ڪارل سئنبرگ
[سوانح حيات]
ابرهام لنڪن
سنه 1809ع جي ڳالهه آهي. هڪڙي ڏينهن صبح جو سوير،
ٽام لنڪن پنهنجي جهوپڙيءَ مان ٻاهر نڪري رستي تي
آيو ۽ پاڙيسريءَ کي چيائين، ”پنهنجي گهر واريءَ کي
چؤ ته مهرباني ڪري منهنجي زال نئنسيءَ وٽ جلد پهچي
وڃي، ڇو ته هوءَ وِيَم جي سُورنِ ۾ آهي.“
اهو آچر جو ڏينهن هو ۽ فيبروري مهيني جي 12 تاريخ.
نئنسيءَ پٽ ڄڻيو. ڇوڪر جي پيءُ ٽام لنڪن، چلهه ۾
وڌيڪ ڪاٺيون وجهي، گهڻي گرمي ۽ روشنائي ڪئي، ۽
پوءِ زال جي مٿان وڌيڪ اوڇڻ وجهي، ٻين پاڙيسرين کي
ٻار ڄمڻ جي خبر ٻڌائڻ ويو. سڀ کان اول کيس رستي تي
اسپئرو وارن جو ڇوڪرو ڊينس گڏيو. ان کي چيائين،
”اسان کي پٽ ڄائو آهي.“ ڊينس نوَن سالن جو ٻار هو.
خبر ٻڌي، ڊوڙندو ٽام لنڪن جي گهر آيو. نئنسيءَ ڪنڌ
ورائي ڏانهنس نهاريو، ۽ پوءِ کيس چپن تي مُرڪ آئي.
ڊينس نئين ڄاول ٻار ڏي گهُوري رهيو هو: گهڙي رکي
چيائين، ”چاچي، نالو ڇا رکندينئس؟“ ”ابرهام“،
نئنسيءَ جواب ڏنو، ڏاڏَنهسِ جي نالي پٺيان.“
ستت ئي ڊينس جي ماءُ آئي، ۽ هُن ٻار کي وهنجاريو.
کيس پِيلي رنگ جي ڪپڙن سان ڍڪيائين، ۽ نئنسيءَ جي
کائڻ لاءِ ڪجهه رڌائين. ان بعد ائين چئي، موڪلائي
ويئي ته ”وري سڀاڻي صبح جو اينديس.“ پر، ڊينس گهر
ڪونه ويو. هُو رات جو به ٽام لنڪن ۽ نئنسيءَ وٽ
ٽِڪي پيو. کَٿو کڻي، ويڙهجي سيڙهجي، چلهه جي ڀرسان
وڃي ستو. رات جو ننڊ مان جاڳي پيو جو ٻار رڙيون
پئي ڪيون. ٽام لنڪن پنهنجي زال کي پئي چيو، ”مٿان
ڪپڙو وجهينس، ٿڌ نه لڳيس.“ صبح جو ڊينس ننڊ مان
اٿي ننڍڙي ابراهام ڏانهن نهاريو، ۽ نئنسيءَ کي
چيائين، ”چاچي، ابرهام ڪهڙو نه ڳاڙهو آهي! مان هنج
۾ کڻانس؟“ ”هائو، ڀلي، پر خيال ڪج!“ نئنسيءَ ورندي
ڏنيس. ڊينس ننڍڙي ابرهام کي هنج ۾ کڻي ڪُڏايو ته
کيس ڏاڍو مزو آيو. دل ۾ چوڻ لڳو ته ’هاڻي راند
روند لاءِ سنگتي ٿي پيو.‘
ڏينهن گذرندا ويا. ستت لنڪن جو خاندان لڏي، اولهه
طرف الينوز ڏانهن ويو. ابرهام لنڪن سخت محنت ڪئي:
پاڙيسرين کان ڪتاب پڙهڻ لاءِ وٺي اچڻ واسطي
ڪيترائي ميل پنڌ ڪيائين. هڪ ننڍڙي شهر ۾، هڪڙي
اِسٽور تي ڪلارڪ ٿي ڪم ڪندي، عام ماڻهن کي سمجهڻ
جي ڪوشش ڪيائين، ۽ پوءِ جلد ئي آسپاس جي سياست ۾
به حصو وٺڻ لڳو.
ابرهام لنڪن جي عمر ايڪونجاهه سال اچي ٿي. انهيءَ
عمر کي پهچندي، پهچندي، هو ڏاڍو مشهور ٿي ويو هو.
عام ماڻهو ۽ ٻار سندس عجيب غريب ڳالهيون ڪندا هئا:
ڊگهو ۽ سنهڙو، اداس ۽ گنڀير، ڀوڳائي ۽ دلچسپ؛ چؤ
ته سندس اندر ۾ ڪو شمعدان آهي جو ٻري، وسامي ٿو
وڃي، ۽ هُو وري ان کي ٻاري ٿو. ابرهام هر اَجنبي
ماڻهوءَ جو دوست هو. ٻارن لاءِ ته ائين هئو جيئن
ڪتاب ۾ ڪا وڻندڙ مورت هجي.
ابرهام کي ڪپڙا ٺهندا ئي ڪونه هئا: سندس بت تي
ڪپڙا ائين هوندا هئا، ڄڻ ته ڪنهن ڪپڙا ڌوئي سُڪڻ
لاءِ ڪاٺيءَ تي وڌا هجن. ڪڏهن ڪهڙا لَٽا پائيندو
هو، ته ڪڏهن ڪهڙا.
ماڻهو چوندا هئا: ’ابرهام ويچارو آهي هڏا ۽ کَل!
لَٽا ائين ٿا لڳنس جو ڄڻ ته ڪنهن مڙدي تي ڪفن پيو
آهي.‘
ابرهام پنهنجي مٿي تي ٽوپلو پائيندو هو. اهو ٽوپلو
به عجيب هوندو هو. ماڻهو چوندا هئا. ”ابرهام جو
ٽوپلو ائين آهي، جيئن جاءِ جي ڇت؛ ابرهام انهيءَ ۾
پنهنجا خيال ائين اٽڪائي ڇڏيندو آهي، جيئن ڇت ۾
ماڻهو شمعدان ٽنگيندا آهن.“
ابرهام جي ٽوپلي تي سندس نالو ۽ ائڊريس به لکيل
هوندي هئي ـــ ”ابرهام لنڪن، اسپرنگ فيلڊ ـــ 3“
انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن ڪو ويسارو شخص ڀُل چُڪَ ۾
کڻي وڃي ته مالڪ ڳولي، پهچائي ڏئي.
ابرهام ڇَٽي به ساڻ کڻندو هو، جنهن گهڻين ئي
برساتن ۾ کيس ڀِڄي پوڻ کان بچايو هو. انهيءَ تي به
ابرهام جو نالو ۽ ائڊريس لکيل هئي ـــ ”ابرهام
لنڪن، اسپرنگ فيلڊ ـــ 3“.
ابرهام جڏهن ڊگهو ڪارو ڪوٽ ۽ سوٽ پائي، مٿي ۾
ٽوپلو وجهي، ۽ ڇٽي ساڻ کڻي هلندو هو، ته عجيب قسم
جو لڳندو هو. ٻارن کي ائين معلوم ٿيندو هو ته
ابرهام ڪو ڏُٻرو گهوڙو آهي، جو هلي، هلي، ٿڪجي پيو
آهي. عام ماڻهو کيس ڪڏهن وڪيل ڏسندا هئا، ڪڏهن
آمريڪا جي ريپبليڪن پارٽيءَ جو چونڊن ۾ اميدوار،
ته ڪڏهن معتبر ماڻهو. پر ابرهام هر حالت ۾ هرڪنهن
جو اَجنبي دوست لڳندو هو.
لنڪن جي مشهوري وڌندي ويئي، ۽ هرڪو سندس
ايمانداريءَ جي ساک ڏيندو هو. ايمانداريءَ سان گڏ
لنڪن بابت ٻي ڳالهه هيءَ عام مشهور هئي ته ”لنڪن
ماڻهن کي غلام بنائڻ جي خلاف آهي. هُو گهري ٿو ته
غلاميءَ کي ٻنجو اچي ۽ جيڪي غلام هن وقت آهن، تن
کي عام انسانن وارا حق ملن.“
ستت ابرهام لنڪن، آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو. اهو
سخت هنگامي وارو زمانو هو. غلاميءَ خلاف لنڪن جي
آواز جو پڙاڏو آمريڪا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونججي رهيو
هو. آمريڪا جون ڏکڻ طرف واريون رياستون، اتر طرف
وارين رياست کان جدا ٿيڻ جو اعلان ڪري چڪيون هيون.
خانه جنگي جا ڪَڪر آمريڪا جي مٿان ڇانئجي ويا ۽
آخر جنگ لڳي. ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا. انهيءَ
جنگ ۾ جن ميدانن تي فيصله ڪُن لڙائيون لڳيون، تن ۾
هڪ لڙائيءَ جو ميدان گيٽسبرگ واري لڙائيءَ جي
ميدان کي جنگ جو قومي يادگار بنائڻ لاءِ هڪ جلسو
ٿيو، ته لنڪن کي چيو ويو ته ’اوهين ڪجهه اکر چئو.‘
لنڪن پنهنجي ڪرسي سيري، ميز کي ويجهو ڪئي، ۽ اکين
تي چشمو چاڙهي ڪوٽ مان لکيل تقرير جو مسوّدو ڪڍي
اُن تي نظر وڌائين، ۽ پوءِ ان کي وري کيسي ۾ وجهي
ڇڏيائين.
لنڪن جي گيٽسبرگ واري اها تقرير آمريڪا جي تاريخ
جو اَهم باب آهي. هن چيو:
”ستاسي سال اڳ، اسان جي وڏڙن هن کنڊ ۾ هڪ نئينءَ
قوم جو پايو وڌو؛ جا ”آزاديءَ“ جي علمبردار هئي ۽
انهيءَ اعتقاد واري هئي ته ’سڀ ماڻهو برابر آهن.‘
”هاڻي اها قوم گهرو لڙائيءَ ۾ مبتلا آهي، ۽ انهيءَ
ڳالهه جي پَرک ٿي رهي آهي ته اهڙن اصولن واري قوم؛
زندهه رهي سگهي ٿي يا نه.
”اڄ اسان انهيءَ لڙائيءَ جي هڪ مشهور ميدان تي گڏ
ٿيا آهيون: اسان انهيءَ لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته
انهيءَ ميدان جي هڪ حصي کي انهن شخصن جي يادگيريءَ
لاءِ وقف ڪريون، جن اسان جي قوم جي بقاءَ ۽
بهبوديءَ لاءِ پنهنجيون زندگيون ڏنيون.
”اهو نهايت ئي مناسب آهي ته اسان هيءُ يادگار قائم
ڪريون، ـــ وسيع معنيٰ ۾، اسان پاڻ ته ڪوبه يادگار
قائم ڪري نٿا سگهون؛ ڇاڪاڻ ته اُهي سورهيه جوان جي
هن ميدان تي وڙهيا، پوءِ اُهي هن وقت مئل آهن يا
جيئرا آهن، تن ئي هن ميدان کي ’قومي يادگار‘ جو
شرف بخشي ڇڏيو. ميدان کي مليل انهيءَ شرف مان،
اسين نه ته ذرو گهٽائي سگهون ٿا، ۽ نه وڌائي سگهون
ٿا.
”اڄ اسين هتي جيڪي ڪجهه چونداسون انهيءَ جو دنيا ۾
شايد گهڻو ذڪر يا يادگيري نه به رهي، پر دنيا اهو
ڪڏهن به وساري نه سگهندي ته هن ميدان تي ڪهڙو
ڪارنامو ٿيو هو.
”درحقيقت اسين جيڪي جيئرا آهيون ۽ اڄ هتي گڏ ٿيا
آهيون، تن کي پنهنجو پاڻ وقف ڪرڻو آهي انهيءَ ڪم
لاءِ جيڪو اسان جي سورهيه جوانن هٿ ۾ کنيو. اسان
کي انهيءَ ڪم کي پورو ڪرڻو آهي. اسان کي اهو عهد
ڪرڻو آهي ته بهادرن جي قرباني اجائي نه ويندي.
اسان جي قوم کي خدا جي مهربانيءَ سان، آزاديءَ جو
نئون جنم ملندو. ’عوام جي عوام لاءِ، عوام تي
حڪومت ڌرتيءَ تان ختم نه ٿيندي.“
جلسي پوري ٿيڻ کان پوءِ، ابرهام لنڪن، آمريڪا جو
صدر، ملڪ جي گاديءَ واشنگٽن ڏانهن روانو ٿيو. صدر
جي سواري اڌ رات جو واشنگٽن پهتي. لنڪن ٿڪجي پيو
هو. ٿورڙو ڳالهايائين، ۽ پوءِ آرام ڪرسيءَ تي
ڄنگهون ڊگهيري ويٺو ۽ پاڻيءَ ۾ آلي ٿيل ٽوال سان
هٿ منهن اُگهيائين.
ستت جنگ جو فيصلو ٿيو. اتر وارين رياستن جي سوڀ
ٿي، ۽ آمريڪي رياستن جو اتحاد قائم رهيو. پر عين
انهيءَ وقت، لنڪن وفات ڪئي ــــ 14 اپريل 1865ع
تي، جمعي جي ڏينهن، لنڪن هڪ ناٽڪ ــ گهر ۾ هو، جتي
هڪ بيوقوف شخص کيس قتل ڪري ڇڏيو.
ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماتم جي صف وڇائجي ويئي. اخبارن
جا ڪالم ڪارا هئا، گهرن ۾ روڄ راڙو هو، گهٽين ۾،
ريلن ۾، هرهنڌ اهائي وائي وات هئي، ”ابرهام لنڪن
قتل ٿي ويو.“ جٿي ڪٿي ماڻهو ابرهام لنڪن کي ساراهي
ياد ڪري رهيا هئا، ۽ جڏهن دردناڪ واقعي جي اظهار
لاءِ لفظ پورا نٿي پيا، ته هو خاموش ٿِي پئي ويا.
جن لنڪن کي پيار ڪيو ٿي، سي ڏک سببان خاموش هئا:
سندن ڪنڌ هيٺ جهڪيل هئا.
سوين هزارين ماڻهو جيسين جيئرا هوندا، تيسين اِها
ڳالهه هميشہ ياد رکندا، ته جڏهن کين لنڪن جي قتل
جي وحشتناڪ خبر پهتي هئي، ته هُو ڪٿي بيٺل هئا،
ڪٿي ويٺل هئا ۽ ڇا ڪري رهيا هئا. وٽن لفظ ڪونه
هئا، رڳو ڏک هو. لنڪن جي موت جي خبر باهه وانگر
چوڌاري پکڙجي ويئي. ٻيلي ۾ هڪ ڪڙمي، هڪ تيز رفتار
گهوڙي تي سوار هو، هن هڪ پاڙيسريءَ کي واڪو ڪري
ٻڌايو ۽ پوءِ ٻئي کي ته ”لنڪن کي گولي لڳي ويئي“
”لنڪن قتل ٿي ويو.“ـــ بس، ان کان وڌيڪ لفظ هن وٽ
ڪونه هئا. سوار هليو ويو. ماڻهن خبر ٻڌي، ۽ هُو
اتي جو اتي بيٺا رهيا: حيرت ۾، ڏکويل، گونگا! ڪن
ماڻهن رڳو ايترو چيو، ”هاڻي ملڪ جو ڇا ٿيندو!“
فلاڊيفيا ۾ هڪ ماڻهوءَ صبح جو سوير ننڊ مان اٿي،
در جي چائنٺ وٽان اخبار کنئي ـــ کانئس دانهن نڪري
ويئي، ”يا خدا! هي ڇا ٿي ويو! لنڪن قتل ٿي ويو!“
گهٽيءَ ۾ ويندڙ ماڻهن اهو ٻڌي پنهنجو منهن کڻي هٿن
۾ جهليو، ۽ سندن گرم لڙڪ اکين مان وهي، فرش تي
ڪِرڻ لڳا.
اخبارون وڪڻندڙ ڇوڪرا، جيڪي هونئن واڪا ڪري هنگامو
مچائي ڏيندا هئا، سي به خاموش هئا. هنن گراهڪن کي
چپ چاپ اخبار کڻي ٿي ڏني. هڪڙي ڇوڪر گراهڪ کي
اخبار ڏيندي روئي ڏنو، ۽ پوءِ پنهنجي ميري هٿ سان
ڳوڙها اُگهي ڇڏيائين. هزارين دڪانن جي مالڪن
پنهنجن نوڪرن کي چيو ته ”دڪان بند ڪري ڇڏيو.“
ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن سُڏڪا ڀريندي شاگردن کي
چيو، ”گهر وڃو، اڄ اسڪول بند آهي.“ گهر ۾ پنهنجي
مڙس ۽ ٻار کي ايترو جلد موٽي ايندو ڏسي، ماءُ پڇيو
”ڇاهي؟“ ”امان“ سندس ٻار جواب ڏنو، ”ابرهام لنڪن
اسان جو صدر قتل ٿي ويو!“ انهيءَ کان پوءِ انهيءَ
جاءِ جي دروازي تي ڪارو جهنڊو لڏي رهيو هو.
هنٽنگٽن شهر جي هڪڙي گهر ۾، ماءُ ۽ پٽ صبح جو سوير
خبر ٻڌي. هو نيرن ڪرڻ لاءِ ميز تي اچي ويٺا، پر
ڪجهه ڪونه کاڌائون، منجهند جي مانيءَ تي به ڪجهه
ڪونه کاڌائون، ۽ رات جو مانيءَ تي به ڪجهه ڪونه
کاڌائون؛ حالانڪ ميز تي ماني رکيل هئي. هو خاموش
هئا. فقط اخبارون پئي ڏٺائون. ڇوڪر دل ۾ اقرار
ڪيو، ”جيسين جيئرو هوندس، هر سال 14 آڪٽوبر تي
موتئي جي گلن جا هار ٺاهي، ابرهام لنڪن جي تصوير
کي وجهندس.“
هاڻي قوم جو وڏو ابرهام هميشہ لاءِ موڪلائي ويو
هو. هاڻي ٻار ۽ ٻڍا سندس عجيب غريب ڳالهيون نه
ڪندا! هُو هاڻي فقط اهي اخبارون پاڻ وٽ محفوظ
رکندا، جن ۾ گيٽسبرگ واري تقرير ڇپيل هئي، ۽ جن جا
ڪالم ڪارا ٿيل هئا. هاڻي رڳو ابرهام جي حياتيءَ جي
يادگيري قائم رکڻي هئي، ــــ سندس حياتي، جا ڪن
اصولن موجب گذري هئي. انهيءَ حياتيءَ جي يادگيري
ڪير به کانئن کسي نٿي سگهيو.
هڪڙو ننڍڙو نينگر پنهنجي پيءُ جي چيچ هٿ ۾ جهلي،
ڳوٺ کان شهر پئي ويو. هن سڄو ڏينهن ديولن ۾ گهنڊ
وڄندي ٻُڌا ۽ ماڻهن جا منهن لٿل ڏٺا. هن آسمان ۾
نهاريو ـــ ڪاري ڪاري رات هئي، آسمان ۾ تارا هئا.
لنڪن مري ويو هئو ـــ ليڪن انهيءَ هوندي به ڪاريءَ
رات ۾ تارن جو آسمان ۾ سفر جاري هو.
شام جو جيئن شفق جو شعلو سون جيان رِجي ڏينهن جي
خاتمي جي نشاني ڏئي ٿو، تيئن ماڻهن جو اَجنبي دوست
ابرهام، هن ڌرتيءَ کي ڇڏي آسمان ۾ تارن ڏانهن هليو
ويو. هزارين لکين گهرن ۾ ماڻهو دعائون گهري رهيا
هئا، ”شال ڌڻي ابرهام کي پنهنجيءَ رحمت سان
نوازي!“ ٻئي ڏينهن ملڪ جي اخبارن لکيو، ”آمريڪا جي
ڌرتي ۽ آمريڪا جو هر ڪٽنب، ابرهام لنڪن جي موت تي
ماتم ڪري ٿو.“
[ترجمو، از: اداره] |