(4)
سنڌ ۾ هباري دؤر (سن 854ع - 1010ع)
سنڌ تي هبارين سن 240هه/854ع کان حڪمرانن جي حيثيت
۾ سن 401هه/1010ع تائين آزاد ۽ خودمختيار حڪومت
ڪئي هئي. اهي هبار بن اسود جو اولاد آهن، جي سن
112هه/730ع کان سن 121هه/738ع جي وچ ۾ ڪنهن سال ۾
سنڌ پهتا هئا. يمانين ۽ حجازين (نزارين) ۾ گهرو
لڙائي ٿي ته، هبارين پنهنجو ڪردار ادا ڪندي حجازين
جو پاسو ورتو. عباسي حاڪم، عمران بن موسيٰ برمڪي،
يمانين جي مدد ڪئي هئي. هبارين جي اڳواڻ عمر بن
عبدالعزيز، سن 226هه/840ع ڌاري عمران کي مارائي
وڌو هو. بغداد جي خليفي پاران مقرر ڪيل آخري گورنر
هارون پڻ مقامي لڙاين ۾ مارجي ويو. ان طرح عمر کي
اڳتي اچڻ جو موقعو ملي ويو. مختلف سنڌي قبيلا، جت،
ميد ۽ ڪي ٻيون ذاتيون، هبارين جي مدد ۾ وڌي آيون.
نيٺ هباري سن 240هه/854ع ۾ سنڌ تي قابض ٿي ويا.
عمر بن عبدالعزيز کي خليفي المتوڪل ان شرط تي سنڌ
جو حاڪم تسليم ڪيو ته، سندس نالو جمعي جي خطبي ۾
پڙهيو ويندو. باقي سڀني معاملن ۾ هباري حاڪم آزاد
۽ خودمختيار هئا.
هبارين جي دؤر ۾ سنڌ جو ملڪ بلڪل پرسڪون ۽ خوشحال
هو. جڏهن ته بنو اميه ۽ بنو عباس جي زماني ۾
لاڳيتو فساد ۽ بغاوت رهي ۽ حالتون خراب کان خراب
ٿينديون ويون. زراعت جي واڌ صرف امن امان ۾ ٿيندي
آهي. هباري جيئن ته وچ سنڌ ۾ رهندا هئا ۽ پاڻ به
زميندار هئا، ان ڪري زرعي مقصدن لاءِ آبپاشيءَ جي اهميت کان
به پوريءَ طرح خبردار هئا. سندن سامهون وڏو مسئلو
پراڻين ۽ قديمي شاخن ۽ ڪڙين جي بحالي ۽ نون واهن
جي کوٽائي شروع ڪرائڻ جو هو ته، جيئن پوکي راهيءَ
لاءِ ترت ۽ مناسب پاڻي ملي سگهي. هنن قدمن سبب
مقامي سنڌي آباديءَ ۾ سندن وقار وڌي ويو. هبارين
مقامي ٻوڌين ۽ هندن سان به سٺا تعلقات قائم ڪيا،
جن ۾ هڪ الور جو هندو راجا هو، جو خود مختيار به
ٿي چڪو هو. سنڌي قبيلن جي اڪثريت سان سندن سٺا
لاڳاپا هئا، خاص طرح راجپوت نسل جي سمن سان جي
هندو به هئا ته مسلمان به هئا. جڏهن سنڌ ۾ هبارين
جي حڪومت هئي، تڏهن ڪڇ ۾ سمن جو راڄ قائم هو. سنڌ
جي سمن ۽ ڪڇ جي سمن جا سٺا تعلقات هجڻ سبب، هبارين
۽ ڪڇ جا تعلقات به بهترين رهيا. ڪڇ جو رڻ اڃا نار
(کاري) هو، ۽ سنڌ کي ڏکڻ کان حملي جو خطرو ٿي
سگهيو ٿي، پر ڪڇ جي سمن سان دوستي هجڻ ڪري اهو
خطرو نه رهيو هو.
ڪڇ جي چاوڙن جو اتان جي سمن سان رت جو رشتو هو.
چاوڙن جي گجرات جي چالوڪين ۽ راشٽراڪوٽن سان
لاڳيتي دشمني رهندي هئي. اهو هبارين جي مفاد ۾ هو
ته سنڌ جي سمن جي معرفت، ڪڇ جي سمن سان بهترين
لاڳاپا رکن ته جيئن گجرات جي مضبوط حاڪمن کي پلي
سگهجي. گجرات جي حملي جي صورت ۾، ڪڇ جي سمن جو وڌ
۾ وڌ مدار سنڌ جي سمن تي هو. انهن ڪاٺياواڙ جي
مقامي حاڪمن سان به سٺا تعلقات رکيا. ياد رهي ته
سنڌ ۽ گجرات جي وچ ۾ ڪاٺياواڙ هڪ وڌيڪ بفرزون جي
حيثيت رکندڙ رياست هئي.
عباسي خلافت مامون جي موت کان پوءِ زوال پذير ٿي.
اهي قوتون جي عباسين جون مخالف هيون، انهن اوڀر جي
شهنشاهت جي خيال کي هٿي ڏني. ان کان علاوه فوج جو
رياست جي معاملن ۾ دخل ۽ شيعا بادشاهتن جو اڀرڻ به
سندن زوال ۾ مددگار بنيو. شيعا حاڪمن پورو زور
عباسي طاقت کي ختم ڪرائڻ تي لڳايو. ابتدا ۾ پهرين
فاطمي خلافت تيونس ۾ قائم ٿي ۽ سٺ سال پوءِ مصر ۾
هڪ وڌيڪ شيعا مسلڪ جي سياسي طاقتور رياست جو اسرڻ،
اهي سڀ واقعا عباسين جي مخالفت ۾ هئا. فاطمين جا
ارادا ڪڏهن به منظم طور سامهون نه آيا. انهن جو
ظاهري مقصد عالمي سطح تي اسلامي ملڪن جي بادشاهت
قائم ڪرڻ هو. عملي طور تي فاطمين ننڍي کنڊ، مرڪزي
ايشيا ۽ بغداد ۾ تبليغي ڪم لاءِ ماڻهن موڪلڻ کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪيو. ڪجهه شيعا رياستن
جهڙوڪ: يمن، حجاز، فلسطين، آفريقا جي ڳاڙهي سمنڊ
جو ڪنارو، سسلي ۽ تيونس کان علاوه ادريسين،
خارجين، رستمين ۽ قرامطين جو وجود به ملي ٿو. پر
اهي نه ته فاطمي شهنشاهت جو حصو هئا ۽ نه وري ان
سان لاڳاپيل هئا. قرامطين جو تعاون خالص واپاري ۽
مالي فائدن لاءِ هوندو هو. البته ايترو ضرور ٿيو
ته سنڌ، ملتان ۽ مرڪزي ايشيا جهڙن ڏورانهن علائقن
۾،فاطمين وڏي جذبي سان ”اسماعيلي عقيدي“ کي ضرور
پکيڙيو هو. سنڌ جي هبارين ان تبليغي عمل ۾ ڪوبه
دخل نه ڏنو ۽ جمعي جي خطبي ۾ عباسين جو نالو به
وٺندا رهيا. آخر ۾ هبارين کان نهايت آرام سان
سومرن حڪومت جي واڳ ورتي. سومرا مقامي هئا ۽
اسماعيلي عقيدي جا هئا ۽ انهن جي دؤر ۾ هي هڪ مکيه
مذهبي فرقو ٿي اڀريو. انهن جي ابتدائي 157 سالن جي
حڪمرانيءَ ۾ مرڪزي ايشيا، سيستان، افغانستان ۽
بلوچستان (خراسان) تي: طاهرين، صفارين، سامانين ۽
آل بويہ وارن جي حڪمراني هئي. انهن جو دؤر مختصر
رهيو. هو هر وقت پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. ان ڪري کين
ڪڏهن به سنڌ جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جو وجهه نه مليو.
سنڌ جي هبارين جي اوڀر واري سرحد، پراٽيهارن جي
بادشاهت سان لڳ هئي، جيڪا بنگال ۽ اتر هندستان
تائين پکڙيل هئي. خوشقسمتيءَ سان هوائي جهازن جي
استعمال کان اڳ، ڪڏهن به سنڌ تي اوڀر کان حملو نه
ٿيو آهي. ان هوندي به هبارين وڏي فوج رکي، جنهن ۾
هاٿي به شامل ڪيا ويا هئا. ملتان ۾ بنو سامہ
جي حڪومت هئي، جن طاقتور راجائن کي به، مندرن جي
آڙ ۾ ضابطي هيٺ رکيو هو.
(5)
عرب رياستون
عربن جي ذاتي جهيڙن جي ڪري سنڌ جي مختلف علائقن ۾،
سنڌين جون خودمختيار حڪومتون قائم ٿي چڪيون هيون.
البت منصوره جي ڪري ڏکڻ سنڌ جون ننڍيون ننڍيون
شهري حڪومتون عربن جي هٿ هيٺ هيون، پر عربن ۾ جڏهن ’نزاريه‘ ۽ ’يمانيه‘ ۾
جهڳڙو ٿيو ته اُهي رياستون به زور ڏيکارڻ لڳيون.
نتيجي طور ڪجهه رياستون عربن والاريون ۽ ڪجهه
سنڌين، پوءِ هڪ ٻئي جو احترام ڪندي صلح سان راڄ
ڪندا رهيا. اهڙين رياستن مان ساڪره رياست ۽ سانڌاڻ
رياست، عرب رياستون، ڏکڻ سنڌ ۾ مشهور هيون ۽
منصوره رياست پڻ آزاد رياست ٿي رهي، ڇوته، عراق
سان هن جو عمر بن عبدالعزيز کان پوءِ سڌو واسطو
ختم ٿي چڪو هو.
ساڪره رياست:
هن آزاد رياست جو بنياد يمانيه ۽ نزاريه جهڳڙي وقت
پيو. هن تي ابو تراب قبضو ڪيو. هن بزرگ جي قبر تي
سن 171هه لکيل آهي. سندس مقبرو اڄ به ٺٽي کان اٺن
ميلن جي پنڌ تي عام زيارت گاهه آهي.
هن وقت ڏکڻ سنڌ ۾ ابوالقاسم نالي عرب حاڪم ڪنهن
آزاد رياست جو سنڀاليندڙ هو، پر اُن جو پورو پتو
ملي نه سگهيو آهي.
رياست سانڌاڻ:
مامون جي ڏينهن ۾ موسيٰ برمڪي بغداد خلافت طرفان
سنڌ جو والي مقرر ٿيو هو، اُن وقت ڏکڻ سنڌ جي
سانڌاڻ علائقي تي فضل بن هامان قبضو ڪري ورتو.
جيئن ته، موسيٰ برمڪي کي عربن جي هنگامن جي خبر
هئي، تنهن ڪري فضل سان ڇيڙ ڇاڙ ڪونه ڪيائين. فضل
به مامون ڏانهن هڪ هاٿي ڏياري موڪليو ۽ پنهنجي
آزاد حڪومت تسليم ڪرائي ورتي. اهڙي طرح سان سانڌاڻ
رياست عربن جي آزاد رياست ٿي رهي. ۽ موسيٰ سان هن
رياست جو ڪوبه واسطو نه رهيو. (سانڌاڻ هينئر ڪڇ
رياست ۾ شمار ڪئي ويندي آهي
)
فضل، سانڌاڻ ۾ عاليشان مسجد ٺهرائي، مامون جو خطبو
پڙهيو. هو مرڻ گهڙيءَ تائين سانڌاڻ جو والي رهيو.
فضل جي وفات کان پوءِ سندس پٽ محمد سانڌاڻ جو والي
ٿيو. محمد هڪ پهلوان سپاهي هو. هن ستر ٻيڙيون وٺي
”ميد سنڌ“ شهر تي حملو شروع ڪيو ۽ شهر ”ميد سنڌ“
کان پوءِ حالي (هالي) تي ڪاهه ڪئي ۽ اُن کي به فتح
ڪيو. پٺيان خانه جنگيءَ جي خبر محمد کي پئي ته
واپس آيو ۽ سورشون دٻائڻ ۾ لڳي ويو.
پر محمد جو ڀاءُ هامان سانڌاڻ تي قبضو ڪري ورتو
هو، محمد لاءِ سانڌاڻ جا در نه کليا ته ڏاڍو ڏک
ٿيس. اها خبر معتصم بالله کي موڪليائين. اُهو به
محمد جو خيرخواهه نڪتو. پر هامان جي رعيت به
طرفدار ٿي پيئي ۽ محمد کي ڪٿي به پناهه نه ملي. هن
جا گهڻا ساٿي به هن کي ڇڏي هامان جي فوج ۾ هليا
ويا. نتيجو هي نڪتو جو محمد گرفتار ٿيو ۽ ڀاڻس
هامان کيس گرفتار ڪرائي مارائي ڇڏيو. ڀاءُ، ڀاءُ
جو لاش شهر جي رستي تي ٽنگائي ڇڏيو ته ماڻهن کي
حيراني ۽ عبرت وٺي وئي، بلاذريءَ جي ڏس موجب آخر
تائين ”هامان“ جو اولاد سانڌاڻ جو والي ٿي رهيو ۽
انهيءَ حڪومت جو خلافت سان ڪوبه واسطو ڪونه رهيو ۽
نه ئي ڪو سنڌ جي عربي رياستن سان هن رياست جو
واسطو رهيو. ڪڇ ۾ پوءِ عزيزن قريبن ۾ ڪوس جاري
ٿيو، انهن هامان جي پيروي ڪئي هئي ۽ اِهو اثر ڪڇ
جي حڪومت تي آخر تائين رهيو.
منصوره رياست:
سن 270هه/883ع منصوره تي عبدالله بن عمر بن
عبدالعزيز حڪومت ڪندو هو. ٽن سالن کان پوءِ هن جو
پٽ عمر حڪومت ڪرڻ لڳو. عمر جي ڪـُـنيت ابوالمنذر
هئي. هن جي ننڍڙي سلطنت ۾ وڏو شان هو. هن جو رياح
وزير ۽ حمزو نالي وارا مشهور امير هئا. عمر کي ٻه
پٽ ٿيا، هڪ محمد ۽ ٻيو علي. پوءِ منصورهه تي هباري
خاندان گهڻو وقت حڪومت ڪئي، تنهن جو پتو ملي نه
سگهيو آهي.
ان کان سواءِ ملتان ۽ ٻيون پڻ عربي رياستون سنڌ ۾
موجود هيون.
سڄيءَ سنڌ جا خودمختار حاڪم سياسي مصلحت سبب بغداد
جي خليفن جو خطبو پڙهندا هئا.
سن 350هه/961ع ۾ ابن حوقل سنڌ ۾ آيو. هن جي چوڻ
موجب منصوره تي هبارين جي حڪومت آهي. ملتان جي
رياست اُن وقت سامه بن لوي جي خاندان وٽ هئي. پر
ملتان جو حاڪم ملتان ۾ نه رهندو هو، پر ملتان کان
ٻاهر فوجي ڇانوڻيءَ ۾ رهندو هو. جنهن کي ”راوڙ“ جي
پٺيان ”جندراوڙ“ (خود راوڙ) ڪري چئبو هو. ”جند
راوڙ“ ملتان وارن پنهنجي فوجي ڇانوڻيءَ کي نالو
انهيءَ ڪري ڏنو جو ٻين شهرن مان بغاوت اُٿي پر
”راوڙ“ هميشه عربن جو خير خواهه ٿي رهيو. انهيءَ
ڪري عربن پنهنجي ڇانوڻيءَ تي به اِهو نالو رکيو
۽ نالي سبب انهيءَ ڇانوڻيءَ مان امن امان جي اُميد
وڌيڪ رکي وئي.
-------
(6)
غزنوي دؤر(1)
(سن 1028ع - 1187ع)
سن 416هه/1025ع ۾ منصوره تي اسماعيلين جي آزاد
حڪومت قائم هئي. انهيءَ زماني ۾ محمود غزنوي گجرات
تي حملو ڪيو. گجرات جي حاڪم پهرين ڪاٺياواڙ ۾
پناهه ورتي نيٺ ڪنٿ ڪوٽ کان ٿيندو وڃي جبلن ۾ لڪو.
محمود غزنوي ڪڇ جي ننڍي رڻ مان ٿيندو سنڌ تي ڪاهي
آيو. واٽ تي پاڻي نه ملڻ جي ڪري سندس فوج کي ڏاڍي
تڪليف پهتي. هو هاڻ سنڌو نديءَ جو ڀـَـرَ ڏيندو ٿي
ويو، ان ريت ملتان ٿي وڃڻ تي گهريائين ته رستي تي
سنڌي جتن ۽ ميربحرن سندس فوج تي راتاها هنيا ۽
ڇاپا مار جنگ شروع ڪري ڇڏي، جنهن جي ڪري محمود کي
ڏاڍي تڪليف پهتي، ان کي يقين ٿي ويو ته اهو سڀڪجهه
منصوره جي حاڪم جي اشاري تي ٿي رهيو آهي. جڏهن
هـُـو منصوره وٽ پهتو ته هن منصوره تي حملو ڪيو.
شهر جو حاڪم خفيف سومرو جهنگ ۾ لڪي ويو. ۽ سلطان
منصوره جو ارادو ڪيو. هتي جو حاڪم اسلام کان ڦري
ويو هو، جڏهن سلطان (محمود غزنوي) شهر تي حملو ڪيو
ته هو جهنگ ۾ لڪي ويو، اتي جا گهڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي درياءَ ۾
ٻڏي مئا. سلطان پوءِ بهارئا کان ٿيندو غزني هليو
ويو.
سلطان، سومناٿ کان پوءِ ڪنڌ (ڪنٿ ڪوٽ) جي قلعي تي
حملو ڪيو ان جي سرسر پٽي ڇڏيائين، پوءِ منصوره
پهتو، جتي جو حاڪم امير خفيف هو، هو اهو ٻڌي
منصوره مان ڀڄي نڪتو، جيتوڻيڪ وٽس جنگي هاٿي، لشڪر
حال ۽ ٻيو سڀ ڪجهه موجود هو.
سنڌي جتن تي حملو:
سلطان محمود جيتوڻيڪ ملتان کان ٿيندو غزني هليو
ويو پر هن پڪو پهه ڪيو ته هو سنڌ جي جتن کي ضرور
سبق سيکاريندو. هن سن 418هه/
1027ع ۾ هڪ وڏي لشڪر سان ملتان مان چوڏهن سؤ ٻيڙا
تيار ڪرائي بڙڇين وارن سپاهين ساڻ ڪري، ان ريت جو
هر هڪ ٻيڙي ۾ 20 - 20 ڄڻا سوار هئا. اهي سپاهي
تيرڪمان ۽ نفط واري تيراندازي ۾ ماهر هئا. ڪـُـل
اٺاويهه هزار فوج سان سنڌونديءَ جي ٻنهي پاسن کان
روانو ڪيو.
سنڌي جتن پنهنجي ٻارن کي محفوظ ٻيٽن ۾ اماڻي اٺ
هزار ٻيڙن سان سلطان محمود غزنوي جو مقابلو ڪيو.
نفط جي روغني تيرن جتن جي ٻيڙن ۾ باهه لڳائي ڇڏي.
سنڌي جتن بهادريءَ سان مقابلو ڪيو. سلطان محمود
(غزنوي) جتن کي شڪست ڏئي ٻيٽن ۾ وڃي سندن زالن ۽
ٻارن کي گرفتار ڪيو ۽ گهڻي مال غنيمت سان سن 418هه
/ 1027ع ۾ ملتان مان ٿيندو غزني پهتو.
سن 421هه / 1030ع ۾ سلطان محمود غزنوي گذاري ويو.
جنهن کان پوءِ سلطان محمود جي فتح ڪيل علائقن جو
حڪمران سندس پٽ سلطان مسعود ٿيو.
سلطان محمود سومناٿ کان موٽندي منصوره تي قبضو
ڪيو. هـُـن هبارين کان قرامطين حڪومت اُن وقت وٺي
ڇڏي هئي.
منصوره کان متاثر ٿي نصر نيشاپور ۾ سعديه نالي
عربي مدرسو جاري ڪرايو.
غزني پڻ منصوره ۽ بغداد جو نقل هو.
غزنوين جي ڏينهن ۾ سڄي سنڌ سان گڏ ڏکڻ سنڌ به
اصلوڪن ماڻهن جي هٿ ۾ رهي. سن 440هه/1048ع ۾ ابوالقاسم سنڌ ۾ آيو، پر وري هليو ويو.
441هه/1049هه ۾ سلطان علي بن مسعود تخت تي ويٺو.
اُن ديبل تائين سنڌ تي قبضو ڪيو. عبدالرشيد جي
ڏينهن ۾ سنڌ نوشتگين جي هٿ ۾ هئي. سن 492هه/1098ع
۾ سلطان مسعود طغاتگين کي پنجاب ۽ سنڌ سنڀالڻ لاءِ
ڏني. ارسلان شاهه جي ڏينهن ۾ محمد باهليم سنڌ جو
والي ٿي آيو. بهرام شاهه، حسين بن ابراهيم علويءَ
کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو.
اُن کان پوءِ غزنوين ۾ حال ڪونه رهيو. ڪي عرب
رياستون سنڌ مان غزنوين کي خراج ادا ڪنديون هيون.
باقي سنڌين جي ٻي ڪابه رياست غزنوي حڪومت جي سلامي
ڪونه هئي.
جيئن ته، عربن جو زور غزنوي خاندان ڀڃي ڇڏيو هو.
هوڏانهن سنڌ جا اصلوڪا باشندا جيڪي پنهنجي مـُـلڪ
۾ غلام هئا، تن وجهه پئي ڳولهيا، ڪي ننڍيون
رياستون اڳي ئي هنن جي قبضي ۾ هيون. پر پوءِ سومرا
خاندان باقاعدي ڪمزور عرب رياستن مان فائدو وٺي،
ڏکڻ سنڌ يعني موجوده ڪڇ سوڌو سڄي لاڙ جو حاڪم بڻيو
۽ آهستي آهستي سومرا خاندان سڄيءَ سنڌ جو حاڪم
بڻجي ويو.
سما، جت ۽ ٻيا قديم جنگجـُـو قبيلا سومرن سان پورا
پئجي نه سگهيا. ڇوته سما توڙي جت عربن سان جنگ
ڪندي، جنگ کان بنهه بيزار ٿي چڪا هئا، تنهن ڪري
سومرن سان هنن جنگ جوٽڻ نٿي گهري. انهيءَ ڪري
سومرن لاءِ اڳتي حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان صاف ۽
کليل هو.
”سنڌ جا جت قبيلا سن 94هه/712ع کان سن 239هه/853ع
تائين سنڌ عرب حڪمرانن خلاف لاڳيتو هڪ سو چاليهه
سال بغاوتون، ويڙهون ۽ هلائون ڪندا رهيا. سن
240هه/854ع ۾ هباري خاندان سنڌ جو خودمختيار
حڪمران بڻجي چڪو هو. اهي هباري عرب سن 121هه/738ع
ڌاري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. اهي هبار بن اسود جو
اولاد آهن جيڪي وقت گذرڻ سان رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن
۾ سنڌي بڻجي چڪا هئا. هنن اقتدار حاصل ڪرڻ شرط سنڌ
جي بگڙيل معاشي نظام کي درست ڪيو. سنڌ جي ويڙهاڪ
قبيلن سان هنن جو سياسي رويو وطن دوستن جهڙو هو،
هنن بغداد جي خليفي کي خراج ڏيڻ کان اهو عذر ڏئي
انڪار ڪيو ته سنڌ جي معاشي صورتحال اهڙي ڪونهي جو
بغداد حڪومت کي ڏن ڏئي سگهي. ها البت جمعي ۽ عيد
جي نماز ۾ خليفـہ المسلمين جي نالي وارو خطبو ضرور
پڙهيو ويندو.“ هو بهترين منتظم ۽ زراعت جا ماهر
هئا. هنن سومرن جي ٻهراڙين ۾ اُسريل سياسي سگهه
سان مفاهمت اختيار ڪئي ۽ نيٺ عربن جو سنڌ ۾ نالي
ماتر اقتدار جيڪو رڳو ڪجهه شهرن تائين محدود هو،
سو محمود غزنوي جي سن 419هه/1028ع ۾ ڪيل هلائن جي
ڪري ختم ٿي ويو ۽ سن 401هه/1010ع ۾ مقامي سومرا
اقتدار جا ڌڻي ٿيا. سنڌ جي ويڙهاڪ ۽ باغي قبيلن
خاص طرح سان جت ان دؤر تائين گهڻو ڪري مسلمان ٿي
چڪا هئا ۽ هو پـُـر امن شهري بڻجي ويا هئا. هنن
پنهنجي وطني ۽ سنڌي سومرا قبيلي جي حڪومت قائم ٿيڻ
جي ڪري سياسي مفاهمت واري پاليسي اختيار ڪئي.”
اهو ياد هجي ته سلطان محمود غزنوي، غزني/ اُتر
افغانستان مان نڪري پنهنجن فوجن سان ڀرپاسي جي
رياستن تي ڪل 47 حملا ڪيا، جن مان 17 سومناٿ تي ۽
30 ٻين ملڪن تي، جن تي مسلمان حاڪم، حڪمراني ڪري
رهيا هئا.
-------
(7)
سومرا گهراڻو (سن 1010ع - 1351ع)
سنڌ جي قديم قبيلن مان سومرا پڻ هڪ آهي. هن قبيلي
تي اِهو نالو ”سوم“ شراب جي وڪڻڻ ڪري ”سوم وارو“
پيو جيڪو پوءِ سومرو ٿيو. سومرا سنڌ مان 450 ق.م
ڌاري عراق ڏانهن لڏي ويا هئا. اُتي هو سنڌ وارا ئي
مشهور ٿيا
، عراق وارن سومرن جو ابتدا ۾ سنڌ وارن سومرن سان
واسطو هو، پوءِ ٽٽي ويو. عراق جي سومرن ۾ ”دودو“
نالو نظر اچي ٿو.
عراق وارن سومرن جي ٻولي پڻ سنڌ وارن سومرن جهڙي
هئي. حضرت عيسيٰ عليـہ السلام سومرن کان نفرت
رکندو هو.
سومرا ”دلمون“ (سنڌ) کي بهشت ڪري ليکيندا هئا.
دلمون موهن جو دڙو ئي هو
خود اروڪ (عراق) جو قديم نالو ورقه (وڳه) هو
ائين وڳه جي قدامت، قديم ترين ٿئي ٿي، جو سومرن جو
تخت گاهه هو.
عراق جا سومرا سنڌ تان ڦيرا پيا ڪندا هئا. جيئن گل
گامش پنهنجي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو هو. پوءِ اُتي جا
سومرا عربن جي هنگامن ۾ ختم ٿي ويا، ۽ عربن سان گڏ
سامره عرب ٿي رهيا. وٽانئن سنڌيت موڪلائي ويئي.
البت محمد بن قاسم سان سومرا (سامره) گڏجي سنڌ ۾
آيا هئا، پر انهن سنڌ جي سومرن کي سڃاتو به نٿي.
سنڌ جا سومرا اُن وقت جيتوڻيڪ مشهور هئا، پر جيئن
ته عرب سپاهي سنڌ جي ڏکڻ اولهه طرف رهيا ۽ سنڌ جو
وچ وٺي ملتان طرف ويا، تنهن ڪري ڏکڻ _ اوڀر ۾
رهندڙ سومرن جو هنن ذڪر نه ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ عربن، سومرن جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي، پر اسان
کي هند جي قديم ڪتابن مان احوال ملي ٿو. ڍولا جو
نروڙ جو حاڪم هو، اُهو پوگل جي مارئيءَ تي عاشق هو
ته، واٽ ۾ سنڌ جي راجا امر سومري سندس واٽ وٺي
مارئي ڦرڻ ٿي گهري. ڍولا سن 357هه/967ع ڌاري ٿي
گذريو هو.
هي اُهو زمانو هو، جڏهن عربن جي حڪومت سنڌ ۾ آخرين
پساهه کڻي رهي هئي. سومرا انهيءَ کان اڳ به گجرات،
سنڌ ۽ سورت تي حڪومت ڪندا هئا.“
جنت السنڌ جو مصنف سومرن جي اڳ واري حڪومت ڏانهن
اشارو ڪندي لکي ٿو ته، ”عربن جي ڏينهن ۾ سومرا وڏا
زميندار هئا.“
تقويم البلدان ۾ پڻ سومرن جي قبيلي ڏانهن اشارو
آهي:
”سمنڊ جي ڪناري تي هڪ قوم رهي ٿي. جا بت پرست هئڻ
سان گڏ مسلمان به آهي.“
غالبا اِهو پوءِ جو اشارو آهي، سومرا ان کان اڳ
ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ سنڌ جي ڏکڻ - اوڀر طرف جا حاڪم
هئا. عربن کان هو چوٿين صديءَ ۾ واقف ٿيا.
محترم ايم.ايڇ.پنهور صاحب جو چوڻ آهي ته:
”سومرا مقامي سنڌي ۽ اسماعيلي مسلڪ جا مسلمان هئا،
جن مقامي هباري عربن کان سن 401هه/1010ع ڌاري سنڌ
جي حڪومت هٿ ڪئي. شروعات واري 110 سالن ۾ ڪڇ ۾
سولنگي گورنر مقرر ٿيندا هئا يا گجرات جي راجپوتن
جي نک چالوڪين مان ڪڇ جا گورنر مقرر ٿيندا هئا.
سلطان محمود غزنوي ڪاٺياواڙ تي حملو ڪيو، سومناٿ
جو مندر ڊاهي وڏي ڦرلٽ کان پوءِ پندرنهن ڏينهن
اندر سومناٿ ڇڏي هليو ويو. انهيءَ حملي ۾ واڌا جو
حاڪم ڀيم ديو پهريون ڀڄي ويو. سومناٿ تي ڪاهه جي
ڪري مالوهه جو بادشاهه پرماديوا، محمود غزنوي خلاف
جنگ جي تياري شروع ڪئي. رڻ ڪڇ، اُن وقت هڪ نار
(کاري) هو. محمود غزنوي ننگر پارڪر وڃڻ لاءِ جيڪو
رستو اختيار ڪيو، 326 سالن کان پوءِ محمد تغلق به
ساڳي واٽ ورتي هئي. محمود غزنوي ٿر کان ٿيندو، سنڌ
جي مرڪز منصوره پهتو. هن منصوره کي تاراج ڪيو، اتي
جو حاڪم خفيف سومرو ڀڄي وڃي جهنگ ۾ لڪي ويو. هيءُ
سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون واقعو هو جو سنڌ تي ٿر ۽
ڏکڻ کان حملو ٿيو هجي. گجرات جو بادشاهه، ڀيم
چالوڪيه، سلطان محمود غزنويءَ جو پيڇو ڪندي، هڪ
پٿر جي پل وسيلي سنڌو نديءَ جو پيٽ پار ڪيو. سنڌ
جي مقامي حاڪم ”همرڪا“ سومري مقابلو ڪيو، جنهن ۾
هو مارجي ويو، پر سنڌ خودمختيار رهي. ان کان پوءِ
سنڌ جي هڪ ٻئي حڪمران سنگهار سومري (سن
491-500هه/1098- 1106ع) ڪڇ تي ڪاهه ڪئي. انهيءَ
حملي ۾ سنگهار سومري جو ساٿ ڪڇ جي سمن ۽ ڪاٺين
ڏنو. ان ريت ٻارهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين
گجرات سان سنڌ جا سياسي لاڳاپا دشمني وارا ٿي پيا
هئا.
انهيءَ دؤر ۾ جئه سهما سدراجه، سنڌ جي راجا (لاڙ
جي مقامي سومري حاڪم) کي شڪست ڏني. سنڌي سومرن ۽
گجرات جي چالوڪين ۾ چمند راجه (سن 445-479هه/1053-
1086) جي دؤر ۾ دشمني شروع ٿي.
سن 1147ع ۾ لاکي سمي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪڇ تي سمن جي
حڪمراني قائم ٿي. سن 575هه/1179ع ۾ لاکي سمي وفات
ڪئي، جنهن کان پوءِ ٻيهر ڪڇ جي چالوڪين بغاوت شروع
ڪئي، جنهن جي ردعمل ۾ ڪڇ کي لاڙ جي سومري حاڪم
ڦتوءَ فتح ڪري رائڌن کي اتي جو حاڪم بڻايو.
هنن جي باقاعده حڪومت، عربن جي زمين تي يعني ڏکڻ-
اولهه سنڌ تي غزنوي گهراڻي جي آخرين ڏينهن ۾ ڪم
ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ کان پوءِ هن جو ذڪر ڪن مصنفن
ڪيو. جن مان محمد يوسف، ”منتخب التواريخ“ ۾، (جنت
السنڌ - ڏسجي) ”عجائب الاسفار“ جي مصنف نقل ڪيو.
”تحفته الڪرام“ ۽ ”تاريخ معصومي“ جي مصنف پڻ انهن
ڪتابن تان ۽ ڪجهه ماڻهن جي واتان ٻڌي سومرن جي
حڪومت جو ذڪر پنهنجن ڪتابن ۾ ڪيو. جيتوڻيڪ هر مصنف
ڌار ڌار ڳالهه ڪري ٿو. تنهن ڪري سومرن جي حاڪمن جي
تسلسل رکڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿئي ٿي، سومرن حاڪمن جو
موجوده ڪڇ جي رڻ سان وڏو واسطو رهيو آهي.“
محمد يوسف، مصنف ”منتخب التواريخ“ سومرن جي لسٽ هن
ريت ڏني آهي:
1. سومرو 445هه
2. ڀونگر 446هه - 461هه - 15 سال
3. دودو 461هه - 485هه - 24 سال
4. سنجر 485هه - 500هه - 15 سال
5. خفيف 500هه - 533هه - 34 سال
6. عمر (اول) 533هه - 573هه - 40 سال
7. دودو (ثاني) 573هه - 587هه - 14 سال
8. ٻاهو/پنهون 587هه - 620هه - 33 سال
9. خيرو 620هه - 636هه - 16 سال
10. محمد طور 636هه - 651هه - 15 سال
11. خيرو (ٻيو) 651هه - 654هه - 4 سال
12. دودو (ٽيون) 653هه - 677هه - 15 سال
13. طائي 677هه - 700هه - 24 سال
14. چنيسر 700هه - 718هه - 18 سال
15. ڀونگر 718هه - 733هه - 15 سال
16. خفيف (ٻيو) 733هه - 775هه - 18 سال
17. دودو (چوٿون) 751هه - 776هه - 26 سال
18. عمر (ٻيو) 776هه - 810هه - 35 سال
19. ڀونگر 811هه - 821هه - 10 سال
20. همير هن کي ترت سمن اقتدار
تان لاهي ڇڏيو.
عجائب الاسفار جي مترجم اِها لسٽ ”منتخب التواريخ“
تان نقل ڪئي، جنهن ۾ هن ڪجهه نالا ڦيرائي لکيا
آهن. ”سنجر“ کي ”سنگهار“، ”ٻاهو“ بدران ”پنهون“،
”خير“ بدران ”کينهرو“، طائي دودي ثانيءَ جي طائي
بدران چنيسر ۽ چنيسر بدران ڀونگر لکيل آهي. ڪجهه
سنن ۾ به ڦير گهير آهي.
مير معصوم پنهنجي ڪتاب تاريخ معصوميءَ ۾ سومرن جي
مرڳو هڪ ننڍي لسٽ ڏني آهي ۽ سن وغيره ڪونه ڏنا
اٿس. هن رڳو نمبروار نالا ڳڻيا آهن.
1. سومرو
2. ڀونگر
3. دودو
4. تاري (ٻائي)
5. سنگهار
6. همون (ٻائي)
7. ڦتو
8. خيرو
9. ارميل
ڏسڻ ۾ هينئن پيو اچي ته، مير معصوم اختصار ڪيو آهي
۽ سومرن جي منجهيل بيان مان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي،
البت تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع، مير معصوم
کان وڌيڪ نالن جي لسٽ ڏني آهي:
1. سومرو 445-464هه
2. ڀونگر 461هه
3. دودو 485هه
4. سنگهار 500هه
5. خفيف 536هه
6. عمر 576هه
7. دودو 590هه
8. ڦتو 623هه
9. گهنرو 639هه
10. محمد طور 652هه
11. گهنرو 665هه
12. طائي 682هه
13. چنيسر 700هه
14. ڀونگر 715هه
15. خفيف 733هه
16. دودو 758هه
17. عمر 793هه
18. ڀونگر 803هه
19. همير سمن لاهي ڇڏيس
سومرن خود به پنهنجي سردارن جو احوال لکيو آهي.
مولوي عبدالرحيم سومري ”تاريخ گلزار سنڌ“ لکي،
جنهن جي آڌار تي مولوي عبدالله شائق ”دولت علويه“
ڪتاب لکيو،
جنهن ۾ سومرن جا اسلامي لقب ۽ وڌيڪ نالا ملن ٿا،
انهيءَ موجب سومرن حاڪمن جي لسٽ هو هن طرح شروع
ٿو ڪري:
1. سومرو وفات سن
448هه
2. عصام الدين ڀونگر وفات 466هه
3. عصام الدولـہ دودو سن481هه ۾ گوشه نشين ٿي
ويو.
4. زينت (تاري) 491هه ۾ تخت تان دست
بردار ٿي.
5. شهاب الدين سنگهار 503هه.
6. فخر الملڪ همون (ٻائيءَ) جو ڀاءُ
جنهن هڪ سال حڪومت ڪئي.
7. سراج الدين فتح خان (ڦتو) 536هه.
8. حماد الدين خفيف 536هه.
9. جلال الدين عمر 556هه
10. صلاح الدين هجو 570هه
11. غياث الدين دائود 600هه
12. علاؤ الدين خيره (گهنرو) 619هه
13. سيف الدين طائي 638هه
14. شمس الدين ڀونگر 678هه
15. ڪمال الدين چنيسر 696هه ۾ تخت تان سومرن لاهي
ڇڏيس.
16. اسد الملت دودو، 700هه
17. ظهير الدين ڀونگر 740هه
18. فخر الدين عمر 775هه ۾ گوشه
نشين ٿي ويو.
19. قمر الدين طاهر 813هه
20. معين الدين ارميل 822هه
21. بهاؤ الدين شهمير همير 843هه
مٿين لسٽن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته، ڪوبه مصنف ڪنهن
سان هم خيال يا متفق نظر نٿو اچي. مون کي هتي
سومرن لاءِ وڌيڪ تحقيقات ڪرڻي ڪونهي. رڳو سندن
مختصر احوال ڏيڻو آهي، تنهن ڪري آءٌ سندن احوال
مختصر طور ڏيان ٿو.
مون محترم هريجن رائچند جي تاريخ ريگستان وارن
سومرن واريءَ لسٽ کي اڳيان رکي هيٺ سومرن جو ذڪر
ڪيو آهي. سندس لسٽ هن ريت آهي:
1. سومره 1051-1054ع
2. ڀونگر 1054-1068ع
3. دودو پهريون 1068-1092ع
4. سنگهار 1092-1106ع
5. خفيف 1106-1141ع
6. عمر اول 1141-1180ع
7. دودو ٻيو 1180-1193ع
8. پنهون 1193-1226ع
9. کينهرو پهريون 1226-1241ع
10. محمد طور 1241-1256ع
11. کينهرو ٻيو 1256-1259ع
12. طائي 1259-1283ع
13. چنيسر 1283-1300ع
14. ڀونگر ٻيو 1300-1312ع
15. دودو ٽيون 1312-1313ع
16. چنيسر 1313-1332ع
17. خفيف 1332-1355ع
18. عمر ٻيو 1355-1390ع
19. ڀونگر ٽيون 1390-1400ع
20. همير 1400-1439ع
ابن سومار سومرو:
سنڌ جي سومرن جو سنڌ جي تاريخ ۾ نالو تڏهن مؤرخن
داخل ڪيو، جڏهن ابن سومار باقاعدي ٺريءَ ۾ سنڌ جي
واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي. جيئن ته اُن وقت غزنوي
گهراڻن جي طاقت پنهنجي گهرو جهڳڙن تائين محدود
هئي. جت ۽ سما قبيلا اڳي جنگ مان کٽا ٿيا ويٺا
هئا، تنهن ڪري سومرن سنڌ جو اقتدار حاصل ڪيو ۽
سڀني سومرن هن کي ٺريءَ ۾ بادشاهه بنايو.
اِها تخت نشيني سن445هه/1053ع ۾ ٿي
هن کي سمن، جتن ۽ ٻين سماٽ قبيلن جو پڻ ساٿ هو
ابن سومار سعد جي ڌيءُ سان شادي ڪري اُن جي
خـُـودمختياريءَ کي ٻنجو ڏنو
ابن سومار عرف راڄپال اسماعيلي فرقي جو هڪ فرد هو.
محمود غزنويءَ جي ڪري ملتان وارا اسماعيلين کان
باغي ٿيا ته، راڄپال کي اسماعيلين خط لکيو ته
ملتان جي سردار دائود کي اسماعيلي بڻاءِ ۽ ملتان
کي قبضي ۾ ڪر
. راڄپال عرف ابن سومار جي حڪومت ملتان تائين هئي.
ڀونگر:
هي سنڌ حڪومت جي سومرن جو ڀونگر اول هو. سندس
اسلامي لقب عصام الدين هو. هي صاد (سعد) جي ڌيءُ
مان راڄپال کي ڄائو هو. ڀونگر کان پوءِ هن کي ئي
سومرن ۽ ٻين سماٽ قبيلن پنهنجو بادشاهه ڪري مڃيو.
دودو پهريون:
هن جي گادي نشين ٿيڻ جو سن461هه/1068ع آهي. هن جو
لقب
عصام الدوله هو. دولت علويه جو مصنف چوي ٿو ته: هي
بزرگ بادشاهه 485هه/1092ع ۾ گوشه نشين ٿي ويو. مگر
ائين ناهي، ڇوته چار سال پوءِ به هن جي نالي سنڌ ۾
حڪومت هلي آهي. هن ڪل 24 سال حڪومت ڪئي.
هن نصرپور تائين مـُـلڪ قبضي ۾ ڪيو.
هن سن485هه/1092ع ۾ 24 سال حڪومت ڪري وفات ڪئي.
پاڻ جوانيءَ ۾ الله کي پيارو ٿيو.
سنگهار:
هي دودي اول جو فرزند هو. ننڍيءَ ڄمار ۾
485هه/1092ع ۾ تخت تي ويٺو. تنهن ڪري سڄو راڄ دودي
وڏي جي ڌيءُ تاري ٻائي هلائڻ لڳي.
تاري ٻائيءَ راڄ اهڙي سهڻي نموني ۾ هلايو، جو سڀ
ساڻس وفادار رهيا ۽ ڪٿي به بغاوت ڪونه اُٿي. جڏهن
سنگهار جوان ٿيو ته، تخت تي ويٺو. جيئن ته هن جي
گاديءَ تي ويهڻ شرط ڪن ماڻهن سرڪشي ڪئي ته، هن
جوان انهن جي ڏاڍي سهڻي ڪن مهٽ ڪئي. سمجهه ۾ هينئن
ٿو اچي ته، اهي سرڪش ماڻهو ڪڇ جا هئا، جن تي پوءِ
سنگهار ڪاهي ويو. نانڪني (ناڪني) جيڪا ڪڇ ۾ هئي،
اُتي جي ماڻهن ۾ هن کي ويساهه نه هو، تنهن ڪري هي
پنهنجي فوج وٺي نانڪني تي ڪاهي ويو. اُتي جي سڀني
باغين کي ماري مات ڪيائين ۽ بغاوت جو ٻج ختم
ڪيائين. اهڙيءَ طرح هالڪنڊي (هالا) کان ڪڇ تائين
سنگهار جو ڪامياب راڄ رهيو
شهاب الدين
سنگهار 15 ورهيه حڪومت ڪئي.
سن500هه/1106ع ۾ گذاري ويو.
سنگهار جي زال همون ڪجهه وقت پنهنجي ڀائرن کي ٺري
۽ محمد طور تي حاڪم ڪري رکيو، پر پوءِ سومرن اِها زال ذات جي حڪومت
قبول نه ڪئي.
همون ٻائي ڪجهه وقت ديري ۾ گادي ڪئي هئي. هن جي هٿ
۾ اُتر ۽ ڏکڻ سنڌ هئي.
خفيف اول:
عماد الدين خفيف اول سن 500هه/1106ع ۾ تخت تي
ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ رعيت سک جو ساهه کنيو. هي پڻ
آرام سان رهيو پيو هو. هڪ ڏينهن کيس شڪار جو شوق
ٿيو. اُتي هن کي ڪڇ جي طرف جاڙيجن ۽ ٿر جي طرف
سوڍن جو خيال ٿيو. پوءِ هي لشڪر وٺي اوڏانهن روانو
ٿيو. اتي راڻي رڻمل سوڍي، رام راءِ جاڙيجي ۽ مهراڻ
بلوچ هن کي تحفا ڏنا ۽ وفاداريءَ جو هار ڪنڌ ۾
وڌو. خفيف به هنن کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهن کي وڏا
انعام ڏيئي نوازيائين. بلوچن کي سمن آزاريو هو،
تنهنڪري ڪڇ جي سمن کي خفيف سٺيون سزائون ڏنيون. هن
جي گاديءَ جو هنڌ ٺٽو هو. اُتي گهڻا سال حڪومت
ڪيائين. نصرپور کان ڪڇ تائين هن جو حڪم هلندو هو.
هي سن 536هه/1141ع ۾ گذاري ويو.
عمر اول:
هن جو لقب جلال الدين هو. نالو ”عمر“ هوس. هي سن
536/1141ع ۾ تخت تي ويٺو. هن جوانيءَ ۾ تخت ماڻيو.
سو سڄو ڏينهن پيو شراپ پيئندو هو ۽ عيش عشرت ڪندو
هو. هن جي حالت سمن، سوڍن ۽ جتن پئي ڌيان سان ڏٺي.
جن مان سمن کي ته هن سان پراڻو وير هو، تن سوڍن ۽
جتن کي پنهنجو هم خيال ڪري فساد لاءِ تيار ڪيو. هن
جو خاص وزير ملان حامد هو. اُن کي هن ڳالهه جي خبر
پيئي، تنهن عمر کي اصل ڳالهه کان ۽ سمن جي وير کان
واقف ڪيو. اِهو ٻـُـڌي هـُـو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو
۽ لشڪر وٺي وڃي باغين کي سامهون ٿيو. سمن جو
لڙائيءَ ۾ پاسو مٿي هو. عمر سومري وارا هارائڻ
وارا هئا. جيئن ته، سڀ لشڪر، بادشاهه ۽ وزير ٺٽي
کان پري هئا، تنهن ڪري ملان حامد چيو ته، ”ٺٽو پري
آهي، وڙهو ته سمن جون ملڪيتون پاڻ کي ملن ۽
سلامتيءَ سان سنڌ ۾ پهچون.“ جنگي سپهه سالارن پوءِ
حملو ڪيو ته، سمن هارايو. سمن ساهه بچائڻ لاءِ راڄ
جڳناٿ کي وچ ۾ آڻي جان بچائي. ان ريت سوڍن، جتن ۽
بلوچن پڻ سر نمايو. عمر کي پوءِ دلجاءِ ٿي ۽ ٺريءَ
۾ موٽي آيو. اُتي چاليهه سال حڪومت ڪري سن
576هه/1180ع ۾ گذاري ويو.
دودو ٻيو:
غياث الدين دودو سن 576هه/1180ع ۾ ٺريءَ ۾ گاديءَ
تي ويٺو. هي اڪابر بادشاهه هو. سنگهار (شايد سارو
سنگهار) نالي هڪ ماڻهوءَ ٻڌايس ته، ”سما سنڌ تي
ڪاهڻ جو خيال ڪن پيا.“ اِها ڳالهه ٻڌي پوءِ دودي
لشڪر گڏ ڪيو. سمن کي سٺيون سزائون ڏنائين. لاکو
ايلچي ٿي آيو، جنهن ڪڇي گهوڙا تحفي ۾ پيش ڪيا ۽
سمن لاءِ معافي ورتي. تڏهن ڪڇ جي سمن جي جان آزاد
ٿي ۽ کين معافي ملي. پوءِ دودو ٺريءَ ۾ موٽي آيو ۽
اچي پنهنجي حڪومت هلائڻ لڳو.
دودو ٺريءَ ۾ رهيو پيو هو ته، رڻمل سوڍو هن سان
ملڻ آيو، تنهن اچي ٻڌايس ته، ”بلوچ تنهنجي خلاف
آهن.“ پر پوءِ کيس پتو پيو ته، خود رڻمل سوڍي جي
من ۾ مدي آهي. پوءِ رڻمل ۽ دودي جي لڙائي لڳي.
رڻمل کي نڙيءَ ۾ تير لڳو ۽ مري ويو. سندس ڪجهه
لشڪر ڀڄي ويو ۽ باقي سومرن جي هٿان ڪسي ويو. جڳمل
سوڍو قاصد ٿي آيو ۽ اچي معافي گهريائين. دودي کيس
معافي ڏيئي ڪري پنهنجو ڪيو.
ٿر ۾ سوڍن جي بغاوت جي دٻجڻ کان پوءِ دودو نصرپور
۾ آيو. اُتي جا سڀ ماڻهو ۽ قاضي سندس استقبال لاءِ
آيا. رڻمل جو پٽ ساهبه اچي پيش پيو. ٻه ڪڇي گهوڙا
به تحفو ڪري ڏنائين. پوءِ هن سندس پيءُ جو مـُـلڪ
کيس ورائي ڏنو. پاڻ ٺٽي ۾ اچي رهيو. هن 14 سال راڄ
ڪيو. سن 590هه/1193ع ۾ وفات ڪري ويو.
پنهون:
پنهنجي وڏن جي گاديءَ تي پنهون ويٺو. اِها سن
587هه/1193ع جي ڳالهه آهي، هن 33 ورهيه حڪومت ڪئي.
۽ سن 620هه/1226ع ۾ گذاري ويو.
کينئرو اول:
هي سن 620هه/1226ع ۾ تخت تي ويٺو. سٺن اخلاقن
جو مالڪ هو. هن جو لقب علاؤ الدين هو.
سورهن سال راڄ ڪري سن 636هه/1241ع ۾ وفات ڪري ويو.
محمد طور:
هي سن 636هه/1241ع ۾ تخت تي ويٺو. گمان آهي ته، هي
ئي شخص آهي يا انهيءَ جي وڏن مان ڪو اهڙو شخص هو،
جنهن محمد طور شهر شاهه ڪپور
جي ويجهو تعلقي ميرپور بٺوري ۾ ٻـَـڌايو هو. اُن جا دڙا اڄ به
اکين وارن لاءِ عبرت رکن ٿا.
محمد طور 15 ورهيه راڄ ڪري سن 651هه/1256ع ۾ وفات
ڪري ويو.
کينئرو ٻيو:
هي سن 651هه/1256ع ۾ تخت تي ويٺو. چار سال حڪومت
ڪري
گذاري ويو.
طائي:
سن 658هه/1259ع ۾ اباڻي ورثي جي گاديءَ تي ويٺو.
ڪو خاص ڪارنامو ڪونه ڪيائين. رڳو راڄ سنڀاليو ويٺو
هو. 24 سال حڪومت ڪري 682هه/1283ع ۾ وصال ڪري ويو.
دولت علويه ۾ هن جي وصال جي تاريخ 638هه ڄاڻايل
آهي.
چنيسر اول:
ڪمال الدين چنيسر 682هه/1283ع ۾ تخت تي ويٺو. هن
کي 696هه ۾ تخت تان لاٿو ويو. مگر منتخب التواريخ جو صاحب هن جي حڪومت 700هه/1300ع تائين
ڏيکاري ٿو. تحفته الڪرام پڻ انهيءَ ڳالهه کي ٽيڪ
ڏئي ٿو.
هو ديبل جو حاڪم هو ۽ سن 621هه/1224ع ۾ جڏهن
سلطان
جلال الدين خوارزمشاهي سنڌ مان لنگهيو
هو، اُن وقت ثناءَ الدين چنيسر ديبل مان ڀڄي ويو. پر حقيقت هن ريت آهي ته، اُهو چنيسر ڪو ٻيو هو. هي چنيسر
ڪونه هو. هن جو لقب ڪمال الدين هو ۽ سن ۾ به وڏو
فرق آهي، اهو ڪو ديبل جو آزاد حاڪم هوندو. اُن جو
هن سومري حاڪم سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي.
ڀونگر ٻيو:
جڳ مشهور ۽ نالي واري پهلوانن، دودي ۽ چنيسر جو
اِهو ڀونگر پيءُ هو. هي سن 700هه/ 1300ع ۾ تخت تي
ويٺو. هن جي گاديءَ جو هنڌ روپاماڙي ۽ وڳهه ڪوٽ
هو. چنيسر پنهنجي ماءُ سميت روپاه ماڙيءَ ۾ رهندو
هو ۽ دودو وڳهه ڪوٽ ۾ ر هندو هو. هن ڀونگر جو
سوڍن، سمن ۽ ٻين ڀرپاسي وارين مشهور قبيلي سان
ڏاڍو پيار جو رشتو هو. هن سن 715هه/1312ع ۾ 12 سال
راڄ ڪري وفات ڪئي.
هن جي وفات کان پوءِ دودي ۽ چنيسر جو تخت تان پاڻ
۾ تڪرار ٿيو. آخر پڳ ٻاگهيءَ ٻائيءَ تي آئي، جنهن
اها پڳ چنيسر کي ڏني، پر چنيسر چيو ته بيهو ته
”امان کان پڇي اچان.“ اِهو ٻڌي سومرن تخت تي دودي
(ٽيون) کي ويهاريو.
دودو ٽيون:
هن جو لقب اسد الملت هو. پاڻ سن 715هه/ 1312ع ۾
سنڌ جو والي ٿيو. هن ٿر جي سوڍن سان سٺو واسطو
رکيو. هوڏانهن ڪڇ جي ابڙي سمي سان به محبت جو
ناتو هوس. ٿر ۾ هاسو سوڍو ۽ ڪڇ ۾ ابڙو وڏسرو سندس
گهرا دوست هئا
سوڍن مان ابڙي سنڀا ديويءَ سان شادي ڪئي هئي، اُن
ڪري به هاسي جو ابڙي کي ۽ ابڙي جو دودي کي وڏو
خيال رهندو هو. سالار خان سنڌ تي چڙهي آيو. جو
چنيسر چاڙاهي آيو هو ته، اِن جنگ ۾ سڀ کان پهرين
سومرن جي ساهڙ سپهه سالار وڃي سر ڏنو پوءِ هاسي
سوڍي ۽ دودي پڻ وطن تان سر صدقو ڪيو. سومريون
پنهنجي لـڄ بچائڻ لاءِ ٻاگهيءَ ٻائي سان گڏ ڪڇ
روانيون ٿيون.
علاؤ الدين جو لشڪر ڪڇ جي رڻ ۾:
جيئن ته سالار خان ۽ چنيسر سومرين پٺيان پيا ته
هنن کي ڪڇ ڏانهن وڌڻو پيو. موجوده رڻ ۾ اُن وقت
آبادي هئي. شب خون جي ڊپ کان اهو لشڪر جتي رات ٿي
رهيو، اُتي پنهنجي چوڌاري خندقون کوٽيو ٿي آرام
ڪيائين. اهي خندقون پوءِ وڏا ڪـُـن ۽ مٽي بند ٿي
پيا. انهيءَ مٽيءَ کي الابند چيو ويندو آهي. اهي
الابند سڄي رڻ ۾ ننڍين ننڍين ٽڪرين وانگر ڏسبا
آهن.
سالار خان ڪڇ ۾ ويو. اُتي سامن لاءِ سر ڏيڻ لاءِ
ابڙو پاڻ ۽ پٽس ڪـُـسي ويا ۽ سومريون به رب بچائي
ورتيون. علاؤ الدين جو لشڪر خالي هٿن ڪڇ جي موجوده
رڻ مان لنگهي وڃي دهليءَ پهتو.
سنڌ جو سورهيه سردار دودو سن 715هه/1313ع ۾ شهادت
جو جام پي پنهنجو نالو جڳ ۾ ڇڏي امر ٿي ويو. اڄ به
چوڻي آهي ته، ”مڙس ته ڪو دودو آهين.“ بهادريءَ
لاءِ دودو تمثيل هو.
چنيسر ٻيو:
چنيسر پنهنجا عزيز مارائي، پوءِ سنڌ جو والي ٿيو.
سو هن کي سک نصيب ته ڪونه ٿيو، پر ڇاڪاڻ ته، حڪومت
حاصل ڪرڻ لاءِ هن اِهي سڀ ڪوس ڪرايا هئا، تنهنڪري
دودي جي شهادت کان پوءِ 715هه/1313ع ۾ سنڌ جو ڌڻي
ٿيو. هن ڪـُـل 19 ورهيه حڪومت ڪئي ۽ سن
734هه/1332ع ۾ وفات ڪئي. سندس قبر دودي جي قبر جي
ڀرسان آهي. ٻئي ڀائر روپاماڙيءَ ۾ دفن آهن.
خفيف ٻيو:
چنيسر کان پوءِ خفيف ٻيو تخت تي ويٺو. هن جي تخت
تي ويهڻ جو سن 734هه/1332ع آهي.
طغي غلام:
خفيف جي ڏينهن ۾ هڪ سنڌ سان وڏو حادثو پيش آيو.
اِهو حادثو هو، طغي غلام جو سومرن جي راڄ ۾ اچڻ.
سومرن کي اڳي ئي خانه جنگيءَ تباهه ڪري رکيو. علاؤ
الدين جي لشڪر جا ڌڪ اڃا سـُـڪا ئي ڪونه هئا ته
طغيءَ اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي. سومرن هـَـن کي پناهه
ڏني.
سڄي ڳالهه هن ريت هئي ته، سن751هه/1350ع محمد شاهه
بن تغلق دهلي کان گجرات ۾ آيو، ته طغي جيڪو اُتي
باغي ٿيو هو، اُهو کنڀات ڀڄي ويو ۽ وڃي کنڀات جي
جاڙيجن سان مليو. پوءِ طغي اُتان کان ڀڄي والهه
نهر کان ٿي ريڻي ندي ٽپي ڪڇ ۾ ڪنت نالي ڳوٺ ۾ هليو
ويو. ڪجهه عرصو رهي وري اچي ٺٽي جي حاڪم جي سام
پيو
محمد شاهه تغلق به منزلون ڪندو سنڌو درياءَ هاٿين
سوڌو ٽپي اچي ٺٽي کي ويجهو پهتو، ڇوته سومرن طغيءَ
کي پناهه ڏني هئي، تنهن ڪري سومرن ۽ طغيءَ کي
تباهه ڪرڻ جي پٺيان هو.
پر قدرتي طور هو اڃا ٺٽي کي ويجهو ئي هو ته، سن
752هه/1352ع ۾ وصال ڪري ويو. طغيءَ انهيءَ غم جهڙي
موقعي تي، سومرن، مغلن ۽ سندس لشڪر سان بادشاهه تي
حملن پٺيان حملا ڪيا. محمد شاهه تغلق جو فرزند
فيروز شاهه تغلق به تڪڙو پٺ ڏيئي دهليءَ هليو ويو.
21 محرم سن 752هه/30- مارچ1351ع ڌاري اِها ڳالهه
ٿي. 1355ع ۾ خفيف جي حڪومت ختم ٿي ۽ اسان کي ٺٽي
تي سومرن جي حڪومت جو خاتمو نظر ٿو اچي ۽ سما حاڪم
راڄ ڪندا پيا نظر اچن.
ڏکڻ اولهه طرف تان سومرن جي وري به سن 756هه/1355ع
۾ حڪومت باقاعدي ختم ٿي ويئي ۽ سومرن وري به
پنهنجي پراڻي پاسي ڏکڻ اوڀر تي نظر ڪئي ۽ اُتي
حڪومت قائم ڪئي.
۽ اولهه ڏکڻ تي وري به سما حاڪم ٿي ويا.
عمر ٻيو:
علاؤ الدين جي سپهه سالارن جي ڪاهه ۽ محمد تغلق جي
آوت اهڙيون ڳالهيون هيون، جن سنڌ جي نظام کي درهم
برهم ڪري ڇڏيو هو. سوڍا، خواهه سومرا طاقت وڃائي
چڪا هئا. خفيف کان پوءِ عمر سومرو حاڪم ٿيو.
انهيءَ سن 756هه/1355ع ۾ امرڪوٽ تي قبضو ڪيو، ڇوته
سوڍن جي طاقت ختم ٿي چڪي هئي. عمر سومري سڄو ٿر ۽
ٿر وارو موجوده ڪڇ جو رڻ وارو حصو به هٿ هيٺ رکيو.
جنهن تي پنهنجو عملدار (گورنر) عبدالرزاق مقرر
ڪيائين جو پڻ سومرو هو ۽ عمر ٻئي جو ڀيڻويو هو.
هي ئي عمر آهي، جيڪو ڏکڻ اولهه سنڌ تان آسرو کڻي
اِهو علائقو سمن جي حوالي ڪري، پاڻ وڃي ڏکڻ اوڀر ۽
اوڀر سنڌ تي قبضو ڪيائين. هن ئي عمر جي نالي
”مارئي ۽ گنگا“ جون آکاڻيون مشهور آهن.
عمر سومري سن 793هه/1390ع تائين امر ڪوٽ تي حڪومت
ڪئي ۽ پوءِ وصال ڪري ويو.
ڀونگر (ٽيون):
سن 793هه/1390ع ۾ عمر کان پوءِ امر ڪوٽ جي تخت تي
ويٺو. هن ڪو خاص ڪم ڪونه ڪيو. سن 802هه/1400ع ۾
ڏهه ورهيه حڪومت ڪري گذاري ويو.
همير سومرو:
هي سومرن جو آخري مشهور حاڪم هو
هن جا ٽي وزير هئا. هڪ
ڏونر ڀٽي، سينهڙو ڌماچاڻي ۽ راڻو مينڌرو. هن جي
سنڌ جي اوڀر واري سڄي تر تي حڪومت هئي. سندس حڪومت
جو هڪ دنگ هو ڪڇ مـُـلڪ ۽ ٻيو دنگ هو پنجاب.
بهاولپور به سندس حڪومت ۾ شامل هيو. اُتي سندس
نائب ڍورو راءِ سومرو حڪومت ڪندو هو.
همير سومري جي وزير مينڌري، مومل گجر سان عشق ڪيو
هو. گجرن جي حڪومت گجرات ۽ ڪڇ جي اوڀر تائين هوندي
هئي. ڪڇ جي اتر طرف همير جي حڪومت شروع ٿيندي
هئي.
هونئن ته سمن ۽ سومرن جا پاڻ ۾ اقتداري اختلاف هئا
پر لوڪ داستانن ۾ پونئرو سمو هنن جو همدرد هو.
گـجر جيئن ته، سومرن جا دشمن هئا، تنهن ڪري پونئرو
به هنن جي اک جو ڪنڊو هو. وير گجر، پونئري جو مال
گجر ڪاهي ويا ته پونئرو انهن تي ڪاهي ويو. وير گجر
پنهنجي گادي گوميليءَ مان ڪاهه ڪئي ۽ پونئري کي
اچي سوگهو ڪيو ته، همير سومري کي خبر پئي سو
پنهنجو لشڪر وٺي وڃي پونئر جا وير واريا ۽ گجرن جا
منهن ڀڃي ڇڏيا.
همير سومرو ۽ هالو سمو:
ڄام هالي جي ڌيءَ ٻاگهي همير جي گهر واري هئي.
ٻاگهيءَ جو ڀاءُ هوٿي همير جي ڀيڻ ”جيجڙيءَ“ تي
عاشق ٿيو ته، ٻاگهيءَ همير کان شهزادي جيجڙيءَ جو
سڱ ڀاءُ لاءِ گهريو. همير سڱ ته ڪونه ڏنو، پر مرڳو
ٻاگهيءَ کي به لوڌي ڪڍي ڇڏيو. اُن تي هوٿي، علي،
پلي، ڄام هالي جا پٽ همير تي هلان ڪري آيا. ان جنگ
۾ هوٿي مارجي ويو ۽ ٻيا به ڪئين ڪونڌر ڪسي ويا.
ڍورو راءِ سومرو:
سومرن جا گورنر ڌار ڌار علائقن تي حڪومت ڪندا هئا
۽ پنهنجي بادشاهه جا تابعدار هوندا هئا. همير جا
به ڪافي گورنر هئا، جن مان گهڻن جو احوال ڪونه ٿو
ملي، هتي اتفاق طور بهاولپور پاسي جي همير سومري
ڍوري راءِ جو ذڪر ملي ويو آهي. ڳالهه هن ريت آهي
ته:
همير سومري جي ڏينهن ۾ ڦل وڏي، هڪ چارڻ کي ڪي ڀلا
گهوڙا ڏنا. سي ڍوري راءِ سومري چورائي، ختم ڪرائي
ڇڏيا، تنهن تي چارڻ ڪاوڙ ۾ چيو ته:
ڍُري ڍوري راءِ، جنهن چارڻ سان کاهه،
پتڻ پٽي جو ٿيو، سيڄ وٺايو ساهه،
هميراپو راهه، راڄ نه ڪندا سومرا.
۽ پوءِ سچ پچ همير تي اچي سومرن جي حڪومت پوري ٿي.
همير سومرو دودي جو پٽ هو.
ڊاڪٽر بلوچ جي چوڻ موجب هو ڄام هالي سمي واريءَ
لڙائيءَ ۾ مارجي ويو، پر ڊاڪٽر صاحب کي انهيءَ
ڳالهه ۾ ٿورو شڪ آهي، پڪ ڪونهي. پر رائيچند تاريخ
ريگستان ۾ لکي ٿو ته، همير سومري کان سن
843هه/1439ع ۾ همير سوڍي عمر ڪوٽ اچي ورتو.
اهڙيءَ طرح سومرن جي سنڌ تان حڪومت هميشه لاءِ ختم
ٿي ويئي.
هميرا پو راهه، راڄ نه ڪندا سومرا
(چارڻ)
-------
محترم اعجاز الحق قدوسيءَ پنهنجي لکيل تاريخ سنڌ ۾ ڇهه غزنوي گورنر ڄاڻائي
ٿو جڏهن ته مذڪوره گورنر پنجاب (لاهور) جا
گورنر هئا.
1. سرهنگ خطيبي: مختيار غزنوي جي سن 495هه / 2 - 1101ع کان
498هه / 5 - 1104ع تائين چيل قصيدن ۾ آهي
ته سرهنگ خطيبي بروي سنڌ جو گورنر رهيو.
هن سندس سنڌ جي حڪمراني تي هي بيت چيو
آهي:
ترا بحاڪمي سند تهنيت چه کنم
همه ممالڪ مشرق سپرده گير بتو
که گشت از هنرت هند در زمانه سمر
چو هند بر تونو شتند، سند راچه نظر
2. ابونصر بن محمد: سلطان مسعود جي پٽ
شهزادي مودؤر جي دؤر 432هه / 41 - 1040ع
کان 441هه / 50 - 1049ع ۾ سنڌ جو گورنر
رهيو.
3. ابو القاسم محمود: 440هه/49-1048ع ۾
سنڌ جو گورنر رهيو.
4. طغاتگين: عبدالرشيد ميان محمود ۽
ابراهيم بن مسعود جي دؤر ۾، سن 481هه/89 -
1088ع کان 508هه/1114ع تائين سنڌ جو حاڪم
رهيو.
5. محمد باهليم:
سلطان
مسعود بن ابراهيم کان سندس پٽ ارسلان شاهه
پٽ بن مسعود تخت تي ويٺو. ان دؤر ۾ محمد
باهليم سنڌ جو گورنر هو. آخر ۾ هن غزنوين
کان بغاوت ڪئي ۽ مارجي ويو.
6. حسين بن ابراهيم: ارسلان شاهه جي ڀاءَ
بهرام شاهه کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. هو
سال
547هه/53 - 1152ع تائين سنڌ جو گورنر
رهيو. جڏهن بهرام شاهه وفات ڪئي. بهرام
شاهه کان پوءِ سندس پٽ خسرو شاهه تخت تي
ويٺو. جنهن کان پوءِ سندس پٽ خسرو ملڪ
ستاويهه سالن تائين حڪومت ڪئي. شهاب الدين
غوري 583هه/88 - 1187ع ۾ غزنوين جي حڪومت
کي سدائين لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.
An Illustrated
historical
atlas of Soomra Kingdom of Sindh
|