سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

باب: -

صفحو :8

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: درج پکيءَ وارو[1]

(چيل فقير محمد ماڇي جو[2])

 

صفت چوان ٿو صاحب جي، جو رازق رحمانا،

قادر جي قدرت جي، بات نه بيانا،

ڪونه ڪري ڪو سگهي، سائينءَ جي صفتا،

پنهنجي قدرت پاڻ ڄاڻي، ٻئي ڪل نه ڪا،

جيڪي ڪري سو ٿئي، صاحب سميعا،

صاحب جي هئي صاحبي، ٻي نه ڪا شيئا،

پاڻ ڌڻيءَ پيدا ڪيو، مرسل مجتبيٰ،

ٻي سڀ قدرت تنهن جي، ڪيائين نُور منجهان پيدا،

مشرف جنهن جا معجزا، جون چوڌارا،

عزت احمد ڄام کي، ڏني ڏاتارا،

ڪامل قريشن ۾، ٿيو سڀ کؤن سرس سوا،

منڪر موذي ڪفار ڪيترا، اَڻين اسلاما،

محمـّـد جي مجلس لئي، سڪن سَوَ پيا،

نڪا دنيا دوست کي، نڪا هئي مايا،

رازق پنهنجي رحم سان، اعظم ڪيس اعليٰ،

ڪري قريشيءَ جي پيو، سڀڪو ساراها،

ڪتاب ”حڪمت الڪثير“ ۾، پيا لکن ڳالهه اها،

ته ابوجهل عداوتون، ڪري ڪمينا،

پڄي ڪين پليت جي، خر جي خُصومتا،

حرفتون حيلا ڪري، ابوجهل وس وڏا،

مڪاري مصلحت ڪئي، هلي هڪ ڏينها،

سڀيئي پهيو پاڻ ۾، هيءَ ڪن حڪايتا،

ته کوهه کڻايون شهر ۾، بهشتي بِيرا،

مڻ ماکين مصرين وجهي، ڪيون اُچو اَشرٻا،

ته مٺو ٿئي تنهن بِير ۾، مُويا موجودا،

سونو چؤ رنگ چاهه تي، اُڏيون اُتما،

ته جيڪا خلق خدا جي، اچي پئي آب اُتا،

ماڻهو سڀ موٽي اچن، ڪن منهنجي متابعتا،

تڏهن ڪوفي ڪوٺيا، ڪتي ڪفارا،

موڳي مزدوريءَ لاءِ، لچي لک سڏيا،

آيا ڪهڳل ڪيترا، چلي چاهه مٿان،

کنيو بــٖـيلون بِير ۾، هڻن هيڪاندا،

کاڄ رنڌائي خارجي، ڪافر ڪيترا،

محنت مزدورن کي، ڏئي حاسد حراما،

سڏيو سڄي شهر کي، ٿو کارائي کاڄا،

ڪافر اچيو ڪيترا، کائن پيا خُبۡزا،

مُور نه ڪو مومن اچي، ان جڳهه اصلا،

مَڻ مِٺاين جا اتي، گٿل گڏ ڪيا،

وجهيو ائن کاڄ ۾ شومي شربتا،

ڏيکاري پيو ڏيهه کي، دانگيل دستورا،

کوهه کڻائي خارجي، ڪيو اونهو عميقا،

پاڻي پيدا نه ٿئي، سڪي تيئن سَرسا،

هڻندا وڃن هيٺ تي، چوري چنجورا،

ته اندر ڏٺائون اوچتي، هڪ جڙيل جاڳاها،

جَنـَـبي هئو اُن جاءِ ۾، هڪ پکي پاڪيزا،

سائو سبزو سهڻو، طوطي جي طرحا،

نالو ”د ُج ّ“ تنهن سندو، لکن ڪتابا،

وڻ به ان اوطاق ۾، هو ننڍڙو نخلا،

خوب تنهن ۾ کارڪون، رنگارنگي رَطبا،

شهد شڪر کؤن مٺا، سهڻا سرخ هئا،

پرور تنهن پکيءَ لاءِ، بنايو بستانا،

کائيندو هو کارڪون، طير تنهن وڻ مان،

ساراهه صاحب جي ڪري، ويهي ورک مٿا،

اتي جيڪي آدمي، هئا، اندر عميقا،

پڙهندو پکيءَ کي ڏسي، عبرت ۾ آيا،

پرسن آندئون پاڻ سان، پکي پرت منجها،

شجر سمورو سوق مؤن، پٽي پاڙ ڪنا،

ٻاهر ڪڍي آئيا، ”د ُج ّ“ ۽ درختا،

مرغ ڏسي ماڻهو مڙيا، چلي چوطرفا،

پڇن حال هلي اچي، پاٻوهي پرسا،

پر ڪنهن سان ڪري ڪينڪي، مرغ ماهيتا،

د ُج ّ کي سخن صلوات جو، ٻي وائي مور نه ڪا،

هن کي حب ّ حبيب جي، وحدت ورونها،

ذڪر ذاتي رب ّ جو، پڙهي پرت منجها،

عالم سڀ افسوس ۾، هئا جيڪي ڪفارا،

پوءِ پکي پرينءَ رسول ڏي، کڻي آيا اون ويرا،

محمـّـد مسجد ۾ هئو، سچو سردارا،

مرغ اچي محبوب جا، پير پُري چمڀا،

پڇا پکيءَ کؤن ڪئي، داور دوست خدا،

سڌ ڏي پنهنجي حال جي، جيڪا اٿيئي سا،

ڪٿي گذاريئي ڏينهڙا، تو مرغ موليٰ جا؟

پوءِ سجدو سيـّـد کي ڪري، نيچائي نرڙا،

ڪيائين قصو ڪريم سان، ڪري ڪيفيتا،

ته منهنجو ماڳ زمين ۾، جوڙيو جبـّـارا،

قسمت هٿ قادر جي، ٻئي وس نه ڪا،

مولـٖـي منهنجي قوت لئي، ڪيو واحد وڻ پيدا،

کائيندو هوس کارڪون، وڍيو وڻ منجها،

پڙهندو هوس پرت مؤن، توتي صلواتا،

ويهي مٿان ورک جي، راتيون روز مرا،

مون کي تنهنجي من ۾، محبت مجازا،

مڃيم دين تنهنجو، دل ۾ دائما،

سوين تو لئي سڪندا، لڏيو لوڪ ويا،

توڙي پير فقير هئا، توڙي نَبِيّا،

توڙي مرون بر بحر جا، جيڪي جانورا،

چوندا ويا چاڳلا! تنهنجي تعريفا!

عمر منهنجي مصطفيٰ، سؤ سٺ هزار ورهن جا،

پانَہ! جڏ پوري ڪئي، رب منهنجي ڄمارا،

محمـّـد! ويجهو موت جي، ٿيس ڪامل قريبا،

تڏ دعا گهريم درگاهه مؤن، ههڙي طريقا،

ته مالڪ منهنجا مون ڌڻي، ڏينهن ڏاتارا!

مون کي مارج ڪينڪي، جيان جانڪي تان،

ڏيهه ڌڻي ڏيکار مون کي مٺو محمـّـدا.

منهنجو عرض قبول ڪيو، قادر ڪلاما،

خارج کوهه کڻائيون، مون لاءِ محمـّدا،

مون کي ڪڍي آئيا، احمد! تو اڳيا،

ڪم زيارت تنهنجي، پُنيم مرادا،

ساعت تو وٽ سيـّـد، احمد! آهيان، ڪا،

ڪندس رحلت رب ّ ڏي، ويندس داربقا،

پڙهه جنازو منهنجو، احمد عجيبا،

شافعي شفاعت ڪجو، قيامت ڏينها،

قبر ڪشادي ڪجو، هٿ ڏيئي هميشا،

قيامت ۾ قابو ڪجو، جيڪا پلڪ پڇا،

ڏڏ ڏوهاري آهيان، مون ڪيا ڪرت ڪچا.

عرض ڪندي عربيءَ کي، ٿيس ويرم ڪا،

ته روح ڏنائين رب ّ کي، پُنس پساها،

پوءِ ڪنبڻي ڪفارن ۾، پئي تنهن پلڪا،

مڃي دين نبيءَ جو، آندائون ايمانا،

ڪڏي سڀ ڪانڌي ٿيا، جن مڃو محمـّـدا،

وارث وهنجاريو پکيءَ کي، ڪفنيس خيروريٰ،

گڏجي گوستان ڏي، هليا هيڪاندا،

جانب جنازو پڙهيو، پکيءَ جو پريا،

دفن ڪرايو دوست اچي، فائق في الحالا،

حاذق تنهن جي حق ۾، گهري دوست دعا،

پوءِ وڻ به ورنہ وٽ کڻي، آيا ان ويرا،

ميوا تنهن ۾ بهشت جا، هئا، هزارا،

پانہ پٽي ورتا، سارا سمورا،

سيـّـد سڀني کي ڏني، ونڊي وَٽ ورڇا،

جني ميوا ماڻيا، سي سڀئي مومن ٿيا.

”ماڇي“ چوي معجزا، مٺي محمـّـد جا،

ابوجهل اندوهه ۾، ڪريو ڪفارا،

سوئر کي سوداءُ ٿيو، ويس وسيعتا،

موذيءَ جي مصلحت ۾، ٿيا مطلب محمـّـد جا،

”فقير محمد“ چئي فضل ڪيا، محمـّـد تي موليٰ،

ايڏو شرف شفيع کي، ڏنو ڏاتارا،

شڪ لٿا، شاديون ٿيون، مَرڪيو محمـّـدا.

چئو صلواتون نبيءَ شفيع تي، دائم درودا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي ڪهندا.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: پکيءَ وارو[3]

(چيل فقير محمد ماڇيءَ جو[4])

 

آهي حمد حڪيم کي، جو سچو آهي سبحان،

ڪين منجهان ڪِي ٿو ڪري، جوڙي راس جهان،

ڪـٖـي ڳجها ڪـٖـي پڌرا، ڪروڙين ڪسبان،

پهچائي پاڻ ڌڻي روزي تن رحمان،

هلائي حڪمت سان، سڀڪنهن جو سامان،

نُور پنهنجي نُور مان، ڪيائين نرمل نور نشان،

سڪ تنهن جي سڀ ڪيا، هزارين حيران،

نمي پاي نظر سان، ڪيئي سي ڪفران،

تن صحيح صلواتون چيون، ڏسي احمـّـد جا ارڪان.

ڪتاب ”مطلع الانوار“ ۾، هي پڻ مذڪور لکن:

ته هڪ پکي بُلبل ڀورڙو، هو پکي منجهه پکين،

اچي پرينءَ جي پيو، ڪري مٿي قدمن،

حال حبيبن سان ڪري، اچو سان ادبن،

ته، سچا رسول رب ّ جا، ضامن ضعيفن!

آکيرو مون وڻ ۾ جوڙيو سان جُهدن،

آنا لاٿم اُن ۾، ٻهڳڻ لاءِ ٻچن،

وڻ ڪفارن جو اهو، ٿا ڪافر اڄ ڪپن،

ڦُٽا آهن ڦرڙا، اڃا ڪين اُڏن،

ڪري پوندا پٽ تي، ته مري سڀ وڃن،

مون کؤن وڇوڙو نه وڃي، پيا سور سجهن،

مِٺا منهنجا ٻچڙا، پيا لعل لڇن،

مري ويندا موت ۾، بَر ۾ ڪين بچن،

جيسين جيئندس جڳ ۾، محمـّد! هن ماڳن،

ويندو ڪين وجود مؤن، مون کؤن درد ٻچن،

چاڪ چڪندم چاڳلا! جيتر ڏينهن پڄن،

واهر ٿي وريام تون، ڏيو آهين ڏيهن،

حامي هيڻن جو آهين، داڙون درد وندن،

هلو حبيب! هنن ڏي، منٿ ڪيو ماڻهن،

مهلت ڪرايو وڻ جي، جيتر مُرغ اُڏن،

وڻ پوءِ ساڳيو پانهنجو، ڪپي مَر وڃن،

شافي، شرمايو هلي، مرسل! مخلوقن،

اِهو تون امداد ڪر، محب! مٿي مرغن.

پوءِ پانَوَ پکيءَ سان هليو، ورنہ ڏانهه وڻن،

جيڪي مجلس ۾ هئا، ماڻهو وٽ محبن،

سنبري سڀ اٿي هليا، ڪري ميڙ مٿن،

جنگجُو جوڙ ڪري هليا، سڌ نه سپيرين،

ته ياري رب ّ رسول کي، ڏني ڏيهه ڌڻين،

ته ٿيندي سوڀ سيـّـد کي، مرڪن محبوبن،

نه ته جنگ جڙندي، فتح ٿيندي، ڪافر مس ڪٽجن،

پوءِ محمـّـد اچي منع ڪئي، ڪوٺي ڪپيندڙن،

ته ٻڌو حقيقت حال جي، زاريون ضعيفن،

پکي پرندو آئيو، دانهون ڪندو دردن،

ٻچڙا هن جا وڻ ۾، ننڍڙا ٿا نپجن،

ترسي ڪي دن دير ڪيو، جيتر سانگ اٿن،

ڪپي پوءِ ڪم لائجو، ڊڄو ڊاءَ ڌڻين،

ڪپجي وڻ قصاص ٿئي، مٿي هن مرغن،

سڀ کي مڍا ٻچڙا، ترس ڪيو ڪو تن.

تڏهن چيو مالڪ وڻ جي، مهندان محبوبن،

ته، وڻ اسان آ ورتو، ٻهڳڻ کان به ٻين،

مُلهه ڏي مٽا ڪريون، سؤدو سلوفن،

ڪريون گذر پانهنجو، حاذق ساڻ حيلن،

اڄ ڪپيون ٿا وڻ کي نڪا دير دمن.

ڪن شگاف شجر کي، تکو اسان تبرن،

سو لَنوي ۽ لاتيون ڪري، پکي اڳيان پرين،

ڪِريو پوي پٽ تي، لرزي منجهه لڱن،

آهيري ڏي اُڏيو، وڃي ڏانهن ٻچن،

چهنبو چهنبن سان گڏي، بال گڏي بالَن،

ٻوليون ٻولِن پاڻ ۾، آڻي آب اکين،

وڇوڙي ورهين جا، پَر ۾ پار ڪڍن.

پوءِ گوهر غضي ۾ ٿيو، پَهَت ڏسي پکين،

شافي4 شرمايو تن کي، ڪامل سان قربن،

ته، وٺو بَها وڻ جي، جيتر پکي پَرَن،

وڻ بِي اوهان جو آهي، ناهي مال ٻين.

بها ڪيائون وڻ جي، پنج دينار چون،

دعويٰ درخت جي ڇڏي، هليا ڌن وٺن،

مايا ميڙڻ مُورهين، پَر نا پيغمبرن،

هڪ پٿرڻي پشمي، چڱي هُئي وٽ وريامن،

پئسن ۾ سا پٿرڻي، کنيو خاص ڏين،

چئن دينارن ۾ چَڪي، بها بازارن،

باقي هڪ دينار سو گهرندڙ پيار گهرن،

پوءِ هر هر حويليءَ ڏي، گهميو گهوٽ گهمن،

زر بشارت دين جي، هٿ هئي، حبيبن،

جنهن کي موليٰ ڏنهن ملي، تنهن کي کنيو ڏين،

ريءَ وٺڻ دينار جي، مُڙيو ڪين مڙن،

پوءِ چادر لاهي چاڳلي، ڏني پئسن ۾ پرين،

حيرت هننکي لڳي، اهو حال ڏسي هوتن،

توبہ ۾ تائب ٿيا، ڪِريا اچي قدمن،

وٺيو ٻار ٻچا سڀئي، اچيو پيش پون،

آيا سڀ اسلام ۾، ڪلمون ڪوڏ ڪهن،

ته، سچ نبي سردار تون، ضامن ضعيفن،

اجهو اڙين آسرو، مَنهَن ۡ محتاجن،

و ِلهه جهَل، وَ سَنهَن واهه سي لٽيو لک ڏين.

”اڇي“ چوي محمـّـد جي، شل هجي سڪ سڀن،

ڪرم قريشيءَ جو هلي، شل مٿئون مسڪينن،

”فقير محمد“ تي فضل جي، ٻيڻي ٻاجهه اٿن،

ڪين وساريو ور اُهو، مهندار جو مڙين،

چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، دائم درودن،

ويندا سي ايمان سان، جي ڪلمون ڪوڏ ڪهن.

لا اِلا اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: پکيءَ وارو[5]

(چيل اشرف جو[6])

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو آگو عالمين،

ڪم قدرت ڪريم جا، ڳڻي ڇا ڳڻجن!

سڻو مومنو معجزو، جو لکيو ڪتابن،

ڪنهن ڏينهن سير ٿي ڪيو، هليو حبيبن،

ته دانهون ٻڌائون اوچتو، وهلو منجهه وڻن،

وڃي نهاريو وڻن ۾، وارث وهلن،

ڏٺائون مرغ هيڪڙو،اکين عجيبن،

سو دانهون ڪري درخت تي، آڻي آب اکين،

پاڻ پڇيو پکيءَ کان، حقيقت حالن،

ڇو ٿو روئين پکيئڙا، آڻي آب اکين،

ڏنو جواب پکيئڙي، مهندان محبوبن،

ته قوئت ڪارڻ پنهجي، ويٺس هن وڻن،

چنهبون ڀريو چاڳلا! منجهانئي ڪکن،

وڏو ٺاهيم تنهن ۾، ويٺس مٿان تن،

روز وهان ان تي، آنا جئن ڦٽن،

ٻچا نڪتا ان مان، پر اڏري تان نه سگھن،

تان وڻ ورتو اهيو، قيمت ڏيئي ڪن.

سي ٿا وڍين وڻ کي، ڪامل! لئي ڪاٺين،

مون انهن کي منٿون ڪيون، پر منهجي ڪانه سڻن،

پهڻ کنيو پٿراڙو، حضرت! مون هڻن،

هلي ڪريو تن کي، ڪا نصيحت نيڪن،

حال ڇڏي هن وڻ کي، وڃن ڏانهن گھرن،

جيسين ٻچا مون سندا، اڏري سي اٿن،

پوءِ وڍي وڻ کي ڀلي، آڻين منجهه ڪمنِ،

پوءِ حضرت هلي آئيو، مهندان تن ماڻهن،

ميان! ڪا منٿ مڃو، پسي حال هيڻن،

اڳيان مالڪ وڻ جا، ٿا ههڙي بات ڪهن؛

اسين عيالي آهيون ، منجهان مسڪينن،

پهريان مالڪ وڻ جا، ٿا چار دينار گھرن،

تڏهن لاٿا لٽا پنهنجا، ڪامل تان ڪهلن،

وٺو ڪپڙا قيمتي، وڃو ڏانهن گھرن،

هلي اچي عربيءَ کان، سي پڇيو ٿا پڇن،

ڪير آهين ڪامل تون؟ ڪرين مهر پکين،

تڏهن فرمايو فضل سين، مشفق محبوبن،

آهيان قريشي ڪارڻي، منجهان مڪين،

سڀئي عربيءَ جي اچي، ڪريا ۾ قدمن،

اسان کان وڏو ڏوھه ٿيو، بخش بدڪارن،

عاصي ”اشرف” کي ڪر، منجهان عابدن،

چئو صلواتون نبي ڪريم تي، لک لک درورن،

وينداسي ايمان سان، جي ڪلمون پاڪ پڙهن.

*-*-*-*

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: ڪانگي وارو[7]

(چيل عبدالرحيم جو[8])

 

بيحد حمد حڪيم کي، جو آگو عظيما،

غالب، رب ّ، غفور، راحم رازق رحيما،

پنهنجي قدرت پاڻ ڄاڻي، ڪامل ڪمالا،

ڏاتر ڏيهه خلقيا، جُملي جهانا،

پيدا پَڻيءَ مان ڪيا، مولـٖـي مخلوقا،

ڪـٖـي اَٺئي پر الله جي، ڪن وحدت ورونها،

ڪـٖـي تابع تعريفن ۾،ڪي ڦِريا فرمانا،

ڪـٖـي عابد، عالم، اولياء، ڪي اُچا انسانا،

ڪـٖـي ظالم زور ظلم ۾، ڪي فائق فقيرا،

ڪـٖـي دنيا ۾ بيڪار ٿيا، ڪي لاغر لحيما،

ڪـٖـي عقل ۾ وڏي سان آدمي، ڪي موڳا ملولا،

ڪـٖـي گُنگا، ٻوڙا، ڪي گرفتي، ڪي چريا چلولا،

اهڙا بشر الله جا، آهن سرس سَبِيلا.

ڪريان حڪايت هيڪڙي، بهتر بيانا،

’ڪتاب الغرائب‘ ۾، ٿا لکن ڳالهه اها،

ته خاصو دوست خدا جو، ڪو هو محب مقبولا،

تنهن هڪڙي ڏينهن حيبب جي، ڪئي دانَههَ دعوتا،

هزارين کاڄ ٿيا، چِيدا چون ٿا،

لحم لذيذ لقما، خاصا کاڄ رڌا،

مڙي ماڻهو آئيا، عرب اصحابا،

کائي مڙئي خوش ٿيا، خاصي کاڄ منجها،

مرغن اُت ميڙا ڪيا، جُوڻـٖـي چڳڻ لاءِ،

ڪانگي ڪنهين ڪل وٺي، وڌائين واتا،

تنهن ڀري ڀرپور ڪئي، چتائي چُهنبا،

تڏهن ڪامل ڦري ڪانگ ڏانهن ڪيو دانا ڌيانا،

پڇو پيغمبر پکيءَ کان، خاصـٖـي خيروريٰ:

لڪائين لُقما مانيءَ جا، ڪڄاڙي لئي ڪانگا؟

تڏهن مرغ چيو محبوب کي، اي مرسل مجتبيٰ،

سُڻ سٻاجها سپرين! منهنجو عرض احوالا،

ته پکي پير مرد آهي، ڪانگو ڪم قوتا،

سير ڪندي سنسار ۾، گذريس ڏينهن گهڻا،

ڏينهَن ِ کان ٿيو، مثل ٻٻيري جـٖـي، ويس ڀر ڇڻي پَرزا،

مٿس ناهي موت جي، ڪا رضا رحمانا،

جڏو جيئڻ تنهن جو، آهي عاجز عليلا،

تر نه ترسي طعام لئي، ڪري ويچارو واڪا،

ڪري آه اناج لئي، جُنبي جوش منجها،

نڪو ٻيلي تنهن ٻيو، نه رهبر ۾ راها،

اوڏو ڪونه عزيز ٿئي، هلي همراها،

پکي وڃن پهري، ڪن طرحين تماشا،

آءٌ تنهن هيڻي جي حضور ۾، حاضر حيرانا،

ڪوڙين ڪريان ڪانگ جي، خاصي خدمتا،

آءٌ وڃان ادڻي لئي شهر ۾، ورنہ وسيلا!

هنر، حرفتون جان ڪريان، هزارين حيلا،

لِڪان ۽ لوچان گهڻو، ڪريان وس وڏا،

آڻيان ڀور انجا جا، کسيو ٻارن کا،

سي ڏيان زاغ زهير کي، طعام طفلن جيان،

پوءِ وجهان ان جي وات ۾ ڪي ڦڙا آب سندا،

تڏهن کِيانتي دل خوش ٿعئي، هن پر محفوظا،

جو لَنوي ۽ لاتيو ڪري، پکي پروازا،

سيـّـد سڻ سردار تون! منهنجي حڪايت هرڪا.

تڏهن صبر سرار کي ٿيو، ايڏي عبرتا؛

پوءِ پيغمبر پکيءَ کي چيو، موٽي محبوبا،

ته، ڪوڙئين تنهن ڪانگ کي، ڏج سهسين سلاما،

ڏيندو ان کي ڪارڻي، سو قادر قو ّتا،

وڍي اچ تنهين کي، ٿي ترت تيارا،

اُڏامي اُن پار ڏي، ٿيو رهبر روانا،

جتي هيس جاءِ ڪا، وطن واهيرا،

ٿيو حاضر حڪم حڪيم جي، وڃي تنهن ويــٖـرا،

سو ڏيل ڏرمايو ڏسڪي، ڏاڍي ڏک منجها،

کوءِ سندم حياتي ههڙي ۽ گهوريا ڏينهن گهڻا،

هاڻي ههڙي حال کان، هوند ڪُهي ڪر ڪترا،

تهخواهش نه ڪراصين کاڄ جي، ٻولي ٻيهر ڪا.

پوءِ آهون سڻي عليل جون، ڏنائين سهجئون سلاما:

سڻ سلام سردار جا، ۽ پُرزور پيغاما،

گوهر رخ چراغ جان، ٿو چمڪي چوڌارا،

جوت نه جهڙس ڪيو ٻيو، منجهه جلوي جمالا،

سو مرسل مور مڙني جو، آهي نرمل نبيـّا،

سهجئون سنيها سڄڻا، توکي ڏنا ڏاتارا.

سڻي سري ويو سوز مان، ٻڌي ٻاجهارا،

پيو اُڏامي پٽ تي، باڪو بيخبرا،

جَلي ويو تنهن جوش ۾، اپر افسوسا،

ته ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان؟ مون کي طاقت نه ڪا،

نه تههوند اُڏامي اوڏو ٿيان، پاڙي مجهه پريا،

پڻي پرين رسول جي، چمان چشمن سان،

پوءِ امر ساڻ الله جي، پَرَ ٿيس پيدا،

قو ّت قرارو ٿيو، اُچو اقبالا،

اُڏامي اُنهي پار ڏي، ٿيو تهدل تيارا.

اڃا جُنگ ويٺو هو جاءِ تي، منجهه مسجد مڪانا،

اچي سو اظهار ٿيو، ڪن پهرن پڄاڻا،

ڪانگو قدمن تي ڪريو، ڪري سر قربانا،

هٿ چميو پير چمي، مٺي محمـّـد جا،

ظاهر چٽيءَ زبان سان، ڪيائين صفت ساراها،

پيغمبر پکين سان ڪري، ايڏا احسانا،

سو ڪين ڇڏيندو ڪارڻي، اُمتــّـي پنهنجا،

آگا! ”عبدالر ّحيم“ کي، مرهين شل موليٰ،

پاڙي محمـّـد ڪريم جي، شل پورا ٿين پساهه،

چئو صلواتون رسول ڪريم تي، لکين درودا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لا اِلا اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: ماکيءَ جي مک وارو[9]

(چيل فقير محمد ماڇي جو[10])

 

ساراهيان سچو ڌني، جو آگو عليما،

مالڪ ملڪن جو ڌڻي، مولو مختيارا،

جڳائي تنهن صاحب کي، سڀڪا ساراها.

آهي ڪتابن ۾، اهڙي حڪايتا:

ته هڪ ڏينهن مسجد شريف ۾، هئا ويٺا ورياما،

آيا مهمان محمـّـد جا، هلي هيج منجها،

واريائون سلام سرور تي، وڏي صدق منجها،

اڳيان ”وعليڪم السلام“ چيو، مٺي محمـّـدا،

پڇي ڳاڇي تن کان، گهڻو ٿيا سرها،

آنديون مانيون مهمانن لاءِ، جوڙائي جلدا،

پر هو ڳنڌڻ ڪونه ڪو، جو ڏجي مهمانا،

ايءَ سڻندي ڳالهڙي، عجب منجهه پيا،

تيسين آئي مک ماکيءَ جي، ڦريو ڏئي ڦيرا،

پڇيائون احوال اچڻ جو، مک کان محمـّـد،

مهندان محمد مير جي، ڪيو مک سارو بيانا،

ته، حڪم موجب رب َّ جي، آيس هن ويرا،

خادم خاصو ڏيو، جو هلي ٿئي همراها،

ڏنو اشارو علي شاهه کي، مٺي محمـّـدا،

پوءِ ماکي ٿي مهند ۾، پٺيان حضرت علي شاهه،

ڪاهي آيا اُن وڻ تي، جو هو مديني ٻهرا،

جيڪي کتن سو کنيائون، مٿان مانارا،

آڻي ڏنائون مهمانن کي، ٿيا کائي خوشحالا.

تڏهن محمد پڇو مک کان، سارو بيانا:

هيءَ نعمت توکي ڪٿان رسي، سا مون سُڌ سڻاءِ.

اڳيان محمد مير جي، ڪيو مک سارو بيانا،

ته، آئـٖـي اوهان جي سان، ڏڏن ڏان لڌا،

جيڪي مکيون ماکيءَ جون آءٌ تن مڙني مهندارا،

اسين گهمون چرون جهنگ وڻن ۾، ڪي کَٽا ڪي مِٺا،

آڻي رس گڏ ڪريون، وڻن مٿي مانارا،

پر مٺو سو مُور نه ٿئي، سندو قوت اسان،

جڏهن پڙهون اوهان تي، صلوات صدق منجها،

ته مٺي ماکي ٿئي، سان برڪت صلواتا.

ائين پڻ پڙهو صلوات حضرت رسول تي، وڏيءَ حُب منجها،

رهو پاسي پرين جي، پاڙي پيغمبرا،

پڙهو صلواتون تان ٿيو، مٽا ماکيءَ جِها،

”فقير محمد ماڇي“ تي، ٿئي راضي رسول خدا،

چئو صلوات حضرت رسول تي، لک دائم درودا،

اَللــّهم صَل عليٰ سيـّـدنا وصلوا عليح تسليما،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لا اِلا اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: بي نمازي وارو[11]

(ڍيل پنيي جو)

 

ساراهيان سچو ڌني، جو مالڪ مُلڪنئا،

جنهين جا جهان ۾، چَلن جِت چارا،

روزي ڏئي ٿو سڀڪنهن، چڱن مَٺنڻا.

ٻيو ساراهيان سونهارو، سندس رسولا،

چار ئي يار رسول جا، سڀئي سونهارا،

مٿي آل اصحاب ان جي، وسي روز رحمتا.

حضرت هڪ ڏينهن هاسمي، هو ويٺو ورياما،

مٺي محمـّـد ڪارڻي، ڪئي ٿي وعظم وصيتا،

ويٺا انهيءَ وقت هئا، سڀئي اصحابا،

آيو اعرابي هيڪڙو، ڪو مسافر مردا،

اچي دروازي حضرت جي تي، رنائين اَپارا،

دانهون ڪيون درد مؤن، ڦاٽي فراقا،

هَي هَي ڪيو حال ۾، ڳاڙهي سر ڳوڙها،

تڏهن محمـّـد ڪارڻي، حڪم ڪيو حضرتا،

ته وٺي آڻيو هن شخص کي، جو مسافر مردا.

وٺي آندائون اتهين، مجلس محمـّـدا،

ڏيئي هٿڙا وهاريئون، پنهنجي قريبا،

تنهن کي محمـّـد ڪارڻي، ڏنا دل جا دلاسا.

پوءِ پڇيائون تنهن مرد کؤن، حال حقيقتا،

ته ڪير آهين، ڪاڏهون اچين؟ اي مسافر مردا!

روئين ڪهڙي واسطي، اي فائق فقيرا!

چيائين، سڻ محمـّـد ڪارڻي، اڙين آڌارا!

آءٌ مسافر آهيان، ناهي مون وسيعتا،

آهيان غريب نماڻو، آهي گهڻو عيالا،

پيءُ منهنجو دنيا ۾، هئو حاضر حياتا،

هاڻي ڪيائين وفات، لڏيو منجهان دنيا،

ڪونهي غاسل پاڻ وٽ، نڪو ڪو ڪفنا،

هڻي آيس ايڏانهين، دانهين ۾ دربارا،

سڻو منهنجا سڏڙا، آهون احمدا!

تڏهن احمد ڪارڻي، ڏنس دل جا دلاسا،

وهاريائونس وٽ ۾ آڻي احمدا،

پوءِ ڪيائون نصيهت ان کي، ههڙيءَ طرحا،

ته، ابا هرڪو هتئون ويو، ڇڏي هيءَ دنيا،

هاڻي کائي خوش ٿيءُ، تون طعاما،

هلي توسان همراهه ٿينداسين، انهيءَ ڪم منجها،

پوءِ سڏي اصحابن کي، ڪيائون حقيقتا،

ته وڃي هن شخص سان، ٿيو همراها،

اٿي هليا اوڏهين، جيڪي يار وڏا،

ڪاهي آيا اتهين، انهيءَ ماڳا،

اچي ڏٺائون اتهين، جتي هو پَٽ مٿا،

مٿي ڏينهن ميـّـت جي، ڪيائون نرت نگاها،

ته اٿس منهن سوئر جو، ناهي انسانا،

تڏهن موٽيا پوئتي، مديني ماڳا،

اچي چيائون حضرت کي، حال حقيقتا،

اُٿيو محمـّـد ڪارڻي، سچو سردارا،

مثل چوڏهينءَ چنڊ جي، هليو احمد عجيبا،

ڪاهي آيو اتهين، جتي هو پيو ملعونا،

پسڻ سان پرينءَ رسول جي، ٿيو ماڻهوءَ جي مثلا،

ڏياري غسل تنهن کي، ڍڪيائون ڪفنا،

پڙهائي نماز تنهن جي، آندائون قبر ڌارا،

وڃي رکيائونس اتهين، وچ ساميءَ صحيحا،

پوءِ لاهي پاند ڪفن جو، ڪيائون نظرا،

ته اٿس منهن سوئر جو، ناهي انسانا،

تڏهن دانهن ڪيئون درد مؤن، اپر اندوها،

جي ڦري شڪل هن شخص جي، ويئي ڪڄاڙي لاءِ؟

تان وري هٿ لاتس، حضرت مٺي محمـّـدا،

پوءِ پڇو محمــّد ڪارڻي، تنهن پُٽ ڪنا،

ته هيءُ ڪم ڪندو هئو ڪهڙا، حاضر ۾ دنيا؟

چيائين، ڪم ڪندو هئو اهڙا، سچا سردارا،

جڏهن ٻڌندو هو ٻانگ کي، سندو سڏ خدا،

پٺي واريو ويندو هيو، ڪمن جي سببا،

ڪندو هو گلا تن جي، جيڪي عالم سڳورا،

چوري ۽ چغليون، رسم رکي روز اها،

ٻيو ڪندو هئو بَينش تن سان، جيڪي وٺن نانءُ الله،

وجهندو هئو خلل تن ۾، وڏا فسادا،

حال هن هيءُ آهي، سچا سردارا:

ٻڌو محمـّد ڪارڻي، مٺي محبوبا،

چيائين سڀن کي، جيڪي حاضر اُت هئا،

جي: جنهن ڇڏيو نماز کي، ڄاڻي ڄاڻ منجها،

اهو دشمن آهي الله جو، دشمن اسان جو آهه،

وجهوس واري وات ۾، لٽيوس لوڙهه مٿا.

پوءِ لکي معجزو حضرت جو، ڪيم ظاهر ظهورا،

ته مرجان پڙهن پويان، جيڪي ٿين امـّتي احمد جا.

هاڻي جيڪي اُمتي احمد جا، ٻڌو سڀئي ٿا،

جيڪي نه پڙهندا نماز، آئو تن جا حال اهڙا،

پني ساندهه ”پِنيو“ ٿو، طالب ٿي توڙا،

ماندي کي يا مصطفيءِ، آسرو اوهان ڏانہ،

جي پلئه لڳا سي پار ڪرين، تارين تک منجها،

سي سڀيئي ڇٽندا، جن پڙهيو ڪلمون ڪوڏ منجها.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

منقبو نبي صلعم جو:

صلوات سڳوريءَ جي برت وارو[12]

(چيل مخدوم غلام محمد بگائي جو[13])

 

صلوات توتي سيـّدا! جا راتو ڏينهن پڙهن،

آهي اندازي اڳري، ڪنا ڳاڻيٽن،

توتي رسول رب ّ جا، احمد اڳ اڙين،

سؤ سؤ صلواتن جا، سؤ سؤ سلامن،

روزمره رحمت جا، اوهيرا به اچن،

مٿي محمـّد مير جي، ويران وير وسن،

ناهي شرح سمار ڪو، بات نه بيانن،

نڪا حد ّ حساب جي، اندازي عددن،

جهڙو دارون درد جو، صحت صلوات چون،

تهڙا نه تعويذ ڪي، ٻُڪيون ڪين ٻجهن،

رضامندي رب ّ جي، جيڪي مهر مڱن،

سي صلوات رسول تي، منجهان، پرت پڙهن،

سختيءَ ۾ صلوات کي، جيڪي ورد وٺن،

ڏجها ڏکندا تن تؤن، سڀئي سور لهن،

آهي صلوات ان جو، قو ّي ڪوٽ چون،

پينن کي پناهه ٿي، ڏجها ڪيم ڏسن.

حضرت ابوطلحہ ڪنا، هيءَ حديٽ لکن،

ته، هيڪر هوس حضور ۾، حاضر حبيبن،

سرور ڏٺم سرهو گهڻو، ٿي پاٻوهيو پرين،

مون کي گهڻيءَ مهر سين، ٿي اُتو عجيبن،

ته جبرئيل جِهت مان، آئيو ڏانهن اڀن،

ولي وڏائي تحفا، آيو سين ادبن،

ته، هاديءَ تو کي هاشمي! چيا سؤ سؤ سلامن،

چيو مالڪ مُلڪ جي، مولـٖـي مخلوقن،

ته ڪيو مون آ مهربان، اي سرتاج سڀن!

جو توتي ڀيرو هيڪڙو، جيڪي صلوات پڙهن،

آءٌ ڏهه ڀيرا پڙهان، تان ڀي مٿي تن،

ڏهه خطائون تن جون، مديون معاف ڪجن،

مٿيان درجا تن کي، پورا ڏهه ڏجن.

آهي صحيح حديث ۾، منجهه ’مشڪواة‘ لکن،

تهمقرر ملائڪ رب ّ جا، ٿا ڀونئن منجهه ڀُڻن،

اچي سڀ ڪنهن شهر جون، ٿا گهٽيون سِر گهمن،

سونهاريءَ صلوات جا، چاري ٿا چون،

سونهاريءَ صلوات جا، جاٿي آواز سڻن،

ماڳ تنهن مؤمن جي، موٽي مرهه مڱن.

هليو صلوات حضور ۾، آڻيو عرض رکن،

جي، آهي امتي هيڪڙو يا رسول الله! وري نانءُ وٺن،

پيءُ ڏاڏي پڙ ڏاڏي سين، ٿا ائين سڱ سلن،

ته هن کان صلوات هيتري، اسان سڻي ساڻ ڪنن،

تڏهن راضي ٿيندو رسول رب ّ جو، وسيلو ولهن،

’شريعت الا سلام‘ ۾، عالم ٿا لکن،

ته پيءُ پٽ هئا پاڻ ۾، منجهان مسافرن،

پرڏيهي پرڏيهه ۾ ٿي ڦريا ڪاڻ ڪمن،

منزل ڪنهن مڪان تي، اچي پيو ويلو ويچارن،

پيءُ پيو آزار ۾، ماري وڌو موذين،

سڏائي سوئرن نيو، ڪيو ضايع زحمتن،

ٿيو مقابل موت جي، ويا دم ڪين ورن،

مائٽ ساري مجلسي، يقينئون يارن،

هليو دار فناءَ مان، وريو ڏانہ وطن،

جان پٽ نهاري پيءُ ڏي، نيون سين نيڻن،

تان منهن ڪارو ميـّـت جو ٿيو، جهڙو کان اڱرن،

مٿو ٿيس مٽجي، سسي جان سوئرن،

مئو بي ايمان ٿي، منجهان مرتدن،

تڏهن ٽي ڏک لڳا پٽ کي، اهڙا اهک چون،

هڪ ڦوڙائو موت جو، ٻيو وڌو سو وهمن،

ٻيو هيڪلو همراهه سين، ساٿي ڪين سجهن،

ٽيو خاتمو نه ٿيس خير جو، جهتون جنازن،

تڏهن ماري وڌو مامري، والد جي واقعن،

هلي سي همراهه ويس، جيءُ جياريس جن،

تڏهن جوڙي جنازو اتي، ويٺو سين وهمن،

ويٺي ڏسي جان خواب ۾، سهڻو ۾ سورن،

تان مڙس موچارن مان َ سين، آيو ڏانهن اَڀن،

ٿي چمڪي چنڊ چوڏهينءَ جان، پيشاني پرين،

سو مٿي ڏنهن ميـّت جي، اچي اُڀو سين قدمن،

جان ڦيرايس هٿڙا، ٻئِي سين، ٻاجهن،

ته اڇو منهن ميت جو ٿيو، وانگي نور ورن،

مٿو ٿيس مٽجي، موٽي جان ماڻهن،

صورت ۾ سو ڪيو، اچي اعليٰ عجيبن،

تڏهن اُڀو چيائين ادب سين، ٻڌي بانهون جئن ٻانهن:

آهين ڪريم ڪير تون، اي سرتاج سڀن،

جاڪَيوَ همراهي ههڙي اچي، ٿورا ساڻ ٿَڪن.

چي، آهيان شفيع امـّت جو، وسيلو بيواهن،

تنهنجو پيءُ هميشه هئو، قاصر منجهه ڪمن،

مائل مَٺاين ۾ هيو، ڏنگو ۾ ڏوهن،

پر پڙهندو هئو صلوات کي، راتيون ۾ ڏينهن،

ٿي پڙهيو صلوات صدق سين، دائم درودن،

سا رات نه آئي مون ڏي، پڄاڻا پهرن،

ماهيت پڻهين جـٖـي موت جي، مون سين ڪئي ملڪن،

تڏهن ڪرائي چٺي ايمان جي، آيس ڏانہ اَڀن،

همراهي ههڙي آهه منهنجي ٿورا ساڻ ٿڪن،

دعا جا صلوات ريءَ، گهڻائي گهرن،

دعا اها درگاهه ۾، ڪين قبول ڪرن،

دعا اها قبول پوي، جا وچ ٻن صلواتن.

چوي ”غلام محمـّدي“ ارحم عاجزن،

امت ساڻ احسان ٿيا، ڇٽا کان ڇيهن،

موليٰ! محمـّ ميڙيو، مون کي سائينءَ سين سببن،

ڪلمي ساڻ ڪريم جي، شال پساهه پڄن،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي ڪهن.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: آخرت جي ذڪر وارو[14]

(چيل صديق جو[15])

 

ساراهيان سچو ڌني جو آگو عليما،

جڳائي تنهن صاحب کي سڀڪا ساراها،

جنهن خلقيا عرش زمينون، آسمان، سج چنڊ ۽ تارا،

آهي ڪتابن ۾ اهڙي پچارا،

جڏهن ٿيندو ڏينهن قيام جو محشر ميدانا،

ات سڀڪو لهندو پورهيو موجب ڪمايا،

”جَز ائــُـهمُ عِۡندَ رَ بـّهِمۡ“ ڪڍيو قرآنا،

ماڻهو ان ميدان ۾ وٺي وراهبا،

”فريقاً فِي الجَنــَّتِ وَ فريقاً فِي السـَّعِير“ اهڙا ڏيج ڏبا،

ات مومن ويندا بهشت ۾ جن چڱا ڪم ڪيا،

مهندان اچيو تن کي ڏيندا سلاما،

”اَلصــَّلات ُ وَ السـّلام عَلَيۡڪُم“ اپر اسلاما،

”سَلاَمُ قَولُ مـّـِن الرسَب ّ الر َّحِيم“ آگو ٿو فرماءِ،

مرد عورتون بهشت ۾ ويندا،

سي هوندا سڀئي صورت ۾، ڪرچنڊ چوڏهينءَ ماهه،

هوندا سڀئي صورتن ۾ حسن جمالا،

اُت ويس وڳا سبزا هوندا هر ڪنهن جا،

هوندا ڪپڙا قيمتي بهترين بها،

”وَيَلبِسُو ۡنَ ثِيـَاب سُندُس خِضر و َّ اِستَبرَق“ شاهد قرآنا،

فرمايو رسول رب ّ جي مير محمـّد شاهه،

ته پهرين اُمتي منهنجا بهشت ۾ ويندا،

سي سڀئي هوندا صورت ۾ ڪر چنڊ چوڏهينءَ ماهه،

ڪندا اهڙو سوجهرو، شمس جيئن شعاع،

”وَ يَسعَيٰ نُور ُ هُم بَين اَيد ِ يهِم وَ بِا يمانِهمِ ۡ“ انهي اشارتا،

”حُور مقصورات فِي الخِيام ِ“ انهن کي ڏيج ڏبا،

سي پاڻي حُضر ڪوثر جو پيئندا پرت منجها،

پاڻي شراباً طهورا جو سڳورو صفا،

لکين ناز نعمتون  پيا پڻ سون رُپا.

اهڙي طرح ٻي حڪايت ۾ لکن ڪتابا،

ته داخل ڪبا دورزخ ۾ ڪا مُدت مديدا،

”وَ من يــَّعمَل مِثقال ذَر َّة شَر َّ يرَهۡ“ لهندا ايءُ جزا،

ايندو جبرائيل اُتهين حڪم ساڻ خدا،

اچي داخل ڪندو دوزخ جي ڪنڌيءَ ڪنارا،

صفون ٻڌي ادب سان اُڀي عرض ڪندا،

ته ڀلي ڪري آئين تون يار وحي مرحبا،

ته اسان جا محمـّد مير کي ڏج ساري سلاما،

”اَلصـّلات والسـّلام يا صاحِب الشـّفا عَتا“،

ته هڏي ڄيري کانئيا، نَسون چم جگرا،

سگهو رسج يا سيـّدا اڙين آڌارا.

تڏهن ايندو جبرائيل اُتهين وٽ مرسل محمـّدا،

اچي احوال انهن جو ڪندو ظاهر زبانا،

ته اوهان تي حبيب هاشمي سؤ سؤ سلاما،

اوهان تي مشفق ڪارڻي لک لک درودن جا،

اوهان جي اُمتين جو آهي ههڙوئي حالا،

جيئن کلون کاڻيون انهن جون جگر ۽ جيرا،

وگهيري وين وجود مان نسُن روح ڪري ريلا،

سگهو رس يا سيـّدا مٺا محمـّدا!

اها سُڻندي ڳالهڙي سيـّد سردارا،

پوءِ سڄڻ ڏيندو سجدو منجهان نيازا،

ايندس آواز اُتهين خالق جي درگاه،

ته کڻ سڄڻ سجدو پانهنجو، يا مٺا محمـّدا!

پوءِ ايندو دوزخ جي در تي، مٺو محمـّدا،

تڏهن چوندو مَلڪ سڏ ڪري، اي اُمتي احمد جا،

”اُمـّتي الـّذ ِ ين يَسر ِ فُن فِي سَبِيل ِ الله ِ“ لکيو فرمانا،

”لاتَفنَطُو مِن رَحم ة الله ِ“ آئي آيت اُن ويرا.

تڏهن اها سڻندي ڳالهڙي، عاصي ويچارا،

دامن کان دوست رسول جي اچي جهليندا،

ته، ڄيري ااسن کي کانئيو يا رسول الله!

هڏا ماس اسان جو ٿيا کامي اڱارا،

ورنهه! وسيلو ناهه ڪو سڄن تو ڌارا.

پوءِ پسي پيغمبر تن کي روئندو اَپارا:

ادا مون کي بخبر ڪانه هئي اَن جي احوالا،

چي، مون کي معاف ڪجو خاطر لڳ خدا.

پوءِ ڀاڪر وجهي هڪ هڪڙي کي ڪڍندا دوزخ کان،

دعا گهرندا رب کان داور جي درگاه،

جئن جُسو تن جو ٿئي، سهڻو سج شعاع،

پوءِ فرمائيندو فضل سان، مٺو محمـّدا،

ته، ادا! مون سان هاڻي هلو، ٿيو جنت قرارا.

تڏهن سرها ٿي شوق منجهان حضرت سان هلندا،

سانوڻ سويرو آيو ڏوٿن ڏک لٿا،

مَٿن مِهر ڪئي مون ڌڻيءَ مُند سر مينهن وٺا،

آيو اب احسان جو، مير محمـّد شاهه،

ڪري پارس پالوٽيون، ڀريائين بحرا،

سائل هن ”صديق“ سان ڪندو واهر ورياما،

عاصي عاجز آهيان گڏيل گناها،

مرسل مداين جو ڪندو، پردو پناها،

ويندا جي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو:

امت جي شفاعت جي ذڪر وارو[16]

(چيل سيف الله جو[17])

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو خالق مخلوقن،

”لَم يَلد ِ وَلَم يُو لَدۡ وَلَمۡ يَکُن لـَّہ ڪُفَو اً اَحَمدُ“ ساراهه سندن،

جنهن عرش زمينون خلقيون، سج چنڊ سين تارن،

خاوند خواب خلقيا، هاديءَ سان حڪمن،

نُورَ، پنهنجي نُور مان، ڪيو پيدا کري پرين،

ڪيڏي شفقت نبي ڪريم جي، هئي مٿي اُمتين،

کنيائون بار کهين جا، ٿيا ضامن ضعيفن،

سي بيهندا هئا، عبادت ۾، سُڄيو پير پون،

راتيون سڄيون بيهندا ئا، ڏيئي اوجاڳا اکڙين،

بيحد بکون ٿي ڪاٽيئون، ٻڌي پيٽ پهڻن،

هڪ ڏينهن آيو اوچتو، لحظو لطيفن،

آِو عتاب رب ّ وٽان، مٿي محبوبن:

تو کنيا بار اُ۾ت جا، ڪرين ننڊون سين نيڻن،

آءٌ نه ڇڏيندس بهشت ۾، ڪو منجهان اُمتين،

داخل ڪندس دوزخ ۾، ڪيا قول پرن.

تڏهن جاڳي پيو ننڊ مان، اَجهو عاصيڙن،

”اُمتي اُمتي“ ڪري هليو. حضرت مان حجرن،

وڃي جبلن ۾ پيو، سهڻو منجهه سجدن،

ڪنهن کي خبر ڪانه پيئي سندي سڄڻن،

سچن صحابن کي پيو، درد اندر دلين،

ڏوريو پُڇن ڏس ٿا، سندو سپرين،

ٽئي ڏينهن هلي آئيا، وٽ ماءُ محتاجن:

اما! ڏي خبر خير جي، سندي سپرين،

ڪاڏي ويا ڪارڻي، وسيلا ولهن؟

مليو جواب تن کي، اهڙي طريقن،

ته، اچي آڌيءَ رات جو، ٿيو نازل نور مٿن،

”اُمـّتي اُمتي“ ڪري اُٿيا، حضرت مان حجرن،

ڄاڻي الله ڪيڏانهن ويا، ڪهڙي پار چون،

منهنجي ساعت نا سري، ڌاران حبيبن.

سئائون بيبيءَ پاڪ کان، اها حڪايت هوتن،

گڏين بزوار هڪڙو، بَدو ِي منجهه بَرن،

پڇيائون ٻڪرار کان، اهڙي پار پرين:

تو ڪو ڏٺو ڪارڻي، سهڻو کان سڀن؟

تڏهن ٻڪرار بيهي بيان ڪيو، اڳيان اصحابن:

ادا! مون کي خبر نه آهي، نڪا حقيقت حبيبن،

پر ڏُورانهين جبل کان ٿا، اهڙا آواز اچن،

”اُمـّتي اُمـّتي“ ٿو اچي، جوش منجهان جبلن،

الله ڄاڻي ڪير آهي، ڪهڙِ قبيلن،

منهنجون ٻڪريون ڏينهنٽن کان، کائن نڪي پين،

پکي اُن پهار جا ۽ جيڪي جانورن،

تن پڻ کائڻ ڇڏيو، چرڻو ڪين چڳن،

ٻُڌيو آواز عجيبن جو، ڦيرا ڏيو ڦرن،

مون پڻ سئا آواز اهي، ڪنان ٽن ڏينهن،

۽ لاٽون اُتان نُور جون، ٿيون عرش رسن.

اها حقيقت صحيح سڻي، مٺن محبوبن،

ڊوڙي چڙها پهاڙ تي، پُري سين پيرن،

اچي ڏٺائون عار ۾، وسيلو ولهن،

”اُمتي اُمتي“ پيو ڪري، سهڻو منجهه سجدن،

مُنهن مبارڪ مٽيءَ ۾، گڏيو غُبارن،

اُت ابوبڪر صديق چيو روئي رفيقن:

کڻو مٿو زمين تان، منهنجا ٺار اکين،

ساريو توکي سيـّدا! ماڻهو ٿا مرن،

ڏنو جواب سجدي ۾، مٺن محبوبن،

ته، منهنجي اُمتِ جي حق ۾، ائي دهشت دوزخن،

آءٌ نه سهان تِر جيترو، اوک مٿي اُمتين،

جيستائين نه اچي خوشخبري، سنيهو کان سڄڻن،

مئو نه کڻندس زمين تان، ڀل ورهيه اِت گذرن.

تڏهن ابابڪر صديق چيو، روئي کي رفيقن:

مون جيڪي عبادتون ڪيون، ۽ هن کان پوءِ ٿين،

تن جو اجر بخش ڪيو، مون الله لڳ اُمتين.

تڏهن ڏنو جواب جانب کي، مٺن محبوبن،

ته، وڏي شفقت ٿو ڪرين، لائق ڀريا لطفن،

پر نه ڪندي نفعو، منهنجن کي اُمتين.

ٻين به عبادتون ڏنيون، گهوري گهاتُوئڙن،

پر ڪنهن جي ڪانه قبول پئي، آزين ۽ عرضن،

پوءِ مڪائون ماڻهو فاطمہ ڏي، جا ماءُ مومنن،

سا آئي سڳروي سيگهه مان پُري سان پَيرن،

ڏس حال محمـّد ڪريم جو، رُني رت ورن،

پوءِ چيائين پيءُ کي، اهڙي طريقن:

بابا! ڇو گڏيو آهين گرد غبارن؟

ڇاجي واسطي ٿيا آهيو، ههڙن منجهه حالن؟

توڙي ڏونگر ڏک جا، ڪِري پهڻ پون،

ته به صبر شڪرانو اوهان جو، آهي عادتن.

تڏهن چيائون فاطمہ کي، جوڙي جوابن،

ته، منهنجي اُمت جي حق ۾، آئي دهشت دوزخن،

شال مَ سڻان ڪڏهين، ونگو وار سندن.

تڏهن چيو بيبي فاطمہ، مهندان محبوبن،

ته، بابا جيڪي عبادتون ڪيم، آگي جي امرن،

تن جو اجر بخش ڪيم، تنهنجي اُمتين.

اما! شفقت ٿي ڪرين، لائق سان لطفن،

فرض، نفل، نمازون، توڙي حج پڙهن،

پر مڙني مٿي معاملو، عملن سان ڇٽن،

نفعو نه ڪنديون تنهنجون، عبادتون اُمتين.

تان بيبيءَ ڄاتو قبول نه پيون، آزيون عجيبن،

تڏهن بيبيءَ ارادو ڪيو، اهڙن طريقن،

ته ڪريان سجدو رب ّ کي، ساڻ نمي نيازن،

ڪيان عرض الله کي، جو مالڪ سندو ملڪن،

ته بخشي اُمت بابي جي، ڪري آجا کان عيبن،

من سڻي سوال ٻانهيءَ جو، ڏاتر ڏيهه ڌڻين،

اڃا هئي سجدي ڪرڻ ۾، ماءُ مومنن،

تان رحم پيو رب ّ کي، مٿي حال سندن،

حڪم ڪيائين جبرئيل کي، وڃ مهندان محبوبن،

وڃي جهل سوڳوريءَ کي، ڪرڻ ڪنان سجدن،

جي ڪندي سجدو هيڪڙو، نمي نيازن،

ته آءٌ نه ڇڏيندس دوزخ ۾، منجهان ڪو ماڻهن،

تان آيو وحي اوچتو، اُلهي کان عرشن،

ڏنائين سلام سيـّد کي، سندا سپيرين،

ته کڻو سجدو زمين تان، اَجها عاصيئڙن،

بخش ٿيا اُمتي تُنهنجا، سچيءَ جي سببن،

سبب سجدي سچيءَ جي، ڇٽا ڏوهه ڏمرن.

”شُڪر اَلحمد لِلــّہِ“ چيو ان وقت عجيبن.

اهڙا سرور سپرين، آهن وسيلا ولهن،

ڪيڏيون ڀلايون ڀَلن ڪيون، مٿي اُمتين،

”سيف الله“ چئي ساهه ڏيان، پيرانديءَ پِريَن،

چئو صلواتون رسول ڪريم تي، دائم درودن،

وڃن سي ايمان سان، جي ڪلمون پاڪ ڪهن.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله


[1] . هن مناقبي جي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان ملي.

[2] . سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 47

[3] . هن مناقبي جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

[4] . سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 48.

[5] . هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يارمحمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

[6] . سوانح عمريءَ معلوم نه ٿي سگهي آهي.

[7] . هن مناقبي جون ٻه روايتون اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ۽ وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد صالح سپئي کان مليون.

[8] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

[9] . هن مناقبي جون ٻه روايتون ٿر (تعلقي مٺي) مان رائچند ۽ لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان مليون.

[10] . سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 47.

[11] . هن مناقبي جي روايت اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي. شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

[12] . هن مناقبي جي روايت اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

[13] . سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 152.

[14] . هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

[15] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

[16] . هن مناقبي جون ٻه روايتون وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد صالح سپئي، ۽ لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان مليون.

[17] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org