سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 2

باب: --

صفحو :8

ٻارن جا ليک

 

اسان جو ڪلاس

ليکڪ: مظفر جويو

 

اڄ آءٌ اوهان کي پنهنجي ڪلاس جي باري ۾ ڪجهه ٻُڌائڻ چاهيان ٿو. اسان جي ڪلاس ۾ ڪل 58 ڇوڪرا آهن. سڀ کان مزيدار ڇوڪرو آهي اڪرم. هُو قد جو بندرو آهي ۽ ٿوري گُڪِ ڪڍي هلندو آهي، ۽ ٻاتو ڳالهائيندو آهي. سائين چويس، ”اُٿ!“ ته ويهي رهندو، ۽ جي چويس، ”ويهه!“ ته اُٿي بيهندو آهي. سائين چوندس ته ”في کڻي اچ!“ ته اڪرم چوندو ”تائِين، مُندو پيءُ ايندو ۽ پِي تَڻي ايندو.“ وري ٻئي ڏينهن به اڪرم جي اهائي ڳالهه- سائين چوندس ته ”وڃ ۽ وڃي في کڻي اچ“، ته پوءِ هن لاءِ ڄڻ ته عيد ٿي ويئي، آهستي آهستي ماڪوڙيءَ وانگر ويندو، ۽ ٻاهران بيهي بيهي موٽي اچي چوندو ته ”تائِين، بابا ايندو ۽ پِي تَڻي ايندو.“

توهان جيڪڏهن هن جي کيسن جي تلاشي وٺندا ته سندس کيسي مان توهان کي پني جا ٽڪر، بليڊ، پينسلن جا ٽوٽا، ڀَڳل رٻڙ ۽ ڪَٽُ لڳل ڪمپاس ۽ پينن جا ڍڪ وغيره ملندا. اڪرم کي جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري ”ماسي لِڏ“ چيو، ته پوءِ ان ڇوڪري جو خير ڪونهي! يا هڻندس ڪمپاس جي چهنب، يا ته وري پينسل جي چهنب- هڻي ڦَٽي وجهندس، اڪرم منهنجو دوست آهي.

هڪڙي ڀيري منهنجي گهر جي ڪم جو نوٽبڪ وٺي گم ڪري ڇڏيائين. چيومانس ته ”اڪرم نوٽبڪ ڏي ته سائينءَ کي ڏيکاريان.“ چوي ته ”ٿوڙي، تائين مون کي مالي توتي نه مالي.“ هڪڙي ڏينهن مون هن جو نالو بورڊ تي لکيو، تنهن تي مڙس ڪاوڙجي ويو. چوي ته ”ٻاهر نِتُر ته تَبر وتانءِ“ رسيس ٿي ته منهنجي پٺيان ڀتر کڻي ڪاهي پيو- مان اڳيان ۽ هو پويان، اچي ڪلاس ۾ ساهه کنيم پويان ڏسان ته اڪرم ڀڳو اچي. مان چوان ته اڪرم سان نه وڙهان- ڪلاس ۾ ڏاڍيون گوهيون ڏنم، پر نيٺ اچي پڳو. مون به کڻي ٻانهن کان جهليومانس. خبر تڏهن پيم، جڏهن اڪرم جهٽ ڏئي کڻي منهنجي آڱونٺي ۾ چڪ هنيو. چڪ به اهڙو زور سان هنيائين جو رت وهڻ لڳو. ڇوڪرا جهلي هن کي پرنسپال وٽ وٺي ويا. پرنسپال پڇيس، ”اڪرم، تو مانيٽر کي ڇو چڪ هنيو؟“ اڪرم اهڙو جواب ڏنو جو سڀني کي اُلٽو مٿس قياس اچي ويو، چي ”تائين، هتڙي ڏينهن مانيتر تيو ته مُندو نالو لِتي.“

اسان جي ڪلاس ۾ هڪ ٻيو ڇوڪرو آهي، جنهن جو نالو حسين آهي. هن تي اڃا سائين ڪين اُلاريندو ئي ڪين ته وٺي ٽپ ڏيندو- هڪ ٽنگ تي بيٺو نچندو. هٿن کي ائين ڇنڊيندو ۽ مهٽيندو، ڄڻ ڏينڀن ڏنگيو اٿس. اهڙيءَ طرح چئن لڪڻن مان ٽي ته ائين گسائي ويندو. وري لڪڻ کائي اڃا بس ئي ڪين ڪندو ته ڏند ڪڍي کلندو. گوڙ به هي گهڻو ئي ڪندو آهي. اسان جي ڪلاس ۾ جيڪي ڇوڪرا مسخرا آهن ۽ سڄي ڪلاس کي رڳو پيا کلائيندا آهن، تن مان حسين به هڪڙو آهي. ’سوشل اسٽڊيز‘ جو پيرڊ شل نه اچي، سڀ ڇوڪرا پيا ڊڄندا آهن. پر ان پيرڊ ۾ حسين ڳوليو به ڪونه لڀندو آهي، ڇو ته سوشل اسٽڊيز جو ماستر تمام سخت آهي. هڪڙي ڏينهن جيئن ماستر پڙهائي رهيو هو ته حسين جي اُهائي کِل. ماستر ڇا ڪيو جو بلئڪ بورڊ چاڪ سان ٿڦي، حسين کي ڪنڌ کان جهلي، وٺي سندس منهن بورڊ سان گسايائينس. حسين جو چاڪَ سان ڀريل منهن ڪلاس ڏانهن ڪيو، ته سڄي ڪلاس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ حسين هن پيرڊ ۾ اصل نه اچي، بلڪ سڄو ڏينهن گم. اسان جو ڪلاس گوڙ به گهڻو ڪندو آهي پر پڙهڻ ۾ ڏاڍو هوشيار آهي. راندين ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اسان جي ڪلاس ۾ ٻه- ٽي ڇوڪرا ته اهڙا آهن، جن کي اڃا ٿورو دڙڪو ملي يا آهستي ڪا چماٽ لڳي، ته بس روئي پوندا آهن. پر هوشيار به سڀني کان اُهي آهن.

اسان جي ڪلاس ۾ تمام وڏا وڏا ڇوڪرا به پڙهندا آهن ۽ تمام ننڍا ڇوڪرا به. ننڍي ۾ ننڍي ڇوڪر کي سڏيون ’نئون پئسو‘، ۽ وڏي ۾ وڏي کي سڏيون ’چاچا‘، ڇو ته هن کي ڏاڙهي مڇون به ڄمي آيون آهن. اسان جي ڪلاس ۾ ڪيترن ڇوڪرن جون چيڙون آهن جنهن تان هو چڙندا آهن: هڪڙي کي چئون ’ٽوپي‘ ڇو ته هڪڙي ڏينهن هُو هڪڙي عجيب قسم جي ٽوپي پائي آيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي سندس نالو ’ٽوپي‘ پئجي ويو. هڪڙي ڇوڪري کي سڏيون ”گوريلو“ ڇو ته هُو قد ۾ سائينءَ کان به وڏو آهي. هڪڙي ڏينهن سائينءَ پنهنجي پاسي ۾ بيهاريس ته سائين هن جي ڪلهن تائين مس ٿي آيو. اهڙيءَ طرح ڪنهن کي ”ٽماٽو“ ڪوٺي چيڙايون ته ڪنهن کي ”فٽ بال“. منهنجي هڪڙي ٻئي دوست جي چيڙ آهي ”جهرڪي“. مطلب ته هڪٻئي سان اسين ڏاڍا ڀوڳ ڪندا آهيون.

اسان جو هڪ سائنس جو ماستر آهي، جيڪو ڪا ضروري ڳالهه لکائيندو ته چوندو آهي ته ”بابا، اهو ڪاغذ ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي پِي ڇڏجو“، وري گهڙي کن رکي، چوندو ته ”ڇوڪرا، متان ائين ڪيو اٿوَ، متان وجهو مون کي آزار ۾؛ اها ڳالهه رڳو ياد ڪري ڇڏجو.“ جڏهن پڙهائي ٿڪبو، تڏهن چوندو (story) يعني آکاڻي وارو اچي. هلنديءَ آکاڻيءَ ۾ ڪو ڇوڪرو ڳالهائيندو آهي ته چوندو اٿس، ”بابا ٻڌ، خيال ڏئي ٻڌ! اها آکاڻي شايد بي.اي (B.A) جي امتحان ۾ اچي.“

اوهان کي مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته اسان پڙهڻ ۾ به هوشيار آهيون ته راند ۾ به. سچ پچ ته اسان جي ڪلاس کان اڃا ڪنهن به ڪرڪيٽ ۾ نه کٽيو آهي، ۽ نه ڪڏهن ڪو کٽندو. اسين ستين (VII) ۾ پڙهندا آهيون ۽ اٺين وارن کي به اسان ڪرڪيٽ ۾ شڪست ڏني آهي. اسان لاءِ سڄي ڏينهن جو مزو رسيس ۾ آهي. رسيس ۾ اسان راند به ڪندا آهيون؛ ڪي ته اسان ۾ اهڙا آهن جو رسيس ملي ته ڊوڙيو وڃيو ڇٻر تي قلابازيون پائين. ڪي وري رسيس ۾ به پيا پڙهندا ۽ لکندا. اُهي گهر جو ڪم اتي ئي رسيس ۾ پورو ڪري ڇڏين، ۽ آءٌ ۽ منهنجا دوست احمد ۽ اڪرم رسيس ۾ وري گڏجي سڀاڻي جا پروگرام ٻَڌندا آهيون.

اهو آهي اسان جي ڪلاس جو احوال. اوهان کي اميد ته وڻيو هوندو! ”گل ڦل“ ۾ ٻئي ڀيري وري اوهان پنهنجي ڪلاس جو احوال اسان کي ٻڌائجو.

 

 

بيڪار هٿن سان ڌوڙ ۽ ڇائي

ليکڪه: زرينه شيخ

 

ڪنهن ملڪ ۾ هڪ غريب ڪاٺير رهندو هو، جو ڏاڍو غريب هو. تنهنڪري شهر جي بدران جهنگ ۾ جهوپڙي اڏي، اتي ئي پنهنجي زال سميت رهندو هو. هُو رڳو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري کڻي وڃي شهر ۾ وڪڻندو هو. سڄو ڏينهن اهائي ڪرت ڪندو هو، تڏهن مس دال روٽيءَ جيترو ڪمائيندو هو.

هڪ ڏينهن ڪاٺير جي زال پنهنجي مڙس کي خوشيءَ مان ٻڌايو ته کيس اميدواري آهي. ۽ خدا جي مهربانيءَ سان هاڻي کين اولاد ٿيندو. پر اهو ٻڌي ڪاٺير خوش ٿيڻ جي بدران ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. زال حيران ٿي ويئي ته مڙس کي الاجي ڪهڙيءَ ڳڻتيءَ ورتو آهي! نيٺ ڪاٺير منهن مٿي ڪري چيو ته ”اهو اولاد، خبر نه آهي شال اسان وانگر ڏکيا ڏينهن نه ڏسي، باقي آءٌ ته ڪاٺيون ڪري ڪري بيزار ٿي پيو آهيان.“ ”ميان هرڪو پنهنجي قسمت پاڻ کڻي ايندو. دل وڏي ڪر، من انهيءَ اولاد جي محابي پنهنجو ڀاڳ به سڻائو ٿئي.“ زال کيس همٿائيندي دلداري ڏني.

اهڙيءَ طرح مهينا ويا گذرندا، نيٺ جڏهن وقت ڀرجي آيو ته ڪاٺير جي زال کي ٻه جاڙيون ڌيئرون ڄائيون. جڏهن ڪاٺير کي خبر پئي ته کيس ٻه ڌيون ڄايون آهن، تڏهن ويچاري کي تمام گهڻو ڏک ٿيو، ذري گهٽ ڳالهائڻ ئي نه اُڪليس. انهيءَ وقت جهوپڙيءَ ۾ اوچتو هڪ عجيب روشني پيدا ٿي، ان سان گڏ هڪ پري اڇن ڪپڙن سان ڏسڻ ۾ آئي. ڪاٺير کي ڏاڍو خوف ٿيو. اتي پريءَ مٺي آواز ۾ چيو. ”اي! رحمدل ڪاٺير وڏي دل ڪر، تون خوش نصيب آهين جو توکي ٻه نياڻيون ڄايون آهن. اهي نينگريون سڀاڳيون آهن، ۽ انهن جي ڪري توهان جو بخت هاڻي سڻائو ٿيندو. آءٌ انهن نياڻين جي گهڻگهري آهيان. آءٌ پڻ انهن کي ماءُ وانگر پيار ڪيان ٿي؛ آءٌ هڪ جو نالو دل آرا ۽ ٻيءَ جو نالو عشرت رکان ٿي. اهي جڏهن جوان ٿينديون تڏهن آءٌ وري اينديس.“ پوءِ پريءَ کلي ڪاٺير کي مبارڪون ڏيئي غائب ٿي ويئي. اتي ٻنهي زال مڙس جي پيٽ ۾ ڪجهه ساهه پيو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي هنن جي گهر ۾برڪت ٿي پئي. دل آرا ۽ عشرت اڄ ننڍيون سڀاڻي وڏيون، آخر اچي وڏيون ٿيون. ڪاٺير ويچارو، هنن کي ڏسي پيو ٺرندو هو ۽ هنن جي ماءُ کين ڏسي پئي ٽڙندي هئي. اهي ڇوڪريون ڏاڍيون سهڻيون ٿيون. پيءُ کي ڪاٺين ڪرائڻ ۾ مدد ڏينديون هيون.

هڪ ڏينهن دستور موجب هو ڪم ڪري رهيون هيون، اتفاق سان اُن ڏينهن ڏاڍي گرمي هئي، سو ڪاٺيون ٿوريون ٿيون. ڪجهه وقت لاءِ هڪ گهاٽي وڻ جي ڇانوَ هيٺ پنهنجي پيءُ سان ٿڪ لاهڻ لاءِ ويٺيون ئي مس ته اوچتو اها ساڳي اڳوڻي روشني پيدا ٿي، ۽ اها ساڳي پري ظاهر ٿي اچي اڳيان بيٺن. دل آرا ۽ عشرت اُن پريءَ کي عجب وچان نهارڻ لڳيون، مگر ڪاٺير اُن کي ڏسڻ سان ئي کلي، خوشيءَ وچان کيڪاريو.

پري، ڪاٺير کي چوڻ لڳي، ”هاڻي تنهنجون نياڻيون جوان ٿي چڪيون آهن، منهنجو مطلب آهي ته انهن جي شاديءَ جو بندوبست به مون کي ئي ڪرڻو آهي. ڇا اوهان کي منظور آهي؟“ اهي اکر ٻڌي دل آرا ۽ عشرت، ٻنهي شرمائجي، ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. پوءِ پريءَ اشارو ڪري چيو ته ”هو ٻه- نوجوان ڏسو ٿا، اهي انهن جا گهوٽ آهن.“ ڪاٺير نظر ڪئي ته سامهون ٻه هڪڙا سهڻا جوان بيٺا هئا، پر پوءِ پري وري به غائب ٿي ويئي. ڪاٺير پوءِ پنهنجي ٻنهي نياڻين جي انهن نوجوانن سان شادي ڪرائي ڇڏي. شاديءَ واري رات غريب ڪاٺير جي جهوپڙيءَ ۾ وري روشنائي وارو سوجهرو ٿيو ۽ ساڳي پري ظاهر ٿي. پريءَ سڀني کي مبارڪون ڏنيون. تنهن کان پوءِ پريءَ چيو ته ”مون پنهنجي دل آرا ۽ عشرت لاءِ تحفا آندا آهن.“ ائين چئي، پريءَ چيو ته ”هوڏانهن ڏکڻ ڏي ڏسو: ٻه جهوپڙيون ۽ انهن سان گڏ زمين جا ٽڪرا باغ لاءِ آهن. انهيءَ مان هڪ ۾ عشرت ۽ ٻيءَ ۾ دل آرا رهندي. اهي شيون توهان کي زندگيءَ ڀر ڪم اينديون؛ پر جيڪي هٿ ڪم ڪندا، سي سون ماڻيندا ۽ جيڪي هٿ ڪم نه ڪندا تن کي ڌوڙ ۽ ڇائي نصيب ٿيندي.“ پري ائين چئي وري به غائب ٿي ويئي. دل آرا ۽ عشرت پوءِ ماءُ- پيءُ کان موڪلائي پنهنجي گهوٽن سميت وڃي انهن جهوپڙين ۾ رهيون.

عشرت ته پنهنجي جهوپڙيءَ ۽ باغ واريءَ زمين کي مڙس سان گڏ ٺاهڻ ۽ سينگارڻ لڳي. باقي دل آرا کي خبر ناهي ڪهڙي نڀاڳ کنيو جو سڄو ڏينهن جهوپڙيءَ ۾ سُتي پئي ننڊون ڪندي هئي. باقي هن جو مڙس ڪجهه نه ڪجهه پورهيو ضرور ڪندو هو.

عشرت جو جهوپڙيءَ کي سينگاريو ۽ زمين جي باغ واري ٽڪري کي سنڀاليو، سو هن جو گهر ڄڻ محلات ٿي پيو. ان ۾ هرڪا شيءِ موجود هئي ۽ باغ ۾ سڀڪنهن قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو پيدا ٿيڻ لڳو.

هوڏانهن دل آرا جي جهوپڙي ويران ۽ باغ واري زمين سڪي ٺوٺ ٿي ويئي، ۽ هوءَ کاڌي پيتي لاءِ حيران هئي. هوءَ حسد ۽ ساڙ وچان پنهنجي ڀيڻ عشرت جي گهر به ڪين ويندي هئي. نيٺ هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ بک کان بيحال ٿي ته رڙهي پنهنجي ڀيڻ جي گهر ويئي ۽ اتي سينگاريل گهر ۽ باغ جا گل ڦل ۽ ميوا ڏسي حيران ٿي ويئي.

عشرت جو ڀيڻ جا بُرا حال ڏٺا سو ارمان ٿيس. پوءِ سمجهيائين ته هن کي بک آهي، سو جلدي جلدي ماني ٺاهي، ۽ باغ مان ميوا چونڊي آڻي ڀيڻ جي اڳيان رکيائين. جيئن گرهه ٿي کنيائين ته سموري ماني ۽ ٻيون شيون ڌوڙ ۽ ڇائي ٿِي ٿي پيون اتي شرم کان دل آرا کڻي ڪنڌ جهڪايو.

عشرت چيو، ”ڀيڻ، پريءَ جو قول سچو آهي. آءٌ ۽ منهنجو مڙس سڄو ڏينهن ڪم ڪريون ٿا، تڏهين ته سکيا آهيون. پر تون آهين جو سڄو ڏينهن بيڪار ويٺي آهين!“ پوءِ ته دل آرا روئي چيو، ”ادي آءٌ اڻڄاڻ ۽ بيوقوف آهيان. بس اڄ کان ئي سستي ڇڏي ڪم ڪنديس.“ پوءِ ته ٿورن ڏينهن ۾ دل آرا جي جهوپڙي ۽ باغ به ساڳيا عشرت جهڙا ٿي پيا ۽ هوءَ تمام گهڻو خوش گذارڻ لڳي.

 

پيءُ ماءُ جي فرمانبرداري

عزيز الله دائودپوٽو، شڪارپور

 

ماءُ پيءُ کان زياده نعمت دنيا ۾ ٻي ڪهڙي آهي؟ جيڪا محبت هنن کي پنهنجي اولاد سان ٿئي ٿي، سا ٻئي کي ڪٿان ٿيندي؟ پاڻ تڪليف ۽ سختي سهن ٿا، پر اولاد کي سکي رکڻ لاءِ پنهنجو سک ڦٽايو ڇڏين. جڏهن ٻار پيدا ٿئي ٿو، تڏهن ماءُ ڪيتريقدر نه هن جي حفاظت ۽ پرگهور لهي ٿي: سارو ڏينهن ٻار کي هنج ۾ کنيو کير پياري ٿي، راتيون جاڳي ٿي ۽ جڏهن ٻار کلي ٿو ته هوءَ پاڻ جهڙو ڪنهن کي سمجهي ئي نٿي. جيڪڏهن ڏهه نوڪر کڻي رکجن ته به اهي ماءُ جيتري خدمت ڪري ڪين سگهندا.

ٻار جڏهن وڏو ٿئي ٿو ته مائٽ کيس پڙهڻ لاءِ مڪتب ۾ اُماڻين ٿا ۽ هردم انهيءَ فڪر ۾ رهن ٿا ته شل هو نيڪ ٿي اسان جو نالو روشن ڪري ۽ ڀلجي به اهڙا ڪم نه ڪري، جنهن مان بدنامي ۽ گلا ٿئي.

مٿين سببن ڪري اولاد تي لازم آهي ته ماءُ پيءُ جي اَجهي کي، خدا جو سايو سمجهي، ۽ انهن جو حڪم سواءِ ڪنهن ڪنجهڻ ۽ ڪرڪڻ جي بجاءِ آڻي. حديث ۾ آهي ته ”بهشت ماءُ جي پيرن هيٺ آهي،“ سا ڳالهه بلڪل صحيح آهي. ڪن ڇوڪرن جي عادت ٿيندي آهي ته هو مائٽن جي روبرو ميسڻا ٿي ويهندا آهن، پر اڃا انهن پُٺ ڏني نه آهي ته پاڻ کان ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن سان شرارتون ڪندا، کين ماريندا يا نوڪر جو اَنّ پاڻي حرام ڪري ڇڏيندا؛ ۽ جي راند تي ويندا ته وتندا غريب ٻارن کي آزاريندا. اسڪول ۾ به هڪ نه ٻي حرڪت مڙيئي ڪندا ئي ڪندا. ماءُ- پيءُ ڪڏهين به ائين نه چاهيندا ته هنن جو ٻار خراب لڇڻ سکي ۽ بدنام ٿئي. چڱي اولاد جو پهريون فرض آهي ته والدين جي صلاح ۽ مرضيءَ تي هلي، انهن جي نصيحت کي ڪن ڏيئي ٻڌي ۽ انهيءَ تي عمل ڪري.

 

ڳاڙها هندستاني ۽ امريڪي

مترجم: فدا حسين سومرو

 

(آمريڪا جي واشنگٽن رياست جي وچ ۾، “مئنهٽن“ نالي هڪ نهايت زرخيز ٻيٽ آهي. هتي گهڻو ڪري آمريڪا جي وڏين وڏين بئنڪن تجارتي ڪمپنين ۽ صنعتي ادارن جا مرڪزي دفتر آهن. دولت جي گهڻائيءَ سببان هن ٻيٽ جي اهميت ايترو ته وڌي ويئي آهي، جو ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. هن ٻيٽ کي جيڪڏهن ”سوني ڌرتيءَ وارو ٻيٽ“ سڏجي، ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.

اٽڪل ڏيڍ صديءَ جو واقعو آهي ته هتان جي هڪ ڳاڙهي- هندستاني سردار، هن سون اُپائيندڙ ٻيٽ جا سمورا حق ۽ واسطا، پني جي پنجن چُٽڪين تي هڪ گوري واپاريءَ کي وڪيا هئا. هاڻي هڪ آمريڪي اخبار ۾ هيءَ خبر شايع ٿي آهي ته ’ڳاڙهن هندستانين مئنهٽن ٻيٽ جي قيمت وصول ڪرڻ لاءِ، آمريڪا جي فيڊرل ڪورٽ ۾ مقدمي داخل ڪرڻ واسطي هڪ قابل وڪيل جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.‘)

آمريڪا جي اصلوڪن رهاڪن يعني ”ڳاڙهن هندستانين“ ۽ نون رهاڪن يعني ”گورن“ جي وچ ۾ گهڻي عرصي کان لڙايون هلنديون ٿي رهيون، ۽ هر دفعي گورن هٿان ڳاڙهن هندستانين کي وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون هيون؛ ڇاڪاڻ ته گورن وٽ بندوقون هونديون هيون ۽ ڳاڙهن هندستانين وٽ رڳو تير ڪمانون ۽ ڪهاڙيون. انهن حالتن آخرڪار ڳاڙهن هندستانين (ريڊ انڊين) کي مجبور ڪيو ته هو به مقابلي لاءِ بندوقون وٺن ۽ پنهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪن. گورا واپاري ڳاڙهن هندستانين جي انهيءَ ضرورت کان واقف هئا، ان ڪري بندوقون ۽ ٻيو ساز و سامان کڻي، ڳوٺن ۽ بستين ۾ وڃي، وڏي فريب ۽ دوکيبازيءَ سان وڪڻندا هئا؛ ۽ هڪ معمولي شيءِ جي وڏي کان وڏي قيمت وٺڻ ۾، ڪوبه شرم محسوس نه ڪندا هئا.

هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته ڪي گورا واپاري بندوقون ۽ ٻيو ساز و سامان کڻي، گهاٽا جهنگل لتاڙي، هڪ درياءَ تي اچي پهتا. هنن مال ٻيڙين ۾ وڌو، ۽ ٻيڙن کي هاڪاري، درياءَ جي پيٽ ۾، هڪ ٻيٽ جي ڪناري تي اچي لنگر هنيائون. اوڏيءَ مهل ڪن ريڊ انڊين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مٿن نگاهه پئجي ويئي،- هو خوشيءَ ۾ ڊوڙندا، رڙيون ڪندا ڳوٺ ويا، ۽ ماڻهن کي گورن واپارين جي اچڻ جو اطلاع ڏنائون. اڃا گورن واپارين ٻيڙين مان سامان لاهي ڪناري تي ئي مس آندو، ته ايتري ۾ ڀر پاسي وارن سمورن ڳاڙهن هندستانين اتي اچي ڳاهٽ ڪيو.

گورن واپارين کي اڳيئي خبر هئي ته گذريل ٻارهن مهينن کان هن ٻيٽ ۾ ڪوبه واپاري نه آيو آهي، جنهنڪري ڳاڙها هندستاني ۽ سندن سردار واپار لاءِ ڏاڍا آتا آهن. هنن وٽ پشم جون کلون گهڻي انداز ۾ گڏ ٿي چڪيون هيون، جن جي مٽاسٽا ڪرڻ سان هو بندوقون ۽ ٻيو سامان خريد ڪندا هئا؛ ائين چئجي ته اهي کلون هن علائقي ۾ شين جي سوديبازيءَ ۾ سِڪي جو ڪم ڏينديون هيون.

مهمانن جي آڌرڀاءَ کان پوءِ، جڏهن ٻنهي ڌرين پنهنجو پنهنجو مال وڪري لاءِ ٻاهر ڪڍي رکيو، تڏهن ڳاڙهي هندستاني سردار ڪوڙن موتين جو هار ڏسي خوشيءَ وچان اُڇل کاڌي، ۽ هار کڻي، پنهنجيءَ ڀر ۾ ويٺل هڪ ريڊ انڊين شخص کان صلاح پڇي. هن جي صلاح سردار کي ايترو ته شوق ڏياريو، جو هن ٻيا به چار هار وڏن موتين وارا هٿ ڊگهيري کڻي ورتا ۽ هڪ گوري ڏانهن نهاري، اشاري سان انهن جي قيمت پڇي. گوري واپاريءَ، سردار کي اڳيئي تاڙي ورتو هو، سو کيس اشاري سا في الحال صبر ڪرڻ لاءِ چيائين ۽ پوءِ هڪ ٿيلهي مان بندوق جون ناليون ڪڍي، پهريائين هِن  سودي طي ڪرڻ لاءِ اشاري سان آڇ ڪئي. سردار اهي پنج ئي هار کڻي پنهنجي گوڏي تي رکيا، ۽ پوءِ پشم وارين کلن جي عيوض ۾ هڪ بندوق ۽ ڪجهه ڪپڙو خريد ڪيو. آخر جڏهن سردار وٽ هڪ کل به ڪانه رهي، تڏهن مڪار آمريڪي واپاريءَ، سردار جي گوڏي تي رکيل هارن ڏانهن سندس ڌيان ڇڪايو.

سردار ڏاڍو ششدر ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته هارَ موٽائي ڏيڻ دل نٿي چيس، ۽ تنهن سان گڏ وٽس هارن خريدڻ لاءِ ٻيو ڪي به ڪين بچيو هو. گوري وجهه ڏسي، زمين جي ڪنهن ٽُڪر ڏيڻ لاءِ چيس. زمين جو نالو ٻڌندي، سردار جي چهري تي خوشيءَ جي لهر ڇانجي پيئي، ۽ هُن بنا ڪنهن سوچ ويچار جي انهيءَ ٻيٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جنهن ۾ هو پاڻ ۽ سندس قبيلو ان وقت عارضي طور شڪار سانگي اچي آباد ٿيو هو. جڏهن لکپڙهه ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن گوري آمريڪن پنهنجي چهري تي اهڙا آثار ظاهر ڪيا، ڄڻ ته انهيءَ سودي ۾ کيس وڏو نقصان رسيو هو، پر سردار سان دوستيءَ هئڻ ڪري هو ڏٺو وائٺو زهر جو ڍڪ ڀري رهيو هو.

سردار ڏاڍو خوش ٿي ڏسڻ ۾ آيو ۽ خوشيءَ وچان هارن جي موتين ۽ هارن جي وچ ۾ اٽڪيل ڪاغذ جي ٽڪنڊين چُٽڪين تي (جن تي هرهڪ هار جي قيمت لکيل هئي) هر گهڙيءَ هٿ ڦيرائي رهيو هو.

دوکيبازي آمريڪي واپاريءَ، ٽيڏيءَ اک سان سردار جو جائزو ورتو ۽ جهٽ هڻي، اُهي ڪاغذ جون چٽڪيون هارن مان ڇني ورتيون. سردار هيءَ حرڪت ڏسي باهه ٿي ويو، ۽ گوري کان انهن چٽڪين ڦرڻ تي ئي هو ته گوري چيس، ”سائين، هي ڪاغذ تمام قيمتي آهن، اوهان کي هنن جي اهميت جي خبر نه آهي؛ ان ڪري آءٌ نه ڏيندس.“

سردار جي دل ۾ شڪ جاڳيو ته شايد هي دوکيباز واپاري معمولي قيمت جا هار ڏيئي، وڏيءَ قيمت واري شيءِ مون کان ڦري وڃڻ ٿو چاهي. هن پوءِ گوري واپاريءَ سان وڏي ڇڪتاڻ ڪئي، ۽ انهن ”ڪاغذ جي قيمتي چٽڪين“ وٺڻ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. (سردار، ڊالرن جي نوٽن جي خبر ٻڌي هئي ته دنيا ۾ ڪاغذ جا ٽڪرا سون جو ڪم ڏين ٿا!)

نيٺ جڏهن گوري واپاريءَ کي يقين ٿيو ته هينئر سردار جو رت ٽهڪڻ لڳو آهي، ۽ هو پنهنجي هوش کان ٻاهر نڪري چڪو آهي، تڏهن سردار کي نرميءَ سان چيائين، ”چڱو سائين، آءٌ اوهان کي هي قيمتي ڪاغذ دوستيءَ ۾ ٿو ڏيان.“ ائين چئي، ڪاغذ جون اهي پنج ئي چٽڪيون هٿ ڊگهيري، سردار جي حوالي ڪيائين ۽ کانئس اهي هار وٺي پاڻ وٽ رکيائين؛ ۽ جيسين هن اَنوکي سودي جي لکپڙهه ٿي، تيسين هو پنهنجي مڪروه چهري تي وڏي افسوس ۽ ڏک جا آثار ظاهر ڪندو رهيو.

ريڊ انڊين سردار، وڏي خوشيءَ ۽ فاتحانه انداز سان، دوکيباز آمريڪن کي چوٿي پني تي آڱوٺو هڻي. مئنهٽن ٻيٽن جا سمورا حق  واسطا، ڪاغذ جي بيڪار چٽڪين عيوض هميشہ لاءِ وڪڻي ڇڏيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com