سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

باب: -

صفحو :14

 

مناقبو مخدوم نوح رحه: احمد دمائيءَ جي خواب وارو[1]

(چيل ملان يعقوب هالائي جو)

 

سرور سخي سلطان تون، بَهر هُديٰ برهان تون،

مَلڪــٖـين صفت انسان تون، اَن َّ سِر ّ هي امڪان تون.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

وحدت نيمُن تي ٿي وَســٖـي، پر تئون اچي پِڙ جو پَســٖي،

دارين ۾ هردم هسي، بد نيڪ هو جيڪو ڪَســٖـي.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

هالن ڌڻي ڏس حال تون، بيڪس اتي ڪر ڀال تون،

پئي ڪو ڪرين پئمال تون، اسلح ڪرين اطفال تون.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

هالن ڌڻي هي حال ڏس، بَهر ِ خدا پئمال ڏس،

بي وجقهه بي اطفال ڏس، عاصي سندو احوال ڏس.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

هالن ڌڻي! ڏس حال هي، گهوريان مٿانهين جان جيءُ،

هن حال ۾ همراهه ٿيءُ، راسخ ڪرين هيءُ راس ريءُ.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

جيڪي جڏهين نڪتا جَڳا، پَههَ ســٖـي پَسِي بيهد ڀڳا،

لائق اچي تو لڙهه لڳا، ٿي توڙ سينءَ تن جي تڳا.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

تنهنجا مناقب مون ڏٺا، مشفق پِرين ماکيئو مٺا،

چندي چوان چيزا چٽا، سائلڪري هيءُ ڇا سِٽا.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

لائق آئيو لشڪر ڪڏهن، هرگز مڙڻ جو نه هو هڏهن،

جانب خير پِيَوَ جڏهن، آيت رقمان پڙهيوَ تڏهن.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

مُٺ خاڪ مان اُت آن کنئي، منهن سامهون اُن جي هَنئي،

جهڙ مينهن ٿيو پريندي پَهي، رند راهه ان جي سڀ رهي.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

”احمد دمائي“ نقل ڪيو، شب خواب جو ٿي ائين چيو،

روز حشر محڪم ٿيو، ڦُڙ تان لنگهڻ سڀني پيو.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

 

دلبند اُت دستا ٿيا، پنهنجا وٺيو سڀ ٿي وَهيا،

ڇا آنبياء ڇا اوليا، قادر ڪرم ڪل سا ڪيا.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

ات ڪامل قدم ڊيگهاريو، سڀ ٿي لنگهايئين ساريو،

چُستون چيڪڻ مان چاڙهيو، طالب پنهنجا تاريو،

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

آواز از عيبي ٿيو، سڀئي لنگهيا ڪو آهه ٻيو؟

اُت بنعــّمت الله نظر ڪيو، هاتڪ کي هاتف هينءَ چيو:

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

خادم منهنجا لنگهيا سڀئي، باقي لنگهايان ٿو اُهي،

جي آيا زيارت ڪاڻ سي،هڪ واريان ’سومار‘ سي.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

احمد دمائي نه آيو ڪڏهن، اي خواب ٿيو تنهن کي تڏهن،

پيرين اچي پيڙو تڏهن، هيءُ ڪيئن ڇڏين ههڙو هڏهن،

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

بَينئون اُتي تون آهئــٖـين، ڇيهئون اچيو ڇڏائيــٖـين،

لَهريون ۽ لڙ لنگهائيــٖـين، پنهنجا نه ڪئن پهرائيــٖـين،

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

 

آءٌ اوهان جو آهيان، ٻئي در وڃي ڪئن ڪاهيان،

سينو ڀلا ٿو ساهيان، سگ سروري ٿو چائيان.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

مشفق محب هالن ڌڻي، عاصين سنديون آزيون کڻي،

آگي ڪيو اُوچي آڻي، شيطان ڪر پرزا پَڻي.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

سڀ لاڙ، خادم تو سندو، سِرو حڪم جو ٿيو بندو،

شرقين تي تنهنجو تندو، تعريف هيءُ ڪهڙي ڪندو.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

سڀ لاڙ، خادم تو سندو، سِرو، حڪم جو ٿيو بندو،

شرقين تي تنهنجو تندو، تعريف هيءُ ڪهڙي ڪندو.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

هنڌ سنڌ ڇا عرب و عجم، پابند ٿيو پورب پڇم،

ڪنعان تي تنهنجو قدم،در دست ٿيو لوح و قلم.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

سج چنڊ مٿاهين گهوريان، ٻيا ڏيهه وڃي ڪئن ڏوريان،

سڀ ڏک اوهان سين اوريان، ڪنهن کي تُري سان توريان،

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

 

ڪُوڙا ڪئين ڪوجها ڪنا، تو در اچن چليو چِنا،

تون ڏانَ سڀني کي ڏنا، آءٌ ڀي اوهان کان ٿو پِنا.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

سڀ ڏات ڏاتر کان ڳِنهي، ڳڻ تو سندا هيءُ ڇا ڳنهي،

پينار پنج ڪم ٿو پني، ڏاتار! ڍاپي تو ڏني.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

اول پنان ارشاد ٿئي، ايمان جو امداد ٿئي،

از دين دولت دان ٿئي، صالح عمر اولاد ٿئي.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

جيڪي پلئــٖـي تو پير جي، اعليٰ اثر اڪسير جي،

ڀوَ کان ڇٽا سي ڀيڙجي، صدقي محمــّد مير جي.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

حضرت مخدوم محمــّد امين، سُجاد ٿيو مسند نشين،

’يعقوب‘ چوي مرشد يقين، صدقئون پنان دنيا و دين.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

مادح ”ملا“ چئي آءُ ميان! توکي ڏسيو جانب جيان،

کنڊ کير پرتئون ٿيو پيان، ڪلمون پڙهي شل دم ڏيان.

مخدوم سرور نوڻ نر!

ڪامل قريشي ڪرم ڪر!

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

ضميمو

 

فقير رمضان واڍو

 

فقير رمضان واڍو پٽ سهمير پٽ صالح شهميراڻي لاکو واڍو، پنڃموري تعقلي هالا جو رهاڪو هو. هو هڪ وڏو سگهڙ، شاعر ۽ ذهين شخص هو. مڪتبن جي تعليم حاصل ڪيائين، پر علم کان سندس عقل گهڻو هو. ٻُڌ سُڌ جو وڏو وکر وهايائين. ڪافيون ڪلام گهڻا چيائينس، پر سندس مولود ۽ معجزا سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول پيا. سندس پنهنجي تحرير موجب ”مداحون، معجزا ۽ مولود چيائين جي ملڪن ۾ مشهور ٿيا“. پندرهن ٻولين ۾ غزل چيائين. اسي (80) پنهنجا ڪتاب تصنيف ڪيائين. سنه 1270هه يا ان کان ڪجهه اڳ ڌاري ڄائو ۽ سنه 1330 هه ڌاري وفات ڪيائين.

 

 

 

انوکن لفظن جي پٽي

 

نوٽ: ڏنگين ۾ ڏنل انگ متن جا صفحا ڏيکارين ٿا. فعل جي اصلي صيغي کي ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي.

 

الف

آجڪو (آجڪا 260) ثمر- توشو. قوت.

آراڌو (آراڌا 253): علحده- جدا. انوکو.

آرَڻ (284): جنگ- لڙائي.

آڪَر ڏاڪَر (258): خوفائتو آواز.

آڳاڙين (201) آڙين جو آڳہُ.

بي وسيلن جو وسيلو.

آن ۡ (3): اوهان.

آنہ (361): هائو.

آهيرو (187): آکيرو.

آءِ (315): آهي.

آئين (361): اوهين.

اُبَهَڻُ (اُبهوا، اُبٺو، 79): بِيهڻ.

اُڀِيڻُ (اڀيو 216): بيهڻ.

اَتاڳو (235): حيران- پريشان- وائڙو.

اُتَڻُ (اُتو 59): چَوڻ. جواب ڏيڻ.

اُٺا(35): وسيا.

اُپٽائڻ (اُپٽايا 32): پَٽائڻ- کولائڻ.

اَپر (32) تمام گهڻو

اِنِهان (8): انهن کان.

اَنهِنجو (اَنهنجا  25): اوهان جو.

اُنِين ِ (10): اُنهن.

اُو (111، 2701): اُهو.

اوباهو (370): ڇوٽڪارو- نجاب.

اوتارا (29): نازل ٿيل ڪتاب- صحيفا.

اوٿَپَ (257): سوڄَ (اکين جي).

اوڏهم (358): اوڏهين.

اوڍَرَ (158): پَردو- ڍَڪ- پوش.

اُورَ (308): ڪاههَ- حَملو.

اوراڻا (78): لوليون.

اُورَڻُ (60): تانگهائڻ. سِڪڻ.

اوڙَڪ (233): بي انتها- حد کان ٻاهر.

اوکُ (211): اوکائي- اهنجن.

اوڳاڇقڻُ (اوڳاڇي 270): اُلٽي ڪري ڪڍڻ.

الادڪو (63): سختي- تڪليف. اوسيڙو- انتظار.

اولانڀو (اولانڀا 224): طعنو- مهڻو.

اُهاءُ (30، 989): سوجهرو- چمڪاٽ. تجلو.

اُهڃ (75): نشان- اُهڃاڻ.

اَهِلائِڻُ (اَهلايس 263): ڏڪائڻ لوڏڻ.

اَئِن (196، 244): اوهين.

ايلاز (127): علاج، منٿون.

مشڪل ۾ مدد ڪرڻ

ٻَر ٻَر (80): هاءِ هاءِ- افسوس.

ٻَڙهه لڳڻ (ٻڙهه لڳي 170): ماٺ ٿيڻ. چُپ ٿيڻ.

ٻِن ڏيڻ (ڏيئي ٻَن 217): کڏ ۾ وجهڻ. تَرڪ ڪرڻ.

ٻَهار (248): ٻاهر.

ٻَهه ٻَهه (54): ٻَهَڪندڙُ.

ٻَهڄاڻ (253): گهڻو ڄاڻندڙ- سُڄاڻ.

ٻَهڪُڻُ (ٻهڪي 115):ٽِڙَڻُ- خوش ٿيڻ.

ٻَهڳُڻ (1، 268): گُڻوانُ- گُڻائتو.

ٻَهُون (21، 57): گهڻو.

ٻــٖـيسَٽ (247): ٻِسَٽ- آرپار.

ٻــٖـيلِيپو (ٻيلسيپا 35): مدد- همراهي.

ٻِيهرا (118): ٻيو دفعو.

اُڌَڻُ (اُڌو 47) وڌڻ. اُسرڻ.

اَربيلو (123): البيلو- لاڏلو.

ارٺون (137): انگل آرا- ناز نخرا.

اُڙدا بيگمون (66) ٻانهيون- نوڪرياڻيون.

اُزم (240): جوش.

اُسرَڻُ (اُسريو 356): اڀرڻ. اُسهڻ.

اُسهَڻُ (اُسهيو 17): روانو ٿيڻ.

اِڪارها (359): يارهن.

اڳري (2) وڌيڪ- زيادهه.

اڳياءُ (255): مهندان- روبرو.

اڱرا (111) انگڙا- عضوا.

الغار (265): يلغار- مُلهه.

اُلَنڀو (اُلنڀار 246): چِڀي- اُلو.

اُلهَڻُ (اُلٿو 9، اُلهي 212): لَهَڻُ- غروب ٿيڻ.

اُلــٖـيلَ (اُليلون 134، 351): اُڇل، اُڌمو. ڇِڪق. چاهه- شوق.

آلي وڃن (138): ڦري وڃڻ. ڪوڙ ڳالهائڻ.

اُنفُ (366): نڪُ.

انگڙا (12) عضوا.

عاجزيون.

اِبهم (358): اِئين. اِهو.

ب

باڪو (باڪا 175): بهادر. بيپرواهه.

بانُ (316): تِيرُ- ڪانُ.

بَتائِڻُ (بتايو 336): ڏَسڻ- ٻُڌائڻ.

بَرهارو (29): پاڻيءَ جو چاڙههُ. درياءُ جو چاڙههُ.

بُزدار (210): ٻڪرار.

بُونڀو (بُونڀا 240): لاٽَ (دونهين جي).

بقهُتِي (311): گهَڻي.

بَهرو (337): حصو- ڀاڱو.

بَيبان (104): بيابان- رڻ پَٽ.

بِير (181): کوهه.

بَينش (199): بحث- تڪرار.

ٻ

ٻاجهَئُون (300): کان سواءِ.

ٻاڻُ (96): تِيرُ.

ٻُٽجَڻُ (ٻٽجي 130): بند ٿيڻ- ٻوٽجڻ. ماٺ ۾ اچڻ.

ٻَٺڙو (ٻٺڙن 216): جانور جو کير پياڪ ٻچڙو.

ٻڏُن کي ٻانهون ڏيڻ (170):

تار (108): کجيءَ جو وڻ.

تاري (250): فضل- ڪرم.

تَجلارَ (233): تَجلا- چِمڪا.

تَڏ (88): تڏهين.

تُرم (241) جيل- قيد.

تُربُن (354): گهوڙين.

تَڪَ (274): ٽُڪر.

تِڪا (160): ٽُڪرا- ڳَڀا.

تڳا (250): تِڳاءُ- جياپو.

تُمانُ (286): طومان- ٺَٺُ.

تَنهه (5): تنهن.

تَڻَڻُ (تڻي 242): ڇِڪڻ- ڪَشڻ.

توشو (133): ثمر.

تُونگُ (290): وڏو تلاءُ.

تِهان (9، 144): تنهن کان.

تِهَر (59): تنهن مهل.

تَهلَ (274): تهتا- جهٽ پٽ.

تــٖـي (288): تڏهين. تــٖـيلانهن.

ڀ

ڀارَ (363): ڀائُر.

ڀَڀڪَڻُ (ڀڀڪي 29): وَڄڻ.

ڀُلڪار (347): سختي- پِيڙا.

ڀُڻَڻُ (ڀُڻن 202): گهُمڻ- رُلَڻُ.

ڀَونچُ (278): وڏن وارن وارو- ڀوُنش. خوفائتو.

ٽ

ٽڳا (369): ڌاڳا (فقيراڻا).

ٽِمڪا (233): ٽِمڪو- جهڪي روشنائي.

ٽول (24): شيءِ- وَٿ.

ٿ

ٿاهر ٿوب (158): ڏڍ- دلجاءِ.

ٿَرٿَرائڻ (ٿرٿرايا 238): ڪنبائڻ- ڏڪائڻ. ڊيچارڻ.

ٿَڦَ (328): چماٽ.

ٿقل (238): ريگستان- ر ِڻ.

ٿَم (144): اَٿم.

ٿوڪ (66): شيءِ.

پ

پُرَڻُ (پري 182): هَلڻ- پنڌ ڪرڻ.

پَرو (279): قطار.

پَروار (269): پر گهور لهندڙ.

پَرهڻ (56): پوشاڪ- وڳو.

پِرياڻ (24): تجويز- ارادو.

پَڙهو پَٽ و ِجهڻ (29): مُلڪان مُلڪ مشهور ڪرڻ.

پَسَهُون (359): ڏِسُون.

پاٻوهِڻ (پاٻوهيو 201): مشڪڻ. پيار ڪرڻ.

پاٺ (36): ڳائيندڙ- ساراهيندڙ.

پاڇويو (97):پاڇو. ٻاجهه.

پارک (21): پارکو. هوشيار- ڏاهو.

پاکر (353): خلعت. بخشش. ڏاڻ.

پانوَ (79): عاقل. بهادر.

پاڻ مُرا (47): پاڻ مُرادو.

پَٽولا (56): قيمتي وڳا.

پَچارو (330): ذڪر- بيان.

پَر ِ (187): ريت.

پَرڀُونءِ (303): پرانهون ملڪ- پرديس.

پِرتو (277): ڪِرشمو.

پرٿِڻِي (234): ڌرتي- دنيا.

پَرڏر (273): بهادر- ڪوپو.

پُرس (پُرسا 182): ماڻهو- شخص.

پَرمل (25):  خوش خلق. پيارا.

پَرنَڻُ (پَرنِج 257): حوالي ڪرڻ- سُپرد ڪرڻ.

پَڻِي (191): مِٽي.

پَهَتُ (187): تجويز- صلاح.

پَهَرڻُ (پَهريو 2): ڍڪڻ- اوڍڻ.

پَهَس (پَهسا 77): اوچتو.

پَهَڻُ (پَهيو 181، پَهِي 254): مصلحت ڪرڻ- رٿ رٿڻ. اندر گهڙڻ.

پِيلَڪ (267): ڪاههَ.

ج

جَڏ (28): جڏهين.

جِڪَس (241): جيڪس- شايد.

جَکَ (311): ساڙ- خار.

جَلاوَت (262): تيز- جوشيلو.

جقنجيرو (118): زَنجِير.

جُنگُ (194): بهادر- سورهيه.

جُوٺ (91): ڪُوڙ.

جودئُون (59): جلدي مان- جهٽ پٽ.

جُوسي (263): مَجُوسِي- گَبر.

جَوَ هار (353): جَواهر.

جِها (196): جهڙا.

جِيڻو (12): ساڄو.

ڄ

ڄــٖـيرو (41): باهه.

جهه

جهَڙڳ (266): جنگ- لڙائي.

جهَلڪارَڻُ (جهلڪايا 217): جهلڪا ڏيڻ- چمڪاٽ ڪرڻ.

جهلڪارو (218): تجلو- چمڪو.

جهِمَڻُ (جهمن 220): وَسَڻُ- ٽِمَڻ.

جهُونجهار (243): مانجهي- بهادر.

ج

جاٿــٖـي (202): جِتي.

جاجِڪ (65): فقير- منگتا.

جاڪُون (260): جڏهين کان. جيستائين.

جالَ (55): جامَ- گهڻا.

جالار (231): جهجهو.

جانڪيتان (164): جڏهين ڪر- جيستائين.

جُٺيارو (127): جُٺ جي لائق.

چارا چِٽَ (306): ظاهري نشانيون.

چار ِي (328): دشمن. جاسوس.

چائِڻُ (چائــٖـي 131): کڻڻ.

چِٽائو (28): سوجهرو.

چُرٽو (295): لُچ- بدمعاش.

چِرڪ (3): زخم- گهاءُ.

چوڄ (60): پيار- قرب.

چوڌر (251): چوڌاري- آس پاس.

چورنگ 266): پهلوان.

چوڪَڻُ (چوڪيا 237): خبردار ڪرڻ.

چوگان (255): ميدان.

چُوڻو (133): چوڳو- قُوت.

چَهه چَهه (284): چهڪن جو آواز.

چِيدا (121): چُونڊ.

ڇ

ڇاڙُن (175): ٽارين- لامن.

ڇَڇڪار (231): ڇولين جو آواز- ڇاڇول.

ڇُلَڻُ (ڇُلي 245): ڇُلڪڻ.

ڇَمر (24): هلندڙ ڪڪر (جو اس ڇانو ڏيکاري).

ڇولِڻُ (ڇولي 3): رلائڻ- ڀٽڪائڻ.

ڇُوڇاٽَ (245):

هه

هاٻو (279): گوڙ.

هاتڪ (78) : حاذق ــ عاقل.

هاتنگ (286) : هاتڪ ـــ حاذق. بهادر.

هالاڻو (133) : لاڏاڻو ــ وفات.

هائِي (27) : مصيبت. دوزخ.

هَڄَڻُ (هَڄِي 27) : پيڙجڻ. سڙڻ.

هڏهين (282) : هرگز. مُور. پٽيءَ.

هَس ڦَس (244) : تڙ تڪڙ ۾.

هُشناڪ (252) : خبردار.

هُلچو (279) : هُل. گوڙ.

هُل هُڳاءُ (38) : ذڪر. بيان. ناموس.

هِنان (218) : هن کان.

هول (273) : ڊپ. هراس.

هيڪاندا (363) : هڪڙي هنڌ. گڏ.

هيڪڙو (366) : هڪڙو.


[1] . وچولي (تعلقي هالا) مان حاجي برادي مولودي درگاهه سروري هالا کان ملي. مولانا احمد دمائي ويٺل ديهه دمهه لڳ سڪرنڊ مشهور عالم ٿي گذريو آهي، جنهن جي خواب ڏانهن شاعر منقابي ۾ اشارو ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org