سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

باب: -

صفحو :11

 

مناقبو حضرت علي عه جو: ميلڪ ڪافر وارو[1]

(چيل عثمان ڪلهوڙي جو[2])

 

الله جَل جلالہ، ساراهيان سبحان،

جو پنهنجو پاڻ ڪري، رضائون رحمان،

نالو شهر ’شير ڳڙهه‘، طرفئون ’ترڪستان‘،

’ميلڪ’ هئو مُلڪ ۾، شر وڏو شيطان،

ڪوپو هو تلوار جو، وڏي تاب تمان،

شانئون پنهنجي شان، ٻئي تي نظر نه ڌري.

 

ٻئي تي نظر نه ڌري، تائـٖـي تان تڪبر،

ماراڪا ميلڪ سان، هئا سڀ هيڪر،

ماٺ ڪندي مجلس ۾، پيئي هيءَ خبر،

ته، مديني ۾ مصطفيٰ، آهي نانءُ محمـّـد نر،

جنهن دُرس وهايو دين جو، زبر زوراور،

ساڻ سورهيه ڪيترا، آهن ڪوپا قداور،

مرتضيٰ موليٰ علي،، اڳيئونس آهي اڪبر،

هاتنگ ٿو هلان ڪري، ڪنهن شاهه پر شهر،

سو قلعا سلڻ قهر، ڀڃي لوڙهي لوهه جا.

 

ڀڃي لوڙهي لوهه جا، سورهيه سوڀارو،

متان الاجي اسان کي، وير ڏئي وارو،

ناهي مناسب مارڪن، ويهڻ ويسارو،

ڪوهه ڪيڏرو سنبهي سورهيه سان ڪيو.

 

سنبهي سورهيه سان ڪجي، ڪره ڪيڏارو هاڻ،

سورهيه جي رنگ راند مؤن، ڪنهن نه بچايو پاڻ،

وڏو ڪٽڪ ڪفار ڪيو، پر ۾ هي پِرياڻ،

ارڙهن لک ڪٽڪ جا، هئا ستر پهلوان ساڻ،

ٻيا به اُڙد پاڻ، ميڙي مڙيئي هليو.

 

ميڙي مڙيئي هليو، دهه مؤن ڌنڌاگير،

مڙي چون ٿا ميلڪ کي، ڳيئون هيءُ وزير،

پُڄڻ پاهت ناهه ڪو، ساڻ مديني مير،

اهڙا اُڙد امير، حيدر هزارين ڪُٺا.

 

حيدر هزارين ڪُٺا، خاني خان ڌڻي،

پوندو ڪُل ڪٽڪ ۾، ڪندو ڪيچ هڻي،

جيڪا مصلحت تو ڪئي، سا اسان کي به وڻي،

پر لشڪر پور صندوق ۾، پائي پاءِ پڻي،

باڪا! بار کڻي، وڃي ويهه شهر جي ٻهرون.

 

ويهه شهر جي ٻهرون، روءِ سوسداگر رنگ،

وڙهج وجهه ڏسي، سورهيه سان ڪنهن سَنگ،

ائين جُڙي جنگ، متان هٿ حيدر جي اچين.

 

هٿ حيدر جي اچين، وڙهيو ويساهـٖـي،

ٿيو صورت صوداگر جي، ڏاهب ڪئي ڏاهي،

ملڪ مديني آئيو، ڪست منجهئون ڪاهي،

لشڪر صندوقن مان، لڳ ويٺو لاهي،

لڏ ويٺو لاهي، بار شهر کي ٻهرون،

 

پوءِ پيهي منجهه شهر جي، پڇي حيدر ڪرار،

ماڻهن چيس مرتضيٰ، اَٿي ڪونڌ ڪندار،

مسجد ۾ مصطفيٰ وٽ، اَٿي ويٺو ڪنهين وار،

اچي پيو پيرين پاڪ رسول جي، خام ڪري کيڪار،

ميلڪ ماڻڪ ڇوڙيا، منجهئون ڪوٽ ڪفار،

سي نذر رکيائين نبيءَ جي، سرس اڳيان سردار،

حسن شاهه حسين هئا، اُت حاضر ٻئي ٻار،

کڻي هنج حبيب ڪيا، ٻئي پاڪ پيار،

سر چُمي سونهار، ڏنا گوهر گوهرن کي کڻي.

 

ماڻڪ ڪري مُٺ ۾، ٿيا خوش ننڍا نينگر،

ٻئي ٻاهر نڪتا، گهور ڪري ڏنهن گهر،

تي ميلڪ موڪلائي هليو، نيڪ نبيءَ کؤن نر،

سج لهي ويو سير ۾، پنو تن کي پهر،

نال هلو مون نينگرو! هن هنڌان هيڪر،

جاءِ تنهن جيڪر، سهسين ڏيانوَ سوکڙيون.

 

سهسين ڏيانوَ سوکڙيون، ميوا ڍيرئون ڍير،

ڪل نه هئي ڪُوڙن سندي، انهن ويڌن وير،

ساڻ تنهن مؤن سير، ڪامل ڪڍ لڳي ويا.

 

ڪامل ڪڍ لڳي ويا، هنر ڪري ويس هـٖـي،

صورتوند صندوق ۾، سوگها ڪيا سـٖـي،

چاڙهيو اُٺ تي وڃي، ڏاهو مُلڪ ڏي،

ڪل نه ڪنهين کي، ته پُٽ حيدر شاهه هيڏي ويا.

 

ٻڌيو اُٺ تي ٻالڪا، ڌتيو وڃي ڌار،

پُرهه پراهين پنڌ تي، وسون وڏي پار،

مادر ڪارڻ ٻار، وري واجهائين پوئتي.

 

شهزادن جي شهر ۾، ڪل ڪنهين ڪانهي،

مادر ليکي ننڍڙا، هوند عاقل آستاني،

ته هوندا هوت حبيب ڏي، دادلا داني،

الله شل آڻي، محبوب مون گهر پٽڙا!

نينگر ننڍڙا نڪڙا، ٻڌيو وڃي ٻار،

سي ٿا ڪن سَڏڙا، ڪو ساڻي ٿئي هن وار،

ڌتيو ڌاڙي ڌار، هن جو ساٿ هنيو وڃن.

 

شهزادن جي شهر  ۾ ڪل ڪنهين ڪانهي،

فائق چيو فاطمہ، هوندا نرمل سان ناني،

احمد چيو اتهين، ويا خان پنهنجي خاني،

اهڙي ارڪائي، صورتوند نه ساريا.

 

صورتند نه ساريا، فائق فڪر ڪيو،

گهمي گهتي گهر سو، آيو ٻار ٻيو،

ڪهڙو قهر ٿيو، لائي اوير اسان جن.

ٿي درماندي دل ۾، تنهن ساعت سائي،

مسجد ۾ مصطفيٰ، وير ٻُڌي وائي،

هڪ پڇڻ پاڻ ٿيا، پئي مهبن ماندائي،

ڪل خبر ڪائي، پوي نه ڪا پاڪن جي.

 

محمـّـد مناجات ڪئي، دردئون در خدا،

ته منهنجا ڏهٽا توکي، پاڻ ڌڻي پرتا،

هاڻي سام توکي سرتا، ڪوسي واءُ نه لاءِ حسنين کي.

 

پرين پراهين پنڌ تي، اڄ اسان جا عليل،

متان اونداهي ڪرين، لڳ ڌڻيءَ جي ليل،

اهڙا ويلا ويل، مور نه پون ملوڪن کي.

 

اپر چنڊ اُهاءُ، ڪر تون ڪاڻ قريب جي،

صبح سورج کي ڪرين، اُڀي انهين جاءِ،

نينگر اَٿي ننڍڙا، تون تکو ڪر نه تاءُ،

حسن حسيناء، ڪاهل ڏينهن متان ڪرين.

 

ڪافر ڪري ڪاهه، ميلڪ ملڪ پر يويو،

اڳيئون تونگ تلاءُ هو، جر خاصي جاڳاهه،

اُتي ديرو اَڏي ويٺو، ٺهه پهه ڪري ٺاهه،

اتي به دُر دانهون ڪن، ٻئي شهزادا شاهه،

ڪر تون واحد واهه، ڏس مرتضيٰ مير کي.

 

آيو جنگ رمل جي، جوان مٿي سر جَل،

ڇڏئي ٻٽي ڏينهن ٿيا هُس، مديني کي مَل،

هيو شوق شڪار جـٖـي؛ نڪا هيس ڪا ڪل،

لهي نيڪ نماز پيڙهي، تڏهن تنهن سر تل،

دانهون سُيون دل، ٻاجهاريون ٻارن جون.

 

فائق فارغ ٿيو تڏهن، نيڪ نماز پڙهي،

باڪو سِر بُراق جي، ٿيو هسوار چڙهي،

لائق ويو لڙي، ڪا ڪل لهان دانهن جي.

 

وهلو تنهن وار، آيو قابل ديري ڪافرن.

سڃاتائين سڏڙا، نيڻين چڪيس نار،

حسن مير حسين تي هئا، پاڪ ڌڻيءَ جا پيار،

اکين اولي نه ڪيا؛ صاحب ۽ سردار،

ڪيهو واقعو ٿيو، جو ٻئي آندائون ٻار،

اُتي ڪومائجي ڪاهي پيو، خوشيءَ منجهان خار،

اتي گَنير وڏيون گوڙيون ڪيون، ڪٺائين ڪفار،

هڻي ٻانهون لک هزار، لائق تي ٽي لک ماريا.

 

لائق ٽي لک ماريا، وڙهي اُتهين جنگ،

هڻي هٿيار سان، ڪيو تائي سان تنگ،

لائق وڙهيو انهيءَ رنگ، ارڏو اجهامي ڪريو،

ارڏو اجهامي ڪريو، ٿيو خالي گهوڙو گهوٽ،

ساهه سورهيه جو نه ويو، الله ڏنيس اوٽ،

ڪافر چائي چوٽ، حيدر هزارين ماريا.

 

عريضو علي مٿي خال لکيو هڪ خط،

اُتـٖـي آئي هِير هلي ڪري، سُرهي سا به سُتت،

پروانو ۽ پريٺ کنيو، ڏئي روئي راءِ روات،

واءُ تڪڙي وڃ وٽ، هن دم حيدر شاهه ڏي.

 

ويئي ويل تنهين، ترتئون ڪري تاءُ،

ڏسي حيدر شاهه، خط وڌائين هٿ ۾.

 

جوان وٺي جود مؤن، جان واچي ڏٺائين واهه،

ترت اُتاهين تاءِ، انهيءَ دم اُٿي اُتان.

 

تنهن ڏينهن علي شاهه کي، هو تَپ گهڻو تاثير،

سرنهه وڻ سلام ڪَيس اُتس اِي امير،

پرور ڏي تون پانهنجو، تپ مون لاهي وير،

توکي ٿئي مرتضيٰ، صحبت منجهه سرير،

سندءِ پٽ صغير، پهچين تن پاڪن کي.

 

دم تنهن دل شير، ڀاڪر پاتو تنهن وڻ کي،

ٻرو ويو ٻاجهه ٿي، پيس کاءُ پري،

سرنهه تنهن مٿي، تنهن لاڪون تڪرار ٿيو.

 

ٻهڳڻ ٻولايو اچي، دانهه دُلدل ساڻ،

وڃڻ اسان جو ٿيو، پري پنڌ پرياڻ،

پوءِ نه ٿجانءِ پاڻ، جانسين ساهه سري سگهين.

 

دُلدل چيو دوست کي، اَجها دوست خداء،

مان کي حَسن مير حُسين جا، آهن جيءَ اندر جونشا،

انهيءَ کان افسوس آه، بيوس ويندي نه ٿڪان.

 

علي الاهر ٿيو، دُلدل سِر سوار،

چٽو چئي ويل تنهن، ڇڏيو ڪونڌ ڪنڌار،

جس آهي بواق کي، جو ورتو هڪ نه وار،

اچي ٿيو اظهار انهيءَ تونگ تلاء جي.

 

پيو ڏٺائين پٽ ۾، جُنگ جُبير جوان،

گؤن وڏي غم سان، پڇيس پهلوان،

حسن حسين تو خان، ڪي ڏٺا ڪاڏي ويا؟

 

جُنگ جُبـٖـير جوان، ٿو هنجهون هاري،

کســٖـي ســٖـي ساٿ کڻي ويا، ڪرها قطاري،

وسئون وساري، نه ملوڪن کي مان ڇڏيو.

 

علي اڳتي هليو، جان موٽيو پوءِ جُبير،

اڳي ڪون هيو ڪو، انهيءَ ڏس ۾ پــٖـير،

وير اچي ڪيو ويــٖـر، معلوم اُنهي ملوڪ جو.

چاڙهيائين جُبير کي، گهوڙي تي به کڻي،

وڃي مديني دانهن وجهه، اها آهي جنگ بڻي،

سگهو اچ تون احمدا، مرسل مُلڪ ڌڻي!

آيو پنڌ هڻي، قابل ديري ڪافرين.

 

پر جان پَسِي آئيو، شهر مديني شاهه،

اُتي در تان دانهن ڪئي، اچي ٻهڳڻ ٻڌايو،

چائنٺ چُمِي چايو، اُنهيءَ اُت اچي ڪري.

 

نڪو واهر واهه، نڪو ماڻهو مُنجان کڻي،

لکيم شاهه لي ڏي، آندي هِير الله،

مون کي هيڏي موڪليو، چاڙهي حيدر شاهه،

پاڻ ڪستئون ڪاهه ڪيائين سِر ڪافرين.

 

پير پيغمبر پاڪ، وير وڏو وهم ڪيو،

آيو مُلڪ اندوهه ۾، عرش زمين افلاڪ،

توتي سونهين سيـّـد، ڇٽ سندو لولاڪ،

هر مُنهن پوي هاڪ، ته مرسل چڙهيو مصطفيٰ.

 

ڪافر ڪري ڪاهه، مــٖـيلڪ مُلڪ پنهنجي ويو،

مِهر، مِهِرين جي من ۾، هئي چِتِ منجهان چاهه،

جزا کائيندو پنهنجي، ريــٖـبي سان ريباهه،

اڄ ڪِي سنجهه صباح، ايندو نبي اوهان جو.

 

ڪافر من ۾ مــٖـير، ته ڪُهايون پر ڪنهين،

ڪيئن من ۾ مجوس سان، وڳيو پائي وير،

ڪل لَهــٖـي ڪير، ماڻهو وڃي ٻيو ڪو.

 

ويو اُت شاهه شهر ۾، ڪري سنگت سهي،

ڪائي تن سان ڳالهڙي، ڪنهين ڪان ڪئي،

مــٖـيلڪ اندا ٻه ڄڻا، مدينــٖـي کان ڪَهِي،

صباح ڏينهن صحيح، ڪندو شير شهيد سي.

 

پوءِ جوان وڏي جود مؤن، فائق ماڻ فراق،

ڪاهي ڪُلني ۾ پيو، ساڻ صحيح بوراق،

سوين ماريائين سيف سان، ڪلئي قزاق،

هلان سندي هاڪ، وڃي ڪن پئي بادشاهه جي.

 

ڪيائين بَڇَ بَڙي، شهر ۾ هيراس پيو،

اُڙدن عظيم تي، هليو چوٽ چڙهي،

ٿي خلق سڀ کڙي، مــٖـيلڪ اڳيئون مارڪي.

مــٖـيلڪ اڳيئون مارڪي، جيئن ماڪڙا اڳيئون مينهن،

سج پيهي ويو ڌُنڌر ۾، ڏک مَٽائِي ڏينهن،

قابو علي ڪَيڙا، ڪافر روڪي رينهن،

گاج ڪئي، دُلدل شينهن، اُتي مانجهي مرتضيٰ.

 

ڪاهي منجهه قهر، ڪئي هڪل حيدر شاهه،

عرش ۾ آواز پيو، ڌُرڙي کاڌي ڌر،

کامي شوم شهر، ٿيو موڳو ملڪ ڪفار جو.

 

ڪافر ڪارڻ جنگ جي، آڏي بيٺو اوٽ،

ڦٿو روح پَٽين جو، جڏهن چئنچل ڏني چوٽ،

چوڏنهن لک لکن مؤن، گهائي وڌا گهوٽ،

ڪافر ڏيئي موٽ اچي گڏيو حيدر شاهه سان.

 

گڏيو حيدر شاهه، سان، آندائين ايمان،

ڪافر ڪل ڪٽڪ سان، ٿيو مــٖـيلڪ مسلمان،

حسن حسين سان، اچي ڏنائين ٻار عليءَ کي.

 

ڀاڪر ڀري ٻار، حيدر شاهه حسين کي،

ڪيترا ڀيرا چميائين، مٿي ڪنڌ ڪاپار،

اُتي شڪرانا شاهه ڪيا، حيدر حمد هزار،

رکين تون رکڻهار، پنهنجي پاڪ پناهه ۾.

 

پنهنجي پاڪ پناهه ۾، رب ّ جبار، رکياءِ،

ويڙهــٖـي مسجدون جڙيون جاءِ بجاءِ،

هرڪو ڪُهــٖـي ڦنڊران، ٿوکِل خوشيءَ سان کاءِ،

هيبت لٿن هاءِ، ڪوڏ پڙهيائون ڪلمون.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

 

 

مناقبو حضرت علي عه جو: ميلڪ ڪافر وارو[3]

(چيل بچل جو[4])

 

 

حمد جڳائي رب ّ جليل، پيدا ڪيائين خاص خليل،

مٺو محمــّـد جوت جميل، اطهر جنهن جو اهل اصل،

تن جي ڪريان پرت پچار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

قصو امامن سڻجو ساري، ميلڪ وصف ٻڌي منهن ڪاري،

علي ولي ٿو منڪر ماري، بت ڀڃي ٿو مهتون سنواري،

هڪل ڪيو ٿو ڪهي ڪفار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

خبر ٻڌي تنهن ڪافر ڪاري، دانهن ڪري چيو هيءُ هچاري:

سک نه تيسين مَنُ گذاري، وڙهان تني سان جان هڪ واري،

باڪا ميڙي بيسمار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

پر ۾ وزيرن ميلڪ پليو، جنگ ڪنان تن جهڻڪـٖـي جهليو،

مارائين ٿو لشڪر هليو، ٿي سوداگر چُرٽو چليو،

آيو مديني ۾ منهن ڪار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

اچي پڇيائين ڏس پريَن جو، مهت ۾ ويو سو ڪنهن چيو،

ڪاهي ويري اُت رسيو، پرين کي اچي پيرين پيڙو،

عربيءَ پڇيس ڏي اخبار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

ڪٿي رهين تون ڪهڙيءَ جاءِ؟ حال حقيقت سڀ سڻاءِ،

چيائين، ميلڪ منهنجو نانءُ، سرور آيس سودي لاءِ،

عربيءَ ڏنس اتي آڌار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

حسن حسين نازڪ نور، آيا حضرت منجهه حضور،

ميلڪ ڇوڙيا ماڻڪ مور، نذر رکيائين نور ظهور،

جي ڏنا امامن کي ڏاتار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

املهه وٺي سي سيــّـد سڳور، گهر ڏانهن هليا مرد موچارا،

ميلڪ مڪر ڪيا منهن ڪارا، مون وٽ آهن سهڻا هيرا،

هلو ته آن کي ڏيان بسيار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

ريب انهيءَ سان نور نيائين، پيتيءَ ۾ سي ڪهنگ وڌائين،

لشڪر پنهنجي هڪل هنيائين، مطلب ٿياسون هلو هتائين،

رُنو امامن زارو زار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

حسن حسين کي چيو ادا! ڇو ٿو ڪرين فراق صدا،

پنهنجي حق ۾ گهري خدا، راضي رهه تون مٿي رضا،

قلم وهايو آهي ڪلتار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

نانو پنهنجو آهي، بابو پنهنجو آهي علي،

دعا گهرندا منجهه بيت ربــّـي، راضي ٿيندو رب ّغني،

تن کي ملنداسين هڪوار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

بيبيءَ پنهنجا پٽ پيارا، سانجهيءَ ساريا سيــّد سونهارا،

گهٽيون نهاري اڱڻ اوتارا، ڪاڏي ويڙا محب موچارا،

پتو نه پِيَڙو تن جو پار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

شهر مديني ۾ ماتم، مير محمــّـد ڪيڙو غم،

يار، صحابن غم الم، ڪونه اڄهي ڪنهن کان ڪم،

ساري آتڻ ۾ اڇنگار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

ميلڪ اچي منزل ماڻي، آيو جبير سڏ سڃائي،

هڻي ڪيائين پنهنجي پڄاڻي، ڪافر ڀڳا جنگ اجهاڻي،

ان خط اُڏايو ڪوفي پار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

حيدر کي آيو خط نظر، پڙهي لڌائين سڀ خبر،

ڪئي ٻڌاين ڪست ڪمر، کنو کنيائين تير تبر،

دلدل مٿي ٿيو هسوار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

وئن کي چيائين تپ وٺو، سِرهَيل اجي سُور سَٺو،

حيدر تان ٿيو تپ مَٺو، جُبير اچي اڳيان ڊٺو،

عليءَ چيس ڏي اخبار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

گهوڙي چاڙهيو علي جبير، آيو مديني مرد مٿير،

خبر ڏنائين شاهي سير، سيــّـد سنڀريو وير سوير،

هليا صحابي يار سچار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

ميلڪ رسو ماڳ مڪان، سرهو ٿيو سو شوم شيطان،

راڻين ٻُڌا شاهه سجان، آيا صورت جا سلطان،

گهوٽ گهرايئون لئي ديدار- حسن حسين سونهن سچار.

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

ڪٿي رهو ائين ڪهڙي حال، مرڪي ڪريرو قيل مقال،

فڪر نه ڪيريو نُور نهال، صدقو ڪريو مڏيون مال،

تفنگ کڻي بيٺيون تلوار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

ميلڪ گهرايا جُنگ جوان، پيدا ڪريو پُرس پهلوان،

راڻين ڏيڻ جي ڪئي ٿي ڪان، سامهو ٿيڙيون کي شيطان،

تيز تنهين تان ٿيو تڪرار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

”بچل“ سوالي منجهه درگاهه، دعا گهري ٿو ڏونہ الله،

حرمت حسن حسين شاهه، پرور ڪرئين شال پساهه،

ڪلمي جي ڏي تان تنوار- حسن حسين سونهن سچار،

نور نبيءَ جا نيڻن ٺار.

لا اِلہ الله محمد رسول الله

 

مناقبو حضرت علي عه جو: زقوم ڪافر وارو[5]

(چيل حيات جو[6])

 

صاحب صفتن جو ڌڻي، رازق رب ّ رحمان،

خاوند خوشيءَ مؤن خلقيو زمين ۽ آسمان،

ٿيو سچي جو سوجهرو، روءِ زمين روشان،

ڪي ڪافر ڪفران ۾ هئا، ڪي مومن مسلمان،

ڪي شرع جا غيبتي، ڪن درس آندو ايمان.

ويٺو هو مسجد ۾، مير محمــّـد مهربان،

ابابڪر، عمر ٻيو، ٽيون اڳيئون عثمان،

پانوَ ٻن پٽن سان، آيو علي پهلوان،

تان آيو وٺي هيءُ فرمان، جبرئيل جبــّـار ڏنهون.

 

چي، مان کي تو ڏي موڪليو، پڌ پرور جا پيغام،

’فتح العراق‘ فڪر سان، جنهن ترت اَڏيو تمام،

’زقوم‘ وڏي زور سان، ٿو ڪافر ڪَهي ڪلام،

پُٽ ننهن کي چار آهن، هڪ ’گبر‘ ٻيو ’شانام‘،

ٽيون ’سالار‘ وڏي ست سان چوٿون ’شوم‘ ڪهي دشنام،

ڪر ڪافر کي قتلام، چڙهه تون محمــّـد عاربي!

 

تڏهن جانب جبرئيل کؤن، حضرت پڇو پاڻ:

ڪاڏي ڪوٽ ’زقوم‘ جو، ڪي اٿس نسل نشان؟

مون کي سرت سجان! ڪا ڪل ڪافر جي ڏيو.

تڏهن حال حضرت کي ڪيو، جبرئيل ٻِهار،

سؤ ڪوهن ۾ ڪوٽ آهه، اَڏايو سالار،

پنڌرهن کاهيون تنهن کي، چوڪنڊين چوڌار،

ٻارهن هزار برجن جا، جوڙايا کؤن جار،

سؤ ڪروڙ لشڪر جو، ٻيو ڪٽڪ ڪارونڀار،

مون کي تو ڏي موڪليو، پاڻ ڌڻي پروار،

چڙهيو چارئي يار، آهي سڀو اوهان جي سيــّـدا!

 

ٽي راتيون ٽي ڏينهن، مِڙي مصلحت ڪيائون،

چئن يارن جي چِت جي، خبر پڇيائون،

هيءُ حڪم هاديءَ ڏنهن آئيو، ائين اُتائون،

ڪل ڏيو ڪاهون، ته ڪئن وڙهون ڪافرن سان.

 

پر جيڪا رضا رب ّ، سڀني مڃي سا،

اسان کي تو ٻاجهون محمـّـدا! ٻي ماڙ نه ڪا،

اُٿيا اصحابا حال چئي، کي حامي حضرتا،

صحيح سلامت گذريو، جان ڏينهن پنجاها،

حضرت خيراتون ڪيون، سڏايائين سپاها،

پانوَ ٻن پٽن سان، آئيو علي شاهه،

سچي سڪ منجهان آئيا، ارڙهن پٽ عمر جا.

 

پوءِ حضرت امامن کي، ائين فرمايو،

ته، موڪل وٺي اچو ماءُ کؤن، اوهين وير مَ لايو،

جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، هرڪو مرڻ کي چايو،

ٿابت سجايو اَٿو حقيقت هن حال جي.

 

مادر! موڪل ڏي، ٿا عاقل ائين چون،

اها ڳالهه ٻڌي ڪري، ڪيو ارمان مڙن،

کنيو هٿ الله ڏي، ٿا هادي دعا گهرن،

مانَ سوڀ سٻاجهن، ڏاتر تون ڏئين.

 

آخر اوڏاهون ائيا، موڪلائي امام،

اچي ڪئي احمد کي، ملوڪن هيءَ ملم،

ته، چڙهه نانا! ٿيءُ اڳ ۾، تون آڌر اُمت ڄام،

سڀ ڇٽا تو سام، وارث ولايت جا ڌڻي!

 

اَسي ڏينهن گذريا، جان لشڪر سڀ مڙياس،

رومي، شامي ڪيترا، ڪوڙئين آيا ڪنياس،

اَچي اُڙد پرٽيا، عليءَ ساڻ سهسياس،

لڳي دامن داس، نوبت وڄي نکڙيا.

 

نوبت وڄي نکڙيا، ڪيائون واڄٽ واکاڻن،

پوشاڪون زريفت جون، پهريون پوشيدن،

ويو موڪلائڻ مصطفيٰ، پنهنجي کؤن حرمن،

جوين حق بخشائيو، مٿي تن مڙسن،

مائن ٿڃون معاف ڪيون، پنهنجن کي پٽن،

مانَ سوڀ سٻاجهن، ڏاتر تون ڏئين.

 

پوءِ احمد آئيو اُڙد ۾، ڪُل اُمت جو اڌار،

تنهن فائق هي فرمان ڪيو، ٿيو ترت تيار،

گرز عليءَ ساهه جو، زابر ذوالفقار،

ڳؤرو هو ڳؤراڻ ۾، مڻ پنجاهن بار،

سورهن زرهون پهريون، جودئون ڪري جار،

ائين اصحابا چڇون، ته ڪيم کٽندو ڪفار،

اهو مڻيائون پار، جاڏي ڪوٽ ڪفار جو.

 

سُورهين پهريا سوڀ لئي، سڀڪنهن ست هٿيار،

مرد ماريندا مصريون، ڪندا مردن مٿي مار،

ٽيٽيهه هزار لشڪر ٿيا، حضرت ساڻ هسوار،

ڌرتي ڌٻي، ڌوڙ ٿي، ٻي سج نه لڀي سار،

پنهنجا ڪم ڪري ڪلتار، ٻيو ڳاڻ ڳاڻيٽو ناهه ڪو.

 

ٻيو ڳلڻ ڳاڻيٽو ناهه ڪو، تون ڪرين احساني،

گهوڙا ذاتيون ذات جا، ڇا چوان ظاهر زباني،

تاري، صاف سفيد، ڪميت رنگ ڪرنگ ڪيڪائي،

سرخا سمند ڪيترا، خچر خراسائي،

آيا جي ايران ڏنهون، ٻيا رومي ۽ شامي،

تن سان ست سؤ سامونڊي هئا، تن رفرف رواني،

هئي صفت سبهاني، ٻيو ڳاڻ ڳاڻيٽو ناهه ڪو.

 

ڳاڻ ڳاڻيٽو ناهه ڪو، وڏي سگهه ستــّـار،

چڙهيو محمــّـد عاربي ۽ چڙهيا چارئي يار،

چوڏهن مهينن جو پنڌ هو، سندو مُلڪ مُردار،

آيا دُرس تنهين ديار، دُر لٿا درياءَ تي.

 

ويٺو وير وريام هو، ڏينهن پورا پنجويهه،

قاصد مڪائون ’زقوم‘ کي، رقيبن ڪئي ريهه،

ڪوڏئون ڪٽڪ ڪيترا، آيا ساڻ علي شينهه،

ڪارڻ ڪَرهه قويءَ، اچي قراريا قلعي مٿي.

 

تڏهن پُٽ ڪوٺايا پانهنجا، چارئي زور زقوم،

ته عربن اچي ڪئي اوچتي، ڳڙهه ڌاري ڌوم،

چڙهي تن سان چوٽ ڏيو، چَيُن هيئن زقوم،

تان اُٿي چيو شوم، ته آءٌ وڙهندس ويرين سان.

 

ويهي پوءِ وزير سان، مصلحت ڪئي راءِ،

ڇا جي عربي آئيا، ٻڌي هيءُ لِواءِ،

هوند هزار پهڻن جا، هجن منهنجي اڳياءِ،

جڏهن اچن جر تاءِ، ته اڇلايون اتي ڪري.

 

تڏهن ميڙي مڪڙيون، وٺي ويا ملاح،

تن سان جو سردار هو، وڏيءَ سرت صلاح،

ڏورانهون تن کي ڏٺو، دانَهه مٿي درياهه،

اٿي عربي هليو، پرڀونءَ جو شاهه،

پڻ چڙهي جهازين چليا، اصحابي امراهه،

هن ڀي ڪشتيون ڪاهيون، آهر ڪري الله،

تان ڏٺو منهن مهاڻي محمــّـد جو، جنهن ريب ناهه روباهه،

ڊوهه نه ڪو ڪيائين، هو وڃي رميا مٿي راهه،

سهنجا سڀ سپاهه، اچي اورينءَ ڀر ٿيا.

اچي اورينءَ ڀر ٿيا، سهنجا سڀيئي،

مهر مهاڻن من ۾، پسو جان پيئي،

ٻيون ڳالهيون ٻَن ڏيئي، آيا در اسلام تي.

 

آيا در اسلام تي، ڪيا مرسل مسلمان،

وڃي حرڪتيءَ هيڪڙي، ڪئي خبر سان خاقان،

پرڀونءَ کان آئيا، هو جي سروهيه سڀ جوان،

جن سان جام هيٿار، آهن نغارا نيشان،

اچي اورينءَ ڀر ٿيا، جر لنگهي ٿڙٿان،

ڪامل! ٻهران ڪوٽ جي اٿِي ديمين جا دوفان،

ڪا سُڌ اٿئي سلطان! جو ويرين اچي ويڙهيو.

 

ويرين اچي وڙهيو، ويا ويڙهي وڪوڙي،

آيو بادشاهه مڪــّـي جو، گهڻي سان گهوڙي،

ديميون دهوڙي، دٻائيندس دشمن جون.

 

دٻائيندس دشمن جون، وٺي ويساهي،

هيبت عليءَ شاهه جي، اهڙي جا آهي،

کنو کنوائي، پاڻ ڪندو سو پڌرو.

 

ڪيهر راجا هئا، جهيڙي جا جهونجهار،

’ڪيخسرو‘، ’سهراب‘ هئا، مورئون منصبدار،

’هڻ‘، ’بهڻ‘ اڳ ۾، ’رستم‘ ’اسفنديار‘،

اڳهين آئيو ڪون ڪو، لنگهي آب ديار،

گويائي گفتار، ويهي وزيرن سان ڪئي.

چڙهه جابر جارؤن، وري وير مَ ويهه،

سونهارو ساڙيهه، وڙهي مرد ملهاءِ تون.

 

هئا جابر جُنگ کي، چاليهه ملڪ انعام،

اسي نغارا تنهن سان، نَوَ هئا نيشان،

ٻارهن لک لشڪر هئا، ساڻ وڏي طومان،

ڪافي ڪَهِي ڪلام، اچي مَل بيٺو ميدان ۾.

 

ننڍي ڀاءُ جابر جي، ڪڍيو منهن مهاند،

سَوَن ڪافرن اڳرو، هو سون جوين ڪانڌ،

تنهن جي لشڪر پاند، ڳاڻ ڳاڻيٽو ناهه ڪو.

 

ڇهن لکن لشڪر سان، شوم چڙهيو گهوڙن،

اچي آواز اُن جو، جئن ڪري گوڙ گگن،

ڏيهه تنهن تي ڏن، هو هميشه ڪونه ڪو.

 

چوٿون قرطاس نڪتو، واڳا نوبت نغارا،

نو لک لشڪر تنهن سان، هئا، کڳ کني مارا،

قد جنهين جا ٽيهه گز، ست گز سينا سارا،

اُود ڪافر ڪارا، اچي مَل ٻيٺا ميدان ۾.

 

موڀي پٽ زقوم جو، چڙهيو سرس سالار،

ڪافر قو ّت اڳرو، هوس زور بيشمار،

طعام کائيندو هو ايترو، ٻڌو جنهن شمار:

ٻارهن خرار آن ّ جا، پَهُرن هڪ هزار،

رنڌي رڪيبين ۾، طعام ڪيائون تيار،

نيرن ئي نه ڍوَ تي، ويل تنهين تڪرار،

سورنهن لک سالار سان، چڙهيا چار ويهان چوبدار،

اسي نغارو تن مان، هو اڳرو انڌوڪار،

پنجاهه سڀ مڪنو هاٿي، ۽ لک سؤ لوهار،

ساراهيان سو ستار، جنهن اهڙا خلقيا آدمي.

 

پياري پٽ زقوم جي، ڪئي هسواري،

چڙهيو شوم شيطان سو، وهلو تنهن واري،

ڏهه لک لشڪر جا ٿيا، تنهن سان نياري،

ٿي اوندهه انڌاري، سج نه ڏسجي رئيءَ کؤن.

 

گبر چڙهيو گوڙ ڏئي، خوشِءَ مؤون خرخام،

تيرهن لک لشڪر جا، نڪتا تازا کائي طعام،

ڪتو نڪتو ڪوٽ مؤون، نالو پڇائي نام،

راءُ سنڀالي رام، اچي مل بيٺو ميدان ۾.

 

جوان جُودئون جنگ جو، ڪيو سلسلو سامان،

چوڏهن لک لشڪر جا، جن سان تير ڪمان،

ڪُڏي مٿي ڪيڪان، اچي مل بيٺو ميدان ۾.

 

چڙهيا راءُ زقوم سان، گهوڙآ ارڙهن لک،

هيبت ۾ حيران ٿيا، ماڻهو مِرون مِلڪ،

رب ّ تنهنجي رک، الله امامن کي ٿئي.

 

ڪتا نڪتا ڪوٽ مؤن، ڏهه راتيون ڏهه ڏينهن،

تن ۾ ڪي قدر ڪافر هئا، پرتايا پرينهن،

ٽي لک مڪنا هاٿي هئا، سهجئون ڪافر سينءَ،

سي رهن قضا ريءَ ڪيئن، جي جودئون آيا جنگ تي.

 

ڇٽ بڻيو ياقوت جو زقوم راءِ مٿانءُ،

تنهن ڪافر هيءُ ڪلام ڪيو، مرڪي منهن منجهانءُ،

ڇا جي عربي آئيا، ٻڌي هيءُ لِواءُ،

ڪين جهليندا ڪاٿهين، توڙي منهنجو تاءُ،

ائين اچي اُت راءُ، مل بيٺو ميدان ۾.

 

مل بيٺو ميدان ۾، تنهن جي گهوڙن ڪهڙا پار:

مڪڙا مور مڇ ڪڄاڙا نهنگ نچني نيڻن ڍار،

ٻيا مور مشڪي درنگ درايهي ٻيلاچي چوڏار،

هئي تعريف تبــّـار، ٻي ڳالهه نه ڳرهڻ جهڙي.

 

’پنگر‘ ڪوٽوار سان، ٿا لشڪر لک چڙهن،

لک ڀير قائم ٿيو، نَوَ سؤو نغارن،

پنجن ڏينهن جي پنڌ تي، ٻڌو آواز ٻين،

جر کؤن مڇي نڪتي، پيا قهر ڪَنن،

تڏهن خاوند حڪم هي ڪيو، مورئو ملائڪن،

جيئن ڌرتي نه ڌٻي، تنهن کي جلب جال پون،

تان منهنجا مَلهه وڙهن، ڏسان تماسو تن جو.

 

ڌرتيءَ ڌٻڻ  ڇڏيو، ڪرڙئين پيڙس ڪوهه،

آيا ڪٽڪ ڪيترا، روڳي منجهه روهه،

’ڇلو‘ منجهه ڇوهه، چڙهيو راوَ زقوم سان.

 

ڌرتيءَ ڌٻڻ ڇڏيو، ڏٺو تماشو رب ّ،

چارا چِٽَ الله جا، آهن اهڙائي عجب،

ڪهڙي ڪاڻ سب، جڳ جوڙايو هن آهه؟

 

گجي راءُ اُٿيو، ’جنابر‘ جا راءُ،

هزار مڻن جو هول، پنج سؤ جو پهرڻ پهرياءُ،

پنجاهه مڻن جو گرز، سو هٿ ڪياءُ،

چڙهيو باد هوا تي، سو ڪوڏئون ڪاهياءُ،

ڪٽڪ ڇڏياءُ، سو آيو ڪافر اُسري.

 

آيو ڪافر اوسري، ڪئي هڪل هاڪاري،

اچي وڙهو عاربي، قو ّت وڌ ساري،

تان اوهان کي ماري، ڪندس اڌ ترار سان.

 

پهريون اصحابي اُٿيو، اوڏيءَ مهل مالڪ،

سچيءَ منجهه سڪ، ڌڪ هنيائين هيڪڙو.

 

ڪافر جهليو هول تي، سڀ کنو سارو،

سرهو ٿيو سرير ۾، ڪافر هچارو،

جڏ ٿيو وير جو وارو، تڏ ماري تير شهيد ٿيو.

 

تڏهن ڦري پار زقوم جي، ويو جنابر وٽ،

پهرايائين پليت کي، ڀلئون ڀليءَ ڀت،

ترت وري تت، اچي مل بيٺو ميدان ۾.

 

مل بيٺو ميدان ۾، ڪئي هاڪاري، هڪل،

اچي وڙهو عربي! ائين اُتو شوم شهل،

هوڏنهن ويٺا هئا، مڙئي، مديني جا مل،

اچي دانَهه ساڻ دل، ٿيا مقابل ميدان ۾.

 

اُٿيو تنهن مهل اول، عمر پٽ مالڪ،

ٿيو مقابل ميدان ۾، هنيو اصحابي ڌڪ،

ڪافر هٿ مَ چُريو، ڪوڙي ڪيو نه شڪ،

مرڻ باسيائين حق، هيءُ ڀي شير شهيد ٿيو.

 

وڃي جابر جار سان، ڏني واڌائي،

سوني، سروپا سجان کي، پانو پهرائي،

ترت اچي تائي، مل بيٺو ميدان ۾.

 

مل بيٺو ميدان ۾، ائين سڏ ڪيائين،

وڙهه سرتاج تون، ٻيا نه مارائين،

توسان لطف ٿيا آهين، هميشه ”حيات“ چئي.

 

پِر ڏنهن علي شاهه ڪئي، نبيءَ نور نظر،

دانَهه دُلدل تي چڙهيو، دليئون سو دلبر،

وڃي ويريءَ سان وڙهيو، وڏي سٽ سَڀر،

نيزي ساڻ هوا تي، جهليائين ازگر،

ڪافر سو حيران ٿيو، ڏسي عليءَ جو ڏر،

مڃيائين سرور، ته تون سردار سڀن جو.

 

مڃيائين سرور کي، ميٽي مدايُون،

اصهابن اچي ڏنيون وهلو واڌايون،

ٿيون شاديون شادانيون، طبل وڳو اسلام جو.

 

طبل وڳو اسلام جو، مورئون موچارو،

جنابر مسلمان ٿيو، قابل قرارو،

ڀاءُ ڀلو ڀارو، آيس مهابل اڳتئون.

 

آيس مهابل اڳتون، ڏمر جي ڏوراءُ،

حال پنهنجي ڀاءُ کؤن، ٿورويو پڇي راءُ،

عاقل ائين چياءُ، آءُ تون ڀي نبيءَ جي دين تي.

 

سو ڪافر مڇيو ڪينڪي، جيڪي ڀاءُ چيوءُ،

تڏهن مهابل کنو کوڙيو، هڪ هيوءُ،

تان ڪيئن ڪيوءُ، ٿيو خطا ڌڪ خنزير جو.

 

هنيون نيزو نيڻن جو، جنابر جاءُ،

لهي ويس لڱن ۾، گهڻو ڪيائين گهاءُ،

ڪافرن جي پار جو ڀاءُ ماريندو ڀاءُ،

ڇڏي آيو راءُ، سرهو ٿيو سرير ۾.

 

سرهو ٿيو سرير ۾، بيٺو وير وڳي،

آيس سامهون اوسري، ڪري اُور اڳي،

نيزي ساڻ وڳي، ماريائين ملعن کي.

 

رسابنديءَ اچي ڪري، ڪيتري جنگ جڙي،

حڪم ريءَ هاديءَ جي، سگهي تان سري،

ويو مڙدود مري، هي به ڪافر قتلام ٿيو.

 

پوءِ ڪست منجهئون قرطس، چاتي زقوم جي تار،

آيو ڪاهي عليءَ تي، وهلو ڪيائين وار،

تڏهن ڪيو جنابر جار، ماري ملعون کي.

 

نبي سونهارو کڻي، مقلڪ مٿي ويا،

سَٽ سَٽ سرواهين جي، جوڙ جڙي تنهن جاءِ،

ڳچين ڳارانا ڪيا، شهزورن جي ساءِ،

خاوند پاڪ خداءِ، ائين جوڙون جوڙيون.

 

چارئي يار جدا ٿيا، ٿيو اوندهه انڌوڪار،

وڃي ويرين سان وڙهيو،علي شاهه سردار،

هيءُ ته ڪل ڪفار، ڪاڏي دل جا دوست يوا؟

 

اتي گگن جان گوڙ ڪئي، حضرت عليءَ جن،

عاقل جي افسوس جي، آهه ويئي عرشن،

ٿا ڇنيو پَٽ پون، ڏريا هانوَ ڪافرن جا.

 

لوهوءَ لُڙاٽ ٿيو، وهڻ ٿيو درياءُ،

لک ڀڀرين ۾ ڀڻاٽ ٿيو، پار پيو پڙلاءُ،

اُڙد اچي پيو اُڙد ۾، شمس مٽايو شعاع،

رنو عرش ڪرسيءَ، قادر جي قهراءُ،

رنو ماڻهن مَلڪن، ڳوڌن پسي ڳاهه،

جي پهرين جي ڪري وڃي، ويٺا پنهنجي جاءِ،

ڪافر پنهنجي ڪوٽ تان جان ڪري سڌ سماءُ،

اسي لک سواءِ، ٻيا ڀي اصحابن قتلام ڪيا.

 

پنهنجو لشڪر پڙ ۾، ساريو حيدر شير،

ڪاڏي اصحابن اُور ڪئي، ڪاڏي ڪونڌ دلير،

ڪاڏي شاهه جبير، ڪاڏي فرزند منهنجا؟

 

تڏهن عليءَ ياد ڪيا، ٽولا اصحابن آئيا،

مَلڪن محمــّـڊ آندو، مڪن ڪيا سعيا،

طبل وڳو اسلام جو، ٿيا سرس سوايا،

هيڏنهن به سچيءَ سڪ سِڌايا، ڏهه هزار شهيد ٿيا.

 

وڃي گهر پنهنجي ٿو، ڪافر لشڪر گهرائي،

سالار سپاهه پنهنجو تت ٿو آڻائي،

کنو خاطر ڪيو اُٿي، دم تنهين داٻــٖـي،

هوڏهون ڪمند ڪام، شانام ٻڌو جائي،

پيو اَٺائي اڙد ۾، سورهيه تاڪائي،

هنيو هڪ ٻين تي، ٿو وڙهي واڌائي،

اهڙو ئي آهي، الله آڌر شاهن جو.

 

رات وڃي ڪنهن ڀونءِ ٿيا، ڪافر ڪري ڪس،

صبح آيا سنڀري لشڪر ساڻس سرس،

پوءِ پڙ ۾ هو جس، علي شاهه سلار جو.

 

آکڻ ٿيو امري کي، ڪافر هيءُ طعنو،

جيڪو زوراور ٿيو، هيڻو تنهن ٻانهو،

ائين چئي مستانو، اچي مل ٻکين پيو.

 

تڏهن نظر نبيءَ ڪئي، هن ڀي وڌا ٻک،

اصحابي هزار هئا، هوڏنهون ڪافر لک،

پوندي پوءِ پرک، بِڙ ۾ پارکن جي.

 

سو عليءَ کي زير ڪيو، ٻآرهين ڏينهن ڪافر،

شاهه ته اتي آهه ڪئي، نرتئون هيءَ نظر،

معلوم توکي مڙئي، آهي خاوند هيءَ خبر،

ڏيهه ڌڻي ڏاتر! قو ّت ڏي ڪريم تون.

 

اگهيون در الله جي، عليءَ جون آهون،

ويريءَ جون تنهن ويل ٿي، مل ٻڌيون ٻانهون،

وڍي سو ويو سرتاج ڏي، نيئي قابو ڪيائون،

اتي سالار مسلمان ٿيو، محمــّـد مڃيائون،

تڪبــّر ڇڏيائون، تيرهين ڏينهن تڪرار سان.

 

رويو راءُ رسول وٽ، ٿو پيرين پوي پَٽ،

تون اجهو، تون آسرو، تون آگو مير اُمت،

بهتي ساڻ مدت، آءُ جيان ٿو جهان ۾.

 

تڏهن سڀ اصحابي پهريا، راضي ٿيو رسول،

دعائون عربن جون ڪيون قادر رب ّ قبول،

پر سندو اَمت مول، پار لنهگائيندو پاتڻي.

 

پار لنگهائيندو پاتڻي، لحظي ۾لائق،

آهي راضي راسخ گهڻو، خوش ڌڻي خالق،

ڄاڻي ڌڻي هڪ، آهي، تڳاءُ اسان کي تنهنجو.

 

آهي تڳاءُ اسان کي تنهنجو، ڪرين تون سعيو،

شاهه وڃي شانام سان، وڙهيو سرس سوايو،

ستين پهر شانام کي، وڇي نرمل نِوايو،

وٺي سو سرتاج ڏي، وير وهي آيو،

پانَوَ پهرايو، محمــّـد عليءَ شاهه کي.

 

عرض اُتي شانام ڪيو، نياز منجهان نازڪ،

آڳاٽو ارواح جو، آهي تو ڏي جک،

منهن ڏٺي تو مصطفيٰ! ڏاتر لاٿا ڏک،

سَهسيــٖـين ٿيا سک، ويو مونجهارو من مؤن.

 

ويو مونجهارو من موُن، تنهن هيءَ ڪئي آزي،

مديون منهنجون مصطفيٰ! مڙئي ڪيو معافي،

راءِ! ٿيو راضي، هن ڏوهاري ڏاھ تي.

 

تڏهن وٺي وهاريو وٽ ۾، نرمل نور نبي،

وڃي گبر سان ويڙهه ڪئي، عربي شاهه علي،

هئي هٿ سوڀ سميع، ڏاتر ڏني امير کي.

 

وهلو وٺي وير ڪيو، زوراور کي زير،

سونهارن سير، ملڪن مشڪ ورهايا .

 

ڪفر سڀ قتلام ڪيو، مرتضيٰ ماري،

طبل وڳو اسلام جو، چوڪُنڊ چوڌاري،

نبي سونهاري، پهرايو علي شاهه کي.

 

رويو راءُ زقوم ٿو، جگر پنهنجا ساري،

عاقل تنهن افسوس کؤن، هنجون ٿو هاري،

هُيا وحدت واري، صبح جاوي جنگ جا.

 

رويو راءُ زقوم ٿو، ڳڻ ڳالهيون ڳائي،

ست کڻايا کوهه، ڪافر ڪس ڪرائي،

ته دشمن دٻائي، ذري ۾ ضايع ڪيان.

 

اچي عليءَ سان، تن ويڙهه ڪئي ٻيهار،

آيا ملڪ شاهد ٿي، عالم اڪيچار،

پهر ڪِري پاتار، شاهه وڃي پيو چاهه ۾.

 

شاهه وڃي پيو چاهه ۾، هنيا ڪافرن ڪان،

ٻه سؤ عليءَ کي لڳا، ٻيا افراد ويا سندان،

اُت علي باد ڪيانِ، اول فرزند پانهنجا.

 

ياد ڪيائيون يار کي، ساريائون سرتاج،

خاطر بيبي فاطمہ، ٿو چوي نيڪ سُڪاڄ،

هنن ويرين جو محتاج، موليٰ! مون کي نه ڪرين.

 

امير جي آهه تي، ٿي محمـّـد کي اُڪير،

آيا پٽ امير جا، جئن جو گهُلي هِير،

اچي عالمگير، شاهه ڪڍيائون چاهه مان.

 

شاهه ڪڍيائون چاهه مؤن، سچو سوڀارو،

ڇٽا ڦٽ فائق جا، جان نبيءَ نهاريو،

زابر ذوالفقار کي، وڃي عاقل اوجاريو،

کنو خاطر جنگ جي، پوءِ شاهه ڌئاريو،

ڌرئون دوبارو، ٻيا به نوَ لَک ماريا.

 

تڏهن سڀ اصحابي پهريا، راضي ٿيو رسول،

دعائون عربن جون، قادر ڪيون قبول،

سندو اُمــّـت مُول، پار لنگهائيندو پاتڻي.

 

پار لنگهيائندو پاتڻي، لحظي ۾ لاهي،

قلعا ڪوٽ ڪفر جا، ڪُل وجهندو ڊاهي،

ڀيڻي پُڄڻ جي نه ڏسي، هليو زقوم لشڪر ڪاهي،

ڏسي عمليءَ ڏاهي، کڻي گهوڙا زور ڇوڙيا.

 

کڻي گهوڙا زور ڇوڙيا پٺيان تنهن خام،

ويا چار ڏينهن گم ٿي، ڪل پوي ٿي ڪام،

پنجين ڏينهن پاتشاهه کي، وڃي ورتو ڄام،

آڻي ڏنائين محمـّـد کي، زقوم جنهن جو نام،

اتي محمــّد ڄام، خوشيون خيراتيون ڪيون.

 

خوشيون خيراتيون ڪيون، مڃيائين محمــّـد مالڪ،

ڏئين سڀ احسان سين، آءٌ ڪلمون چوان تڪ،

ٿيا هيڪاندا حق، آيا در اسلام جي.

 

هليو مير مديني ڏي، سوڀ ڪري سردار،

دين ڪري، اوجار، ڪنبايائين ڪفار کي.

 

مديني ۾ مصطفيٰ، جان آيو عالمگير،

ٿي سرهائي سڀني، مبارڪ ڏنائون مِير،

اُمــّـت کي اهنجيءَ ۾ سچو لنگهائيندو سِير،

خوشيئون پيئندا کير، جن ڪلمون پڙهيو قلب سان.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 


 


[1] . هن مناقبي جو متن ڇپيل ڪتابڙي تان ورتل آهي.

[2] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

[3] . هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

[4] . سوانح عمريءَ معلوم نه ٿي سگهي آهي.

[5] . هن مناقبي جون ٻه روايتون اُتر مان غلام نبي (تعلقي ڏوڪري) ۽ عبدالحق (لاڙڪاڻو) کان مليون.

[6] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org