مهاڳ
سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز سن 1955ع ۾،
’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي
آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽
تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو
ويو؛ انهي سلسلي ۾ تعلقي وار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا
ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري
موڪلين؛ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ’سنڌي لغت آفيس‘ سان
گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران
ايل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف
ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.
پهرين ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا.
انهيءَ عرصي ۾ تعلقي وار ڪارڪنن ڳوٺن مان گهربل
ڳالهيون هٿ ڪيون؛ مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي
ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو؛ ۽ بنده ڪوشش ڪري
سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان
ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي
سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. انهي سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري
ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان جي آڌار
تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت نموني طور هڪ
ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو
ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو آهي.
هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب جون اهي جملي
جنسون جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول
۽ مروج آهن، تن کي ’لوڪ ادب‘ جو ذخيرو تسليم ڪيو
ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري
جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه
اکريون، ڪافيون وغيره؛ مگر جيئن ته اهي هن وقت
تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ
ڪري هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور
آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾
شمار ڪيو ويو آهي. انهي لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ
ڪيل ’لوڪد ادب‘ کي بعينه، ”فوڪ لور“
(Folklore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾
شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه
ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو
اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو
ذخيرو اهوئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي.
انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘
۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي
سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو
آهي؛ ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي
ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ
اٿاهه سمن سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي
برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو ڪجهه گڏ ٿي
سگهيو آهي سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد
آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب
اميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪڪ فال
ثابت ٿيندا.
’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي
عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون
ڪوششون شامل آهن. اول ته سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن
کي جس جڳائي جن هن تجويز کي سن 1956ع ۾ منظور ڪيو.
ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ،
ابتدائي مُسوَدا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ آخر
۾ ڪتاب ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن.
۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي
ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقي وار
ڪارڪنن، مرڪزي افيس جي باهمت ردن، سنڌ جي سڄاڻ
سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بندده
لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾
پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي. بورڊ جي سيڪريٽري محترم
محمد ابراهيم جويي، هن تجويز جي هر انتظامي مرحلي
تي بنده سان دلي تعاون ڪري آسانيون پيدا ڪيون،
مفيد مشورا ڏنا، ۽ پڻ ڪتابن کي سهڻي نموني ۽
بنادير ڇپائڻ لاءِ فوري قدم کنيا.
هي ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو ٽيون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد
جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو؛ سڄي مواد کي چڪاسي،
مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي، نومبر 1959ع ۾
ڪتاب جو مُسوَدو تيار ڪيو ويو؛ ۽ ڊسمبر 1959ع ۾
مُسوده جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع ٿيڻ
لاءِ ڏني ويئي.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمد يعقوب ميمڻ
هن ڪتاب جي مواد کي اتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽
دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم
شيخ محمد اسماعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي، ۽ ڪتاب
جي مُسوده تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئيي. ڪتاب جي آخري
سٽاء، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.
محترم ساجد علي، مئنيجر اسلاميه پرنٽنگ پريس، ۽ سندس ساٿين ڪتاب
کي جلد ۽ سهڻي نموني سان ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ ممتاز
مرزا ان جا پروف پڙهيا.
حيدرآباد سنڌ خادم العلم
7، مارچ 1960ع نبي بخش
اَم للانسان مَا تَمنّيٰ 0 الاَخرڦةُ و الا وليٰ
مقدمہ
مُناقبا، لوڪ ادب جي سلسلي جو ٻيو ڪتاب آهي، جو هينئر شايع ٿي
رهيو آهي. مضمون جي لحاظ سان هيءُ ڪتاب، پهرئين
ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“ جو ساٿي آهي. لفظ
’مناقبو‘ اصل ۾ عربي لفظ ”مَنقبَة“ (جمع ’مناقب‘)
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’لَڇڻ، نيڪي، درجو يا
منزل‘. سنڌيءَ ’مناقبو‘ هڪ خاص معنيٰ ۾ استعمال
ٿئي ٿو: يعني ته اهو نظم جنهن ۾ نبين، اصحابن
سڳورن يا ولين مان ڪنهن جي ڳڻن کي ڳايو وڃي. معنوي
توڙي فني لحاظ سان مناقبو فقط سنڌي نظم جي ئي هڪ
خاص صنف اهي، ڇاڪاڻ ته عربي توڙي فارسيءَ ۾
’منقبة‘ يا ’مناقب‘ جي مخصوص عنوان سان شعر جي
ڪابه جنس موجود نه آهي. سنڌي ۾ ’مداح‘ جو مدار محض
وصف بياني تي آهي، مگر ’مناقبي‘ جي مخصوص عنوان
سان شعر جي ڪابه جنس موجود نه آهي. سنڌي ۾ ’مداح‘
جو مدار محض وصف بياني تي آهي، مگر ’مناقبي‘ ۾ صفت
۽ ثنا لاءِ ڪنهن ڳالهه يا مثال جو قالب ضروري آهي؛
يعني ته جنهن به نبي يا ولي جي تعريف ڪئي وڃي، ان
جي زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه يا مقال کي بيان
ڪرڻ ضروري آهي. مطلب ته ڳالهه يا حڪايت، ’مناقبي‘
جو روح آهي. البته اها حڪايت اهي هجي جنهن ۾ ڪنهن
ناممڪن واقعي جو ذڪر نه هجي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ان ۾
ڪنهن به ’اڻ ٿيڻي‘ واقعي جي ٿيڻ جو ذڪر هوندو ته
پوءِ ان کي ’معجزو‘ چئبو.
هن ڪتاب لاءِ مناقبن جي مواد کي ڇپيل ڪتاب توڙي قلمي نسخن مان
قلمبند ڪيو ويو آهي. ڇپيل ڪتابن مان هيٺيان خاص
اهميت رکن ٿا: ’مقدمة الصلواة‘ آخوند عبدالرحمان
جو (بمبئي ڇاپو)، ’قوت العاشقين‘ مخدوم محمد هاشم
رحه
جو (حيدرآباد ڇاپو)، ’مجموعہ مد حيات‘ (بمبئي
ڇاپو، ’مجموعہ مولود‘ (بمبئي ڇاپو) ۽ ’وفات نامون‘
(نولڪشور پريس لاهور 1914ع). انهن ڇپيل ڪتابن مان
ظاهر آهيي ته اڄ کان پنجهه ورهيه اڳ پڻ ’سنڌي
مناقبا‘ عوام ۾ مقبول هئا، جنهن ڪري انهن جي اشاعت
شروع ٿي. مخدوم غلام محمد بگائي، جو ميان نور محمد
ڪلهوڙي (وفات 1167هه) جي عهد ۾ ٿي گذريو ۽ مخدوم
عبدالرؤف ڀٽي (وفات 1166هه/ 1752ع) سڀ کان آڳاٽا
شاعر آهن، جن جا چيل مناقبا هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا
ويا آهن.[1]
انهن شاعرن جي دور مان ظاهر آهي ته سنڌي نظم جي
هيءَ صنف ٻه صديون اڳ وجود ۾ آئي. مناقبن جو ذوق
ويندي هن وقت تائين باقي رهيو آهي، جيئن هڪ مناقبو[2]
”رسالي ريحاني“ تان ورتو ويو آهي، جو اسلاميہ پريس
حيدرآباد مان تازو سنه 1958ع ۾ ڇپيو.
مواد جي نوعيت ۽ ترتيب
هن ڪتاب ۾ ڪل ٽيهتر مناقبا چونڊي شامل ڪيا ويا آهن، جن مان فقط
سترهن[3]
اڳ ڇپيل آهن، باقي ڇانونجاهه مناقبا نوان آهن، جي
پهريون ڀيرو هن ڪتاب ذريعي شايع ٿي رهيا آهن. ڪوشش
ڪري هر مناقبي جي چوندڙ جو نالو نشان پڻ هٿ ڪيو
ويو آهي، سواءِ يارهن مناقبن[4]
جي، جن جي چوندڙن جا نالا في الحال معلوم نه ٿي
سگهيا آهن. ڪتاب ۾ شامل مناقبا جملي ٻٽيهن شاعرن
جا چيل آهن، جن مان ستاويهه فوت ٿي ويل آهن ۽ پنج
حيات آهن جن جا چيل جملي ڏهه مناقبا شامل ڪيا ويا
آهن.[5]
ڪافي شاعرن جا هڪ کان وڌيڪ مناقبا ڏنا ويا آهن، پر
اڳ ڇپيل مواد مان گهڻي مان گهڻا (ڏهه) مناقبا
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
رحه
جا، ۽ اڻ ڇپيل مواد مان گهڻي مان گهڻا (نوَ) فقير
محمد ماڇي جا هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. مخدوم
محمد هاشم
رحه
جا چيل مناقبا سندس تصنيف ”قوت العاشقين“ تان ورتا
ويا آهن، جنهن ۾ اهي ڏهه مناقبا پڻ ڏنل جملي هڪ سؤ
اٺونجاهه ’معجزن‘ جي قطار ۾ شامل آهن. اسان مناقبي
۾ ”ٿيڻي“ ۽ معجزي ۾ ”اڻ ٿيڻي“ ڳالهه واري اصولي
فرق کي خيال ۾ رکي، مخدوم صاحب جي انهن ڏهن نظمن
کي ’مناقبن‘ طور چونڊيو آهي.
شامل ڪيل مناقبن جي سڄي مواد کي چئن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايو ويو
آهي: (الف) نبي ﷺ کان اڳين نبين جي شان ۾ چيل
مناقبا، (ب) نبي ﷺ جي شان ۾ چيل مناقبا؛ (ج)
اصحابن سڳورن جي شان ۾ چيل مناقبا ۽ (د) ولين جي
شادن ۾ چيل مناقبا. انهن چئن مکيه ڀاڱن کي تاريخي
تسلسل جي لحاظ سان انهيءَ ساڳي ترتيب موجب رکيو
ويو آهي. البته هر هڪ ڀاڱي هيٺ، مناقبن کي شاعر جي
دور جي بدران، مضمون جي سلسلي مطابق، ترتيب ڏيئي
رکيو ويو آهي. مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته مناقبن جو
مدار، نبي يا ولي جي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن
روايتي واقعي سان آهي ۽ انهي ڪري زندگي جي واقعن
مطابق مناقبن کي ترتيب ڏيڻ سان سوانح جو روايتي
سلسلو پڻ سنئون بيهي سگهي ٿو. مثلا ٻئي ڀاڱي هيٺ
نبي ﷺ جي شان ۾ چيل مناقبن کي سندن ولادت کان وفات
تائين روايتي واقعن جي سلسلي مطابق مرتب ڪيو ويو
آهي.
نبيﷺ کان اڳين نبين جي شان ۾ چيل مناقبن مان ڪتاب لاءِ فقط هڪ
مناقبو ”حضرت يوسف جو“ مليو، پر انهي موضوع تي
گهڻا مناقبا چيل آهن جي في الحال ملي نه سگهيا
آهن. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي (ص ص 5، 6، 216) ۾ نبي ﷺ جي
شان ۾ چيل چوونجاهه چونڊ مناقبا شامل ڪيا ويا آهن.
نبي ﷺ جي شان ۾ چيل مناقبن جو تعداد ڪافي جهجهو
آهي، جن سڀني کي سهيڙڻ لاءِ وقت گهرجي. ڪتاب جي
ٽئين ڀاڱي (ص ص 217-345) ۾ اصحابن سڳورن جي شان ۾
چيل چوڏهن مناقبا ۽ چوٿين ڀاڱي (ص ص 346-375) ۾
ولين جي شان ۾ چيل چار مناقبا شامل ڪيا ويا آهن.
انهن عنوانن تي پڻ ڪافي مناقبا چيل آهن، جن کي
وڌيڪ ڪوشش سان گڏ ڪري سگهجي ٿو.
نظم جو نمونو ۽ سٽاءُ
سنڌي مناقبا، بحيثيت صنف نظم جي ’ابوالحسن جي سنڌي‘ ۽ ٻئي
اوائلي ديني ادب جي اثر هيٺ اُسريا؛ انهيءَ ڪري
نظم جي سٽاء توڙي اسلوب بيان ۾، مناقبن تي انهي
اوائلي سنڌي نظم جو رنگ چڙهيل آهي. مثلاً هن ڪتاب
۾ شامل ڪيل ٽيهتر مناقبن مان ستيتاليهه ’الف
اشباع‘ واري قافيي تي چيل آهن، ۽ ڏهه مناقبا ”نون“
واري قافيي تي چيل آهن.[6]
’الف اشباع‘ وارو قافيو، توڙي ’نون‘ يا ٻئي ڪنهن
حرف وارو يڪو قافيو، عربي قصيدي جي اثر هيٺ اوائلي
سنڌي نظم ۾ استعمال ٿيا. ’ابوالحسن جي سنڌي‘ توڙي
”صنف سنڌي‘ وارن ٻين اوائليي نظمن ۾ ’ڪي قافيي‘
کان سواءِ ٻي پڻ هڪ رمز پيدا ڪئي وئي، جو هڪ قافيي
مان (آخر ۾ بنا ’اڌڪ وراڻي‘ جي) ٻئي قافيي جي مَٽ
ڪئي وئي، ۽ اهڙي طرح ساڳئي نظم ۾ هڪ کان زياده
قافيا استعمال ڪري رنگيني پيدا ڪئي وئي. انهيءَ
اوائلي ايجاد جا مثال مناقبن ۾ پڻ موجود آهن. مثلا
’کجور جي ککي واري مناقبي‘ ( ص 157) جي شروعات ’ر‘
جي قافيي سان ڪيل آهي،پر چوڏهن مصرعن بعد بنا ’اڌڪ
وراڻي‘ جي، ’ر‘ وارو قافيو مَٽي ’ن‘ جو قافيو شروع
ڪيو ويو آهي؛ وري ’پکيءَ واري مناقبي‘ ص 185) ۾ پڻ
قافيي جي مَٽ ڪئي وئي آهي حالانڪ ٻئي قافيا ساڳئي
حرف ’ن‘ تي اهن. ساڳئي نظم ۾، جدا جدا قافين جي
استعمال جي انهيي ايجاد مانئي اڳتي هلي،هر قافيي
جي خاتمي واري مصرع جي آخر جي بدران، اڌ ۾ قافيو
آڻي، انهي ’اڌڪ وراڻيءَ‘ جي ڪڙيءَ سان، سلسلي وار
عام سنڌي بيت ايجاد ٿيا. انهن بيتن واري صنف ۾ چيل
جملي ست مناقبا هن ڪتاب ۾ شامل ٿيل آهن[7]،
جن مان (غلام؟) ’رنگريز‘ جو چيل آڳاٽو چيل ٿو
ڏسجي، زبان توڙي بيان جي خوبين سببان هڪ خاص ادبي
اهميت رکي ٿو.
فارسي شاعري جي اثر هيٺ نئين رنگ جي موزون شاعري ۾ جملي پنج
مناقبا شامل ڪيا ويا آهن[8]
جي ’مخمس’ يا ’مسدس‘ صورتن ۾ چيل آهن.
مناقبن جو مضمون
مناقبن جو مدار نبين، اصحابن ۽ ولين جي نيڪين ۽ ڀلاين بابت سُئل
ٻڌل ڳالهين تي آهي، جن مان ڪي تاريخي حيثيت رکن
ٿيون؛ مگر اڪثر عام روايتي درجو رکن ٿيون. ’تاريخي
حقيقت‘ جي بجاءِ ’عام روايت‘ عوام کي وڌيڪ ويجهي
آهي، انهيءَ ڪري ئي اها منجهن عام مقبول پوي ٿي.
’مناقبي‘ جو مقصد آهي ڀلارن جون ڀلايون بيان ڪرڻ؛
پوءِ جيڪڏهن اهو مقصد، ڪنهن ٻُڌل سُئل ڳالهه يا
روايت سان پورو ٿي سگهي ٿو ته عوام جي عقيدي موجب
عين ثواب آهي. عوامي اصولن موجب مقصد، وندر ۽
ورونهه آهي ۽ نه تاريخي تحقيق؛ ”جان جان پسڻ
پرينءَ جو، جان پرينءَ جي پچار“ جي معيار مطابق
عوام وٽ ’مناقبا‘ پرينءَ جي پچار جا دفتر آهن ۽ نه
تاريخي دستاويز بحيثيت ’صنف نظم’ جي ’مداحن
مناجاتن‘ جي ڀيٽ ۾ ’مناقبن‘ ۾ ايتري وسعت يا
رنگيني نه آهي، ڇاڪاڻ ته ماحن ۽ مناجاتن ۾ مرڪزي
نڪتو مدح ۽ تعريف آهي، جنهن جي ادا ڪرڻ واسطي شاعر
لاءِ مضمون توڙي اسلوب بيان جو ميدان نهايت ڪشادو
آهي؛ مگر مناقبن ۾ مرڪزي محور هڪ خاص ڳالهه يا
روايت آهي، جنهن جا ٽاڻا ٽڪاڻا اڳئي نروار ٿيل
آهن، ۽ شاعر کي پڻ انهيءَ ڳالهه کي ورجائڻو ۽
وهڃائڻو آهي. انهيءَ حد بندي هوندي به گهڻن شاعرن
پنهنجي مِٺي زبان ۽ مؤثر بيان سان مناقبن جي نظم ۾
لطف ۽ ميٺاج پيدا ڪيو آهي.
مناقبا نج سنڌي ٻوليءَ ۾ نظم گوئي جو هڪ خاص مثال آهن. جيتوڻيڪ
مناقبا چوندڙ ڪي بزرگ عربي ۽ فارسي ٻولين جا عالم
هئا ته به مناقبن کي هنن نج سنڌي ٻولي ۾ منظوم ڪيو
آهي. انهيءَ جو بهترين مثال مخدوم محمد هاشم
رحه
جا چيل مناقبا آهن، جي سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي توڙي
بيان ۾ سلاست ۽ رواني جو بهترين مثال آهن.
|