پاٽِنجر
انگريزن جو ايلچي ميرن جي درٻار ۾
[هن مضمون جو احوال، ليفٽيننٽ هينري پاٽنجر جي
ڪتاب ”ٽريولس اِن بلوچستان ائنڊ سنڌ“ (سنڌ ۽
بلوچستان ۾ مسافريون) تان ورتل آهي، جو لنڊن ۾،
سنه 1816ع ۾ شايع ٿيو هو.]
آگسٽ 1808ع
جنهن ڏينهن اسين حيدرآباد پهتاسين، ان جي ٻئي
ڏينهن صبح جو ميرن پنهنجا ماڻهو اسان جي ڪئمپ
ڏانهن موڪليا. اسان حيدرآباد جي قلعي کان ڏکڻ-
اوڀر طرف، اٽڪل هڪ ميل جي پنڌ تي، ڦليليءَ جي ڪپ
تي اچي خيما کوڙيا هئا. ميرن پنهنجا ماڻهو اسان جي
اڳواڻ يعني انگريز سرڪار جي ايلچيءَ جي مزاج پرسي
ڪرڻ لاءِ موڪليا هئا. اُهي پاڻ سان مٺائيءَ سان
ڀريل خونچا ۽ ميرن جون دعائون ۽ سلام کڻي آيا هئا.
جيئن ته اسان کي خاطريءَ سان معلوم ٿيو ته ميرن جا
ماڻهو ڪي وڏي درجي جا عهديدار نه هئا، پر معمولي
خذمتگار هئا، ان ڪري فيصلو ڪيوسون ته اسان جو
اڳواڻ مسٽر سمٿ، پاڻ انهن سان نه ملي. هنن کي اول
ته اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي، پر پوءِ جڏهن پنهنجو
ڪم پورو ڪري پٺتي موٽيا ته راضي ڏسڻ ۾ پئي آيا.
ميرن اسان جي انهيءَ هلت کي پنهنجي بيعزتي ڄاتي، ۽
ان تي اعتراض ڪرڻ لاءِ پنهنجو هڪ ديوان، مشتاق رام
اسان ڏانهن موڪليائون. هُن اسان جي ايلچيءَ کي
اِها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ميرن
جي دل وٺڻ لاءِ ظاهري طرح سمورا آداب بجا آندا
وڃن. مشتاق رام اها به شڪايت ڪئي ته اسان موٽ ۾،
ميرن جي مزاج پرسيءَ لاءِ پنهنجو ڪوبه ماڻهو نه
موڪليو هو. انهيءَ تي اسان کيس ٻڌايو ته حقيقت ۾
اسان پنهنجو منشي موڪليو هو، پر اُن کي قلعي ۾
گهڙڻ نه ڏنو ويو، جنهن تي هن ڪوشش ڪئي ته ميرن جو
ڪو عملدار ساڻس ملي ته انهيءَ جي هٿان ئي اسان جو
پيغام ميرن تائين پهچائي. پر انهيءَ ۾ به هن کي
ڪاميابي نصيب نه ٿي.
اسان ديوان مشتاق رام کي وڌيڪ ائين به چيو ته
حيدرآباد پهچڻ کان اڳ اسان جي اڳواڻ مسٽر سمٿ،
ميرن سان لهه وچڙهه ۾ اچڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، ۽
جيڪو منشي ميرن ڏانهن موڪليو هئائين، ان کي به
قلعي ۾ اندر گهڙڻ نه ڏنو ويو. هو پيغام جي جواب
حاصل ڪرڻ لاءِ قلعي ۾ اندر گهڙڻ نه ڏنو ويو. هو
پيغام جي جواب حاصل ڪرڻ لاءِ قلعي کان ٻاهر بزار ۾
بيٺو رهيو. ظاهر آهي ته اهڙيءَ صورت ۾ هاڻي ميرن
کي شڪايت ڪرڻ جو سبب ئي ڪونهي؛ ڇاڪاڻ ته انهيءَ
غير دوستانه رَويي جي شروعات ميرن جي ئي طرف کان
ٿي آهي؛ انهيءَ ڪري جو اسان جو موڪليل ماڻهو اسان
جو منشي هو ۽ ان جو عهدو ميرن جي موڪليل ماڻهن،
يعني خدمتگارن کان گهڻو مٿي هو.
اسان جي ماڻهن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ذري گهٽ هڪ ڳالهه
تان سخت جهيڙي ٿيڻ جو امڪان هو: ڇا ٿيو جو ڪنهن
ڳالهه تان هڪ سنڌيءَ اسان جي ماڻهوءَ کي ڌڪ هڻي،
سندس ٽوپي لاهي وڌي. ملزم کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي، پر هُو ماڻهن جي هجوم ۾ لڪي، ڀڄي ويو. اهڙي
قسم جي واقعي جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ها، پر
اسان جي سپاهيءَ جي بردباريءَ سببان جهيڙو ٽري
ويو. اسان جي ايلچيءَ حڪم ڪيو ته تنبن جي چوڌاري
سپاهي بيهاريا وڃن؛ سو ائين ئي ڪيو ويو.
اسان جي تنبن جي چوڌاري ڄڻ ته ڪو ميلو متل هو. هر
طبقي ۽ هر شغل جي ماڻهن اسان جي ڪئمپ جي چوڌاري
هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦيريون پاتيون. مسخرن،
بازيگرن ۽ رڇ- نچائيندڙ فقيرن رات ڏينهن دهل ۽
توتارا وڄائي اسان جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي هئي. انهن
مان ڪيترا ته سخت ضدي هئا ۽ اسان جي ايلچيءَ جي
خاص تنبوءَ جي ويجهو رات ڏينهن ميڙو مچايون بيٺا
هئا؛ چيائون پئي ته جي اسان کين راضي نه ڪنداسون
ته اسان تي خدا جي رسول جو ڏمر ٿيندو ۽ سنڌ جا مير
اسان کي سزا ڏيندا. ڪي وري بنهه چپ چاپ بيٺا هوندا
هئا، ۽ جڏهن اسين شام جو، ڏينهن ٺرڻ بعد، گهوڙن تي
چڙهي گهمڻ نڪرندا هئاسون ته ڊوڙي اچي اسان جي
ايلچيءَ جو رستو روڪيندا هئا ۽ چوندا هئا ته جي
اسان کين راضي نه ڪنداسون ته پوءِ سندن پِٽون ۽
پاراتا اسان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه
ڏيندا. پهريائين ته هنن ماڻهن، جن ۾ ايشيا جي گهڻو
ڪري سڀني قومن جا ماڻهو شامل هئا، اسان کي ڏاڍو ڪڪ
ڪيو، پر پوءِ ستت ئي اسان سندن رڙين ۽ واڪن تي
هِري وياسون ۽ هنن جون پِٽون ۽ پاراتا اسان کي کِل
ڏياريندا هئا.
حيدرآباد پهچڻ جي ٻئي ڏينهن، مختلف ماڻهن جي ذريعي
اسان جي ايلچيءَ جون ميرن سان ملاقات بابت ڳالهيون
ٿيون. اسان جو اندازو هو ته جهڙيون حالتون ڏسجن
ٿيون ته اسان ميرن سان ملڻ کان سواءِ سنڌ مان واپس
هليا وينداسين.
اسان ڀانيو ٿي ته مسند يا تخت زمين کان ضرور
مٿانهين هنڌ هوندو. انهيءَ لاءِ اسان اها گُهر ڪئي
ته ايلچيءَ جي ويهڻ لاءِ ڪرسي وڌي وڃي، ۽ جڏهن
اسان جو ايلچي ميرن وٽ پهچي ته ٽيئي مير اٿي بيهن.
پر، ميرن نه رڳو ايلچيءَ جي آڌرڀاءَ طور اٿي بيهڻ
کان انڪار ڪيو، پر اُٽلو اها به گُهر ڪئي ته جڏهن
اسين درٻار ۾ داخل ٿيون ته سڀ هٿيار لاهي اچون.
اسان جي ايلچيءَ مسٽر سمٿ، انهيءَ ڳالهه تي سخت
اعتراض واريو ۽ ميرن جي ماڻهوءَ کي چيائين ته ’مان
پاڻ ته کڻي اها ڳالهه قبول به ڪريان، پر پنهنجن
ٻين ساٿين کي ان لاءِ مجبور ڪري نٿو سگهان. اها
ڳالهه بيعزتيءَ جي آهي ۽ مان پنهنجي سرڪار جي شان
۾ رتيءَ برابر به ڪَس کائڻ لاءِ تيار نه ٿيندس، ۽
هڪدم سنڌ ڇڏي هليو ويندس.‘ ميرن اها ڳالهه ٻڌي،
ولي محمد خان نالي پنهنجو سردار، جيڪو اڳ ۾ اسان
کي سفر ۾ ٺٽي وٽ مليو هو، اسان ڏي موڪليو ۽ کيس
اختيار ڏنائون ته هُو جيڪا ڳالهه مناسب سمجهي، ان
موجب اسان سان ملاقات جا شرط طي ڪري. پر جڏهن هُو
اسان وٽ آيو ۽ اسان جي ايلچيءَ جو محڪم ارادو
ڏٺائين، ته اسان کي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جو خيال ئي
لاهي ڇڏيائين.
ميرن جا سپاهي
باقي اسان جي طرفان وڌل شرطن تي ڳالهائيندي چيائين
ته ’اِها ڳالهه اڻ ٿيڻ آهي ته ايلچيءَ جي اچڻ تي
مير درٻار ۾ اٿي بيهن.‘ پر، اسان جي مضبوط ارادي
کي ڏسي، هو انهيءَ ڳالهه تان به لٿو. پوءِ وري
چيائين ته ’چڱو، ڀلا ائين ٿيندو جو مير ٿورڙو ائين
چُرندا، جو ڀانئجي ته هو اُٿڻ گهرن ٿا.‘ پر آخرڪار
هُن اُهي سڀ چالاڪيون ڇڏي، اها ڳالهه قبول ڪئي ته
ايلچي جي اچڻ تي مير اٿي بيهندا ۽ تيسين بيٺا
رهندا، جيسين اسان جو ايلچي انهيءَ جاءِ تي ويهندو
جا ميرن جي ساڄي پاسي مقرر ٿيل هوندي، ۽ وري جڏهن
اسان جو ايلچي درٻار مان نڪرندو، ته مير ساڳيءَ
طرح اٿي بيهندا.
هن قسم جي ڳالهين جو نتيجو سنڌ جي حڪومت تي بلڪل
صحيح قسم جي راءِ زني آهي،- نه رڳو سنڌ، پر ايشيا
جي به سڀني حڪومتن جي اِهائي ساڳي صورت حال آهي.
هُو ڌارين تي اهڙي قسم جا شرط شروط وجهي، پنهنجي
ڪاميابي حاصل ڪرڻ گهرنديون آهن. تنهنڪري هر شخصِ
کي انهن رسمن بجا آڻن جي گُهرَ کي سختيءَ سان
دٻائڻ کپي، نه ته آخرڪار پشيمان ٿيڻو پوندس.
آخر جڏهن اسان جي آجيان جا شرط شروط طي ٿي ويا ته
اسان جي ميرن سان ملاقات مقرر ٿي. ميرن جي طرفان
آخوند محمد بقا خان، اسان جي استقبال لاءِ آيو.
اسان شام جو قلعي ڏانهن روانا ٿياسون. قلعي جي
ڀِتِ تي، ۽ جاين جي ڇِتين تي زالن ۽ مردن جا هشام
مڙيا بيٺا هئا، جن تاڙيون وڄائي، اسان جي مرحبا
ڪئي، قلعي جي دروازي اندر داخل ٿياسون ته سامهون
چڙهائيءَ وارو هڪ پيچرو هو. انهيءَ پيچري جي ٻنهي
پاسين هٿياربند ماڻهو بيٺا هئا. اسان اتان لنگهي
درٻار تائين پهتاسين. گهٽين ۾ ايترا ته هٿياربند
ماڻهو بيهاريا ويا هئا، جو خطرو پئي ٿيو ته ڪو
منجهانئن اسان جي گهوڙن جي هيٺان نه اچي وڃي. آخر
ان هنڌ پهتاسين، جتي اسان کي گهوڙن تان لهڻو هو.
اتي ولي محمد خان ۽ ٻيا ڪيترا وڏا عملدار اچي اسان
سان مليا، ۽ اسان کي هڪ وڏي شاهي ٿلهي ڏي وٺي
هليا، جنهن جي هڪ پاسي ڪنڊ ۾ ٽيئي مير ويٺل هئا.
ٿلهي تي بهترين ايراني قسم جا غاليچا وڇايل هئا،
جنهنڪري اسان اتي پنهنجا بوٽ لاٿا. پوءِ اسان جي
ايلچيءَ جيئن ئي ميرن ڏانهن پهريون قدم وڌايو، ته
هو هڪدم اٿيا ۽ تيسين بيٺا رهيا، جيسين اسان جو
ايلچي پنهنجيءَ مقرر جاءِ تي وڃي ويٺو. اها جاءِ
هن طرح سان پڌري هئي، جو ان تي هڪ ڀرٿ- ڀريل ڪپڙو
وڇايل هو.
اسان اڃا پنهنجين جاين تي ويٺاسين مس ته هڪدم اهڙي
مونجهاري واري ڳالهه ٿي ويئي، جنهن جو بيان ڪرڻ
مشڪل آهي. البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته ائين پئي
معلوم ٿيو ته ميرن کي اسان جي نيت ۽ ارادن ۾ شڪ
شبهو آهي؛ ڇو ته بيشمار هٿياربند ماڻهو اوچتو اچي
درٻار ۾ ڳاهٽ ٿيا، ايتريقدر جو ڪيترن کي ته بنهه
بيهڻ جي جاءِ به ڪانه ٿي ملي سگهي. اسان جي ترارين
۽ چوغن جا پلوَ ڪن ماڻهن جي پيرن هيٺان اچي ويا.
اهڙي حالت ڄاڻي ٻجهي قائم ڪئي ويئي، يا اهو رڳو
اتفاق هو، سو چئي نٿو سگهجي. ميرن مان هرهڪ واري
واري سان اسان کان خيرعافيت پڇي. جيئن ته اها
ملاقات رسمي هئي، ان ڪري هڪٻئي جي مزاج پرسيءَ کان
سواءِ ٻي ڪابه گفتگو ڪانه ٿي. اسان کي درٻار ۾
ويٺي اڌ ڪلاڪ کن ٿيو، ته سڀني ميرن مان جيڪو وڏيءَ
عمر وارو هو، تنهن اسان کي آرام ڪرڻ جو چيو. اهڙي
قسم جو اشارو هونئن ٻين هندستاني محفلن ۾ پانَ ۽
سوپاريءَ آڇڻ سان ڪيو ويندو آهي، پر سنڌ ۾ اهو
رواج ڪونهي. هتي ايراني رواج موجب ڪافيءَ پيارڻ جي
صلاح به ڪانه ٿِي ڪئي وڃي.
ميرن کي، سندن ترارين جي مياڻن ۽ خنجرن جي مٺين تي
گهڻي تعداد ۾ هيرا ۽ جواهر جَڙيل هئا ۽ اُهي هٿيار
کين بدن تي پاتل هئا. انهن قيمتي ٽپڙن کان سواءِ،
سندن ڪمربندن ۾ وڏا زمرد ۽ ياقوت لڙڪندا نظر اچي
رهيا هئا. ميرن جي ويهڻ جو طريقو، هرهڪ جي عمر
مطابق هو: سڀني کان وڏيءَ ڄمار وارو مير وچ ۾، ٻيو
نمبر ان جي ساڄي پاسي، ۽ سڀني کان ننڍو مير ڏائي
پاسي کان ويٺل هو- ٽيئي ڄڻا، سنهيءَ بنات جي هڪ
اهڙيءَ پٽيءَ تي ويٺل هئا، جيڪا گول چڪر جي صورت ۾
چوڌاري ڦري ٿي آئي، ۽ جنهن جي مٿان فقط ميرن جي
ويهڻ وارين جاين تي، اٽڪل هڪ انچ جي ٿولهه وارا
ننڍا ريشمي غاليچا رکيل هئا. اُهي غاليچا نهايت
خوبصورت نمونيءَ ۾، زريءَ جي گلن سان سينگاريل ۽
ململ جي پوشن سان ڍڪيل هئا. سندن پٺيان ٽي طول
وهاڻا ۽ هيٺان گديون رکيل هيون، جي پڻ اهڙي ئي
سهڻي نموني سان ڀريل ۽ سينگاريل هيون. انهن سڀني
قيمتي شين ۽ هيرن جواهرن جي چَمڪ دمڪ گڏجي، درٻار
کي اهڙو ڀڀڪو ٿي بخشيو، جنهن جو اسان کي خواب خيال
به نه هو. مطلب ته هرطرف کان دولت جي نمائش ٿي رهي
هئي. سرڪاري ڪامورا ۽ عامل پڻ اهڙي ئي شان ۽ ٺٺ
سان درٻار ۾ ويٺل هئا. انهيءَ سڄي نظاري جي تجلي ۽
عام شان و شوڪت اسان جي روبرو حيدرآباد جي درٻار
جي اهڙي تصوير پيش ڪئي، جا هن کان اڳ اسان جي وهم
۽ گمان ۾ به ڪانه هئي.
جسماني ڏيک ويک ۾ مير بدن جا ڀَريل ۽ وچولي قد
ڪاٺيءَ جا ماڻهو آهن. سڀني کان وڏو، مير غلام علي
پنجيتاليهن ورهين جي ڄمار کان وڏو نٿي نظر آيو؛ ۽
سندس ٻه ڀائر، جن مان هڪ جو نالو مير مراد علي، ۽
ٻئي جو مير ڪرم علي آهي، سي کانئس گهڻو ننڍا هئا.
سڀني کان ننڍي مير ڪرم عليءَ جي پيشاني کُليل ۽
وڻندڙ آهي. سندس منهن تي هميشه مرڪ رهي ٿي، جا
سندس رِلڻيءَ مِلڻيءَ طبيعت جي نشاني آهي. چيو وڃي
ٿو ته اهي ٻيئي ڳالهيون، ٻنهي وڏن ميرن جي سڀاءَ
جي ابتڙ آهن ۽ رڳو هن جي سڀاءَ ۾ سمايل آهن. هنن
ٻنهي لاءِ عام طور ائين مشهور آهي ته طبيعت جا
چيڙاڪ ۽ ڪنهن جي غلطيءَ کي درگذر ڪرڻ وارا ناهن؛
پر ساڳئي وقت هو ڪنهن به صورت ۾ ظالم نه آهن.
پوشاڪ جي معاملي ۾، ٽنهي ڀائرن جي لباس ۾ ڪو خاص
فرق ڪونه هو. کين نفيس ململ جا ويڪرا چولا پهريل
هئا، جن جي مٿان نهايت قيمتي لونگين جا ڪمربند
ويڙهيل هئا. سندن پٽڪا سنهي ۽ شفاف ڪپڙي جا هئا ۽
ٿولهه ۽ ويڪر ۾ ايڏا وڏا هئا، جو اهڙا پٽڪا هن کان
اڳ مون ڪٿي به نه ڏٺا هئا.
اندازي طور آءٌ ايترو چئي سگهان ٿو ته انهن جي
گِيل ٻن ۽ اڍائي فوٽن جي وچ ۾ هئي، پر ان هوندي به
اُهي اهڙيءَ صفائيءَ ۽ خوبصورتيءَ سان ٻڌل هئا، جو
نڪي ايڏا وڏا ٿي معلوم ٿيا ۽ نه وري ڏيک ويک ۾
اڻوڻندڙ.
جيڪو عرصو اسان حيدرآباد ۾ رهيل هئاسون، ان سموري
عرصي ۾ اسان کي انتهائي زبردست برسات کي منهن ڏيڻو
پيو. ڦليلي پنهنجن ڪنارن تان پلٽجي اُٿلي پيئي، ۽
اسان جي ڇانوڻيءَ کي ذري گهٽ ٻوڙيو هئائين. آخر
مينهن جي پاڻيءَ کي واهن ۾ لوڙهيو ويو. اهي واهه
آسپاس ڄارَ وانگر پکڙيل آهن. جڏهن ڪي کاهيون
کوٽيون ويئيون تڏهن وڃي اسان جو پنهنجي ميدان ۾
رهڻ ڪجهه سولو ٿيو، جيڪو هونئن ڏاڍو ڏکيو نظر پئي
آيو. آبهوا جي ٻُوسٽ ۽ گُهٽ کي وري زمين مان
نڪرندڙ اوٻر ۽ بخار هيڪاري وڌايو. انهيءَ ڪري اسان
جي ڪئمپ جا ڪيئي ماڻهو بخار ۽ ٻين اهڙين بيمارين ۾
مبتلا ٿي ويا، جيڪي آبهوا جي اهڙيءَ اوچتيءَ
تبديليءَ سببان پئدا ٿينديون آهن. انهن شريف
ماڻهن، بهرحال، باقاعدگيءَ سان ڪسرت ڪرڻ ۽ ٻين
اهڙن ضروري حفاظتي قدمن کڻڻ سان، جيئن تيئن ڪري
پنهنجيءَ صحت کي برقرار پئي رکيو، حالانڪ سڀئي
ماڻهو ٿورو ڪي گهڻو گرميءَ جي سختيءَ ڪري ڪڪ ٿي
پيا هئا. گرمي ايتريقدر وڌي ويئي هئي جو ٿرماميٽر
ڪڏهن ڪڏهن 102 ڊگرين کان مس هيٺ لهندو هو. مون
اهڙو خراب وقت سڄي هندستان ۾ ڪٿي به ڪونه گذاريو.
خاص ڪري حيدرآباد جون راتيون ڏاڍيون ڏکيون گذريون.
[ترجمو، از: ادارو]
|