سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناقبا

باب: -

صفحو :10

 

 

مناقبو حضرت علي عه جو: شمشاد ڪافر وارو[1]

(چيل عثمان ڪلهوڙي جو[2])

 

الله جل جلالہ، ساراهيان سبحان،

قدرت ساڻ ڪريم ڪيو، جوڙي راس جهان،

سڻيم حڪايت هيڪڙي، تنهن جو بيحد ڪيان بيان،

ورهيه پنڌ مڪي کؤن، هو ڪوٽ قلعو ڪفران،

چوڌر آب اَجهاڳ هو، وچ ڳڙهه سندا سامان،

سر زمين سلطان، نانءٌ ڪافر ’شمشاد‘ هو.

 

گاهه زمين سر زعفران، ٻيا کٿوريا به هرڻ،

گل کٿوري ۽ گل زنگي، هُيا واهه! حڪمتي وڻ،

سڀ ڪنهن جي گهر ۾ هُيا، مشڪ سندا ئي مڻ،

جئن هت اگهه اناج ڪي، ڏين وٺڻ واهڻ،

ليکو ناهه لکڻ، انهيءَ سرس سبيل ٻيا.

 

ڌرتي ٽامي جي هئي، ٻيو هئن مال مڻيون،

سِر سوني، سِر روپِي، انهيءَ ڀَت ڀِتيون،

لائي مُشڪ لِتئون، عطر ساڻ عمارتان.

 

ڪوٽ قلعي ’دهنور‘ جا، هئا، اهڙن پارن پار،

در تنهين ديوار کي، پنج سؤ ايڪ هزار،

پيادن ايڪ ڪروڙ هئي، نوي لک هزار،

 

هاٿين ٽيهه هزار هئا، جڙيا ۾ جنسار،

حاضر ڏؤنڪي هيڪڙي، تاٿي تُرت تيار،

چڙهن چئي شاهه جي، ٻيا ڀي اُڙد انڌوڪار،

جنهن مُنهن مسلمان پئي، مارين سي مُنهن ڪار،

هڪ ڏينهن هيڪاندا هئا، سڀ سپاهي سردار،

تن ۾ ويهي شمشاد ڪئي، گويا هيءَ گفتار:

مڪي منجهه آ مرتضيٰ، هڪ پرس سُڄي ان پار،

هڪ دٻايو آڻي دين تي، ٻيا ڪُهائي ڪفار،

دُر سندي دماغ جي، آهي سارهه منجهه سنسار،

ڏهڪار، جوان آهي تنهن جي جنگ جو.

 

ڪنبي ڪوٽ ڪري پون، جڏهن حيدر هڻي هاڪ،

ست گز سينو تنهن جو، هاڙهي جان هشناڪ،

هيڪر اُٿي هٿ کڻي، جيڪو ڏئي افلاڪ،

ته اُڀ مروڙي مٺ ۾ ڪري، تاڙيون ڀڃي طاق،

هر منهن چرهي هيڪلو، بانڪو سر براق،

جنهن ڪنبائي قزاق، ماري مدعي ماد ڪيا.

 

اهو سورهيه شير علي آ، جوان آهي جيئندو،

ڪاهي هن قلعي تي، البت سو ايندو،

اجهائي اڙدن کي، مڳ سو ماريندو،

پوءِ نر وٺي نيندو، پهس خزانا پاڻ سين.

 

فرحت ڇڏي فڪرمند ٿيو، پُرجهايو پرياڻ،

ته، سَڄي منهنجي ملڪ ۾، ڪو آهي پهلواڻ؟

مڪــّـي کان مرتضيٰ علي کي، هوند جئرو آڻي جواڻ،

ڌيءَ تنهين کي مان ڏيان، ٻيا پڻ ڏيندس ڏاڻ،

ڪڏهن ايندو اوچتو، ڪندو قلعو قلعي ساڻ.

 

پوءِ هڻندا هٿڙا، ڄاڻڻ لئي ٻهڄاڻ،

متان ڪڏائي ڪيڪاڻ، اچي سِر تي پونئي سارڌو.

 

تن منجهه حاضر هڪڙو، تنهن ڪافر ڪيو ڪلام،

ست دنيا ڏهه مڻ اٽو، ٿي اهو کاڌائين طعام،

چي، ماکؤن پڄندو شمشاد سو، تو جو ڪيو ڪلام،

مڪــّـي ۾ مرتضيٰ علي، وَرنَہ وير وريام،

آءٌ جي وٺي جيئرو آڻيان، قلبئون ڪهان ڪلام،

اَئين اڄ ڪريو انجام، ته سڌاريان ساڻيهه ڏي.

 

سو موڪلائي شمشاد کان، وري آيو گهر،

پلين ٿا پليت کي، ڀائر پنهنجيءَ پر،

ته، اڳيان علي شاهه اَٿئي، ڏاڍو زور زبر،

متان ڏڪي ۾ ڏهڪر، ذري ۾ ضايع ٿئين.

 

تڏهن ’عطار‘ ڀائرن کي، هيئن ٿو ڳالهائي،

ته، مان جهڙو مُلڪن ۾، ڪو سورهيه به آهي؟

مڪــّـي کؤن مرتضيٰ علي، جيڪس آڻيان اُٺائي،

هڪ آراڌا انعام ڏئي، ٻيو بادشاهه پرنائي،

ڏن وجهانوَ لاهي، جو ٿا ڀريو ڀائرو!

 

ويهه موڳا ماٺ ڪري، توڙي ڏن ڀريون ڏوڙا،

مڪــّـي ۾ مرتضيٰ علي جا، پٽ ٻجهن اهڙا،

جو پٽي ويندءِ پهلوان، ڪري ڇهين ۾ ڇوڙا،

تڪا ڪندءِ توڙا، هڻي خان کني سان.

 

ڄاڻي اهو ڄاڻ، چوريءَ اُٿي چليو،

ڳولي ڦولي تنهن ملڪ مؤن، زهر کنيائين ساڻ،

ڪڏائي ڪيڪاڻ، رمي هليو رات ۾.

 

جهَليو پَليو نه رهيو، سٽاڻو سهي،

مڻي مڪي آڻيو، ورهيه پنڌ ڪَهي،

اڳيئون باغ ’نظآر‘ هو، ات آدميءَ پَهي،

صورت مردان شاهه جي، پڇيائين سڌ سهي،

پيو تِتِ لهي، گهوڙو ٻڌائين باغ ۾.

 

سو تان باغ نظارا هو، سندو محمــّـد مير،

تنهن منجهه عبادت الله جي، ويهي ڪندا هئا ويرم،

چارئي يار رسول جا، هئا اوڏا خويش امير،

سرهي جاءِ سُڌير، هئي پاڪيزي پاڪن حي.

 

پر بد مُنهن لڪو باغ ۾، ڪافر سو هوار،

تنهن ڏينهن حضرت عليءَ کي، هو اکين ۾ آزار،

پر حمزو تنهن جو هو، ڪامل قربدار،

صورت مردان شاهه جي، قد قامت قو ّتدار،

سو بانڪو آيو باغ ۾، مانجهي مرد مڻيار،

تنهن سروهيه ڏٺو سوار، ڪو لڪو بيگانو باغ ۾.

 

حضرت حمزو ائيو، مٿي سوار مٿير،

چي، احمق دشمن آهــٖــين، ڪَہ ڪميڻا ڪير؟

وجهي ويٺين وير، منجهه تون باغ رسول جي.

 

چي، ورهيه پنڌ پري آهه، ’گوچي‘ منهنجو گانءُ،

شاهه تنهين شمشاد جو، نَرَ! نمڪ ٿو کانءُ،

اڳيئون انهيءَ جي، هيس پهلوان آنءُ،

مان کي هيڏي موڪليو، تنهن باسي وير وهانءُ،

مُلڪ ۾ مردان علي جو، نر ٻجهي ٿو نانءُ،

آءٌ ڏس چلائي ڏانءُ، نيندس جيئرو عليءَ کي.

 

تان شهزادي شعور مؤن، اتس ايئن اڳياءُ،

ته جنهن لئي ائين ٿو پڇين، دورئون کڻي داءُ،

اهو علي آءٌ آهيان، پوءِ نه ڏيانءِ پاءُ،

نڪري ٻاهر آءٌ، خبردار خيث ٿيءُ.

 

ڪافر چوهئون ڇڪي هنيا، ڪشي تير ڪمان،

گٿا سي گونهن خور جا، جي قصدئون هنيائين ڪان،

ٿيا خطا ڌڪ خبيث جا، عقلان، ڀانئي احسان،

اتي شهزادي شعوروند، پڪڙيس پهلوان،

وڍي اڇليائين جهلي، سِسيءَ کان سجان،

قدر ڪوهه پنڌ پري ويو، مٿي ڪنهن مڪان،

هيس موت جي جيڪس، رضا ڏنهن رحمان،

چت منجهئون چؤگان، اٿي خم کڙو ٿيو.

 

ڪئي ڪان ڪافرهنيو، لائيزور زهر،

سو اچي احضرت حمزي کي، ڦهڪي لڳو ڦر،

و ِهه وٺي تمام ڪيو، ٿيو بانڪو بيخبر،

دم تنهن دلاور، ٻهڳڻ ڄام ٻڏي ويو.

 

ڪڍيو ڪان قزاق جهٽ ڪافر تت ڪَهي،

متان وهه سين وير جو، وڃي ساهه وَهي،

زهر مهرو ٺپ ۾، وڌائين گهي،

سندي زور زهر کان، نامئي نرت نه هئي،

ويو پهلوان پهي، گهوڙي وجهي گهوٽ کي.

 

داخل ٿيو دهنور ۾، آيو گهر عطار،

مُزري ڪاڻ ملوڪ جي، ائين ڪيو اظهار،

ته، آندم علي شاهه کي، ڪري گرفتار،

ڪافرن سرهايو ڪيون، ٿيون شاديون بيشمار،

پوءِ تني جو سردار، ٿو پڇي پار پنڌن جا.

 

اچي پنهنجي راءُ اڳيان، ٿو عطار ڪري اٺاءٌ،

ته، ملڪ مديني پار جو، آهي ورهه پنڌ وچاءُ،

ڀؤ ڀٽون ۽ ڀولڙا، ڏاڍو ڏر ڏهڪاءُ،

ڪونه پوي ڪوهن جو، ڪو اڻ سونهن سماءُ،

هن حضرت کي اُتاءُ، مون آندو ڪنهن اٽڪل سين.

 

گهوڙي وجهي گهوٽ کي، جڏهن رمي ٿيو سر راهه،

هڻي ڪل ڪِرهه جي، آرائين کي آگاهه،

سر نانگو توڙ ڌوڙ گهڻي، رَءُ پاتائين راهه،

هلي حضرت شاهه جي، ڪيائين دانهن مٿي درگاهه،

ته، هڪ بد منهن لڪو باغ ۾، دشمن نر ناگاهه،

حضرت حمزي سان وڙهيو، کؤنسي منجهئون کاهه،

گهوٽ به گهڻي تائين، جنگ جهلي داناهه،

هَي هَي ڪافر وٺيو وڃي، شهزادي کي شاهه!

واهر تنهن ۾ واهه، ڪاهي ڪامل ڪا ڪريو.

 

ٻڌي خبر هِيءَ بيبين، رنو زاروزار،

چيائون حضرت عليءَ کي، اُٿي ڪافر ڏار،

تنهنجي تيغ ترار، ڪونه جهليندو ڪو ٻيو.

 

اکيون ٻنڌي آزار سان، ه ويٺو مانجهي مَل،

ٽپو ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو، سڻي دانهه دل،

هاريائين پُٽ حمزي لئي، جوش منجارَئون جَل،

جي، کنـٖـي سين خلل، وجهان مٿي سر ويرئين.

 

تڏهن فائق فراموش، ڪيو اکين جو آزار،

چاليهن مڻن جو اسلح، آڻايائين اظهار،

ڏهه مڻ زانوبند هو، ڏهه مڻ هول تيار،

چاليهن مڻن جو هئو، جنگ پهريو جنسار،

ڏنس محمــّـد ڪارڻي، زابر ذوالفقار،

ڳورو هو ڳوراڻ ۾، مڻن پنجاهي بار،

هٿ ڪري سو هليو، سنڀاري ستـــّار،

پوءِ حسن مير حسين کؤن، موڪلايو مڻيادار،

موڪلائي محمــّـد مصطفيٰ کؤن، مٿي جنهن مدار،

تون سردارن سردار، ٻنهي جهانن بادشاهه.

 

مرتضيٰ کي چيو مصطفيٰ، اعليٰ نيڪ نبي:

تو کي اوٿپ درد اکين جو، اعليٰ مدد علي

توڻ هت ويهه ولي، آءٌ چڙهان سِر ويرئين.

 

تڏهن مرتضيٰ چيو مصطفيٰ کي، اي اعليٰ شاهه امير!

تون دعا ڪر اسين چڙهون، مٿي ويرين وير!

تون پرنج موليٰ مير، سنڀاري سبحان کي.

 

محمــّـد مناجات ڪئي، حاميءَ کڻي هٿ،

الله! عليءَ کي ڏئين، سوڀ فتح نصرت،

هي مَلهه مڪــّـي موٽي اچي، سورهيه سلامت،

پوءِ راءَ ڏنيس رخصت، چڙهيو مٿي سر ويرئين.

 

چڙهيو ملهه مهيم تي، ٿي صاحب سوداگر،

ٻه اُٺ ٻه ٻلا کنيلين، پنجون ساڻ قنبر،

سڌاڻو ساڻيهه تي، اسهيو اَلاهر،

بانڪي بر منهن ڪيو، دانہ دلاور،

سڃ سٽانو سفر، جتي بني ناهه بشر،

اڳيئون بلائون ڪيتريون، حن جا ٿاڻا منجهه ٿر،

آڪر ڏاڪر ڪرڙئين، شهگوشا شهير،

ڳِجهون ڳوهان، رڙڪن روجهان، ڪن واڪا وسيهر،

اڳيئون جن ّ ديوَ پريون، ٻيا هاٿي ازدها ازگر،

هاڙهي منجهه هزار هئا، ويڙهن سندا ولر،

بانڪو جهاڳي بَر، اچي دهه رسيو دهنور تي.

 

صاحبي سلطان جي، هئي باغ قلعي جي ڀر،

ڪڏهن ڪنهن نه ڇنو هئو، پن تنهن جي پَر،

وڍائيندو هو بادشاهه تن جا، ڪارائن کان ڪر،

هيءَ جا خاص خبر، مُلڪن ۾ مشهور هئي.

 

ديرو اڏيو تنهن باغ ۾، اچي علي شاهه،

ڪي وڻ جنهن ۾ قيمتي، هئا سلطاني واهه،

چاليهن شهرن جي بها، هڪ هڪ ميوي منجهه متاهه،

اُٺن، اڳيئون ڪيائين، اهي درخت ۽ گل گاهه،

تن پيرن سين پيمال ڪيا، وڻ لتاڙي اهه،

ڏسي بيراني باغبان، ويو سڙي منجهانئون ساهه،

هَي هَي هُو ها ڪري، ڊوڙيو ڏنهن درگاهه،

وڃي ڪچهريءَ ڪري پيو، اپر ڪيائين آهه،

چي، هڪ آيو مڪي کؤن، سوداگري سپاهه،

توڙئون تنهنجي اُڙدن تي، نر جي ناهه نگاهه،

سڀان شهر ڦريندءِ شاهه، اڄ باغ جنهن بيران ڪيو.

تڏهن آڻايو علي شاهه کي، ڏڪي کان ڏمر،

چي، بادشاهن جي باغ جي، توکي ناهه خبر،

جي وڻ ڀڃي بيران ڪيا، تو سڀ سوداگر!

آءٌ مارايان سو آدمي، جو پن ڇني خواهه پر،

وڻ تو بيران ڪيا، سي سڀئي سوداگر!

ڪر تو ناهه خبر، ڪر تون قلعي ڪوڏيو؟

 

ڀلي ڀــٖـيليم باغ، تڏهن چيو علي شاهه،

ميوا مُلڪ مڪــّـي جا، اهن هنئون سرس سوايا،

هي باغ تنهنجو بادشاهه، مون ليکي آهي ڇا!

تڏهن پڇيو ڪل ڪافرن، جُنگ کان چکي چاءِ،

اتان ڪِي آنداءِ، سل سودو ڪهڙو؟

 

اتي حيدر شاهه، ٻِلا آڻائيا ٻئي،

سودو وٺجي سَود جو، حال آندم هيئي،

تعجب ۾ تمام ٿيا، پرس سڀيئي،

سل حيدر سيئي، هن ۾ فائق ڪهڙا فائدا.

 

ڪوئا ڪنهن ملڪ ۾، هجن اڪيچار،

هي ٻلا پهس پهچي ڪري، تن ۾ وجهن مار،

ڏيہ ڇڏين ڏهڪار، هوند هنن جي کان کڻي.

 

ڪوڙين ڪافر ڪن ٿا، عليءَ کي ايلاج،

هت اَٿي قومون ڪوئن جون، هي ملڪ هي راڄ،

سگهي ڪونه سَڌ پئي، هت کائڻ کائي کاڄ،

تڏهن لائق ڀريا لاج، آزمائي اسين ڏسون.

 

ڪِي جو ڪچهريءَ ۾، طعام آڻايو تن،

نڱي سرس سبيل ٿيون، قومون سي ڪوئن،

سجهائيا سامهان، ڪيا ٻوٿ ٻلن،

ڊڪان پائي ڊيهڙا، پيٺا منجهه نِرن،

موٽي ۾ محلن، ڪوئو طاهر ٿيو ڪونه ڪو.

 

قلعو آجو ٿيو ڪوئن کؤن، شڪر ڪيو شاهه،

چي، جيءُ آئين نچ آئين، وڻجارا، تون واهه،

آهين مهمان اسان جو، جاڪون هن جا ڳاهه،

سَئو ٽَڪن سون جو، وٺ تون سنجهه صباح،

حال اهو مال متاع، ٻيا ڀِي ڏهوڻا ڏيون.

 

جڏهن وير وطن جي، ڪرين سوداگر سنڀال،

ائين ڏيندو سانءِ آجڪا، جوهر موتي جال،

ڀربيون حاويليون مڪــّـي جون، ساڻ خزاني مال،

هت هوئين جي حال، جُنگ چڱي تو جاءِ ڏيان.

 

حيدر حوالي ڪيائون، عجب چڱي اوطاق،

جڙيا جوهر جال سان، تخت سونا ۽ طاق،

پلنگ پٿرڻيون پَٽ جون، ٻي پاڪيزي پوشاڪ،

ٻيو ڀي انهن ٻهون ڪيو، جيڪي وس قدر ٿين واڪ،

نوَ راتون ڏهه ڏينهن گذرين، پر هڪڙي رات،

ڪٽڪ ڪوٺايا شمشاد، جملي ذات بذات،

پڇئون پار عليءَ جا، هن کؤن حڪايات،

ته ڪهڙي ٻولي بات، آهي حقيقت ڪهڙي؟

 

پوءِ پهس ڪوٺايو پاڻ ڏي، ڪافرن مڙي حيدر،

مڪــّـي منجهه مرتضيٰ علي، تون ڳالهه تنهن جي ڪر،

وير وڙهــٖـي سر ويرئين، پرس ڪهڙيءَ پر؟

جنهن ڏيهه ڏڪايا ڏر، سو بانڪو اسان بند ڪيو.

 

اُتائين، مڪــّـي ڏي مردان علي، شان وڏي سان شير،

هو ٻانهن ڏئي ٻين کي، هن کي قيد ڪري هت ڪير؟

ڀڃي ڪوٽ ڪفار جا، ڦريو ڪري ڦير،

تون رکي ويٺين وير، شاهه چيو شمشاد کي.

 

هو علي شير الله جو، اعليٰ ساڻ اقبال،

چڙهن مُلڪ ميم تي، جنگ ۾ تنهن سان جال،

هڪل ڪري روهه ڏرن، پاهڻ ٿين پائمال،

ماڻهو ڇا مجال جو، آڻي علي شاهه کي.

 

اوهان تان عليءَ شير جي، سڻو هيءَ صفت،

گوڏي ويهي ڌرتي نِوي، هيٺ جيترو هٿ،

جنهن وڻ هيٺ وڃي ويهي، سُورهيه ڪا ساعت،

ساهه کنئي پن ڦرن، ديهي سڀ درخت،

ويهي جنهن مجلس ۾، تنهنجي ڪم ٿئي قوت،

ڪڇي سگهي ڪونه ڪو، ڪنان ان عظمت،

جهڙس ڪونه جهان ۾، ثاني ڏنهه صورت،

بيهي جُنگ جنگاه ۾، مانجهي ڪا صورت،

ڌرتي آسمان هڻي، ٽوڙي ساڻ همت،

پر نه پرواهه ٿئي، ڪنهن قداور قو ّت،

مَک نه ويهي مُنهن تي، ايءَ پڻ خصالت،

مٿان ان البت، ڪڪر به ڇانوَ ڪري بيهي.

 

حضرت حمزي کي ڪيو، تن حاضر اُت آڻي،

سل سوداگر! سچ چئو، هيءُ ڪِي سڃاڻي،

اتي حضرت شاهه چيو، واتئون وراڻي،

ته هيءُ گدائي فقير ڪيو، قيد اوهان آڻي،

متان وهو ٿي ويسلا، هن پوئان هاڻي،

جيڪا ڪيو صاحبي، ڄاڻندڙ ٿو ڄائي،

سنجهه ڪي سڀاڻي، مٿئون پوندوَ مرتضيٰ.

 

اتي حضرت حمزي کي، ڇوڙي ڇڏيائون،

وئون تون وطن پانهنجي، جوان! هن جائون،

پوءِ سنڀري اتائون، ٿي سنگت سوداگر جي.

 

اتي حيدر شاهه کؤن، ڪافرن پڇيو ڪِن،

ته جنگ ۾ علي شاهه جن، ڪهڙيون رانديون ڪن؟

تون به سکئين ڪا، پرس! منجهارئون تن؟

منجهن سان مَلهن، کيڏ ته خبر ڪا پوي.

 

چي، هائو اسين مڪــّـي ۾، مڙئي ٿيون هيڪاندا،

پوءِ آءٌ به ڪا ڪا، راند عليءَ کان وٺان.

تڏهن شمشاد چيو شاهه کي، ڪشي ٻڌ ڪمر،

هڪ هڪ راند هڪڙي سان، اٿي ڪامل! ڪر،

جنگ ڪرڻ راند کيڏڻ، پسون اوهان جي پر،

چين حال حيدر، ته اچي ڪو سورهيه سنڀري.

 

نالو جنهين عطار، سو پِڙ ۾ آيو پهلوان،

سؤ مڻ مروڙي لوهه جو، خاڪ ڪري هٿ سان،

اچي عليءَ ساهه کي، ڏنئين چنبو چنبي سان،

پر آيس زور امير جو، ٿيو جلاوت جوان،

اڳ گڏيوهوس ڪونه ڪو، جهڙو شاهه سجان،

مٿي ئي پساهه پورا ٿيس، پوءِ ڇڏيس شاهه مردان،

پيو ڪوراهڙ قلعي ۾،  ٿيا همہ ڪل حيران،

پوءِ اندوهه ۽ ارمان، پيو ڪافرن جي ڪٽڪ ۾.

 

تڏهن ٻيو ڪافر آئيو، شوخي ساڻ شتاب،

هڪ هڪ پهرو لقمو ڪري، ڏهه مڻ پِئي شراب،

اي شاگرد عليءَ جا، تو ڪيو حملي ساڻ حساب،

اُڙدن اسان جن ۾، تو دانَهه وڌو داب،

ماري چيلو منهنجو، تو ڪيو آ بي آب،

ثاني نه هئو تنهن جو، ڪوبه انهيءَ باب،

ماري ڪندو سانءِ ڪباب، وير وٺندس پنهنجو.

 

هنئين مُڪ مردان کي، تنهن ڊڪي منجهئون ڊوهه،

هَي هَي ڪري هو مُئو، جنهن کي هٿ لڳو سر روءِ،

اُتائين، انهيءَ سوداگر جي جان ۾ اٿو روءِ زمين جا روهه،

پوءِ ڪري ڪيهه ڪري پيو، وڍي ويس اوندهه،

ڇنس ڇاتي ڇوهه، ڏئي ڏاڪ ڏڪي مئو.

 

تڏهن ٽيون ڪافر آئيو، هيڪر حسد ڌري،

وڌس حضرت شاهه ڀي، ڊگهو هٿ ڪري،

وڍي اڇليائينس، ويو قلعي کؤن، ٻٽي ڪوهه پري،

ضايع ٿيو ذري، هيءُ به مردود مري ويو.

 

وري چوٿين ڪافر ڪاهيو، روءِ قلعي رستم،

سؤ گز سينو تنهن جو، ٿو پسي عجب عالم،

رکي هٿ هٿيار تي، ويريءَ دل وهم،

اڇلايائين عليءَ ڏي، پر ذرو ٿيو نه زخم،

جڏهن وارو آيو وير جو، تڏهن دانَهه رکيس دم،

نيزي نوڪ ڏنائينس، تاه ڪرهه قلعي ٿيس ڪم،

پيٽ لڳيس پڙ سان، ڪِريو ريهه ڪري رستم،

اتائين، ديميون! ڇڏيو ڌرم، تان علي اهو ئي اٿَو.

 

اهلايس حضرت عليءَ جي، ڌرتيءَ مٿئون ڌڪ،

ڪافر مڙيا ڪيترا، اتي اچانڪ،

بڙڇي ڇڪيئينس ڇوهه مؤن، ڌري لتان لَڪ،

نڪري پيس پيٽ کؤن، سي آنڊا امالڪ،

جوسي ميارين جڪ، اچي ڪافرن ۾ هيراس پيو.

 

ڪافرن ۾ هيراس پيو، ڪيو ڪافر ڪوراهر،

چي، جيڏا نوجوان ڪري، ستم سوداگر،

اٿوَ علي شاهه اهو، جنهن مڳ ماريا مقدر،

لوهيندو لسڪر، ڪندو سُڃ قلعي کي.

 

ڪندو سُڃ قلعي کي، پيو غوغا منجهه جبل،

ته علي آيو ريب سان، مڪي ڏنهون مَل،

ڪونه ڄاڻي تنهن جهڙيون، دغلبازيون دل،

اتي شمشاد چيو، شاهه کي، اي نامڪٺيا نرمل!

هتي ڪٽڪ ماڪڙ مينهن جان، اَٿي اُڙد اُجهل،

ليکو لَکن ناهه ڪو، ڪان ڪروڙن ڪَل،

هڪ ڄڻو ڪندين ڇا حل، جتي همہ حملو هي ڪندا.

 

وڃ ولايت پانهنجي، اٿي ٿورو حيدر شاهه،

قلعي ۾ ڪروريون اَٿي، منجهان مال متاع،

جيڪي کڻي سگهين سي کڻ، ڀڄي راتو واهه.

پوءِ نه لهندين پيچرو، ڪا سندي وڃڻ واهه،

چئون چڱائي تنهنجي، دل ۾ رک داناهه،

جت ڪندءِ ڪروريون ڪاهه، اتي سِرنه بچندءِ سارڌو!

 

تيسين ويندس ڪين ڪي، هوندس اتيئي،

جان ماڻهو هن ملڪ جا، ڪندس ملسلمان مڙيئي،

ڪلمون هاڻي جي پڙهو ته ڏيهه وڃانوَ ڏيئي،

نه ته سنديَوَ جا صاحبي، سا ونواندائون ويئي،

جنگ ڪندئو جيئي، تان کين کٽندئو ڪڏهين.

 

تڏهن شمشاد چيو شاهه کي، ڪافر تت ڪمين،

اسان ملڪ مڪــّـي ڏي، ڊوهه ٻُڌو سـٖـي ڪين،

ويهي تون هت وائي، جوان قلعي ۾ جين،

هتئون موٽي هيڪلو، تون ڪامل ويندين ڪين،

ڇا ماريندين مسڪين، جو سؤ ڪروڙيون ساڻ مون.

 

چي، ڪوڙئين ڪافر ميڙيو، ڪان رکان پرواهه،

هڪل هاڻي ٿو ڪريان، اوهان جو سُڪي وڃي ٿو ساهه،

هاڻي آڻيو ڪو همراهه، جو هجي پهلوان اوهان ۾.

 

اُتي حيدر شاهه کي، ڪَهن ٿا ڪفار،

دغلبازي رانديون، سحر تنهنجا هٿيار،

ڪونه ڏٺو سـٖـي تو جهڙو، ساحر منجهه سنسار،

آءٌ وڙهه ساڻ اوزار، ته سڌ تنهنجي سِهر جي پوي.

 

چي، دغلبازيون سحِر رانديون، رسم اسان نه،

اهارسم اوهان جي، ٻيو وهم ڪل ڪفران،

سي ڪندس ڪُل حق تي، مڙيئي مسلمان،

جيڪي انهيءَ ڳالهه ۾، ڪندا شڪ شِر شيطان،

تن کي ڇڏيان تان نه، ڪريان ٽڪر ترار سان.

 

تڏهن آيو ڪافر ڪست مان، نالو جنهن ’عذر‘،

هردم کڻندو ڪافر هئو، هٿيارن هزار،

روءِ ڪاري روهه جان، هو قد قبي ڪاپار،

هلي ڪيائين حملو، عليءَ تي الغار،

مردان مٿي ۾ هنيس، کڻي هٿ هٿيار،

پئجي ازگر اهليو، کڻي کني تڪرار،

تڏهن همہ ڪٽڪ حملو ڪيو، ڪاهيو ڪل ڪفار،

جئن گجي روءُ گروڙ تي، تئن ديوَن ڪيا ڌڌڪار،

اُڙدن اوندهه مچائي، جئن وسي ميگهه ملهار،

سڌ نه پوي سج جي، ٿيو اوندهه انڌوڪار،

پاند نه لڀي پاڪڙو، شاعر ڪرن شمار،

 

اڙدن کي ”عثمان“ چوي، سنڀاري ستار،

ڪاهيو مَل ڪفار، چورنگ چوطرف ڪُهي.

 

چورنگ چوطرفين، ڪاهيون وارا ڪن،

مجرا عليءَ شاهه جا، ٿا اتي وير وٺن،

هاٿي هاٿين تي هڻي، گهوڙا تي گهوڙن،

اُٺ اُٺن تي هڻي، پيادا تي پيادن،

وڍي واڳون اُڇلين، سسيءَ مؤن سوارن،

ڪي هيٺ ڪوراهڙ ڪن، مٿاهان مٿي مئا.

 

سورهيه بيٺا سڀنري، جهُلي منجهه جهڙگ،

حملا ڪيون حمزي ماريا، کنا منجهه کڙڳ،

ديمين منجهه دڙڳ، تائي وڌا تلوار سان.

 

ڀليءَ ڀت ڀيرا ڏنا، قلعي منجهه قنبر،

ڪئين اُڙد ڪفر جا، لوڙهيائين لشڪر،

ديميون دلاور، تائي ٿي تفريق ڪيون.

 

ڪُهــٖـي ”ڪلهوڙو“ چوي، ڀر سي اڙد عميق،

وڌائين سنڌو تنهن ۾، تاؤ مؤن تفريق،

شمشيرئون شريڪ، ڪو آيو ڪونه عليءَ سان.

 

پر ڪونڌر ڪروڙن وچ ۾، ڪئي هڪل حيدر شاهه،

ڪريون ٻانهون ڪوٽ جون ويا سهس لکن جا ساهه،

ٻڏي ويون مردود جون، ديميون منجهه درياهه،

هڪڙا آيا در اسلام تي، ٻيا سنئين راهه سپاهه،

شهر ڇڏي شمشاد شاهه، پُريائين پرديس تي.

 

دريا لنگهي ڀڄي ويا، کان عليءَ جي هبيت،

مڻي پهتا ماڳ تنهن، جت ’پلو‘ ويهي ولائت،

داد فرياد ڪيائون در تي، روئي ريلا رت،

چي، علي مڪــّـي کان آئيو، آهه جهڙو عبرت،

سسيون هاٿين جون پٽي، لعل ڏئي سر لت،

سورهه ڪُٺائين ڪيترا، تو جهڙا ڪي ان وقت،

دهه لٽي دهنور جي، ڪيائين اڙدن سان عقوبت،

پلو! وهج نه ويسلو، ايندءِ اڄ سڀان البت،

جي تون سارين ست، چڙهه پلو! ٿي اڳ ۾.

 

ڪوهه اڍائي پنج گز، هئي پلوءَ جي  ڊيگهه،

ڪري سر سلو سيگهه، ڪٽڪ ڪوٺايائين پانهنجا.

 

ڪڻڪ ڪوٺائي پانهنجا، ڪئي پيلڪ پلوءَ پاڻ،

آيو عليءَ شاهه ڏي، مَڳ لنگهي مهراڻ،

ٿي تڙڀيڙا تلوار جي، واهه وهن رت ساڻ،

ڪوڙين ڪافر ڪٺا، پڙ ۾ پهلواڻ،

ڏئي جنگ جدا ٿيا، هارائي حيواڻ،

اميرن کي آڻ، ڪنهن نه وڌي تلوار جي.

 

وري اُڙد کڻي ڪيترا، ڪئي پلو پيل پڻي،

علي هنيس اک ۾، پاهڻ پاڪ کڻي،

پئجي ازگر اَهليو، جئن ڇپ ميدان ڇڻي،

ڇڙيون ڇوهه هڻي، مردود سو مري ويو.

 

پنج سؤ پاسي هيٺئون، ڏهه سؤ دانهان ڪن،

ذڪر خوب ڪرن، آيا در اسلام جي.

 

اتي شآهه هنيو شمشاد کي، شير کڻي شمشر،

پلو مئو پاهڻ سان، ديمين ڇڏيو دير،

ٻيا سڀ پٺيءَ پير، لڳا علي شاهه جي.

 

مئي پڄاڻامن مڳن جي، ڪيا مسلمان سڀ سرور،

ڪامل ڪهايون ڦنڊران، دانہ تي دردر،

جڙيون مسجدون ملڪ ۾، تاءُ لٿا تڪبر،

ٻيا ڀي مُلڪ مَشر، ڪيا حيدر حوالي تن جي.

 

 

درست سڀڪو دين تي، جابجا جالي،

چلڻ چڱي چالي، ڪيائون عمل قرآن تي.

 

هليو مير مڪــّي ڏي، سنبت ڪئي، سردار،

اُٺ اَٽالا اجڪا، کنيائين هاٿين ٽيهه هزار،

مٿئو ڪروڙيون مال جونن، جواهر موتي جار،

شاعر ڪري شمار، تحفا تحائف ڪيترا.

 

سخي محمــّـد مصطفيٰ، آهي ڏيهن جو ڏاتار،

مان جهڙن جي ماڙ آهي، سچو سو سردار،

اٿس سڪ صديق ڏي، عمر اڪيچار،

اختيار علي، عثمان ڏهون، تهدلئون تڪرار،

تن نه ونگو وار، دلئون يار مَنين جي.

 

يڪدل يارن کي، تهدل مَنيو تمام،

ماڙ محمــّـد مصطفيٰ، ڄاڻو ڄاڻي ڄام،

سقر تن حرام، ڪوڏئون ڪلمون جن پڙهيو.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

مناقبو حضرت علي عه جو: ديو وارو[3]

 

اول الله عالم جو ڌڻي، قادر رب ّ قديم،

سو طبيبئون تيار آهي، حڪمت ڪاڻ حڪيم،

والي واحد وهده، رازق رب ّ رحيم،

سو ساراهيان سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،

ڪندو پاڻ ڪريم، جوڙي جوڙ جهان جا.

 

جوڙي جوڙ جهان جا، پاڻ ڪندو پروار،

حامي، هادي، هاشمي، اهي سردارن سردار،

ساڻ اصحابن جو هو ويٺو، مسجد ۾ مڻيار،

چارئي يار چڱا چوڌار، هئا حاضر هوت حبيب سان.

 

حاضر هوت حبيب سان، هئا سڀ اصحاب سڀر،

لکيو سير ڪتاب ۾، ڪنهن ڪوڏئون ڪاريگر،

اچي خلقت انبوهه ڪيو، مهندان مسجد در،

فائق ’فارسيءَ‘ کؤن پڇــٖـي، ايها خان خبر،

سورهيه منجهان اُمت ست ڄڻا، ماڳ تنهن مسافر،

سي ٿا پڇن پر، اُڀا احمد عاربي.

 

سي آندا مير مسيت ۾، اُهي مسلمان،

پيٽ وڏا، سبزين لڱين، و ِنگا دُرس دهان،

ماري مسڪل مرض جي، ساڙيا انگ سندان،

سرور سُرت سُجان، پڇيو تن کان پاتشاهه.

 

پڇيو تن کان پاتشاهه، هيءُ اُتي سردار،

ڪير آهيو، ڪاڏهون اچو، ڪنهن پراوهان پار؟

ڪهڙي سبب شڪم ڪيو اوهان کي آزار؟

خاڪ چُمِي خذمت ۾، ڪئي ڳولـٖـي هڪ گفتار،

اَجها عالم آڌار، ٻڌ حقيقت حال جي.

 

ڪئي حڪايت هڪيڙي نامئــٖڱي ڪري نظير:

مرسل! مغرب مُلڪ ۾ اهي ’سمس‘ امير،

وڏيءَ ولايت جو ڌڻي، عادل عالمگير،

منهنجو نالو ’قيس‘ آهي، هن جو آهيان وزير،

تنهن دانَهه ٿي دلگير، مون کي توڏي موڪليو.

 

مون کي توڏي موڪليو، شمس شاهنشاهه،

ندي مغرب مُلڪ تي، وهي جئن درياهه،

چؤڌر ڪوٽن چار سؤ، ڀڳائين بيپرواهه،

پاڻي پيئن اُن جو، ٻي نه تني کي واهه،

پوکون گذر گاهه، هِن عالم جا تنهين تي.

 

اوڏو هو تنهن آب کي، ڏاڍو جو ڏونگر،

تنهن مؤن پيدا نانگ ٿيو، اُتاهون اجگر،

سو پاڻي پيو پَٽ ڪري، سڀ سُڪائي سَر،

موٽي مار ڦٽو ڪري، ٿو اوڳاڇي اُوجَر،

سڀڪنهن سال سڀر، ورهين ئون وريو ڪري.

ورهين ئون وريو ڪري، مرسل اُهو مار،

ماڻهن کي مرض ٿئي، تنهن آب مؤن آزار،

ٻيو پاڻي پيدا ناهه ڪو، ندي يا نار،

چڙهي شاهه شمس ويو، جنگ مٿي جهونجهار،

ته ماري ڪنهن پرمار کي تڙي ڪڍي تڪرار،

ڦوڪيو ڦڪلدار ٿو لوهيو لشڪر لک وجهي.

 

لشڪر شاهه شمس جا، مڙيئي ماريائين،

اِئين آفت نه ٽري،  اڳتي اُتائين،

دانهين دوست خدا جا، آيس تو در تبلاهين،

هاڻي تاري توهائين، ڪر ڪا واهر ڪارڻي.

 

ڪر ڪا واهر ڪارڻي، ماڻهو سڀ مَرن،

مرسل تنهنجي معجزي جي، بلا کان بچن،

ماڻهو سڀ مسلمان ٿي، منجهه اسلام اچن،

ايها خبر منجهه خطن، لکي مالڪ مُلڪ جي.

 

خبر خطن جي خير سان، پئي پاڻ سخي،

سرور اصحابن کي چيو، نرمل نور نبي،

ڪهڙو قلعي تي مُنجان، مٿي باڪو بلا جِيءَ،

خبر خليل کي ڏني، واحد ڏنهون وحي،

مُنج تون معرب مُلڪ تي، اعليٰ ڄام علي،

وهندي فتح ولي، ٿيندي هٿئون حيدر شاهه جي.

 

چيو حيدر کي حضرت، جوان سگهو چڙهه جنگ تي،

مولــٖـي مون کي فرمائِي، ناميا تنهنجي نصرت،

سا پَسندين پاڻهي وڇي، اُت آڳي جي عبرت،

وڃي ڪر خلاص خلق کي، جنهن هيڏي ڪئي حرڪت،

ڏيئي لعين تي لت، نانهه ڪري نانگ تون.

 

سُڻنديئي سَردار، اسد الله اُتي چڙهيو،

چُمِي ٻڌائين چيلهه سان، ذوقئون ذوالفقار،

ڪوٺي قاصد قيس کي، ڪيائين سونهون تنهن پار،

عمر پٽ سعد کي ڪيو، عارف اصلحہ دار،

سي ٿي تُرت تيار، هليا حيدر شاهه سين.

 

گويا ئي گفتار، پئي ڪن حسن شاهه حسين جي،

سي شاهه نه رهن شاهه ري، سورهيه اُهي سردار،

سرور اصحابي ڏنا، تن کي ٽي هزار،

سي اصحابي الله جا، پرتا کي پروار،

سورهيه ڪري سينگار، جوان هليا ٿي جنگ تي.

 

ڪي قاصد قيس کي، درست چيو دوستن،

اوهين اچو اسلام تي، محبت رکي من،

تان پڻ چيو تن، پسون معجزو تو مير جو.

 

هٿ کڻي حضرت، دعا انهن کي دوست ڪئي،

اُنهن کي آزار مؤن، ٿي ساعت منجهه صحت،

ڪوڏ پڙهيائون ڪلمون، مولــٖـي جي محبت،

سونهان ٿي سـٖـي ست، هليا حيدر شاهه سين.

حاذق جان حيدر، چڙهيو مَلهه مُهِيم تي،

جنهن جي دهشت داٻ جو، ڏر پيو ڏونگر،

ڪنبيا ڪوٽ ڪفار جا، چُوزن جان چوڌر،

ڦوٽ اها ڦرهر، پئي ڪنبڻي ڪُل ڪفار ۾.

 

مرسل مغرب ڏي هليا، ڪري پِيل پَهس،

جوان ائين ويا جنگ تي، لشڪر سوڌا لس،

پکي گهوڙن کؤن پوءِ پيا، ڇڏي جان هوس،

پُنو ڪين پَڻيءَ کي، توڻي واءُ وڏا ڪيا وس،

تارن تعظيمان ڪيون، ڪَتين ڪيا ڪورنش،

ڏيهه ڏنا ٿي ڏس، وڃي مانجهي مغرب کي رسيا.

 

مانجهي مغرت مُلڪ ۾، ڪئي خابر قيس خبر،

جوان آندو ٿَم جنگ تي، پارئون پيغمبر،

سورهيه ٻيا به گهڻا، پر ناهه علي آڌر،

جنهن هو، هڪل جو، وڃي ڏر پوي ڏونگر،

سو باڪو بَلا جي ڪندو، ڪُٽــٖـي خان قبر،

استقبال امير کي، تون پاڻ هلي ڪو ڪر،

دست چُمي دلبر، شاهه وٺي آءٌ شاهه تون.

 

سُڻندي ئي شاهه شمس ٿيو، سرهو منجهه سرير،

هنڌ جوڙايائين حُجرا، ماڙيون محل منير،

گلم غاليچا گلرنگي، سونا تخت سرير،

پرڏر پهرايو علي امير، آندو ٿــٖـي هُن وٺي.

 

عليءَ جي آڻڻ کؤن جهليو، شاهه کي سمعون،

آهين عليءَ شاهه جو، تان ڀي واقف تون نه،

جنهن ڪَٽيا ڪوٽ ڪفار جا، ضايع ڪري زبون،

قلعي کي ڪــٖـيري وجهي، ٿو رهي ديمين مؤن نه،

هنر ڄاڻي حڪمتون، مرد وڏا مضمون،

ڪافر گوناگون، هُن ڪيئي ڪَٽيا تو جِها.

 

ڪئين ڪَٽيا تو جِها، ڪوڙئين ڪيا قتلام،

اچي لٿو ٿِي اوڏڙو، ڪري هُل هشام،

اَثِي عليءَ شاهه جو، ڪون بَلا سان ڪام،

ڪري آيو ٿِي قيس مان، اُتانهون انجام،

ڪندو مومن ڪُلني کي، مڃائيندو اسلام،

پوءِ ٿيندين پيشيمان، جڏهن صاحب ٿيندءِ سپاهه جو.

 

شمس تنهين شمعون جي، ترت سُڻي تقرير،

ڪيائين قيد قيس کي، جڙي ساڻ جنجير،

پيس سونچو منجهه سرير، هيبت حيدر شاهه جي.

 

هيبت حيدر شاهه جي، ڏر ٿي ڏڪايا،

لشڪر لويون لوءِ جا، هن به آڻايا،

ڪڙي دروازا ڪوٽ جا، پَل تنهن پورايا،

ڪيائين جنسار جنگ جا، سامان ۽ سعيا،

ته به ٿي ڏڪايا، هيبت حيدر شاهه جي.

 

هيبت حيدر شاهه جي، ڏر ڏڪايا ڏهڪار،

’مالڪ‘ موڪليو مرتضيٰ، لهڻ سڌ سنڀار،

قابل! ڪوٽ ڌڻيءَ جا، وڃي پَهه پڇي آءُ پار،

قيس نه موٽيو ڪين ڪي، جنهن ڪيا قول قرار،

اها گويائي گفتار، وڃي سُڻي سُڻائي آءٌ تون.

 

قابل هليو ڪوٽ تي، مالڪ تنهن مهل،

در تي دربانن ٿي ڪيا، کؤونسي زور خلل،

صاحب صحابيءَ چيو، مُڙڻ لئي تن کي مَل،

سٽي سڀني کي سانگ سان، سوجهي ڪيان هوند سَل،

پر مون کي ڪئي آهي مرتضيءِ، جهيڙي کؤن جهَل،

واٽ نه اٿم ويڙهه جي، مون کي ڏيو موڪل،

ته پڇي تنهن بادشاهه کؤن، لهي اچان ڪا ڪَل،

تنهين مهل تَهل، قابل نيائون ڪچهريءَ ۾.

 

قابل نيائون ڪچهريءَ ۾، مالڪ منجهه درگاه،

جيڪا منشا من ۾، اَٿي شمس شاهنشاه،

پاڻئون ڪر پڌري، درست ويهي داناه،

صاحب اصحابيءَ کي چيو، اڳيئون هيءُ اُمراه،

گهڻو ٿياسـٖـي سرها، جي آندو پِرين الله،

آءٌ قدمن تئون قربان ٿيان، سِر سوڌو ئي ساه،

پر لائق! لشڪر کي نٿو، وِير! پوي ويساه،

جي آيو آهي اسان جِي، واهر ٿو سو واه،

اول ناميو وڃي نانگ کي، ڪري تڪ تباه،

ته پوءِ اچي پيرين پوان، سوڌو ساڻ سپاهه،

ايها وڃي آگاهه، ڪئي مالڪ مرتضيٰ سان.

 

مير خبر جان مرتضيٰ، سڻي سوڀاري،

سرور اصحابن کي چيو، نرمل نهاري،

آءٌ اَلاهر اڳي وڃان، سو مار اچان ماري،

پوءِ اچي پرجهان، هن جو سبب ويچاري،

رات پئي ”رنگريز“ چئي، قلعي ڪناري،

عبادت الله جي ڪئي، سڀني سنڀاري،

عصر ويل آواز ٿيا، ڌم شهر ڌاري،

دهل دمائي دانهن ڪئي، ٿي قرناءِ ڪوڪاري،

قابل قنبر کؤن پڇيو، پِڙ مٿي پاڳاري،

آءٌ سڌ لهي ساري، ته ڪهڙيون آهن ڪوڪران.

 

ڪُل خبر لهي اچي ڪئي، عاقل سان اظهار،

جيڪا ڏٺي هئائين، سا سڀ ڪيائين سان مختيار،

ساڻ سچي سردار، خابر خبر سڀ ڪئي.

 

ساڻ سچي سردار ڪئي، خابر سڀ خبر،

اڄ نڪرندو نانگ سو، منجهئون زور زهر،

هڪل ڪري ٿو هيڪڙي، منجهئون زور زبر،

ماڻهو ٿا مستان ٿين، جي ڪَن پوي ڪُوڪر،

اهي سبب تنهن جي ساز ٿيا، سڀئي هل حشر،

جيئن هُن جو هنن تي نه پوي، بڇڙو صوت اثر،

ڪئي ايها خابر خبر، صاحب سپاهه ۾.

 

ٻڌو تنهن جو آواز، جو سڀني اصحابن،

ڪَنبي سي قابل ويا، لرزي منجهه لڱن،

ياور يارن کي ڇڏيو، منجهه تنهن ماڳن،

عمر پٽ سعد جو، ڪيائين سردار سڀن،

هليو حيدر شاهه هيڪلو، تنها منجهئون تن،

هڪ حَسن ٻيو شاهه حُسين، ٽيو مالڪ سان ميرن،

سنگت ٿيا سـٖـي شاهه جي، محبت رکي من،

هڪڙي جاڳهه جوانن، ڪاهيندي ڪا ڏٺي-

 

ڪاهيندي، ڏٺائون، هڪ منارو محڪم،

چڙهي چارئي ويا، دوست نه ترسيا دم،

ڏاترن اُتهين ڏٺو، هڪ آزاري آدم،

دعا تنهن کي دوست ڪئي، راسخ ڪري رحم،

چڱو ٿيو سو چت مؤن، ويس غصو ۽ غم،

مومن ٿيو ڪِماهه کؤن، پَسِي ڪرامت ڪرم،

پڇيو تنهن کان پاتشاهه، فاضل ڪري فهم،

ڪهڙو وٺي ڪم، جوان ويٺو آن، هِن جاءِ تي؟

 

چؤنڪي آهيان شاهه شمس جي، مانجهي نالو ميرَ،

اڄ نڪرندو نانگ سو، جبل مؤن جائگير،

سڙن جنهن جي ڦوُڪ سان، ڇَهن ڪوهن تي وڻ ويرَ!

پکي پڻ هوا مؤن هڻي، پَس پَرن جا پيرَ،

آءٌ پاسي آدمي ڪيان، ڏيو ڪَل ڪبيرَ،

سي لائق! هڏا لشڪر جا، هي جا ڏسين اَڇ امير،

ماري شاهه شمس جا، نانگ ڪيا نَهَسير،

فنا ڪري ٿو ڦُوڪ سان، ديــٖـميون ڌانڌاگير،

اهڙي مُلاحظــٖـي مير، آهه نهايت نانگ جي.

 

ٻڌي نهايت نانگ جي، دهلجي ويا داناهه،

مگر ملاحظو نه ٿيو، هڪ اعليٰ علي شاهه،

ياور ڇڏيو يارن کي، ڪري مالڪ صلاح،

ويهي چؤنڪيءَ وچ ۾، مون کي ڪيو دعاء،

ڪندس مقابلو بلا سان، آهر وڃي الله،

چُست ويندي سِر چاهه، هليو سورهيه ستونو ڪري.

 

سورهيه ستونو ڪري، جان راسخ هليو راءُ،

دهليو دُلدل شاهه جو، هُن جو پَسي هڳاءُ،

مردان مر ّڪب کي ڇڏيو، پاڻ هليو هيجاءُ،

پيو پَرتوو نانگ تي، سندو شاهه شجاع،

شاهه ڏٺو تنهن سوءِ آهه، شــٖـير جي شڪلاء،

اُن کي علي شاهه جو، پيو دل منجهه ڌڪاءُ،

سو کؤنسِي نڪتو کوهه مؤن، مار تنهين ماڳاء،

تنهن پُڇ پانَوَ کي هنيو، ضڙت ڏيئي زوراء،

ان پر لڳو امير کي، جيئن ٿئي ڌڙ ڪو ڌڪاء،

پنج سئو هزار مڻن جي، جيئن ڇَپ ڇڻي ڇوهاء،

تڏهن به عليءَ شاهه جو مڙيو نه پير ماڳء،

هڪل حيدر شاهه ڪئي، ڪاوڙ مان ڪستاء

زيرڪ زوالفقار ڇڏي، حيدر هٿ منجهاء،

اُنهيءَ مؤن پيدا آگ ٿي، آڳي جي اِذناء،

تنهن مڱر، مڱر سان ڪيو، بلا پاس بتاء،

ڊِني گهڻو ڊپاء، اُٿي آفت سان ڀڳي.

اُٿي آفت سان ڀڳي، موٽي تنهن مهل،

پيهي ويئي واءُ جان، اندر کوهه خلل،

ڪيهر ڪڍ ٽپو ڏنو، ڪري حيدر شاهه هڪ،

ميخان جي موزن جون ، تن ڪيا سِر بلا جي سَل،

تنهين مهل تَهَل، نانگ ويو ناپيد ٿي.

 

نانگ ويو ناپيد ٿي، ڏسي وِر وري،

اُتهين اندر کوهه ۾، ڏٺي دوست دري،

تنهن کي هڻي تري، اندر گهڙي امير ويو.

 

اندر گهڙي امير ويو، منجهه تنهين غار،

جاين گهڻين جا ڏٺا، جوان اُتي جنسار،

صاحب تنهن سير جا ڪيا، دوست چڱا ديدار،

ڏاتار گهڻيئي ڏٺا، تخت اُتي تڪرار،

سونهاري سردار غازي ڏٺا ها غار ۾.

 

غازي ڏٺا ها غار ۾، اندر تنهن امير،

جايو گهڻيون جاڳهون، پَسندو وتــٖـي پير،

ناميي نظر آئيو، هڪ سونو تخت سرير،

تنهن تي اُگهــٖـي ريڳاڙيون رت جون، ديو ويٺو دلگير،

شُومَ ڏٺو شاهه کي، اُٿيو کڻي کنو خنزير،

پاهڻ پنج سئو مڻن جو، جنهن دست ڪيو ڌنڌاگير،

اُڇلي هنيائين امير ڏي، ڪَست منجهان ڪبير،

ته به علي شبير الله جو، مڙيو ڪين منير،

تڪ کڻي ڪيو تير، زيرڪ ذوالفقار سين.

زيزڪ ذوالفقار، ڊوڙي هنئي ديوَ کي،

پهرئين گهاءُ پليت کي، ڪيو تڪ کني تڪرار،

مڳ مناري جان ڪيو، ڪري ڪيهه ڪنار،

ٻيا به اڪيچار، آيا دانهن ٻڌي تنهن ديوَ جي.

 

ٻيا به آيا اڪيچار، پر ڏيل تني جا ڏسو،

هئا ڄڻ ڏونگر قد، مٿا ڪوٽ ڪپار،

وات ڪوهن کؤن وڏا، ڪَنَ هاٿيءَ گرد غبار،

ٿنڀي جهڙي ٿولهه سين، وتن ڏند ڪڍيو ڏهڪار،

اکيون رونق رت جان، قد جيڏيون ڪونار،

ڊگهي ڏاس ڊڀن کؤن، ٻيا ڀؤنچ وڏا ڀودار،

ڪــٖـي ڀؤناڪي ڀَوَناڪ، ڪي بد رنگا بيشمار،

ڪي ڪارا، ڪمرا، ڀُورا، ڪي عجيب رنگن اَپار،

ڪي ساوا، ڪي سبزا، ڪي ڪارا قاربدرا،

ڪــٖـي نِوَن نانگ نفير جان، ڪي ازدمائن، اَپار،

ڪي منگر مڇ جان ٿيا، رُڏ اچن رڻدار،

هاٻو هُلچو هُونگ ٿئي، جيئن جهڙن ڪيا جهمڪار،

ڪي واچوڙي جان اچن، ڪي ڄڀي جان جَڙدار،

حملا ڪيون هزار، آيا عليءَ شير تي.

 

آيا عليءَ شير تي، اهڙا سڀگ لشڪر،

دهشت جهڙا ديوَ ها، سڀ سپاهه سَڀر،

جي اُڇلين آدمين کي، اُهي ئي اجگر،

وڃي ڪوهه ڪاف کان پري پوي، سندو بت بشر،

هَي هَي حيدر شاهه تي، آيا ديو دنير،

سَٽي سڀني کي سارڌو، کنيو خان خنجر،

جيئن ڪکن ڪانن کي، لڳـٖـي مچ مَڱر،

تيئنرڻدار ڪيا، ورنهه ڏيئي وَر،

تان به ڪيو تڪبر، ٿي پَهس پروانن جان پيا.

 

پَهس پروانن جا يپا، کؤنسيو اُهي خام،

تن کي تڪ ترار سين، ڪيو اڳيئون امام،

ٽي ڏينهن جوان جنگ ڪئي، شرط وڏي سان شان،

ته به آئــٖـي وقت اَعلام، ٿي پڙهيون نمازان بادشاهه.

 

جڏهن نيتــٖـي نر نماز، پانَوَ بيهي پڙ ۾،

ڊوڙي تن ديوَن کي، ڪري اِبليس آواز،

ويلو اَٿوَ ويڙهه جو، ڪيو دست دراز،

ڪافر ڪانوَن جان اچن، پَرو ڪيو پرواز،

سي بحري وانگي باز، ٿي ذوالفقار زوال ڪيا.

 

شمشِرن سان شاهه، دمدم ديوَن کي دڳيو،

ته به ڪم ڪٽڪ مان ڪين ٿيا، آيا سرس سپاهه،

اچن اڳي کؤن گهڻا، ڪيو ڪاهؤن ڪاهه،

پريئون اچي پيدا ٿيو، هڪ جوان تنهن جاڳاهه،

تاج جنهين جي سِر تي، صورت ۾ هئو سو ماهه،

ڏسي ديو تنهن کــٖـي ڀڳا، ٿيا ڀاڻئون واڻئون راهه،

اچي سلا سَخيءَ کي، اڳيئون ڪيو امراهه،

اي علي شير الله! نچ ائين تون نامدار.

 

ناميي، ناميي کي ڏسي، عارف ڪيو عجب،

مون سان تون معلوم ڪر، سگهو سَل سبب،

لائق چوري لب اُتو هيئن امير کي.

 

’راشد‘ نالو منهنجو، آيهان ديوَن جو دهدار،

پيءُ منهنجو هو بادشاهه، مان سڀني جو سردار،

هو جو خر هڻي تو کوهه، ماري ڪيو مُردار،

سو هو اصل ايلچي منهنجو، ڪمن کؤن ڪمدار،

پر دانهه دختر تنهن جي، هئي صورت جو سينگار،

هڪ ڏينهن اُنهيءَ جو مان، دوست ڏٺو ديدار،

اُنهيءَ مڱ ڪئي منهنجي، نانوَ رکي نروار،

ڏيئي ڏيهه اُنهيءَ کي، ڪيم سڀني جو سردار،

ڦري سو ڦڪل ويو، ڏيئي قول قرار،

ڀڄي زور پليت ويو، منهن مَٽي مُنهن ڪار،

ماڻهن کي ڏنو هو، اُنهيءَ گهڻو آزار،

وير! اهو ويچار، هو صاحب سڀ سپاهه کي.

 

صاحب سُتو هوس آءٌ، هڪ رات راوت،ڱ

خير البشر خواب ۾، ڏٺم سج جيان صورت،

مان کي مسلمان ڪيو، حامي تنهن حضرت،

دانهن ڏني مون درد مان ريلا روئي رت،

منجندس آءٌ عليءَ کي، صاحب سورهيه ستت،

اچي ڪندو اتهين، تنهنجي مير مَدت،

ديو جهڙو دهشت، ماري ڏيندءِ مير سو.

 

مون _ٺي ٿي تنهنجي، راسخ تڏهانڪون راهه،

اڄ اچي سپاهي ڪئي، من کي اي آگاه،

ته مڙس ماريو ٿي هيڪڙي، هو جو چور منجهه چاهه،

اسد الله علي4 ري ڀلا، ڪير ڪري ٻيو ڪاهه،

اڃا هئي اها، سندي ڳلاهين ڳالهه،

ته اها اچي ناگاهه، پريئون پيدا ٿي پدمڻي.

 

پريئون پيدا ٿي پدمڻي، جڏهن اوڏڙي آئي،

راشد ڪري پيو پَٽ تي، سونهن پسي سائي،

چيو حضرت شاهه ان کي، اي ٻاجهاري ٻائي!

راشد مري ٿو تو لئي، ۽ تو لئي ليلائي،

تون ڪر قبول هن کي سهڻي سدائي،

چي، مون سڀ مڃي مرتضيٰ! جا تو چئي چڱائي،

منشا منهنجي من ۾ اهي، جيءُ اندر جاءِ،

سا صاحب! سڀائي، پرور لڳ پوري ٿئي.

 

مون کي ڏنو آهه مصطفيٰ، منهنجو جوڙ جمال،

عيب تنهين ۾ هيڪڙو مشڪل آهي محال،

پُر ٻانهُن تي ڏاس جيئن، ڪوجهي آهه ڪمال،

لڪايو وتان لوڪ کؤن، اهو ئي احوال،

الحمد پڙهي ڪيس، فائق ڦيڻو في الحال،

وار تنهن جا وهند ۾، ٿيا پَٽ ڪنا پئمال،

ساٿي صورت سال، لکين ڀاڱا لڱن ۾.

 

سهڻي صورت ۾ ٿي، سا آجي عيب ڪناء،

حاذق موٽي هوش ۾، راشد آيو راء،

پريندي پدمڻيءَ سان ڪيس تنهن نڪاح،

راضي جنهن تي راءُ ٿي پيو، مردان مهر منجهاء،

لٿن غم ”غلام“ چوي، حيدر شاهه هٿاء،

رس ريجهون راحتون، ٿيون طرحي توڙا،

ٿيا بالا بياناءِ، لکين شرح شمار ۾.

 

چيو راش راوَ کي، اڳيئون علي شير امام،

جيڪي ديوَ اٿئي دست ۾، ڪر حاضر ساڻ حڪام،

تن سڀني ڏي ڊوڙايا قاصد، فائق ڏيئي پيغام،

سي سڀ گڏ ڪري، آندائين وٽ علاما،

وهندي وير وريام، مڙئي مسلمان ڪيا.

 

ورتا وچن تن کؤن، جابر جُنگ جوان،

جئن مغرب ملڪ ۾، هِن حرڪت ڪئي حيوان،

تهڙي توهان مان وري، هڏهين ڪري ڪان،

قول قرار ڪيا، سڀني، اڳيئون سلطان

هرگز وري ڪان، حرڪت ڪندو ديو ڪو.

 

ويهي چونڪيءَ وچ ۾، شاهين چيو شاهه کي،

آهين اسد الله عليءَ جو، تون ياور يار يقين،

ڏينهن ٽيون گذريو، ڪا قابل ڪَل ڪرين،

اُتو امامن کي اُتي، زيرڪ چمي زمين،

ته آهي منهنجي من ۾، سرسي سِڪ سندين،

پوءِ گهوڙو گهوٽ پلاڻيو، ذوقئون وجهي زين،

سِر سهسائي سو هليو، ڪنهن پر ڊنو ڪين،

تان اچي اُن امين، سڏ کڻي ڪيو کوهه تي.

 

سڏ کڻي ڪيو کوهه تي، مالڪ ان مهل،

واءُ وڃي سو ڪن وڌو وير جي، تنهين مهل تَهل،

سڏ ورنايو سارڌو، ڪري حيدر شاهه هڪل،

تنهين مهل تهل، اچي غازي نڪتو عار کؤن.

 

آيو انهيءَ کوهه تي، اونهو جو اَپار،

عارف آيتون پڙهيون سِپر تي سردار،

سا کڻي اُڏاڻي کوهه مؤن، مالڪ وٽ مختيار،

صاحب سوڀارا گڏيا، يڪدل گڏيا يار،

پوءِ دانهه دلدل تي چڙهي، ٿيا راسخ ٻئي رهوار،

اڳيئون امامن ٿي ڪيا، نهاريو نرت نظار،

سڃاتائون سپرينءَ کي، ڏوران ئي ڏاتار،

پوءِ مير مناري تان لهي، اچي گڏيا اڳوار،

سـٖـي چار ئي ٿي هسوار، هليا پنهنجي اُڙد ڏي.

 

شمس کي شمعون وزير، چوري چاڙهيو چور،

علي ويو آفت ڏي، دانَهه ڀريو دور،

جيڪس شير شهد ٿيو، ايئن ڪهن ڪور،

اسين وٺون اصحابن کي، گهمرا ڏيئي گهور،

چڙهيو ويهه هزار وٺي، شرط وڏي سان شور،

ويرين ويڙهيا ويڙهه لئي، بَهُت بچائي بور،

اڳيان اصحاب نبيءَ جا، شان وڏي شهزور،

سي طرح تماشي طور، ٿي جوان بيٺا جنگ تي.

 

جوان بيٺا هِن جنگ تي، اصحابي سردار،

هوڏهون هنن حملا ڪري، ڪڍيا هِن هٿيار،

توفون تون تمنچا، جنبي جوش جرار،

بعضي باهه بندوق جي، ٿي چوطرفين چوڌار،

دَس ڇُٽا دونها ٿيا، گردون گرد غبار،

رائــٖـي ۾ رڻ ريهه ٿي، ڪڪر ڪارونڀار،

وڌيون تراريون تَن ۾، ٿي مصرين جي ملهار،

سَٽ سَٽ سرواهين جي، چَهه چَهه ٿي چوڌار،

هِڪ هِڪ ساڻ هزار، مَٽ سَت اصحابي ٿا.

 

سَرسا سَت اصهابي جي، ڪاهي پيا شتاب،

اُڙد اُٿلائي وڌائون، سان تڙي تاب،

ٻئي ڏينهن آيا ويڙهه تي، سـٖـي شوم شتاب،

جليل وڄايون نفيرون، اُٿيا آرڻ جا اسباب،

تان علي جهڙو آفتاب، پريئون پيدا شاهه ٿيو.

 

پريئون پيدا ٿيا، چڱا سي چارئي،

ڪا جا ڪفارن کي، ڪَل پئي سائي،

ڪِرين هٿيار هٿ مؤن، سي ڀڳا سڀائي،

مَت تني کي ماڳ تنهين، اُتي هي آئي،

ڪڍ لڳا ڀ قيس جي، وهند وريائي،

مومنآهين ماڙَ ٿي، هل تون هيجائي،

ته خاوند خطائي، مانَ بخشي مرتضيٰ.

چيو تنهن شاهه شمس کي، ورنهه قيس وزير،

شوم شرير شمعون کي، ماري وجهه منير،

پاند ڳچيءَ ڳارو ڪري، اوڏو هل امير،

ته تنهنجي تقصير، مِهر منجهئون معافي ڪري.

 

شوم شرير شمعون کي، ماڳ تنهن مارايو،

هر هر حڪت جو، جنهن ٿي بوتو بنايو،

پاند ڳچيءَ ڳڳارا ڪري، شاه اڳيئون آيو،

ڪري قمن تي پيو، ٿي لٺي ليلايو،

ات اسد الله جي، عطا در آيو،

ٿي ورنهه وسايو ڪڪر ڪرامت ڪرم جو.

 

ڪڪر ڪرامت ڪرم جو، علي شير امام،

ڏوهارين کي ڏوهه ٿو، ڄاڻي بخشي ڄام،

چوڌرڪوٽن چار سؤ، مغرب منجهه مدام،

لڙهه لائق جي لام، مرئي مسلمان ٿيا.

 

مديني ۾ مصطفيٰ، ٿو علي سنڀاري،

الله! آڻ عليءَ کي، ساهه گهڻو سياري،

ڪنڌ کڻي جان ڪارڻي، نرمل نهاري،

تان نر کي نظاري، اڳيئون علي شاه آئيو.

 

گڏيا سڀ خوشيءَ مؤن، ٿيون خوب خوشيون،

مديني ملڪ ۾ ٿيون، خوشيون خيراتيون،

کائن ۽ کاڄن جون، وريون واڌايون،

افضل امداديون، شاعر گهري شاهه کؤن.

 

شاعر سوال شاهه تو، وياءُ گهري هر وقت،

ميران تنهن کي مهر مؤن، ڏي هيڻي مٿي هت،

پاڙي وهاريو پانهنجي، هاشمي حضرت،

روشن اوهان جي ورح کي، حاجي حقيقت،

ڪلمن شهادت، هميشه همراهه ٿئي.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله


[1] . هن مناقبي جون ٽي روايتون مليون. جن مان ٻه اُتر مان غلام قادر (تعلقي ميرو خان) ۽ غلام رسول جتوئي (تعلقي وارهه) کان مليون، ۽ ٽي روايت اڻپوري، لاڙ مان محمد طالب لوهار(تعلقو ٽنڊو باگو) کان ملي، جنهن حاجي يوسف ڀان جي قلمي نسخي تان ورتي.

[2] . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

[3] . هن مناقبي جو ستن ”وفات نامون“ مطبوع نولشڪور پريس لاهور سن 1914ع تان ورتل آهي. شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org