حصو پهريون
(1)
سنڌ جي تاريخ ۽ ڪڇ جو رڻ
سنڌ جي تاريخ جو هڪ وڏو حصو ڏکڻ سنڌ سان وابسته
آهي. سنڌ جي تاريخ کي جيڪڏهن صحيح نموني ۾ دنيا
اڳيان پيش ڪرڻو آهي ته ڏکڻ سنڌ جي وڃايل ۽ وساريل
تاريخي تذڪري کي ڳولڻو پوندو. آءٌ هتي فقط ”ڪڇ جو
رڻ“ جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، تنهن ڪري ڏکڻ سنڌ کي
ڇڏي، رڳو لاڙ جي ڏکڻ اوڀر واري حـصي تي نظر وجهي
رهيو آهيان. جيئن ته منهنجو مطالعو وسيع نه آهي،
منهنجي ڄاڻ محدود آهي، پر تنهن هوندي به جيڪو ڪجهه
مون پيش ڪيو آهي، اُهو ذڪر تاريخي حيثيت جو حامل
آهي.
اڄ جنهن کي اسان ”ڪڇ جو رڻ“ ٿا سڏيون، سو ڪڏهن
آباد ۽ شاد هو.
هن ڏس ۾ محترم ايم.ايڇ.پنهور صاحب لکي ٿو:
”اڄ رڻ ڪڇ خشڪ آهي، پر سن 1226ع کان اڳ ائين نه
هو. ان وقت ڪڇ هڪ سامونڊي (کاري) نار هو. سنڌ جو
سامونڊي ڪنارو به اتي نه هو جتي اڄ ڏسجي ٿو. اهو
4500 (2500 ق.م) سال اڳ ماتلي ۽ تلهار جي وچ تي
هو. ان دؤر ۾ اسان وٽ ٻه نديون (هاڪڙو ۽ سنڌو
درياهه) وهنديون هيون. هندستاني ٿر جي گم ٿيل ندي
سرسوتي يا هاڪڙو ٽن دريائن: گهگهر، چتانگ ۽ خود
سرسوتيءَ ذريعي سيراب ٿيندي هئي. هي سڀ درياءَ
سواليڪ جي حدن مان يعني ته دهليءَ کان 200 کان
300 ميلن جي حد مان اتر کان نڪرندا هئا. تازي
جاگرافيائي دؤر ۾ جمنا ندي به سمورو يا پنهنجو
ڪجهه پاڻي هاڪڙي کي ڏيندي هئي. تيرهين صديءَ تائين
ستلج درياءَ جي ڇڙوڇڙ شاخن جو پاڻي به ان ۾ اچي
پوندو هو. سکر ۽ ڪشمور جي وچ تي ڪٿان، سنڌو درياءَ
جي ڪجهه واهن جو پاڻي به هاڪڙي ۾ پوندو هو. اهو
سمورو پاڻي سرسوتي يا هاڪڙي سان رلي ملي ويندو هو.
هاڪڙي جو سمورو وهڪرو ڪڇ جي نار ذريعي خارج ٿيندو
هو، جنهن کي هاڻي ڪوري نار (کاري) سڏجي ٿو. سنڌو
ندي هميشه اولهه ڏي رڙهي آهي. تيرهين صديءَ جي وچ
تائين درياءَ سنڌ پڻ پنهنجي اوڀر واري شاخ (اوڀر
پراڻ) ذريعي، واڌو وهڪرو ڪوري نار ذريعي سمنڊ ۾
خارج ڪندو هو. گهڻو ڪري 3000 (1000 ق.م) سال اڳ
تائين، ننگر پارڪر تعلقي جي آس پاس ٽين ندي يعني
ته لوڻي، راجستان جي اولهه کان چوماسي جي بارش جو
پاڻي کڻي اچي، ڪوري نار جي ذريعي خارج ڪندي هئي.
ننگرپارڪر تعلقو ان وقت هڪ ٻيٽ هو.“
ٽنهي ندين جو گڏيل پاڻي ڇڇر ٿي ڪوري نار (لکپت
وٽان) ۽ ڪڇ جي نار (مانڊو جي ڀرسان) ذريعي عربي
سمنڊ ۾ ڪرندو هو. ان ريت ڪڇ جي کاري ۽ نار جو پاڻي
مٺو رهندو هو. ان وقت ڪيترين ئي ڍنڍن جو مرڪب ”ڪڇ“
هڪ ٻيٽ هو ۽ ان جي هم چورس پکيڙ 5000 ميل هئي. ان
طرح تازي ۽ مٺي پاڻيءَ ڪري اتي مڇي توڙي موسمي پکي
جام ملندا هئا. سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي شڪاري قبيلن
لاءِ ان وقت ڪڇ جنت جي مثل هو. ان ريت هيءُ ٻيٽ
ٽنهي ملڪن لاءِ پل جو ڪم به ڏيندو هو. جاگرافيائي
حالتون به ٽنهي ملڪن کي ڳنڍينديون هيون. اها
صورتحال 6000 (4000 ق.م) سال اڳ به هئي ته سن
1200ع ڌاري به موجود ڏسجي ٿي.
سن 1226ع ۾ هاڪڙو سڪي ويو. سنڌو درياءَ اولهه ڏي
ڌڪجي ويو ۽ اهو ڪوري نار ذريعي ڪڇ جي نار ۾ نه
پوندو هو. زميني تبديلين سبب ڪڇ جي نار جي سطح مٿي
ٿي آهي، جنهن خشڪ ٿي ان کي رڻ ۾ تبديل ڪيو آهي.
سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا ڳانڍاپي جا ذريعا ختم ٿيڻ
جي ڪري معاشي توڙي ثقافتي تعلقات به ڪمزور ٿي ويا.
رڻ اڃا به 24 کان 30 انچ سامونڊي پاڻي حاصل ڪري
ٿو، سمنڊ جون کان آگسٽ تائين لڳندڙ زبردست چوماسي
جي هوائن توڙي سامونڊي لهرن ۽ ويرين سبب چڙهي ٿو.
ڪجهه پاڻي ”لوڻي“ ندي به پهچائي ٿي. هي پاڻي ڊسمبر
تائين هجي ٿو ۽ سڄي رڻ ۾ ڌٻڻ جهڙيون حالتون ڏسجن
ٿيون. زلزلن سبب رڻ ۾ ٻيٽن جو وڏو تعداد پيدا ٿيو
آهي، جن سنڌ سان آمد و رفت کي سولو بنايو آهي. ٽي
رستا: روپار کان ننگر پارڪر، ڀڄ کان ڏيپلو ۽ رحمڪي
بازار، لکپت کان رحمڪي بازار ۽ جاتي- وڏي اهميت
رکن ٿا.
رڻ ڪڇ جي ٻيٽن جي ڪنارن سان جيڪو گاهه گوچر
ڦـُـٽندو آهي، اهي ٻيٽ سنڌين ۽ ڪڇين جا گڏيل چراگاهه هوندا هئا. هي صورتحال
ويجهڙ واري دؤر تائين جاري رهي.
ڪڇ جي هم چورس پکيڙ 7616 ميل آهي. سراسري طور تي
اتر ۾ 12 انچ ۽ ڏکڻ ۾ 120 انچ برسات پوي ٿي. زمين
گهڻو ڪري ويران، وڻن کان سواءِ ۽ پهاڙي آهي، پر
پهاڙي لاهين تي ساوڪ ڏسبي آهي. مکيه ڌنڌو مال چارڻ
آهي. سامونڊي ڪنارن تي مڇي به ماري ويندي آهي.
سراسري طور تي ڪڇ ۾ ڏهن سالن ۾ هڪ ڏڪر پوي ٿو،
جڏهن ته سنڌ جي ٿر ۾ ٻه ڏڪر پئجيو وڃن. صدين کان
ڪڇ جا ملاح، جهازران ۽ ڦورو تاريخ ۾ مشهور آهن. سن
1762ع ۾ جيڪو پهريون جهاز ننڍي کنڊ مان انگلينڊ
پهتو هو، سو ڪڇين ڪنهن به ٻاهرين مدد کان سواءِ
ٺاهيو هو. جڏهن عيسوي سورهين ۽ سترهين صدين ۾ هندي
وڏو سمنڊ، پورچوگيزن جو سمنڊ سڏبو هو ۽ اهي مضبوط
سامونڊي فوج رکڻ سبب، مغلن جي معاملن ۾ دخل ڏيندا
رهندا هئا، تڏهن جهانگير بادشاهه مسلمانن جي مڪي
ڏي حج جي سفر واسطي، ڪڇ جي راءِ
کي ذميداريون سونپيون هيون. سنڌ لاءِ اهي ڪڇي ملاح
دوستيءَ جي دؤر ۾ رحمت ۽ دشمنيءَ جي زماني ۾ زحمت
هوندا هئا.
هن ڪتاب ۾ انهن تاريخي شخصيتن جو ذڪر وضاحت سان
پيش ڪيو ويو آهي، جن جو ڏکڻ اوڀر لاڙ يعني ”ڪڇ جو
رڻ“ سان سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ڪو واسطو رهيو آهي،
جن جو انهيءَ علائقي سان ڪو واسطو نه رهيو آهي،
انهيءَ بيان کي آءٌ ويجهو ڪونه ويو آهيان، تنهن
ڪري، اڳتي جيڪو اوهان سنڌ جو تذڪرو پڙهندا، اُهو
ڄڻ ڪه ”ڪڇ جي رڻ“ جو تذڪرو آهي.
موجوده ”ڪڇ جو رڻ“ ضلعي ٿرپارڪر، ضلعي بدين جي ڏکڻ
تان ۽ ضلع ٺٽي جي اوڀر ڏکڻ تان آهي. اِهو ”ڪڇ جو
رڻ“ وڃي ڪڇ سان لڳي ٿو. مٿي ذڪر ڪيل ضلعن جي ڀرسان
جيڪو رڻ آهي، اُهو اڳي ڪونه هو. ڪنهن دؤر ۾ اُتي
آباد وسنديون هيون، ٻنيون ٻارا، ڍنڍون ڍورا هئا ۽
اُتي ماڻهو وسندا هئا، شهر هئا، بادشاهتون هونديون
هيون، جنگيون لڳنديون هيون، هنگاما اُٿندا هئا،
مگر اڄ اُهو ٽڪرو رڻ جو ويران، برپٽ ٽڪرو ٿيو پيو
آهي.
اڳي انهيءَ جاءِ کي هاڪڙو، پراڻ ۽ پٽيهل درياءَ
سائو سرسبز رکندا هئا. ڪوري ندي انهن دريائن جي
آڌار تي، پـُـر ٿيو وهندي هئي، انهيءَ ڪري ڪجهه
پاڻي ڪڇ کي به ملي ويندو هو.
انهيءَ علائقي ۾ پاتال، راوڙ، وڳهه ڪوٽ، ڪانجهي
ڪوٽ، روپاه ماڙي، چنيسر ڪوٽ، مانجهي ڪوٽ،
گجر ڪوٽ ۽ ٻيا ڪيترا شهر آباد هئا.
انهيءَ ملڪ ۾ اڳي مرد مٿير ۽ سورهيه شير رهندا
هئا، جي ڪنهن جي ڪاڻ ڪونه ڪڍندا هئا. انهن مان
ڏيوو ڄام، ڏيسر ڄام، هالو ڄام، دائود ڄام، پنرو
بڊاماڻي، دودو، چنيسر، ڀونگر، خفيف، ابن سومار،
عمر، راڻو ۽ ٻيا مشهور جوڌا جوان هئا.
”ڪڇ جو رڻ“ جڏهن آباد هو، تڏهن هن لـُـوءِ ۾ الله
جا مشهور بزرگ تبليغ لاءِ ايندا هئا، جن مان شيخ
پير قرهيو ڀانڊاري، يوسف فقير، حميد ناگوراڻي ۽
ٻيا مشهور هئا.
انهيءَ ماڳ تي عشق ۽ محبت جا ڪيترا داستان ڦهليا،
جيڪي سنڌي ثقافت ۽ ادب جو مکيه سرمايو ٿي رهيا،
جن مان ”ليلا چنيسر“،
”دودو چنيسر“، ”دودو ۽ ابڙو“، ”ڄام جرار ۽ بوبنا“،
”جکرو“، ”ٻڍو“ ۽ ”هوٿل پدمڻي“ توڙي ٻيا مشهور عام
تاريخي قصا مشهورِ عام آهن.
انهيءَ ڀـُـوءِ جي سپوتن،
محلن، مڪانن، نقشن ۽ ٿاڻن کي، سنڌي اديبن ۽ شاعرن
پنهنجي سهڻي ڪلام سان سينگاريو. اهڙن شاعرن مان
مرکان شيخڻ، شاهه عنات رضوي، شاهه عبداللطيف، شيخ
الله بچايو، حاجي احمد ملاح ۽ ٻيا ڪيترا نالا آهن.
اِهي سڀ ڳالهيون ڪڇ جي رڻ ۾ ٿيون، جيڪو سنڌ جو
ٽڪرو هو. سنڌ جو جگر هو، تڏهن فطري طور هڪ سوال ٿو
اُٿي، اُهو هي ته ”جي اِهو سنڌ جو حصو هو ته پوءِ
اُن تي اِهو ’ڪڇ جو رڻ‘ نالو ڪيئن پيو؟“ انهيءَ
سوال جو جواب مون اڻ سڌي طرح هن ڪتاب ۾ جابجا ڏنو
آهي. اُهو هي ته، اِهو رڻ، پهرين پهرين هاڪڙي جي
بند ٿيڻ کان پوءِ راجسٿان ۽ ڪڇ کان ڦهليو ۽ سنڌ
طرف وڌيو. انهيءَ رڻ پهرين ننگرپارڪر کان سنڌ کي
تباهه ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اڳتي وڌي سنڌ کي تباهه
ڪرڻ لڳو. تنهن ڪري سنڌين ۽ راجسٿان وارن هن کي ”ڪڇ
جو رڻ“ نالو ڏنو. انهيءَ رڻ ۾ وسعت پهريون دفعو
تڏهن آئي، جڏهن سرسوتي ندي ۽ هاڪڙي وهڻ بند ڪيو.
اها سڪندر اعظم جي وقت جي ڳالهه آهي. هاڪڙو پوءِ
به پئي وهيو، پر اُهو زور ڪونه هوس، ڇو ته سرسوتي
نديءَ جي بيهڻ
ڪري طاقت وڃائي چڪو هو. سومرن جي ڏينهن تائين وڳهه
ڪوٽ تائين آبادي هئي، پر اڀرندي کان ايندڙ آفت جي
ڪري سومرن روپاه ماڙيءَ کي تخت گاهه بنايو هو. آخر
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت ۾، پراڻ جي موري وٽ
”الابند“ نالي سان ڳنڍو ڏنو ويو ۽ انهيءَ ڳنڍي
ڪوري ڪرري نديءَ ۾ پاڻي نه ويو ۽ اِهو رڻ وڏو ٿي
پيو. شهر ڦٽي ويا. جيئن ته اِها آفت ڪڇ جي طرف کان
پيدا پئي ٿي، انهيءَ ڪري انهيءَ ويراني کي سنڌين
”ڪڇ جو رڻ“
جي نالي سان ياد ڪيو. هونئن به ڪڇ هڪ ويران
مـُـلڪ آهي. انهيءَ ڪري اِها ڄڻ ڪڇ سان هڪ قسم جي
تشبيهه به هـُـئي. اهڙيءَ طرح انهيءَ سرسبز آباد
سنڌ جي ٽڪري تي اِهو بدترين نالو پيو ۽ اڄ به
انهيءَ نالي سان اِهو ٽڪرو ياد ڪيو وڃي ٿو.
ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي، انهيءَ حـصي جي تاريخي
حيثيت جو مختصر ذڪر پيش ڪجي ٿو:
ايران جي مشهور بادشاهه دارا پنهنجي فوج هڪ قلعي ۾
رهائي هـُـئي، جيڪو رڻ کي ويجهو هو، گمان غالب آهي
ته اِهو شهر ”پاتال“ يا ”پاري نگر“ هوندو، ڇوته
اُن وقت اهي ئي ٻئي شهر ڦهلجندڙ رڻ کي ويجها هئا.
سڪندر اعظم پڻ پاتال شهر ۾ ڳچ ڏينهن گذاريا هئا.
هو پاتال مان ئي ”ڪيناهه جي ڪـُـن“ جو سير ڪرڻ ويو
هو، جو سنڌو درياءَ (هاڪڙي) جي ڪوريءَ نديءَ جي
پوڇڙيءَ ۾ هو. پاتال ۾ سڪندر اعظم جي سپهه سالار
هما اسشن بحري ٻيڙي جي بيهڪ لاءِ سهڻي جڳهه ٺهرائي
هئي. هاڪڙو اِتان ٻه حصا ٿيندو هو، هڪ حصو ڪوري
نديءَ وارو هوندو هو ۽ ٻيو حصو اُهو هوندو هو، جو
ڪڇ جي اڀرندي تان وَهي راجسٿان جي ريگستان جو دنگ
وٺي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڪرندو هو. سڪندر اعظم ڪوري
نديءَ واري حـصي ۾ سفر ڪيو هو ۽ عربي سمنڊ ڏسي
هـُـن خوش ٿي چيو هو ته، ”مون دنيا جو ڪنارو ڳولي
اچي هٿ ڪيو آهي.“ سڪندر اعظم اڳوڻي آباد ۽ موجوده
ڪڇ جي رڻ ۾ گهڻو عرصو رهيو پيو هو، اُن کان پوءِ
ئي پنهنجي مـُـلڪ ڏانهن راهي ٿيو هو.
ساليواهن ساڪاري پڻ پاري نگر ۾ گهڻو رهندو هو. هن
جي پٽ سڏونت ۽ سارنگا جو عشقيه داستان انهيءَ پاري
نگر سان وابسته آهي، جيڪو موجوده رڻ ۾ ويران پيو
آهي.
سنڌ جو حاڪم راجا ڏاهر، راوڙ کي دل و جان سان پيار
ڪندو هو. اِهو راوڙ شهر قرهئي ڀانڊاريءَ جي درگاهه
کان اٽڪل روءِ 5-6 ميلن جي مفاصلي تي، موجوده رڻ ۾
واقع آهي. انهيءَ ئي راوڙ ۾ راجا ڏاهر ۽ محمد بن
قاسم جي شروعاتي آمهون سامهون چٽا ڀيٽي ٿي ۽ راجا
ڏاهر محمد بن قاسم جي هٿان انهيءَ راوڙ ۾ ئي مري
ويو.
جنگ جون اِهي چڪريون جيور، راوڙ ۽ ڪرهيل جي ڀر ۾
لڳيون، جن ۾ عربن جي سوڀ ٿي. سنڌ جنهن کي باب
الاسلام ڪري چئبو آهي، سا
باب الاسلام تڏهن ٿي، جڏهن راجا ڏاهر راوڙ ۾ مئو ۽
اسلام فاتحاڻي انداز سان راوڙ جي فتح کان پوءِ سنڌ
۾ داخل ٿيو.
جيئن ڏاهر جي وقت ۾ برهمڻ آباد حڪومت جي هٿ ۾
هوندو هو، تيئن عربن جي حڪومت جي وقت ۾ پهرين
برهمڻ آباد ۽ پوءِ منصوره انهن جي گاديءَ جو هنڌ
ٿيو ۽ انهيءَ گاديءَ جي زير نظر اِهو راوڙ وارو
علائقو هوندو هو ۽ مسلمان انهيءَ علائقي تي شان
سان حڪومت ڪندا هئا، ٻئي هنڌ بغاوتون به ٿينديون
هيون، پر راوڙ مان ڪڏهن به بغاوت جو شور بلند ڪونه
ٿيو. البت جت ۽ سما ڪڏهن ڪڏهن هنگاما ڪندا هئا، ته
انهن کي اُتي جا مسلمان حاڪم اکيون ڏيکاريندا هئا.
اِها حالت اُموي ۽ عباسين جي وقت تائين رهي. عربن
جو انهيءَ حـصي کان سواءِ ٻي هنڌ زور گهڻو ڪونه
هوندو هو. اُتر ۽ وچوليءَ سنڌ تي گهڻو ڪري هندو
راڄ ڪندا هئا يا نومسلم حاڪم هوندا هئا.
عباسين جي ڏينهن ۾ ته عرب سنڌ جي رڻ جون حدون
اورانگهي ڪڇ ۾ به ويا. راوڙ کان سڌو ڏکڻ ڪڇ ۾
سانڌاڻ رياست تي فضل بن هامان قبضو ڪيو.
هيمه چندرا موجب، گجرات جي بادشاهه ڪمارا پالا
چالوڪيه (1200ع-1229ع)، ڪڇ کي هڙپ ڪيو ۽ سنڌ جو
حاڪم سندس ڏن ڀرو بنجي ويو. هي بيان حاڪمن کي خوش
رکڻ لاءِ گهڙيو ويو هو. ڪڇ جو مـلڪ راڌڻ جي اولاد
جي هٿن ۾ رهيو، جڏهن ته سنڌ جا ٻه حصا: اتر تي
قباچه جي ۽ هيٺين سنڌ تي سومرن جي بادشاهي برقرار
رهي.
سومرن جي ڏينهن ۾ سومرن جي پهرين ۽ آخري چـُـرپر
اسان کي موجوده رڻ ۾ نظر اچي ٿي. وڳهه ڪوٽ ۽ روپاه
ماڙي هنن جي گاديءَ جا هنڌ هئا ۽ سنڌ سان گڏ هو
انهيءَ پاسي يعني موجوده ڪڇ جي رڻ جا وارث هئا.
سومرن سنڌ تي مان شان سان حڪومت ڪئي. اُن وقت اِهو
جيڪو هينئر رڻ آهي، سو آباد مـُـلڪ هو، پر وڳهه
ڪوٽ کان اوڀر طرف ڪجهه رڻ منهن ڪڍيو هو، اُن ڪري
هنن وڳهه ڪوٽ تان خيال لاهي روپاه ماڙيءَ تي ڌيان
ڏنو هو. سومرا جيتوڻيڪ سڄيءَ سنڌ جا مالڪ هئا، پر
هنن جي گادي موجوده رڻ ۾ رهندي پئي آئي.
ڪڇ جو نار سن 623هه/1226ع ڌاري مڪمل خشڪ ٿي ويو.
سنڌ جا ڪڇ سان سامونڊي رستي کان علاوه ٻيا رستا به
ڪٽجي ويا. ان صورت ۾ ڪمارا پالا ٿوري وقت لاءِ ڪڇ
کان ڏکڻ ورتو هوندو. ٻارهين ۽ تيرهين صدين ۾ سڄي
دنيا ۾ موسم خشڪ ٿي وئي هئي. ان ڪري مرڪزي ايشيا ۾
منگولن جي لڏ پلاڻ ٿي. لوڻي ۽ سنڌو درياءَ ۾
پاڻيءَ جي کوٽ ٿي. هاڪڙو مڪمل سـُـڪي ويو. سنڌ جا
ڪـڇ سان ويجها لاڳاپا ختم ٿي ويا. ڪڇ جي نار جي
ٻنهي پاسن سان، سنڌ توڙي ڪڇ ۾ شهر زوال پذير ٿي
ويا. البته ٻنهي ملڪن ۾ سياسي رابطو ٿورو گهڻو
بحال هو. معاشي حالتن جي دٻاءَ سبب، جاڙيجن سن
612هه/1215ع کان سن 696هه/1296ع واري عرصي ۾،
ڪاٺين کي تڙي ڪڍيو.
ڪڇ جي لوڪ شاعريءَ موجب سومرن جي شاهي خاندان جي
عورتن کي ڪڇي سپاهين بچايو هو، جڏهن سن
697هه/1297ع ۾ علاؤ الدين جي لشڪر لاڙ تي حملو ڪيو
هو. هي ڳالهه ڪوڙي آهي يا سچي، ان کي ڇڏي ڪري سنڌ
۽ ڪڇ جي سياسي لاڳاپن جو هي هڪ عمدو مثال آهي.
سومرن جي پوري دؤر ۾ ڪڇ تي جاڙيجن سمن جي حڪمراني
هئي ۽ ٻنهي علائقن جي حڪمرانن ۾ سٺي دوستي ڏسجي
ٿي.
سومرن کان پوءِ سنڌ جا والي سما ٿيا. جيتوڻيڪ
سومرن جي ڏينهن ۾ ئي سما زور وٺي ويا هئا ۽ ٺٽو
توڙي ڪڪرالي وارو پاسو پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو هئائون،
پر سندن حڪومت زور تڏهن ورتو، جڏهن همير سومري
وفات ڪئي.
سما اصل پنهنجو جگري ناتو ڪڇ سان رکندا هئا.
انهيءَ ڪري سنڌ جي سمن کي ڪڇ جي سمن مدد پئي ڏني.
سمن جي حڪومت وقت روپاهه
ماڙي ۽ ڪڪرالي وارو پرڳڻو آباد ۽ شاد هو، باقي
وڳهه ڪوٽ جو ڪو خاص حال ڪونه هو، البت ڪانجهي ڪوٽ
زور هو ۽ اُن ڄڻ وڳهه ڪوٽ جي جڳهه والاري ورتي
هئي.
هن ڏس ۾ محترم ايم.ايڇ. پنهور جو چوڻ آهي ته:
”سنڌ ۽ ڪڇ سن 697هه/1297ع ۾ دهليءَ جي تابع ٿي
ويا. کين وري مڪمل آزادي 715هه/1315ع ۾ علاؤ الدين
جي موت تي ملي. سن 734هه/1333ع ۾ اتر سنڌ مڪمل
خودمختيار ٿي وئي. سن 752هه/1351ع ۾ سومرن کي سمن
نيڪالي ڏني. سنڌ جي سمن ۽ ڪڇ جي سمن ۾، ڄام فيروز
جي گجرات ۾ سن 943هه/1536ع ۾ موت تائين بهترين
لاڳاپا موجود رهيا. سمن ٻه ڀيرا ڪڇ تي حڪومت ڪئي.“
پهريون ڀيرو: سن 204هه-1375هه/819 - 985ع تائين.
ٻيو ڀيرو: سن 584-368هه/1147 - 1948ع تائين.
سنڌ ۽ ڪڇ جا پاڻ ۾ جاگرافيائي، ثقافتي، سياسي ۽
اقتصادي ايڪي ۽ ڳانڍاپي جا ٽي دؤر رهيا آهن:
(1) جاگرافيائي ايڪي ۽ ثقافتي لاڳاپن جو دؤر:
هيءُ دؤر 8000 ق.م کان شروع ٿي سن623هه/1226ع تي
پڄاڻيءَ تي پهتو. انهيءَ پهرئين دؤر ۾ ڪڇ هڪ ٻيٽ
هو ۽ ان جا سنڌ سان پاڻيءَ جي ذريعي بهترين رستا
هئا. جاگرافيائي طور تي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ضرور
هئا، مگر هڪ ملڪ نه هئا. ليڪن سنڌ جي تحفظ لاءِ ڪڇ
کي سياسي طور تي جذب ڪرڻ ضروري هو.
(2) سياسي لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن جو دؤر:
هيءُ دؤر سن 623هه/1226ع
کان شروع ٿي سن 1009هه/1600ع تي ختم ٿيو. انهيءَ ٻئين
دؤر ۾ سنڌ ۽ ڪڇ تي ساڳيا قبيلا حڪومت ڪري رهيا
هئا، پر هڪ قبيلو هندو هو ۽ ٻيو اسلام قبول ڪري
چڪو هو. ڪڇ جا هندو سنڌ مان آيا هئا. اهي هندن
بجاءِ مسلمانن کي ويجهو هئا. هي ٻئي قبيلا هڪ ٻئي
سان سٺا تعلقات رکندا آيا، جن کي اڄوڪي دؤر ۾
مشترڪه دفاع ۽ گڏيل مفادن جي تابع تعلقات
جو زمانو سڏي سگهجي ٿو.
(3) اقتصادي تعلقات جو دؤر:
اهو دؤر سن 1009هه/1600ع کان سن 1380هه/1960ع
تائين قائم رهيو. انهيءَ دؤر ۾ گڏيل چراگاهن يا
سيمن تي مال پهرڻ جي حوالي سان هي ٽيون دؤر گڏيل چراگاهن جي استعمال جو دؤر آهي،
جڏهن سنڌي (ٿري، ڪوهستاني ۽ لاڙي) ۽ ڪڇي، ڏڪر
وارين حالتن مان لنگهندا هئا.
لطيف سائين انهيءَ ڏڪر واري حالت کي پنهنجي هڪ بيت
۾ هن ريت بيان ڪيو آهي ۽ سندن وطن (ڪڇ) تي وسڪاري
لاءِ دُعا گهري آهي.
ڏونگها آچ ۾ تن کي، ڪاسا جنين نه ڪم،
پنندي پرڏيهه ۾، تن سوڍين ٿئي شرم،
اٿن گهڻي ادب سين، ڳالهائن نرم،
قادر ڪر ڪرم، ته سندن وطن ۾ وس ٿئي.
محترم ايم.ايڇ.پنهور پنهنجي مضمون ”سنڌ ۽ ڪڇ جا
ڀاڱا“ ۾ لکي ٿو:
”لطيف سائين سومرن جي سامن تي سر ڏيندڙ جنهن ابڙي
جو ذڪر ڪيو آهي اهو پڻ ڪڇ سان واسطو رکندڙ هو. اهو
ڄام ابڙو ڪڇ جي ڪنهن ڀاڱي جو حاڪم هو.
ابڙو وڏ وڙو، سوڙو، سمو سونهن سڀنن،
تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي”
جناب ايم.ايڇ.پنهور صاحب پنهنجي مضمون ”سنڌ ۽ ڪڇ
جا لاڳاپا“ ۽ شڪاري دؤر کان وٺي سنڌ ۽ ڪڇ جي ترڪاري قبيلن جي ناتن، ابتدائي سنڌوتهذيب ۽ سنڌو شهنشاهت جو
اڀياس هن ريت پيش ڪري ٿو:
سنڌ ۽ ڪڇ جا شڪاري قبيلا (6000-3500 ق.م:
گذريل هڪ لک سالن ۾ سمنڊ جي سطح گهٽ وڌ ٿيندي رهي
آهي. ويهه هزار سال اڳ سمنڊ اتر ملتان وٽ ۽ موجوده
سطح کان 430 فوٽ مٿي هو. ان دؤر ۾ اڪثر ڪري گنگا
جا ميدان به سمنڊ هيٺ هئا. ڏسجي ٿو ته پٿر جي
وچئين دؤر جا ماڻهو، ٻوڏ وارن علائقن کان ڏکڻ جي
ميدانن ڏي هليا ويا هئا. سمنڊ ٻارنهن هزار سال اڳ
سکر وٽ هو. اٺ هزار سال اڳ ٽنڊي محمد خان کان هيٺ
هو. هاڪڙي ۽ سنڌو درياءَ جي ڪنارن سان، سمنڊ ڇڏڻ
جي صورت ۾ وڏا ۽ گهاٽا ٻيلا پيدا ٿيا، انهن ٻيلن
جي هم چورس پکيڙ اٽڪل روءِ 2500 ميل هئي. شڪاري
قبيلن جي سنڌ ۾ آبادڪاري اٺ هزار سال اڳ ٿي هوندي
۽ اهي ضرور ڏکڻ هندستان مان ڪڇ جي رستي آيا هوندا.
سنڌ ۽ ڪڇ جو هيءُ پهريون ڳانڍاپو هو. ڪڇ جو نار
(کاري) سنڌين ۽ ڪڇين، مڇي مارڻ ۽ پکي ڦاسائڻ لاءِ
استعمال ۾ آندو هوندو.
گهاٽن ٻيلن ۾ ٻئي هر قسم جي شڪار جي جهجهائي به
شڪاري قبيلن جي اچڻ جو سبب ٿي هوندي.
ابتدائي سنڌو تهذيبن جو زمانو (3500- 2300 ق.م)
”هڙپا کان اڳ يا ابتدائي سنڌو تهذيب جون بيٺڪون به
ان ايراضيءَ ۾ هيون، جتي هڙپا ڪلچر وڌيو ويجهيو
هوندو. ابتدائي سنڌو سڀيتا جو اهو زمانو 3500 ق.م
کان شروع ٿئي ٿو ۽ 2300 ق.م ڌاري ختم ٿي وڃي ٿو.
سنڌو شهنشاهت ۽ ان جا صوبا (2300 ق.م- 1600 ق.م):
سنڌو شهنشاهت جا گهڻو ڪري پنج صوبا هئا: اوڀارو،
اتريون، ڏاکڻيون، وچيون ۽ اولاهيون. اوڀارئين صوبي
جا ديهي ۽ شهري مرڪز- سرسوتي، گهگر ۽ چتانگ سان
گڏوگڏ هئا.
اوڀاريون صوبو اولهه ۾ دهلي ۽ اتر ۾ سنڌ جي سرحد
کي ڇـُـهندو هو. مرڪزي صوبي ۾ موجود اچ، سبي،
ڍاڍر، خضدار، وڍ ۽ لس ٻيلو شامل هئا. ڏکڻ ۾ اهو
سامونڊي ڪناري کان موجوده ننگرپارڪر شهر تائين
پکڙيل هو.
ان دؤر ۾ رڻ ڪڇ خشڪ نه هو. سرسوتي، هاڪڙو، سنڌو
درياءَ ۽ لوڻي نديون، ان ۾ ڪرنديون هيون ۽ ان کي
ڪشادي ڍنڍ جي صورت ڏينديون هيون جنهن جي پکيڙ ان
وقت چار هزار چورس ميل هوندي. سمورو ڪڇ هڪ ٻيٽ هو،
جنهن کي ڪڇ جي کاري، ڪڇ جو نار ۽ خود سمنڊ گهيري ۾
وٺيو بيٺا هئا. اهو سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ جي وچ ۾ هڪ پل
جي برابر هو. ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ اتر - اولهه گجرات
گڏجي ڏاکڻيون صوبو ٺاهيندا هئا. اتريون صوبو:
سنڌو، جهلم، راوي، بياس ۽ ستلـج جي ڪنارن سان
پنهنجا شهري توڙي ڳوٺاڻا مرڪز رکندو هو. مرڪزي
صوبي جي ايراضين کي ڇڏي، اڄوڪو بلوچستان اولاهون
صوبو ٺاهيندو هو.
سمجهيو وڃي ٿو ته هڙپا، ڪالي بينگن، موئن جو دڙو ۽
لوٿل- اترئين، اوڀارئين، مرڪزي ۽ ڏاکڻئين صوبي جا
تختگاهه هئا. مفاصلي ۽ مواصلاتي حساب سان ڏاکڻيون
صوبو، موئن جي دڙي کي ويجهي ۾ ويجهو هو، جو مرڪزي
صوبي جو تختگاهه هو. موئن جي دڙي کان ڪڇ ۽
ڪاٺياواڙ پهچڻ لاءِ سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙين جو
استعمال ڪبو هو. لوٿل پهچڻ لاءِ به ڪاٺياواڙ جي
ڪناري سان ٻيڙين جو استعمال جهجهو هو. لوٿل ۽ موئن
جي دڙي پهچڻ لاءِ مفاصلو، موئن جي دڙي ۽ هڙاپا کان
گهٽ هو. ڪڇ پهچڻ نهايت آسان هو. البته موئن جي دڙي
کان ڪنهن ٻي جاءِ تي رڳو پنجاهه ميل پري پهچڻ به
ڏاڍو ڏکيو هو. ڇوته ان دؤر ۾ صرف ڍڳي گاڏي استعمال
ٿيندي هئي. جڏهن ته اٺ ۽ گهوڙو اڃا پالتو جانور نه
ٿيو هو. ڍڳي گاڏيءَ لاءِ سڌريل چارا گهربل هئا، جي
اڃا ڪي ٿورا ٺهيا هئا. موئن جي دڙي کان هڙپا وڃڻ
لاءِ هوا جي کوٽ سبب ٻيڙين جو سفر اڻائو رهندو هو،
ڇوته ٻيڙيءَ ۾ ونجهه جو استعمال به اڃا عام نه هو،
پر ڪڇ ۽ ڏاکڻئين صوبي ڏي وڃڻ بلڪل
آسان
هو، ڇوته چوماسي جي هوائن سبب (گهٽ از گهٽ اونهاري
۾ سيوهڻ تائين) ۽ پڻ ڪڇ جي کاريءَ تائين، پاڻيءَ
جي ڇـَـرَ سبب مواصلات سولي هئي.
اترئين صوبي کان اوڀارئين صوبي تائين پهچڻ البته
ڏکيو ڪم هو. اهو مرڪزي صوبي کان هاڪڙي - سرسوتيءَ
جي ذريعي آسان هو.
اوڀارئين ۽ ڏاکڻئين صوبن جي ڀيٽ ۾ اترئين ۽ مرڪزي
صوبن ۾ پختي هڙپا تهذيب[سنڌوتهذيب] جي اوسر ۾ وقت
جي وٿي ڏسجي ٿي. هن جي باري ۾ مختلف سمجهاڻيون
ڏنيون وڃن ٿيون، جي اڻ پوريون ۽ متضاد آهن. ان جو
موزون سبب پناهگيرن يا نون آبادگارن طرفان، مرڪزي
۽ اترئين صوبي ۾، زمينن جي سڌاري لاءِ اختيار ڪيل
طريقو ڏسجي ٿو. جڏهن آباديءَ جو دٻاءُ وڌيو ته اهو
وري اوڀر ۽ ڏکڻ صوبي ڏي ان طرح هليا ويا، جيئن
ابتدائي سنڌو تهذيبن جي ماڻهن ڪيو هو. قديم آثارن
جي کوٽاين سان هن سموري پکيڙ ۾ ثقافتي هڪجهڙائي
ظاهر ٿي آهي.
هخامنشي سلطنت (18 - 519 - 450 ق.م)
ايرانين جون سنڌ ۾ هميشه اکيون هونديون هيون. دارا
سنڌ تي ڪاهڻ جو پورو ارادو رکيو ٿي، پر سنڌو
درياءَ جي دهشت کان هو ”زند اوستا“ جي ڪري واقف
هو، انهيءَ ڪري هن پنهنجي سامونڊي سردار ۽ فوجي
’سيلوڪس‘ کي مهراڻ ۾ سفر ڪرڻ جو چيو.
*
517 ق.م ۾ امير البحر سيلوڪس
ڪابل نديءَ جي رستي اچي مهراڻ ۾ داخل ٿيو ۽ سنڌو
درياءَ جو پيٽ ڏسي، وهڪري کان واقف ٿي، وڃي سنڌو
درياءَ جي ڇوڙ وٽ پهتو.
*
ڏکڻ سنڌ جون حالتون ۽ مهراڻ جي
ڇوڙن کي ڏسي، عربي سمنڊ منجهان ۽ ڳاڙهي سمنڊ مان
اُڪري اڍائي سالن کان پوءِ مصر پهتو.
*
يوناني جاگرافي دان ’هيڪتوس‘
جيڪو دارا جي ڏينهن جو هو، تنهن سيلوڪس کان حال
احوال پڇي سنڌ جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيوآهي. هو
لکي ٿو ته:
*
”سنڌو نديءَ جي کاٻي ڪپ تي اوپيائي
(Opiai)
لوڪ رهن ٿا. هن وٽ مضبوط قلعو آهي. جت سنڌ جا
بهادر ۽ جنگجو سپاهي آهن.“
*
518 ق.م ۾ سيلوڪس جي سفر جي رپورٽ جي روشني هيٺ،
دارا سنڌ تي ڪاهيو ۽ سنڌ فتح ڪيائين. ايراني ته
سنڌ کي سڏيندا ئي سون جو گهر هئا.
*
دارا، ڏکڻ سنڌ جي مضبوط قلعي ۾
پنهنجي فوج کي رهايو هو. هن قلعي جي پويان ڪڇ جو
رڻ هو ۽ اُن کان پريان هندستان مـُـلڪ هو.
*
دارا جي حڪومت سنڌ کان وٺي حبش
تائين هئي. هن جي فوج ۾ سنڌي جت هئا، جيڪي تير
ڪمان ساڻ کڻندا هئا، جن جي مٿي تي لوهه لڳل هوندو
هو. هي پاڻ سان هاٿي ۽ رٿ به کڻندا هئا.
* 445 ق.م ۾ دارا جي پٽ
زيورڪس اٿينس جو گهيرو ڪيو. اُن جنگ ۾ هن سان گڏ
ڪافي سنڌي فوج هئي. جـَـتَ پاڻ سان گڏ ڪـُـتا به
وٺي ويا هئا.
*
ايرانين جي ڪري سنڌ ۾
سنگتراشيءَ جي فن ۾ وڌيڪ نکار آيو ۽ کروشٽي رسم
الخط پڻ سنڌ ۾ وڌي ۽ ويجهي، کروشٽيءَ جو هڪ ڪتبو
اڄ به ٽيڪسيلا جي عجائب گهر ۾ موجود آهي.
محترم ايم.ايڇ.پنهور صاحب جو اڀياس آهي ته:
”سنڌو تهذيبن جي خاتمي کان پوءِ شهري مرڪز تباهه
ٿي ويا. سنڌ ۽ ڪڇ جي لاڳاپن جو سلسلو ايسين
نامعلوم آهي، جڏهن وري سنڌ 519 ق.م ڌاري دارا اعظم
جي لشڪرين هٿان فتح ٿي. ان وقت اترين سنڌو ماٿر
”گنڌارا“ ۽ هيٺين سنڌو ماٿر ”سنڌو“ جي نالن سان
مشهور هئي. دارا کي خواهش ٿي ته پنهنجي شهنشاهت کي
سامونڊي ۽ زميني رستن سان ملائي ڇڏي. ڪڇ اڃا هڪ
ٻيٽ مثل هو ۽ ان جي جاگرافيائي حيثيت سنڌ سان منهن
مقابل هئي، جنهن کي نظر انداز ڪرڻ ڏکيو هو. ان جا
ملاح، سمنڊ تي مضبوط قبضو رکندڙ جهاز ران هئا، سنڌ
جي بندرگاهن ۽ سامونڊي واپار لاءِ خطرو ٿي سگهيا
ٿي. دارا پنهنجي امير البحر اسڪائلاڪس کي پشاور
مان سنڌو درياءَ ذريعي سمنڊ تائين ۽ ان ريت ايراني
نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ تائين موڪلڻ جي رٿابندي ڪئي هئي.
هو ڪڇ جي اهميت کي نظر انداز نه ٿي ڪري سگهيو، پر
ان کي فتح ڪري پنهنجي ويهين صوبي ”سنڌو“ ۾ ملائڻ
جو
خواهشمند هو. ان ريت هن سنڌ جي بندرگاهن تي
مصالحي، عاج ۽ ڪاٺ جي واپار کي، باقاعده جاري رکڻ
جي خاطري ٿي ڪئي. سنڌ ۽ ڪڇ کي هخامنشين ستر کان هڪ
سؤ ويهن سالن (519 - 450 ق.م) تائين قبضي ۾ رکيو،
جڏهن پرانهان صوبا- سنڌو، گنڌارا ۽ مصر وغيره آزاد
ٿي ويا. سنڌ، پنجاب، ۽ ڪڇ - ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾
ورهائجي ويا ۽ گنڌارا تي مختلف قبيلن جي حڪومت
قائم ٿي. هي حڪومتون سن325 ق.م ڌاري سڪندر جي سنڌو
۽ گنڌارا تي حملي وقت موجود هيون.“
سڪندر اعظم (آڪٽوبر 26 - 325 ق.م)
دنيا جي مشهور ۽ هاڪاري حاڪم سڪندر اعظم پڻ ڪڇ جي
رڻ ۾ گهڻو عرصو گهاريو ۽ پاتال ۾ ڳچ ڏينهن
گذاريا، انهيءَ ڪري سڪندر جو ذڪر ڪرڻ هن موضوع کان
ٻاهر نه آهي.
راجا ڄام سامبس:
سامبا جي اولاد مان مينانگر عرف سمانگر تي سمو
سامبس راڄ ڪندو هو. هن راجا پنهنجي وطن لاءِ
پنهنجو سر قربان ڪيو. هن جي جنگ ۾ سڪندر کي سيني ۾
تير اهڙو لڳو هو، جو ڳچ ڏينهن ته سپاهي به اِهو
سمجهي رهيا هئا ته ”سڪندر مري ويو آهي.“ فوج جي
انتشار کي اڳيان رکي سڪندر ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ماڻهن کي
پاڻ ڏيکارڻ آيو، پر ماڻهن کيس اڃا به مرده ٿي
سمجهيو، سو هن ٻيڙيءَ ۾ هٿ کڻڻ شروع ڪيا. آخر هو
ڪناري تي اچي گهوڙي تي چڙهيو. تڏهن وڃي ماڻهن کي
اعتبار آيو ته سڪندر زندهه آهي ۽ فوج جي پيٽ ۾
ساهه پيو. سڪندر جيڪو قلعي ۾ ڪاهي پيو هو ۽ سيني
وارو تير لڳو هوس، سندس يوناني سپاهي پوءِ ڍال
بنجي بيٺس، تڏهن بچي سگهيو، تنهن کان نيارڪس سڪندر
کي ٽوڪيو، پر سڪندر چيو ته، ”بهادر ماڻهوءَ کي وڏي
ڪم لاءِ تڪليفون سهڻ گهرجن“.
سمانگر:
(مـِـينانگر) جي راجا ڄام سامبس سمي جو سر وڍي
بازار ۾ ٽنگيو. مـُـلڪ تي دهشت ڇانئجي ويئي. جيئن
ته سامبس هٿ اچي چڪو هو، تنهن ڪري اُن جا گورنر يا
زير سايه راجواڙا به ازخود سڪندر جي هٿ هيٺ اچي
چڪا هئا.
راجا موئيرس پاتال جو حاڪم به ڄام سمي جي هٿ هيٺ
هو، سو سنڌو درياءَ جي آخري دنگ تي حاڪم هو، سندس
گاديءَ جو هنڌ پاتال[پٽالين، /پٽيالا]
هو. هـُـو موئيرس جي حالت ڏسي چڪو هو، تنهن ڪري هن پهرين ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
پوءِ سڪندر جي اڳيان اچي سر نمايائين. نتيجي طور
سڪندر هن کان خوش ٿيو ۽ موئيرس جي معرفت سڪندر
سنڌي مال هٿ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هاٿين جو دستو ۽ هاٿين
جي پالڻ لاءِ به سنڌي هاٿيواڻ ورتا ويا.
انهيءَ دؤر ۾ سنڌ کي گهڻي تجارتي اهميت حاصل هئي.
بندر سنڌو نديءَ جي مکيه شاخن جي منهن تي بيٺل هو،
جيڪا ڪيٽيءَ جي عين وچ مان گذرندڙ هئي. اهو واپاري
سامان ”ميا نگر“ ڏانهن پهچائيندا هئا. اهي واپاري
سامان مختلف قسمن جا مصالحا، رنگ، ڪپهه جو سامان ۽
نِير سنڌ جي مقامي پيداوار جي سڃاڻپ ۾ اچن ٿا.
پيريپلس جو بيان آهي ته اهو هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن
۾ وڏي مقدار ۾ اناج ۽ چانور پيدا ٿين ٿا، ترن جو
تيل، مکڻ جام آهي. ململ ۽ ڪورو ڪپڙو اتي جام جڙي
ٿو، اُتي چوپائي مال جا وڏا وڏا ڌڻ آهن، ماڻهو قد
جا وڏا ۽ رنگ ڪارو اٿن. ملڪ جي انهيءَ حـصي ۾
سڪندر جي ڪاهه جا يادگار، قديم مندر، ڇانوڻين جا
بنياد، وڏا کوهه محفوظ رکيا ويا آهن.
سڪندر جي اشاري سان پاتال ۾ هيفا اسشن يوناني
انجنيئر بحري مرڪز ٺاهڻ شروع ڪيو. يونانين جو خيال
هو ته جيئن هتان جهازن جي چـُـرپر آسانيءَ سان ڪري
سگهجي.
سنڌ جي کاٻي طرف جو اڀرندو پاسو اُن وقت راجپوتانا
جي رڻ جي ساٿ سان ٿورو ٿورو شامل ٿيڻ شروع ٿيو هو.
هن ۾ پاڻي بلڪل ڪونه هو. گرميءَ جي ڪري زمين جلي
رهي هئي ۽ پڻ پاتال ۾ پهچڻ کان اڳ سڪندر اهڙو
ريگستان ڏٺو هو، جنهن ۾ پري پري تائين پاڻيءَ
موجود ڪونه هو.
سڪندر اعظم سان سنڌ جو هڪ جوڳي نالي ڪيلي ناٿ
(Kalynath)
به رضا خوشيءَ رهڻ لڳو هو. هو سڪندر کي چوندو هو
ته، ”تون پاڻ ڀر ڊڄ“. رڻ جي باري ۾ ڪيلي ناٿ چوندو
هو ته، ”هي رڻ موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ آهي. هن
اونداهي ٽڪري ۾ مسئلن جا پاڇا گهڻو وقت بيهي نٿا
سگهن.“ يوناني فوج ڪيلي ناٿ کي هلندڙ ممي چوندي
هئي. سڄي فوج هن کي متعجب نظرن سان ڏسندي هئي.
ڪيلي ناٿ، سڪندر اعظم کي هيئن به چيو هو ته، ”توکي
هي هٿيار ڪا هميشه واري زندگي ڏيئي ڪونه سگهندا.“
ڪيلاناٿ جوڳي شايد ”ڪيرا“ آهي، جو پوءِ ڪڇ ۾
”ڪيراڪوٽ“ جيڪو، اهڙي نالي سان آهي، سو شايد هن جي
نالي پٺيان آهي. (والله اعلم بالصواب).
پاتال کان پريان، سڪندر اعظم جي مرضي هئي ته سمنڊ
ڏسجي. جيتوڻيڪ يونانين تي، هن سمنڊ جي ڇاڙ واري
پاتال به دهشت طاري ڪري ڇڏي هئي. سڪندر کي سيني
وارو ڌڪ به هاڻ ميسارجي ويو هو، سڪندر اعظم وڏن
جهازن جو ٻيڙو وٺي، وڌڻ جو سعيو ڪرڻ جي ڪئي. پر
وٽس ڪاريگر ملاح هئا ئي ڪونه. ’ڪـُـئٽس ڪرٽيئس‘
جيڪو ٻيڙيءَ جو ڪپتان هو. اُهو به سمنڊ جي نازن
اندازن کان غير واقف هو. آخر سڪندر ٻيڙي کي، امير
البحر جي زير نظر وٺي پاتال کان اولهه واريءَ شاخ
(ڪوري ندي) ۾ گهڙي پيو. هي ٻيڙو سمنڊ کي ويجهو
پهتو ته، لهرون جيڪي هميشه لڳنديون رهن ٿيون، سي
هنن جي ليکي ديوتائن جي قهر ڪري اسان کي ڏسي تيز
ٿي ويون آهن. لهرن اِهو وٺي ڪم ڪيو جو يونانين جو
ٻيڙو درياءَ جي نذر ٿيڻ وارو هو. يونانين کي ائين
نظر اچي رهيو هو ته، هڪ تمام وڏي لهر انهن ڏي پيئي
اچي. انهيءَ ڪري هنن ٻيڙو لنگر انداز ڪيو. انهيءَ
دير ۾ گهڻن جا جهاز گپ ۾ ڦاسي پيا. يوناني حالتن
موجب پاڻ کي رکي نه سگهيا. لهرن جهازن کي لوڏي
لوڏي اندر ڌڪڻ شروع ڪيو. يونانين کي خيال آيو ته
سمنڊ اسان تي ڪاوڙجي پيو آهي. پر ڪيلي ناٿ ٻڌاين
ته ”سمنڊ ڪاوڙيو ناهي، سمنڊ جي ته هر روز اهڙي
حالت رهندي آهي.“ اهو ٻڌي سڪندر اعظم کي همت آئي،
سو پنهنجو جهاز وٺي سمنڊ اندر هليو ويو. اُتي پهچي
سڪندر اعظم سمنڊ جي ديوتائن لاءِ قرباني طور سونا
ٿانوَ پاڻيءَ ۾ وڌا. هن جو ٻيڙو سمنڊ ۾ ڪامياب
ويو. سمنڊ جي وڌيڪ معلومات لاءِ پيريپلس موڪليو
ويو هو، پر کيس وڌيڪ ڪابه معلومات نه ملي. يوناني
ٻيڙو ٽن ڏينهن کان وڌيڪ ڪناري کان پري رهي نه
سگهيو، ڇوته يوناني ٽن ڏينهن کان وڌيڪ کاڌو نه
رکندا هئا. البت سڪندر اعظم کي پاتال ۾ اچي اِها
سڌ ملي ته سمنڊ ۾ عربن جا ٻيڙا به هلندا آهن. اُهي
هاٿين جا ڏند، مصالحا ۽ موتي کڻڻ اچن ٿا ۽ هتي جي
بندرن سان سندن واپاري ناتو اٿن.
سڪندر اعظم پاتال ۾ گهڻو عرصو رهيو هو. خود يوناني
ليکڪن لکيو آهي ته پاتال ۾ سڪندر اعظم ڳچ وقت رهيو
هو. آخر ڪجهه لشڪر سامونڊي رستي ۽ ڪجهه لشڪر
خشڪيءَ رستي روانو ڪيائين، پاڻ خشڪيءَ واري لشڪر
سان گڏ هو.
سڪندر اعظم، نيارڪس کي سامونڊي لشڪر جو مهندار ڪيو
۽ هن کي چيو ته، اوهان ڪناري سان لڳيا هلجو. اسان
ڪناري تي توهان لاءِ سيڌو سامان رکندا هلنداسون.
سڪندر اعظم پيادل فوج ۾ ٻارنهن کان چوڏنهن هزار
فوج رکي. هاٿي ڪاهڻ ۽ مال ڪاهڻ واري فوج اڳتي
رواني ٿي چـُـڪي هئي. آخر سڀ فوجون ۽ پڻ سڪندر
اعظم جي محافظ فوج ساڻ روانيون ٿيون.
سڪندر اعظم جي فوج جيڪا جنگ مان کٽي ٿي چڪي هئي،
سا هروڀرو جنگ ۾ هٿ نه اٽڪائيندي هـُـئي. انهيءَ
ڪري اصل رهاڪو، جن وٽان فوج لنگهي پئي ويئي، سي
هنن کي تڪليفون ڏيندا ۽ ڦريندا هئا. اِهي ڄڻ
پنهنجي راجا سامبس جو سڪندر اعظم کان وير وٺي رهيا
هئا. ڊيلٽا ۾ سڪندر اعظم جي لشڪر تي سڀ کان وڌيڪ
حملا ٿيا. سڪندر اعظم جيڪو پنهنجو نائب پاتال ۾
مقرر ڪيو هو. تنهن جو نالو پيٿان هو، سڪندر اعظم
جي رواني ٿيڻ کان تـُـرت پوءِ پاتال ۾ بغاوت شروع
ٿي،نيارڪس تڙتڪڙ ۾ ٻيڙا هاڪاري روانو ٿي ويو.
هونئن به بغاوت کي منهن ڏيڻ پيٿان جو ڪم هو، پر هو
انهن حملن کي روڪي نه سگهيو.
سڪندر سمنڊ جو منهن ڏٺو، نيارڪس جو هن کي سڀ کان
وڌيڪ خيال هو، سڪندر نيارڪس لاءِ گوشت ۽ ان جا
انبار موڪليندو هو ته، واٽ ۾ کڻي ويندڙ کائي
ڇڏيندا هئا، سڪندر اعظم کي اِها سـُـڌ هئي، پر فوج
بدظن هئي، تنهن ڪري هن وڌيڪ فوج کي سڪندر اعظم تنگ
ڪرڻ نٿي چاهيو. سڪندر اعظم پوءِ کاڌ خوراڪ جي
ٻورين تي ٺپا هڻندو هو، پر اُهي به سندس لشڪر ٽوڙي
سامان کائي ويندو هو. نيارڪس جي هن کي ڪابه خبر نه
ملي.
اڃا سڪندر اعظم جو لشڪر سهڻي ۽ کليل ميدان مان سفر
ڪري رهيو هو. ڪن جڳهن تي مٿن هتي جي اصل رهاڪو
سنڌين جا حملا ٿي رهيا هئا، ڪٿي ڪٿي سڪندر اعظم جا
فوجي ڳوٺ ڦري کائي رهيا هئا. پاڻيءَ لاءِ سڪندر
اعظم کوهه کوٽائيندو هو ۽ ٿورو ٿورو پاڻي سڀني کي
ملندو هو. اِهو لشڪر آهستي اڳتي وڌيو ته هن جي
اڳيان واريءَ جون ڊٻون آيون.
پهرين ته سڪندر اعظم جي فوج واريءَ جا دڙا ڏسي
مسخريون ڪيون، پر پوءِ هڪ ٻن ڀٽن تان چڙهيا ته
ٿڪجي پيا، پوءِ هنن واريءَ جي ڊٻن جو نالو ”مٽيءَ
جون ڊٻون“ رکيو ۽ هنن لاءِ ڏينهن جو سفر ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿي پيو. تنهن ڪري هنن سفر لاءِ ڏينهن کان رات
بهتر سمجهي. سڪندر اعظم کي پاڻيءَ لاءِ مشڪل پيدا
ٿي، جنهن لاءِ هن کوهه کوٽايا. نيارڪس جو هن کي
ڪوبه پتو ڪونه مليو. انهن ٿر جي ڀٽن کان پوءِ
سڪندر اعظم کي زرخيز ميدان نظر آيو. ان ميدان کي
ڇڏڻ کان پوءِ سڪندر اعظم جي سامهون پهاڙ آيا. آخر
سڪندراعظم وڏين مشڪلن کان پوءِ بلوچستان جي ڏکڻ
تان ٿي، پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو.
آخر بابل ۾ وفات ڪيائين.
”سڪندر اعظم پنهنجي دؤر ۾ ڄاتل سموري دنيا کي فتح
ڪرڻ چاهيو ٿي. هن جي فوجن اوڀر طرف (پنجاب ۾) وڌڻ
کان انڪار ڪندي موٽڻ تي زور ڀريو. هندستانين ۽
يونانين کي، سنڌو درياءَ ۽ ايراني نار جي ذريعي،
يونان ڏي واپس ٿيڻ جي ڄاڻ هئي. حالتن جي مجبوريءَ
تحت سنڌ جي حڪومتن کي ته فتح ڪيو ويو، مگر ڪڇ تي
ڌيان نه ڏنو ويو، ڇوته ان جي اهميت جو سڪندراعظم
کي احساس نه هو ۽ نه وري سندس فوجين جي وڌيڪ ڪنهن
مـُـهم کي سر ڪرڻ جي مرضي هئي. جڏهن هن پيٽالا
[برهمڻ آباد يا حيدرآبادي ڪو ٻيو ويجهو شهر] ڇڏي
ته، اتي يونان مخالف بغاوت شروع ٿي وئي. گهڻو ڪري
هي بغاوت چندر
گپتاموريا ۽ موئيرس، پيٽالا جي حاڪم جي اشاري تي
ٿي هئي. سڪندراعظم جو دوست ۽ امير البحر نيارڪس
اڃا سنڌ ۾ موجود هو. پاڻ بغاوت کي چيڀاٽڻ کان
سواءِ بلڪل تڪڙ ۾ اسي جهازن جو ٻيڙو وٺي هليو ويو.
گمان آهي ته ڪڇين پڻ هن بغاوت ۾ حصو ورتو هوندو،
جي مطيع نه ڪيا ويا هئا ۽ نيارڪس کي به ڪڇي ملاحن
جي حملي جي خطري جو احساس ٿيو هوندو. نيارڪس جي
روانگيءَ کان ستت پوءِ سڄي سنڌو ماٿر ۾ فساد پکڙجي
ويا هئا. يونانين کي ڪڇ کي فتح نه ڪرڻ جي سزا ملي
هئي، جو ان وقت سنڌ جي تحفظ لاءِ هڪ اڻ ٽر ٻيٽ هو،
جيئن اڄ عدن، سنگاپور ۽ جبرالٽر وغيره آهن.“
جناب ايم.ايڇ.پنهور صاحب پنهنجي مضمون ”سنڌ ۽ ڪڇ
جا لاڳاپا“ ۾ ڪڇ جي دفاعي ۽ سياسي اهميت بيان
ڪندي، موريا دؤر، يوناني باختري دؤر، سٿين دؤر،
پارٿي خاندان جي دؤر، ڪشن خاندان، ساساني ۽ وهليڪا
خاندان جي دؤر جو اڀياس هن ريت پيش ڪري ٿو:
موريا خاندان جي حڪومت (324-187 ق.م):
ننڍي کنڊ ۾ سڪندر اعظم جيڪي ملڪ فتح ڪيا، انهن جا
وارث موريا خاندان وارا ٿيا. چندر گپتا موريا 301
ق.م ڌاري ڪڇ جي دفاعي اهميت کي محسوس ڪندي، ان کي
پنهنجي شهنشاهت ۾ ملائي ڇڏيو. اشوڪ اعظم جي موت
(232 ق.م) بعد هن جي حڪومت ٽڪرا ٽڪرا ٿي، آزاد
رياستن ۾ تقسيم
ٿي
جيئن سنڌ ۽ ڪڇ وغيره. هي سلسلو 187 ق.م تائين
هلندو رهيو.
”سڪندر اعظم جي سنڌ مان نڪرڻ شرط پاتل (لاڙ) ۾
بغاوتون ڪنڌ کڻڻ لڳيون
سڪندر اعظم جو بحري فوج جو اڳواڻ نيارڪس تڙ تڪڙ ۾
پنهنجي آڙ ماڙ سان گڏ روانو ٿي ويو. ڇوته کيس هڪ
ڊگهو سامونڊي سفر ڪرڻو هو. ان ڪري هن دشمنن سان
مقابلي جو جوکم کڻڻ بدران، علائقي جي مقرر ٿيل
اڳواڻ پيٿان تي بغاوت ڪچلڻ جي اها ذميواري عائد
ڪئي ته جيڪو اڳي ئي موسيڪانس[ماڇين] جي خلاف
پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو،
پر سڪندر اعظم جي اقتدار کي تڏهن وڌيڪ ڌڪ لڳو،
جڏهن پنجند واري ڏکڻ اوڀر واري ڀاڱي ۾ سڪندر جي
مقرر ڪيل گورنر فليپس کي سندس يوناني فوجين قتل
ڪري ڇڏيو، ان وقت ٽيڪسيلا جي راجا ۽ يوناني گورنر
يوڊامس گڏجي اُتي جو انتظام سنڀاليو. سڪندر اعظم
جي فوج خلاف پاتال[سنڌ] کان وٺي راس ڪماريءَ تائين
جيڪا نفرت هئي ۽ پاڻ سندن اندر يوناني ۽ مقدوني
هئڻ جو جيڪو ڏڦيڙ هو، مٿان وري جڏهن سڪندر جي موت
جي خبر جي اچڻ سان هڪ زلزلو اچي ويو ۽ هن جي
هندستان پرڳڻن ۽ سنڌ تي مقرر گورنرن واري حڪومت
اتي جو اتي پرزا پرزا
ٿيڻ لڳي.“
يوناني باختري (184-70 ق.م):
يوناني باخترين کي نه رڳو ڪڇ جي اهميت جو اندازو
هو، پر گڏوگڏ کين ڪاٺياواڙ جي اهميت جو به احساس
هو. ٻنهي ملڪن کي فتح ڪيو ويو. هي رياستون 70 ق.م
تائين انهن جي قبضي ۾ رهيون جي پوءِ سٿين اچي
والاريون.
انهن ڏينهن ۾ راجا پورس جو سنڌو ماٿريءَ جي اڀرندي
واري ڀاڱي تي به حڪومت هئي، جنهن ۾ اڃا سڪندر اعظم
۽ ان جي فوج پير نه پاتا هئا، انهيءَ دؤر ۾ چندر
گپت موريا گنگا ندي تي قائم ٿيل مگڌ بادشاهه ۽
راجانند جو جنرل هو، هن پنهنجي آقا خلاف بغاوت جو
جهنڊو بلند ڪيو ۽ ناڪام ٿيڻ تي پنجند وارن علائقن
۾ اچي پناهه ورتائين، جتي سڪندر اعظم سان هن جي
ملاقات ٿي ۽ هندوستان بابت ڄاڻ جي ڏي وٺ ٿي.
انهيءَ زماني ۾ چندر گپت، راجا پورس سان ايڪو ڪري
مگڌ جي راجا نند کي شڪست ڏئي، گنگا جمنا وارن
علائقن ۾ بادشاهت قائم ڪئي. پورس کي بعد ۾ يوناني
گورنر يوڊامس قتل ڪيو. سڪندر اعظم جي يوناني
گورنرن پنهنجي حڪومت بابل ۾ مستحڪم ڪرڻ کان پوءِ
نڪيٽورس سيليوڪس، سڪندر اعظم جيان هندستاني ملڪن
تي قبضي ڪرڻ لاءِ هلان ڪري آيو. سليوڪس سنڌو ندي
پار ڪئي، پوءِ تاريخ ۾ ڪنهن جنگ جو احوال نٿو ملي.
هن چندر گپت موريا سان ٺاهه ڪيو. انهيءَ ٺاهه ۾
سنڌ ۽ لس ٻيلو، ايراني شهنشاهيت کان ڪٽجي هندستان
جي شهنشاهيت ۾ شامل ٿي ويو. انهيءَ دؤر ۾ سنڌو
نديءَ جي الهندي پاسي وارا علائقا چندر گپت جي
پوٽي اشوڪ اعظم جون سرحدي رياستون هيون.
اسٽرابو جي احوال موجب جيڪي يوناني سيليوڪس جي
گهراڻي بئڪٽريا [باختري] ۾ جانشين ٿيا، تن نه فقط پاتلين تي [لاڙ تي]
پر ان سان گڏ ڪناري واري ٻئي سڄي علائقي تي پڻ
قبضو ڪيو. هنن ايترين قومن کي پنهنجي ماتحت ڪيو،
جيترو پاڻ سڪندر به پنهنجي ڪاهه ۾ مات نه ڪري
سگهيو هو.
سٿين خاندان (70 ق.م- 46ع):
سٿين جن کي ساڪ پڻ سڏيو ويندو آهي ۽ پارٿي ٻئي
قومون پاڻ ۾ وڙهنديون رهنديون هيون. هنن ۾ 25 سال
مسلسل ويڙهه به هلي هئي. آخر هنن قومن گڏجي
هندستان ڏانهن مـُـنهن ڪيو. سنڌ ۽ پنجاب تي قبضو
ڪيائون. هن قوم جي هڪ ڇاڙ ڪاٺياواڙ ۾ پڻ رهڻ لڳي.
ملتان جي ويجهو ساليواهن ڪاهرور جي ويجهو ساڪارين
(سٿين) کي ماري مات ڪيو. انهيءَ سال کان سنبت سن
شروع ٿيو. سنبت 78 کان شروع ٿيو. ساليواهن جو پوٽو
”ڀٽي“ جيسلمير جو مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي. جنهن
جي اولاد ڀٽين جيسلمير تي ڪافي وقت حڪومت ڪئي.
ساليواهن جو پٽ سڏونت هو، جنهن جي پريم ڪهاڻيءَ ۾
”سارنگا“ هڪ هيروئن جو ڪردار آهي.
ساليواهن راجا جي گادي پاري نگر هو، جنهن جي ڪري
اِها آکاڻي اُتان اُسري. ساليواهن جي حڪومت دکن
کان سنڌ (پاري نگر) تائين هئي. جنهن سبب لوڪ
ڪهاڻين ۾، ساليواهن جو پٽ سڏونت پاري نگر جو
بادشاهه ٻڌايو ويو آهي.
شمس- سراج عفيف سلطان فيروز شاهه جي دؤر جو تاريخ
دان هو، جيڪو ابوهار ۾ رهندو هو. اهو علائقو سلطان
فيروز شاهه جي والده جي جاگير هئي. جيڪا راڻامل
ڀٽيءَ جي ڌيءُ هئي. شمس سراج عفيف جو ڏاڏو ان دؤر
جو (ڪليڪٽر) ڍل اُڳارڻ وارو اعليٰ عملدار هو. شمس
سراج عفيف جو چوڻ آهي ته ان زماني ۾ سن 720هه/
1320ع کان اڳ ننڍيون وڏيون زمينداريون، بر پٽ
علائقا آباد ۽ غير آباد زمينون ماڻين ۽ ڀٽي قبيلن
جون هيون ۽ ابوهار سندن گاديءَ جو هنڌ هو. ان دؤر
۾ انهيءَ علائقي ۾ رڳو ڀٽي قبيلي جا 300 ڳوٺ آباد
هئا، جن کي هو ”تلونڊي“ معنيٰ ڳوٺ چوندا آهن.
اهي ڀٽي راجپوت سيال ڪوٽ جي حاڪم ”ساليواهن“ جي
پوٽي مالسن جو اولاد آهن. ڪڇ جي تباهيءَ کان پوءِ
ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دؤرن ۾ انهن مان ڪيترائي خاندان
لڏي حيدرآباد جي پس گردائي ۾ آباد ٿيا. ڀٽين جو
اهو پاڙو ”جهانگلي پٽي“ جي نالي سان ڪوٺجندڙ آهي،
هي ماڻهو ساڳئي ڪڇ وارن ڀٽي خاندانن مان آهن.
جناب ايم.ايڇ.پنهور صاحب پنهنجي مقالي ”سنڌ ۽ ڪڇ
جا لاڳاپا“ ۾ لکي ٿو:
”يوناني باخترين وانگر سٿين پڻ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي
پنهنجي شهنشاهت جي ڏاکڻئين حـصي طور شامل ڪيو هو.
ان جو مطلب ته هيٺين سنڌ تي ايستائين حملو ممڪن نه
هو، جيستائين ڏاکڻين ضلعن کي ضابطي ۾ نه ٿي آندو
ويو.“
پارٿي خاندان (46-78ع):
هن گهراڻي جي حاڪم گونڊو فرنس، جنهن هيٺين سنڌ کي
فتح ڪيو ۽ پنهنجي پيشروئن وانگر ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي
به قبضي ۾ رکيو ويو.
سال 160 ق.م کان اڳ منگوليا کان ڌڪي ڪڍيل وچ
ايشيائي قبيلي جي هڪ لانڍ، سنڌو ماٿريءَ جي اتر ۽
اولهه ۾ واقع رياستن ۾ لاڳيتو اٿل پٿل آندي، جنهن
جي نتيجي ۾ يونانين جون قائم ڪيل رياستون هڪ ٻئي
پويان ختم ٿي ويون ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ نين حڪومتن جو
وجود عمل ۾ آيو.
ڊاڪٽر نارائڻ جو چوڻ آهي، ته ”ساڪ“ نالو سٿين لوڪن
جي فقط هڪ قبيلي سان لاڳاپو رکي ٿو.
رابنسن جو چوڻ آهي ته سنڌ تي انهيءَ دؤر ۾ سيستان
کان آيل سٿين لوڪن قبضو ڪيو هو، آرڪوسيا جو
وائسراءِ سنڌ کي پنهنجن علائقن جو هڪ حصو شمار
ڪندو ٿي رهيو.
ڪشن خاندان (62-283ع):
جڏهن چئن ملڪن جي فاتح ”ڪشن“ خاندان هيٺين سنڌو
ماٿر هٿ ڪئي، تڏهن اهي پهريان حاڪم هئا، جن کي
اسان جي ڏاکڻئين سرحد جي اهميت جو احساس نه ٿيو.
ان ڪري ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي هٿ نه لاتو ويو. ڪڇ ۽
ڪاٺياواڙ کي نظر انداز ڪرڻ جا کين ستت ئي نتيجا
ڀوڳڻا پيا، ۽ حالتون خراب ٿينديون ويون. سٿين حاڪم
رودرادمن پهريائين ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي والاريو ۽
پوءِ هيٺين سنڌ توڙي سنڌو سؤوير تي قبضو ڪيو. انهن
جو هي قبضو سؤ سالن کان به وڌيڪ جاري رهيو. البته
ٽالميءَ لکيو آهي ته سن140ع ۾، جڏهن هو پنهنجي
جاگرافيءَ وارو ڪتاب تحرير ڪري رهيو هو، تڏهن به
هيٺين سنڌ ڪشن خاندان جي قبضي ۾ هئي. ان جو مطلب
ته رودرادمن سن135ع کان ڪري سن145ع جي وچ ۾، ڪنهن
وقت سنڌ کي فتح ڪيو هوندو. سن175ع کان پوءِ سنڌ تي
ننڍيون ننڍيون مقامي قبيلن جون راڄڌانيون قائم
هيون. يا وري ڪن ڀاڱن تي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وانگر سٿين
خاندان جو راڄ قائم هو. سنڌ تي ڪشن خاندان جو راڄ
سن65ع کان سن 175ع تائين، يعني ته برابر هڪ سؤ ڏهه
سال هليو هوندو.
ساساني خاندان (176ع- 367ع):
ايران جي هن گهراڻي سنڌ تي سن 283ع ۾ قبضو ڪيو، جو
سن367ع تائين جاري رهيو ڏسجي ٿو،
شاپور ثانيءَ سن365ع ڌاري، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي نشانو
بنايو، پر اهو رڳو هڪ حملو هو. انهن جو سنڌ تي
قبضو نه ته اثر وارو هو ۽ نه وري سياسي توڙي
ثقافتي لحاظ کان ديرپا ثابت ٿيو. سن395ع کان پوءِ
ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تي گپتا گهراڻي جو قبضو قائم ٿيو.
وهليڪا خاندان (367ع -470ع):
سنڌ سن367ع ڌاري آزادي حاصل ڪري ورتي. ستت چندر
گپتا ثاني وڪرمادتيه (380-415ع) ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽
گجرات ۾ ساڪه حڪومت جي پڄاڻي آندي. هو سنڌ جي
وهليڪا وارن جو مخالف هو، پر ڪڏهن به ان کي فتح نه
ڪري سگهيو. سنڌ ۾ وهليڪا وارا طاقتور هئا. مهر ولي
جي لوهي ٿنڀي [دهلي] تي لڳل ڪتبي موجب، چندر گپتا
سنڌوءَ جا ست منهن پار ڪيا هئا. ان جو مطلب ته هن
دوآٻي جي منهن کان به گهڻو هيٺ، جو اڄوڪي
حيدرآباد- ٽنڊو الهيار روڊ وٽ هوندو، سنڌوءَ جي
ڊيلٽا کي پار ڪيو. هي صرف هڪڙو حملو هو. هن نه ته
تختگاهه کي فتح ڪيو ۽ نه ڪا ٻي وڏي ڪاميابي ماڻي
هئي. گپتا جي گورنرن ڪڇ تي سن 500ع تائين حڪومت
ڪئي. ان سال ۾ سنڌ جي راءِ خاندان، ڪڇ جي اهميت کي
تسليم ڪندي، ان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. ان ريت ڪڇ
تي سنڌ جي حڪومت قائم ٿي.
-------
|