سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

 

صفحو :3

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: سندن ڄمڻ وارو[1]

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو[2])

 

اَٺون معجزو لکان ٿو، سو پڻ سڻيجاه،

چيو بيبي ’آمنہ‘، مرسل سندي ماء،

ته جڏهن جائو سپرين، مٺو ماکيءَ ساء،

تڏهن پيو پريندي منجهه سجدي، ڏٺم اکين سان،

پڻ کنيائين هٿ اُڀن ڏانهه، ڪَر گهُري ٿو دعا،

تنهن ساعت پيدا ٿيو ڪَڪر هيڪڙو، اڇو اُپن منجها،

هو روشن سو گهڻو، منجهس آوازا،

هڪ هڻڪارون گهوڙن جون، ٻيا پکين سندس سٽڪا،

تنهن ڪڪر اچي کنيو مون وٽان، وِرنهه مون ويا،

منجهس تنوارون ٿي ٿيون، سي سُيم ڪنن سا،

ته کڻي هلو هن سونهاري سردار کي وٺي اُڀن ڏانهه،

ڪاريو هلائي تنهن کي، سير اُڀن سندس،

حورون جنهن کي جنتي، ڏيکاريو تنهن کان،

جيئن ڪري مشرفق ۽ مغرب جو، سير مڙئي مشاهدا،

وٺي آيو تنهن ڪريم کي، ڪڪر مون مهندا،

آءٌ اندوهيس نڪڻي، پُٽَ پاڪيزي لا،

هنيون حيرت منجهه پيو، جيئن پاسي پرين کا،

جان ڪريان حيلو ڪهڙو، سي محب ڪيئن ملندا،

تان آيو ڪڪر موٽائي، پرين کي ساعت پجھاڻان،

جان نهاريم حضرت محمد ڏانهن، سرهي سڪ منجها،

ته آهينِ سائي پَٽَ جا، مٿن پهرڻ پاڪيزا،

آهي تنهين منجهه ويڙهيو، سو سونهارو شهجا،

ٿا چمڪن منجهان پارچن، پاڻيءَ جا ڦڙا،

ڏنا هئائون پرينءَ کي، غسل ساڻ صفا،

گهڻو سونهارا سڀين پرين، ڪامل جا ڪپڙا، چوڏهينءَ ماهه،

اَپر انهائي اُجرو، سندس پوي شعاع،

مڪو سجھوئي پُر ٿيو، نرمل جي نورا،

مشرق مغرب وچ ۾، ڪيائون گهڻو اُهاء،

تنهن جي سَهائي مون ڏٺا، آڳاها ڏيهڙا،

ماڙيون محل شام جا، پڌرا ٿيا پيدا،

دائي وَٽم جا هئي، نالو سندس ’شفا‘،

عبدالرحمان بن عوف جي، سا سونهاري ماء،

تنهن پڻ چيو پڌرو، مون ويامندي وييرا،

چي، پنڌ چاليهن ڏينهن جو، آهي شام هتا،

پر آءٌ پسان ٿي پڌرا، گهر تڙ شام سندا،

اِيءُ نور پڻ تو منجهان، نِڱيو اهڙو آمنتا،

پڻ ڏٺم سرهو سپرين، خوشبوءِ کستوري کا،

گهوريو مٿانئس گهوريان، چندن ۽ چوڙا،

پسو سڄڻ پانهنجا، صاحب جيئن ڌوا،

پڻ آهي ڪتابن ۾، اهي پچارا،

ته بيبي ’شفا‘ روايت ڪئي ته، ٻيون پڻ ڏٺم معجزو سندو سپريا،

ته جڏهن ڄڻايم هٿن اُتي، سچو محمدا،

تڏهن ڇِڪ ڏنائين هيڪڙي، جھاپي پڄاڻا،

پٺيءَ تنهن چيائون پرينديئي، هي سچا الفاظا:

”الله اَڪبَرُ ڪَبِيرا، والحَمدُللهِ ڪَثِيرا“(1)،

پهريون ڪلام ڪريم جو، اهڙو ڪلاما،

تڏهن سُيم آواز، غيب منجها ”يَرحَمَک الله“(1)،

پر نه پروڙيم ته ڪنهن ڏنو، ڇِڪ جو جوابا،

اِيءَ هيم هينئڙي منجهه ڳالهڙي، مدت مديدا،

ته انها ٿين ظاهر ڪهڙا، عجب احمددا جا احوالا،

جڏهن آيو حضرت رسول تي، وحي رسالتا،

تڏهن اُٺا مون وٽان، مڙيئي شڪ شبها،

آيس پريندي ئي اسلام ۾، مرسل کي مهندا،

پڻ عالمن فرمائيو، جي باني دين سندا،

ته هو جواب ڏيندڙ ڇڪ جو، ملائڪن منجها،

سچا سهج سپرين پرين، سڀني سردارا،

ڌڻيءَ ڌئا عالم ۾، پنهنجا پيارا.

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: سندن ڄمڻ وارو[3]

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو[4])

 

نائون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

جيئن جھاپڻ رات رسول جي، چيو بيبيءَ ‘منتا‘،

ته مون ڏنهن هلي آئيا، اُڀ کان تارا،

مون ڀانيو مون اُي، جيڪس ڪري پوندا،

تان اچي اوُ بيٺم اوڏڙا، اکين کي آڏا،

پَسيو عجب مون ٿئي، پاٺ پرينءَ جا،

پڻ لکن ڪتابن ۾، اهڙي توارا،

ته بيبيءَ ’منت‘ تنهن رات ۾، ٽي مڙس موچارا،

نوُر تن جي نراڙ ۾، گهڻو سونهارا،

سي آيا بيبيءَ جي گهر ڏونهن، هلي ڪري ٻهرا،

هئو هٿ ۾ هيڪڙي جي، ڪوُزو رُپي کا،

پاڻي هو تنهن ۾، سرهو کٿوريءَ ڪنا،

ٻئي کي هئي چلمچي، سائي زمردا،

هو پَٽَ آڇي جو پارچو، ٽئين مڙس سين همراهه،

ماڻهن ڀانئجن صورت ۾، پر مڙئي مَلڪ هئا،

پڻ هو جنهين جي هٿ ۾، پارچو پَٽَ جو جو، او مَلڪ رضوانا،

جو آهي خزانچي بهشت جو، مٿانهين مڪانا،

تنهن ڪڍي مُنڊي هيڪڙي، پارچي منجها،

اَچي رنگ اُجري گهڻو، سونهاري ورن جا،

سا مُنڊي ڌوتائين پاڻيءَ سين، تنهن ڪوُزي منجهان ست ڀيرا،

مُهر هنيائين تنهن سين، مرسل کي ڪُلهن ٻنهي وچا،

نشاني نبوت جي، ڪيائونس پيدا،

لکجي رهيو تنهن مُهر تي، ’محمد رسول الله‘،

اکر چٽا سي پڌرا، ريءَ مس لکيا،

پڻ وٺي ويهاريائين چلمچيءَ ۾، مٺي محمد کان،

غسل ڏنائينس تنهن ۾، ڪوُزي پاڪ ملا،

تيل مکيائينس انگڙين، اکين سرمو پاٰ،

پڻ ڏنائين پرينءَ کي، ڪي ڳجها پيغامات،

ته ڪنجون قلف بهشت جا، توکي بخش ٿيا،

ڏيهه حوالي تنهنجي، تون آهين بادشاهه،

جيڪي پُٺي تنهنجي هليا، سي ميوا ماڻيندا،

۽ جيڪي ڦرندا فرمان کان، سي هاويءَ ۾ هڄندا،

ڏيئي نياپا نبيءَ کي، فارغ جڏهن ٿيا،

تڏهن ٽيئي جھڻا موٽي هليا، تنهين پجھاڻان،

ڪرين تعظيم حضرت رسول ڏانهن، ڪورنش ڪيترا،

ايڏو وَڙ واحد جا، سيد ساڻ ٿيا.

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: سندن ڄمڻ وارو[5]

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو[6])

 

ڏهون معجزو ليکيان، سو پڻ سڻيجاه،

جئن ڄائو جنهين رات ۾، مرسل محمدا،

ڌُٻي ويا تنهن رات ۾، ڪوٽ سندس ڪسريٰ،

جو هو حاڪم فارس جو، ڪافرن منجها،

نالو نوشيروان جنهن جو، آهي مشهورا،

محل سندس ماڙيون، کاڻي ويا لرزا،

مٿان قلعن تنهن جي، جوڏهن ڪنگرا،

”وَبات اَيوان ڪِسريٰ وَ هُوَ مُتَصدَع“[7] پرينءَ پاراهڙا،

ڪسريٰ ماڻهو موڪليو، ڪنهين ڪاهِنَ ڏانہ،

پڙهيو جنهين تورات هو، يهودين منجهام

’سطيح‘ نالو جنهن جو، لکن ڪتابا،

ته چوڏهن ڪنگرا ڪوٽ جا، ڪِري مون پيا،

ڪهو تاويل ڳالهه جو، ڪئن ٿيندي سا،

تان ’سطيح‘ چيو تنهن کي، چٽيءَ زبانا،

چي، هاڻي پڇين ڪهڙي، خبر مون ڪنا؟

تارو کِڙيو آهي هيڪڙو، سونهارن سهجا،

جنهن سندو جهان ۾، هلي هُل هڳاءُ،

آهي نڱيو نور سو، قريشين منجها،

ٿيندو والي ڏيہ جو، نالس حضرت ’محمّدا‘،

ظاهر ڪندو خلق ۾، اَپر اسلاما،

بُت مڙيئي ڀڄندا، ڪافر سڀ ڪڦسندا،

مومن ماريو ڪافرن کي، ولايتون وٺندا،

جئن چوڏهن ڪنگرا ڪِريا، تنهنجي ڪوٽ سندا،

تئن چوڏهن بادشاهيون عالم مان، پڙپنديون تن کان،

ايءِ ڳالهه سڻي ڪاهن جي، ڪافر گوند ريا،

اَپر اندوهيا نڪڻين، ڪَرَ پِيُنِ موت مٿا،

سڻو سونهاري سيّد جا، مومن! معجزا،

پڻ آهي روايت اهڙي، ڪتابن ڪنا،

ته هئا ساري شهر ۾، ڪي رهندا ڪفارا،

منڪر هُئا دين جا، سي بدبخت بيڪارا،

ڪنديءَ تي درياءَ جي هيڪڙي، سي هئا رهندا،

ڊيل جنهن جو وِترو، ارڙهن ڪوهن پنڌا،

سو پاڻيءَ ڀريو هوندو، هئو هميشاه،

منجهس هيون هلنديون، ٻيڙيون ٻارهئي ماه،

پر ڄائو جنهين رات ۾، پيغمبر خدا،

تنهن رات ۾ پيهي ويو، زمين ۾ سڄوئي دريا،

جان رات وهامي ڏينهن ٿيو، تان پاڻي نا پيدا،

ڦڙو نه رهيو هيڪڙو، پڌرو ڀونءِ مٿا،

ڪافر ڪٽڻ پٽڻ لڳا پاڻ ۾، ڪَر مائٽن مُئا،

جي هئا منڪر دين جا، تئن ٿين مُنهن ڪارا،

موليٰ معجزو محبوب جو، ڪيو اظهارا،

”وَساءَ سَماوَت اِن غَاضَت بُحَير تَهَا[8]“ سيد سهڃاڻا،

سو اچي پيهي پاڻي، لنگهيو مماوت منجها،

جا هئي وادي سُڪي پَٽ ۾، ڪوفي قريبا،

نڪو هوندو هو وڻ ٽڻ تنهن ۾، نڪا وسندي واءَ،

ڪوفو تڏهن ڪونه هو، منجهه تنهن مڪانا،

سائينءَ سي وسايا، سڃا ڏيهه صحرا،

هُئي جا تورات ۾، خبر اصل اِها،

ته جڏهن پاڻيءَ ساويءَ جو، اچي نڪرندو ساموت منجها،

ظاهر ٿيندو تڏهن، ختم الانبياءَ،

سا خبر سڄي سچي ٿي، منجهه عالم مشهورا،

آهين موچارا محبوب جا، اهڙا معجزا،

سائينءَ سڳورو ڪيو، مرڪڻ محمدا.

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: سندن ڄمڻ وارو[9]

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو[10])

 

يارهون معجزو لکيان، سو پڻ سڻيجاه،

جئن هئا فارس ملڪ ۾، ڪافي گهڻيرا،

سي ڪندا عبادت پڌري، سندي ڄيري هئا،

اَڌيا هئائون تنهن ماڳ ۾، اُتاهان قلعا،

سي پائي پريان هئائون، ڄيريمنجهارا،

هئا ٻاريندا تن جيرن کي، راتين روز مرا،

ڇڏيا هئائون ٻارڻ اُتي تن جي، ڪمي ڪيترا،

پاڻ اچيو تن ڪوٽن ڪنڌيءَ، هئس ٻاريندا،

هئا هزار ورهن گذريو، تنهين ڄيرن کا،

مور نه هئا وساڻا ڪڏهن، سدا پئي ٻَريا،

پر ڄائو جنهين رات ۾، خاصو خيروريٰ،

ڄيرا اُجهاڻا تنهن رات ۾، فارس ملڪ سندا،

ڦٽي پيا ڦلهيار ٿي سڀ، باهيون ۽ بٺڙا،

ڄيري ٻرڻ ناهه ڪو، جان ڪي ڪن وسڙا،

سائين سندي دوست جا، عجيبا اهڙا،

”وَلنارُ خَامِدَةِ الاَنفاسُ مِن اَسف.“[11] پسو ڪامل جا ڪمڙا،

پڻ آهي ڪتابن ۾، اهڙي روايتا:

ته جھائو جنهن رات ۾، سچو حبيب خدا،

ٿيو نور نبيءَ ڄام جو، ظاهر زمين مٿا،

هُئي صحيح سومار جي، رات سونهاري سا،

تڏهن ’ابولهب‘ جو هو قريشن منجها،

هئي غلام تنهن جي هڪڙي، ناڻي ’ثونية‘ سان،

تنهن اچي ڏني ’ابو لهب‘ کي خاص ايءَ خبر مبارڪا،

ته ڄائو اڄوڪيءَ رات ۾، مير محمد شاه،

ڪامل قريش منجهان ٿيو، پاڪيزو سو پيدا،

ڏيهه ڌڻيءَ ڏات ڏني، جهجهي تنهن کان،

سونهن ساوڻو سائين سهڻو، سرهو کٿوريا،

صورت سونهارو مڙني موچارو، مٺو ماکيءَ کا،

عجب ٿئي عالم کي، پسيو پرينءَ پڙلا،

ڪري ڪريان ڪهي، تنهن جي تعريفا،

ڏسيو نوُر نبيءَ جو، تنهن لهن سڀ شڪڙا،

پيم کير پريند ئي، لڙهي لبنا،

سو پياريم پرينءَ کي، منجهان محبتا،

وٺي آيس تو ڳري، خاص خبر اِها،

سا کيير سڻنديئي خوش ٿيو، ابو لهب اڳيا،

پيس شهد سرير ۾، سڪ پرين ڏانہ،

دين نه هوس دل ۾، پر اوڏي سڱ سببا،

اچي ڪيائين تنهن ساعت ۾، ’ثوبية‘ سان سهنجا،

ڪري اشارت آگرين سين، چيائينس مُها،

چي: تون اڄوڪي ڏينهن آهين، آجي آزادا،

جئن توخير ڏني خليل جي، مون کي صدق منجها،

جڏهن ابو لهب لاڏاڻو ڪيو، ڪن ورهن پڄاڻا،

تڏهن ڏٺس سهڻي ۾، تنهن کي، حضرت عباسا،

پڇيائينس ڪنهن پر آهين، منجهه هن مڪانا،

سَل پنهنجي حال جي، ساري مون حقيقتا،

تان چي ڪوجها ڪيم ڪمڙا، سدا منجهه دنيا،

مور نه موٽيس اسلام ڏونهن، وري ڪفر ڪنا،

تيلانهن ڏک گذاريان، سڀ راتيون ۽ ڏينهڙا،

ساٿ نه لنگهي سک سين، ڪڏهن مون مَٿا،

پر جڏهن اچي رات سومار جي، لنگهي مون اُتا،

جنهن ۾ آجو ڪيم ثوبية کي، ڄائو سڻي ڄاما،

تڏهن رات ۾ ڪرين ڍرو عذاب مون ڪنا،

پڻ جي آهينم هي ٻه آڱريون، آڱوٺو ۽ شهدا،

ڪَيڙي هئم جن سين، گوليءَ کي اصل اشارتا،

جڏهن آجو ڪيم ثوبية کي، سڻي مبارڪ خليلا،

پاڻي پاڪيزو نڪري، تن آڱرين وچا،

قوت ڪريان ٿو پانهنجو، آءٌ اُن مُلا،

مِٺو موچارو سو گهڻو، منجهه سرير سهاءِ،

راحت رسي روح کي، پيئندي آب اُتا،

ايڏا احسان مون اُتي، مير محمد جا.

پر جي چيم ڪلمون ڪريم اُتي، منجهان ئي قلبا،

نه هوند ڏٺا مون پانهنجان، موچارا درجا،

سائينءَ سونهاڻو سپرين، سيد سڀنئا،

ڪنڌيءَ پار نه تنهن جي، سندي فضل ۽ ڪرما،

ڪري جو ڪافرن سين، ورنهه وَڙ وڏا،

سو ڪيئن ڇڏيندو ڇپرين، استي پنهنجا،

شافع جي شفاعت ڏونهن، آهن عالم آس ڀريا،

مرتبو محبوب جو، مٿانهون مڙنئا،

سرور سدائي لاڏڪي، لکين معجزا،

موليٰ مرهي مون ڌڻي! گولن جا گناهه،

ساتر ڍڪي سَتُر سين، عيب عاصين جا،

سڀني سونهارين پانهنجي، ڪري هادي هدايتا،

ميڙئين نبيءَ نوُرسين، آهن عاشق اُڪنڊيا،

مرهين مومن مڙئي، جي ميت توڙي آحيا،

جن کي حب حبيب جي، ٿا ڪلمون چون مها!

لااِلــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

 

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: سندن ڄمڻ وارو[12]

(چيل فيض محمد جو[13])

 

وصف ڪريان واحد جي، جو صاحب ستارا،

جنهن پيدا ڪيو پرت مان، محمد منٺارا،

هو ماهه مبارڪ عرس جو سڳورو سونهارا،

رات روشن قدر جيان، سهڻي سوُمارا،

اُڀريو ماهه عرب ۾، منجهه مڪي جي شهرا،

حضرت هوت حبيب ٿيو، نرمل نروارا،

عيدون ٿيون اسلام ۾، چوڌس چوڌارا،

’مبارڪ مبارڪ‘ ٿي ملڪ ۾، ٿيون خوشيون کينڪارا،

پِرين پاڻ سينگاريو، ٿي هر هنڌ هُٻڪار،

مَلڪن جِنن ٿي پڙهي، ”صلو عَلَيہِ“ صد بارا،

بلبليون باغن اندر، ڪن لاتيون للڪارا،

ڪوئل، ڪبوتر، قُمريون ڪن پرتئون پچارا،

مورنِ مرحبا چئي، ڪَئي طوطن تنوارا،

ڀلي ڄائين ڀرجهلا منهنجا، اڙين آڌارا!

ٿرن برن ۾ جهڳمڳ ٿي، منجهه باغن بهارا،

ضايع ٿي ظلمت وئي، اوندهه اپارا،

سج کان وَڌ سوجهرو ٿيو، چوڌس چوڌارا،

ڪعبي ڪنڌ نمايو، ڏونهن پرينءَ جي پارا،

شمس، قمر ڪارا ٿيا، پسي رونق رهبرا،

ماتم مجوسين ۾ پيو، ڪڙهي ڪافر ٿيا ڪارا،

”وَقَل جَاءَالحَقُ وَ زَ هَقَ الباطِل ان الباطِلَ ڪانَ

هوُقا“ سي آيا اشارا،

هڪ ڏينهن ڏٺم ڪتاب ۾، اهڙو نقل نروارا،

ته ’عامر‘ هو شخص يمن ۾، بت پرست بدڪارا،

سو آيو اُٿي اُن رات ۾، منجهه مڙهي مڪارا،

ڪِرندي ڏٺائين ڪَست مان، بُت باطل بيڪارا،

تڏهن وٺي ويس وجود کي، ڏڪڻي ڏهڪارا،

تڏهن پڇيائين بُتن کان، ڏيو حقيقت هيڪارا،

ته ڪهڙي سبب ٿا ڪِرو، اوهين ڪنڌ ڀر ڪپارا؟

تڏهن بُتن اُت بيان ڪيو، اهوئي اظهارا:

اڄ ڄائو مڪي شهر ۾، محمد منٺارا،

”وَما اَرسَلناڪِ اِلا رحمَت اللعالَمِينَ“ آيو شافع سردارا،

”بلغ العُليٰ بڪمالہ، ڪشف الدُجيٰ بجمالہ“، سهڻو سردارا،

”حسنت جميع خصالہ، صلو عليہ و آلہ“ سو آيو اميرا،

وئي عزت اسان بتن جي، آئي ذلت خوارا،

تنهن کان ڀڄون، ڀورا ٿيون، ڪُٽيون ڪپارا،

عامر اهو احوال ٻُڌي، ٿيو بيهوش بيخبرا،

عشق عربيءَ ڄام جي ڪيس، گهاوَ اندر گهارا،

سو رويو وٺيو ريهون ڪري، نيڻ وهائي نارا،

ته شل پسان اهڙي پرينءَ کي، آءُ هلي هيڪارا،

ڏسڻ سان جنهن جي وڃي، برهه جي بيمارا،

جي مران مِٺي محمد اڳيان، ٿيان سو به سريرا،

عامر ايرادو ڪري، هليو ڏنهن مڪي منورا،

ڪندو ”ووءِ ووءِ“ واٽن تي، ڏيئي عامر .....

سُڏڪا ڀري سڏڙا ڪري، کي مٺي محمد منٺارا،

وڃي پهتو پلڪ ۾، منجهه مڪي جي شهرا،

ڳولي لڌائين گهر اچي، سندو غازيءَ گوهرا،

تڏهن دانهن ڪري در تي ڪِريو، چي آڻيو محمد منٺارا،

ڦَٽ جنهن جي فراق ۾، ٿيا نازڪ ناسورا،

تڏهن ڏاڏس ڏاڍي پيار مان،، آندو سهڻو سردارا،

عامر اُٿيو ادب سين، ڏسي دوست مٺو دلدارا،

هٿ پير چميائين چاهه مان هر هر هزارا،

محبت موهي مست ڪيو، چڙهيس خوب خمارا،

دانهن ڪري پَٽ تي ڪريو، بيهوش بيخبرا،

لڳس سختي ساهه کي، ووءِ ووءِ ان ويرا،

”مُحمد مُحمد“ پڪاري، مري پيو، پساهه ٿيس پورا،

هن اُمت ۾ جو شخص شهيد ٿيو، سو اول عامرا،

مليس شرف شهادت جو، ۽ جنت جاگيرا.

شڪر جو آهيون اُمتي، اهڙي سچي سرور جا،

فائق! ”فيض محمد“ تي، ڪر فضل جا ڦيرا،

عاصي اَپر ڪُل کان ڪثر، هيءُ پازي پينارا،

چئو صلاتون سرور مٿي، جو اڙين آڌارا،

ويندا سي ايمان سين، جن آندو ڪلمي قرارا؟

لااِلــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

 

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: لوليءَ وارو[14]

(چيل فقير محمد ماڇيءَ جو[15])

 

ڪريان حڪايت هيڪڙي، حڪم سان موليٰ،

مون کي قدر ڪانه ڪا، تِر جي توفيقا،

جيڪي لفظ لِسان ۾، پون پاڻ مرا،

ڪي ڳجها لڪل لوڪ کان مخفي مذڪورا،

اِشاري سان عام ٿي، اچن الفاظا،

سڻو مومن تن جو، ڪريان بيانا:

ته بيبي ’اُم سَلمَة‘ روايت ڪري، هيءَ پڻ حديثا،

ته جنهن شب ڄائو مصطفيٰ، حضرت حبيبا،

نڪا اوندهه رات ۾، نڪو چنڊ شُعاع،

نڪو تارو اُڀ ۾، نه ڪتين قطارا،

ساري جڳ جهان ۾، شافع جي شمعا،

آڳ اُجهاڻي ڪُفر جي، ٿيا فنا فرارا،

عالم ۾ اظهار ٿيو، نوري نشانا،

ڀَڳا ڪوٽ ڪفر جا، لُچا لرزيا،

دين اُڌو، درماندگي لٿي لوڪ مٿا،

دائيءَ جڏهن دستين ڪيو، حضرت حبيبا،

تڏهن ’جبرائيل‘ کي مُڪو، خاص خدا،

ته ڪوزو ڪوثر موُن ڀري، وڃ تڪڙو تَعجيِلا،

وهنجاري وريام کي، وهلو وٺي آءُ،

حڪم سان هاديءَ ڏي ويو، ملڪ ’جبرئيلا‘،

کڻي ويو خليل کي، موليٰ جي درگاها،

ڏسي خاوند خوش ٿيو، پنهنجو محبوبا،

مُهر هنئي منور کي، مُلڪ جي موليٰ،

ٻن ڪلهن جي وچ تي، ٿي ظاهر ظهورا،

نيشاني نبوت جي، قادر قدرت سان،

صورت سيد کي ڏني، رب پنهنجي سونهن منجها،

سَگهه ملي سردار کي، قادري قوتا،

نعمتون نرمل کي ڪيون آگي عطائا،

هڪڙي نعمت ’صبر‘ جي، ٻي ’حڪمت‘ حليما،

ٽين نعمت ’حياءَ‘ جي، چوٿين ’شڪر‘ شناختا،

پنجين نعمت ’عقل‘ جي، شرع شريعتا،

ڇهين نعمت ’دين‘ جي، ستين ’محبت‘ موليٰ،

ڏنا ڏيهه رسول کي، آگي انعاما،

نالو محمد مصطفيٰ رکيس رحمانا،

ستر هزار پوش پرينءَ کي، پرور پهرايا،

پوءِ واحد وحي کي ڏنو، حڪم حڪيما،

ته کڻي وڃ محمد کي، مڪي مبارڪا،

وڃي بيبيءَ آمنہ کي ڪر عطا امينا!

ته نپائي نبيءَ کي، پياري پستانا،

پوءِ ملڪ محمد کي کڻي، آيو اُن ويرا،

ڏنائين بيبيءَ کي، جا احمد جي اُميا،

بيبيءَ کي بُبن ۾، وڌو طعامون تيارا،

شِير شَهد سان گڏيو، کنڊ ڀريو شڪرا،

خدمت منجهه خَليل جي، هئي بيبي آمنتا،

ڪڏهن ٿئي آرام ۾، نيڻن ننڊ نوما،

ته ڪندو امر عظيم هو، ملڪ جو موليٰ،

ته لوڏِ هندورو هاشميءَ جو، وڃي تون وحيا!

ته روئي نه محب منهنجو، ٿئي سيد سجاڳا،

متان لڙڪ لهي پون، مٿئون زمينا،

ڀَڄي نه ڀورا ٿئي، عشق جي سببا،

عرش متان ايذاءُ کان، ڦاٽي ٿئي ٽڪرا،

لوڏيندو حضرت کي هو، مَلڪ جبريلا،

۽ پڻ لوڏيندي هئي، بيبي ’حليما‘،

دائي دوست رسول جي، قريشين منجها،

ڏهاڙي ڏيندي هئي، لولي هيءَ لفظا،

خاوند خود اِلهام ۾ پاڙهيس پاڻ خدا:

”عَجَبُ لِلمُحِب ڪَيف ينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

اَلحوض والڪوثر لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

خالِقُ الخَلقِ لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

اللوحُ والقلم لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

الجنةُ والنسار لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

الشمسُ وَالقمر لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

العرش وَ الڪرسي لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

الحوُر وَ المقُصورُ لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

اَلليل و النهار لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

ڪُل ملڪوت لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

اَلجِبال و البِحار لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

اَلسماءُ وَ الارض لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

اليمينُ وَاشمال لاينام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.

ڪُل نوم علي المُحِب حرام، قُم قُم يا حبيبي ڪَم تنام.“

اهڙي مِهر ”ماڇي“ چوي، ڪئي محمد تي موليٰ،

ڪانڌِ ڪميڻن جو قريشي، ولهن وارثا،

ڇڏائيندو ڇيهن کئون، عاصي آگي جا،

”فقير محمد“ جي مصطفيٰ ڪندو، قسمت قريبا،

پاڙي پاڪ رسول جي، شل مرندو مسڪينا،

زاريون هن ضعيف جون ڪندو قادر قبولا،

چئو صلوات رسول شفيع تي، دائم درودا،

ويندا سي اِيمان سان، ڪلمون جي ڪهندا!

لااِلــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: سيني چاڪ ٿيڻ وارو[16]

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو[17])

 

ويهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

جڏهن ڄمار منجهان ڄام جي، ڪي ورهيه گذريا،

ٽي ورهيه هئا، يا ڪنهين چار ورهيه چيا،

ٿي سانڍيا تن ڏينهن ۾، بيبيءَ حليما،

تڏهن هو هيڪاندو مون ميون ڪڏهن ڳڀورن سان،

تان لهي ٻه ملائڪ آئيا، اَڇي ويس اَڇا،

هڪ منجهانِ ’جبرئيل‘ هو، ٻيو ملڪ ’ميڪائيلا‘،

سي ٻئي صورت ۾ انسان جي، آيا احمد ڏانہ،

هو ڀريل ڪوُزو تن سين، پاڻيءَ پاڪ مُلا،

آندو هو آب سو، زمزم کوهه منجها،

تن اچي جهليو نبيءَ کي، ٻين ڳڀورن وچا،

چيريائون تنهن ساعت ۾، پٽ سندو پريان،

ڪڍيائون تنهن ڪيم جو، هِنيون هٿن سان،

پڻ وٺي هِنيون حبيب جو چيريائون وچا،

تنهن کي ڌوتائون تنهن پاڻيءَ ۾، ست ڀيرا،

منجهان نور حڪمت ۽ نبوت جي، ڀريائون تنهن کا،

واري سيتائون تِنهن کي، وجهي کٿوريءَ پيڙا،

”اَلَم نَشرَحَ لَڪَ صَدرَڪَ“[18] قرآن ۾، آهي اشارت اها،

پڻ ڪڍي ڌوتائون مشڪ ڀريا آنڊا احمد جا،

ڌوپيِ واسي ستين ڀَتين، ڪيائون سرها،

واري وڌائون ماڳ اڳئين، منجهه هِنيون ۽ آنڊا،

پيٽ سبيائون پرينءَ جو، سونهاري سهجا،

موُر نه ڏکويو مون پين، مَلڪن جي هٿا،

ڪري ڪوُرنشون ڪريم ڏونهن، موٽي مَلڪ رميا،

سائينءَ پنهنجي پرينءَ سين، ڪروڙين ڪرم ڪيا،

حضرت ’انس‘ فرمائيو، جو هئو صحابين منجها،

ته جڏهن رسالت رسيو، ختم الانبياءُ،

آءٌ آيس اسلام ۾، حضرت محمد مهندا،

تڏهن اسين هئاسون پسندا، اکين سين پڌرا،

اُرهه اتان احمد جي، اثر سي سندا،

سچي ڳالهه صحاٻيءَ جي، سجهي ڪنن سان،

پڻ شرح ۾ ”مشڪوات“ جي، هڪ آهي رويتا،

ته: ايءُ جو ڪڍڻ قلب جو، پيٽ منجهان پريا،

موي ڌوئڻ تنهن جو، پاڻيءَ سين پاڪا،

واري سبڻ تنهين جو، ساڻ ڀري خوشبويا،

سو چار ڀيرا هو، حضرت حبيب سان،

هڪڙو انهيءَ آڻ ۾، جو ڪيم اظهارا،

ٻيو پڻ تنهين حال ۾، لکن ڪتابا،

جڏهن ڏهن ورهن جو هئو، حضرت حبيبا،

ٽيون پڻ آئيو جبرئيل جڏهن پهريون وٺي وحيا،

هئا غار ’حرا‘ ۾، حضرت تنهن ويرا،

سا هئي ستاويهين رمضان جي، ڏينهن سومارا،

تئن پورا چاليهه ورهيه حضرت حبيب کي، هئا گذريا،

’حرا‘ آهي ڏونگر هيڪڙو، مڪي جي ٻهرا،

جبل ’نوُر‘ تنهن کي، ماڻهو چون ٿا،

آهي اتر ۽ اڀرندي وچ ۾، مڪي مشرف کا،

قدر لکيائون ٽن ڪوهن جو، سو جبل پنڌ پارا،

چوٿون تنهن رات ۾، جئن معراج هليا،

مرسل مڪي کان هليو، احمد اُڀن ڏانہ،

هئي سونهاري رات سا، ستاويهين رجبا،

ورهيه ٻاونجاهون هو، ڄائي تنهن ڄاما،

سائينءَ سپيرين سين، واحد وَڙ ڪيا.

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: شام ولايت ڏانهن وڃڻ وارو[19]

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو[20])

 

ٽيويهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

جڏهن حضرت هلايو شام ڏونہ، بيبي ’خديجتا‘،

ڪري همراهه سين ’ميسري‘، ڪارڻ تجارتا،

هو ميسرو غلام بيبيءَ جو، زر خريدن منجها،

تيئن هو پنجويهن ورهن جو، پيغمبر خدا،

چوڏهينءَ ماه ذوالحج جي، هليا مڪي منجها،

اچي لٿا شام ۾، بصره کي ٻهرا،

ڪو لٿو ڪٿهين، ڪو لٿو ڪهين مڪانا،

ماڻهو سندائي قافلي، پکڙي سڀ ويا،

مگر اچي وڻ هيٺ هيڪڙي، لٿو احمدا،

سُڪو سَڙيو جو هئو، سڙيو پاڙ ڪنا،

کُسي پاند پَکَ تنهن جا، ڇڄي پَن ويا،

بيٺي ورهه ورک کي، گهڻئي گذريا،

وڻ ويچاري ڏکڻ ۾، ڏينهن گهڻيئي گهاريا،

جڏهن جنهن هيٺ اچي لٿو، شفيع خيرالوريٰ،

تڏهن وڻ وري موريو، تنهين ساعتا،

سبز ٿيو سو سڄوئي، ٿيس پَن پيدا،

کڙي ٽڙي کٽڻهار جئن، منجهس ٻَهه ٻَهه ٻُور ٿيا،

منجهان ميون ڀرجي، لُڏي ـٽارَ پيا،

ڪِري پون پَٽ تي، چوڏس سي ميوا،

پڻ ڌارئي پاسي تنهن درخت جي، سزا موريا،

صورت ٿي بهار جي، برڪت محمد شاهه،

پسيو مُنهن محبوب جو، جِيئن جال مُئا،

سائينءَ پنهنجي پرينءَ سِين، ڀَلي ڀال ڪيا،

جيئن هئا تنهن وڻ کي اوڏڙا، هنڌ ۽ حجرا،

تتي رهندو هو راحب هيڪڙو، ’نسطور‘ جنهن جو نانءُ،

ماڳ بحيرا جي ويٺو هو، ان جي مئي پڄاڻا،

سو نڪري ٻاهر آئيو، تنهن حجري منجهارا،

اچي ڪيائين ڪورنشون ڪيم ڏونهه، نِوڙي نيازا،

چيائين کي ميسري، پڌرو زبانا،

ته هن وڻ هيٺ نه لهي، ڪو شّص رسولن ڌارا،

مور نه لٿو هيٺ ان جي مڙس ڪو، حضرت عيسيٰ پڄاڻا،

هيءُ پڻ سونهارو سپرين، محمد جنهن جو نانءُ،

سو آهي رسول رب جو، افضل ۽ اعليٰ،

ڀَلو گهڻو ڀَلن ۾، سونهارو سهجا،

نبي آخر زماني جو، خاتم الانبيا.

ڪندو روشن راهون دين جون، ڪامل ڪمالا،

مٿان ورسجو ماڻهئا، ان محبوب مٿا،

ڏٺي مون ’تورات‘، سندي تنهن صفتا،

سائينءَ سڳورو ڪيو، خاص خلق منجها.

موليٰ مون ڏوهاريءَ تي، ڀَلا! تون بخشهءِ،

ڪري نصيب نور نبيءَ جو، شافع شفاعتا،

ميڙئين محمد مير سين، سڀني سٻاجها،

جنهن کي حب حبيب جي، ڪلمون چون مُها!

لااِلــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

 

مناقبو نبي ﷺ جو: شام ولايت ڏانهن وڃڻ وارو[21]

 

ڪريان قصي جي ڳالهڙي، موٽي مذڪورا،

جڏهن حضرت هليو هو ساٿ سان، وٺي مرسل مهارا،

بيبي ماڙيءَ تي چڙهي، حضرت ’خديجة الڪبريٰ‘،

رويو چوي روح ۾، ڳاڙيو ڳل ڳوڙها،

محبت منهنجا سپرين، ٿيا سنگت ساٿيئڙا،

موٽايئِن کي ميسري، سڏي ساٿ منجها،

مخفي چيائين کي ميسري، حضرت ’خديجة الڪبريٰ،

سڻج منهنجي ڳالهڙي، هِنئين جي ڪنن سان،

ٿج خادم ڪج خدمتون، ٻڌي ٻانهون ٻانهن جا،

مڃج منهنجون منٿون، آهن اوهان مٿي احسانا،

ٿورا ٿورا نه چوان، سَؤ سي ڳڻ سندا،

ڀتئين ڀتئين ڀلايون، طرحين تجويزا،

جڏهن محمد مڪي کان لنگهي، ٿئي آڳاهو اکين ئا،

پهرائج پرين رسول کي، ڪڍي ٻيا ڪپڙا،

ظاهر زينت اڳرا، پَرهڻ پٽولا،

تڏهن مَيسري محمد ڪريم کي، سينگاريو صحيحا،

سينگاري سهڻو ڪيائين، مٿي مرڪن موچارا،

پَٽ پارچا پينءَ کي، خاڪا ڍڪايا،

جهڙي وصف وهٽ جي، طرح تجويزا،

چاڙهي هليو اُٺ تي، مٺو محمدا،

جان هلندو وڃي قافلو، مٿي منزل مڪانا،

وڃي ويجها ٿيا شام کي، ڪنهن واديءَ ۾ ويٺا،

اُت توريتي هڪڙو هو، سالڪ ساڪنا،

تنهن صحيح سئو ساٿ جو، غلغلو غوغاءُ،

سڪو وڻ سائو ٿيو، درخت درازا،

پچي پيا تنهن وڻ ۾، معنوي ميوا،

منجهان مڪان سرينهن جي، نڱيو ناگاها،

ڪڪر ڪرامت جو، ڏٺو تنهن ڏورا،

داناءَ ڪيو دل ۾، ايڏو انديشا،

صحيح مرسل ساٿ جو، آهي مالڪ محمدا،

سو ڪيئن سڃاڻجي سپرين، هلي حبيبا،

ڪيائين مهماني ماڻهن کي، پسڻ لئي پريان،

سڀ ڪوٺايائين سفري، سپريان جي سببا،

سي خوش ٿي کِيڻ هليا، همہ هيڪاندا،

وٿن وٽ ويهاريائون، ماڳ تنہ محمدا،

راحب نظر کڻيو نهاري، ساري سڀن ڏانہ،

مرسل منجهن ناه ڪو، مٺو محمدا،

وري پڇيائين ان کان، اهڙي طريقا،

ته ادا! اوهين سڀئي آيا، ڪِ رهيو اوهان مان،

چي، واهي وَٿن وٽ هيڪڙو، آهي اميرا،

اُٺ ساري مال رکي، سهڻو سڀن کان،

تڏهن راحب پنڌ ڪري آيو، ڀلي پرينءَ مهندا،

هٿ ڏنائين هٿ ۾، آندائين گهر ڏانہ،

هلندي حبيب رب جي، جڏوکن پير وڌا،

ڪڪر ڪرامت جا، مولي ٻُهون مُڪا،

اَبر بيٺو دَر تي، پرين منجهه ويٺا،

ويهاري وڇاڻن تي، پڇيائينس خبرا،

ڪير آهين، ڪٿي رهين، ڪڄاڙو تنهنجو نانءُ؟

عارف عربي آهيان، قبيلي ريشي منجها،

پاڙو بني هاشم جو، نالو محمدا.

تڏهن راهب پريندي پيرين پيو، آندائين ايمانا،

راهب وي عرض ڪيو، ڀلي پين مهندا،

پسان مهر نبوت جي، توکي نشاني آ،

اسين اچون اسلام تي، ڪري ويتر ويساها،

تڏهن لاٿو ڪپڙو پانهنجو، ڪامل ڪلهن تان،

پَسي مُهر نبوت جي، لٿس شڪ شبها،

آبرو اسلام جي ٿيس، نعمت نصيبا،

اهڙا معجزا نبي ڪريم جا، لک ڪروڙين پدما،

چئون صلواتون حضرت نبيءَ ڪريم تي، دائم سلاما،

ويندا ساڻ ايمان جي، ڪلمون پاڪ پڙهندا.

لااِلــٰـہ الاالله محمد رسول الله

 

مناقبو نبي ﷺ جو: شام ولايت کان موٽڻ وارو[22]

ساراهيان سچو ڌڻي، جو رازق رحيما،

اُٺ سينگاري سيگهه مان، ڪيائون توڏي تيارا،

حضرت لاءِ هيري جَڙئي هني ساز لڳا،

گل ڦل ڳانين تي ڳُيا، جَڙي موين مهارا،

مٿس بن بناوت جا، سونهن شغدفا،

پَلاڻي پرينءَ رسول لاءِ، ڪيائون تِهرَ تيارا،

مٿس ڪجائو قيمتي، ٻيا جهڳمڳ جا جهوڙا،

چڙهي سرور سوار ٿيو، مٿس محمدا،

جودئون جبرئيل کي، ٿيو الاهي اَمرا،

وڃي سوڙهو ڪر زمين کي، ويڙهي جئن ورقا،

پنڌ پرينءَ کي نه پئي، نه وقت ڪي قدرا،

مُڪو ميڪائيل کي، هادي ڏيئي حُڪما،

وڃ ڇَڄهري ڇانوَ ٿِي، مٺي پرينءَ مٿان،

متان نبي ڪريم کي، پوي طبَقُ ِڙڪي تاءُ،

اُت اسرافيل کي، رب رزاق رحمانا:

ٿيءُ نگهبان نبيءَ ڪريم تي، چونڪي چوڌارا،

تڏهن ٽيئي خاص خدمت ۾، اَدب منجهه اُڀا،

منجهه ڪجائيي قرار هو، سيد سردارا،

نيڻن ننڊ نبي ڪريم کي، هو اکين آراما،

ساٿ سلامت آئيو، مڪي کؤن ٻَهرا،

پسي ماڙيون محل مڪي جا، ٿيو سرهو سردارا،

بيبي ماڙيءَ تي چڙهي، حضرت ’خديجة الڪبريٰ‘،

ٿي نِهاري شام ڏي، ترسيو تَماما،

کِيانتا! ڪا لَنوَ لات، منهنجا اڄ ڪي ايندا؟

پرين جي پرديس ويا، سڄڻ سانڀيئڙا،

اوسيي ارمان ۾، هئي بيبي حيرانا،

تان اوٺي ڏٺائين اُٺ تي، جو پريان ٿيو پيدا،

ڪڪر ڇانوَ ڪريم تي، صحيح اصحابا،

مٿس مينگهه ملهار هو، بادل بهارا،

هيون خاصيون خدمت ۾، دايون بيبيءَ اڳيان

بيهي پڇيو تن کان، اهي طريقا،

ته هيءَ سڃاتو سوار جو ڏٺو مون ڏوُرا،

هڪڙيءَ نهاري ٻيءَ ڏي، چيو چوڄ منجها،

ته آهي مير محمد، جو اڙين آڌارا،

اچڻ سان آجو ڪندو، آن کي احمدا،

ائين ڳالهيون ڪندي پاڻ ۾، گذري ويرم ڪا،

نه آڻي اولٺي اُٺ جهڪايو، دولهه در اڳيان،

ڊوڙيا دربان ايلچي، حاذق هزارا،

خبر ڏنائون ’خديتة“ کي خوب خوشي منجها،

پاي پرسده سرا جي، هلي ادب سان بيٺا،

کِليو کيڪاري مير کي، چوي مرحبا مهندا،

ڀَلا ڀلي ڪري آئين اَجها اُست جا،

مال سلامت ميسرو، ساٿي سڀ سرها،

آليين ڪي اولئين ، چونڪي چوپايا،

ڪڍي خط خليل ڪيو، رهبر روانا،

پڙهي پروڙي خط، جويائين جوابا،

مون گهر مال متاع جي، آهي ڪمي مور نه ڪا،

ڀلي اچي ميسرو، جي وي سک ساڻيها،

اچڻ ساڻ عجيب جي، آءٌ ڪنديس قربانا،

اکين اورڻ اوڏهين، جڏهين جانئيڙا،

سد مسافر سپرين، سي ڪيئن سُک سمهندا،

ائين چوندي اُٺلي بيبي ماڙيءَ ڏانہ،

سدا ڪچهري سيد جي، مرڪن مومنن ٿا،

چؤ صلواتون نبيءَ ڪريم تي، دائم درودا،

ويندا ساڻ ايمان جي ڪلمون پاڪ پڙهندا.

لااِلــٰـہ الاالله محمد رسول الله.

 

مناقبو نبي ﷺ جو: شاديءَ وارو[23]

”و ليڪن عَرَضَتُ نَفسِي عليٰ محمد“ ٿي ڪريان

وِهانءَ لءِ هزارين حيلا،

اسين گهڻو سرها، پر اوکي ڳالهه اِها،

چي: ’ورقہ‘ وڃي ڪر ڪا، ڪُلي تدبيرا،

پر مون کي مصلحت ٿي اچي، هڪڙي حرفتا،

وڃي ’ابو طالب‘ کي چئو، پهرين پنهنجي ڀاءُ،

ته چاچو ڪوٺي گهر پنهنجي، ڏئيس عزت اڪراما،

ڪارئون ڪريو تنهن سين، ويتر وس وڏا،

سروپاءِ ڏيئي تنهن کي، ڪريو مست مخمورا،

وائي ورندي وهانءَ جي، پڇو تنهن پيا،

ظاهر ڪندو تنهن ۾، ڏيندو سڌ سڀڪا،

اچي ڪوٺايو ’عاتقہ‘، ورندو وقتا،

۽ ٻيا اشراف عرب جا، قريشي ڪڙما،

جڙيو مجلس مارڪو، سٿ سونهاري سا،

طعام وڏي تڪليف سان، مٺا موچارا،

روح وڻندا تن رڌا، لحم لذيذا،

کائي کاڄ خوش ٿيا، مڙئي مهمانا،

آندائون انگور انهن لاءِ، شرب شرابا،

پڇيو پيارين تن کي، پُر ڪيو پيالا،

چي موسيٰ سان ڪر مائٽي، نادر نسبتا،

۽ اسين ان ڳالهه جا، آهيون مائل مشتاقا،

تڏهن ’ورقہ‘ چيو مون وڻي، عين ڳالهه اها،

پر ’خديجہ‘ پنهنجي آهي اختيارا،

’ورقہ‘ بيبيءَ سان ڪئي، حقيقت حالا،

تنهن بيبيءَ کي چيو، صلاحت سخنا،

ته جا منجهه مَنهه مارڪي ڪئي، ابا ڳالهه اِها،

ناڪار کان ناموس ٿئي، مون تي ڳالهه جا،

حضرت محمد مان وڏن ماڻهن، پيو نوڙت نيازا،

نسب نادر اڳرو، حسب هم جنسا،

هٿ همت سندا، دل دولهه درياها،

ساڻس سخاوت ۾، ثاني ڪونه سماءِ.

قورقہ‘ بيبيءَ کي چيو، جوڙي جوابا،

سڀ سچي ڪيئي ڳالهڙي، موافق مٿان،

هسن حڪمت ۾، منزل مرتبا،

جنهن سان جڙي ڪونه جهان ۾، عادت افعالا،

ثاني سندس ناهي ڪو، ڀلائي ڀالا،

مگر مال نه رکي مصطفيٰ، دنيوي دست گاهه،

تان ته صورت سيرت اڳرو، ڪنيت ڪمالا،

ڪنهن سين نينهن نه ڪري، دغاباز دنيا،

ايندي ڏسي ڪين ڪي، ڪو مفلس مڪارا،

فقر فاقو تن کي، سڀان ٿيندو سعيا،

جن ٿي خيال ڪيا رنگ رليون ريالا،

بازي بي بقا اُتي، ڇڏي راهه رميا،

اولاڪي اوندهه جا، تن تي تهمت تماما،

”اعلمو انماالحيواة الدنيا لعب ولهو“ مذمت مڪارا،

پوءِ چيو بيبي، ورقہ کي، تون منهنجو مائٽ عزيزا،

رخصت توکي وارثيءَ جي، اٿيئي اختيارا،

اُٿي سگهو ٿيءُ سيگهه ڪر، سڀان ڪين سهاءِ،

موٽي ورقہ آيو، موچاري مجلسا،

عقد ايجاب اُتهين، ڪيائون قبولا،

’خديجہ‘ خوش ٿي، وائي وصالا،

لاهي سکائون شِيرڻيون پاريئون قول ٻڌا،

وفا ڪيائون وعدا، پاريئون قول قرارا،

مڃيل مڃتائون کليون، خير خيراتا،

جُڙيو منهه مارڪو، آيا اربابا،

عرب سڀيئي آئيا، قريشي ڪُڙما،

ويٺا اچي وڏيرا، راڄن سندا رئيسا،

مڙيا سڀئي هاشمي، همہ هيڪاندا،

آندائون انجام ۾، شرط شاديءَ جا،

سارا سُر منڊل وڳا، نفيلون، نوبت نغارا،

دفن ڪيا دلير جي، اوُچا آوازا،

ڏيهه وير جو ٿيو ويرئون تار وهانءُ،

وڳو وڏيءَ قيمت جو، خلعت خوشنما،

شهزاديءَ سروپاءِ مُڪي، بيبيءَ بي بها،

اوُچا ڏنائين گهوٽ کي، قيمتي ڪپڙا،

سوُنهي قريشيءَ ڪلهن ۾، سهڻي سروپا،

پاڳ ٻڌائون، پيچ ڏنائون، ورنهه وَر وڌا،

سونهي صاحب سر تي، دولهه دستارا،

سرگشت سينگاري چاڙهيو، ڏيئي پهرڻ پٽولا،

ڄاڃي هليا ڄڃ سين، گهوٽ وٺي گهر ڏانہ،

سرور سان ’صديق‘ هو، حال ڀائي همراهه،

ڪيا خديجہ ڪيترا آدرڀاءُ اڳان،

ٻائيءَ ٻانهين کي ڏني، سڀڪا صلاحا،

اڄ اَٿانوَ اختيار ۾، منهنجو مال متاع،

ناڻا نادر نقدي، جيڪا جنس جدا،

سڀ پريان تان صدقو، ڪجان قربانا،

گلم، غاليچا، تڪيا توشڪ، دولت دلوچا،

هنڌن هيٺ وڇايا، پلنگ پاڪيزا،

سيج بند ذاتي سون جا، لٽڪن لعل پيا،

مشعل ڏِا مهتابيون، ڪيئي سي قنديلا،

ٻهه ٻهه ڪري ٻاريائون، طرحين تجويزا،

آتش بازيون اُٿيون، تن ڪيا تماشا،

خوشتر پٽن کان ٿيا، چٽبا چانڊوڻا،

جيڪي جائِڦل هوائي ڦريا فانوسا،

جئن وڄ ڪڪڙن وچ ۾، تئن چمڪي چوڌرا،

سؤ ٻانِهين سون جا، ڪيا طبق تيارا،

منجهن مرواريد هئا، ياقوت يگانا،

گهوريئون گهوٽ رسول تان، گوهر گنج خانا،

مرڪي مَنهن مارڪي، آندائون گهوٽ گهران،

ماڻڪ مٿائونس گهوريئون، جئن وسن وڏ ڦڙا،

جاجڪ جيا، لورا لس، پُر ٿيا پينارا،

چارڻ ڀان چڱا ٿيا، مطربہ مڱڻا،

لائون لڌيون لاڏڪي، ورنهه ونيءَ سان،

ڪري ساٺ سهاڳڻين، راڻين رانيو راءُ،

ڪکين ڪانڌ آڻائيو، قريشي ڪريما،

صاحب کي سوکي گهڻي، جا ماڻهن محالا،

ڄاڃي ماڃي موٽيا، ٿي خاص خلوتا،

دف دٻا، در پوريا، لٿو هل هڳاءُ،

سڪي سڄڻ گڏ ٿيا، دلبر دل گهريا،

جي ٿي ساريم سپين، سي سيڻ گڏيا سيڻا،

ٻانهن جئن ٻانهون ٻڌي، بيبي ادب منجها،

ڪيا خديجة الڪبريٰ، تواضع تسليما،

جيڪا مِلڪ منهنجي آهي، قبضي يتيما،

زيور زريون ڪپڙا، جاما جفت جدا،

رڇ روپا، ڪنجها قيمتي، ظرف زبيدا،

باغ باغيچا بنگلا، حويليون حجرا،

گهوڙا ٻيڙا گوهر لئي، سالم سِٽ سڀڪا،

طرحين طعام زرعي لئي آريءَ آبادا،

اُڙدا بيگمون اڳريون، زينت زيادا،

خدمتگارڻيون خدمتي، گوليون غلاما،

دفتر ديوان ڪامورا، نائب نوي سندا

وٿون روح رچنديون، ڪيئن سي ڪمايا،

گهُر مٿانهين گهوريان، ٻهون ٿڪ ٻيا،

سي پريان جي سٽ ۾، مال چڪمدوزا،

هوت هوئِين تون هڪڙو، کوءِ ٻيا خزانا،

بيبيءَ سڀيئي بخشيا، مرسل کي متاع،

مالڪ ٿيو مُلڪ جو، احمد اغنيا،

”وَوَجدَ لڪائيلا فاغنيٰ“ اهڙي اِشارتا،

سڀ ڪڍيائون صدقو، وٺي واٽ خدا،

سڀ ليائين، ڪين ڇڏيائين، هٿ کنيائين، ڦري ٿيا تهڙا،

سوين سائل ڪيترا، عاجز آزادا،

محتاج مسڪين مال مان، پُر ٿيا پينارا،

دولتمند درويش ٿيا، اچي مالدارا،

ڦري تن فارغ ڪيا، خالي خزانا،

وِلهن کي وَلو لٿو، جي ٿي مئا مسڪينا،

ڪين ڇڏيائون ڪونڪو، ڪنهن پر زر مال منجها،

تڏهن بيبي خديجہ خوشحال ٿي اپر اندازا،

کوءِ خزانا کاڻيون، توءِ بن سون رپا،

سک سلامت سپرين، مون کي محب مليا،

جني ڪارڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا،

مون کي ڏيو مبارڪون، کيرون خوشنودا،

دوست دلبر، روح راحت، سڄڻ سانگيئڙا،

آيا سيڻ، ٺريا نيڻ، نرگس نظارا،

لاٿا يار غمخوار، آندوهه اولاڪا،

راحت ڀري راتڙي، وئي تان وچان،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لااِلــٰـہ الاالله محمد رسول الله.


[1]  هن مناقبي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد، سن 1950ع تان ورتل آهي.

[2]  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 5.

[3]   هن منقابي جو متن ””قوت العاشقين“ مطبوع، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد، سن 1950ع تان ورتل آهي.

[4]  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 5.

[5]  هن مناقببي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد، سن 1950 تان ورتل آهي.

[6]   سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 5.

[7]  ڪسريٰ = نوشيروان جو ايوان جو انهيءَ رات وڳڙي ۾ ڏڪندو رهيو.

[8]  خراب ٿي سماوت (وادي)، جڏهن ان جي ڍنڍ ۾ پاڻي سڪي ويو.

[9]  هن مناقبي جو متن قوت العاشقن“ مطبع، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد، سن 1950ع تان ورتل آهي.

[10]  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 5.

[11]   اهه جا نفس سي ته وسامڻ وارا آهن. هتي افوس ان سال تي!

[12]   هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي تنڊي الهيار) مان، يار محمد مهاڻي جي قلمي ڪتاب تان ورتل آهي.

[13]   فيض محمد ”فيض حيدري“ ولد امام بخش ڪيريو، سن 1922ع ۾، ڳوٺ ٽنڊي حيدر، تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو. کيس شعر و شاعريءَ جو شوق ماتليءَ ۾، پير رفيع الدين شاهه جي صحبت سان مليو. مولودين جي محفلن ۽ شغل جي ماحول سببان مداحون ۽ مولو چيائين. سندس موزون ڪلام به ڪيتروئي چيل آهي. هن وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ ماستر آهي.

[14]   هن مناقبي جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

[15]   حاجي فقير محمد ولد فتح خان ماڇي، ڳوٺ دڙا ماڇي، تعلقي ڪڪڙ جو رهاڪو هو. عربيءَ ۽ پارسيءَ جي تعليم پاٽ ۾ ورتائين. پهريائين ٻار پڙهائيندو هو، پر عمر جي پوئين وقت ۾ رڍون چاريندو هو. 60 کن ورهين جي ڄمار ۾، سن 54-1355هه/ 38-1939ع ڌاري وفات ڪيائين.

[16]   هن مناقبي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد، سن 1950ع تان ورتل آهي.

[17]   سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 5.

[18]   ڪيئن اسان نه کوليو، تنهنجي سيني کي تولاءِ.

[19]   هن مناقبي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد، 1950ع تان ورتل آهي.

[20]   سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه، ص 5.

[21]   هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي ڪتاب تان ورتل آهي.

( + شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

[22]   هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار مان) يار محمد مهاڻي جي قلمي ڪتاب تان ورتل آهي.

+ شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

[23]   هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

+ شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org