سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ڪڇ جو رڻ

حصو ٻيو

صفحو ؛ 8

 

(4)

تاريخي لوڪ ڪهاڻيون

هن باب ۾ اُهي لوڪ ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي اڳوڻيءَ آباديءَ ۽ موجوده ڪڇ جي رڻ سان لاڳاپو رکندڙ آهن. انهن لوڪ ڪهاڻين منجهان گهڻيون سومرن ۽ سمن جي ڏينهن جون آهن ۽ ڪجهه لوڪ ڪهاڻيون اُن کان قديم وقت جون پڻ آهن. انهن ڪهاڻين ۾ ڪي عشق و محبت جون ته ڪي دريائن جي دهشت ۽ ڪي ڪنن جي ڪڙڪن جي هنگامن جون آهن. انهن آکاڻين مان انهيءَ رڻ جي وسنديءَ جي مهڪ اُڀري ٿي.

اڳ جون آکاڻيون

لوڪ ڪهاڻيون به هڪ قسم جي اڻ لکيل تاريخ جي حيثيت جون حامل آهن. اهڙين لوڪ ڪهاڻين مان هيٺيون ٽي، لوڪ ڪهاڻيون جيڪي ڪڇ جي رڻ سان وابسته آهن، هن حـصي ۾ شامل ڪري رهيو آهيان:

1. ڪيناهه جو ڪـُـن،

2. سڪندر اعظم ۽ ڪيناهه جو ڪـُـن،

3. سڏونت ۽ سارنگا.

پهريون ٻه آکاڻيون، هڪ آکاڻيءَ جا ڌار ڪردار آهن. اِها آکاڻي  ”ڪيناهه جي ڪـُـن“  ۽ آب حيات سان واسطو رکي ٿي. آب حيات جو چشمو ڪٿي آهي؟ اِهو هڪ سوال آهي، جيڪو اڃا قائم آهي. باقي ڪيناهه جو ڪـُـن واقعي موجود آهي، اهو ڪـُـن ڪوري نديءَ جي پوڇڙيءَ ۾ واقع آهي ۽ عربي سمنڊ کي ويجهو آهي. انهيءَ ڪـُـن جا آثار اڄ به راوڙ جي ويجهو ڏسي سگهجن ٿا.

جيڪر آب حيات جي ڳالهه ۾ ڪجهه صداقت آهي ۽ سڪندر واري
آب حيات جي ڳولا واري ڳالهه سچي آهي ته، پوءِ اسان کي آب حيات جي ڳولا لاءِ نڪتل  ”گل گامش“  به انهيءَ ڪيناهه جي ڪـُـن ۾ پاڻ ڇڏائيندو نظر اچي ٿو.

عراق جي سومرن ۾ اِها ڳالهه مشهور هئي ته، سنڌو درياءَ  جي پوڇڙيءَ ۾ آب فنا کان پريان آب حيات جو چشمو آهي، جتي جيا سودرا رهي ٿو جنهن کي ديوتائن امر ڪري اُتي رکيو آهي. انڪدوءَ جي وفات کان پوءِ آب حيات جي ڳولا ڪندي سدوريءَ وٽ آيو ۽ اُن کيس ارشابني ملاح جو ڏس ڏنو. جنهن گل گامش کي 120 ڪاٺ کڻايا، جڏهن آب فنا ]ڪيناهه جو ڪـُـن[ نظر آيو، تڏهن هـُـن انهيءَ ۾ اُهي ڪاٺ هڪ هڪ ڪري وڌا ۽ آخر انهيءَ ڪـُـن مان گل گامش هينئن جند ڇڏائي جو پنهنجا ڪپڙا کڻي سڙهه ڪيائين. پوءِ وڃي هـُـو جيا سودرا ]جياسوڏرا[ وٽ پهتو، جنهن هن کي آب حيات ته پيئڻ ڪونه ڏنو، پر هڪ جواني آڻيندڙ ٻوٽي ڏيئي واپس روانو ڪيو ۽ هو واپس اچي عراق ۾ رهيو ۽ باقي زندگي اِها ياد کڻي زندهه رهيو.

سڪندر اعظم جڏهن عراق کي فتح ڪيو ته، انهيءَ ڳالهه جو پڙلاءُ  سندس ڪن تي پيو. هو انهيءَ حب ۾ سنڌ ۾ داخل  ٿيو ۽ سندس فوج جي هزار ڀيرا مخالفت هوندي به هو پنهنجي فوجي ڪاميابين کي وڌائيندو اچي پاتال ۾ رهيو ۽ اُتان کان نڪري هن ڪوري نديءَ جو پيٽ ورتو. اڳيان جڏهن ڪيناهه جي ڪن جي دهشت ڏٺائين ته، بچڻ جي ڪابه پڪ ڪانه رهيس. پر سنڌ جي سياڻن ۽ صلاحن جي حڪم موجب وڃي پار پيو. اِها آهي لوڪ ڪهاڻي، پر خود سڪندر اعظم جي حياتي لکندڙ به اِهو مڃين ٿا ته، سڪندر کي ڪوري نديءَ جي پوڇڙيءَ ۾ لهرن پريشان ڪيو ۽ هنن کي يقين هو ته، هاڻ فوج سوڌو فنا ٿبو، پر هوسڀئي بچي ويا. اِها لوڪ ڪهاڻي، اصل ڳالهه جي ڀرسان آهي ۽ اُن ۾ صداقت جو جوهر به موجود آهي. گل گامش به اِها واٽ ورتي هئي ۽ سڪندر پڻ ساڳيو گس اختيار ڪيو. نتيجي طور اِها آب حياتيءَ جي آکاڻي انهيءَ وقت کان وٺي سنڌي ادب ۾ داخل ٿي. انهيءَ گسن ۽ پنڌن کي هينئر  وقت لٽي ڇڏيو آهي. هينئر ڪيناهه جو ڪـُـن ۽ ڪوري ندي نه رهيا آهن. سن 1757ع کان پوءِ سنڌو نديءَ پنهنجو پراڻو وهڪرو مٽايو، موجوده گس ورتو، پر ان کان اڳ ائين نه هو، قديم وقت کان ڪوري ندي زور هئي انهيءَ جو زور پهرين عيسوي صديءَ ۾ ڀڳو ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ صفا ختم ٿي ويئي. ان ريت، نه رهي ڪوري ندي ۽ نه رهيو ڪيناهه جو ڪـُـن. البت اهي ڳالهيون باقي وڃي رهيون آهن، جي اڄ ڳائجن پيون.

هن حـصي جي ٻي آکاڻي آهي  ”سڏيونت ۽ سارنگا“  هن آکاڻيءَ جي ڪردار نگاري، پاري نگر جي ڀرسان ڦري ٿي. پاري نگر هاڪڙي ۽ سرسوتيءَ جي اوج وقت خوب آباد هو ۽ ساليواهن جيڪو سٿين لوڪن جو دشمن هو، جن انهيءَ طرف اچي زور ورتو هو، هن انهن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ ساڪاري ٿي مشهور ٿيو. انهيءَ جو پٽ  ”سڏيونت“  هو، انهيءَ جي اولاد مان  ”ڀٽي“  نالي هڪ فرد ٿيو، جنهن جيسلمير ۽ انهيءَ پاسي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ تي راڄ ڪيو.

سڏيونت ۽ سارنگا جي آکاڻي جيڪا پاري نگر ۾ اُسري هئي، اهو پاري نگر اڄ ننگرپارڪر جي ڏکڻ تان ڪڇ جي رڻ ۾ هڪ بي واهو شهر ٿيو بيٺو آهي ۽ ڪير چوندو ته، سڏيونت ۽ سارنگا جو اِهو شهر ڪڏهن آباد هوندو! حيرت جي جاءِ آهي، انسانن کي هيترو ڏسندي پسندي به عبرت جو سبق نٿو ملي.(1)

اهي تمام قديم آکاڻيون آهن، جي هن قديم سنڌ جي ٽڪري يعني موجوده  ”ڪڇ جي رڻ“  سان وابسته آهن. وڌيڪ ٻيون آکاڻيون اسان کي هٿ ڪونه آيون آهن. البت سومرن ۽ سمن جي ڏينهن جون آکاڻيون گهڻي تعداد ۾ مليون آهن، جي هن تذڪره کان پوءِ ڪبيون.

سڪندر اعظم ۽ ڪيناهه جو ڪـُـن

هڪ ڀيري سڪندر کي خيال  ٿيو ته، سمنڊ جو سير ڪريان. ڪنهن ماڻهوءَ هـُـن کي  ”آب حيات“  جو ڏس ڏنو هو، تنهن جي به حاصل ڪرڻ جو اونو  هوس.

آخر هڪ پوڙهي رهبر کي وٺي، پنهنجي ٻيڙن جو آڙماڙ وٺي روانو ٿيو. هلندي هلندي اوچتو هڪڙو ڪـُـن ٻيڙن کي پاڻ ڏانهن ٻر سان ڇڪڻ لڳو. سڪندر اڳي ايترو ٻـَـرَ ڪنهن به ڪـُـن ۾ نه ڏٺو هو، تنهن يڪدم پوڙهي سنڌيءَ کان پڇيو ته،  ”هي ڇا ٿي رهيو آهي؟“  پوڙهي چيو ته،  ”هڪ ته جڏهن اوهان آيا ٿي، تڏهن پنهنجي منهن رستو ورتـَـو سونهين بنا پاڻهي واٽ وٺڻ ڪا دانائي نه آهي، اُن ڪري آءٌ ماٺ ۾ رهيس. هي رستو سٺو نه آهي، ۽ هي ڇڪ پڻ ڪيناهه جي ڪـُـن جي آهي، جيڪو تمام خطرناڪ ڪن آهي.“

پوءِ سڪندر انهيءَ پير مرد کان بچاءَ جو رستو پڇيو. پير مرد  هڪدم سڀني ٻيڙين کي سنگهرن سان سلهاڙڻ جو حڪم ڏنو. اهڙيءَ طرح سڀ ٻيڙا هڪ ٻئي پويان ٿي ڪيناهه جي ڪـُـن ڏانهن تيز رفتاريءَ سان روانا ٿيا. جيئن ته ڪيناهه جي ڪـُـن جو منهن بنهه ننڍڙو هو، تنهن ڪري، سڀ ٻيڙا ڳهي نه سگهيو. البت سڀ ٻيڙا ڪـُـن جي ٻاهران جنڊ وانگر ڦرندا رهيا.

اِها حالت ڏسي سڪندر اعظم وري به پير مرد سنڌيءَ سان صلاح ڪئي ته،  ”هاڻ ڇا ڪريون؟“  پير مرد چيو ته ڊڄڻ جي ڪابه ڳالهه ڪونهي، هاڻ هينئن ڪريو، جو هڪ ماڻهو جي سمنڊ کي قرباني ڏيو، پر اُن ماڻهوءَ کي سنگهر ڏاڍي ٻڌجو.

آخر ٻيڙن جي سلامتيءَ لاءِ هڪ ماڻهو قربان ڪري سمنڊ ۾ اُڇلايو ويو. ٿوري دير کان پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي ڪا بلا چڪ وجهي وٺي ڀڳي ۽ ٻيڙا سنگهر جي ڪري ڪيناهه جي ڪـُـن کان آجا ٿيا.

ٿوري پنڌ کان پوءِ سڪندر اعظم جو ٻيڙو اچي آب حيات جي غار جي ڀرسان بيٺو. انهيءَ غار اندر سڪندر اعظم پاڻ لنگهي ويو، سو آب حيات جو پاڻي کڻي ٻاهر آيو ۽ ڪيناهه جي ڪـُـن کان ڦيرو ڪري اچي منزل تي پهتو. کيس آب حيات جي پيئڻ جي ڏاڍي سڪ هئي، پر پوءِ سڀني سان صلاح ڪيائين. سڀني چيو ته،  ”اوهان آب حيات ڀلي پيو ته جيئن اوهان جي بادشاهيءَ جو ڇٽ، اسان مٿان هجي.“  پر پوڙهو خاموش ويٺو هو.

سڪندر اعظم جڏهن هـُـن کان راءِ ورتي، تڏهن هن چيو ته،  ”هميشه واري حياتي سٺي شيءِ آهي.“  ٿوري ساهي کڻي پير مرد وري ڳالهائڻ لاءِ وات کوليو:  ”پر پيريءَ جون تڪليفون، عزيزن قريبن جو موت ۽ دنيا جون ڦرندڙ گهرندڙ حالتون اِها موڪل نٿيون ڏين ته سدائين حياتي ماڻي وڃي، تنهن ڪري آءٌ پنهنجي ڏاهي بادشاهه کي، اِها ڪڏهن به صلاح ڪونه ڏيندس ته، هو اهي سڀ عذاب سهڻ لاءِ آب حيات پيئي.“  سڪندر اعظم جڏهن پوڙهي جي اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن هـُـن کي اهو پوڙهو پنهنجي استاد ارسطو جهڙو ڏاهو پيئي معلوم ٿيو ۽ سڪندر اعظم اُن کي ڪا روحاني هستي سمجهي، آب حيات کي نه پيئڻ جو فيصلو ڪيو ۽ رڳو ايترو ڪيو جو اُن پير مرد کي پاڻ سان گڏ رهڻ جو چيو ۽ انهيءَ پير مرد سڪندر اعظم سان گڏ رهڻ قبول ڪيو. سڪندر اعظم انهيءَ پوڙهي کي سڀ ڪجهه سمجهندو هو ۽ اُن جو بنهه وڏو احترام ڪندو هو.(1)

سڏونت ۽ سارنگا

پاري نگر تي، ساليواهن راجا راڄ ڪندو هو. هن جي پٽ جو نالو  ”سڏونت“  هو، هـُـو ٿورو وڏو ٿيو ته کيس پڙهڻ لاءِ استاد وٽ ويهاريو ويو. اُتي هن سارنگا نالي سهڻي عورت سان پريت جي ڳنڍ ٻڌي. سارنگا جي مائٽن کي هن جي پريم جو پتو پيو ته، سارنگاکي  ”روپي“  نالي مرد سان پرڻائي ڇڏيو، جيڪو ڌارا نگر جي سيٺ ماڻڪ چند جو پٽ هو.

سڏونت جيئن ته سارنگا جي محبت ۾ ڦاٿل  هو، سو ڄڃ جو اڳ وٺي پئي ويو ۽ واٽ تي هڪ ٻن جڳهين تي سارنگا ۽ سڏيونت مليا به. روپي جي ڀاءُ کي سارنگا جي چال ۾ هڪ دفعو شڪ پيو، پر سارنگا چيو ته:

 ”بودو ڪپڙو ٻـَهو رنگو، سبڻ وارو اڍنگ،
ٽڙ ٽڙ ٽانڪا ٽٽيا، آرس موڙي انگ.“

 

مطلب:  ”هيءُ ڪپڙو خراب آهي، ۽ درزي به ڍنگ وارو نه هو، ٻيو آرس ٿي موڙيان ته ڌاڳا ٽٽيو پون.“

آخر هيءَ ڄـڃ وڃي ڌارا نگر ۾ پهتي. سڏيونت به جوڳي بنجي در تي آيو. اچي خيرات گهريائين. سارنگا موتين جو ٿالهه ڀري آئي. هي ٻئي محبتي ملڻ لڳا ته دنيا کان بي خبر ٿي ويا، اُن ننگر جي راجا ۽ راڻيءَ هنن محبت وارن کي ڏٺو ته، پاڻ وٽ گهرايو. سارنگا ۽ سڏونت جي ڳالهه ٻڌي بادشاهه روپي کان سارنگا جو سڱ ٽوڙائي، سڏيونت کي هن جي ٻانهن ڏني ان ريت ٻن پريمين جو ميل ٿيو ۽ هو اچي پاري نگر ۾ رهيا ۽ سکيا ڏينهن گذارڻ لڳا.(2)

سومرن جي وقت جون آکاڻيون

سومرن جي سڄي حڪومت ڏکڻ سنڌ، يعني موجوده ڪڇ جي رڻ ۾ هئي. انهيءَ ڪري سومرن جي دؤر جون ڳچ جيتريون آکاڻيون اختصار سان هن باب ۾ شامل ڪيون ويون آهن:

1. سارو سنگهار،

2. ڪارايل ۽ ڪپوري

3. ليلان ۽ چنيسر

4. دودو ۽ ابڙو

5. دودو ۽ چنيسر

6. شيخ قرهيو ڀانڊاري

7. ڏنگڙو ڏياناٿ

8. ڪاٺ ٻانڀڻا جو شهر.

هيءَ آکاڻيون ڪڇ جي موجوده رڻ مان اُن وقت اُسريون جڏهن اهو ٽڪرو آباد هو ۽ عوامي رنگ روپ وٺي، عوام ۾ مقبول ٿيون.

سارو سنگهار هڪ وڏو ڀاڳيو هو. سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ واري ڪنهن وستيءَ ۾ مال سانگي رهندو هو. وٽس مال گهڻو هوندو هو، اُن ڪري انهيءَ ڪنٺي جي آباديءَ ۾ پيو مال چاريندو هو. ساري سنگهار جي هڪ سهڻي  ڌيءُ ڪپوري پڻ ساري سنگهار سان مال پهرڻ ۾ ساٿ ۾ هوندي هئي.(1)

ڪپوريءَ جو نينهن جو ناتو وڃي هڪ نوجوان ڪارايل سان ٿيو ۽ ڪارايل پڻ سنگهار جي ڪري ڪنٺي واري جـُـوءِ  پيو ايندو ويندو هو. اِها ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ واري ڪنڌي، ڪارايل ۽ ڪپوريءَ جي رهڻ جي جاءِ هئي ۽ اهو عشق جو داستان هڪ پريم ڪهاڻي بڻجي مشهور ٿيو.(1)

وڳهه ڪوٽ جي ڏکڻ تان چنيسر ڪوٽ جا اڃا به کنڊر موجود آهن، اِهو سومرو حاڪم انهيءَ ڪوٽ تي راڄ ڪندو هو. ليلان ۽ چنيسر وارو قصو انهيءَ چنيسر جي ڪوٽ ۽ قرهئي ڀانڊاريءَ کان الهندي کان جکار واريءَ وچ جي ٻنيءَ ۾ ڦهليو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ٿيو.

شيخ قرهيو ڀانڊاري، جنهن اتي جي غير مسلم قبيلن ۽ برادرين کي سن 646هه/1248ع ڌاري يا اُن جي لڳ ڀڳ مسلمان ڪيو، اُهو سڄي ڪڪرالي ۽ ڪرمل پرڳڻي ۾ هدايت ۽ تبليغ جا سهڻا زيور کڻي آيو. اڄ اُنهيءَ بزرگ جي قبر بدين کان 27 ميل ڏکڻ، ميرواهه جي پوڇڙيءَ ۾، موجوده ڪڇ جي رڻ ۾ واقع آهي.

ڏنگڙو ڏياناٿ جيتوڻيڪ ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو ۽ ڪجهه وقت دينودر جبل تي گهاريائين. دينودر جبل ڪڇ جي ٻنيءَ ۾ واقع آهي. پر هيءَ ڳالهه لوڪ قصن ۾ آيل آهي ته، هن وڏي تپسيا ڪري ڦوڪ ڏني ته موجوده رڻ پيدا ٿيو. جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه ۾ وڌاءُ ٿو نظر اچي، پر اُن وقت اِهو رڻ وڌي رهيو هو، تنهن ڪري اهڙي سونسي ورني (وهمي) ڳالهه جو اُسرڻ لازمي امر هو. انهيءَ عوامي ڳالهه مان رڻ لاءِ نفرت ۽ ساميءَ ڏنگڙي ڏياناٿ جي هڪ چمتڪار ظاهر ٿئي ٿي، جو وسنديون سڃيون ڪرڻ لاءِ ڦوڪ ڏيندڙ ٿيو  هو، پر سنڌ جي ولين کي جس هجي، جن هن جي ڦوڪ کي روڪيو، نه ته ڪر سڄي سنڌ رڻ ٿي وڃي ها.

دودو ۽ ابڙو پاڻ ۾  گهرا دوست هئا، هو راڄ ڀاڳ ۾ گڏ اُٿندا وهندا هئا، گڏ راند روند ڪندا هئا، پر ابڙو هن ڳالهه تي پابند هو ته سام وڏي شيءِ آهي، سر ڏجي، سام نه ڏجي. پوءِ جڏهن دودي تي ڏکيو وقت آيو ته، دودي ابڙي ڏانهن پنهنجا ٻار سام ڪري موڪليا، هن سر ڏنو پر سام ڪونه ڏني. اهي دودي ۽ ابڙن جون رهاڻيون موجوده ڪڇ جي رڻ ۾ ٿيون، ڇوته وڳهه ڪوٽ سومرن جو تخت گاهه هو.

قسمت ڦٽندي تڏهن آهي، جڏهن گهر مان باهه لڳندي آهي. دودي ۽ چنيسر جي اقتدار لاءِ لڙائي گهرو لڙائي هئي. جن سومرن جي سياسي طاقت کي ختم ڪرڻ جهڙو بنيادي ڪم ڪري ڇڏيو، پر سومرن جي دوستن مان به اڳوڻي سگهه  نڪري ويئي. سومرن ۽ مغلن جي پاڻ ۾ اها لڙائي به موجوده ڪڇ جي رڻ ۾ ٿي جتي وڳهه ڪوٽ جهڙا سهڻا شهر هوندا هئا.

انهيءَ رڻ لاءِ هيءَ به ڳالهه مشهور آهي ته، انهيءَ ۾ هڪ اهڙو شهر آباد هو، جيڪو سنڌ ۽ هند جو هڪ وڏو واپاري مرڪز هو، پر پوءِ دريائي ڦيرين گهيرين جي ڪري ويران ٿي ويو. اُهو اڃا اونئين جو اونئين موجود آهي، پر اُن شهر مان ڪوبه سوچي سمجهي پئجي نه سگهندو، البت ڪو اڻ ڄاڻ اُن شهر مٿان وڃي پوندو ته، انهيءَ کي اکٽ خزانا هٿ لڳندا. اُهو خزاني سان ڀريل شهر ڪاٺ ٻانڀڻا جو شهر آهي. جو وانرپير ۽ روما ماڙيءَ جي وچ ۾ ڪنهن حـصي ۾ واقع آهي.

سارو سنگهار

سنڌ ۾ سوين ڀاڳيا ٿي گذريا، پر ساري سنگهار جهڙو نڪو ڀاڳيو ٿيو نڪو ٿيندو. مالوند ماڻهن کي اڄ به سندس نالي پٺيان  ”سنگهار“  ڪري سڏبو آهي. گويا  ”سنگهار“  ساري سنگهار جي ياد قائم رکيو اچن. هن وٽ جيترو مال  هوندو هو، ايترو مال ڪنهن ٻئي ڀاڳئي وٽ ڪونه هوندو هو.

هو اصل رهاڪو سنڌ ۽ ڪڇ جي ڪنڌيءَ جو  هو. سندس اُٿڻ ويهڻ گهڻو ڪري، ڪڪرالي ۽ وڳهه ڪوٽ ڌاري ٿيندو هو. هن وٽ، اُٺ، گهوڙا، رڍون، ٻڪريون، مينهون ۽ ڳئون بي انداز هونديون هيون. گهڻي مال سبب هڪ هنڌ ويهي ڪونه سگهندو هو ۽ ڪکن جي آسري پيو وٿاڻ بدلائيندو هو.

پاڻ مال کي جهٽ سڃاڻي وٺندو هو. البت ماهيي مال جي فطرت کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ ۾ دقت محسوس ٿيندي هيس.

ڪاڙهي ۾ مينهون ڪاڙهي کي سامهون اوڳارينديون ۽ آرام ڪنديون ڏٺائين ۽ پاڻيءَ ۾ سياري ۾ مينهن کي ٽلندو ڏٺائين ته، چيائين ته،  ”خبر ناهي مينهون پاڻيءَ جون ٺهيل آهن ڪِ باهه جيون.“

مـُـلڪ ۾ ڏڪار اچي پيو، ماڻهن دعا ڪئي ته واهه جو مينهن پيو ۽ پوءِ مال مرڻ لڳو. ساري سنگهار جون به ڪافي ڍڳيون مري ويون تڏهن به چيائين ته،  ”مينهن وٺا چڱا آهن.“

ساري سنگهار کي ٻه ڌيئر ۽ چار پٽ هئا. انهن ۾ هن پڇاڙيءَ جو مال ورهائڻ کان اڳ پڇيو ته،  ”اوهان کي ڪهڙو ڪهڙو مال گهرجي؟“  وڏي اُٺ ۽ گهوڙا ورتا، ٻئي پٽ ڍڳيون ورتيون، ٽئي پٽ رڍون ۽ ٻڪريون گهريون ۽ چوٿين چيو ته،  ”مون کي تنهنجي محبت گهرجي ٿي، مال نٿو کپي.“  ساري سنگهار اُهو ساڃاهه وند پٽ پاڻ وٽ رهايو ۽ باقين کي مال ڏنائين. الله جي ڪرڻي هينئن ٿي جو اُن محبتي سنگهار وٽ مال جا وري به وٿاڻ ڀرجي ويا ۽ هو ڀائر به هن جي گهڻي مال کي ڏسي ريس ڪندا هئا.

هڪ ڏينهن هڪ غريب ماڻهو ساري سنگهار کان ڏس پڇڻ آيو ته،  ”آءٌ ڪهڙو مال ڌاريان؟“  اُن وقت سارو سنگهار ستو پيو هو، ۽ اُن جي ڌيءُ ويٺي هئي، اُن چيو ته،  ”تون وڃي رڍون ڌار.“  اِهو آواز ٻڌي سارو سنگهار به جاڳي پيو ۽ ڌيءُ کي چيائين ته،  ”پٽ! اهو ڏس اُن کي ڏجي، جنهن کي پنهنجي ڌيءُ ڏجي.“

لاڙ ۾ ساري سنگهار کي مال جو پير ڪري مڃيو ويندو آهي. اڄ به ڪئين ڀاڳيا، کٽر ڳئون ۽ مينهن کي ساري سنگهار جو سنهن ڏيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته ساري سنگهار جو سنهن مال کي ڏبو آهي ته، مال مستي ڇڏي ڏيندو آهي.(1)

ڪارايل ۽ ڪپوري

ساري سنگهار کي ڪپوري سنگهار جي نانءَ سان هڪ سدا ملوڪ ڌيءُ هئي. هوءَ جڏهن جوان ٿي ته، هن اِهو شرط رکيو هو ته،  ”منهنجو ور اُهو ٿيندو، جيڪو ستن سانن ڪڍڻ وارو چڙو اڪيلي سر ڪڍي ڏيکاريندو.“

انهيءَ ڪم لاءِ ڪئين ڪونڌر آيا پر چڙو ڪنهن کان ڪونه نڪتو، تنهن ڪري سڀ نا اُميد ٿي هليا ويا. آخر، تر جي ڪارايل سمي کي خبر پيئي ته، هو به ڪهي آيو. پاڻ هڪ وڏو ڀاڳيو هئڻ سان گڏ ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ وڏو پهلوان ليکبو هو. هن انهيءَ چڙي کي ڇڪي ڪڍي ورتو. پوءِ ته سارو سنگهار جيڪو اُتي موجود هو، اُن پنهنجيءَ ڌيءُ جو سڱ ڪارايل سان ڪيو. پوءِ هي زال مڙس پولڙيا ڳوٺ ۾ اچي رهيا. ڪپوريءَ کي وينجهار نالي پـُـٽ ڄائو، جيڪو هڪ وڏو ڀاڳيو ٿي ساماڻو ۽ آخر ڪڇ جو راجا ٿيو. شهر  ”وينجهاڻ“  سندس نالي پٺيان سڏبو هو.

ڪارايل جيئن ته، ڪڇ جو  هيرو هو، پر اُن جو ڪنٺي مان ڪپوريءَ سان سڱ ڪيو ۽ ٻيو ته اصل سمو هو. سمن جي راڄ وانگر هن جو به سنڌ سان اصلي لڳاءُ هو. انهيءَ ڪري هو سنڌ ڏانهن پيو ايندو هو. ڪپوريءَ جو ته اصل مـُـلڪ ئي سنڌ هو، اُن کي ته سنڌ لاءِ اپار  محبت هئي.

ليلا چنيسر

چنيسر ڪوٽ جو والي چنيسر سنڌ جو حاڪم هو. اُن جي گهر واريءَ جو نالو  ”ليلا“  هو. ليلا ۽ چنيسر پاڻ ۾ پيار ۽ محبت سان رهندا هئا. ڪؤنرو جيڪا راءِ کنگهار جي ڌيءَ هـُـئي، اُها پرپٺ چنيسر تي عاشق ٿي پئي. تنهن پوءِ پنهنجي پيءُ جي صلاح سان، پنهنجي ماءُ سان اچي چنيسر کي ڏٺو.

جکري ڪؤنرو جي ڳالهه چنيسر جي خدمت ۾ پيش ڪئي، پر وزير جکري جي انهيءَ ڳالهه کي چنيسر گهڻو مانَ ڪونه ڏنو، ڇو ته هن نٿي گهريو ته ڪاٻي عورت سندس پياريءَ زال ليلا جي جاءِ تي اچي، هن جي غيرت اهڙي ڳالهه کي پسند نٿي ڪيو.

ڪؤنرو ۽ ماڻس مرکئين پوءِ چنيسر ڪوٽ ۾ رهي پيون ۽ ليلا وٽ اچي نوڪري پڻ ڪيائون. ليلا، ڪؤنرو کي، چنيسر جو هنڌ سينگارڻ جو ڪم ڏنو هو.

هڪ ڏينهن ڪؤنرو ڏک ۾ روئي پئي ۽ ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي، ڪؤنرو اچي پنهنجو نو لکو هار ليلا کي ڏيکاريو. ليلا هار ڏسي هرکجي ويئي. ۽ آخر  ”هڪ رات چنيسر ڪؤنرو وٽ ويندو.“  ليلا انهيءَ شرط سان اهو هار ڪؤنرو کان ورتو.

ڪؤنرو کي چنيسر مليو ته، ڳالهيون ڪري هن ليلا کان کيس بدظن ڪيو ۽ ليلا کي ڏک اچي ويو. هوءَ وڃي جکار جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي پئي. جڏهن جکري جي شاديءَ ۾، چنيسر آيو ته ليلا هن کي ريجهائي ورتو، پر جڏهن هن ليلا جو منهن ڏٺو ته هن جو ساهه نڪري راهه رباني ٿيو ۽ ليلا به پنهنجي ور تان انهيءَ وير پساهه پورا ڪيا. ائين هن محبتي جوڙي جي پريم ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ٿي.(1)

دودو ۽ ابڙو

دودو ۽ ابڙو ننڍي هوندي پاڻ ۾ گهاٽا دوست هوندا هئا. هو گڏجي راند روند ڪندا ۽ کيڏندا ڪڏندا هئا. جڏهن سمجهو ٿيا ته هي چوپڙ راند ڪڏندا هئا. ڪڏهن راند ۾ دودو کٽندو هو ته ڪڏهن ابڙو کٽندو هو. ٻنهي جي اها راند دل وٽان هوندي هئي.

هڪ ڏينهن راند ڪندي ڪندي دودي جي هڪ داڻي وڃي ابڙي جي هنج ۾ ڪري. دودي چيو ته،  ”ادا ابڙا منهنجي داڻي تنهنجي هنج ۾ اچي ڪري آهي سا ته مون کي کڻي ڏج.“  پر ابڙي چيو ته،  ”ادا، اها داڻي منهنجي سام پيئي آهي، سا، آءٌ توکي ڪونه ڏيندس.“  تنهن تي دودي سمجهائيندي چيس ته،  ”هتي سام جو ڪهڙو سوال  ٿو اٿي، داڻي آهي واپس ڪر.“  پر ابڙي اِها داڻي ڏيڻ کان صفا انڪار ڪيو ۽ تلوار اُگهاڙي ڪري چيو ته،  ”دودا! تون مون کان سگهارو آهين، مري وڃان ته، مري وڃان، پر سام داڻي هجي يا راڻي، ٻائي هجي يا دائي واپس ڪونه ڪندس.“  اِها ڳالهه ٻڌي ڪري دودي کلي کڻي ماٺ ڪئي ۽ راند ختم ٿي.

وقت آيو ته، دودو سنڌ جو ۽ ابڙو ڪڇ جو حاڪم ٿيو. ڀائرن جي نااتفاقيءَ ڪري سنڌ تي علاؤ الدين جو لشڪر چڙهي آيو، دودي اُها پراڻي ڳالهه ياد ڪري پنهنجا ننگ سام ڪري ابڙي ڏانهن موڪلي ڏنا. ابڙي کي هر ڪنهن ڳالهه کان واقف ڪيو. هو سامون وٺي ڪڇ آيو. علاؤ الدين جو لشڪر جڏهن مٿس ڪاهي آيو، اُن سان وڙهي سر ڏنائين، پر سامون ڪونه ڏنائين.(1)

دودو ۽ چنيسر

دودو ۽ چنيسر ٻه ڀائر هئا. سنڌ جي والي ڀونگر جا پٽ هئا. هنن کي ٻاگهي نالي هڪ  ڀيڻ به هئي. اِهي سنڌ جي گاديءَ واري شهر روپاهه ماڙيءَ ۾ رهندا هئا. ڀونگر جي وفات کان پوءِ ٻنهي ڀائرن جو گاديءَ تي تڪرار ٿيڻ لڳو، نتيجي طور حڪومت سندن ڀيڻ ٻاگهيءَ کي ملي، جنهن اِها پڳ چنيسر کي ڏياري، پر چنيسر، امان کان پـُـڇي اچان جو چئي جو نڪتو، تنهن تي سومرن جي راڄ پڳ دودي کي کڻي ٻڌائي ۽ چنيسر علاؤ الدين وٽ فرياد کڻي ويو ته مون کي پڳ وٺرائي ڏي. آخر علاؤ الدين جو لشڪر سنڌ تي چڙهي آيو. وڳهه ڪوٽ ۽ روپا ماڙيءَ جي ڀرسان سومرن علاؤ الدين جي لشڪر سان چڱي ريت جنگ ڪئي، جنهن ۾ سومرن هارايو. ۽ سومريون، وڃي ابڙي جي سام پيون. ابڙو به وڙهندي شهيد ٿي ويو پر سومريون ڪونه ڏنائين.

انهيءَ جنگ کان پوءِ چنيسر کي به پنهنجي ڀاءُ جو ڏک ٿيو، سو به شهيد ٿيو ۽ علاؤ الدين جو لشڪر به ماڻهو مارائي ڪي ٿورا ماڻهو وٺي واپس وريو.

وڳهه ڪوٽ ۽ روپاهه ماڙيءَ جا راڻا ڪسي ويا ته سومرن کي اقتصادي، تهذيبي، تاريخي ۽ تمدني وڏو ڌڪ لڳو ۽ هنن جي حڪومت پوءِ لوڏن ۾ اچي ويئي. اڄ به سڄيءَ سنڌ ۾ دودي ۽ چنيسر جو قصو وڏي چاهه سان ٻڌو ۽ ڳايو ويندو آهي.

شيخ پير قرهيو ڀانڊاري(1)

شيخ پير قرهيو ڀانڊاري، ڪنهن امير جو پٽ هو، پر ننڍي هوندي کان ڳالهائيندو ڪونه هو ۽ الله جي مٺيءَ ياد ۾ پيو وقت گذاريندو هو.

مائٽن کي ڪنهن ڏاهي ڏس ڏنو ته، هن کي وس گهمايو ته مـُـلڪ ڏسي واسي ته، سندس من تان مونجهه لهي وڃي ته هي ڇوڪرو ڳالهائي. اها صلاح مائٽن کي وڻي ۽ هو آخر غور ۽ فڪر ڪري هن ڳالهه تي پهتا ته، ڀائرن سان شيل ۽ شڪار تي هن کي به روانو ڪيو وڃي.

پوءِ سڀ ڀائر گهوڙا پلاڻي نوڪر چاڪر وٺي نڪتا. ڀانڊاري به ڀائرن سان گڌجي روانو ٿيو. ڀائر ته دنيا ڏسڻ ۽ شڪار ڪرڻ ۾ پورا هئا، پر پير صاحب الله جي مٺي نالي جي ياد ۾ پورو هو. هو پنهنجيءَ دنيا ۾ محو رهندو پئي آيو.

آخر هلندي سڄو لشڪر اچي مانجهيءَ ۾ پهتو. اتي هنن کير ڀت کائي کائي انهيءَ مان بيزاري ظاهر ڪئي ۽ خيال ڪيو ته ’صبح جو شڪار ڪري، ڪجهه چـَـهرو وات ڪبو.‘ صبح جو اٿي، تير ڪمانون کڻي سڀ ڀائر روانا ٿيا. هي الله جو ٻانهو به ساڻن گڏ روانو ٿيو. سڄو ڏينهن شڪار لاءِ مٿا مونا هنيائون پر ڪٿان به کين ڪو شڪار ڪونه لڳو. آخر ماڳ موٽڻ لاءِ گهوڙا پٺتي واريائون.

واٽ تي هڪ موراهه ۾، هڪ تتر تنواريو. سڀني جو خيال وڃي تتر ۾ کتو. نوڪر ڊوڙيا انهن تتر اُڏايو. ڀانڊاريءَ جي ڀائرن تير ڇوڙيا، تتر ڳوڙهي ٿي اچي پٽ تي ڪريو. ڀانڊاري جيڪو سڄو هي تماشو ڏسي رهيو هو، اُهو به تتر تي ميار رکڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته،  ”جي نه تنوارين ها ته ڇو مرين ها؟“  اِهو آواز جو سندس ڀائرن ٻـُـڌو، سي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته،  ”ڳالهاڻو ڙي ڳالهاڻو.“  پير صاحب کي اِهو ٻڌي سخت ڏک  ٿيو ۽ دل ۾ چيائين ته،  ”تتر کي ماٺ ڪرائيندي آءٌ خود ڳالهائي ويٺس. ڪيڏو نه ڪلور ڪيم.“  اِهو ويچاري پاڻ، پنهنجي روجهيءَ  گهوڙيءَ تان ڪري اچي پٽ تي پيو.

پوءِ ته ڀائرن وڏا وس حيلا ڪيس، پر پاڻ ڪنهن جي به ڪونه ٻڌائين ۽ اُتي چاليهه چاليها ڪڍيائين ۽ الله جي ياد ۾ ايترو ته محو ٿي عبادت ڪيائين جو گوڏن مان ڊڀ اُڀري ويس، پر کيس انهن جو به پتو نه پيو.

آخر رب سائينءَ هن بزرگ کي ظاهر ڪرڻ جو حيلو ڪيو. سامي ڏنگڙي ڏياناٿ کان بيزار ٿي، پير پٺو، جميل شاهه گرناريءَ کي ننگر ٺٽي ڏانهن وٺيو پئي ويو ته، واٽ تي شيخ پير قرهيو ڀانڊاري به انهي جي ساٿ سان اچي گڏ ٿيو.

جميل شاهه گرناري منجهس مڻيا ڏسي کيس ڪـُـل پيرن جو  ”ڀانڊاري“  (خزانچي) ڪيو. سڀ پير پوءِ روحاني خزانا حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس ايندا هئا.

سامي ڏنگڙي ڏياناٿ جو منهن به هن پير قرهيو ڀانڊاري پنهنجي ڪرامت سان بند ڪيو. پير شيخ قرهيو ڀانڊاريءَ جو قبو اڄ به ڪڇ جي رڻ ۾ روحانيت ۾ ايمان رکڻ وارن لاءِ پـُـرنور جڳهه آهي.

سامي ڏنگڙو ڏياناٿ

ڪڇ جي ڪڇين، ڪڇ جي رڻ بڻجڻ تي هڪ سونسائي عوامي ڳالهه مشهور آهي ته: جڏهن پير پٺو، ٺٽي ۾، روحانيت جو سج ٿي پئي چمڪيو. اُن وقت هڪ سامي جنهن جو نالو ته اڃائي ڪو ٻيو هو، پر عام ماڻهو هـُـن کي  ”ڏنگڙو ڏياناٿ“  ڪري چوندا هئا جنهن جي لفظي معنيٰ  ”آڏي سگهه جو سردار“  آهي.

هن جادوءَ جي زور تي، سڄي ٺٽي تي قبضو ڪري ورتو. پير پٺي جي ڪابه ڪرامت يا ڪاني هـَـلي ڪانه سگهي ۽ هـُـو پنهنجي ئي شهر ۾ بي وس ۽ بي پهچ ٿي ويهي رهيو.

سامي ڏنگڙي ڏياناٿ جو ڪشتو جادوءَ جي زور تي هوا ۾ هلندو ويندو هو. گهر گهر اڳيان وڃي بيهندو هو ۽ هرڪو  گهر هن ڪشتي ۾ اٽو، ان پيسا ۽ ڏوڪڙ وجهندو هو. جيڪو انهيءَ ڪشتي ۾ ڪجهه نه وجهندو هو ته جوڳيءَ کي جادوءَ جي زور تي، خبر پئجي ويندي هئي ۽ اُنهيءَ گهر لاءِ آپدا ]مصيبت[ اچيو ويندي هئي. انهيءَ ڪري هرڪو ماڻهو ڊپ وچان هن ڪشتي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڏن طور وجهندو هو.

پير پٺي انهيءَ جادوئي ٽڪساٽ خلاف ڪو ٻيو وسيلو هلندي نه ڏسي ڪري نيٺ پيرن جي پير جميل شاهه گرناريءَ ڏانهن پنڌ ڪيو، هن پاڻ سان سنڌ مان پلو پچائي کنيو هئائين، سو وڃي جميل شاهه گرناريءَ کي ڏنائين ۽ سڄي حقيقت به کيس پيش ڪيائين.

اِها ڳالهه ٻڌي جميل شاهه گرناريءَ پنهنجا شاگرد انهيءَ جادوئي ٽوڙ خلاف موڪلڻ ٿي گهريا، جنهن تي پير پٺي عرض ڪيو ته،  ”حضور، اوهان پاڻ هلو، اِهو سامي وڏي رپ آهي.“  آخر جميل شاهه گرناري پاڻ پير پٺي سان گڏجي نڪتو. واٽ ۾ کين شخ پير قرهيو ڀانڊاري به مليو ۽ اهي سڀ ڪامل پير، پير پٺي جي دانهن تي، جميل شاهه ڏاتار گرناريءَ جي سرداريءَ هيٺ اچي ننگر ٺٽي ۾ پهتا.

جميل شاهه گرناريءَ جي ڪرامت سبب سامي ڏنگڙي ڏياناٿ جو هوا ۾ هلندڙ ڪشتو جيڪو ڌن لاءِ نڪتو هو، سو اونڌو ٿي خالي واپس ويو. ساميءَ گهڻو ئي جادو هنيو، پر هڪ به نه هليس، تڏهن بي وس ۽ لاچار ٿي، اُٿي ڪڇ ڏانهن ڀڳو ۽ دينودر جبل تي وڃي ساهه پٽيائين. پر سنڌ جا هن جي هٿن مان نڪري ويئي، سو هن جي دل ۾ وڏا ناسور ڪيا هئا. آخر ٽنگون مٿي ڪري، مٿي هيٺان سوپاري رکي تمام ڪٺن تپسيا ڪرڻ لڳو. هن جي انهيءَ اگهور تپسيا جو مطلب هي هو ته، جڏهن کيس سگهه ملي ته ڦوڪ ڏيئي سنڌ کي جلائي ڦلهيار ڪري ڇڏي. روحاني طور اِها خبر جميل شاهه گرناريءَ کي پيئي.

جميل شاهه چيو ته، ڇهن مهينن کان پوءِ، ساميءَ کي وڏي سگهه ملي ويندي ۽ هو ڦوڪ ڏيندو ته سنڌ کي ڀسم ڪري ڇڏيندو ۽ سڄي سنڌ رڻ ٿي ويندي. هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اها ڳالهه جڏهن پير شيخ قرهيي ڀانڊاريءَ ٻڌي، تڏهن چيائين ته،  ”انهيءَ جوڳيءَ جو منهن سنڌ ڏانهن آءٌ ڪرڻ ڪونه ڏيندس.“  آخر اِهو ڪم پير شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ تي رکيو ويو  جنهن سان سنڌ کي هن مصيبت کان بچائي ورتو.“

ڇهن مهينن جا آخري ڏينهن به اچي ويجهو ٿيا. شيخ پير قرهيو ڀانڊاري به ڪرامت جي رستي هڪ ڏينهن اڳ اُتي پهچي ويو. جوڳيءَ کي جوڳ جي رستي اُن جي آمد جي به خبر پئجي ويئي. سو هـُـن مقرر ٿيل ٽائيم کان ڪجهه گهڙيون اڳ تپسيا ختم ڪئي ۽ سنڌ ڏانهن منهن ڪري ڦوڪ ڏيڻ لڳو، ايتري ۾ قرهيو ڀانڊاري به هوشيار ٿيو ۽ اُن سندس منهن جهلي الله جي نالي سان سندس جادو بند ڪيو، پر جيتري زمين جي ٽڪري کي سامهون ٿي جوڳيءَ ڦوڪ ڏني، سو ٽڪرو پوءِ ويران ٿي ويو. آهستي آهستي اُتان آباديون ختم ٿي ويون ۽ اُهو پوءِ رڻ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.(1)

ڪاٺ ٻانڀڻا جو شهر

ڪڇ ۽ لاڙ جي ماڻهن ۾ هڪ عوامي قصو ڪاٺ ٻانڀڻا جي شهر جو مشهور آهي ته: وانر پير کان الهندي پاسي سمنڊ ۾ ڪيناهه جو ڪـُـن آهي ۽ اُن ڪيناهه جي ڪـُـن جي الهندي تان ڪاٺ ٻانڀڻا جو شهر ڪڏهن آباد هو. هن شهر ۾ وڏو واپار هلندو هو. سون ۽ سچن موتين سان بازار جرڪندي هئي. ماڻهو سڀ سکيا ستابا ۽ سهنجا هئا، ڪنهن تي ڪابه تڪليف ڪونه هئي.

هڪ ڏينهن خدا جي ڪرڻي هيئن ٿي جو هڪ مائي جا بنهه ڪا بخيل  هئي، تنهن کي هڪ ڪـُـڪڙ جي ٻچي گهر ۾ ڏاڍو ڪو هلاڪ ڪيو هو. آخر مائي به ڪڪ ٿي ڪاوڙجي اُٿي ۽ اُن ڪڪڙ جي ٻچي کي ٽنگن مان جهلي، چيري ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين. ڪڪڙ جي دانهن جو اِهو نتيجو نڪتو، جو خدائي قهر جاڳي پيو ۽ سڄو شهر غرق ٿي ويو. اڃا تائين چوڻي آهي ته  ”ڪاٺ ٻانڀڻيان وانگر گار (غرق) ٿي ويندين.“

ٻي ڳالهه مشهور آهي ته، هن شهر تي ڪارو نانگ ويٺل آهي، جو سون ۽ موتين جي خزانن جي نگهباني ڪري ٿو. ٻي هن شهر سان هيءَ ڳالهه به لاڳو آهي ته، ان تان ڪوبه ماڻهو پئجي نٿو سگهي. ها البت اُهو ماڻهو جو رُلي وڃي هن شهر تان پوي ته، اکٽ سون ۽ هيرا جواهر اُن کي هٿ لڳندا.

عثمان جت جو اُٺ وڃائجي ويو هو، سو اُٺ جي ڳولا لاءِ نڪري پيو. رات جو مٿو ڦري ويس، سو رلندي رلندي، وڃي ٻانڀڻا جي شهر مٿان پيو. جيئن ته ڀليو اچي هت پهتو هو ۽  اڻ  گهوريو به هو، سو هن کي نڪو نانگ نقصان پهچايو، نڪو هن جي نظر کان شهر غائب ٿيو.

هن کي حيرت لڳي ته، هي سون ۽ هيرن سان ڀريل شهر ڪٿان پيدا ٿيو آهي، پوءِ سمجهيائين ته خواب ٿو ڏسان، سو پنهنجي آڱر ۾ چڪ وڌائين. پر درد محسوس ٿيس. آخر هن سمجهيو ته، آءٌ ڪنهن شهر ۾ آهيان. پوءِ ڪاٺ ٻانڀڻ شهر واري ڳالهه ياد آيس ته، مڙس ٿي کڙهيو سون جو ڀري کنيائين، پر جيئن  گهر پهتو، تيئن مري ويو.

پٺيانس ڀاڻس اسماعيل ۽ پٽس ٻنڌڙي اُن سون ۽ جواهرن تي قبضو ڪيو. ٻنڌڙو ۽ اسماعيل روپا ماڙيءَ جي ويجهڙائي ۾ رهندا هئا.(1)

 

 

------------


 

(5)

سمن جي دؤر جون آکاڻيون

عربن کان پوءِ سنڌ تي ٻن سنڌي قبيلن هڪٻئي پويان حڪومت ڪئي، اُهي سومرا ۽ سما ٻه رهيا. انهن جي حڪومت، لوڪ ادب وڏو ذخيرو رکي ٿي، تعجب اِهو آهي جو انهن جو احوال ڪتابن مان ڪونه ٿو ملي، پر لوڪ ڪهاڻين مان ملي ٿو، ڇوته اسان جا هينئر ماخذ عربي ۽ فارسي آهن، اِهو اسان جو وڏو عيب آهي، نه ته جي ڳولا ڪبي ته، انهن حاڪمن ضرور ڪجهه نه ڪجهه آثار ڇڏيا هوندا، جي خوش نصيبيءَ سان ملي وڃن ته تاريخ جا اُهي سهڻا حوالا ٿي سگهن ٿا. سومرن وانگر سما به سنڌ جي لاڙ ۽ ڪڇ واري ڀاڱي جي رهواسي قبيلن مان هـُـئا.

سمن جي حڪومت جو پايو ڄام اُنڙ وڌو. پوءِ اسان کي سما ڪڪرالي، ٺٽي ۽ ٻئي هنڌ زور  نظر اچن ٿا، البت سومرن جي حڪومت ٿر ۾ نظر اچي ٿي. ڄام اُنڙ جيئري پنهنجي پٽ تي پنهنجو نالو رکيو هو. اُنڙ جي مئي کان پوءِ اُهوئي اُنڙ اُنڙاڻي هو، جنهن پنهنجن ڀائرن کي ننگر ٺٽي مان ڪڍيو. مهڙ ۽ منائي سندس ڀائر هئا. منائيءَ جي پٽن مان اوڍو ۽ ٻڍو هئا، جي ڪڪرالي جا ڄام ٿي رهيا. اِهو اُوڍو هو، جنهن سان هوٿل نڱامريءَ جو پيار ٿيو. اُوڍو، ٻڍو ۽ جکرو، اهي سڀ ڪڪرالي وارين لوڪ داستانن جي چوڌاري ڦرندڙ ڪردار آهن. اُهو ڪڪرالو جيڪو ڪڏهن سرسبز آباد هو، اڄ ويران ۽  ”ڪڇ جي رڻ“  جو هڪ ٽڪرو آهي، انهيءَ ٽڪريءَ ۾ رهندڙ ڀاڳئي ٻڍي کي ٻارٽ مهڻا ڏيئي مياري ڪيو، انهي ٽڪري ۾ اُوڍو  ۽ هوٿل، عشق و محبت جي لات لنوندا رهيا ۽ انهيءَ ئي ڀاڱي ۾ جکري جهڙو سخي جوان پيدا ٿيو.

اڃا اِها ڳالهه تازي هئي، ته ڄام جرار ۽ بوبنا جي عشق جو داستان اُڀريو. ڄام جرار 1000هه ڌاري زنده هو. ڄام جرار ۽ بوبنا کي لوڪ شاعرن ۽ اديبن، لوڪ ادب ۾ سهڻن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي. اِهو ڄام جرار ۽ بوبنا جو داستان به موجوده ڪڇ جي رڻ ۽ اڳوڻي ڪڪرالي واري جـُـوءِ اُسريو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ٿيو.

آخر سمن جي  حڪومت جي دؤر ۾ پاڻيءَ رخ بدلائڻ شروع ڪيو. جسوڌن بادشاه جيڪو پٽيهل جي آڌار تي هو، سو به پٽيهل جي رخ بدلائڻ ڪري ڪنگال ٿي ويو، پر پوءِ قدرت سندس سوال ٻڌو ۽ اهو پٽيهل درياءَ وري وهڻ لڳو. پٽيهل جي ٻيهر وهڻ وارو اهو دؤر ڪلهوڙن جي حڪمراني وارو زمانو هو.

انهيءَ کان پوءِ پراڻ جي ڳالهه ٿي اچي. اُن وقت پراڻ جو اوج هو، پراڻ ٻيو نه پر ساڳيو اسان جو موجوده سنڌو درياءَ هو. لاکو ڦلاڻي، مهر راڻي پرڻجي واپس وريو ته، هن جي واٽ تي مينهن مرحبا ڪئي. هن ڪپڙا ۽ زيور جيڪي سڪائڻ لاءِ وڌا هئا، سي وري واپس نه ورتا. جيتوڻيڪ لاکو ڦلاڻي ڪڇ جو ڪردار آهي، پر هن جي اِها سخا اهڙي هئي جو لاکي جا ڄاڃي پکي به هن مٿان ڇانءُ ڪري ڄڃ سان گڏ هليا هئا، سو مناسب اِهو هو ته انهيءَ سخيءَ جو ذڪر جيڪو ڪڇ جي رڻ واري پراڻ درياءَ سان وابسته آهي، هت ڪجي، تنهنڪري لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر پڻ هت ڪيو ويو  آهي.

 ”سونو مرد“  ]طولاپرس[ به اهڙي آکاڻي آهي، جا ڪڇ جي اُترئين ڪنڌيءَ سان واسطو رکي ٿي ۽ پڻ ميرزا شاه حسن ارغون اُن پتلي جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي. تنهن ڪري، سوني پتلي جو ذڪر  به لوڪ ڪهاڻين ۾ ڳڻيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ڪنهن بزرگ کان اِها ڳالهه ٻڌڻ ۾ نه آئي آهي.

بڊاماڻي پنرو به سمو سردار هو. سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾، يعني موجوده رڻ ۾ حڪومت ڪندو هو. هـُـو هڪ وڏو سمجهو سردار هو. هن جي بهادريءَ جو ذڪر انهيءَ موجوده رڻ ۾ ٻڌڻ ۾ آيو هو. اڄ اُتي سواءِ سڃ جي ٻيو ڪجهه به ڪين آهي.

سمن جي دؤر جون ڪجهه آکاڻيون ڦري  گهري سمنڊ يا درياءَ يا نديءَ جي رخ بدلائڻ، يا سڪي وڃڻ تي اچن ٿيون. اهڙين ڳالهين مان  ”شيخ معروف جياڻي“  جو تذڪرو به هڪ اهڙو قصو آهي. شيخ معروف جياڻيءَ جو مقام اڄ به علي بندر جي ڀرسان مشهور آهي. مقامي ماڻهو اُن مقام کي عوامي ٻوليءَ ۾  ”مئر فجاڻي“ ڪري چوندا آهن. هن بزرگ جي آکاڻي به آخر ۾  هن نتيجي تي ٿي پهچي ته، سوداگر ڪاوڙجي وڃي پراڻ کي بند ڏياريو ۽ پراڻ اِهو رخ بدلائي ويئي. پراڻ رخ ڪڏهن بدلايو، انهيءَ لاءِ ڪجهه يقين سان چئي نٿو سگهجي، البت غلام شاهه ڪلهوڙي جو موري وٽ بند ڏياريو هو، تنهن کان پوءِ پاڻي ڪوري نديءَ ۾ داخل ٿي نه سگهيو.

اُنڙ اُنڙاڻي

ڄام اُنڙ سنڌ جو هاڪارو حاڪم هو. ڪڪرالي ۽ وڳهه ڪوٽ واري زمين به سندس حڪومت ۾ شامل هئي. پاڻ سنڌ جي سمن ۾ وڏو بادشاهه هو. هن کي ٻه پٽ نالي مـُـهڙ ۽ منائي هئا. جهالا واڙ (گجرات) مان ڪا راجپوت  ”آڻ“ (1) پئي ويئي. اُن پئي پڇيو ته،  هيءَ حڪومت ڪنهن جي آهي ته سندس رهبر عورت کيس ڄام اُنڙ جو نالو پئي ٻڌايو. تنهن تي  ”آڻ“  جي نڻان چيو ته،  ”توکي اُنڙ سان عشق ٿي پيو آهي جو وري  وري ٿي اُن جو پڇين؟“  اِهو ٻڌي اُن عورت چيو ته،  ”جي، اِها ڳالهه آهي ته، شادي به اُنڙ سان ڪنديس.“  پوءِ هوءَ ڪنهن جي به وس ڪونه آئي ۽ وڃي اُنڙ وٽ پهتي.

اُن وقت اُنڙ سؤ ورهين جي عمر جو هو، پر اُن عورت مينهن جا کير پياري کيس جواڻ مڙس ڪري ڇڏيو. اُن عورت مان جيڪو اولاد اُنڙ کي ٿيو، سو پوءِ  ”اُنڙ اُنڙاڻي“  ٿيو. اُنڙ پنهنجي جيئري، پنهنجو نالو پنهنجي پٽ تي رکيو.

اُنڙ جي وفات وقت مهڙ ۽ منائي پيءُ کي دفن ڪرڻ ويا، ۽ اُنڙ اُنڙاڻيءَ کي قلعي ۾ ويهاريو ويو. پٺيان اُن راڻي دربند ڪرائي ڇڏيا. مهڙ ۽ منائي پنهنجي لاءِ مناسب حالتون نه ڌسي ڪڇ ڏانهن هليا ويا ۽ اُتي هو پنهنجي مامي کي اقتدار کان جدا ڪري پاڻ ڪڇ جا والي ٿيا.

 ”مهڙ“  کي ڪڇ ۾ ولي ڪري مڃيو ويندو آهي.  ”مهڙاسو“  سندس نالي سڏبو آهي. منائي کي ٻه پٽ هئا، باقي مهڙ کي ڪوبه اولاد ڪونه هو. اُنڙ اُنڙاڻي پنهنجي ڀاءُ منائي جو گهڻو خيال رکندو هو، ان جي ابتڙ منائي ڪجهه بي مروت هو.

منائي کي ٻه پٽ  ”اوڍو“  ۽  ”ٻڍو“  ٿيا. منائي پنهنجي پٽن کي ڪڪرالي جو حاڪم بڻايو، جن کي اُنڙ اُنڙاڻي وڏي خوشيءَ سان تسليم ڪيو، جنهن مان ٻڍو وڏو هو پر طبعيت ۾ ڪجهه ڪنجوس به هو. هڪ دفعي هڪ ٻارٽ آيو ۽ اچي ٻڍي کي چيائين ته،  ”مون کي خيرات ۾ مينهون ڏي!“  ته هن انڪار ڪيو، ٻارٽ يڪدم بيت ڏنو ته:

 ”مينهون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏکيون،
ڪڪرالي جا ڄام، ڪيهر ڀانئين ڪاڪيون.“

 

ڳالهه هـُـلي ويئي ته بدناميءَ جي ڊپ کان اِهو بيت ٻڍي مينهون ڏيئي ورايو ته ٻارٽ اِهو بيت هينئن ورايو:

 ”مينهون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏکيون،
ڪڪرالي جا ڄام، ڪيهر ڀانئين ڪوڏيون.“

 

باقي اوڍو سخي سردار هو. اُن جو قصو هوٿل ۽ پدمڻي وارو ڏاڍو مشهور ٿيو.(1)

اوڍو ڪيهر ۽ هوٿل پري

ڄام منائي جا ٻه پٽ نالي ’ڄام مهڙ‘ ۽ ’ڄام اُوڍو‘ هئا، جي ذات جا سما ۽ اوڙڪ جا ڪيهر هئا. ڄام مـُـهڙ پرڻيل هو ۽ اُوڍو ڪنوارو هو. مهڙ جي زال اوڍي تي عاشق ٿي پيئي، پر اوڍو ڏانهس ڌيان نه ڏيندو هو. نتيجو هيءُ نڪتو جو مهڙ جي زال مٿس چغلي هنئي ۽ هن کي ڏيهه نيڪالي ڏياريائين، اهو پوءِ پنهنجي مامي ويسر راءِ وٽ ڪڇ ۾ ويو. ڀاڄائي، جي سازش جي ڪري گهر نيڪالي ملڻ کان پوءِ ڪاوڙ ۾ اوڍو ڪيهر هاڻو ٿي پيو هو، سو ڀاءُ کان وير وٺڻ لاءِ ڪڪرالي ۾ پيو ڌڻ هڻندو هو. هوٿل نڱامري، جيڪا پڻ حسن ۾ حور جهڙي هئي، سا پرپٺ مٿس عاشق ٿي پيئي.

ڪنهن حيلي هوٿل پدمڻي پڻ مرداڻو ويس ڪري آئي ۽ اوڍي ڪيهر سان مال هڻڻ ۾ اچي شريڪ ٿي ۽ ٻنهي مال هنيو (ڦريو) بعد ۾ مال جو کنيل اڌ اُوڍي کي ڏيئي ڇڏيو، انهيءَ ڪري اوڍي کي ڪجهه شڪ پيو ۽ چڪاسر نالي تلاءَ ۾ هوءَ وهنجڻ لڳي ته، سڄيءَ ڳالهه تان پردو کڄي ويو. پوءِ ته ٻئي گڏجي هوٿل جي بونئري ۾ ڏينهن گهارڻ لڳا. اُتي کين جکرو ۽ جيسل نالي پٽ ٿيا.

انهن ڏينهن اوڍي کي ڪڪرالي جي سڪ ڏاڍو ستايو ۽ هو وڃي ڪڪرالي تان ڦيرو ڪري آيو، آخر اوڍي جي چوڻ تي هوٿل اچي ڪڇ ۾ رهي. هتي هوٿل هڪ شرط سان آئي هئي، اُهو شرط هيءُ هو ته،  ”اوڍو سندس ذات پڌري نه ڪندو.“  اوڍي اِها ڳالهه مڃي.

ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي، اوڍي جي زال جي ذات ۽ نالي جو سوال پيدا ٿيو ۽ اوڍو ذات ۽ نالو ٻڌائڻ لاءِ وعدي موجب نٽائڻ لڳو، تنهن تي ڪنهن چيو ته  ”هوءَ ڪا ڏائڻ آهي.“  تنهن تي هن ڪاوڙجي  ”هوٿل“  نڱامري جو نالو ۽ ذات ٻڌائي، اِها خبر جڏهن هوٿل کي به پيئي، سا پٺيان چار چٺيون لکي هلي ويئي، انهن جو مطلب هو ته،  ”آءٌ پنهنجي پٽن جي شاديءَ ۾ لانوَن تي اينديس.“

چٺيون لکيون چار، هوٿل پنهنجي هٿ سان،
ڍولا اوانچي تهار، اسان اچڻ ايترو.
(1)

 

اوڍي پوءِ يڪدم کڻي پٽن جي شاديءَ جو سعيو ڪيو. شاديءَ ۾  هوٿل پدمڻي به آئي، هن پنهنجي نهرن سان ڏاڍو پيار وارو ورتاءُ ڪيو ۽ نهرن کي چيائين ته:  ”اوهان کي ڏاج ڇا ڏيان؟“  تنهن تي اڳوڻيءَ رٿا موجب نـُـهرن چيس ته،  ”جتي نهرون، اُتي سس.“  آخر هوٿل پنهنجي ضد تان لٿي ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن نهرن ۽ اوڍي سان ۽ پنهنجي پٽن سان گهاريائين.

جکرو جيڪو پوءِ ڪڪرالي جو مشهور حاڪم  ٿيو، ۽ انهيءَ جي سخا جون ڳالهيون مـُـلڪان ملڪ مشهور ٿيون، سو اوڍي ۽ هوٿل جو هڪ سهڻو ۽ دلير سپوت هو.(2)

ڄام ٻڍو ۽ ٻارٽ

ڄام ٻڍو ڪنهن وقت ڪڪرالي تي حڪومت ڪندو هو. ٻيا سما ڄام سخا واري ڳڻ جي ڪري مشهور هئا، پر هي مڙيئي ڏيڻ جو ڏهلو هو. جيڪو به مڱڻهار [ٻارٽ[ وٽس ويندو هو، سو گهڻو ڪري هٿين خالي واپس ايندو هو. اِها ڳالهه مڱڻهارن ۾ مشهور ٿي، ته هنن ٻڍي ڄام ڏانهن وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو، ڀلا جتان ڪجهه نه ملي اُتي مڱڻهار وڃي وات نه ڪونه وڃائيندو!

هڪ ڏينهن ڪجهه ٻارٽ گڏيا ويٺا هئا ۽ ڳالهيون پئي ڪيائون ته،  ”سومرا به سخي هئا، پر سمن جهڙو سخي ته دنيا ۾ ڪو حاڪم ڪونه ساماڻو، پر هي جو ٻڍو ڄام ڪڪرالي جو ڪيهر ساماڻو آهي، سو سخا جو وڻ پيو وڍرائي ۽ سمن جو نالو پيو بد ڪري.“  اِهي گلائون پوڙهن ٻارٽن پئي ڪيون. انهن مان هڪڙي ٻارٽ چيو ته،  ”انهيءَ ۾ ٻڍي جو ڪهڙو ڏوهه آهي، اسان ٻارٽن ۾ وٺڻ جو ڍنگ ڪونه رهيو آهي، اسان جي گرنار ۾ سدا هڻون ته ٻيجل کان سر به وٺي اچي سگهون ٿا، پر هي جو ٻڍو ڪجهه نٿو ڏي، سو ٻڍي ڄام جو ڏوهه نه آهي، پر اِهو قصور اسان جو آهي.  ته اسان کي مڱڻ جو ڏانءُ ئي ڪون ٿو اچي“  تنهن تي هڪ ٻارٽ، جيڪو تازو ڄام ٻڍي جي در تان ڌڪا کائي آيو هو، تنهن چيو ته،  ”اهڙا ٻارٽ ئي مري ويا. اسان مان ڪهڙو ٻارٽ رهيو آهي جو سچي گهرپ ڪري سگهي؟“  تنهن تي هن ٻارٽ چيو ته  ”ائين نه چئو، اڃا سج لهي اُڀري پيو.“  انهيءَ تي پهرين ٻارٽ مهڻو هڻندي چيس ته،  ”جي ائين آهي ته، پوءِ تون ئي کڻي نصيب آزمائي ڏس ۽ پراڻن ٻارٽن جو نالو روشن ڪر.“  هن چيو ته،  ”آءٌ ائين ڪري به سگهان ٿو.“  تنهن تي چيڙائيندڙ ٻارٽ چيو ته،  ”جي تو ائين ڪيو ته اسان ٻارٽ توکي ئي پنهنجي نيات جو چڱو مڙس ڪنداسون.“

پوڙهي ٻارٽ کي مهڻي ماري وڌو. هو پنڌ ڪري ڪڪرالي ويو. ڄام ٻڍي جي درٻار ۾ پهچي، عرض ڪيائين ته:  ”ڄام صاحب، مون کي ڪجهه مينهون ڏيو ته، انهن جي کير مان ڏند سائو ڪريان ۽ اوهان جو جوءِ  ۾ نالو ڳايان.“  پر ڄام چيس ته،  ”ٻارٽ مينهون آءٌ ڪونه ڏيندس.“  تنهن تي ٻارٽ چيو ته،  ”جي مينهون نٿا ڌيو ته آءٌ به اوهان کي لوڪ ۾ هن طرح وڃي ڳائيندس:

مينهيون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏکيون،
ڪڪرالي جا ڄام، ڪيهر ڀانئين ڪاڪيون.“

 

ٻارٽ ته وڄائي ڇڏيو، ڄام کي خبر هئي، ته اِهو بيت جڳ ۾ مشهور به اِهوئي ٻارٽ وڃي ڪندو. هاڻ عزت آبرو سڀ ويئي، سو ٻارٽ کي چيائين ته،  ”ٻارٽ! بيت وار، مينهون ڪاهه.“  ٻارٽ چيو ته،  ”مينهون ملنديون ته بيت بيشڪ ورندو.“

ڄام ٻـُـڍي يڪدم حڪم ڪيو ته ٻارٽ کي ڏهه مينهون ڏنيون وڃن. اِهو ٻڌي ٻارٽ خوش ٿيو ۽ بيت کي هن طرح واري ڪڪرالي جي ڄامن تان ڪارنهه جو ٽڪو به لاٿائين ۽ انهن جي ساراهه به ڪري ويو:

مينهون موٽا ٿام، ڏيڻ گهڻيون ڏکيون،
ڪڪرالي جا ڄام، ڪيهر ڀانئين ڪوڏيون.

 

ٻارٽ بيت واهه جو ورايو. هو مينهون وٺي موٽي آيو. ٻارٽن اِهو ڏسي، قول موجب هن کي پنهنجو وڏو ڪري مڃيو، پوءِ ڪوبه ٻارٽ ڪڪرالي جي ڄامن وٽ ويندو هو ته، اُن کي هو وڏي عزت ڏيندا هئا ۽ گهڻيون ئي ڏيڻيون خيرات ڪندا هئا.(1)

بوبنا ۽ جرار

ڪڪرالي جو ڄام جرار، جنهن جو پهرين نينهن ڇـَـتي مالهڻ سان هو ۽ هوءَ به ڄام تي فدا هئي.

هڪ ڏينهن شڪار تي ويو ته، هلندي واٽ ۾ بوبنا جي نقلي تصوير ڏسي، هن کي بوبنا جي يادگيري پئي، ڇوته اهو سڱ جرار جي پيءُ ڄام نظام اڳي بوبنا جي مائٽن کان گهريو هو. اِها ياد به آيس، پوءِ پتو پيس ته، اِهي بـُـريون تصويرون سڄي شهر ۾  ”ڇتي مالهڻ“  لڳايون هيون ته جيئن جرار جي بوبنا ڏانهن نفرت وڌي.

اهي تصويرون ڏسي ڄام جرار بوبنا کي ڏسڻ لاءِ آتو ٿي پيو ۽ ڳاڙهي جت کان ڀلوڙ اُٺ وٺي مارک ڏاهريءَ جي مـُـلڪ ڏانهن روانو  ٿيو. اُن ڳوٺ ۾ هڪ ڪوريءَ وٽ وڃي رهيو، جيڪو هن جي اخلاق ۽ حُسن کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ ڪورياڻي جيڪا بوبنا جي سهيلي هئي، سا به ڄام جرار جي حال ڀايـَـڻ ٿي.

ڪوريءَ ۽ ڪورياڻيءَ جي رٿا سان ڄام جرار بوبنا سان باغ ۾ ڏيٺي ملاقاتي ٿيو. اُتي جرار تي بوبنا جي حسن جو اسير ٿي بوبنا تي عاشق ٿي پيو.

اُٺ ڪجهه وقت ترسيو، پر جرار پنهنجي عشق ۾ الوٽ هو ته اُٺ واپس وڃي ڳاڙهي جت جي وڳر ۾ پهتو، ڇتيءَ مالهڻ ڏٺو ته، جرار نيٺ وڃي بوبنا وٽ پهتو آهي، سو جت تي ڏاڍي ڪاوڙ ڪيائين، پر آخر وڃي جرار کي وٺي آئي، پر جرار کي بوبنا جي تات رات ڏينهن رهندي هئي.

ڇتيءَ سازش ڪري  ”ڄام“  کي بوبنا سان شاديءَ لاءِ تيار ڪيو، جڏهن ته  ”ڄام“  جي نالي بوبنا جي ڀيڻ  ”ڪڪي“  هئي، تنهن جو سڱ وري جرار کي ڏياريائين ۽ وزير صالح کي اغوا ڪري ڪنهن ڏکيءَ جڳهه تي قيد ڪري رکيو هئائين ۽ ڇـَـتي مالهڻ پاڻ وزير صالح جي جڳهه تي ڇتو وزير جو روپ ڪري وزارت جو ڪم سنڀاليندي رهي. انهيءَ ڳالهه کي مقبول ۽ قابل قبول بنائڻ لاءِ سڄو ڪم  ”ڇتيءَ مالهڻ“  پاڻ ڪيو.

جڏهن ڄام بوبنا پرڻجي وريو ته ڪڪي به ڄام جرار لاءِ تلوار سان لانئون لهيو پيئي آئي ساڻس گڏ بوبنا سان ڪورياڻي سهيلي به گڏ هئي. اُن ڄام جرار جي عشق جي ڳالهه بوبنا سان ڪئي هئي، سو ڄام سان بوبنا سٺو نٿي هلي، کيس رڳو  ڄام جرار جي لوري لڳل هئي، ڪورياڻي ڄام کي بوبنا وٽ اڪيلو نه ڇڏيندي هئي. رٿا موجب بوبنا ڄام جي محلات ۾ ۽  ”ڪڪي“  جرار جي محلات ۾ لاٿي ويئي.

ڄام جرار جو روح ته پيو  ”بوبنا بوبنا“  ڪندو هو. هڪ ڏينهن اُتي ٻه ڪاٺير ڪم ڪرڻ آيا، انهن مان هڪ ڄڻي چيو ته،  ”ڇتو وزير ٿيو آهي، تنهن کان وٺي هي باغ ڦٽو پيو آهي ۽ ڄام جڏهن کان وٺي بوبنا سان پرڻيو آهي، تنهن ڏينهن کان وٺي محل مان سـُـک پر ڪري اُڏامي ويو آهي.“  اِهو ٻڌي جرار جو ڌيان ايڏانهن ٿيو ۽ پوءِ تـُـرت محلات ۾ ويو. جتي ڪڪيءَ ٻڌايس ته،  ”آءٌ بوبنا جي ننڍي ڀيڻ آهيان، ۽ بوبنا پاڻ ڄام جي محل ۾ آهي.“  پوءِ ته جرار اوڏانهن ويو، پر ڇتيءَ سخت پهرو بيهاريل هو ۽ ڄام جرار محل اندر پهچي ڪونه ٿي سگهيو.

ڄام جرار پنهنجن ڪن دوستن جي صلاح سان زنانو ويس ڍڪي، محل ۾ اندر ويو.  ”ڇتيءَ“  کي شڪ ٿي پيو، تنهن محلات اندر ڄام کي وڃڻ لاءِ چيو، پر ڄام کي ڪورياڻيءَ جا سـُـور سجهيا ٿي سو ڪونه ٿي ويو. آخر  ”ڇـَـتي“   محل ۾ پاڻ ويئي، ڏسي ته برابر جرار، بوبنا سان، پلنگ تي ستو پيو آهي. جيئن ته هـُـو ننڊ ۾ ستو پيو هو، ڇـَـتي سندس وڏا وار پلنگ سان ٻڌي ڇڏيا ۽ ڊوڙي وڃي ڄام کي وٺي آئي، پوءِ ته جرار کي رسن سان ٻڌو ويو ۽ ڏاميج ڪري ٻاهر آندو ويو.

اُن وقت بوبنا کي جرار چيو ته،  ”صالح وزير کي هٿ ڪر، آءٌ سمجهان ٿو ته، اُهو خزاني واري تهه خاني ۾ بند آهي نه ته بچڻ ڪونهي.“  جرار جي وڃڻ کان پوءِ ڄام کان بوبنا خزاني جون چاٻيون گهريون، سو هن جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ هن کيس خزاني جون چاٻيون ڏنيون. خزاني جي ڪوٺيءَ ۾ هڪ پيتيءَ ۾ بند صالح وزير هن کي مليو، جو اڌ مئو ٿيو پيو هو. آخر بوبنا هن جي سار سنڀال ڪئي ۽ هو چاق چڱو ڀلو ٿيو ته، حڪومت تي قبضو ڪري ورتائين. ڄام جرار به حيلي بهاني آجو ٿيو هو، سو به ملڪ تي قبضي لاءِ ڪجهه پهلوان وٺيو پئي آيو، وزير صالح هن کي ڏسي خوش ٿيو ۽ کيس بادشاهه مقرر ڪيائين.

ڇتيءَ جي ٺڳي ظاهر ٿي وئي هئي. آخر ۾ بوبنا جرار سان ۽ ڪڪيءَ ڄام سان شادي ڪئي. ائين بوبنا ۽ جرار جو محبتي ميلو وڃي ٿيو.

جسوڌن سمو

ڏکڻ سنڌ جو ڪنهن وقت جسوڌن سمو وڏو حاڪم هوندو هو. اُن کي ڍور ڌڻي به سڏيو ويندو هو. پٽيهل درياءَ هن جي بادشاهيءَ جي وچ مان وهندو هو.

هڪ سال هينئن ٿيو جو پٽيهل درياءَ ۾ پاڻي پورو ڪونه آيو. پاڻي گهٽ ٿيڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليائين. ماڻهن وڃي ڍوري کي ڏٺو ته، اُهو مرڳو اُبتو پئي وهيو. اِها خبر بادشاهه سان ڪئي ويئي ته، ڏاڍو ڏک ٿيس. ملڪ ۾ پاڻي نه ڏسي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا. تڏهن جسوڌن سڀني کي چيو ته،  ”بيهو هڪ آزمودو وٺون.“  پوءِ هن ماڻهن کي ان ورهائي ڏنائين ۽ خزانو پڻ. پر ڍورو نه وهيو، سو ماڻهو وري به لڏڻ لڳا ته، هن ٻه تتر ڇوڙيا ۽ چيائين ته،  ”موٽي آيا ته ڀلي لڏي وڃجو.“  قدرتا تتر بک مري واپس آيا ۽ ماڻهو لڏڻ لڳا. جسوڌن بادشاهه به اڪيلو شهر ۾ ڏکيو ٿيو، تيرهن ماڻهن سان هي به روانو ٿيو. واٽ تي اُهي به هن کان، سواءِ زال جي ٻيا ڇڄي ڌار ٿي ويا.

هي زال مڙس پنهنجي ساهرن ۾ ويا. اُتي هڪ ڏينهن هار جي چورائڻ جي بد هن جي زال تي لڳي، سو اُتان به هو پنڌ پيا ۽ وڃي مزدوري ڪيائون.

مزدوري ڪندي ڪندي هنن سٺا پئسا گڏ ڪيا، هڪڙي ڏينهن هن شهاڻو طعام تيار ڪيو.

ان ريت هڪ ڏينهن مزدوري ڪندي کيس ستن بادشاهن جو ڌن پوريل لڌو، هن کوٽي ڪڍيو ۽ سکيا ڏينهن گذارڻ لڳو ته، هن جي ڀيڻ کي جيڪو گم ٿيل هار به مليو ۽ ڍورو به آباد ٿيو، پوءِ ته، ڍوري جا ماڻهو جسوڌن کي ڳوليندا ڳوليندا اچي پهتا ۽ اُن کي وٺي وڃي وري وڃي بادشاهه ڪيائون. جسوڌن بادشاهه وڏو عادل ۽ رعيت پرور بادشاه هو. هن کي پاڻ کان وڌيڪ رعيت جو خيال رهندو هو.(1)  لطيف سائين به کيس ڳايو آهي:

ڪندا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍورو هي،

جسوڌن جيڏو، تـــو ڪــــو گڏيو پهيئڙو.

لاکو ڦلاڻي

لاکو ڦلاڻي ڪڇ جو اڙٻنگ جوان هو. پاڻ پنهنجيءَ جوانيءَ ۾ هٻي جبل ۽ لوڻي جي ماڻهن کي خاص طرح تپائي (ڦرن سان) کنيو هئائين. پاڻ خاص ڪري اُٺن جا وڳ هڻندو هو. هن جا جسو ۽ جسراڄ ٻه هاڻو [ڌاڙيل[ ساٿي هئا، اُهي کيس هاڻو [ڌاڙا[ هڻڻ ۾ مدد ڪندا هئا.

هن جو چوڻ هو ته مون کي منهنجي پيءُ جي وفات جو، جيڪو به ٻڌائيندو، انهيءَ جي زبان وڍرائي ڇڏيندس، پر هڪ ڏاهي اهڙي طرح لاکي کي پيءُ جي وفات جو ٻڌايو جو اِها خبر خود لاکي جي واتان نڪتي، ۽ لاکي پوءِ ميڻ جي زبان ٺهرائي اُها وڍرائي. هي پوءِ لوڙئيون ]ڌاڙا[ هڻڻ ڇڏي پنهنجي بادشاهي سنڀالڻ لڳو.

آخر شاديءَ جو خيال ڪري، سنڌ جي مهراڻي مـُـلڪ جي  ”مهر راڻي“  سان پرڻيو. جيتوڻيڪ هن شاديءَ جا شرط ڏکيا رکيا هئا، پر لاکي پنهنجي وزير جي صلاح ۽ ڏاهپ سان سي سڀ پورا ڪيا. پنهنجي ڪنوار وٺي اچي ڍوري پراڻ تي پهتو ته، اتي ڏاڍو مينهن پيو. آمريءَ جي ڀرسان ٽپڙ سڪائڻ لاءِ وڻن تي وڌا ويا، سي پوءِ لاکي ڪونه لهرايا ۽ چيو ته، اهي وڻ جن کي اسان ڏاج ڏنو آهي، سو ڪونه وٺنداسون. ڪنهن بزرگ انهيءَ ڳالهه کي اڳيان رکي چيو ته:

”جهوني تون پراڻ، جڳ ڇهه ٽيهه سنڀرين،
تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا.“

 

اتي جيڪو آمريءَ جو وڻ هو، تنهن ۾ وري ڳهه ڳٺا ۽ لعل، موتي ٻڌا ويا هئا، پر لاکي اُهي به ڪين لهرايا. انهيءَ واقعي کي اڳيان رکي ڪنهن سگهڙ آمري کان پڇيو ته،  ”ڪَ تون ابل سندي آمري، ڪَ لاکي سندي لال؟“ 

تڏهن اُن آمريءَ اُن شاعر کي چيو ته:

مون ۾ لاکي لالون ٻڌيون، آءٌ لاکي سندي لال،
ابل اچي ڪالهه، لک سين مانجهاندو ڪيو.

 

ههڙي سخي مڙس، جنهن وڻن کي به ويس ڍڪايا، تنهن سان پراڻ جي پکين به ساٿ ڏنو ۽ لاکي جي ڄڃ جي مٿان ڇانو ڪري اُڏرندي ٿي هليا ۽ سڄي پراڻ واري مـُـلڪ تائين اهي پکي لاکي مٿان ۽ ڄڃ مٿان ڇانوَ ڪري پئي اُڏاڻا، اڄ به انهن پکين کي  ”لاکي ڄاڃي“  ڪري چئبو آهي. اهڙي طرح لاکو شان ۽ مان سان پراڻ کان لنگهي وڃي پنهنجي ڪوٽ ۾ پهتو.

لاکي کي ڪنهن ٻڌايو ته،  ”مهر راڻي“  جو ڪنهن چوڙيگر سان نينهن آهي، ان ڪري کيس هـُـن تي شڪ رهندو هو، ٻيو وري مڱڻهار جو ساڻس گڏجي آيو هو، تنهن جڏهن مهر راڻيءَ جي اشاري موجب  ”هار“  بدران  ”مهر راڻي“  گهري ته، مڱڻهار کي اِها ڏيئي ڇڏيائين. مهر راڻيءَ جي وڃڻ تي نيت ڪانه هئي. پر لاکي کيس ڪڍي ڇڏيو. انهيءَ ڪري ڪن مٿس ميار رکي هئي ۽ ڪن ته، ڪـَـچن لفظن سان به لاکي کي ياد ڪيو هو. پر لاکي جي غيرت مهر راڻيءَ کي برداشت نه ڪري سگهي.

سونو ماڻهو

راءِ لاکي پٽ ڦل جي ڏينهن ۾، هڪ ڪيميا جو ماهر هڪ اهڙي ٻوٽيءَ جي ڳولا ۾ هو، جيڪا جيئري انسان کي سون ۾ تبديل ڪندي هـُـئي. هڪ ڏينهن هن ٻڪريءَ جو منهن ڳاڙهو ڏٺو ۽ اُن ٻوڙي کي ڳولي وڃي هٿ ڪيو ۽ اُن ٻوڙي کي باهه ۾ وجهي، هڪ ڌنار کي سڏيو. مرضي هيءَ هيس ته، انهيءَ ڌنار کي انهيءَ باهه ۾ وجهي سونو ماڻهو بنائي، پر ڌنار کي شڪ پيو، سو جوڳيءَ جي پٺيان ٿيو ۽ هن کي ٿيلهو ڏيئي اُن باهه ۾ ڪيرائي وڌو.

قدرتي طور اُهو جوڳي سونو ٿي پيو. اُهو ڌنار اُن مان هڪ ڏينهن ٻانهن وڍي کڻي ويو، ٻئي ڏينهن اُها سوني ٻانهن ٻيهر پيدا ٿي وئي، پوءِ ته، هو هر روز ڪونه ڪو عضوو وڍيو ويندو هو ۽ اُهو سونو عضوُو مڪمل ٿي ويندو هو. اهڙي طرح اُهو ماڻهو شاهوڪار ٿي ويو. ڪنهن انهيءَ سوني ماڻهوءَ جي خبر سمي حاڪم کي ڏني، انهيءَ حاڪم کي ايترو ته سون اُن مان حاصل ٿيو جو هو روز هڪ لک رپيا خيرات ڪندو  هو ۽ لاکو، لک خيرات ڪندڙ مشهور ٿيو.

جڏهن لاکي وفات ٿي ڪئي ته الله در سوال ڪيائين ته،  ”هي سونو ماڻهو ٻئي، ڪنهن کي حاصل نه ٿئي.“  الله سندس سوال ٻڌو ۽ ائين ئي ٿيو.

ميرزا شاهه حسن ارغون هن سوني ماڻهوءَ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪامياب ويو. ٻه کوهه کڻايا هئائين، هڪ مان پاڻي ڪڍي ٻئي ۾ ٿي وڌو ويو ته، سونو ماڻهو اُن مان نڪري ٻئي کـُـوهـَــه ٽپي ٿي پيو، ائين لاکي جي دعا ڪاميابيءَ جي درجي کي وڃي پهتي. ميرزا شاهه حسن اِهو کوهه پوءِ لٽرائي ڇڏيو.(1)

بڊاماڻي پنرو

سمن جي ڏينهن ۾، سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد وٽ، ڪاڇي واري حـصي ۾ پنرو بڊاماڻي هڪ سورهيه سردار رهندو هو. هو مال جو وڏو هاڻو ]ڦورو[ هو. ڪنڌيءَ مان جڏهن پنرو نڪرندو هو، ته مالوندن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي هئي.

هن تي هڪ ڀيري ڪو مغل سردار چڙهي آيو، پاڻ ٻاهر ويو هو، سو مغل سردار هن جا ٻار ٻچا عيوضو ڪري وٺي ويو. جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ به پٺيان چڱي جنگ ڪئي، پر حاصل ڪجهه به ڪونه ٿيو ۽ مغل سردار پنري بڊاماڻي جو ڪوٽ ڀڃي پٺيان سـُـڃ ڪري ويو.

جڏهن بڊاماڻي پنري کي خبر پئي، تڏهن هڪ لڪ جهلي بيٺو پوءِ جيڪا ٿي فوج اُتان ٿي لنگهي، اُن کي ويو ماريندو. خود مغل سردار کي پنري ماري وڌو ۽ پنهنجيون عورتون آزاد ڪرائي موٽي آيو.

البت لشڪر ۾ جيڪو اڳي لنگهي ويو هو، اُن ۾ سندس محبوبا سوناري ۽ اُملهه نالي سندس ڀيڻ کي هو وٺي ويا. اُٰن کي به پوءِ بڊاماڻي پنري وڙهي ڪري آجو ڪرايو. اهڙيءَ طرح هن سورهيه سردار پنهنجي شان تي ٽڪو ڪونه لاتو.

بڊاماڻي پنري جو ڪوٽ جنهن ڀيڻيءَ تي اڏيل هو، اُتي ڪونجون پوءِ اچي ويهنديون هيون، ماري اُتي ڪونجن کي ڪونه ماريندا هئا. پر پوءِ ٻاهريان ماري آيا، انهن پنري جي پڊن جو احترام ڪونه ڪيو ۽ اُتي ڪونجن به لهڻ ۽ ويهڻ ڇڏي ڏنو.(1)

لطيف سائين انهيءَ پڊاماڻي کي ڳاتو آهي:

اڄ گهرجين يار، بڊاماڻي پنرا،
ڪاڇي ٻئي پار، اچي ويرين ويڙهيا.

 

شيخ معروف جياڻي

پراڻ درياءَ جي ڪنارن تي ڪيترائي وڏا وڏا بندر هوندا هئا، انهيءَ جي پيٽ مان ڏيهه مشهور سوداگر پنهنجو مال آڻيندا ۽ نيندا هئا. اهڙن بندرن مان  ”علي بندر“  به هڪ مشهور بندر هو.

اهڙن سوداگرن مان هڪ ڪشميري سوداگر به هوندو  هو، جنهن جو واپار سنڌ سان هلندو هو. هو هڪ ڏينهن جيئن ٻيڙا ڀرايو پئي آيو ته علي بندر تي، هڪ ٻڪرار کي ٻڪرين سان گڏ پاڻي پيئندي ڏسي سوداگر چيو ته،  ”هي تخم جو تاثير آهي.“  زال چيو ته،  ”نه! صحبت جو اثر آهي.“  انهيءَ ڳالهه تان اچي ٻئي اکئين پيا. آخر نتيجو هي نڪتو جو سوداگر پنهنجي زال کي طلاق ڏني ۽ چيو ته،  ”جي صحبت جو اثر آهي، ته هاڻ سندس صحبت ۾ وڃي تون رهه.“  زال به چيو ته،  ”مون کي جي ڪڍين ٿو ته، هن جون جتيون تون ڇنڊيندين.“

پوءِ اُها زال انهيءَ ٻڪرار وٽ هلي ويئي وڃي اُن سان نڪاح ڪري، اُن جي زال بڻجي وئي. انهيءَ ڌنار جو نالو شيخ معروف هو. ڪشميري سوداگر جي ڇڏيل زال پنهنجي نوَ لکي هار مان هڪ محل به ٺهرايائين ۽ هن ڄٽ ڌنار کي پڙهائي عزت وارو ڪيائين ۽ کيس روز بادشاهه جي سلام ڪرڻ لاءِ موڪليندي هـُـئي.

ڪجهه ڏينهن گذريا ته، علي بندر تي جتن حملو ڪيو. بادشاهه جي ماڻهن مان همت نڪري ويئي. بادشاهه تلوار کڻي ميدان ۾ کوڙي، پر ڪنهن به تلوار کي هٿ نه لڳايو. تنهن ڪري شيخ معروف کي، سندس زال تلوار کڻڻ لاءِ چيو. شيخ جو تلوار کنئي ته، سڀ خوش ٿيا. ٻئي ڏينهن زال مڙس جنگي ويس ڪري بادشاهه وٽ آيا، بادشاهه ججهو لشڪر ڏيئي هنن کي جتن جي سامهون موڪليو. الله جي مهربانيءَ سان، هـَـو اِها جنگ کٽي موٽي آيا ۽ سڄو شهر ۽ بادشاهه هنن تان گهور وڃڻ لڳا.

بادشاهه دربار گهرائي، شيخ معروف کي عزت ڏني ۽ چيائين ته،  ”گهر جيڪي گهرڻو هجئي“  زال جي چوڻ موجب هن علي بندر جا سڀ حق گهريا، جي کيس ڏنا ويا.

پوءِ ته جيڪي به ٻيڙا ايندا هئا، انهن جي فهرست هر روز شيخ زال کي ڏيندو هو، زال جيئن هدايت ڪندي هـُـيس، هو تيئن ڪندو هو.

هڪ ڏينهن ساڳيو ڪشميري سوداگر اچي علي بندر تي پهتو. زال جو ڏٺو ته، هيءُ هٺيلو اچي ويو آهي، سو هن کي سبق ڏيارڻ لاءِ هن مڙس کي سمجهائي ڇڏيو ۽ باقي ٻيڙا روانا ڪيا ويا. هفتو ٻه گذري ويا، پر انهيءَ سوداگر کان سونگ ]ٽيڪس[ نٿي ورتو ويو. آخر سوداگر کي لاچار ٿيو، سو هنن جي گهر پيهي آيو.

اُن مهل اُن عورت نوڪر لڪائي ويهاري ڇڏيا ۽ شيخ معروف کي غسل ڪرڻ جو چيو، غسل کان پوءِ معروف کي جتي ڪير به ويجهي ڪري نٿي ڏئي سگهيو. تنهنڪري شيخ معروف سوداگر کي جتي کڻڻ لاءِ چيو، هن چيو ته،  ”مڙيئي خير آهي.“  سو کيس جـُـتي کڻي آڻي ڏنائين. اوڏي مهل سوداگر کي هن جي اڳوڻي زال اچي سلام ڪيو ۽ چيو ته،  ”ميان سلام اٿئي!“

سوداگر ڏٺو ته، رن ته بازي کٽي ويئي، سو جيئن باهه ۾ هتان روانو ٿيو، تيئن وڃي پراڻ جي منهن تي بند (ڳنڍو)  ٻڌايائين. ان ريت هوريان هوريان علي بندر ڦٽي ويو. ائين سوداگر پنهنجي دشمن زال کان وير ورتو.(1)

 

---------


 

(1)  هن احوال لاءِ سڪندر: هيرلـڊليم، مترجم غلام رسول مهر،  ”گل گامش سومري جو قصو“ 

مترجم: محمد سومار شيخ، سنڌي مشهور قصا جلد:7، نبي بخش خان بلوچ، ڳاهن سان ڳالهيون، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين ڪتابن مان مدد ورتي ويئي. (ليکڪ)

(1)  روايت موسيٰ ولد سومار شيخ ۽ پڻ ساڳئي روايت ڪتاب  ”سنڌي مشهور قصا“  جلد:7، 
مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص.316، 342 ۾ آيل آهي. (ليکڪ)

(2) ”ڳاهن سان ڳالهيون“ ، مرتب: نبي بخش خان بلوچ ص67-73.

(1) ڏسو  ”ڳاهن سان ڳالهيون“ ، مرتب از: نبي بخش خان بلوچ، ص.142-145

(1) اخبار هندواسي، 12 نومبر 1961.

(1) ڳاهن سان ڳالهيون، ص 142 - 145.

(1) (الف) تحفة الڪرام، (سنڌي ايڊيشن) ص.108-112.

(1) (الف) تحفة الڪرام، (سنڌي ايڊيشن) ص.108-112.

(1) روايت مرحوم الله بچايو شيخ.

(1) روايت مرحوم شيخ عمر ۽ مٺو نهڙيو ڪڇي. (ليکڪ)

(1) روايت الله بچايو شيخ ۽ محمد سمو شيخ (ليکڪ)

(1) آڻ: تلوار سان لائنون لڌل ڪنوار (نظرثاني ڪندڙ)

(1) روايت مٺو نهڙيو ڪڇي. (ليکڪ)

(1) نظرثاني ڪندڙ طرفان واڌارو (ادارو)

(2) مشهور سنڌي قصا، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

(1) روايت مٺو نهڙيو ڪڇي. (ليکڪ)

(1) ڳاهن سان ڳالهيون، مرتب: نبي بخش خان بلوچ ص.186-227.

(1)  تحفة الڪرام، از: مير علي شير قانع، ص.153-155، سال 1957ع.

(1) ”ڳاهن سان ڳالهيون“ ، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص.122-128.

(1) ”ڳاهن سان ڳالهيون“  مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ص.155-141.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org