شهر جا
کنڊر اڄ به ڏسڻ وٽان آهن. چنيسر سومرن جو تيرهون
حاڪم هو، انهيءَ 18 ورهيه حڪومت ڪئي هـُـئي. سنڌ ۾
ليلا چنيسر جو قصو مشهور آهي. هي شهر سن 1224هه/
1809ع واري زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو. هن شهر جي
ويراني مان گهڻا سڪا ملندا آهن. هونئين چنيسر جي
گاديءَ جو هنڌ ديبل هو، پر سندس تعمير ڪرايل شهر
”چنيسر ڪوٽ“ هو.
6. ڪانجي ڪوٽ
سنڌ جي مشهور شهرن مان ”ڪانجي ڪوٽ“ به هڪ هو. هن
شهر کي وڌيڪ وقعت تڏهن ملي، جڏهن وڳهه ڪوٽ تباهه
ٿي ويو ۽ وڳهه ڪوٽ جي جاءِ تي، هن شهر کي مشهوري
ملي ۽ حڪومت جا فيصلا به هن شهر ۾ ٿيڻ لڳا ته، هي
شهر مشهور ٿيو، هونئن هي شهر به قديم هو، پر تاريخ
۾ مشهور وڳهه ڪوٽ جي تباهيءَ کان پوءِ ٿيو.
هن سان تاريخ هڪ ٻيو به چرچو ڪيو جو هي مـُـلڪان
جڏهن مـُـلڪ ۾ مشهور ٿيو، تڏهن ڪڇ جي رڻ وارو
راڪاس هن جي ويجهو اچي چڪو هو. رڻ اچي هن شهر جو
سلامي ٿيو هو ۽ کارو پاڻي هن شهر کي چوڌاري وڪوڙي
ويو هو.
ڪانجي ڪوٽ جو سردار راجا ڏهسر، سنڌ جي ڇهه آني
ڀريندڙ راجا هو. انهيءَ جي دماغ ۾ هيءَ ڳالهه ويٺي
ته، ”آءٌ آزاد ٿي رهان ۽ پنهنجي خودمختياريءَ ۾
رهي ٻين جي محتاجيءَ کان بچان.“ اِهو سوچي هن جنگ
جو سامان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ بغاوت جي جڙ کي پختو
ڪيو. انهيءَ ڳالهه کي وڏي سگهه تڏهن ملي، جڏهن
ميان نورمحمد ڪلهوڙي کان تاجن منڌرو جنگ ۾ هارائي،
اچي ڪانجي ڪوٽ ۾، راجا ڏهسر وٽ رهيو. راجا کي لکيو
ويو ته، ”تاجن باغي آهي، اُن کي واپس ڪيو وڃي.“
مگر ڏهسر ڪو سٺن لفظن ۾ جواب ڪونه ڏنو. ميان صاحب
کي ڪاوڙ آئي، نتيجو لشڪر ڪشيءَ جي صورت ۾ نڪتو.
لشڪر ڪانجي جي قلعي کي گهيرو ڪري ويٺو ۽ هڪ سرنگ
کوٽي، اُن ۾ بارود وڌو ويو، جڏهن بارود کي باهه
ملي ته، زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ انهيءَ ڌماڪي کان سمنڊ
۾ طوفان اچي ويو. قلعي جي ديوار اُڏامي ويئي. ڏهسر
جي لشڪر کي وڏو نقصان سهڻو پيو. واليءِ ڪانجي
ميدان ۾ آيو ۽ مارجي ويو. اُن جي ڀاءُ ميان
نورمحمد جي سپهه سالار شاهه بهاري کي چيو ته،
”کپي اوترا پئسا وٺ، پر منهنجي جند آزاد ڪر.“ مگر
شاهه بهاري اُٰن کي گرفتار ڪري ورتو. اِها محرم
مهيني ۽ سن1159هه جي ڳالهه آهي. باغ عليءَ خائف هن
قلعي جي فتح جي تاريخ ڪڍي آهي:
هزار وصد وشصت يک بود کم
رقم برسر سال هجر زدم
تاجن منڌرو اُتان ڀڄي هڪ ٻئي قلعي ۾ وڃي لڪو ۽
وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو، پر مسوءَ سپهه سالار مشورو
ڏنس ته، ”تون ميان جي خدمت ۾ هلي پيش پئو“ ۽ پاڻ
ائين ئي ڪيائين. مگر ٻي دفعي جڏهن تاجن سازش ڪئي
ته، اُن جو سر اُڏايو ويو.
لاڙ ۾ سهتا قبيلو قديم وقت کان رهندي پيو اچي،
”ڪانجي ڪوٽ“ به سهتن جو تخت گاهه هو. سهتن مان
راجا ڌارنگ به مشهور هو، جو گهڻو وقت اڳ هن ڪوٽ تي
راڄ ڪندو هو. هينئر سهتن جو راڄ لاڙ ۽ ڪڇ ۾ رهي
ٿو، ڇوته ڪانجي ڪوٽ جي تباهه ٿيڻ ڪري، ڪي گهر ڪڇ ۾
ته، ڪي گهر سنڌ ۾ رهي پيا.
7. علي بندر
علي بندر لاڙ جو مشهور بندر هو. اِهو بندر ڪانجي
ڪوٽ جي ويجهو هو. ميسن صاحب جي تحقيق موجب ”علي
بندر ڪانجي ڪوٽ کان ٽي ڪوهه پري آهي.“
ڏکڻ سنڌ (موجوده ڪڇ جو رڻ) ۾ جيڪي بندر هئا، انهن
مان علي بندر به مکيه هو.
8. مورو (ڪوٽ)
ڪڇ جو راجا سنڌ جي سرزمين روز جو ۾ دخل اندازي ڪرڻ
لڳو هو ۽ اندروني معاملن ۾ شورشون برپا ڪرڻ سندس
ڪم ٿي پيو هو. تنهن ڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هن
کي سزا ڏيڻ مناسب ڄاتو. پاڻ جڏهن ڪڇ ڏانهن ويو ٿي
ته، واٽ تي پراڻ جي ڪنڌيءَ تي مورو قلعو کيس منهن
۾ پيو. اِهو قلعو زبردست هو. ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي انهيءَ تي حملو ڪري ۽ زبردستيءَ اِهو قلعو
غاصبن کان ڦري پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو. اهڙيءَ طرح،
اِهو قلعو اصلوڪي حاڪمن جي حڪومت جي هٿ لڳي ويو
هيءَ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ٻي ڪاهه هئي.
انهيءَ ئي ڪاهه وقت ميان غلام شاهه ڪلهوڙي موري
قلعي وٽ بند ڏياريو ۽ پراڻ جي پاڻيءَ کي روڪ آئي
ته ڪڇ کي زبردست نقصان پيو، پر ائين ڪرڻ سان اسان
جي آبادي به رڻ ڏانهن وڌڻ لڳي. انهيءَ آباديءَ ڄڻ
سن 1178هه/1764ع ڌاري برباديءَ ڏانهن وک وڌائي.
جڏهن غلام شاهه موري وٽ پراڻ درياءَ کي ”الابند“
نالي سان بند، ڏياريو هو.
9. روپا ماڙي
سومرا خاندان اٽڪل ساڍا ٽي سو ورهين (سن
401هه-752هه/1010ع - 1351ع) تائين سنڌ جو حاڪم
رهيو. انهن جا ٻه تخت گاهه هئا، هڪ وڳهه ڪوٽ جيڪو
درياءَ پراڻ جي اوڀر ۾ هو. ٻيو روپا ماڙي جيڪو ريڻ
درياءَ جي اولهه ڪناري تي هو. چنيسر گهڻو ڪري
روپاماڙيءَ ۾ رهندو هو. دودو ۽ چنيسر ٻئي جنگ کان
پوءِ شهيد ٿيڻ تي روپاه ماڙيءَ ۾ ئي مدفن آهن ۽
سندن قبرون اڄ به زيارت گاهه آهن.
هن شهر ۾ هڪ ماڙي اهڙي هوندي هئي، جنهن جو جڙاءُ
روپي سان هو، تنهن ڪري، هن شهر کي ”روپاه ماڙي“
ڪري چوندا هئا.
روپاه ماڙي ۽ وڳهه ڪوٽ جي وچ ۾ مارو آهي. اتي علاؤ
الدين ۽ دودي جي فوج جو تصادم ٿيو هو. انهيءَ ڪوس
۾ هزارها جوان بي گور و ڪفن پيا رهيا. اڄ انهيءَ
جڳهه کي ”مارو“ (مرڻ جو هنڌ) چئبو آهي ۽ هزارين
جوانن جا هڏاوان پڃرا اُتي نظر ايندا آهن.
روپاه ماڙيءَ کان پوءِ هڪ شهرن جو سلسلو شروع ٿئي
ٿو، جو وڃي وانرپير سان ٿو لڳي. ائين سمجهه ۾ ٿو
اچي ته، ڪنهن عالم گير شهريت رکندڙ انجنيئر وڏي
سوچ ۽ سمجهه سان اِهو شهرن جو نقشو تيار ڪيو آهي،
جو اڄ به سندس ڄاڻ جي سڌ پيو ڏئي. ڇوته، شهرن جا
کنڊر ۽ پڊ اِها شاهدي ڀرين ٿا.
ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ روپاه ماڙي جو علائقو ميان دين
محمد ڪلهوڙي کان نواب شاڪر خان مقاطعي تي ورتو هو.
هن علائقي ۾ گهڻا اولياءَ ٿي گذريا آهن، جن مان
پير ورو، سيد مباهو مشهور آهن.
روپاه جو اوج سن 1186هه/1772ع ۾ ختم ٿيڻ شروع ٿيو.
ڇوته، روپاه جو مخدوم محمد امين انهيءَ سال، روپاه
ماڙي ڇڏي وڃي ٺٽي ۾ وڃي رهيو.
10. گجر ڪوٽ
روپاه ماڙيءَ جي ويجهو گجر ڪوٽ هو. اِهو چنيسر ڪوٽ
کان پوءِ ٻيو نمبر مشهور شهر هو. مشهور بزرگ پير
ورو هن شهر جو رهاڪو هو ۽ اتي ئي آرامي آهي.
گجر لاڙ جو هڪ مشهور قبيلو رهيو آهي. هي قبيلو جتن
جو هڪ پاڙو آهي. انهن جا وڏا هن ڪوٽ ۾ رهندا هئا.
11. مانجهي ڪوٽ
هيءُ شهر سومرن جي گاديءَ واري هنڌ روپاه ماڙيءَ
کي ويجهو شهر هو. هن ۾ گهڻو ڪري ملاح رهندا هئا.
هن شهر جا کنڊر موجوده روپاه ماڙيءَ کان ڏکڻ اولهه
طرف ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي جي پنڌ ڪرڻ سان ڏسڻ ۾
ايندا. هن شهر ۾ لاڙ جي مشهور وليءَ پير شيخ قرهيو
ڀانڊاري رحمة الله عليه چلو ڪڍيو هو هتي وڏي عبادت
۽ رياضت ڪئي هئي. هن شهر ۾ مذڪوره شيخ جو خليفو
پير کيرسررحه ابدي آرامي آهي.
12. شيخ پير قرهيو ڀانڊاري (شاهه ڪرهه)
شيخ پير قرهيو ڀانڊاري، پير پٺي الرحمة الله عليه
جي ڏينهن ۾ زندهه هو ۽ جميل شاهه گرناريءَ جيڪو
پاڻ وڏو خليفو ۽ ڀانڊاري (خزانچي) هو. هي شهر اڳي
پڻين جي نالي سان مشهور هو ۽ شيخ صاحب جي آمد کان
پوءِ اُنهيءَ جي نالي سان شيخ قرهيو ڀانڊاريءَ جي
بدران ”شاهه ڪرهه“ جي نالي سان مشهور ٿيو.
جيتوڻيڪ شيخ قرهيو ڀانڊاريءَ سيد هو، تنهن ڪري ٻين
کيس ”شاهه ڪرهه“ سڏيو آهي اها ڳالهه به هن تاريخ
کي ويجهو ئي آهي. هن شهر چڱو موچارو تاريخي دؤر
ڏٺو.
اڪبر اعظم جي نورتنن منجهان امير عبدالرحيم نواب
خان خانان، شاهه بيگ ارغون ۽ ابوالقاسم ارغون جي
هٿان شاهه ڪره کسيو ۽ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ وڌيڪ هن خطي طرف
توجهه ڏنو ويو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي اُتي
پنهنجي حويلي به ٺهرائي ۽ مضبوط قلعو به ٺهرايو.
گڏوگڏ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي شاهه قرهيي جو قبو
عاليشان اڏاوتي نموني تي ٺهرايو. سن 1186هه/1772ع
۾ جڏهن تحفة الڪرام لکيو پئي ويو، اُن وقت جنگي
تصادمن جي ڪري، اِهو شهر پنهنجو اوج وڃائي ويٺو.
پر تڏهن به درگاهه جي لڳولڳ اولهه تان ۽ اوڀر تان
اهڙا آثار موجود آهن ته، هتي ڪڏهن هڪ وڏو ۽ شاندار
شهر آباد هو.
هاڻ هن شهر جا کنڊر وڃي رهيا هئا، سن 1942ع ۾ ته،
صفا سڃ ٿي ويئي. عربي سمنڊ جو کارو پاڻي هتي ڪاهي
آيو ۽ ڳوٺ به برباد ٿي ويا ۽ اتي جا رهواسي لڏي ڀر
پاسي وارن ڳوٺن ۾ وڃي آباد ٿيا. سڀ ماڻهو بدين
ڏانهن لڏي ويا. ”شاهه قرهئي“ جي بستيءَ جي جاءِ
تي هينئر ڪڇ جو رڻ اچي والاري آهي ۽ ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي جو، شاهه ڪرهه جو ٺهرايل قبو به اڌو
اڌ گنبذ وڃائي ويٺو آهي. الله جون قدرتون آهن، هو
چاهي ته ويرانا آباد ٿي سگهن ٿا ۽ هو وير ۾ ڇا جو
ڇا ڪري سگهي ٿو. سندس لطف ۽ ڪرم ۾ اميد کان سواءِ
ڪوبه ٻيو حيلو شاهه قرهيي کي دوباره آباديءَ لائق
بنائي نٿو سگهي.
13. جکار
پير شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ جي درگاهه جي اولهه ڏکڻ
تان، ميل سوا پنڌ کان جکار جي سيم شروع ٿئي ٿي.
اِها جکار سنڌ جي مشهور سخي جکري سمي جي نالي سان
مشهور آهي ۽ انهيءَ جي نالي پٺيان جکار، جکري جي
وسونءَ پڻ سڏجي ٿي.
ڄام جکرو اوڍي ڪيهر جو پٽ هو. سخي جهڙس ٻيو ڪونه
ٿيو. جکار جو شهر، انهيءَ سيم ۾ ڪنهن هنڌ آباد
هوندو هو، جو ڄام جکري ڪيهريءَ جو اڏايل هو.
لاڙ جي سگهڙ الله بچايو شيخ، جکار کي پنهنجي ڪلام
۾ ڳايو آهي:
”جکار ۾ جڳ جو، پرو نڪو پانڌ،
مون چيو ٿي مانڌ، هاڻ اوءِ هلي ويا.“
هينئر جکار ڪڇ جي رڻ ۾ شامل آهي. انهيءَ سڃ کي ڏسي
الله بچائي شيخ بيت چيو هو ته:
سڃي ٿي جکار، وانر وايون رڻ ۾،
الله جي ٻيهار، هت ڪَ ٿيندي وسندي.
جکري ڄام کي، شاهه عبداللطيفرحه پڻ
ڳاتو آهي ۽ هـُـن کي مثالي مرد ڪري پيش ڪيو آهي:
جکرو جس کرو، ٻئا سڀ کريل خان،
مٽي ان مڪان، اصل هئي ايتري.
14. راوڙ
شهر راوڙ جو بنياد سنڌ جي راجا چچ رکيو ۽ انهيءَ
شهر کي تڪميل تي ڏهرسين پڄايو. هي هڪ مضبوط قلعو
هو. راوڙ کان ڪڇ 5-6 ميل ڏکڻ هئي. راوڙ جو قلعو
وڌا واهه جي ڪناري تي هو. جڏهن محمد بن قاسم هي
قلعو فتح ڪيو ته انهيءَ قلعي تي نوبة بن دارس کي
مقرر ڪيو. هـُـو ئي قلعي کي حفاظت ۾ رکڻ جو ذمه
وار هو. اُن جي هٿ ۾ بحري ٻيڙو پڻ هو. هن جنگي
ٻيڙي جو اِهو ڪم هوندو هو ته جيئن ڪابه دشمن جي
ٻيڙي يا جهاز اندر اچي نه سگهي.
”راوڙ“ جنهن جو ٻيو نالو ”وانر“ به آهي. اِهو
پير شيخ قرهئي ڀانڊاري کان 9 - 10 ميل ڏکڻ طرف آهي، جنهن جا کنڊر اڄ به ڏسڻ وٽان آهن، اُتي هڪ تربت آهي، جنهن جا
مجاور ملاح آهن. انهيءَ تربت کي ”وانر پير“ جي
نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. اُتي برسات پوڻ کان
پوءِ ماڻهن کي گهڻو سون ملي ٿو. برسات کان پوءِ
ڪيترا ماڻهو سون ڳولهڻ ويندا آهن.
وانر پير جو ميلو اتي جا ملاح سال بسال لڳارائيندا
آهن. اڳي هي ڏاڍو سٺو ميلو هو، پر هاڻ صرف ڏيهاڙو
ٿيندو آهي. اهو ڏيهاڙو شيخ پير قرهئي ڀانڊاريءَ جي
ميلي کان هڪ ڏينهن اڳ لڳندو آهي.
جيڪي ملاح اِهو ميلو لڳرائيندا آهن، انهن جو چوڻ
آهي ته، ”اسان جو اصل اُهو مسڪن هو، مگر پوءِ
جيئن آبادي گهٽ ٿيندي ويئي، تيئن اسان کي اِهو شهر
ڇڏڻو پيو ۽ اچي درگاهه شيخ پير قرهئيو ڀانڊاريءَ
جي ڀرسان رهياسون، هينئر اها وَسندي به رڻ ۾ اچي
ويئي آهي ته وڃي منٺار منڌري ڳوٺ ۾ رهيا آهيون.
باقي ڏيهاڙي لڳائڻ لاءِ سال بسال ”وانرپير“ تي
ڦيرو ڪندا آهيون.“
ميجر هيگ جو خيال آهي ته، راوڙ اوڀر ناري جي ڪناري
تي هو. راوڙ اهڙو آرام ده هنڌ هو، جتي راجا ڏاهر
گرميءَ جي ڏينهن ۾ اچي پورا ٽي مهينا رهندو هو. هي
وڏو شهر ۽ بندر پڻ به هو.
هڪ ڀانيو اِهو آهي ته، هي اُهو ئي ”راوڙ“ آهي،
جيڪو هينئر ”وانر“ سڏيو وڃي ٿو.
15. جيوَر
جيور ۽ راوڙ ٻئي شهر سنڌو درياءَ جي اوڀر تان هئا
۽ ڪوري نديءَ کي ويجها هئا. محمد بن قاسم جڏهن
سنڌو درياءَ اُڪري راوڙ ۽ جيور جي حدن ۾ پهتو،
تڏهن راجا ڏاهر چيو ته، ”محمد پٽ قاسم جو ڀاڳ زور
آهي جو هو جيوَر تائين پهچي ويو آهي.“ ڏاهر راوڙ
۾ هو. هـُـو محمد بن قاسم کي ڏسڻ لاءِ هڪ هاٿيءَ
تي چڙهي هڪ ڇڇ جي هن پاسي اچي بيٺو جتي هن ڏٺو
ته، ”محمد بن قاسم پنهنجو جنگي خاڪو تيار ڪري
رهيو هو.“ ان ريت ڏاهر به پنهنجو جنگي خاڪو تيار
ڪيو ۽ ڇڇ تي حفاظتي دستو لڳائي ڇڏيو، جيئن دشمن
ناجائز حرڪت نه ڪري سگهي.
مٿيون بيان چچ نامي جو اختصار آهي. انهيءَ مان
اِهو ظاهر آهي ته، راوڙ ۽ جيور ٻه شهر هئا، جن جي
وچ ۾ رڳو هڪ ڇڇ هئي.
هونئن به روپا ماڙيءَ کان ويندي وانر پير تائين،
جيڪو شهرن جو سلسلو آهي، اهي تمام شهر يا ته ڌار
ڌار شهر هئا، جي هڪ جي ڦٽڻ کان پوءِ ٻيا پاڻمرادو
پئي ٺهيا هئا، اڄ به اُهي کنڊر انهن شهرن يا شهر
جا آهن ۽ ڏسڻ وٽان آهن.
16. رڙي
هي شهر سنڌ جو قديم ۽ اصل جتن جو جوڙايل شهر هو،
انهيءَ ۾ رڳو جت رهندا هئا. نالي مان به ظاهر آهي
ته هيءُ شهر ”رڙ“ لفظ سان وابسته آهي. جيئن ته
اٺيون ۽ وڳ جتي گڏ ٿيندو آهي، اُتي گونرن، اُٺين ۽
اُٺن جون رڙيون لازمي طور ٻڌڻ ۾ اينديون آهن، تنهن
ڪري انهيءَ جتن جي شهر جو نالو ”رڙي“ پوڻ لازم
آهي. گهڻو وقت پوءِ جڏهن ڪيهرن ڏکڻ سنڌ جي ڪڪرالي
واري علائقي تي قبضو ڪيو ته، هي شهر ڪيهرن جي هٿ ۾
اچي ويو.
ڪوٽڙيءَ کان رڙيءَ جو شهر 45 ميلن تي آهي. رڙيءَ
کي پنهنجو اوج ختم ڪندي ٽي سؤ ورهيه گذري چڪا آهن.
باقي هيءُ شهر سن1244هه/ 1828ع تائين آباد رهندو
پئي آيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي گمان آهي ته، ”17
صديءَ عيسويءَ ۾، جڏهن ڪڪرالي جي حاڪمن جي حڪومت
ختم ٿي رهي هئي، تڏهن رڙي به ختم ٿي ويئي هئي.“
پر ائين نه آهي، ڇوته سن 1828ع ۾ جڏهن جيمس برنس
رڙيءَ ۾ آيو ته رڙيءَ جو اوج ختم ٿي چڪو هو، تڏهن
به اُن شهر ۾ 500 گهراڻا رهندا هئا. موصوف لکي ٿو
ته، ”رڙيءَ جو شهر، ٻين شهرن کان سٺو آهي. پهرين
ته آباد هو، پر هينئر اُهو اوج ڪونه اٿس. سنڌو
نديءَ کان گهڻو پري آهي. پاڻيءَ جو دارومدار برسات
تي آهي. رڙيءَ جي اولهه ۾ آبادي آهي، مگر اوڀر طرف
ويرانو آهي.“
هينئر اهو شهر رڻ جو هڪ حصو آهي. ڪن دوستن کي هن
شهر ۾ ”راوڙ“ جو گمان ٿو گذري پر ائين نه آهي،
راوڙ ”وانر“ جي جاءِ تي واقع آهي.
17. ڪوٽڙي
هيءُ شهر سنڌ جي ڏکڻ ۾ ڪوري نار جي بلڪل مٿان آهي.
هن جڳهه تي سنڌ ڏانهن ويندڙ ۽ ڪڇ ڏانهن ويندڙ
ماڻهو ٽيڪس ڏيندا هئا ۽ سنڌ حڪومت طرفان هتي محصول
وٺڻ وارا خاندان رهندا هئا. مگر سن 1244هه/1828ع ۾
اُتي مٺو پاڻي نه مليو ته، ٽيڪس اوڳاڙڻ وارا
]سونگي[ ڪوٽڙيءَ کان اتر 18 ميل لاهه نالي جڳهه تي وڃي رهڻ لڳا.
اُتي ڪجهه نه ڪجهه پيئڻ لاءِ پاڻي ملي ويندو هو.
ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ سرحد ڪوري نار واري خليج هئي،
ڏکڻ ۾ ڪڇ ۽ اُتر پاسي سنڌ هـُـئي. سن 1828ع ۾ جيمس
برنس ڪوٽڙيءَ ۾ به آيو هو، پاڻ ڪوٽڙيءَ جو احوال
لکندي چوي ٿو:
”ڪوٽڙي رڳو سنڌ جي پتڻ جو نالو آهي، اُتي نڪو ڪو
گهر آهي، نڪو پتڻ ۽ نڪو بندر. محصول وصول ڪرڻ وارا
شايد پاڻيءَ جي ڪميءَ ڪري هتي نٿا رهن. ڪوٽڙي لکپت
کان چار ميل اُتر ۾ آهي.“
ميرن جي وقت ”ڪوٽڙي“ سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد هـُـئي.
اڳي اِهو هڪ مشهور بندر هو.
18. ڪڪرالو
هيءُ شهر سمن ڄامن جو گاديءَ جو هنڌ هو. اوڍو ۽
ٻڍو جيڪي منائيءَ جا پٽ هئا، مـُـنڍ مـُـنڍ ۾
انهيءَ شهر ۾ رهندا هئا. ڪڪرالو پوءِ ڪڪرالي جي
حاڪمن، ڪيهر سمن جي گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو. ڄام
ڏيوو جيڪو سن 617/1220ع ڌاري هتي حڪمران طور موجود
هو، اُن جو به گاديءَ جو هنڌ اِهوئي ڪڪرالو هو.
ڪڪرالو شهر موجوده رڻ ۾ (رڻ جي اولهه طرف) وڏو شهر
هو. هن شهر پنهنجو اوج ڪڪرالي جي رياست ختم ٿيڻ تي
وڃايو. اڳي اِهو شهر بنهه نالي وارو ۽ هاڪ وارو
هو.
19. ناره قلعو
ناره ڪوٽ يا نارو قلعو جنهن کي بيگ لارنامه واري
صاحب ”قلعه ناره ناره“ ۽ چچ نامي واري مصنف
نارائي جي نالي سان ياد ڪيو آهي، سو ڪڪرالي جو
مشهور قلعو هو.
محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ جڏهن راجا ڏاهر جا ساٿي
راسل ۽ موڪو اچي محمد بن قاسم جا ساٿي ٿيا هئا،
تڏهن هنن کيس صلاح ڏني ته، ”جيئن ته قاجيجاق
(ڳاهي جهاڳ) ۾ راجا ڏاهر رهيل آهي، تڏهن اسان کي
نارائي ۾ هلڻ گهرجي. نارائي کان جيور جو وڌاواهه
ويجهو آهي“
انهيءَ وقت نارائي جنگي نقطي نظر سان هڪ فوجي
اهميت واري جاءِ هو، پوءِ ئي موڪي ۽ راسل محمد بن
قاسم کي اڳتي جيور ڏانهن وڌڻ جي صلاح ڏني. اسان کي
تاريخ ۾ پهريون دفعو نارائي (ڪوٽ) جو نالو چچ نامي
جي وسيلي ملي ٿو. پوءِ گهڻو پوءِ، ناره جو نالو
”ناره ناره“ ملي ٿو. اِهو نالو ارغونن جي ڏينهن
۾ ”بيگ لارنامه“ جي وسيلي اسان تائين پهتو. مون
کي گمان آهي ته، اهو نارائي ”ناره ناره“ هڪ ئي
قلعي (ڪوٽ) جا ڌار ڌار نالا آهن. جي اصل ناٽ
”ناري ڪوٽ“ کي ويجها آهن.
خان زمان ارغون جڏهن ڪڪرالي ڏانهن قصد ڪيو هو.
تڏهن هو پير پٺي جي سفر کان پوءِ اچي ڪڪرالي
علائقي جي نارهه نارهه قلعي ۾ لٿو هو. اهو رتي
سوڍي طرفان ڪڪرالي جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ٿيل هو.
پٺيان خان زمان ارغون پنهنجو پٽ ابوالقاسم ارغون
اتي ڇڏيو ۽ پاڻ ميليه شهر ڏانهن ويو هو.
ناره ناره قلعو ڪيهرن، سمن خواهه ارغونن ۽ ترخانن
جو وڏو پشت پناهه هو. ڇو ته اِهو قلعو مضبوط هو ۽
انهيءَ کي هروڀرو جهڙي تهڙي دشمن جي پرواهه ڪونه
هئي. اِهوئي سبب هو جو رتي سوڍي انهيءَ قلعي کي
گاديءَ جي جاءِ چونڊيو هو.
ابوالقاسم ارغون کي ٻار سمجهي خان زمان جي غير
حاضريءَ ۾ باغين بغاوت ڪري هن تي حملو ڪيو هو، پر
جيئن ته ناره ڪوٽ مضبوط هو، جنهن ڪري هو ابوالقاسم
جو ڪجهه به بگاڙي نٿي سگهيا. تيسين تائين خان زمان
ارغون به پهچي ويو، باغي جيڪي قلعي جي ٻاهران
ڦـِـري رهيا هئا، سي ڀڄي ويا.
ناره جي قلعي جي مضبوطيءَ ۽ پختائيءَ لاءِ مٿيون
ثبوت سند جي حيثيت رکي ٿو.
هڪ اندازو آهي ته اِهو شهر راوڙ جي اولهه يا اولهه
اتر ڪنڊ تي ڪجهه مفاصلي تي واقع هوندو، جيڪو پوءِ
ڪڪرالي جي ٻنيءَ ۾ شامل ٿيو. اڳ اِهو علائقو راوڙ
جي ٻنيءَ ۾ شامل هو ۽ اِهو شهر به راوڙ علائقي جو
هڪ شهر هو.
20. ميليو
ڪڪرالي جي شهرن مان هيءُ به هڪ شهر هو. خان زمان
ارغون انهيءَ ۾ ئي بيٺڪ ڪري اچي ويٺو هو. ميليي
شهر کي اڀن شاهه جو مقبرو ويجهو هو. جيئن ته ڪڪرالي جي حدن ۾ موجوده جاتي ۽ شاهه بندر جي تعلقن
جا به ڪجهه حصا اچي ٿي ويا، جي خدا جي ڪرم سان اڄ
به رڻ ٿيڻ کان بچيل آهن، اهڙن رڻ بڻجن کان بچيل
شهرن مان اهو به هڪ آهي، پر هينئر اِهو زماني جي
بي قدريءَ جي ڪري موجود نه ر هيو آهي.
---------
(3)
آبپاشي نظام
موجوده رڻ، اڳي رڻ ڪونه هو. انهيءَ ۾ سهڻا شهر
آباد هئا، انهيءَ ۾ طاقتور قبيلا رهندا هئا،
انهيءَ ۾ سنڌ جا تخت گاهه هوندا هئا ۽ انهيءَ رڻ ۾
ڪڏهن ايتري حسين آبادي هوندي هئي، جو عشق و محبت
جا داستان اُسرندا هئا.
انهيءَ آباد ٽڪري ۾ پوءِ رڻ ڪاهي آيو، نه ته، اڳي
اُتي زندگيءَ سان ڀريل درياءَ وهندا هئا. اهڙن
دريائن مان هاڪڙو درياءَ ڍورو پراڻ، ساڱرو درياءَ،
پٽيل درياءَ ۽ ڪوري ندي مکيه ۽ وڏا واهه هئا. انهن
دريائن جون شاخون جهڙوڪ وڌا واهه، نيتري واهه،
ڪوتڪه (ڳوڏو) واهه ۽ ٻيون شاخون هونديون هيون،
جيڪي انهيءَ حـصي جي ذري ذري کي آباد رکنديون
هيون، سچ ته هي آهي ته، انهن ندين ۽ نالين ڪري، هن
موجوده رڃ آستان کي گلستان سان تشبيهه ڏبي هـُـئي.
انهن دريائن ۽ واهن ڪري ماڻهو ساوا ستابا رهندا
ايندا هئا، اهي نديون ۽ واهه منهن مٽي ويا ته،
اِهو رڻ به وڌي وڏو ٿي پيو ۽ اڄ اِهو رڻ وسيع
ايراضيءَ کي ويران بنايو ويٺو آهي، جي اهي واه ۽
نديون بي وفائي نه ڪن ها ته اِهو رڻ اڄ به ساڳيو
گلستان ئي هجي ها.
سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ هاڪڙي جي ڀرسان اهڙو هڪ
درياءَ هو، جيڪو سڪي ويو هو ۽ اُن جي آڌار تي
هزارين شهر ويران ٿي ويا هئا. منهنجي خيال ۾ اِهو
درياءَ سرسوتي هوندو، جو هاڪڙي سان گڏ وهندو هو يا
ٻئي ڪٿي ڪٿي ڌار به ٿيو ويندا هئا.
پهرين پهرين سرسوتي سـُـڪي، انهيءَ کان پوءِ هاڪڙو
به انهيءَ ڏک ۾، پاڻ کي وڃائي ويٺو، اِها اٽڪل
روءِ عيسوي پهرين صديءَ جي ڳالهه آهي، سنڌو درياءَ
به هاڪڙي سان ساٿ ڏيندو هو، پوءِ جڏهن سنڌو درياءَ
پنهنجو وهڪرو ڦيرائي پراڻ سان وڃي گڏيو، تڌهن
هاڪڙي جي هاڪ نه رهي ۽ ساڪاري ساليواهن وارا شهر
پاري نگر ۽ پاتال شهر ڦٽي ويا. اسان جي موجوده سنڌ
کي پهرين عيسوي صدي راس نه آئي، اِهائي پهرين صدي
هئي، جنهن ۾ اسان هاڪڙي بند ٿيڻ ڪري، هاڪڙي جي
وهڪري جي جاءِ تي کارو پاڻي آبڪلاڻيءَ موسم ۾ آندو
۽ رڻ کي وسعت ڏني.
هاڪڙي کان پوءِ پراڻ زور ورتو. سنڌو درياءَ به
انهيءَ پنهنجي شاخ سان ساٿ ڏيڻ لڳو ۽ ”ساهو“
درياءَ سڏجڻ لڳو. انهيءَ جي آڌار تي ڪافي گهڻا شهر
آباد ٿيا ۽ انهيءَ کان اڳي به پراڻ وهندي هئي، سو
اڳي به ڪجهه شهر آباد هئا، پر سنڌو درياءَ جي ساٿ
ڏيڻ کان پوءِ پراڻ جو بخت بالا ٿي ويو ۽ پراڻ جو
شاهه شاهوڪاري وهڪرو سڀني لاءِ باعث نعمت بنيو.
انهيءَ ۾ وڏا وڏا واڻ
]واپاري ٻيڙا[
هلندا هئا. انهيءَ جي صدقي سنڌ جو ڏيساورن سان
واپار جاري هوندو هو. هندن جي قديم ڪتابن تي
”پراڻ“ نالو شايد انهيءَ درياءَ جي ياد سان
وابسته هئڻ ڪري پيو. پراڻ جي معنيٰ آهي ”پراڻو“
يا ”جهونو“ هي به سچ پچ جهونو درياءَ هو. سنڌو
درياءَ پنهنجا رخ ڦيرائي گهيرائي وري وري پئي پراڻ
کي نوازيو، تنهن ڪري پراڻ جو اوج ٻين مڙني دريائن
کان اعليٰ ۽ افضل رهيو. عربن جي وقت ۾ به پراڻ
]مهراڻ[ جو وهڪرو قائم هو ۽ زوردار هو. انهيءَ جون ٻيون شاخون
هيون، جن مان ساڱرو شاخ مشهور هئي، جيڪا ولاسي کان
ويندي هئي. محمد بن قاسم پنهنجا هٿيار انهيءَ شاخ
رستي نيرون ڪوٽ
]شايد
حيدرآباد[ موڪليا هئا. سنڌو درياءَ جي قديم پراڻ کان، آخرين وقت ۾
ساهو درياءَ منهن موڙي، پنهنجي پٽيهل کي نوازيو
هو. پر اِها ڳالهه آهستي آهستي ٿي هـُـئي، پوءِ
گهڻو پوءِ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ پراڻ سان گڏ پٽيهل به
پنهنجو اوج وڃائي چڪو هو ۽ سن 1170هه/1757ع ۾ سنڌو
درياءَ پراڻ ۽ پٽيهل ٻنهي کان منهن ڦيري وڃي
موجوده وهڪري واري رخ تان وهڻ لڳو ۽ پوءِ پٽيهل ۽
پراڻ جا رهيل شهر به برباد ٿي ويا. اهو گويا هنن
کي سور ٿيو ته، ساهودرياءَ منهن مٽيو، پٽيهل
۽ پراڻ کي ڇڏيائين، هاڻ اسين
]شهر[
آباد رهي ڇا ڪنداسون؟ انهيءَ کان بهتر آهي ته
ويران ٿي وڃجي ۽ هو مهراڻ درياءَ جي ڏک ۾ پاڻ کي
وڃائي ويٺا ۽ اڄ تائين سواءِ تاريخ جي نوحا خواني
جي ٻيو هـُـت ڪجهه به نه آهي.
انهن وڏن مکيه دريائن کان سواءِ ٻيا به ڪي سنڌو
درياءَ جا ڦيرا گهيرا هوندا ته شڪ ناهي، ڇوته ساهو
درياءَ چريو درياءَ هو، وهڪرو مٽائڻ هن لاءِ
ٻاراڻو کيل هو.
انهن دريائن جا ڪيترائي ڪـُـن به هئا، جي سخت
تڪليف ڏيندڙ هئا، انهن ڪـُـنن مان پراڻ جو ”بڇڙو
ڪـُـن“ ۽ ”ڪوري نديءَ“ جو ”ڪيناهه جو ڪـُـن“
بنهه فنا جي جاءِ هئا. انهن ڪـُـنن مان جيڪو ٻيڙو
ٻاجهه سان لنگهي ويو، تنهن جون سڀ سڻايون ٿينديون
هيون.
”ڪيناهه جو ڪـُـن“ ته بنهه خطرناڪ هوندو هو، ڇو
ته ڪوري ندي، جنهن ۾ سرسوتي ۽ هاڪڙو پوندا هئا،
ٿورو اڳتي اچي انهيءَ سان پراڻ گڏبو هو، اڃا ڪوري
ندي ٿورو الهندي هلندي هئي ته، پٽيهل درياءَ اچيو
سلامي ٿيندو هوس، جيئن ته ڪوري ندي مست ٿيو پيئي
ايندي هئي ۽ پٽيهل درياءَ سمنڊ کان اڳ ساڻس ڇيڙ
ڇاڙ ڪندو هو ته، عشق ۽ حسن جا مقابلا شروع ٿيو
ويندا هئا ۽ پوءِ ڪيناهه (ڪجهه به نه آهي) ۾
گهورون اٿنديون هيون، عشق جي باهه ٻرندي هئي ۽
ائين اِهو ڪـُـن آب فنا (ڪيناهه) سڏبو هو ۽ هن مان
ٻيڙا وري نه سگهندا هئا ۽ غرق ٿيو ويندا هئا، ڪي
ڄاڻو ملاح به مشڪل هن ڪن مان پنهنجي جان ڇڏائيندا
هئا.
انهن دريائن مان ٻيون به ڪيتريون شاخون نڪرنديون
هيون جن ۾ نيتري واهه، وڌا واهه، ڪوتڪه واهه ۽ ٻيا
واهه مشهور هئا. انهن واهن جو ذڪر اسان کي چچ نامي
مان عربن جي ڪاهه وقت ملي ٿو، ڇوته انهن جي ڀر
پاسي ۾ جنگيون لڳيون هيون، انهيءَ ڪري انهن جا
نالا اچي ويا، باقي نه ته ٻيا به واهه هئا، پر
انهن جو نالو گمنام رهيو، ڇوته اُتي ڪي جنگيون نه
لڳيون هيون، مذڪوره واهه راوڙ واري علائقي ۾ هئا.
هڪ واهه جيڪو انگريزن يا ميرن جي ڏينهن ۾ کوٽايل
آهي، تنهن جا آثار بدين کان شروع ٿين ٿا ۽ ڪڇ
ڏانهن وڃن ٿا، چيو وڃي ٿو ته اهو واهه ڪنهن پيءُ
پنهنجي ڌيءُ لاءِ کوٽرايو هو، پر هن کي پاڻي پيئڻ
نصيب ڪونه ٿيو، اُها اڳ ۾ مري ويئي. اهڙا گمنام
واهه ۽ ڪسيون ته بنهه ڪافي آهن، هن تذڪره ۾ جن جو
احوال ملي سگهيو آهي، ڪيو ويو آهي، باقيءَ لاءِ
مجبوري ظاهر ڪريان ٿو، پر انهن واهن مان به ايترو
ته ظاهر ٿئي ٿو ته، اِهو خطو ڪيترو نه آباد ۽ شاد
هو.
هاڪڙو درياءَ:
هاڪڙو درياءَ پنجاب
]اوڀر پنجاب[
کان نڪرندو هو، واٽ تي انهيءَ منجهه سرسوتي ندي به
اچي شامل ٿيندي هئي. اِها سرسوتي ندي ۽ هاڪڙو
درياءَ گڏجي اوڀر ناري جي اوڀر مان ٿي امرڪوٽ کان
لنگهي، ننگرپارڪر کان اڳتي گذري رڻ ڪـڇ واري ڪوري
نديءَ ۾ وڃي پوندو هو. ٿر ۽ بهاولپور ۾ سرسوتي ۽
هاڪڙي جا نشان اڃا به ملن ٿا.
مسٽر رائچند مصنف ”تاريخ ريگستان“ ڪپتان ريڪس
صاحب جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”هاڪڙي ۾ وڏا وڏا جهاز هلندا هئا. پاري نگر اُن
جو وڏو بندر هو. پهرين صدي عيسويءَ ۾ زلزلي سبب
هاڪڙو ختم ٿي ويو.“
جڏهن ته ڪتاب ”سنڌ جو مهراڻ“ جي مهاڳ ۾ محترم
عطا محمد ڀنڀرو صاحب لکي ٿو:
”مانسرور ڍنڍ کان وٺي سنڌ جي حدن تائين سنڌوءَ جا
گهٽ ۾ گهٽ اڻويهه ننڍا وڏا دائمي ۽ وقتي وهڪرا اچي
سنڌوءَ ۾ ملندا هئا، جن مان گهڻا هاڻي سـُـڪي ويا
آهن. جن جو پاڻي وري ايترو گهٽجي ويو آهي، جو
سنڌوءَ تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي استعمال ٿي سڪي
ويندو آهي، يا بنا استعمال جي رڻن پٽن ۾ ختم ٿي
وڃن ٿا. راورٽيءَ هيءُ به خيال ڏيکاريو آهي ته
مهراڻ يا هاڪڙو سنڌوءَ کان به وڏو درياءَ هو، جنهن
جي لٽ پوڻ ڪري ڪڇ واري ڌرتي ٺهي پئي، جتي اڳي سمنڊ
هوندو هو. هو هن درياهه جو هماليا ۽ ان جي وٽ پاسي
سوا ليڪ مان نڪرندڙ نين ۽ ندين جي پاڻيءَ جو پيرو
کڻي، نـَـون ۽ پراڻن وهڪرن جا ڏس پتا ٻڌائيندو،
رڻن پٽن پوٺن پتڻن ۽ لانگهن وٽان لنگهندو اچي
”ڪنڌارا“ ماڳ وٽ پهچي ٿو، جتان موج ڀريو مهراڻ
موجوده سنڌ جي حدن اندر اچي داخل ٿيندو هو.
راورٽيءَ جي بيان مان پتو پوي ٿو ته مهراڻ
”ڪنڌارا“ وٽان ۽ سنڌو ڪشمور وٽان وهندو هو ۽
پوئين درياءَ ڪشمور کان گهڻي وقت کان وٺي منهن
ڪونه مٽيو آهي.“
ڪو دؤر هو جو سنڌ کي دريائن جو ديس سڏيو ويندو هو.
سندس اولاهين پاسي کان وهندڙ سنڌو، سنڌ جا پـَـٽ،
پوٺا، تليون ۽ ترايون پـُـسائيندو، اَن ۽ ڌن
اُپائيندو ڏيهه مان ڏُرت ڏُڪار تڙيندو وڃي سنڌ
واري سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هماليه جبل مان نڪرڻ
کان وٺي سمونڊ تائين سهسين وهڪرا اچي سندس سلامي
ڀريندا هئا، جن مان ڪي ڍنڍون ۽ ڪي درياءَ هوندا
هئا. هن جون مکيه ڀرتي ڪندڙ شاخون جهلم، چناب،
راوي، ڪابل، گومل، بولان، گاج ۽ بارڻ آهن. هنن مان
پويون پنج نديون فقط مينهوڳيءَ جي موسم ۾ وهنديون
آهن. منجهائن
گومل ۽ بولان ۾ جهرڻن جو پاڻي ايترو ته ٿورو هوندو
آهي، جو رستي ۾ استعمال ٿي کپي ويندو آهي. هاڻي به
جڏهن چوماسو چوکو ٿيندو آهي ۽ چار ڪڻيون سجيهه وسي
پونديون آهن، ته سندن بچتو سچتو پاڻي وڌي اچي
سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. گومل جي ڀيٽ ۾ بولان وڏو ۽
دائمي درياءَ هو. هن جي آبي ذريعن واري علائقي ۾
چشما تمام گهڻا هوندا هئا، جن جو پاڻي کڻي ٻارهوئي
پيو سنڌوءَ کي سوايو ڪندو هو. جڏهن چوماسي ۾
پـَـلرَ جي پالوٽ ٿيندي هئي، ته پاڻيءَ جو جهجهو
مقدار کڻي ٻئي ڀريون ٻوڙيندو اچي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ
ڪندو هو. جڏهن هـن جـُـوءِ مان مينهن مـُـنهن
مـَـٽي ويا، ته جهرڻن جا وات به جـَـلُ ڏيڻ کان
بند ٿي ويا. ان ڪري ڪيترائي دائمي درياه ڦري موسمي
ٿي ويا.
”مٿي بيان ڪيل دريائن مان بياس ڪڏهن ستلج ته
ڪڏهن سنڌوءَ کي پئي ڀرتي ڪيو آهي. امير تيمور جڏهن
سن 800هه/1398ع ۾ پير خالص وٽان بياس پار ڪري
دهليءَ تي حملي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو هو، ته رستي ۾
کيس ستلج ندي نظر ڪانه آئي هئي. سندس مؤرخن به هن
درياءَ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت اِبن
بطوطـہ جي سفرنامي ۾ سندس بيان نظر ڪونه ايندو، پر
ان هوندي به کيس اجوڌن ۽ ابوهار جي وچ تي پاڻيءَ
جي ڪا ٻـَـٺِ نظر ڪانه آئي هئي ۽ سندس چوڻ آهي ته
ان جـُـوءِ پاڻي جام هو. ائين ڪونه آهي ته تنهن
زماني ۾ ستلج ندي سڪي وئي هئي، پر ابوهار واري پيٽ
مان وهي رهي هئي ۽ هيٺ وڃي هاڪڙي ۾ ڇوڙ ڪري رهي
هئي.“
”هاڪڙو پاڻيءَ جي تعداد جي لحاظ کان سنڌوءَ کان
گهڻو وڏو درياءَ هو، جنهن جي مکيه ڀرتي ڪندڙ شاخ
ستلج هوندي هئي. جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هن
درياءَ جي ٻي مکيه ڀرتي ڪندڙ شاخ سرسوتي هوندي
هئي، جيڪا ناهون ۽ ساڌوراءِ جي وچ واري ”سوا
ليڪ“ واري جوءِ مان وهي هلندي هئي. وچ تي سندس
سارو پاڻي وارياسي علائقي ۾ گـُـم ٿي ويندو هو ۽
پوءِ گهڻي فاصلي طئي ڪرڻ بعد باره کيرا
(Barah khera) وٽان اچي ظاهر ٿيندو هو. اتان هيءَ ندي اولهه ڏکڻ وارو رخ
اختيار ڪري، پيهوئا، فورس، ماجهرا، تهوانا، بنهور،
ڇني ۽ چتانگ کان اتريون پاسو ڏئي، ڀـُـنير کان ڏکڻ
اوڀر ويهه ميل هيٺ گهگهر سان وڃي سنگم ڪندي هئي.“
سرسوتي کان سواءِ چتانگ به هاڪڙي جي ڀرتي ڪندڙ شاخ
هو، جيڪو ساڌو راءِ جي اُتر کان ”سوا ليڪ“ جي
جابلو علائقي مان وهي ڪرنال کان نـَـو ميل اولهه
ڏئي اولهه- ڏکڻ جو رخ ڪندو هو. ٿورو هيٺ سلطان
فيروز جي کوٽايل واهه جو بچتو پاڻي به اچي ساڻس
ملندو هو. اتان کان جـِـند، رامراءِ جو اولهه ۽
اولهه ڏکڻ ڏيئي بعد ۾ هانسي جو اوڀر پوءِ ڏکڻ ڏئي
بيڪانير جي راڄڌاني ڀادرا کان مـَـٽي روت سر جو
پاسو ڏئي گهڻو اڳتي وڃي هاڪڙي يا واهندا جي ڀرتي
ڪندڙ شاخ گهگهر سان ملندو هو.
گهگهرَ به هاڪڙي جي ڀرتي ڪندڙ هڪ شاخ هئي، جيڪا
ڪهلور جي جابلو علائقي جو پاڻي کڻندي هئي، ڪڏهن
اهو به دائمي درياهه هوندو هو. منجهس تمام گهڻو
پاڻي هوندو هو. پر هاڻي اهو به موسمي وهڪرو بڻجي
ويو آهي. هيءُ درياءَ ان علائقي جي اتر اولهه کان
وهندو هو، جتان سرسوتي ۽ چتانگ جا وهڪرا پاڻي
کڻندا هئا. اهو وهڪرو اتان نڪري بنهـَـور کان
ٿيندو، اولهه- اولهه- ڏکڻ منهن ڪري اُنڀلا پهچندو
هو. بعد ۾ فتح پور، ڀـُـنيري ۽ ڪهرام کان اڳتي
ٿيندو هو ته ان سان ڪونسيلا ۽ پـَـٽيهل نديون اچي
ملنديون
هيون. اگونڊ ۽ سمانا کان پوءِ ڪيتريون ئي
جابلو نيون هن وهڪري سان ملي وينديون هيون. تهوانا
کان هيٺ هن کي گاجي واهه ۽ پنچ ند پڻ سڏيو ويندو
هو. ان کان پوءِ وڌيڪ اولهه ڏکڻ ڏانهن لڙي، ڪئٿل ۽
هونگ - آلا اچي، ڍنڍل ۽ سيرسا کان ٿيندو ڀيراج-
ڪي- ٽٻيءَ وٽ پهچندو هو، ته کيس ”چوا“ جو پاڻي
اچي ملندو هو. پوءِ ڀٽنير جو اتر ڏئي ۽ فتح پور
ڀرسان وڃي هاڪڙي سان ملندو هو ۽ مختلف جاين تي مار
ڪنڊا، تلوهي، سويتي، گمهـَـلا، کانڊ، ڀاڳ نهر،
چـُـوا ۽ موهڙِ ندين جو پاڻي پڻ اچي هن وهڪري ۾
ڇوڙ ڪندو هو. ان کان سواءِ جيسلمير کان پوهه ڪرن
ندي به اچي هن سان ملندي هئي، جيڪا هاڻي سڪي وئي
آهي.
هاڪڙو، ستلج، سرسوتي، چتانگ ۽ گهگهر جو پاڻي کڻي
هيٺ هلندو اچي، بهاولپور جي موجوده علائقي ۾ دوش-
آب جي ماڳ وٽ پهچندو هو، جتي سنڌو اچي هن درياه
سان سنگم ڪندو هو، جنهن ۾ ڪابل، جهلم، چناب، راوي
جو پاڻي شامل هوندو هو.
دوش- آب واري وڏيءَ ڍنڍ مان سنڌوءَ نالي هڪ ننڍو
وهڪرو نڪرندو هو، جيڪو ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور جو پاسو
ڏئي موهن جي دڙي کان ٿيندو وڃي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو
هو. ان جو ڪجهه ٿورو پاڻي ڪشمور کان مٿان سنڌوءَ
مان ڇـڄـي اروڙ وڃي هاڪڙي جي اولاهين شاخ سان
ملندو هو.
مٿي بيان ڪيل دوش- آب وٽان هاڪڙي نالي سان هڪ وڏو
وهڪرو اڳتي وڃي ونجهڙوٽ
]وڃڻوٺ[ لڳ ٻـِـه - دريائيءَ جي شڪل اختيار ڪندو هو. ننڍو ڦاٽ
ونجهڙوٽ جو اولهه ڏئي اروڙ پهچندو هو ۽ اتي سنڌوءَ
جي ننڍي وهڪري سان وڃي ملندو هو.
اروڙ وٽان ٻه وهڪرا ڦٽندا هئا، جن مان هڪ سنڌو
نالي هوندو هو، جيڪو ناروءَ جي ڍوري، ڪوٽ ڏِجي،
ڪوٽڙي ڪبير ۽ هالاڻيءَ کان ٿيندو سنڌ جو وچ ڏئي
برهمڻ آباد ڏانهن رخ ڪندو هو، ٻيو وهڪرو ڏکڻ- ڏکڻ
اوڀر ڏئي وهندو هو، جنهن کي هاڪڙو سڏيو ويندو هو.
ونجهڙوٽ جي اوڀارين دريائي شاخ جو پاڻي سائدي ڳوٺ
وٽ اچي هنن سان گڏبو هو. اهو گڏيل وهڪري ڪلري وٽان
وري ٻه دريائيءَ ۾ ورهائجي ويندو هو، جن مان
اولاهيون سنڌوءَ جو وهڪرو برهمڻ آباد واري وهڪري
سان وڃي ملندو هو ۽ اوڀاريون وهڪرو وڃي پـُـراڻ
واري ڍوري سان ملندو هو.
ائين سنڌ جي موجوده حدن اندر اتر پاسي سنڌوءَ جا
ٻه وهڪرا هئا، هڪ ڪشمور کان هيٺان ته ڪڏهن مٿان،
ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور وارو وهڪرو هو، جنهن کي هاڻي سنڌ
۾ ڍورو سڏيو ويندو آهي. جنهن جهڪر، موئن جي دڙي، ۽
آمريءَ جون ثقافتون ڏنيون. اهو اڳتي وڃي منڇر ڍنڍ
۾ ڇوڙ ڪندو هو، جتي پڻ هن دنيا جي قديم ترين تهذيب
کي سرجيو هو. سنڌوءَ جو ٻيو ڦاٽ ڪشمور کان ڪٿان
نڪرندو هو ۽ سڌو ڏکڻ ڏانهن وڃي اروڙ وٽ پهچندو هو
۽ اتان نڪري هـُـن ناروءَ جي دڙي ۽ ڪوٽ ڏجي جي
تهذيبن کي جنم ڏنو. پوءِ ڪوٽڙي ڪبير ۽ هالاڻيءَ
وٽان لنگهي چانهوءَ جي دڙي جو پاسو ڏئي، ور وڪڙ
وارو پنڌ ڪندو اچي برهمڻ آباد پهچندو هو. سڪندر جي
حملي وقت سنڌوءَ جا اِهي ٻئي وهڪرا قائم هئا. ڇا
ڪاڻ جو جڏهن هن اروڙ پهچي ماهوٽن تي ڪاهيو هو ته
هـُـو خشڪيءَ رستي اوڏاهين وڌيو هو ۽ جنگي ٻيڙن جي
ڪمانڊرن کي حڪم ڪيو هئائين ته اڳتي هلي سندس
انتظار ڪن. اها هڪ پڪي ثابتي آهي ته سنڌوءَ جو
اروڙ وارو وهڪرو موئن جي دڙي ۽ ماهوٽن ڏانهن ايئن
ڪون وهندو هو. جهڙيءَ ريت هاڻي نظر اچي رهيو آهي.
هن ڳالهه مان اِهو به گمان ٿئي ٿو ته سڪندر بياس
جو ڀر ڏئي دوش آب واري ماڳ تائين پهتو هوندو. پوءِ
هاڪڙي جو ڪنارو ڌئي ڪري ونجهروٽ وٽان هاڪڙي جي
اولاهين ڇاڙهه ڏئي اروڙ ڏي آيو هوندو. جيڪڏهن هو
سنڌوءَ جي ڪناري سان سفر ڪري ها ته پوءِ ڪنڌڪوٽ ۽
شڪارپور وارو پاسو ڏئي ٻيڙين وسيلي ماهوٽن جي
ڀرپاسي ۾ پهچي ها. چچ جي زماني ۾ اهو وهڪرو
ڪوٽڙيءَ بدران ديهات وٽان وهندو هو ۽ ٻڌيه ڏانهن
ويندي هو ان ماڳ وٽان سنڌو اُڪريو هو. اهو پراڻو
سـُـڪل پيٽ اڄ به ڏسي سگهجي ٿو. امير تيمور جي
حملي کان ٿورو پوءِ ستلج ندي پنهنجو اصلي وهڪرو
ڇڏي لوهه - وال وٽ بياس سان وڃي ملي، جن جي گڏيل
پاڻيءَ کي هرياري، نيلي ۽ گهلوءَ جو گهارو سڏيو
ويندو هو ۽ اهو هاڪڙي کان ڌار ٿي وهڻ لڳو هو.
اهڙيءَ ريت ستلج ندي هن درياءَ کان هميشه لاءِ ڌار
ٿي وئي. سرسوتي اڳ ۾ ئي سـُـڪي وئي هو. گهگهر ۽
چتانگ ۾ به اهو اڳيون پاڻي ڪونه رهيو هو. ساوڻ جي
چئن ڪڻين تي ٻارهين مهيني کين ڪجهه ساهه پئجي
ويندو هو. اهڙيءَ ريت هوريان هوريان هاڪڙو سـُـڪي
ويو.
سنڌوءَ جو تمام ٿورو پاڻي وڃي اروڙ وٽ هاڪڙي سان
ملندو هو. جنهن وهڪري جو مـُـنهن اروڙ کان موڙيو
ويو هو. سو سنڌوءَ جو نه، پر گهڻو ڪري هاڪڙي جو
هو. جنهنجي ثابتي هيءَ بيت آهي.
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻـَـند اروڙ،
بـِـهه، مڇي، لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.
خواجه خضر واري آستان تي لکيل ڪتبي درگاهه عالي جي
انگن مان 341هه جو سن نڪري ٿو. انهيءَ ڪري پڪ سان
چئي سگهجي ٿو ته انهي سن جي ويجهو درياءَ رُخ
بدلايو هوندو. هيءَ سن محمود غزنوي کان 20 سال
(اڳ) ۽ امير تيمور جي حملي کان پوريون چار صديون
اڳ جو آهي. پنجين صديءَ جي شروعات ۾ محمود غزنوي
جڏهن سومناٿ تي ۽ سنڌ تي حملو ڪيو هو ته ان وقت
بکر جو قلعو موجود ڪونه هو.
ستين صديءَ ۾ جڏهن ناصرالدين قباچه اتر سنڌ جو
حڪمران ٿيو ته بکرجي مضبوط قلعي جو ذڪر ملي ٿو.
اهو قلعو ان وچ واري عرصي ۾ جوڙايو ويو هوندو. سمن
جي حڪمراني وارو دؤر 1334ع کان شروع ٿيو هو. ان
وقت تائين بکر واري وهڪري کي مـُـنهن مٽيندي ڀريا
ٽي سو سال گذري چـُـڪا هئا. ٽي صديون هڪ وڏو عرصو
آهي. اهو انومان ڪري سگهجي ٿو ته هن واقعي جو سما
دؤر واري شاعر تي ايڏو اثر ڪونه ٿيو هوندو، جو
سندس زبان مان اهڙو بيت جـُـڙي نڪري. نظر ائين اچي
ٿو ته سنڌوءَ ۾ گهڻي پاڻي اچڻ ڪري هن پنهنجو ڪنڌ
ڪوٽ وارو مشهور وهڪرو مـَـٽي، پنهنجا ور وڪڙ ڇڏي،
سڌو ڏکڻ اروڙ ڏي وهڻ شروع ڪيو.
سنڌوءَ جي وهڪري جي اها خاصيت رهي آهي، ته جڏهن
مٿي وڪڙ ۾ ڦير گهيرو ڪندو آهي ته هيٺين وڪڙن ۾
گهڻي مٽ سٽ ٿي ويندي آهي. جڏهن هن ڪنڌ ڪوٽ وارو
وڪڙ ڀڃي سڌو رخ اختيار ڪيو ته بکر ڏانهن وڪڙ ڪرڻ
هن لاءِ فطري هو. سنڌوءَ ۾ جيڪي به وڪڙ موجود هئا
يا آهن، سي بندن ٻڌڻ ڪري ڪونه آيا آهن. ڪشمور کان
ڪيٽي بندر تائين سندس هر وڪڙ فطري لڳندو، ويندي
بکر واري وڪڙ
تائين. جيڪڏهن اڄ به سنڌوءَ پيٽ ۾ غير فطري ۽
اڳئين دؤر جهڙو بندُ
ٻڌو ويندو ته ان کي ڊاهي ڇڏيندو ۽ جيڪڏهن منجهانئس
غير فطري واهه به کوٽبو ته ان کي به واري ۽ چيڪو
]چيڪي
مٽي[ وجهي پوري
ڇڏيندو. سنڌ ۾ سنڌوءَ جا ڇڏيل هزارين پراڻا پيٽ
آهن، سي آخر ڪيئن ڇڏي ويو. بيت ۾ اهو واضح ڪونه
آهي ته اهو بند قدرتي اچي ويو هو، جيڪو اڳئين
وهڪري جي مـُـنهن ۾ اڄ به نظر ايندا يا اهو بند
ماڻهن جي ڪوشش جو نتيجو هو. خير اهو ڪيئن به هجي
پر هن سان مٿي ڏنل بيت جو ڪو واسطو ڪونه آهي، ڇوته
ان واقعي کي بيت واري عرصي تائين پوريون ٽي صديون
گذري چڪيون هيون.
درياءَ جي رخ بدلائڻ جو ٻيو واقعو امير تيمور جي
حملي کان ٿورو اڳ پوءِ ٿو ڀانئجي، جڏهن ستلج ٿورو
الهندي ۽ بياس غير فطري طور ٿورو اڀرندي ڏانهن
لاڙو ڪري لوهي - وال وٽ سنگم ڪيو هو. انهن درياهن
جي گڏيل پاڻيءَ کي هيٺ ”گهلوءَ جو گهارو“ سڏيو
ويندو هو، جيڪو امڪان آهي ته هاڪڙي سان ملڻ بدران
سڌو سنڌوءَ سان سنگم ڪندو هوندو هو. ان ڳالهه جو
به امڪان آهي ته چتانگ ۽ گهگهر جو ٿورو ٿـَـڪو
پاڻي هاڪڙي جو قديم پيٽ ڏئي ريڻيءَ وسيلي اچي اروڙ
پهچندو هو. امير تيمور هندوستان تي سن1368ع ۾ حملو
ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ تي سمن جي هڪ مضبوط ۽
آزاد حڪومت قائم هئي. هاڪڙي ۾ پاڻي ٿورو هو، جيڪو
اروڙ کان مٿان الهندي ڏانهن لاڙو ڪري پنهنجي اڳئين
وهڪري جي منهن ۾ واري ۽ چيڪي مٽي اُڇلي اُن کي
پـُـوري سنڌو جي وهڪري سان وڃي ملندو هو.
سن 341هه/952ع واري پهرين دريائي تبديليءَ ڪري سنڌ
جي اوڀرندي حـصي وارا سـُـکيا ستابا علائقا ڀينگ
ٿي ويا هئا، جيڪا سنڌين لاءِ قيامت کان گهٽ ڳالهه
ڪانه هئي. هن سان گڏ سنڌ جو وچون علائقو جيڪو
اروڙ، ڪوٽ ڏجيءَ واري وهڪري سان آباد ٿيندو هو، سو
به غير آباد ٿي ويو، پر پوءِ به ڪجهه پاڻي سن
801هه/1398ع تائين يا ڪجهه اڳ پوءِ واري عرصي
تائين هلندو آيو، جڏهن اهو به بند ٿي ويو، تڏهن
سنڌي شاعر واتان اهو شعر هڪ وهندو هاڪڙو .... نڪتو
ٿو ڀانئجي.
هنن حقيقتن مان اهو به ڀانئجي ٿو ته هاڪڙي يا
مهراڻ جو وهڪرو سڪي ويو ۽ سنڌوءَ جو برهمڻ آباد
وارو وهڪرو الهندي ڏانهن هليو ويو ته پراڻو ڍورو
به سڪي ويو. اهو به نظر اچي ٿو ته عرب دؤر ۾
سنڌوءَ جو وهڪرو نصرپور کان گهڻو پري اوڀر پـُـراڻ
۾ وڃي پوندو هو، جنهن سن 1171هه/1757ع ڌاران
نصرپور کي ڇڏي وڃي حيدرآباد جي ڀر ورتي هئي.
مهراڻ يا هاڪڙي کي سنڌ وارا هاڪڙو، سنڌ ساگر،
سانڪرهه/ سانڱرو ۽ نارو به سڏيندا هئا. موجوده
نارو به اڳوڻي مهراڻ جو پـُـراڻو پيٽ آهي، جنهن ۾
هاڻي سنڌوءَ جو بئراجي پاڻي وهندو آهي. سندس مکيه
ڇوڙ ڪڇ وارو سيرُ ۽ ٻيا ڦاٽ هئا. ڇاڪاڻ ته هيٺ
ٻنهي درياهن جو پاڻي گڏجي ويندو هو.
هندن جي پاڪ ڪتاب ”پراڻ“ ۾ لکيل آهي ته،
”سرسوتي ڪڇ جي رڻ ۾ وڃي ٿي ختم ٿئي.“ اُٰن وقت ڪڇ
جو رڻ ننگر پارڪر کان اوڀر ۽ ڏکڻ طرف هوندو هو ۽
اولهه طرف ۽ ڏکڻ طرف آباديون ۽ شهر هوندا هئا.
عيسوي
پهرين صدي، اُن کان اڳ سنڌ ۽ ڪڇ جي وچان صرف ڪوري
نديءَ جو سـَـنڌو هو نه ته سنڌ ۽ ڪڇ هڪ ئي وطن
هو. رڻ ته هو ئي ڪونه. البت ننگرپارڪر ۽ سنڌڙيءَ
جي اوڀر ڏکڻ ڏانهن اهڙا اثر چٽا هئا. انهيءَ خيال
کي سامهون رکي، ڀارت جي مشهور سياستدانن کي خيال
ٿيو هوندو ته متان انهيءَ ڳالهه کي اڳيان رکي سنڌ
يا پاڪستان وارا رڻ ڪڇ تي قبضو ڪن، تنهنڪري هنن سن
1955ع کان پوءِ رڻ کي ڪڇ جي پکيڙ سان گڏي ڇڏيو.
رتن مڻي رائو ۽ ڀائي لال پٽيل جو خيال آهي ته،
سرسوتي
]هاڪڙو[
ڪنڀات (کنڀات) ۾ اچي ڇوڙ ڪندي هـُـئي جنهن کي ئي
رڻ
]ڪڇ[
چيو ويندو هو.
هاڪڙي درياءَ جي وهڻ بند ٿيڻ کان پوءِ ننگرپارڪر
کان ويندي سنڌڙيءَ تائين آهستي آهستي رڻ جو ڦهلاءُ
ٿيو. مگر اڳتي رڻ پهرين صدي عيسوي کان اڳ وڌي ڪونه
پئي سگهيو. البت ٿورو ٿورو ۽ هوريان هوريان رڻ
وڌندو پئي ويو، مگر انهيءَ رڻ جي اثر کي ختم ڪرڻ
لاءِ ڍورو پراڻ موجود هو.
جڏهن سنڌڙيءَ تائين کارو پاڻي رهڻ لڳو. انهيءَ
کاري پاڻيءَ جو اثر ڪوريءَ نديءَ جي ڇاڙن تي ٿورو
ٿورو پوندو پئي ويو جيڪو ايترو تباهه ڪـندڙ اثر
ڪونه هو. مطلب ته ڪڇ جي رڻ جي ابتدا هاڪڙو بند ٿيڻ
سان ٿي ۽ انهيءَ ئي رڻ پوءِ سنڌ جي ڏاکڻئين حـصي
کي راڪاس بڻجي کاڌو آهي.
گريگوري ايل. پوسيل پنهنجي ڊاڪٽريت جي مقالي ۾
قديم اُڀرندي ناري واري وهڪري کي سنڌو درياءَ جي
آبي نظام جو حصو سمجهي ٿو. جڏهن ته جناب عطا محمد
ڀنڀرو صاحب انهيءَ آبي نظام واري راءِ سان اختلاف
رکندي لکي ٿو:
”اڀرندي ناري کي سنڌ درياءَ جي آبي نظام سان شامل
ڪري نٿو سگهجي. هن وهڪري ۾ ستلج، بياس، سرسوتي،
گهگهر ۽ درشيدوتي جو پاڻي هوندو هو، وڃڻوٺ وٽ، هن
جا ٻه حصا ٿي ويندا هئا، جن مان هڪ وڏو حصو سنڌ
جو اوڀر ڏئي اڳتي وڌندو هو، جڏهن ته ننڍو اولاهيون
وهڪرو اڳتي وڌي سنڌوءَ جي اوڀارئين ننڍي وهڪري سان
گڏجي ويندو هو ۽ اروڙ کان وري پنهنجو الڳ رخ
اختيار ڪندو هو ۽ ساعدي نالي ڳوٺ کان ڏکڻ وڃي
اوڀارئين وڏي وهڪري سان ملندو هو. ڪڇ جو رڻ هن
درياءَ جي لٽ جي پيداوار آهي، هاڪڙي درياءَ جو
سمنڊ ۾ ڇوڙ به سنڌو درياءَ جي ڇوڙ کان مختلف هو،
تنهنڪري هاڪڙي يا اڀرندي ناري کي سنڌ جي آبي نظام
۾ شامل ڪري ڪونه ٿو سگهي.“
ڍورو پراڻ:
سنڌو درياءَ جو قديم وهڪرو ڍورو پراڻ کان هو، پوءِ
اِهو وهڪرو جڏهن ختم ٿيو، تڏهن ڍورو پراڻ اُن جي
شاخ ٿي رهيو. نارو ڍورو ۽ ڍورو پراڻ قديم وقت کان
ڏکڻ سنڌ کي آباد ڪندا پئي رهيا آهن. ڍورو پراڻ جي
ڪنڌين تي ڪيترا شهر آباد هئا، جن مان وڳهه ڪوٽ،
روپاه ماڙي ۽ ٻيا مشهور هئا. انهيءَ مشهور درياءَ
تي ڪيترا الله جا ولي آرامي هوندا هئا، هينئر انهن
بزرگن جا فقط آثار ڏسي سگهجن ٿا، جن مان پير خاڪي،
ابراهيم ناگوراڻي، سيد لال ڇٽو،
تاج کسيلرو، درس مظفر، بابو، ڏاتو ڪاڇيلو، فقير
کٿوريو، حسين فقير، راءِ بائو، بادل فقير، درس
اجن، درس بلاول ۽ ميان شرف الدين ذڪر جوڳا آهن.
تحفة الڪرام جو مصنف مير علي شير قانع انهن بزرگن
جي آرام گاهن تان وڃي ڦيرو ڪيو هو ۽ اهي بزرگ اکين
سان ڏٺا هئائين. آمريءَ جي وڻ
هيٺ ڪنهن بزرگ آرام ڪيو هو، انهيءَ ڏانهن ماڻهن جي
عقيدت هئي، تنهن جو به ذڪر ڪيو هئائين.
ڍورو پراڻ جي هڪ شاخ روپاهه ماڙيءَ وٽان ۽ ٻي شاخ
وڳهه ڪوٽ وٽان ٿي وهندي هـُـئي. اِهو وهڪرو تڏهن
باقاعدي بند ٿي ويو، جڏهن مان غلام شاهه ڪلهوڙي
ڍوري پراڻ کي موڙي بند ڏياريو، تڏهن ڪڇ کي به ڪجهه
به پاڻي نه مليو ۽ پراڻ به ڦٽي ويئي. ڇوته پاڻيءَ
جو وهڪرو بند ٿيو ته، ڍورو ٿر بڻجڻ لڳو ۽ نيٺ ڦٽي
ويو.
ڪوريءَ نديءَ کي پاڻي اڳي ملندو هو هاڪڙي درياءَ
کان، سو ته گهڻو وقت اڳ هاڪڙي بيهڻ ڪري ختم ٿي
ويو هو، پوءِ جيڪو ڍوري پراڻ جو پاڻي به
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ بند ٿيو ته، ڪوري ندي، پاڻيءَ کان وانجهجي
ويئي ۽ انهيءَ جي سهاري تي تڳندڙ سمورا شهر ڦٽي
ويا ۽ ڪڇ جي رڻ کي وڌيڪ وسعت ملي ۽ ڏکڻ سنڌ کي ڪڇ
جي رڻ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏو ميدان مليو.
ساڱرو واهه:
هن واهه (ڦاٽ) لاءِ اسان کي تاريخن جي ڪتابن ۾
هيٺيان حوالا ملن ٿا:
”محمد بن قاسم ديبل فتح ڪرڻ کان پوءِ، منجنيقون
ساڱري جي رستي نيرون ڪوٽ ڏانهن موڪليون، پاڻ سيسم
جي رستي نيرون ڏانهن روانو ٿيو.“
”دهليءَ جي بادشاهه، ساڱري واهه جي الهندي تان
ويندي لاهري بندر تائين ۽ ساڱري درياءَ کان الهندي
وارا ملڪ پڻ اٽڪ تائين نادر شاهه افشار کي ڏنا.“
”درياءَ جو ڦاٽ جو شيخ موسيٰ جي مقام کان اولهه
طرف لاڳيتو وهندو هو، جنهن جي پويان ساڱر واهه
مشهور ٿيو. اُهو ولاسي کي سامهون وهندو هو.“
انهن حوالن کي اڳيان رکي چئي سگهجي ٿو ته، ”اِهو
درياهي ڦاٽ نصرپور جي ڀرسان وهيو اچيو ولاسي
]تعلقي
بدين[
جي اولهه تان گذرندو ۽ پوءِ وڃيو ڪنهن هنڌ ڪوري
نديءَ ۾ ڪرندو هو. منهنجي خيال ۾ اِهو ساڱرو
درياءَ روپاهه ماڙيءَ کان اڀرندي تان وهندو هو ۽
پوءِ اڳتي نامعلوم وهڪري تان وهي وڃي ڪوري نديءَ ۾
ڪرندو هو. والله اعلم بالصواب.
پٽيهل درياء:
ڳالهه مشهور آهي ته پٽيهل درياءَ ۾ سهڻي ٻڏي
مـُـئي، انهيءَ ڳالهه جي مد نظر ڪنهن شاعر پٽيهل
کي پاراتا ڏنا ته،
پٽيل ٿئين شل پوٺو،
تو ۾ مال چري اچي اوٺو.
هي درياءَ ڪوري نديءَ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪندو هو. هن جي
وهڪري مان ظاهر آهي ته هي سنڌو درياءَ جي ڇاڙ هو.
هن جا نشانات ٽنڊو محمد خان جي ڏکڻ ۽ اولهه جي طرف
۽ بدين، سيراڻي، پير شيخ قرهيو ڀانڊاري، وانر
]راوڙ[ جي اولهه طرف ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
اهي نشانات ڪوري خليج ۾ وڃي ختم ٿين ٿا.
سنڌ جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف جنهن وقت سنڌ
گهمي رهيو هو، اُن وقت هي درياءَ ختم ٿيڻ جا آثار
ڏيکاري رهيو هو ۽ اُن ۾ واريءَ جا ڍير لڳا پيا
هئا. شاهه سائين انهيءَ برباديءَ تي ڪافي بيت چيا
آهن.
هن درياءَ جو اوج سمن حاڪمن (
سن752هه-927هه/1351-1524ع) جي ڏينهن ۾ ختم ٿيو.
يعني سن 927هه/1524ع ڌاري هي درياءَ پنهنجو اوج
وڃائي ويٺو هو ۽ شاهه لطيف جي ڏينهن ۾ صفا ختم ٿي
ويو هو. البت سانوڻ جي مند ۾ انهيءَ درياءَ ۾ ڪجهه
نه ڪجهه پاڻي ايندو هو،پر ميرن جي ڏينهن ۾ ته، هي
درياءَ صفا پاڻي وهائڻ جي خاصيت کان خالي ٿي ويو،
هن درياءَ جي آڌار تي جيڪي شهر اڏيل هئا، سي اُجڙي
ويا، جن مان خاص ڪري ڏکڻ سنڌ جي شهرن تي وڏو اثر
پيو. هن جي ڪري جيڪي وڏا شهر تباهه ٿيا، انهن مان
راوڙ
]وانر[
مانجهي، قرهيو ڀانڊاري (شاهه ڪرهه) ۽ ٻيا مکيه
شهر هئا جن جا کنڊرات باقي آهن.
پٽيهل درياءَ جهڙي طرح ڏکڻ سنڌ جي اولهه واري حـصي
خاص ڪري ڪڪرالي ۽ ڌاراجا لاءِ نعمت هو، اهڙي طرح
انهن علائقن لاءِ شامت به بنيو. ڇوته پٽيهل درياءَ
جون گهڻيون ئي ڇاڙون هيون، جي هن مـُـلڪ کي آباد ۽
شاد رکنديون هيون، جن مان وڌا واهه، نيتري واهه مکيه هئا. جن تي جيور ۽ راوڙ (وانر) جهڙا
شهر آباد هئا. انهن ڇاڙن جو پاڻي ڪوريءَ نديءَ ۾
وڃيو ڪرندو هو. جڏهن انهن ڇاڙن ۽ خود پٽيهل درياءَ
۾ پاڻي نه آيو يا انهيءَ پاڻيءَ جو اوج گهٽيو ته،
نتيجو هي نڪتو جو، اُتي هڪ خال پيدا ٿيو، جنهن کي
آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ عربيءَ سمنڊ جو کارو پاڻيءَ ۽
ڪوريءَ نديءَ ۾ عربي سمنڊ کان آيل کاري پاڻيءَ ڀري
ڇڏيندو هو ۽ مـٺـو ملڪ ملير جو هوند برسات جي
پاڻيءَ تي ڪجهه وقت تڳي سگهي ها، سو کاري جي مصيبت
جي ڪري هوريان هوريان ختم ٿي ويو. شهر تباهه ٿي
ويا. ائين آباديءَ جي جڳهه تي آهستي آهستي
ويرانيون هلي آيون، جن مان پهرين راوڙ
]وانر[ پوءِ ٻيا شهر ۽ آخر شاهه ڪرهه
(شيخ ڪرهيو ڀانڊاري) ڦٽي ويو. ائين ڪڇ جي رڻ جي
وسعت ۾ واڌارو آيو.
ڪوري ندي:
قديم جاگرافيءَ جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته، هاڪڙو
دريا ِّ، ڍورو پراڻ ۽ پٽيهل درياءَ پنهنجي شاخن
سميت وڃي ڪوريءَ نديءَ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا ۽ ڪوري ندي
جڏهن ڀرجيو وهندي هئي ته ڪڇ جو اُتريون وڏو حصو
انهيءَ جي پاڻيءَ تي آباد ٿيندو هو، خاص ڪري ٻنيءَ
جي آباديءَ جو دارومدار ته هوندو ئي ڪوريءَ ندي تي
هو.
ڪوري ندي هاڪڙي جي ڇوڙ کان شروع ٿيندي هــُـئي ۽
اولهه طرف وهڻ شروع ڪندي هئي. انهيءَ ۾ ڍورو پراڻ
۽ پٽيهل درياءَ جو پاڻي به اچيو گڏبو هو. اها ندي
اڳتي وڌي لکپت جي ڀرسان عربيءَ سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ
ڪندي هئي. اها ندي سنڌ جي ڏاکڻين حصن ۽ ڪڇ جي
اترين وهڪري کي ظاهر ڪندي هئي، سنڌ ۽ ڪڇ جي به اها
ئي حد ليکبي هئي. ڪوريءَ جي پيٽ جي پکيڙ ڪٿي ميل
سوا ته ڪٿي ٽي يا چار ميل به هوندي هئي.
تاريخي حقيقت آهي ته جڏهن انگريزن ڪڇ کي فتح ڪيو
ته، هنن کي ڪڇين ٻڌايو ته، ”ڪوريءَ نديءَ جي هن
پار سنڌ جو علائقو آهي.“
جيمس برنس کي گمان آهي ته، ساڱرو ئي ”ڪوري ندي“
آهي.
ساڱري جي ڳالهه آئي آهي، ته نادر شاهه کي جيڪو ملڪ
دهليءَ جي مغل بادشاهه کان مليو هو، تنهن جو تفصيل
هن ريت آهي: نادر شاهه کي مغل بادشاهه لکي ڏنو ته:
”آءٌ نادر شاهه کي اٽڪ درياءُ، سنڌو درياءَ ۽
سنڌو درياءَ جي ساڱرو شاخ جيڪا اولهه ۾ آهي، سڄو
ملڪ ڏيان ٿو، انهيءَ جي ساري زمين، ڳوٺ، ڪوٽ، شهر
۽ بندر، اٽڪ درياءَ جي منهن کان ساڱري واهه تائين
جيڪو سمنڊ ۾ ڪري ٿو.“
ڪوري ندي جيڪا ڪڏهن مـُـلڪ کي شاد آباد رکندي آئي،
اُٰهائي ملڪ لاءِ وڏي مصيبت بني. ”ڪوري ندي“
پوءِ ”ڪوري خيلج“ يا ”ڪوري نار“ ٿي مشهور ٿيو.
اَڄ به اِها ڪوري نار جيڪا رحمت جو سبب هئي، سو
زحمت جو ڪڪر بڻجي ڏکڻ سنڌ کي تباهيءَ جا ڏينهن
ڏيکاري رهي آهي.
واهه ۽ ڪسيون
ڏاکڻئين سنڌ جي ڏاکڻئين پاسي عرب دؤر کان ويندي
ميرن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر تائين پاڻيءَ جي پهچ جو سٺو
بندوبست هو. ڇوته ڏکڻ سنڌ (موجوده ڪڇ جو رڻ) ۾
هاڪڙو دريا، پٽيهل درياءَ ۽ پراڻ وڃيو آباديءَ کي
اوج ڏيندا هئا ۽ انهن جون ننڍين ننڍيون شاخون سڄي
ڏاکڻئين سنڌ کي سرسبز ۽ آباد رکنديون آيون پئي،
اِها ڳالهه قديم وقت کان ويندي عربن جي وقت تائين
۽ عربن جي وقت کان ڪلهوڙن جي وقت تائين قائم رهي ۽
ميرن جي وقت ۾ سنڌ جي ڏاکڻئين حـصي کان پاڻيءَ
پاسو ڪيو، نتيجي طور اُتي جا شهر، ڳوٺ ۽ گام تباهه
ٿي ويا. هيٺ وڌا واهه، ڪوتڪه واهه، ۽ نيتري واهه
جو ذڪر ايندو، جي شايد پٽيهل درياءَ جون شاخون
هيون ۽ ڏکڻ سنڌ کي آباد رکيو آيون، اهڙيون ٻيون به
ڪيتريون ئي پراڻ ۽ پٽيهل درياءَ جون شاخون ۽ واه
هئا، جن کان اسين هينئر گهڻي وقت گذرڻ ڪري واقف
ڪونه آهيون. البت اُتي جي دڙن جون کوٽايون ٿين ته
شايد اهي دڙا ئي ڪجهه ٻڌائي سگهن، ڇوته سنڌ جي
تاريخ انهن دڙن ۾ لڪل آهن.
نيطري واهه (نيتري واهه):
”چچ نامي“ جي اشارن موجب ڏکڻ سنڌ
]موجوده
ڪڇ جو رڻ[
۾ واهن جو ڄار وڇايل هو، رڳو راوڙ جي ڀرسان ڪوتڪه
واهه، وڌاواهه ۽ نيتري واهه وهندا هئا. انهيءَ مان
اُتي جي آبادي ۽ زرخيزيءَ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
ايئن به ٿي سگهي ٿو ته سڄي ڏکڻ سنڌ
]ڪڇ
جو رڻ[
۾ اهڙي گنجان آبادي هجي ۽ يقينن هئي، ڇوته موجودهه
رڻ ۾ ڪافي شهرن جا کنڊر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. گنجان
آباديءَ جو پتو واهن جي وهڪري مان به لڳائي سگهجي
ٿو. اهڙن واهن مان نيتري واهه به هڪ هو. هي واهه
ٻيٽ جي قلعي جي ڀرسان وَهيو ٿي. چچ نامي ۾ آهي ته:
”ٻيٽ جي قلعي (راوڙ) کان ٿورو ڀرپرو نيطري
(نيتري) واهه هو، اُتي ئي راسل گرفتار ٿيو هو.“
ڪوتڪه واهه:
محمد بن قاسم جڏهن سنڌ تي ڪاهي آيو هو، اُن وقت،
ڏکڻ سنڌ ۾ هڪ مڪمل آبپاشي نظام موجود هو، ننڍا
ننڍا ڪافي واهه کوٽيل هئا. جي وڏن دريائن مان ڪڍيا
ويا هئا. اهڙن واهن مان ڪوتڪه واهه به هڪ اهم واهه
هو.
ڪوتڪه واهه ٻيٽ جي قلعي کان ٿورو پرڀرو هو. ٻيٽ جو
قلعو شايد راوڙ وارو قلعو هو. ڇوته چچنامه جو
اشارو انهيءَ ڏانهن آهي:
”ٻيٽ جي قلعي جي جئسين ڪوتڪه واهه جي رستي پهچي
اچي حفاظت ڪئي.“
اِهو واهه گمان غالب آهي ته پٽيهل مان نڪرندو هو.
وڌا واهه
؛
چچ نامه ۾ ”وڌا واهه“ لاءِ اشارا موجود آهن:
”راسل محمد بن قاسم کي چيو ته، توکي هڪ منزل مٿي
وڃي جيور ۽ وڌاواهه تي، جو راوڙ جو هڪ ڳوٺ آهي،
ڪئمپ ڪرڻ گهرجي. محمد بن قاسم پوءِ ’وڌا واهه‘ تي
منزل ڪئي.“
”محمد بن قاسم ٻيٽ جي قلعي کان ڪوچ ڪري، وڌا واهه
جي شاخ تي منزل ڪئي، راجا ڏاهر اُن کي ”هڏ باري“
(هڏ واري) ٿي سڏيو.
آخر راجا ڏاهر راوڙ جي قلعي لڳ وڌاواهه لڳ جنگ
ڪندي مارجي ويو.“
هن مان ظاهر آهي ته ”وڌا واهه“ توڙي ”ڪوتڪه
واهه“ تمام وڏا واهه هئا، جن مان جنگي ٻيڙا اچي
وڃي سگهيا ٿي، ڇوته، محمد بن قاسم توڙي جئسين جا
لشڪر هڪ ٻين کي ويجها هئا ۽ ٻئي خطري جي علائقي ۾
هئا، انهن جي
چـُـرپر پنهنجي جنگي ٻيڙي سان گڏ ٿي هوندي.
------------
|