سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ڪڇ جو رڻ

حصو پهريون

صفحو ؛ 6

 

(12)

ڪلهوڙا گهراڻو (سن 1700ع - 1783ع)

مغلن کان پوءِ ڏيهي ڪلهوڙا حڪمران ٿي اُسريا. انهن جو پهريون حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙو هو، جو 1112هه/1700ع ۾ گاديءَ تي ويٺو.* هن کي اورنگ زيب عالمگير ”خدا يار خان“ لقب ڏنو. يار محمد کي چاچڪان ۽ سماواتي پرڳڻا مليا هئا. روپاهه جو علائقو  مقاطعي تي ورتو هئائين. هن 11 ذي القعد 1131هه/14- سيپٽمبر 1719ع تي وفات ڪئي.(1) هن جي حڪومت ۾ روپاهه وارو علائقو اُهو علائقو هو، جو هينئر ڪڇ جي رڻ ۾ شامل آهي.

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو اڀياس آهي:

”ڪلهوڙا نج سنڌي حڪمران هئا، هنن جي هڪ وڏي جو نالو ’چينو‘ هو، جنهن ’جهانگارا‘ ۽ ’باجارا‘ شهر ٻڌايا ۽ هو ستن راڄن جو چڱو مڙس هو. هنن پنهنجو پيري مريديءَ جو اثر تعلق سنڌ جي آڳاٽن سرحدن ديره غازي خان ۽ قلات تائين وڌايو.(2)

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جو وڌيڪ چوڻ آهي ته، جڏهن دولهه دريا خان شهادت ماڻي، ميان آدم شاهه ڪلهوڙو انهيءَ سن ۾ پيدا ٿيو. ڄڻ ته قدرت هڪ سورهيه ڦري سنڌ کي هڪ ٻئي سپوت سان نوازيو. ميان آدم شاهه، ڪلهوڙن مان پهريون شخص هو، جنهن پنهنجو سياسي ۽ روحاني اثر ڪڇ کان وٺي ملتان ۽ قلات تائين پکيڙيو. ميان آدم شاهه ڪلهوڙو سن 927هه/1520ع ۾ ڄائو ۽ سن 1009هه/1608ع ۾ شهيد ٿيو. ڪلهوڙا خاندان بزرگيءَ ۾ ته اڳي ئي مان مرتبي وارو هو، پر مهدي جونپوريءَ جي تحريڪ سان لاڳاپو رکڻ جي ڪري کين وڌيڪ اوج مليو، مهدوي تحريڪ روحاني هئڻ سان گڏ عوام لاءِ معاشي پروگرام به رکندڙ هئي. اجهي، لٽي، اٽي ۽ حاڪمن جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان تحفظ ڏياريندڙ هن تحريڪ ۾ تمام گهڻو عوام شريڪ هو. انهيءَ خاندان جي هڪ ٻئي فرد ميان دائود سن 1030هه/1620ع ڌاري پنهنجي خاندان جي سياسي اثر ۽ جاگير کي تهائين وڌايو. ميان الياس سن 1053هه/1626ع ڌاري وفات ڪئي. ميان شاهل محمد يا ميان شاهه علي سن 1068هه/1657ع پنهنجي سياسي اثر جي ڪري شهيد ڪيو ويو. هن سنڌونديءَ مان وڏا واهه ڪڍائي، زمينون آباد ڪرايون، جنهن تي ماڻهن اچي ڳوٺ ٻڌا. انڪري سندس خاندان جي هاڪ ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي. ان کان پوءِ ميان نصير محمد سنڌ ۾ هڪ وڏي سياسي طاقت ٿي اُڀريو، جنهن کان مغل حڪمران به ڇـِـرڪندا هئا. هو سنڌ جي ڪن ڀاڱن جو مغل دؤر ۾ عملي طرح سان حڪمران بڻجي چڪو هو. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي سومرن ۽ سمن وانگر مڪمل اقتدار حاصل ڪرڻ کان اڳ ڪلهوڙا سن 1092هه/1681ع کان وٺي پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لڳا هئا. ميان نصير محمد کان پوءِ ميان دين محمد ڪلهوڙي اباڻي پيري واري گاديءَ تي ويٺو. سندس اقتدار جو مرڪز ڳاڙهي هو. ميان دين محمد، ڪلهوڙا خاندان جي اقتدار کي وڌيڪ وسعت ڏني. هن کي به مغلن گرفتار ڪرائي ملتان ۾ سن 1111هه/1700ع تي ڦاهي ڏني، جنهن جي شاهدي سندن همعصر سنڌي شاعر ميين شاهه عنات هن ريت ڏني آهي:

ڪڇ، انجارڻ، پارڪر، ڀـُـڄ ڊڄي ڀر ڊاءِ،

ڀيلي بندوقون سين، جڌ جارو جوڙينداءِ،

اوچتا عنات چئــي، ڪڌ پيلاڻي پونداءِ.

مغل اقتدار سان جهيڙيندڙ هن سنڌي خاندان ميان يار محمد ڪلهوڙي جي سربراهيءَ ۾ سن 1112هه/ 1700ع ۾ اتر سنڌ جو مڪمل اقتدار حاصل ڪري ورتو.(1)

ميان نور محمد ڪلهوڙو:

1- محرم 1132هه/14- نومبر 1719ع ۾ ”خدايار خان“جي لقب سان سنڌ جو مالڪ ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ موجود ڪڇ جي رڻ ۽ اُن وقت جي آباديءَ سان وڏو واسطو رهيو. هن جي دؤر ۾ اسان کي ڪڪرالي، ڪانجهي ڪوٽ ۽ ساڱري درياءَ جي نالن وارن مڪانن جو پتو ملي ٿو.

ميان نور محمد سن 1151هه/1736ع ۾ پنهنجي پٽ محمد مرادياب کي ٺٽي جو حڪمران ڪري موڪليو. محمد مرادياب تي ڪڪرالي جو ڄام چڙهائي ڪري آيو. هو بحري آڙماڙ به وٺي آيو. نصرپور ۽ ٺٽي تي هن باغيءَ جو تسلط ٿي ويو هو،پر پوءِ انهيءَ کي محمد مرادياب اهڙي ته سزا ڏني جو رڳو پنهنجي ڪڪرالي ۾ آرام سان ويهي سگهيو ٿي.(2) ڪڪرالي جي واليءَ جي بغاوت هلندي آئي ته سن 1157هه/1744ع ۾ شيخ شڪر الله اُن کي سامهون ٿيو. شيخ شڪر الله ڄام هوٿيءَ کي گاديءَ تان لاهي پنهنجي پٽ مهڙ کي ويهاريو اهڙيءَ طرح ڪڪرالي جي باغيءَ کي هٿ هيٺ ڪيو ويو.(3)

ڪانجي ڪوٽ، سنڌ جي حاڪمن جي ذاتي ڪمزورين ڪري ڪڇي باغين جو اڏو بنجي ويو هو. ان صورتحال جي ڪري اُتي جا ڏوهاري ماڻهو بدين ڌاري اچيو ڦر ڪندا هئا.(1) تاجن منڌرو، مانڌر مان هارائي وڃي ڪانجي ڪوٽ ۾ لڪو. ميان نور محمد ڪانجيءَ جي حاڪم کي سمجهايو ته، ”تنهنجي هلت باغين جهڙي ٿيڻ نه گهرجي.“ مگر هن جواب ڏنو. لاچار ميان قلعي تي ڪاهي ويو. قلعي کي ڪيرايو ويو. ڏيسر مارجي ويو. ڪانجيءَ جو والي گرفتار ٿيو. اِها ڪاهه سن 1159هه/ 1746ع ۾ ٿي. اهڙي طرح ڪانجي ڪوٽ مان بغاوت جي بــُـو ختم ٿي.(2)

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ نادر شاهه دهليءَ تي ڪاهي ويو. دهليءَ جي بادشاهه ساڱري واهه کان اُلهندي لاهري بندر تائين ۽ ساڱري درياءَ کان الهندي وارا سمورا ملڪ اٽڪ تائين نادر شاهه کي ڏنا. اهڙيءَ طرح ڏکڻ سنڌ جو اولهه وارو حصو سن 1160هه/1747ع ۾ نادر شاهه جي حڪومت هيٺ اچي ويو. جنهن ڪري ميان  نور محمد ڪلهوڙو به نادر شاهه جو نائب ٿي رهيو.(3) نيٺ اٺن سالن کان پوءِ 1160هه/ 1747ع ۾ نادر شاهه جي موت کان پوءِ سنڌ پاڻمرادو خودمختيار ٿي وئي، 5 سالن کان پوءِ افغانستان جي ابدالي حڪومت کي ميان صاحب 1165هه/1752ع خراج ڏيڻو ڪيو ميان نورمحمد جيسلمير ۾ 12- صفر 1167هه/ 7- ڊسمبر 1753ع ۾ گذاري ويو.

ڊاڪٽر محمد لاکو ”ڪلهوڙا دؤر حڪومت“ ۾ ڪلهوڙا حاڪمن جي دؤرن جو وچور ڏيندي لکي ٿو ته:(4)

ميان محمد مرادياب خان:

ميان نور محمد سن 1167هه/1753ع ۾ ميان نور محمد جي گادي سندس پٽ مرادياب ويٺو. هن اُٿندي شرط ڪڪرالي جي ڄام جو شان شوڪت ڀڃي ڪوڏاريهه کان ديري ڏانهن، هن کي ڀڄائي ڪڍيو. مرادياب اوچ، لنجاري، ميران ۽ ڪجور (ڪرهيو) هٿ ڪيو. مرادياب ڪرهيي (ڪجي) ۾ ڇانوڻي جوڙائي ۽ محڪم قلعو پڻ ٺهرايائين.(1) 13- ذوالحج 1170هه/29- آگسٽ 1757ع تي کيس اقتدار تان لاٿو ويو.

ميان محمد عطر خان:

سن 1170هه/1757ع ۾ ميان محمد مرادياب جي وفات کان پوءِ هي سنڌ جو والي ٿيو. ميان غلام شاهه هن جي احترام مان ٿر ڏانهن هليو ويو. آخر ميان محمد عطر خان کان ميان غلام شاهه سڄي سنڌ وٺي قبضي ۾ ڪئي.

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جي تحقيق مطابق ميان عطر خان ٽي ڀيرا اقتدار ماڻيو.

ميان محمد عطر خان ڪلهوڙو:

پهريون ڀيرو:

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي پهرين اقتدار واري دؤر جي پڄاڻي 25 صفر 1170هه/ 19- نومبر 1757ع تي ٿي. ميان محمد عطر خان، افغان دربار کان حڪومت جو پروانو کڻي پهتو ۽ سنڌ جو حڪمران بڻجي ويو. ميان غلام شاهه ٿر کان ٿيندو اڌيپور هليو ويو، جتان هو بهاولپور پهتو ۽ وڏي بندوبست سان سنڌ پهچي ميان محمد عطر خان جي ڇهن مهينن واري حڪومت کي ختم ڪيائين.

ٻيون ڀيرو:

ربيع الثاني 1172هه/ 2 ڊسمبر 1758ع ۾ ميان محمد  عطر خان حڪومت جو ٻيو دؤر شروع ٿي ويو. انهيءَ دؤر ۾ افغان عملدار سنڌ ۾ ڦرلٽ ۾ لڳي ويا.

ٽيون ڀيرو:

ربيع الثاني 1172هه/2 ڊسمبر 1758ع ۾ چاچڪن ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي پٽن ۾ ٺاهه ٿيو ۽ سنڌ حڪومت جا ٽي حصا ڪيا ويا. ميان غلام، شاهه ڳڙهه هليو ويو، ميان احمد يار خان افغان دربار ۾ يرغمال ٻانهن طور وڃي رهيو، جڏهن ته ميان محمد عطر خان ٽيهر حڪومت ڪرڻ لڳو(1).

ميان غلام شاهه ڪلهوڙو:

ميان غلام شاهه سن 1170هه/1756ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو، پر ڀاڻس جون فسادي ڪاروايون ڏسي ٿر ۽ پوءِ بهاولپور هليو ويو. اڌيپور ۾ هن ڳچ وقت ويهي سنڌ جون حالتون ڏٺيون. سن 1172هه/1758ع ۾ غلام شاهه ڪجي ۾ اچي آرامي ٿيو.

ڪجي تي هن شاهه ڪرهه نالو رکيو. آخر راڄ جي فيصلي موجب نصرپور کان شاهه ڪجي وارو مـُـلڪ  ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي مليو. اُن وقت ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي گاديءَ جو هنڌ شاهه ڪرهه رهيو. ميان محمد عطر خان سان جنگ جي وقت شاهه ڪرهه ۾ ميان محمد سرفراز سنڀال ڪري رهيو هو.(2)

شاهه ڪرهه ۾ رهڻ وقت ڪڪرالي جي ڄام ساڻس بي واجبي هلت هلي هـُـئي. اُن ڪري محمد صديق، ميان غلام شاهه جي سپهه سالار ڪڪرالي جي ڄام جي سٺي خبر ورتي. ڏيسر، ڪڪرالو ڏيئي جان بچائي ڪڇ ڀڄي ويو ۽ هر دؤرجي، جيڪو ڏيسر جو پٽ هو. سو غلام شاهه وٽ وفادار ٿي رهڻ لڳو ۽ حڪومت اُن جي حوالي ڪئي ويئي.(3)

سيٺ پونجي جي 65 فردن کي ڪڇ جي راجا مارائي ڇڏيو ته، هو اِهو وير وٺڻ لاءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ دانهين ٿي آيو. ميان غلام شاهه ساڻس همدردي ڪئي ته ستر هزار لشڪر وٺي سيٺ پونجي سان روانو  ٿيو. سيٺ پونجي جي صلاح سان موري قلعي وٽ پراڻ کي ٻنڌ ڏني ويئي.(1) جهاري جبل جي لڙائيءَ ۾ پهرين ڏينهن جنگ ۾ رڳو ڏهه هزار ڪڇي سپاهي ڪسي ويا. ڪڇي لشڪر جي اڳواڻي ڏيسل ويڻ ڪڇي ڪري رهيو هو ۽ سنڌي فوج جو اڳواڻ مير بهرام خان هو. اُن کان پوءِ ميان غلام شاهه سنڌڙي ۽ لکپت قبضي ۾ ڪري موٽي آيو. ميان غلام شاهه جي موٽڻ جو وڏو سبب راءِ جي نياز و نوڙت جو نمونو هو ۽ سيٺ پونجيءَ کي به راجا پنهنجو ڪيو، پوءِ زهر ڏيئي ماريائينس. ٿورو وقت ترسي سن 1184هه/1770ع ۾ ايسوجيءَ جي سوٽ غلام شاهه کي رضا خوشيءَ سان ڪڇ جي راجائي ڏني، اُن ۾ ڏاڍا تڪلف ڪم آندا ويا. بهرصورت ميان غلام شاهه جي وقت ۾ سڄو ڪڇ سنڌ جي حڪمراني هيٺ اچي ويو. سڱ ملڻ کان پوءِ غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌڙي ۽ لکپت راجا کي واپس ڪيا. باقي ٻيو ڪو ٽڪرو راجا جو سنڌ حڪومت ۾ ڪونه هو، جو کيس ڏجي. مورو قلعو ته هونئن به سنڌ حڪومت ۾ هو، جو آخر تائين پوءِ سنڌ حڪومت ۾ شامل رهيو.(2)

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب پنهنجي ڪتاب ’ڪلهوڙا دؤر حڪومت‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي چار ڀيرا اقتدار ماڻيو:

1- پهريون ڀيرو:

تاريخ 13- ذي الحج 1170هه/29 آگسٽ 1757ع تي صبح جو ميان غلام شاهه ڪلهوڙو اقتدار تي ويٺو ۽ 25 صفر 1171هه/ 8 نومبر 1757ع تي اقتدار ڇڏي ٿر ڏانهن هليو.

2- ٻيو ڀيرو:

تاريخ 1 شوال 1171هه/8 جون 1758ع عيد جي ڏينهن اقتدار ماڻيائين ۽ اتان سڌو تازو فوت ٿي ويل پنهنجي ويڳي ڀاءُ محمد مرادياب جي پونئيرن سان وڃي تعزيت ڪيائين. سن 1172هه/1758ع ۾ هيڪر وري افغان حڪمران احمد شاهه ابدالي جي ميان عطر خان جي نالي پروانو جاري ڪرڻ تي پاڻ ربيع الثاني 1172هه/ ڊسمبر 1758ع ۾ اقتدار ڇڏي ويو.

3- ٽيون ڀيرو:

ميان عطر خان جي حڪومت انتظام صحيح طرح سنڀالي نه سگهڻ جي ڪري ميان غلام شاهه رمضان 1172هه/اپريل 1759ع تي شاهه ڳڙهه مان نڪتو. هن اڳتي وڌي عيد جي ڏينهن تي سڄي سنڌ جي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.

4- چوٿون ڀيرو:

ميان غلام شاهه کي چوٿون ڀيرو سنڌ جي اقتدار سنڀالڻ جو موقعو
1 شوال 1172هه/28 مئي 1759ع تي مليو، اهو دؤر چوڏهن سالن تائين هليو.

ميان غلام شاهه جو اهو دؤر سياسي شورش جو دؤر هو(1).

محترم ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، تاريخ ڪلهوڙا ۾ لکي ٿو:

“ڪڇ ۽ سنڌ پاڙيسري ملڪ آهن. جداجدا وقتن تي ٻنهي رياستن ۾، لاڳاپن جو مختلف رجحان ڏٺو ويو آهي(1) . ميان غلام شاهه جي دؤر ۾ حالتون نهايت خراب ٿي ويون ۽ معاملو وڃي جنگ و جدل تي پهتو. همعصر مؤرخ
مير علي شير قانع لکيو آهي ته ميان غلام شاهه 9 ربيع الثاني 1176هه/
28- آڪٽوبر 1762ع تي، ڪڇي ڪافرن کي سڌو ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. رستي ۾ ”سنڌڙي“ [سـُـندري] جو قلعو فتح ٿيو. جهاري، جبل جي جنگ ۾ ڇهه هزار ڪڇي قتل ٿيا. سنڌي لشڪر بستا بندر ۽ لکپت بندر کي به فتح ڪيو. جڏهن ڀـُـڄ کان ٻارهن ڪوهن تي پهتا ته ڪڇ جي حاڪم پاران صلح جو پيغام پهتو. ميان غلام شاهه سرخرو ٿي 2 رجب 1176هه/17- جنوري 1763ع تي شاهپور پهچي ويو(2).

هي لڙائي ڇو ٿي؟ مير علي شير ان جو سبب نه لکيو آهي. انگريز ليکڪن هن لڙائيءَ جي پسمنظر تي روشني وڌي آهي. راءُ ڏيسل سن 1132هه/1719ع ۾ ڪڇ جو حڪمران ٿيو ته هن سنڌ جي سرحدن تي چونڪيون قائم ڪيون ۽  پاڙيسري رياستن جي معاملن ۾ دخل ڏنو. ڏيسل سن 1158هه/1745ع ۾ فوت ٿيو ۽ هن جو پٽ راءِ لاکو حاڪم ٿيو. هي نهايت سخت گير ۽ ظالم انسان هو. لاکي پنهنجي والد جي وزير ديوڪرن کي قتل ڪرايو. ديوڪرن جو پٽ سيٺ پونجا وزير ٿيو. لاکو هن سان به چڱيءَ ريت هلي نه سگهيو. سيٺ پونجي، ديوان گدومل جي معرفت ميان غلام شاهه تائين رسائي حاصل ڪري ورتي. حالانڪه ڪڇي حاڪمن جي روش اڳ ئي ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ورتي هئي، تڏهن به ٻنهي ملڪن ۾ جنگ جو فوري سبب سيٺ پونجا جو سنڌ ۾ اچڻ بنيو هو(3).*

جيمس برنس، ميرن جي درٻار ۾ رهيو هو. پاڻ ڪڇ ۾ ڳچ وقت ملازمت به ڪري چڪو هو، سو لکي ٿو ته راءِ ڏيسل کان پوءِ ڪڇ ۾ لڪاجي راءِ بنيو. ان بعد راءِ گوري ٿيو، لڪاجي راءِ، سيٺ پونجا کي قتل ڪرڻ چاهيو ٿي، پر سيٺ پونجو ڀڄي اچي سنڌ ۾ پهتو. پونجا کان پوءِ جيونسنگهه وزير مقرر ٿيو. هي ڳالهه به سيٺ پونجا کي پسند نه آئي. هن پسمنظر ۾ سنڌ ۽ ڪڇ ۾ جنگ ٿي. سنڌي لشڪر ڪڇ کي فتح ڪرڻ وارو هو. پر سيٺ پونجا وچ ۾ پئي ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪرايو(1) .

صلح جي شرطن ۾ طئه ٿيو ته راءِ جي ڀيڻ سان ميان غلام شاهه جي شادي ٿيندي. لکپت ۽ بستابندر سنڌ جي قبضي ۾ رهندا. سيٺ پونجا کي ڪڇ جو ٻيهر وزير بنايو ويندو(2) .

برنس لکي ٿو ته ميان غلام شاهه واپس ٿيندي لکپت ۾ پنج هزار فوجي ڇڏي (مقرر) آيو. لکپت ان دؤر ۾ رواجي  ڳوٺ هو. سنڌو درياءَ جي اوڀارين شاخ لکپت جي ڀرسان وهندي هئي. ميان غلام شاهه ان کي بند ڏياريو جنهن سبب پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ بند ٿي ويو. ان سبب هڪ زرخيز علائقو ڪلراٺو ٿي ويو. هتان سارين جي پيدائش مان ڀـُـڄ سرڪار کي ساليانو اٺ لک ڪوڙين جي اُپت ٿيندي هئي(3) . ميان صاحب ڪامياب ٿي 2 رجب 1176هه/17- جنوري 1763ع تي پنهنجي تختگاهه ”شاهپور“ ڏي واپس موٽي آيو.

افغان درٻار هن حاصلات تي خوش ٿي، ميان صاحب جي نالي مبارڪ باد جا ٻه پروانا جاري ڪيا. هڪ پروانو 20 ربيع الثاني 1177هه/28- آڪٽوبر 1763ع تي، ۽ ٻيو پروانو 1 جمادي الاول 1177هه/7- نومبر 1763ع تي جاري ڪيو ويو(1) .

ستت پوءِ ڪڇ تي ٻي ڪاهه ڪئي وئي. جمادي الاول 1178هه/آڪٽوبر 1764ع ۾ ڪڇي لشڪر سنڌ تي حملو ڪيو(2) . اهوئي دؤر آهي جڏهن سنڌ تي افغان حملي جو خطرو پيدا ٿي ويو. ان جو سبب هي چيو وڃي ٿو ته رقم جو مطالبو پورو نه ٿي سگهيو هو(3) . ممڪن آهي ته افغانن هي سمجهيو هجي ته ميان غلام شاهه ڪڇ جي مهم ۾ گهڻو ڪمايو آهي. ان ريت خراج جي رقم ۾ به واڌاري جي توقع  ڪئي وئي هجي ۽ واڌاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ طرف فوجي چڙهت جي ڌمڪي ڏني وئي هجي. مير علي شير قانع سن 1178هه/ 1764ع ۾ ڪڇ جي ٻي ڪاهه جو ذڪر ته ڪيو آهي پر اڳي وانگر ان جو سبب نه لکيو آهي. لکي ٿو ته: رستي ۾ مور جو قلعو زبردستيءَ فتح ڪري، ڀڄ کان پنجن ڪوهن تي وڃي منزل انداز ٿيا. ڪڇ جي راءِ وسيلا وچ ۾ آندا، جنهن تي صلح ڪري پوئتي واڳون واريائون(4) .

اصل ۾ ڪڇ جو راءِ وعده خلاف نڪتو. هڪ طرف هن سيٺ پونجي مل کي مارائي ڇڏيو ۽ ٻئي طرف رشتي بابت ڪيل انجام به نه پاڙيو. ميان صاحب پنجاهه هزار لشڪر وٺي ڪڇ ڏي وڌيو. لکپت کان وڌي قلعي موروجي تي حملو ڪيو ويو. وڏي تعداد ۾ ڪڇي مارجي ويا ۽ قلعو فتح ٿي ويو. ڪڇ جي راءِ کوهن ۾ زهر وجهرائي، سنڌي لشڪر لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون. ليڪن ميان صاحب رستو تبديل ڪري ڀڄ طرف وڌيو. ڀڄ کان پنج ڪوهه پري هو ته راءِ جي طرفان صلح جو پيغام پهتو ۽ پنهنجي سوٽ جي نياڻي، ميان غلام شاهه جي نڪاح ۾ ڏيڻي ڪئي. افغان درٻار هن ڪاميابيءَ تي، ميان صاحب کي اڳئين خطاب سان گڏ ”صمصام الدوله“ جو لقب پڻ ڏنو(1) .

ميان صاحب جي هي وڏي ڪاميابي ۽ حاصلات هئي. مگر هن رشتي جي حوالي سان ڪي نڪتا غور طلب آهن. برنس لکيو آهي ته ڪڇ تي ٻي ڪاهه وقت ميان کي کوکرن جي سردار جي ڌيءُ ڏني وئي، جنهن جي خاندان جو راءِ کان پوءِ گاديءَ تي حق سمجهيو ويندو هو(2) . هي ڳالهه حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي. شروع واري ٺاهه ۾ طئه ٿيو هو ته راءِ پنهنجي ڀيڻ جو سڱ ڏيندو، ليڪن اُن تي عمل نه ٿي سگهيو هو. ٻئي حملي کان پوءِ راءِ پنهنجي پيءُ جي سوٽ ايسوجيءَ جي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو. ڪڇ کان موٽڻ تي سنڌ جو حاڪم نئين شاهپور (ٻين) ۾ اچي رهيو. پهرين شاهپور گهڻي مٽي ۽ طوفان سبب لٽجي چڪي هئي(3) . شاهپور جا ٻئي ماڳ هڪ ٻئي جي نزديڪ هئا.”

ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو:

سن 20- رجب 1186هه/17- آڪٽوبر 1772ع ۾ ميان غلام شاهه وفات ڪئي ته ميان محمد سرفراز خان سنڌ جو حاڪم بنيو. ميان غلام شاهه جهڙو هو اڪابر ۽ ڏاهو، اهڙو هو ميان سرفراز درويش طبيعت ماڻهو ۽ سادو سوڌو. هيوز صاحب هن کي اٻهرو رڳو هن ڪري سڏيو آهي جو ڪڇ تي ڪاهي ويو هو ۽ اُهو ملڪ فتح ڪري آيو هو.(4) منهنجي خيال ۾ اِها اٻهرائي نه هئي، پر پنهنجو ورثو سنڀالڻو هو. پڻس ڪڇ هٿ ڪيو، پاڻ بغاوت جا آثار ڏسي ويو ته گناهه ڪونه ڪيائين. ميان غلام شاهه جي ڏينهن ۾ ميان سرفراز ڪڇ ۽ گجرات ۾ ويو هو ۽ ڏاڍو مان مرتبو مليو هوس.(5) هـُـو ڪڇ کان سٺي طرح سان واقف هو، تنهن ڪري هن شعبان 1188هه/آڪٽوبر 1774ع  جڏهن ڪڇ تي ڪاهيو ڪڇ جي حاڪم مقابلي بدران سندس شاندار آجيان ڪئي. ان کان پوءِ پاڻ جڏهن گجرات ڏانهن روانو ٿيو ته جاڙيجن جي سردار سندس چڱي خدمت ڪئي ۽ ڪنٿ ڪوت جي سردار دائودجي جاڙيجي پنهنجي نياڻي ميان صاحب جي نڪاح ۾ ڏني. ميرن جي بغاوت کي ڪڍڻ لاءِ به هن جوڌپور جي راجا بجيسنگهه کان مدد ورتي هئي، جن مير بجار کي ماريو(1) راجا بجيسنگهه پاڻ، ميان سرفراز جي لاءِ جوڌپور کان لشڪر ڪاهي ميرن تي آيو هو، پر ميرن انهيءَ لشڪر کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ڪونه ڏنو.(2) ميرن، ميان سرفراز کي 15 جمادي الاخر 1189هه/ 13- آگسٽ 1775ع ۾ مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار جي قتل کان پوءِ اقتدار تان لاهي حيدرآباد جي قلعي ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو.

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جي تحقيق مطابق پنهنجي ڪتاب ”ڪلهوڙا دؤر حڪومت“ ۾ لکي ٿو ته:

ميان محمود خان ڪلهوڙو:

ميان محمود ڪلهوڙو، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو ٻئي نمبر تي پٽ هو ۽ ميان محمد سرفراز جو ننڍو ڀاءُ هو. راجا ليکي اقتدار جي سڄي واڳ پاڻ ۽ پنهنجي پٽ جي هٿ ۾ رکي. نالي ماتر حڪمران ميان محمود خان ڪلهوڙي جا نائب ۽ نگران ٿي ڪري حڪومت هلائڻ لڳا. ٽالپر مير صاحبان، مير بجار خان جو حج تان موٽڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. جڏهن مير بجار خان ربيع الاخر 1190هه/ مئي 1776ع ڌاري حجاز کان موٽيو، ته ميان غلام نبي خان کي سنڌ جو حاڪم بڻايائين(3) .

ميان غلام النبي ڪلهوڙو:

ميان غلام نبي ربيع الاول 1190هه/مئي 1776ع ۾ سرفراز خان کان پوءِ تخت تي ويٺو ۽ هڪ سال اندر سن 1190هه/1777ع ۾ سندس حڪومت ختم ٿي ۽ هو شهيد ٿي ويو.

ميان عبدالنبي ڪلهوڙو:

انهيءَ کان پوءِ هڪ سال لاءِ مان عبدالنبيءَ  ٻه ڀيرا گادي ماڻي، پر ٽالپر اُن وقت زور هئا، اهڙي طرح ڪلهوڙن کان سنڌ جي حڪومت نڪري ڪري ٽالپرن جي هٿ ۾ آئي. ميان عبدالنبي ٻه ڀيرا اقتدار ماڻيو ذوالحج 1190هه/جنوري 1777ع - 1198هه/1783ع تائين وارو سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن جو دؤر محلاتي سازشن وارين خونريزين جو دؤر رهيو آهي. ڪلهوڙا دربار ۾ ٽالپر اميرن جو قتل وري موٽ ۾ ڪلهوڙا شهزادن جو قتل ٿيڻ وارا واقعا نيٺ هالاڻي واري جنگ واري انجام تي پهتا ۽ سنڌ ڪلهوڙن جي هٿن مان نڪري سندن سرائي مريدن مان ٽالپرن جي هٿ اچي وئي.

 

 

-------


 

 

(13)

ٽالپر گهراڻو (سن 1783ع - 1843ع)

ڪلهوڙن کان پوءِ سنڌ جا مالڪ ۽ والي ٽالپر ٿيا. ٽالپرن جو پهريون حاڪم اعظم، مير فتح علي خان هو. هيءُ سن 1197هه/1783ع ۾ سنڌ جي تخت تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ احمد شاهه نورو زئي سنڌ تي چڙهي آيو. ميرن صلاح ڪئي ته ٻار ٻچا ڪيڏانهن ٻاهر موڪليا وڃن ۽ پوءِ پٺيان جنگ ڪئي وڃي. مير باگي صلاح ڏني ته، ”ڪٽنب جي عورتن کي ڪڇ ۽ گجرات ڏانهن موڪليو وڃي.“ ۽ پوءِ ائين ئي ڪيو ويو.(1)

سنڌ ميرن ورهائي کنئي، شاهه بندر کان وٺي ڇوڙ تائين، ڪڇ جي رڻ (سري) کان اُتر موري تائين مير ٺاري جي حڪومت هئي، اِها ماڻڪاڻي حڪومت سڏبي هئي.(2) ماڻڪاڻي حڪومت جو گهڻو حصو غيرآباد هو.(3)

انگريزن جي ايجنٽ کي سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ، ماڻڪاڻي ميرن، ڪڇ جي راجا ۽ ٻين مير فتح خان کي صلاح ڏني. مير فتح عليءَ سن 1215هه/1800ع ۾ انگريزن کي سنڌ مان نڪرڻ جو چيو، تنهن ڪري ميرن جي سنڌ مان انگريز نڪري ويا.(4)

مير غلام علي خان:

سن 1217هه/1802ع ۾ مير فتح خان وفات ڪئي ۽ گاديءَ تي مير
غلام علي ويٺو.

مير غلام عليءَ جي ڏينهن ۾ ڪڇ ۾ زبردست ڏڪار پيو. ماڻهو سڀ سنڌ ڏانهن لڙي پيا. ماڻهن کي بک اهڙو پريشان ڪيو جو پنهنجا ننڍا ٻار 5-6 روپين ۾ وڪڻڻ لڳا. مير غلام علي انهن کي وڏيون خيراتون ڏنيون. پوءِ راءِ پرمل ۽ انگريزن جي عرض ڪرڻ تي وڪرو ٿيل ٻار واپس موٽايا ويا.(1)

مير غلام عليءَ انگريزن کي چيو ته، ڪڇ تي ڪاهڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو، پر ڪڇ ۾ هنن جو ايجنٽ ويٺو هو، سو انگريز راضي نه ٿيا. ميرن جا انگريزن سان عهدناما ٿيا. اُن ڪري سنڌو درياءَ ۾ انـگـريـزن جـي چرپر نظر اچڻ

لڳي. سن 1223هه/1808ع ۾ عهدنامو  ٿيو ته،  ”مير ۽ انگريز هڪ ٻئي جا ڏوهاري نه ويهاريندا ۽ سن 1224هه/1809ع ۾ عهدنامو  ٿيو ته، ٽالپر، فرانسيسين (فرينچن) کي اچڻ نه ڏيندا.“

مير فتح علي جي ڏينهن ۾ لڏي ويل انگريز مير غلام علي جي ڏينهن ۾ ٻيهر سنڌ ۾ اچي، هڻ لڳا ۽ ڪڇ ۾ رهندي سنڌ تي حاوي ٿيڻ لڳا ۽ مٿيان ٻه معاهدا به ڪري ويا.

مير ڪرم علي خان:

سن 1227هه/1812ع ۾ مير غلام علي پاران مير ڪرم علي خان گادي سينگاري. انهن ڏينهن ۾ ڪڇ جي راجا کي انگريز، ميرن جو ڊپ ڏيارڻ لڳا. آخر اُهو جڏهن سندن ڳالهين ۾ نه آيو ته، هنن راءِ پرمل کي لاهي، اُن جي صغير پٽ کي گاديءَ تي ويهاريو.

کوسا، جيڪي اڳي ئي ڇڙواڳ هئا، تن سن 1232هه/1816ع ۾ ڪڇ جو لوڻو شهر لـُـٽيو. ميرن کي انگريزن لکيو ته، کوسن کي قبضي ۾ ڪريو ۽ پڻ بمبئي حڪومت کي کوسن جي چر پر کان واقف ڪيو ويو. سٽئن هوپ، کوسن پٺيان لاهي پائي پيو ۽ ڪامياب به ويو، پر هو ٿورڙي وقت لاءِ ڀڄي ويا، وري هنن سان جاڙيجا پڻ اچي گڏ ٿيا. ڇوته سن 1232هه/1816ع ۾ انگريزن ڪڇ تي تسلط ڄمائي، جاڙيجن کان زمينون ڦري ورتيون هيون. ٻـُـلياريءَ جو سڄو شهر جيڪو موجوده ڪڇ جي رڻ ۾ هو، اُهو کوسن ۽ جاڙيجن جو اڏو  هو، پر انگريزن اِهو شهر هنن کان ڇڏرايو. هن جنگ ۾ ميرن به حصو ورتو هو، پر پوءِ انگريزن ميرن سان هي عهدنامو ڪيو ته،  ”ٽالپر، کوسن کي ڦرلٽ کان روڪيندا.“  تنهن ڪري لشڪر واپس وٺي ويا. باقي کوسا ٿورو آرام ڪري وري ڪڇ کي ڦرن ۽ ڌاڙن سان کنيو بيٺا هوندا هئا، انگريزن جو ساهه گهٽي وڌو هئائون.

مير ڪرم علي خان جي ڏينهن ۾ جيمس برنس سنڌ ۾ آيو. جنهن  ”سنڌ جي دربار“  ڪتاب لکيو آهي. انهيءَ ۾ هن ڪڇ جي رڻ جو ڪجهه احوال ڏنو آهي. مير ڪرم علي خان سن 1244هه/1828ع ۾ وفات ڪئي.(1) اُن جي گاديءَ تي مير مراد علي خان ٽالپر ويٺو. مير مراد جي وقت ۾ ڪڇي ۽ سنڌي پاڻ ۾ دوست ٿي رهيا. ڪڇ جي حڪومت جو ايلچي ميرن جي درٻار ۾ رهندو هو.

کوسن جون ڪڇ ۾ ڦرون جاري رهيون. آخر انگريزن کي ٿر تي ڪاهه ڪرڻي پئجي وئي. ڇوته کوسا ۽ واگهيلا زور وٺي ويا هئا. پاٽنجر ميرن کي به لکيو ۽ بمبئي حڪومت کي به اطلاع ڏنو. ميرن به کوسن جي لاءِ ماڻهو مقرر ڪيا، جيڪي اهڙن فسادين کي جهلڻ لڳا. انگريزن جي فوجي چڙهائي ته نه هجڻ جهڙي هئي، سي ٺلهو ٿر کان ڦيرو ڏيئي هليا ويا، باقي ميرن ڪجهه کوسا ۽ ڪجهه سوڍا گرفتار ڪري انگريزن جي  حوالي ڪيا، جي هنن جهليا هئا. ان وٺ پڪڙ جي ڪري کوسن جي ڏاڍ کي ڪجهه ٻنجو آيو.

سنڌ جيڪا ڪڇ کي پڇندي ئي ڪانه هئي، سو هاڻ سنڌ جون اکيون ڪڇ ۾ هيون، ڇو ته انگريزن جي سنڌ ڏانهن جيڪا به چـُـرپر ٿي ٿي، سا ڪڇ کان ٿي ٿي. انگريزن رنجيت سنگهه ڏانهن گهوڙي گاڏي رواني ڪرڻ جي بهاني سان، سنڌو درياءَ جو پيٽ ڏسي ورتو. سن 1247هه/1831ع ۾ سنڌو درياءَ ۾ انگريزن جا جهاز پنجاب تائين ويا. ڀڄ جو ريزيڊنٽ سنڌ تي ڪڙي نگراني رکڻ لڳو.

مير مراد علي خان جي ڏينهن ۾ انگريزن جي مرضي ٿي ته، ٽالپرن جي خلاف قدم کڻڻ ۽ سنڌ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو ڪلهوڙو حاڪم کڙو ڪجي. انهيءَ ڳالهه کي اڳيان رکي ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي اولاد مان، ميان محمد خان ڪلهوڙي انگريز سرڪار کي عرض ڪيو ته،  ”کوسا حقيقتن ميرن جا بڇيل آهن، هو سنڌ جا حاڪم آهن، سو اُنهن جي چرچ تي پيا ڪڇ کي لٽين، اوهان مون کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪريو.“  انگريزن اِها رٿ اڳيان رکي، پر پوءِ انهن هنگامن ۾ هنن گهڙڻ چڱو نه ڄاتو، سو سڌيءَ طرح ڀڄ مان سنڌ جي هر سياسي چرپر تي نظر رکندا پئي آيا ۽ پنهنجي روش ۾ به سختي آڻي ڇڏي هئائون. آخر مير مراد علي خان سن 1249هه/1833ع ۾ وفات ڪئي.(1)

مير نور محمد ٽالپر

مير نور محمد خان پنهنجي وقت ۾ کوسن جي فساد کي ٻنجي ڏيارڻ لاءِ سردار بهادر خان کوسي کي اُتر سنڌ ڏانهن لڏائي روانو ڪيو. انهيءَ ڪري انگريزن ميرن کان گهر ڪئي ته، کوسن پاران ڪڇ مان ڦر ڪيل 23 لک روپيا نقصان ڀري ڏيو. انهن ڏينهن انگريزن جو لشڪر ڪابل ڏانهن ٿي ويو ته، ڪڇ جي راجا ۽ سنڌ جي زميندار نائومل ڪراچيءَ واري هن کي ڪيترا اُٺَ وٺي ڏنا. مير نور محمد جي ڏينهن ۾ انگريزن جو وڪيل پاٽنجر با رعب رهڻ لڳو.(2)

مير نصير خان ٽالپر:

کوسن جنگيون ڪرڻ ۽ ڪڇ کي لـُـٽڻ بند ڪيو. ميرن انگريزن جو چيو اکين تي رکيو، مگر مير نصير جي گاديءَ تي وهڻ کان ٽي سال پوءِ يعني
22 صفر 1259هه/24 مارچ 1843ع  تي دٻي واري جنگ ۾ سوين ڪونڌر ڪهائڻ  ”مرسون! مرسون! سنڌ نه ڏيسون!“  جا نعرا هڻندي جهونجهارن جي وڏي جهيڙي کان پوءِ انگريزن جي توبن کان مات کائڻ بعد مير نصير ۽ ٻين ميرن پنهنجون تلوارون انگريزن چارلس نيپئر اڳيان ڇوڙي اُن جي پيرن وٽ رکيون ۽ سنڌ جي طاقت ۽ ميرن جو دٻدٻو انگريزن جي پيرن هيٺ اچي ويو.

 

 

------------


 

(14)

انگريز (سن 1843ع - 1947ع)

سن 22 صفر 1259هه/24 مارچ 1843ع ۾ سنڌ انگريزن جي هٿ ۾ آئي.(1) چارلس نيپئر اُن جو گورنر ٿي رهيو. گورنر جي حڪم تي. ٽي هزار جاگيردار اچي سلامي ٿيس. اُنهن جون جاگيرون قائم رکيون ويون، باقي ٻين جون ختم ڪيون ويون. سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ ورهايو ويو. ڪراچي، شڪارپور ۽ حيدرآباد. حيدرآباد جو ڪليڪٽر راٿ بورن هو.

پارڪر وارو اُهو حصو جنهن ۾ ٻلياري، ڏيپلو، ويراواه، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي اچي ٿا وڃن، سي ڪڇ حڪومت سان ڳنڍيا ويا. پارڪر ڪڇ سان ۽ ٿر حيدرآباد سان شامل ڪيو ويو. ڪڇ جو انتظام سنڀاليندڙ ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس هو. هو پنهنجي مرڪز ڀڄ ۾ رهندو هو، برسات جي ڏينهن ۾ مٺيءَ ۾ پڻ اچي رهندو هو. اِهو ڪڇ سان سوڍن، واگهيلن ۽ کوسن جي ڦرن ڪري گڏيو ويو. سن 1273هه/1856ع ۾ اِهو حصو سنڌ سان شامل ڪيو ويو.

ٿر جا سوڍا خود به حريت پسند هئا، پر انگريزن جون اکيون ڏسي هو کوسن تي دانهون ڏيڻ لڳا ته، هي اسان کي سک جي ننڊ سمهڻ نٿا ڏين. ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس گهڻو ڪري پارڪر جا برهمڻ پنهنجي رڪارڊ جي پورائي لاءِ رکيا. سن 1264هه/1847ع ۾ چارلس ويو ته، سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو ۽ بمبئي کان سنڌ جو انتظام هلائڻ لاءِ ڪمشنر اچڻ لڳا.

ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾، انگريزن جي وقت ۾ ڪا خاص چرپر ڪانه ٿي. ڇوته ٻئي حڪومتون انگريزن جي هٿ هيٺ هيون. ڪڇ جو راجا به انگريز حڪومت جي پاڇي هيٺ هو.(1)

سنڌ جا انگريز ڪمشنر:

سيريل نمبر

ڪمشنر بهادر جو نالو

کان

تائين

1.

مسٽر رابرٽ ڪيٿ پرنگل

1847ع

1850ع

2.

مسٽر بارٽل اي فريئر

1851ع

1859ع

3.

جنرل جان جيڪب (قائم مقام)

1856ع

1857ع

4.

جانٿن ڊنڪن انويرارٽي

1859ع

1862ع

5.

مسٽر سيميوئل مينسفيلڊ

1862ع

1867ع

6.

ميجر جنرل سر وليم لاڪير ميريويدر

1867ع

1877ع

7.

وليم هينري هيولاڪ (قائم مقام)

1867ع

1868ع

8.

فرانسز ڊيويز ميلول (قائم مقام)

1877ع

1878ع

9.

سرجيمز بريٿويٽ پيل

1877ع

1879ع

10.

مسٽر ايڇ. اين. بي. ارسڪين (قائم مقام)

جون 1879ع

1887ع

11.

سر چارلس پريڊلي پرچرڊ (قائم مقام)

اپريل1887  

1888ع

12.

سر آرٿر چارلس ٽريور (قائم مقام)

 1889ع

1890ع

13.

ايڇ. اي. ايم. جيمس (اسٽار آف انڊيا)

1890ع

1891ع

14.

سر چارلس اوليونٽ (قائم مقام)

1891ع

1900ع

15.

سر چارلس اوليونٽ (قائم مقام)

-

-

16.

سر اينڊريو ونگيٽ (قائم مقام)

-

-

17.

رابرٽ گائيلز (قائم مقام)

-

-

18.

رابرٽ گائيلز، ايم. اي.

1900ع

1902ع

19.

اي. ڪيو. مائين

1902ع

1903ع

20.

جان وليم پٽ ميئر ميڪنزي

1904ع

1905ع

21.

آرٿرڊيلانل ينگ هسبنڊ

1905ع

1913ع

22.

وليم هينري ليوڪس

1913ع

1916ع

23.

ريجينالڊ پوڪاڪ بيرو (قائم مقام)

1916ع

1916ع

24.

هينري اسٽينلي لارينس

1916ع

1920ع

25.

جين لوئيز ريو

1920ع

1925ع

26.

پي . آر. ڪيڊيل

1925ع

1926ع

27.

والٽر فرينڪ هڊسن

1926ع

1929ع

28.

جي . اي. ٿامس

1929ع

1934ع

29.

آر . اي . گبسن

1934ع

1936ع

سن 1935ع کان سنڌ تي گورنر اچڻ لڳا. جن جا نالا هن ريت آهن:

1. سر لينسيلاٽ گرهام          1936ع - 1941ع

2. سرهيوڊو                               1941ع - 1946ع

3. سرفرانسز موڊي                        1946ع - 1947ع

4. شيخ غلام حسين هدايت الله (1947ع ۾ سنڌ، پاڪستان سان شامل ٿي انگريزن جو راڄ ختم ٿيو).(1)

انگريز دؤر جـُـون ڪجهه اهم ڳالهيون:

انهيءَ انگريز ڪمشنرن واري دؤر ۾ هيٺيان ڪم ٿيا.

* ڪرنل جان جيڪب جي ڏينهن ۾ زمين جي پيمائش ٿي، سن 1857ع واري جنگ آزاديءَ ۾ حيدرآباد ۽ ٿر وارن وڏيون قربانيون ڏنيون. باغين کي انگريزن توبن سان ٻڌي اُڏايو. مهاوجيءَ کي رڳو ان ڪري جاگير ملي جو هن ڪرڻجيءَ کي گرفتار ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي هئي. ڪرڻجي سن 1857ع جي جنگ آزادي ۾ ٿر جو هيرو هو. جنهن کي پوءِ ڪاري پاڻي جي سزا ڏني وئي. هن جي زال ۽ پٽ هميرسنگهه ڪڇ جي راجا وٽ وڃي امان ورتي. جنهن انگريز حڪومت سان لکپڙهه ڪري کين جاگير واپس وٺرائي ڏني.

* ڪمشنر جانٿن ڊنڪن انويرارتي جي ڏينهن ۾بمبئي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ سنڌ جي دوري تي آيو.

* ڪمشنر سيميوئل مينسفيلڊ جي ڏينهن ۾ سيٺ نائونمل کي
سي. آءِ.اي جو لقب مليو.

* فرانسسز ڊيويز ميلول جي ڏينهن ۾ ڍڳا ۽ گهوڙا ڏاڍا مهانگا ٿي ويا هئا.

* سر چارلس پريڊلي پرچرڊ جي ڏينهن ۾ سن 1888ع ۾ لارڊ ڊفرن ڪراچيءَ ۾ آيو، جنهن سنڌ مدرسي ۽ ڪاليج جو بنياد رکيو. کيس بمبئي حڪومت پاران خان بهادر جو لقب مليو.

* ڪمشنر ايڇ. اي. ايم جيمس جي ڏينهن ۾ خان بهادر حسن علي سنڌين جو نمائندو ٿي بمبئي اسيمبلي ۾ويو.

* ڪمشنر سرچارلس اوليونٽ جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ حر تحريڪ زور ورتو هو.

* ڪمشنر سر اينڊريو وينگٽ جي زماني ۾ سنڌ ۾ پليگ واري وبا پئي جنهن کي لاڙ جا ماڻهو  ”مهامري“  چوندا آهن.

* ڪمشنر رابرٽ گائيلز جي دؤر ۾ڪڇ ۽ مارواڙ ۾وڏي ڏڪار منهن ڪڍيو. انهيءَ ڏڪار کي سنبت واري سال جي حساب سان ڇپني جو ڏڪار چيو ويندو آهي.


 

(1)  مير ڪرم عليءَ جي بيان لاءِ ڏسو (الف) جنت السنڌ، از: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ص.643، 450 ۽ 648، (ب) هسٽري آف پرنس انڊيا، جلد:II، ص.315، 316 (ج) سنڌ جي دربار، از: جيمس برنس، ص.194(د) هسٽري آف انڊيا جلد:2، ڀاڱو: V، ص.123-124.

(1) هي احوال  هيٺين ڪتابن تان لکيو ويو: (الف) جنت السنڌ، ص654، 606، 674 ڇاپو: 1958ع

(ب) تاريخ ريگستان، از: رائچند هريجن، ص184-185  سال 1957ع، (ج) هسٽري آف آئلينيشن، از: ائٽڪن (د) ٽاڊ راجسٿان، جلد: II، ص.305.

(2) (الف) جنت السنڌ، از: رحيمداد خان مولائي شيدائي، 703، 704، 714، سال 1958ع، (ب) دي لفٽ آف جان ولسن ص44-441 (ج) سنڌ جي مختصر تاريخ، از: ميرزا قليچ بيگ، ص.184.

(1) هي سن ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق مطابق آهي. (ادارو)

(1) (الف) الوحيد سنڌ آزاد نمبر، ص.132 (ب) هسٽري آف ائلينيشن، جلد:1 (د) تاريخ ريگستان، جلد:I، ص.205، 1957ع، (هه) سنڌ جي مختصر تاريخ از: ميرزا قليچ بيگ، ص.91-92.

(1) امپيرئل گزيٽيئر 1908ع، ترميم ٿيل 1931ع


 

* ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي تحقيق مطابق ڪلهوڙا دور جو پهريون حڪمران ميان نصير محمد ڪلهوڙو (1692ع - 1657ع) هو. (نظرثاني ڪندڙ)

(1) (الف) تحفة الڪرام (فارسي) ص.162-165، (ب) جنت السنڌ از: مولائي شيدائي، ص.46-466، سال 1957ع.

(2) ڪلهوڙا دؤر حڪومت، از: ڊاڪٽر  غلام محمد لاکو، سال 2004ع

(1) ڪلهوڙا دؤر حڪومت، از: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سال 2004ع

(2) تحفة الڪرام (فارسي) ص.267-268.

(3) ساڳيو، ص.256.

(1)  ساڳيو، ص.270.

(2) تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دؤر، از: مولانا غلام رسول مهر، جلد:6 ص.435، 439.

(3) انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ص. 115.

(4) ڪلهوڙا دؤر حڪومت: از: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سال 2005ع

(1) (الف) سنڌ جي مختصر تاريخ: ميرزا قليچ بيگ، ص.61-62. 1924ع (ب) تحفة الڪرام (فارسي) ص.374.

(1) ڪلهوڙا دؤر حڪومت، از: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، 2004ع.

(2) تحفة الڪرام (فارسي) ص.289-280.

(3) تحفة الڪرام، ص.280 ۽ مختصر تاريخ سنڌ: ميرزا قليچ بيگ ص.63-64.

(1)  ڪڇين جي ڪتابن ۽ پڻ گجراتي ڪتابن ۾ ”الابند“ انهيءَ بند کي چيو ويندو آهي، مگر اِهو غلط آهي. سن1819ع ۾ زلزلي ۾ اهو بند تباهه ٿي ويو هو. اُها جاءِ ”الابند“ سڏي وڃي ٿي، سا علاؤ الدين جي خندقن سان وابسته آهي. (ليکڪ)

(2) (الف) تحفة الڪرام (فارسي) ص.280، 282، (ب) جنت السنڌ، ص.541، (ج) gazetteer of the province of the Sindh، P.5. (د) هندواسي 15 اپريل 1962ع ٺڪر پونجومل، از ماسٽر پمون مل پياسي ص.7-15.

(1) ڪلهوڙا دؤر حڪومت، از: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سال 2004ع.

(1) مطالعو سنڌ جو: جلد:2، از: غلام محمد لاکو، سال 2004ع.

(2) تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو، ص 280.

(3)  تاريخ ڪلهوڙا، از: غلام رسول مهر جلد ٻيو، ص 548-551.

* هڪ ٻئي تذڪري موجب لڙائي 9 شعبان تي ٿي، 13 شعبان تي راءِ صلح جي درخواست ڪئي. (تاريخ ڪلهوڙا، از: غلام رسول مهر، جلد ٻيو، ص 552).

(1) جيمس برنس: ”سنڌ جي درٻار“، ترجمو: محمد حنيف صديقي، ص 121-124.

(2) تاريخ ڪلهوڙا، از: غلام رسول مهر، جلد ٻيو، ص 553.

(3) جيمس برنس: ”سنڌ جي درٻار“ ترجمو: محمد حنيف صديقي، ص 124.

(1) تاريخ ڪلهوڙا، جلد ٻيو، ص 552.

(2) تاريخ ڪلهوڙا، جلد ٻيو، ص 555.

(3) تاريخ ڪلهوڙا، جلد ٻيو، ص 554.

(4) تحفة الڪرام، (سنڌي ڇاپو)، ص 280.

(1) تحفة الڪرام (فارسي) راشدي ايڊيشن، ص 471، سال 1971ع.

(2) سنڌ جي درٻار، ص 123. سال 1964ع

(3) تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو، ص 282، حاشيو، ص 280.

(4) گزيٽ: هيوز، ص.23.

(5) سنڌ جي مختصر تاريخ: از: ميرزا قليچ بيگ، ص.65.

(1) هسٽري آف بهاولپور: شاهه همت علي، ص.65-66.

(2) وقائع راجسٿان جلد:2 ص.48-50.

(3) ڪلهوڙا دؤر حڪومت، مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سال 2005ع.

(1)  جنت السنڌ، از: رحيمداد مولائي شيدائي، ص.582، سال 1958ع.

(2)  ساڳيو، ص.591.

(3)  ساڳيو، ص.593.

(4) ساڳيو، ص. 613 - 614.

(1) سنڌ جي مختصر تاريخ، از: ميرزا قليچ بيگ، ص.181.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org