فضل الرحيم سومرو
دل جون
پيدائشي بيماريون
دل جون پيدائشي بيماريون اوچتين علامتن سببان ٻارن
۾ ظاهر ٿين ٿيون، جنهنڪري وڏو مونجهارو ٿيو پوي.
دل جي اهڙين پيدائشي بيمارين جي سڃاڻپ ماهر ڊاڪٽر
کان سواءِ نهايت مشڪل آهي. جتي اهڙا ماهر ڊاڪٽر نه
آهن، اتي اهڙين بيمارين جي صحيح تشخيص نه هئڻ سبب،
ٻار موت جو شڪار ٿيو پون.
ٻار ۾ پيدائشي بيماريون ماءُ جي پيٽ ۾ سندس عضون
ٺهڻ مهل ٿين ٿيون. ڇا ٿو ٿئي جو ٻار جا عضوا سڌا
سنوان ٺهڻ بجاءِ ڏنگا ڦڏا ٿيو وڃن، جنهنڪري اهڙن
ٻارن جي عضون ۾، ساريءَ حياتيءَ لاءِ خاميون رهجيو
وڃن. انهيءَ سببان ڪيترا ٻار لنگڙا، ڪاڻا، تمام
وڏي مٿي وارا. تمام ننڍي مٿي وارا ۽ هٿن کان جڏا
پيدا ٿين ٿا. اندروني عضون ۾ به گهڻو ڪري ساڳيءَ
ريت ڪيتريون ئي خاميون رهجيو وڃن. اهڙيون
اندرونيون خاميون گهڻو ڪري هيٺين قسمن جون ٿي
پونديون آهن:
(1) آنڊي ۾ وَرُ پوڻ؛ (2) دل جي شريانين جا منهن
پورا کليل نه هجڻ يا بنهه سوڙها ٿي وڃڻ؛ يا
شريانين جو هڪٻئي کان جدا هئڻ بدران، عضوي سان
ڳنڍيل رهجي وڃڻ. اهي اندروني بيماريون گهڻو ڪري
ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ ٻار جي واڌ مهل پيدا ٿين ٿيون.
انهن عيبن ۽ بيمارين جا اثر يا ته هڪدم ٻار جي ڄمڻ
سان ظاهر ٿين ٿا، يا وري ٻار جي ڪجهه وڌڻ ۽ وڏي
ٿيڻ کان پوءِ نروار ٿين ٿا. ساڳيءَ ريت دل جي پردن
۾ به ڪي پيدائشي خاميون ٿين ٿيون. هاڻي اچو ته
ڏسون ته اُهي ڪهڙيون خاميون ۽ عيب آهن، جي ٻارن ۾
بيماريون پيدا ڪن ٿا، ۽ جن جي سڃاڻپ تمام ضروري
آهي.
دل جون پيدائشي بيماريون:
1.
شاهه شريان ۽ ڦڦڙن واري شريان جو پاڻ ۾ ڳنڍيل رهڻ.
هيءَ شريان دل جي ساڄي پاسي کان ڦڦڙن ڏي رت کڻي
وڃي ٿي، 2. شاهه شريان جو سوڙهو ٿي پوڻ، 3. دل جي
مٿين ٻن خانن جي وچ ۾ سوراخ هئڻ، 4. دل هي هيٺين
ٻن خانن ۾ سوراخ هئڻ، ۽ 5. ڦڦڙن ڏي ويندڙ ساڄي
پاسي هيٺينءَ دل جي خاني مان نڪرندڙ شريان جو
سوڙهو ٿي پوڻ.
1.شاهه شريان ۽ ڦڦڙن واري شريان جو پاڻ ۾ ڳنڍيل
رهڻ:
هن خاميءَ جي ڪري شاهه شريان ۽ ڦڦڙن واري شريان،
دل جي ساڄي پاسي، هيٺئين خاني مان ڪِنو رت کڻي
ڦڦڙن ڏي وڃي ٿي، ان وقت رت، ڦڦڙن ڏي وڃڻ بدران
شاهه شريان ۾ وهيو وڃي. هيءُ عيب تمام نقصانڪار
آهي. جڏهن ٻار، ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ ئي آهي ته اهڙو
سرشتو موجود رهي ٿو. پر اهو ٻار جي لاءِ ڳڀيرڻ
واريءَ حالت ۾ قدرتي آهي. انهيءَ جو ڪوبه خراب اثر
نٿو پوي. پر جيڪڏهن ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ شاهه
شريان ۽ ڦڦڙن واري شريان هڪٻئي ۾ ڳنڍيل رهن ته ٻار
لاءِ نقصانڪار آهي. تنهنڪري شاهه شريان جو ڦڦڙن
واري رت جي نليءَ کان جدا هئڻ لازمي آهي. ڪن حالتن
۾ ائين نٿو ٿئي، ۽ اهڙا عيب ٻار ۾ رهجيو وڃن.
جيئن ته شاهه شريان ۾ رت جو داٻ وڌيڪ ٿئي ٿو،
انهيءَ ڪري ڦڦڙن واري شريان جو گندو رت شاهه شريان
۾ وڃيو پوي، جيڪو ٻار لاءِ نقصانڪار آهي.
نشانيون:
(1) ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ، ڪيتري وقت تائين ڪي به
نشانيون ظاهر نٿيون ٿين، پر ٻار جي وڌڻ کان پوءِ
ظاهر ٿيڻ لڳن ٿيون. (2) ٻار جي واڌ تي خراب اثر
پوي ٿو، يعني ٻار جسماني طور واڌ نٿو ڪري، پر
اُٽلو هيڻو ٿيندو وڃي، يا هلڻ مهل ٻار جو ساهه
ڦوڪجي وڃي ٿو، ۽ وڌيڪ دل جي خرابيءَ واريون
علامتون ظاهر ٿيڻ لڳن ٿيون.
تپاس مهل نشانيون:
ٻار جي دل کي تپاسڻ سان علامتن کي وڌيڪ سمجهي
سگهجي ٿو، ۽ اُهي گهڻو ڪري هي آهن:
(الف) دل جو مشين وانگر دڪ دڪ ڪرڻ؛ (ب) ايڪس. ري.
تي فوٽو وٺڻ سان ڦڦڙن واري شريان ويڪري ٿيل ڏسڻ ۾
ايندي، يا ڦڦڙن واري شريان جو ڏاڍيان دڪ دڪ ڪرڻ جو
آواز ٻڌي سگهبو.
علاج:
اهڙا ٻار جن ۾ اڃا وڌيڪ ٻيون علامتون ظاهر نه ٿيون
آهن، سي علاج ڪرائڻ سان تندرست ٿي سگهن ٿا. انهيءَ
لاءِ جراحت جي ذريعي، شاهه شريان ۽ ڦڦڙ واري شريان
جي ڳنڍ جدا ڪري، سبي، علاج ڪبو آهي. اهو علاج ماهر
سرجن تمام ڪاميابيءَ سان ڪري سگهن ٿا. آپريشن ڇهن
۽ ٻارهن سالن جي ٻار لاءِ تمام فائدي وارو ثابت
ٿئي ٿو. جيڪڏهن بنا علاج جي ٻار کي ڇڏي ڏنو ته
اهڙيءَ حالت ۾ تمام ٿورا ڏينهن جيئرو رهي سگهندو.
اهڙن ٻارن جو موت دل جي ڪم نه ڪرڻ ڪري يا خراب ٿي
پوڻ ڪري ٿئي ٿو. ترت علاج ۽ بيماريءَ جي سڃاڻپ هن
مرض ۾ تمام ضروري آهن.
(2) شاهه شريان جو سوڙهو ٿي پوڻ:
هن حالت ۾ شاهه شريان جو مُنهن، ڦڦڙن واريءَ شريان
وٽ ڳنڍيندڙ نليءَ جي نشان جي ڀر ۾ سوڙهو ٿيو پوي،
جنهنڪري هيٺيون نشانيون ظاهر ٿين ٿيون:
نشانيون:
(1)
مٿي ۾ سور ۽ مٿي ۾ ڦيري ٿيڻ لڳي. انهيءَ ڪري جو
بدن جي مٿئين ڀاڱي ۾ رت جو داٻ وڌيو وڃي، (2) ٽنگن
۾ ساڻائي ۽ ڪمزوري ٿيڻ لڳي؛ ڇاڪاڻ ته بدن جي
هيٺئين حصي ۾ رت جو داٻ گهٽجيو وڃي.
تپاس ڪرڻ مهل نشانيون.
(الف) ٻانهن ۾ رت جو داٻ وڌيل معلوم ٿيندو، ۽ ٽنگن
۾ رت جو داٻ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو. (ب) ڳچيءَ ۾ شريان
جي دڪ دڪ ڏسي سگهبي. (ج) ٻانهن جي شريان ۾ رت جو
داٻ، ٽنگن جي شريان جي داٻ کان وڌيڪ محسوس ٿيندو.
(د) دل وٽ خاص نموني جي دڪ دڪ موجود هوندي. (هه)
بغل ۾ يا ڪلهي جي ڦڻيءَ وٽ شريانين جو ڦِرڪڻ ڏسي
سگهبو. (و) ايڪس. ري. مان شاهه شريان جي ويڪر ڏسي،
سمجهي سگهبو ته شاهه شريان سوڙهي آهي يا نه، ۽
پاسرين وٽ کاڌ ڏسڻ ۾ ايندي. (ز) بجليءَ جي رستي دل
جي حرڪت جو ڪڍايل فوٽو به ٻڌائيندو ته کاٻي پاسي
وارو دل جو هيٺيون خانو وڌي ويل آهي.
علاج:
شريان جو سوڙهو منهن آپريشن جي وسيلي وڍي، وري
سبي، ڳنڍي بيماري دور ڪري سگهجي ٿي. هن حالت ۾
جيڪڏهن علاج کان سواءِ بيمار کي ڇڏي ڏبو ته کاٻي
پاسي وارو هيٺيون خانو ڪم ڪرڻ کان بيهي رهندو ۽ رت
جو نيڪال نه ٿيندو. جنهنڪري بيمار موت جو شڪار ٿي
پوندو. هن حالت ۾ شاهه شريان جو ڦاٽي پوڻ جو امڪان
آهي ۽ دماغ جون تنتون به ڦاٽي سگهن ٿيون. جيڪڏهن
شاهه شريان جي پردن ۾ روڳ ٿي وڃي، ته اهڙيءَ حالت
۾ خطرناڪ آهي.
(3) دل جي مٿين ٻن خانن ۾ سوراخ:
هن حالت ۾ خطرناڪ علامتون ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
نشانيون:
جيستائين رت جي وهڪري ۾ ڦيرو نٿو اچي، تيستائين
ڪيترن سالن تائين نشانيون ظاهر نٿيون ٿين. رت جي
وهڪري ۾ تبديلي اچڻ سان هيٺيون نشانيون ظاهر ٿين
ٿيون:
(الف) ساهه ڦوڪجي وڃي ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس
ٿئي. (ب) بدن جو رنگ نيرو ٿي پوي. (ج) دل جي حرڪت
بند ٿيو وڃي. (د) کاٻي پاسي دل جي دَڪ دَڪ ٻڌي ٻڌي
سگهجي. (هه) ڦڦڙن واري شريان ويڪر ۾ وڌيو وڃي، ۽
دل جو هيٺيون ساڄو خانو ويڪرو ٿيو پوي.
علاج:
آپريشن رستي انهيءَ سوراخ کي بند ڪري سگهجي ٿو.
علاج نه ڪرائڻ جي حالت ۾ دل ڪم ڪرڻ کان بيهي رهندي
۽ بيمار موت جو شڪار ٿي پوندو.
(4) دل جي هيٺين ٻن خانن جي وچ ۾ سوراخ:
هن حالت ۾ دل وٽ تيز دڪ دڪ ٻڌي سگهبي. ڦڦڙن واري
شريان ۾ رت جو داٻ وڌيو وڃي، ۽ ساڄي پاسي وارو
هيٺيون خانو وڌيو وڃي. ٻيءَ حالت ۾ بدن جون رڳون
رت سان ڀرجيو وڃن، جيرو سُڄيو پوي ۽ دل بيهيو رهي.
علاج:
آپريشن وسيلي سوراخ بند ڪري سگهجي ٿو. علاج نه
ڪرائڻ جي حالت ۾ دل ڪم ڪرڻ کان بيهي رهندي ۽ بيمار
مري ويندو.
(5) ڦڦڙن ڏي ويندڙ دل جي ساڄي پاسي، هيٺئين خاني
مان نڪرندڙ شريان جو سوڙهو ٿيڻ.
هيءَ شريان، دل جي هيٺئين خاني مان ڪنو رت کڻي
ڦڦڙن ڏي وڃي ٿي. پيدائشي خاميءَ سببان مُنهن سوڙهو
ٿي وڃي ٿو، ۽ ان ڪري هيٺيان عيب ظاهر ٿين ٿا:
ڦڦڙن واريءَ شريان جو منهن وٽ سوڙهو ٿي پوڻ، هڪ
جدا عيب ظاهر ٿئي ٿو، يا دل جي هيٺين ٻن خانن يا
مٿين ٻن خانن جي وچ ۾ سوراخ واري عيب سان گڏجي
ظاهر ٿئي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ مختلف علامتون ڏسڻ ۾
اينديون آهن.
نشانيون:
ڦڦڙن جي شريان جو سوڙهي ٿيڻ کان پوءِ به دل جي
هيٺين خانن جي وچ ۾ ڪوبه سوراخ يا عيب موجود نه
هجي. اهڙيءَ بيماريءَ جي حالت ۾ هيٺيون نشانيون
ڏسي سگهبيون:
(1)
ساهه جو ڦوڪجي پوڻ، ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ.
(2)
ٿَڪ محسوس ڪرڻ، ۽
(3)
بيهوش ٿي وڃڻ.
تپاس مهل نشانيون:
(1)
دل جي خاص نموني جي ڦَر- ڦَر ٻڌي سگهبي، ۽ شريان
جي خاص دَڪ- دَڪ به ٻڌي سگهبي.
(2)
ساڄي پاسي وارو هيٺيون خانو وڌيل معلوم ٿيندو.
علاج:
ڪن خاص بيمارين جي حالت ۾ شريان جي منهن واري
سوراخ کي جراحت جي وسيلي وڍي، ويڪرو ڪري سگهجي ٿو.
ٻيءَ حالت ۾ بنا علاج ڪرڻ جي بيمار جو اوچتو موت
ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن نشانين ۾ واڌ ٿيڻ شروع ٿي، ته
اهڙيءَ حالت ۾ دل ڪم ڪرڻ کان بيهي وڃي ٿي. انهيءَ
بيماريءَ جو علاج جراحت جي وسيلي ئي ڪري سگهجي ٿو.
ڦڦڙن واريءَ شريان جو سوڙهو هئڻ ۽ ان سان گڏوگڏ دل
جي هيٺين ٻن خانن جي وچ ۾ سوراخ هئڻ، عام پيدائشي
بيماري آهي. هيءَ بيماري گهڻو ڪري ٻارن ۽ بالغن ۾
عام طرح سان ٿئي ٿي. هن بيماريءَ ۾ بدن جو رنگ
نيرو ٿي ويندو آهي.
هن بيماريءَ ۾ چئن نمونن جا روڳ، پيدائشي طور هڪڙي
ئي وقت ۾ هيٺينءَ ريت موجود رهن ٿا:
الف- ڦڦڙن واري شريان جو سوڙهو هئڻ.
ب- دل جي هيٺين ٻن خانن جي وچ ۾ سوراخ هئڻ.
ج- شاهه شريان جو اصل جاءِ کان لڙي، ساڄي پاسي ڏي
مڙي وڃڻ.
د- ساڄي پاسي دل جي هيٺئين خاني جو وڏو ۽ ويڪرو ٿي
وڃڻ.
نشانيون:
الف- ساهه جو ڦوڪجي وڃڻ ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس
ڪرڻ.
ب- ٿڪجي پوڻ.
اهي ٻيئي خاص نشانيون آهن. اهي علامتون جيڪڏهن
ڪنهن ٻار ۾ موجود هونديون ته ٻار گهڻو ڪري پلٿي
ماري ويهندو، يا اوڪڙو ويٺل ڏسڻ ۾ ايندو.
تپاس مهل نشانيون:
(1)
بيمار جي بدن جو رنگ نيرو ڏسڻ ۾ ايندو.
(2)
آڱرين ۾ ننهن وٽ سوڄ ڏسڻ ۾ ايندو.
(3)
ڇاتيءَ تي دل جي ڦَر ڦَر ڏسڻ ۾ ايندي، يا خاص
اوزار ذريعي ٻڌي سگهجي.
(4)
ڦڦڙن واريءَ شريان جو دَڪ- دَڪ ڪرڻ،
(5)
ساڄي پاسي دل جو وڌي ويڪرو ٿي پوڻ.
(6)
ايڪس. ري. ذريعي چڪاس ڪرڻ سان، ڦڦڙن واري شريان جي
مُڙڻ وارو نشان ڏسڻ ۾ نه ايندو.
علاج:
آپريشن وسيلي علاج ڪرائڻ. هن بيماريءَ ۾ هيٺين
نمونن جا آپريشن ٿي سگهن ٿا.
(1)
ڦڦڙ جي ساڄي يا کاٻي طرف واريءَ شريان کي هسليءَ
واريءَ شريان سان ڳنڍي ڇڏڻ، يا (2) ڦڦڙ جي ساڄي
کاٻي پاسي واريءَ شريان کي شاهه شريان سان ملائي
ڇڏڻ. هن طريقي سان ڦڦڙن ڏي رت جو وهڪرو وڌائي
سگهجي ٿو، جنهنڪري رت جي صاف ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽
خراب رت بدن ۾ گڏ ٿيڻ کان روڪجي وڃي ٿو.
(2)
تازو هڪ ٻئي نموني جو آپريشن استعمال ۾ آندو ويو
آهي. هن آپريشن موجب ڦڦڙن جي منهن وٽ پردن کي ڪپي
ڇڏجي ٿو، ۽ منهن ويڪري ٿيڻ ڪري رت پنهنجي اصول
مطابق وهي ٿو. دل جي ٻن خانن واري سوراخ کي سبي
ڇڏيو ويندو آهي.
علاج جي ڪامياب وڃڻ جو دارومدار بيماريءَ جي حالت
تي آهي. جيڪڏهن بيماريءَ جو زور ايترو نه آهي ته
وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي. هن قسم جا تجربا
تمام محدود آهن. علم جراحت جي وسيلي نقصان رسڻ جو
انديشو گهڻي ڀاڱي گهٽجي چڪو آهي. جن بيمارن تي
آپريشن ڪيا ويا آهن، ۽ بيمار بچي ويا آهن، انهن جي
حالت بهتر ڏٺي ويئي آهي. |