مناقبو نبي ﷺ جو: حضرت ابراهيم جي وفات وارو[1]
(چيل مخدوم عبدالرؤف جو[2])
سارهه صفت سڀ الله کي، جانڪي تان جُڳاءِ،
مالڪ مُلڪن جو ڌڻي، مولو مُلڪ خداءِ،
ماري جياري سو ڌڻي، لهي سڀن ڪَرا،
”تبارڪ الذي بيدهِ المُلڪ وهو عليٰ ڪل شيءِ
قدير“ آگو اهڙو آ،
”ن الذي خلق الموت والحيواة ليبلوڪم اَيُڪم احسن عملا“، سچو قادر ڪلاما،
ڪريان قصي جي ڳالهڙي، ڪڍي ڪتابا،
جي هئا فرزند رسول ڪريم جا، سي پڻ سڻيجاه،
’طيب‘ هڪ، ’اسم‘ ٻيو، يون حضرت اِبراهيما‘،
عُمر حضرت ابراهيم جي، هئي ستن ورهن شمارا،
ٻيا ننڍي ئي فوت ٿيا هئا، هاديءَ جي حڪما،
جڏهن حضرت ابراهيم ٿي پڙهيو، ڪامل رآنا،
وٽ استاد پانهنجي، حضرت عثمانا،
صورت ۾ سهڻو هو، حضرت يوسف کا،
۽ آواز حضرت دائود جهڙو، سندس صحيها،
خُلق ۾ حضرت محمد جهڙو، هو ڪامل منجهه قلبا،
هئي حُب حبيب جي، مٿس محڪما،
ڏاڍي حُب رسول کي، هئي فرزند مٿا،
جنهن جو نالو حضرت ابراهيم، رکيو رسولا،
ڪلمون پڙهيائون تنهين تي، ٿي اڳهين نبوتا،
”لااِلاالله ابراهيم خليل الله“ ٿي پڙهيائون پِرتا،
جڏهن ثابت ٿي حضرت رسول تي، صحيح نبوتا،
تڏهن پڙهيائون پاڻ تي، ڪلمون هن طرح:
’لااِلہ الاالله اِني رسول الله“ پڙهيائون پاڻا،
هو عاشق فرزند اُتي، بيحد بسيارا،
مولو مشتاق نبيءَ تي، نبي فرزند مٿا،
عاشق اصحاب ٿيا، سڀ مائل مشتاقا،
تنهن جي حلم حيا جو، هئو مٿو نه مورا،
جنهن گڏيو، تنهن جهڙو، سياڻو سنئا،
ماکيئون مِٺو گهڻو، سونهارو سهجاءِ،
ڪامل ڪماليت ۾، هئا اڪمال اصلا،
ڪريان قصي جي ڳالهڙي، ڪڍي ڪتابا،
جڏهن ٿيو امرالله جو، ملڪ الموت ڪنا:
وڃي چئو تون رسول کي، سهسين سلاما،
ته آڻائيو حرت ابراهيم کي، مولي مُلڪ خدا،
تڏهن حڪم ٿيو جبرئيل کي، وڃ ڏنهن رسولا،
اختيار ڪيائين تنهنجي، ڳالهين ٻن رضا:
پٽ پيارو تون ڪرين، يا پياري اُمتا؟
”ان ترد اختر تڪ ابن العزيز وان ترد اختر تڪ الامتي العاصي“ فرمايو خدا،
”فتحير رسول الله“ حيرت ۾، پيو حضرت حبيبا،
ڪا مدت ڪيتري، ٿيو مدهوشا،
پر چيائون جبرئيل کي، جوڙي جوابا،
آنءُ ساڻ امت پنهنجي، سوُنهان ٿو سدا،
حضرت ابراهيم صدقو ڪندس، امت مٿا،
تڏهن جبرئيل وريو پوئي، موٽي مڪانا،
پوءِ حڪم ٿيو عزرائيل کي، آگي جي پارا،
ته وڃي وٺ روح، سندو حضرت ابراهيما،
هلي آيو ملڪ الموت، منجهه حضرت حضورا،
چائين حضرت رسول کي، اُڀي سان اَدبا،
ته آڻائيو حضرت ابراهيم کي، قادر جي قضا،
حضرت ابراهيم هو منجهه مسجد مشغولا،
وٽ استاد پانهنجي ٿي پڙهيائون قرآنا،
دور ڪيائين ٿي قرآن جو، ساڻ احسان الحانا،
ٻُڌي ڳالهه پُٽ جي، ٿيو حضرت افسوسا،
حڪم ٿيو جبرئيل کي، ڏنهن قادر قديرا،
حڪم موجب رب جي، سنڀري سيگهه منجها،
هلي جبرئيل آئيو، اڳيان محمدا،
اچي ڇيائين نبيءَ ڪريم کي، ههـڙي طريقا،
”خذهُ مصطفيٰ ولاحِتراق السماءِ“ پاڻ چيو موليٰ،
ته وڃي وٺ کي مصطفيٰ، جو مرسل مجتبيٰ،
نا ته سوز ۾ تنهين جي، ٿو ساڙيان اُڀ ڪنا،
پر راضي ٿيو رسول رب جو، پَسي فراقا،
جبرئيل وريو پوئتي، سڻي جانب جوابا،
پوءِ آيو محمد ڪارڻي، مسجد در مهندا،
نڪري ٻاهر آيو، هڪ نينگر مهت منجها،
يا ولد من يعمل ابراهيم“ پڇيو رسول الله،
ڇا ٿو ابراهيم ڪري، مسجد منجهانرا،
چي، پڙهيائين قرآن ٿي، هاڻي هن حالا،
پر ٿيس سور مٿي ۾، ڏڪيو ٿي ڏيلا،
”فبڪيٰ رسول الله عليٰ هذه الامور“ اي ڏسي امرا،
اُتائين نينگر کي وڃي، سڏيائين سهجا،
نڪري ابراهيم آئيو، منجهه حضرت حضورا،
چيس ڪامل ڪارڻي، مرسل مجتبيٰ،
آيو مهمان هڪڙو، سڏيئي سهجا،
آهي نوراني شخص سو، موچارو مردا،
تڏهن چيائين حضرت رسول کي، اڳي ٿيءُ ابا!
تان اُتائين فرزند کي، اڳي ٿي اِبنا،
چي، ادب آهي شرط هي، ٿيڻ اڳي ابي ڪَنا،
ناهي برابر ٿي هلڻ، پنهنجي والد سان،
”يا ابن امش حتيٰ نظر هل“ ڏسان پرين پيارا،
”الامرُ فوقُ الادب“ چيو رسول خدا،
تڏهن هلي آئيا ٻئي، پانهنجي گهر منجها،
اچي گڏيو مهمان کي، حضرت ابراهيما،
تان چيائين حضرت رسول کي، والد وسيلا!
هيءُ موچارو مهمان آ، پر دل ۾ پيم ڌڪاءُ،
خوف منهنجي ڏيل ۾، ڏسندي پيو ڏورا،
تڏهين چيو رسول رب جي، ڦري فرزندا کا:
هي موچارو مهمان آ، پر ساڙيندو جيرا،
پئي آڳ اندر ۾، اندر آڙهه پيا،
تڏهن حضرت ابراهيم چيو، آهي ڪير مردا؟
چي، آهي ملڪ الموت سو، جو ڪڍي ارواحا،
پُٽ پِئُن کان ڌار ڪري، ڌيءَ ڪنا ماءُ،
ڪري ڪونه ڪنهن تي، ڪڏهن ڪو ترسا،
آءٌ ٿو قربان ڪريان توکي، پنهنجيءَ اُمت تان،
آيو تنهنجي روح لئي، موڪليو موليٰ،
تنهنجي منهنجي وچ ۾، ٿا پون وڏا وڇوڙا،
وري ملڻ پانهنجو، ٿئي ڏينهن قيامتا،
تڏهن حضرت ابراهيم چيو: تان ڪريان ساهه فدا،
سهسين صدقي ساهه ڪريان، پنهنجي سائينءَ تان،
رڳي موڪل ڏي تون، هيڪڙي ساعتا،
ته وڃي اصحابن سان، آءٌ ڪريان وداعا،
تڏهن ڏنس رسول رب جي، وٺي موڪل مَلڪ کا،
سو آيو اصحابن وٽ، وٺڻ وداعا،
اي اصحابو ڀائرو! ڪڏهن ٿي پڙهيوسي قرآنا،
”سامِعُ مُستَمِعُ“ پاڻ ۾، هئاسين هيڪاندا،
ٿي ذڪر ڪيوسي رب جو، مڙي مهت منجها،
هاڻي ڌَڙ منهنجو ٿو ٿئي، ڌرتيءَ منجهه دفنا،
نه ڄاڻان لحد ۾، ٿين ڪهڙا معاملا،
”فَبڪيٰ حساباً شديداً، ڪيائون آوازا،
رُنو اصحابن گهڻو، ڪري آهون ففراقا،
پُسي سوزُ حرت ابراهيم جو، ڪن هَئي هَئي حديثا،
تڏهن موٽي آئيو حضرت وٽ، ٿيس درد دماغا،
مٿو مُونن نبيءَ جي، مٿان رکي سمهيا،
تڏهن ويهي مَنِيُن مٿي کي، مِٺي محبوبا،
ڪيو اشارو ملڪ الموت کي، سچي سردارا،
ته ريڙهي روح رڳن مون، ڪڍي هوري حاذَ کا،
”الوداع، الوداع ابني لاجل اُمتي“ چيو رسول خدا،
فدا ڪريان ٿو حضرت ابراهيم کي، اُمتين مٿا،
”ياايهالنفس المطمئنہ الرجعيٰ اليءٰ ربڪ راضيعہ مرضيہ فادخلي في عبادي
وادخلي جنتي“ ته حضرت ابراهيم اکيون پٽي، چيو
اڳيان.
اي اَبا محمد منهنجا، اي اما عاشيتا!
الوداع، الوداع، قيامت ڏينها،
ائين چئي داخل ٿيو، منجهه رحمت رحيما،
سڌاڻو ساڻيهه ڏي، ڇڏي دار دنيا،
لالن لڏيو لوءِ مون، ٿيڙو واويلا،
عرب ۾ افسوس ٿيو، هَئي هَئي حديثا،
مڇڙئين ماتام ٿيو، روئِن مَلڪا،
ٿيو سوز ’شفيع‘ کي، اَپر اندوها،
”وصبرو ماصبرڪ الا باالله ولا تَحزن عليهم“ فرمايو خدا:
صبر ڪر تون سيدا، منهنجا محبوبا!
بدل انهيءَ خون جي، وٺ مون دَينا،
راض تنهنجو هڏ ٿئي ۽ راضي ٿيءُ رضا،
موٽي چيس مصطفيٰ، احمد مجتبيٰ،
ڏينم دين ۾ تون، آگا اُمتا،
جبرئيل پائي آئيو، سائي پوشاڪا،
پڇيس رسول رب جي، تو ڇو ڪيا ڪارا ڪپڙا،
چي، جيڪي مَلائڪ خلقيا، مولي ملڪ خدا،
ستن آسمانن ۾، آهن جي رهيا،
تن سڀني ڪپڙا ڪيا آهن ڪارا،
سي آهن سڀ اندوهه ۾، اندر افسوسا.
سڻو مؤمنو مڙيئي، اهڙا اشارا،
ڏيو ختما تنهن ڀلي کي، ساري سڪ منجهان،
نالي ڏيو تنهن جي، خير خيراتا،
جنهن پرينءَ پنهنجو پُٽ ڪيو، صدقو اُمت تا،
ضامن ضعيفن جو، ڏنو رسول خدا،
اهڙو ڀَلو ڀروسو، مڙني محمدا،
جُڙي ڪونه جهان ۾، ساڻس منجهه سخا،
هامي حضرت هاشمي، هيڻن همراها،
مون جهڙي معذور تي، ماڙِ ڪندو مددا،
عاصي ”عبدالرؤف“ تي، رسج رسول خدا،
بخشين سڀ برائيون، خاميون خون خطا،
ويندا سڀ ايمان سين، جي ڪلمون چون مها.
لااِلــٰـہ الاالله محمد رسول الله
مناقبو نبي ﷺ جو: هجرت وارو[3]
(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو[4])
پنجاهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،
جڏهن ڪئي دشمني ڪافرن، گهڻي پيغمبر سان،
ويري آوڀير سوير ۾، حسد منجهه هئا،
تڏهن حضرت مديني هليا، لڏي مڪي کان،
وَحيُ موجب رب جي، مڃيائون حڪما،
سو ورهيه ٽيونجاهون هو، ڄائي ڄام ڪنا،
پهرين ماهه عرس جي، مڪي منجهان نِڱئا،
وٺي حضرت صديق پاڻ سين، رات کي رميا،
سا هُئي رات خميس جي، سونهاري سهڃا،
اچي بيٺا غار ۾، جو آهي مڪي کان ٻاهرا،
آهي تنهن ڏونگر ۾ ’ثور‘ جنهن جو نانءُ،
جو آهي مڪي مبارڪ کي، ڏکڻ جي پارا،
قدر ٽن ڪوهن پنڌ جو، عالم لکن ٿا،
جڏهن جنهن غار ۾، اچي داخل دوست ٿيا،
تڏهن اچي ڪويئڙي، تندون ڪڍيون، ان غار اُتا،
تاڃي پيٽو تندو وجهي، ماڳ ڍڪيائين مَٿا،
پڻ اچي ڪبوتر غار تي، رڙهي ٻه ويٺا،
آنا ڏنائون ماڳ انهيءَ، گڙڻ زور لڳا،
جڏهن ويئي گذري رات سا، پرهه ٿي پيدا،
هلڻ سندي حبيب جي، پيئي ڪافرن ڪَرا،
تڏهن دشمن ڊوڙيا، سُڻي توارا،
وڻ نهارين ويڙهيون، اڱڻ اوتارا،
ڏورين ڏارون ڏونگرين، اَپر اشجارا،
پير ڪڙيائون پرينءَ جا، اچي غار کي رسيا،
پر موليٰ محض منجهايا، آگي ڪيا انڌا،
مٿان ٻنهي ڪنڌين غار جي، وڃڻ سي هليا،
پسيو ڪارِ ڪوريئڙي ۽ ڪبوترن جي، ڪن نه پچارا،
هُيون مَٺن مَٺايون مَنَ ۾، پر ٿين مُنهن ڪارا،
سائينءَ سانڍيو سپرين، پردي منجهان را،
ڪرم رب ڪريم جا، اهڙا سونهارا،
جو سانڍي نسوريءَ سڃ ۾، پنهنجا پيارا،
”فَاللهُ خيرُ حَافِظاً“[5]
اهڙو ستارا،
ريءَ ڪوٽن رکڻو، زرهن ڌاران،
سَڀين ڀَتين تنهن صاحب کي، ڪجي ساراها،
پڻ آهي ڪتابن ۾، اهڙي توارا،
ته جڏهن آيو عار تي، هلي نور هديءٰ،
هو حضرت ابابڪر ساڻ سينءَ، هيڪاندو همراه،
تڏهن سونهاري صديق چيو، منجهان محبتا،
ته اي حبيب الله جا، مرڪڻ موچارا!
اوهين بيهو ساعت هيڪڙي، غار کي ٻَهرا،
مَهند داخل ڪِيمَ ٿيو، منهنجا معشوقا!
آءُ سوري ڪريان سهڻو، ماڳ محبوبن لاءِ،
آهي اونداهي راتڙي، ڪاري ڪانڀارا،
پيهي پڻ پرويان، اُهڃ آڳاٽا،
متان مَنجهه هُجي ڪو، ويٺو ويرين منجها،
ڪر ڪو ڀَٽون، سَپ، سُرجڻون، مڇڻ اچي اوڏا،
آهيم سُنهن الله جو، جو سچو سچن ئا،
جئن آءٌ پَهندس پهرين، اوهين تنهن پڄاڻا،
مرڻ سعادت منهنجو، آهي اوهان اڳيا،
گهوريو مٿان گهوريان، مڙيئي مال وياءُ،
ڪريان پيش پرينِ جي، رڳون روح فدا،
جانِ جُسئي سڀين پرين، سُک سپيرين لاءِ،
پر ڦل نه سَهان هيڪڙو، مٿي مرسل مير محمدا،
جان داخل ٿيو غار ۾، سچو صديقا،
تان سوراخ ڏٺائين تنهن ۾، سُرجڻن سندا،
گَندِي ڦاڙي پنهنجي، ڪيائين گهڻا ٽڪرا،
کنيو ڍڪيائين تن سين، مُنهن سوراخن سندا،
مگر جڏهن مور نه رهيو، ٽڪر ڪو وري گنديءَ کان،
اڃا ٻِرنَ ۾ هئا ٻه هڪڙا، باقي تن منجها،
تڏهن تن تي حضرت صديق رکيا، پير ٻئي پنهنجا،
چيائين حضرت رسول کي، اي ڌڻيءَ جا ڌئا!
هاڻي منجهه اچو مون پين، مٺا محبوبا،
ماڳُ موچارو مون ڪيو، صاحب تنهنجا ساء،
تڏهن پيهي آيو غار ۾، پيغمبر خدا،
رکيو هنجهه ۾ حضرت صديق جي، مَٿو مرسل مجتبيٰ،
رڙهي آئي نيڻن ڏونهن، ننڍڙي نبيءَ کان،
تان آگي امتحان ڪيو، سندو حضرت صديقا،
ته مر ظاهر ٿئي سچ تنهنجو، مٿي نبيءَ نورالهديٰ،
پَسي پرين صحابيءَ جو، مر اَدب اخلاصا،
تڏهن پير سونهاري صديق جا، جي ٻِرن تي ٻه هئا،
اچي سَپ ڏنگيو هيڪي، نڪري ٻِر منجها،
تان موُر نه چُريو ماڳ کان، صحابي صدقا،
ڪڏهن نه ڪڇيائين ڪيترو، ظاهر زبانا،
تان متان رسول رب جو، ڪي جاڳي ننڊ ڪنا،
اهڙا صادق سپرين، سچا صحابا،
پر اچي پيٺس اوچتو، هنجهون اکين ئا،
مٿي مُنهن محبوب جي، ڦڙا ڪي ٽِميا،
تان چي: ماءُ پيءُ منهنجا گهوريا، مرسل! آن مٿا،
پير ڏنگيو منهنجو، ڏاڍي سپ سختا،
پر سُتا پسي سپين، مون ڪڇيو ڪين مُها،
پر قدر جيڪس ٽِميا، پاڻهي پهسا.
جڏهن صدق سندي صديق جي، پيئي ڪامل کي ڪرا،
تڏهن ٻهون ٻاجهاڻا سپرين، مير محمد شاهه،
اُٽليو احسان سين، دونس ڪري دريا،
راضي ٿيو رحمت سين، سچو رسول خدا،
ڏوکو هو ڏنگ جو، جنهين ماڳ مٿا،
ڦيڻو وڌائينس فضل سين، انهيءَ ماڳ اُتا،
ٿي سگهائي ساعت ۾، ويو درد وچا،
سونهاري سيد جا اهرآ معجزا،
وڃن ڏک ڏکندا ڏاکڙا، حبيبن هٿا،
پسو پنهنجي پرينءَ سين، قادر ڪرم ڪيا،
پڻ آهي روايت اهڙي، ڪتابن ڪنا،
ته سو ڏنگ نه ڏکيو ڪڏهن، موٽي ٻيهارا،
مگر ايو جڏهن وقت وفات جو، حضرت صديقا،
هئا ٻارنهن ورهه ٽي مهنا گذريا، اُن پڄاڻا،
تڏهن اچي زهر اُت ڪيو، موٽي اثر تنهن ماڳا،
سبب ٿيوس اهڙو، سندس رحلتا،
سائينءَ مرتبو شهادت جو، ڪيس نصيبا،
سڳوري صديق جي، وڏي واکاڻا،
ڪري ڪبو ڪيترو، تنهن جو بيانا،
آگي جي احسان جي، ناههِ نهايت ڪا.
مناقبو نبي ﷺ جو: حجرت وارو[6]
”بيضاوي“ تفسير ۾، ڪئي راسخ روايتا،
ته مشرڪ مڪي شهر ۾، هئا ڪوڙا ڪفارا،
سي گهر کي گهوٽ رسول جي، اچي ويڙهه ڪري ويٺا،
چي: هٿ اُچي سوُن هاشمي، مرسل محمدا،
تان دوست دين رسول جا، ڪريون سي قتلا،
تڏهن واحد وَحي هلائيو، ڏنهن سچي سردارا:
ته آهن اهڙي پَهه ۾، ڪافي ڪمينا،
نڪر نبي الله جا، مڪي شهر کا،
ماڳ سمهاريو مرتضيٰ، آڻي علي شاهه.
تڏهن هاتڪ حيدر شاهه کي، چيو مِٺي محمدا،
نه سَڌر سؤٽ اسان جا، حسب ۾ عربا!
مانجهي هن مڪان تي، اچي سمهو شير خدا!
حڪم موجب رب جي، اسين اُسهون ٿا.
تڏهن هاتڪ حيدر شاهه چيو، منجهان محبتا،
ماءُ پيءُ ٻئي گهوريا، مرسل! تو مَٿا،
صحيح سمهندس سپرين! انهنجي آسڻ تا.
پوءِ ماڳ سمهاري مرتضيٰ حيدر علي شاهه،
نڪتو نبي ڪارڻي، مٺو محمدا،
وٺي حضرت صديق پاڻ سين، رات ڏيئي رميا،
ڪاهي آيا غار تي، مڪي کؤن ٻهرا،
قدر ٽِن ڪوهن پنڌ جو، عالم لکن ٿا،
دانَهه در غار جي، اَچي اُبٺو احمدا،
اول ابابڪر صديق چيو، منجهان محبتا:
اوهين اُبَهو اِتهين، آءٌ ڪريان سوري غار صفا،
متان مرسل! اوهان کي، ڪو جِيوُ ڏئي نه جفا،
تان داخل ٿيو غار ۾، حضرت صديقا،
ڏٺائين تنهن غار ۾، سوراخ سُرجڻن سندا،
لَٽا سڀ ليڙون ڪري، ڪيئين سوراخ سڀ سوگها،
ڪانه رهي ڪا اَڳڙي، تنهن کي تَن سوا،
مگر مُونَنِ ي رهيو، ڪپڙو قريبا،
باقي رهيا تنهن غار ۾، به سخت سوراخا،
پيرَ تن تي پنهنجا، کڻي تنهن کوڙيا،
غار جُڙي گلزار ٿيو، آيو جانب اندر جاءِ،
سرور، سچي جي جوٽَ تي، رکيو مَٿو محمدا،
آئي نيڻين ننڊ نبيءَ ڪريم کي، اکين آراما،
نانگ اچي ڪنهن ڏنگيو، سچي صديقا،
ڏاڍي ڏاڍا ڏنگ هنيا، ڪاريهر قهرا،
وِههُ وسيهر هاريو، زوراور زهرا،
لِڱ نه چوري لاڏڪو، ڪُڇي ڪين مُنها،
ته متان جاڳي ننڊ مان، سندم سردارا،
وهيا نيڻ نديون ڪري، کان سچي صديقا،
لُڙڪ لال اکين مان، ڪِري سِبني پيا،
تڏهن جانب جاڳي جان ڏسي، نرمل ننڊ منجها،
ته ساوا سڀئي ٿيا، عاشق جا عضوا،
جهڙو گُل گلاب جو، تهڙو بلبل بي مِثلا،
جهڙو سورج سهڻو، ٿيو نيلوفر نرما،
پانَوَ پڇيو پرينءَ کان، هيءَ ساوڪ ڪهڙي سببا؟
چي: هڻي سَپ حيران ڪيو، جسم جان جدا،
مرڻ شهادت منهنجو، آهي تو اڳيا،
پر ماريم ٿو هيءءُ مامرو، وهم وسوسا،
حضرت ڏسان ٿو هيکلو، توکي تنهن سوا،
ٻَر ٻَر هجي ڪو ٻيو، اصحابن منجها،
جو جُنبي جتي بر جاءِ ٿئي، ڪري خادم خدمتا.
تڏهن فرمايو رسول رب جي، مٺي محمدا:
وهم نه ڪر تون وارَ جو، خاطر خيالا،
آهي الله پاڻ سين، حامي همراها.
مولي محمد مير سان ڪئي، ماهيت منجهه معنيٰ،
ڏسو شرف صديق جو، آهي ڪيڏو ڪمالا،
سائينءَ صاحب ڪوٺيو، تنهين کي تعاليٰ،
پوءِ کنيا سوراخن تان، پرينءَ پير مٿا،
نڪري تڏهن نياز سين، اچي سَپ ڪيا سلاما،
چي: ورهيه هوس وصال ۾، ٿي سِڪيس سال سڄا،
اڄ پسڻ سان پوريون ٿيم، آسون اميدا،
جئن آڳري هئي عشق ۾، بيبي زليخا،
ڪڙهي پئي قيد ۾، پنهنجي پرينءَ لاءِ،
تئن مون کي پسڻ اوهان جي، شوق هنيا شعلا،
پر مون کي مانع ٿي پيو، سچو صديقا،
مون کان وڏو ڏوهه ٿيو، خصالت خللا،
جو ياور وڏي يار کي، مون ناحق نيش هنيا،
جئن ڏنگ هڻانس پير ۾، تئن هڻي پير مٿا،
هاڻي چئو ته شاهه چڱو ٿئي، سچو صديقا،
متان مون تي رافضيءَ جو، نرمل! پوي نانءُ.
تڏهن وڌائون ڦيڻي ڦٽن تي، لطفئون لعابا،
چڪيا چاڪ چڱا ٿيا، لهي سوُر ويا،
اجر آسودو ٿيو، حضرت صديقا،
ايڏا وڙ واحد جا، آهن مِٺي محمد سان،
چئو صلوات نبيءَ ڪريم تي، دائم درودا،
ويندا ساڻ ايمان، جي ڪلنون پاڪ پڙهندا.
لااِلــٰـہ الاالله محمد رسول الله
مٿي سڀ ڪنهن بار هو، ڏُون ڏوُن صندوقا،
پڇيو تڏهن جبرئيل کان، مٺي محمدا:
ته ڪهڙو منجهن بار آ، ڪهڙو سامانا؟
تڏهن جبرئيل جواب ڏنو، ڪري حقيقت حالا:
ته سُڌ مون کي ناهي ڪا، احمد امينا!
هي آهي اسرار، جو ڄاڻي پاڻ خدا.
چيو وري جبرئيل کي، سچي سردارا:
ته لاڙي اُٺ قطار مؤن، ڪڍ ڪو ڪنواٽا،
جبرئيل جهلي ڪري تڏهن، جهڪايو جُملا،
پوءِ پَٽائي صندوق اتي، راسخ رسولا،
ڀريل ڏٺائين بار سان، آنن عميقا،
چيو تڏهن جبرئيل کي، مٺي محمدا:
ته وڃي وٺي آءُ، رب ڪنا رخصتا،
رخصت ٿئي رحمان جي، لهون تنهن سندي خبرا.
جبرئيل جلدي ويو، ڏَنهُن داور درگاها،
وڃي ڪئي آگاهه اُتهين، مهندا ملڪ فدا،
پوءِ امر الاهي ٿيو، ربي رحمانا،
محبت منهنجو مَرُ ڏسي، دلبر دلدارا،
جانب منهنجو جيءُ ڏسي، آهي سندس اخيارا،
موڪل آهي محبوب کي، رخصت راضيپا،
وڃي وٺي آئيو ڏنهُن، ڪُنجون ڪريما،
آڻي ڏنيون احمد کي، وحي جبرئيلا،
هي آهي اوهان جي اڳيان، ڪرهل ڪنواٽا،
مِڙني ۾ مختار آهين، سچا سردارا!
گهڙي اندر گهوٽ ڪر، سير سلطانا،
لاٿو ڪرف ڪريمن، آني جو احمدا،
پرين اندر پيهي ويو، ڏَنهُن حڪمت حڪيما،
ٻيو ساڻن مَلڪ هو، وحي جبرئيلا،
جان نهاري نيڻ کڻي، ڪري نِرتئون نگاها،
ته سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، آهن خاوند خلقيا،
ٻيا جُڙيل ڏٺائون جهان ۾، شاهي شهر وڏا،
نهرون، نديون آب جون، وهن زور دريا،
اندر باغ بهاريا، گلن گلزارا،
اُتي احمد ڄام جو، هئو دين اسلاما،
هيون مسجدون مُلڪ ۾، بيحد بسيارا،
پوءِ ايندي احمد ڏٺي، هڪ مسجد مشرفا،
پرين اندر پيهي مسجد ۾، پڙهي نمازا،
مڙس انهيءَ مسجد ۾، هئو ڪنهن اياما،
هيس سڪ سرور جي، هردم هميشا،
صلوات سرور ڄام تي، هو پڙهندو پرت منجها،
جبرئيل جوانِ کي، خوش ڏني خبرا،
واحد توسان وَڙ ڪيا، آهي توکي مبارڪا،
سڃاتائين سپرين، تنهن مڙس معلوما،
اڄ رب مون سان رحم ڪيا، آيا اڱڻ عجيبا،
پوءِ پيرين پئي رسول جي، پڙهيائين ڪلنون ڪريما،
مڙس انهيءَ مهل ۾، ٿيو فوت في الحالا،
جانب جنازو پڙهي، پوءِ ڪرايو دفنا.
پوءِ نافع نڪري آئيو، ٻهڳڻ سو ٻَهرا،
طاق ورائي تنهن جا، ۽ ڏنو ڪرف مٿا،
صندوقون سوگهيون ڪري، ڪَڙيائين ڪنواٽا،
ڪَرهل تنهن قطار ۾، وڃي رَليو راهه مٿا.
اسرار اسان ڏٺو، چيو احمد عجيبا،
ڪري سڻايائين سڀن کي، قصو بيانا،
ڪافر بيٺو هو اُتي، ڪو لِڪو لعينا،
تنهن قصو ڪنن سان ٻُڌو، سندو سردارا،
ڪافر ويسهه نه ڪيو، موذي منافقا،
چوندو ويو چٿر مان، اهڙا الفاظا:
ته پُٽ عبدالله جو، ڪيري ڪَپر وڏا،
پنهنجون ڳالهيون پاڻ جوڙي، ٿو ٻڌائي بين کا.
ڪَهي ڪافر گهر ويو، کاڻو خبيثا،
گهران منافق ميٽ کڻي، ٿيو تـڙ لئي تيارا،
وهندڙ واديءَ تي اچي، لاٿائين لباسا،
پائي ميٽ مٿي ۾، ٿيو داخل درياها،
هي ٽُٻين سان ٽلڪي ويو پيهي پاتارا،
پڇاڙي تنهن پليت کي، ويا مَلڪ مولي جا،
وڃي ڪڍيائونس ڪنهن ولايت تي، ٻئي تڙ مٿا،
مڙس منجهان زال مٽجي ٿيو، ڏنهن حڪمت حڪيما،
سهڻي صورت ۾، ٿي احسن عجيبا،
حسن جنهن جي هاڪ ڪئي، منجهه مُلڪ مشهورا،
آئي هٿ ڪافر جي، ڪنهن صوبي سُلطانا،
پَرڻي ويس پلڪ ۾، پلئُه ٻڍي پنهنجا،
جوڙي جان روا ڪري، جيڪا هون ريت رسما،
ٿي سُتي سيج پلنگ تي، ڏيئي پاسن وهاڻا،
مرضي ساڻ مڙس جي، وٺي راڻي رنگ محلا،
هيس محبت مڙس سين، ڏنهن خاطر خيالا.
تنهن ثابت سورنهن وياوَ ٿيا، ڏنهن حڪمت حڪيما،
ست ڌيئر ۽ نوَ پُٽ، ڏنس ڏاتارا،
پينگها لوڏي پٽن جا، ٿي ڏنائين اوراڻا،
سي سامائجي شينهن ٿيا، جوڀن جوانا،
پُٽ پرڻايائين پنهنجا، ڪري دهل دماما،
پُٽن کي پُٽ ٿيس، ڏوهٽن کي ڏوهٽا،
پڙ پوٽا، ڏوها ڏٺائين، وڳر وارثا،
پيريءَ پيمال ڪئي، ٿيس جُسو ضعيفا،
ڪنهن کي وڻي ڪينڪي، تنهن جي گفتارا،
چيائين چاڳلن کي، ڪري نُهرنِ نيازا:
ڪڏهن پوڄا ڪيم ڪانڪا، مٿو سِر يڪا،
تڏ ڪري سنان سڀئي اچون، موٽي محلاتا،
هلو مون سين گڏجي، وهندڙ واديءَ تا.
پوءِ آرتوار اُٿي ڪري، کنيائون پٽَ جون پوشاڪا،
سڀني چيو سَسُ کي، ڪي نوڙت نيازا،
وهنڙ واديءَ تي آئي، ڏنهُن عيش عشرتا،
اُن دم گهي درياءَ ۾، ڪيائين انگوشو اڳتا،
ٻيون ڀي ساڻس گهڙيون، جيڪي هيس رفيقا،
هيءَ ٽُٻيءَ ٽري وئي، پيهي پاتارا،
مَلڪن موٽائي نِيُس، ساڳئي تڙ مٿا،
منجهان زال مٽجي مڙس ٿيو، ڏهنُن حڪمت حڪيما،
مٿو ٻاهر جان ڪڍي، ڪري نِرتئون نگاها،
ڌَري ڌوتي، ٽوپي رهي، جاڳهه انهيءَ جا.
عجب عبرت ۾ ويو، ڏنهُن حڪمت حڪيما،
پوءِ ڪري ڪٽورو ڪڇ ۾، ٿيو راهه ۾ روانا،
گهر سڃاڻي پنهنجو، ٿيو داخل در منجها،
ايندي سو عورت ڏٺو، تڪڙو تعجيلا،
پَريندي پڇڻ لڳي، تنهن کي ڪري سوالا:
ڪم درڪار دل تي، ڪا وسري وَٿ پواءَ،[7]
ڪُني پاتم ڪينڪي، مون کيي آهي هٿ لوُڻا.
تان ڪري سڻايائين ڳالهڙي، مهندا عورتا،
ڪيائين حقيقت حال جي، ماهيت مذڪورا،
حال مون سين هيءُ ٿيو، ڪيائين قصو بيانا:
سچو الله، سچو عبدالله جو پُٽ مرسل محمدا،
سچو دين سندس، ۽ سچو اسلاما،
تِر تفاوت ناهه ڪو، ڏنهُن هوتن حڪايتا.
مناقبو نبي ﷺ جو: معراج وارو[8]
(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو[9])
ستاويهون معجزو ليکيان، سو پڻ سڻيجاه،
معراج محمد مير جو، آهي مشهورا،
هُئي جمعي جي راتڙي، ستاويهين رجبا،
ڪن چئي رات سومار جي، ڪن سندي ڇنڇارا،
سو ورهه ٻاونجاهون هو، ڄائي حضرت محمدا،
جئن مير مڪي کان هليو، بييت المقدس ڏانہ،
مٿي بوراق هليو، نرمل نور هديٰ،
مِڙيو مَلائڪ مرسل سين، هلن هيڪاندا،
اچي رسيو رسول ڌڻيءَ جو، مسجد مقدس کان،
ڇني پنڌ چاليهن ڏينهن جو، سگهو منجهه ساعتا،
تِتي پاڙهيائون نبين کي، امام ٿي نفل نمازا،
پُٺيءَ نبيان وليان، ٻڌي صف اُبيٺا،
تنهن پڄاڻان اُسهيو، احمد اُڀن ڏانہ،
وڃي پهتو پينءَ کي، لنگهي سڀ پردا،
مِڙيو محبوبن کي، واصل وصالا،
ويا سڀئي وچ منجهان، جي هئا حجابا،
محبت ميڙاٺا ٿيا، پرين پرت منجها،
’فَڪانَ قابَ قوسينِ او ادنيٰ“[10]
آگي ائين ڌوئا،
مولي محبت پانهنجا، قادر ڪوڏايا،
دوست سونهارا دادلا، خاصا خلق ڪيا،
سائينءَ پنهنجي پرينءَ سين، ڳُجهاندر ڳَرهيا،
ڪير لهندو تن جي، قادر ري ڪَرا،
پڻ ڏٺو رسول رب کي، صحيح اکين سان،
ڏني اڪثر عالمن، انهيءَ تي فتويٰ،
”رَاءَيتُ رَبي لَيلَة المعراج“[11]
چيو حضرت محمدا،
پر اِيءُ ناهي مرتبو، ٻئي ڪنهين جو اَصلا،
جئن ڏسي جاڳندي اکين سين، خالق کي عالم منجهه دنيا،
توڻي هوئي ولي ڪي پير سو، توڻي نبي حضرت محمد ڌارا،
جيڪو ٿئي حصول تن کي، ته اوُ ڏسڻ هِنئين جو آهه،
جيڪو هوندو سهڻو، پر جاڳندي نه جڳاءِ،
مگر ڪيو رب رسول کي، خاصو خلق وچا،
شرف جي شفيع جي، ڪنڌي مور نه ڪا،
جڏهن موي مڪي منجهه آيو، حضرت م،حمد کان معراجا،
تڏهن سڻايائون خلق کي، عجائب اُڀن جا،
ته اسان ڏٺا ملائڪ جنتون، حورون ۽ حجرا،
محل، منزل، ماڙيون، ۽ پڻ انبيا،
عرش ڏٺوسون ڪرسي، سدرة المنتهيٰ،
۽ پڻ ڏنائون خبرون، سنديون مسجد اقصيٰ،
تان ڪافر انهيءَ ڳالهه کي، ڪي ڪين وسوڙا،
چي، اسين وسهون تڏهن، هوند دلي ويساهه منجها،
جڏهين اوهين ڏيو اسان کي، مقدس جا پورا اهڃاڻا،
تڏهن ڪيو تردد دل ۾، سچي سردارا،
ته اسان موُر هئن ڪين نهاريا، اَهڃ مقدس جا،
هئي اونداهي راتڙي، ڪاري ڪانڀارا،
ڪافر نه ڄاڻا ڪهڙا، پڇندا اُهڃاڻا،
تان آيو جبرئيل تنهن ساعت ۾، لهي اُڀن کان،
تنهن کڻي آندي پکن تي، پنهنجي مسجد مقدسا،
آڻي سڃيائين مير محمد کي، سامهون مهندا،
آڻي رکيائين حضور ۾، احمد جي اڳيان،
پسيو چيائون ڪافرين، اهڃاڻ سڀ تنهن جا،
پسو قادر جي ڪيا، ڪر قريشيءَ سان،
۽ پڻ پڇيو ڪافرن، سندي تن قافلن خبرا،
جي مڪي منجهان هليا، هئا مقدس سنڀوڙا،
سي اوهان کي ڪٿي گڏيا، هئا پڻ ڪيترا؟
تان فرمايو رسول ڌڻيءَ جي، مير محمد شاهه،
ته اسان گڏيا فلاڻي ماڳ ۾، اوهان جا قافلا،
ساڻن هئا ماڻهو هيترا، ۽ هيترا هئا اُٺڙا،
پڻ آڳاٽي خبر ڏني تن کي، حضرت نور هديٰ،
ته مڪي منجهه سي قافلا، ڏينهن اربعا جي ايندا،
داخل ٿيندا شهر ۾، سج اُڀرندي ويرا،
پڻ هوندو تن کي اُٺڙو، ميري رنگ مهندا،
جو نڪي ڪارو نه اڇو، ڳوهن جي ورنا،
مٿس هوندو پلاڻ ڪارو گهڻو، ۽ جوال ٻه هيڪاندا،
جڏهن آيو سو قافلو، موي مڪي ڏانہ،
تڏهن سي اُٺ، اوٺي مڙئي، ڪافرن کي مِڙيا،
معجزا محمد جا سڀئي، ڪيائون مشاهدا،
پر نه آيا سي اسلام ۾، اهي ڪافر سي ڪوڙا،
ڪارا قلوب تن جا، هئا پهڻن کان ڏاڍا.
مناقبو نبي ﷺ جو: معراج وارو[12]
(چيل حيات جو[13])
ساراهيان سچو ڌڻي، جو خاوند مُلڪ خدا،
پيدا ڪيائين پَلڪ ۾ لکين هزارها،
روز رساڻي سڀ کي ، قادر قدرتا،
ڪونه جهڙس ڪو ٻيو، ماڻهو مخلوقا،
اَڀين ڀونئين پڌرو، ڪامل ڪمالا،
سڻو نبيءَ جو معجزو، هِنيون ڏيئي هيجا:
ته ڪنهن ڏينهن مسجد ۾ هو، ويٺو ورياما،
ڪيو مجالس مارڪو، ڪامل قريشا،
اُٿي اصحابي هيڪڙي، ڪيو عرض کي احمدا:
ماءُ پيءُ گهوريان پانهنجا، مرسل! تو مٿا،
عرض ٻُڌي منهنجو تون، احمد عجيبا!
ڪيو حڪايت هوت ڪا، ڳجهي اسرارا،
عبرت ۾ اسين اچون، سُڻي سردارا!
ڪيئي قدرتون قادر جون، عجب اَڳي جا،
آهي اشتاق اندر ۾، بيحد بسيارا.
تڏهن فرمايو رسول رب جي، مِٺي محمدا:
ته جڏهن آگي اسان کي آڻايو، منجهه رات معراجا،
ٻيو اسان سان هئو، وحي جبرئيلا،
ايندي ڏٺي سين واٽ ي، اُٺن قطارا،
نڪا حد حساب جي، نڪو ليکو شمارا،
اُٺ سڀڪو هڪ وهي، هو جُمل جوانا،
ويا وٺيون واٽ ٿي، ڪرهل ڪنواٽا،
جلد ويا ٿي جوُد مؤن، تيزيءَ توانا،
ڪوڙا ڪار، ڪوڙ پيا، منجهيا مارڳ تا،
هاڻي هلو ته هلي پَئون، پيش ندو پريا.
وٺي آيا حضور ۾، پنهنجا ٻار ٻچا،
پيرين پئي رسول جي، پڙهيائون ڪلمون ڪريما،
ڪيئي قريشيءَ جا معجزا، چئي ڇا چئبا،
حامي ٿج ”حيات“ تي، وقت سڪراتا،
هيءُ سڀ ڪرم ڪرامتون، سنديون سردارا،
ڪلام منهنجو قبول پوي، هيءَ مدح مقبولا،
چوان صلوات حضرت رسول تي، دم دم درودا،
ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمون پڙهن مُها
لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.
مناقبو نبي ﷺ جو: معراج کان انڪار ڪندڙ ڪافر جو مٽجي عورت ٿيڻ وارو[14]
ڪجي حمد حڪيم جي، جو الله عالمن،
راحم رب رحيم سو، خالق مخلوقن،
ڏئي ڏهاڙي روزيون، رازق مرزوقن،
جنهين پيغمبر پيدا ڪيو، منجهان مرسلن،
تنهن سيد ٿي سڻايو، کي سڀن اصحابن،
باريءَ ٿي بيان ڪيا، آگي جي عجبن،
ته مون کي معراج ي ٿيا، ارڙهن سال اُڀن،
هِتي هڪڙي رات هئي، مڙني منجهه مُلڪن،
پهرين صدق صديق چيو، منجهان تن مِرن،
سچو آهين سپرين! تون صادق منجهه سچن.
هڪ ڪافر وسهيو ڪينڪي، جو ويجهو هو وٽن،
ڏمر لڳو جنهن کي ڏيلَ ۾، مَ ٿيو ساهه سکن،
آيو گهر پانهنجي، مَدي پائي من،
اچيي چيائين عورت کي، چوري ساڻ چپن،
ته اڄ پُٽ عبدالله جو، ٿو مرڪي منجهه مڙن،
تون سگهي طعام يار ڪر، آءٌ اڃا لاهي شڪ لڱن،
کڻي ڪير شوڪست مان، پُريو سان پيرن،
آيو ڪنڌيءَ آب جي، جلدي مان جؤنشن،
ڪرشو رکيائين ڪَپ تي، لاٿائين کي لڳڙن،
ڌويو ڌوتئين پاڻ کي، هيجئون ساڻ هٿن،
هيڪلائيءَ ۾ حيران ٿيو، ڏسي عيب عضون،
موڙهو مٽجي مرد مان، ظاهر ٿيو زالن،
ڪنهن سوداگر ٿي سير ڪيو، مرد مان اُڳن،
تنهن وٺي آندي نڪاح ۾، جملي ساڻ جوين،
نَٿ وڌائينس نڪ ۾، جا زينت آهي زالن،
سَت پُٽ ڄايس اُتهين، جي رانديون رونديون ڪن،
سي ستئي سوداگر سوارِ ٿيو، ٿا گهوڙن گهوٽ گهمن،
سهجئون ٿِي سرهي ٿئي، پسيو کي پُٽن،
هڪ ڏينهن آئي ڪنڌيءَ آب جي، گڏجي ساڻ گولين،
ميٽ وڌائونس مٿي ۾، ور ڏيو کي وارن،
تان قدرت ساڻ ڪريم جي، ترڪيس پير تڙن،
اُلٽي پيئي آب ۾، ڪري تان ڪپن،
ڪڍي مٿو ٻاهر ٿي، ديکي ساڻ ديدن،
موڙهو مٽجي عورت مان، مثل ٿيو مڙدن،
ڪرشو ڏٺائين ڪپ تي، اُهي وڻ وطن،
موٽي آيو ماڳ ۾، جان گهمي منجهه گهرن،
عورت ٻاري آڳ کي، پيئي ساڻ ڪکن،
مرڪي چيائين مرد کي، چوري ساڻ چپن،
ته تون آئين سيگهه مان، موٽي منجهه منٽن،
ڄيرو ٻري ٿو ڪونه ڪو جا لائي ڌنڌ ڌنڌن،
چي: جوُٺ نه بول جوءِ تون، مُٺي! کي مڙدن،
مون ست پٽ ڄاوا سوداگر مان، جي رانول رانديون ڪن،
ستئي سوداگر سوار ٿي، ٿا گهوڙن گهوٽ گهمن.
پوءِ وٺي عيال پانهنجو، هليو ڏونهه حبيبن،
پرين هئا واعظ ۾، ٿا سڀني سچ چون،
اچي احمد ڄام اڳان، پيش پيو پرين،
سچو آهين سپرين! تون صادق منجهه سچن،
ڪوڙ نه ڪريو ڪڏهين، پروير تان نه وسهن،
پوءِ ڪوڏ پاڙهيائونس ڪلمون، مهندان محبوبن،
عاصي ”عبدالله“ کي، مرهي ساڻ مؤمنن،
چئو صلواتون رسول ڪريم تي، دائم درودن،
ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهن.
لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.
مناقبو نبي ﷺ جو: معراج وارو[15]
(چيل شيخ محمد حسن علويءَ جو[16])
عجب رنگ آگي جا آهن اَپار،
سُجهي ڪونه ڪو ٻيو سوا رب ستار،
سَڀو منجهه موليٰ ڏنو اختيار،
مِٺي مير محمد کي پروردگار،
بهشتي تِکو تُرت بُراق تاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
ڪيو خلق لولاڪ احمد لئي مون،
وٺي آءُ عربي تکو تيز تون،
ڀلي کي تلايون، ڀليون برڪتون،
ڏيان سڀ تنهين کي جهجهيون بخششون،
مِٺي من محمد سان روح جي رهاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
اچي تنهن جاڳايو سو محمد مير،
اوهان جي ملڻ لئي آگي کي اُڪير،
حرم مان اُٿي سو هليو ورنهه وير،
نبي نور اقصيٰ ۾ آيو منير،
پڙهائي نماز اُت نبين کي پاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
پهرئين فَلڪ پيارا پرين پيا اچن،
وڏي چاهه احمد کي ’آدم‘ چُمن،
ٻئي فلڪ ’عيسيٰ‘ مليو مرسلن،
ٽئي ’يوسف‘، ’ادريس‘ چوٿين چون،
پنجين طبق ’هارون‘ مليو آ هاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
ڇهين فلڪ افلاڪ ’موسيٰ‘ مليو،
ٿيو خوش کيڪاري سو هر هر هليو،
’خليل‘ سان ستين طبق هاڻيي رَليو،
ملي ٿو محمد سان خوش ٿي کِليو،
وٺي ٿو واحد کان سو علمن جي کاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
ستين طبق ’جبريل‘ عرض ٿو ڪري:
موڪل ناهه مون کي هلان پير ڀري،
ملڪ مولي ڏنهن وريو پنڌڙو ڪري،
اگر ٿئي قدرت ظاهر ذري،
اچڻ جا محمد کي ڏنا اُهڃاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
هليو راءُ ’رفرف‘ تي رانجهن رَمي،
اءجهو ايو آگا، تو احمد اُمي،
ڪيو صاف سجدو کي نوريءَ نِمي،
پيا نيڻ نرمل جا سرها سمي،
خوديءَ کان هو خالي محمد جو مياڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
ڏٺو جاڳندي جلوو جانب جمال،
ٻيو پڻ پسيو قدرتي تنهن ڪمال،
ملڪ، جن، انس ڪانه آهي مجال،
ڏٺو جئن محمد ڪيو ذوالجلال،
ڪيا قرب احمد ساڻ قادر ڪلياڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
الاهي، عرض پيو محمد ڪي،
ته اُمت اسان جي منجهان ڪو مري،
ساڳي سونهن صورت تنهين کي سري،
بخش ڪر گنهگار دل مون ٺري،
اُمت لئي شيطان، ڏاتر! تون ڏاڻِ.
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
نبيءَ کي نماز اُت فرض ٿي مِلي،
کنئين مير مرسل خوش ٿي کِلي،
شفاعت شفيع کي ڌڻيءَ در مِلي،
ٻيون بهشتي باغن جون ڪُنجيون ڪُلي،
گنهگار، بدڪار اچن شال پاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
ڳجها ڳجهه ڳرهيا محمد سان مولي،
سڀئي راز رکيا خدا سي ته کولي،
مِٺي مير مرسل جهليا چُست چولي،
ٻهڳڻ راز رب جا ۽ رمزون نه ٻولي،
محمد کي مليا، محبت جا ماڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
ڪيا سير جنت ۽ دوزخ، سچي،
گنهگار، بدڪار باهه ۾ پچي،
عمل جنهن جا صالح سو راول رچي،
بهشتي باغن ۾ خوشيئون خوب نچي،
عمل صالحن جو تون ڪرهو پلاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
مڪي ۾ سو موٽيو آ معراج رات،
هئي ليل سالن، ڪجي ڪهڙي بات،
پرينءَ کي لڳو پهر، ڏاتر جي ڏات،
سدائين ثنا جي هجي وائي وات،
ڄاڻڻهار کي آهي سڀڪائي ڄاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
صحابن ٻڌي ذڪر عيدون ڪيون،
کِليو ٿي ڪيون خوب خانن خوشيون،
ڪڙهيون ڪافرن جون ۾ دردن دليون،
منافقن، پليتن جون جانيون جليون،
جڏهن کي جگر ۾ لڳن ٻيڻا ٻاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
ڪري نياز هردم ”حسن“ تون به نَم،
اڳيان نيٺ پوندءِ قادر ساڻ ڪم،
جوالي حبيبن جي ڪر هڏ چم،
لاهي ويهه لاکيڻا سڀئي غم وهم،
جڏا! جيءُ جسو تون واحد ساڻ واڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
صلواتون سيد تي ٿو جيڪو پڙهي،
مٺي مير مرسل سان من جو مڙهي،
ڪڏهن ڪين دوزخ جي باهه ۾ ڪڙهي،
اُڪارج اُمت کي جا لهرين لڙهي،
پڙهي ڪلمون ڪٽ لاهي تون ڪس ڪاڻ،
ڪري جلد جبريل، احمد تون آڻ.
لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله
مناقبو نبي ﷺ جو: تڪليفن جي ذڪر وارو[17]
(چيل محمد حسن جو[18])
ساراهيان سچو ڌڻي، جو آگو عليما،
جڳائي تنهن صاحب کي، سڀڪا ساراها،
خلقيائين محمد ڪارڻي، پنهنجي نور منجها،
ٻيا پوءِ پيدا ڪيا، مولي محمد کان،
ريٻارو رحمان جو، ختم الانبيا،
پاڇويون پرين رسول تي، هو سندو الله،
”وَلسَوف يُعطِيڪ رَبُڪَ فَترَضيٰ“ قادر ڪلاما،
پرين هئا پيٽ ۾، ڇهن مهينن جا،
تڏهن روح رحمت رسيو، سندو حضرت عبدالله،
تنهان پوءِ تولد ٿي، پرين ٿيا پيدا،
قلعا ڪافرن جا، ڪِري پَٽ پيا،
ڪافرن ۾ ڪوُچ پيو، موُڙها منافقا،
عيدون ٿيون اُن ۾، جيڪي اُمتي محمد جا،
هليو هيڪ ٻين کي، ڏين کيرون خوشيءَ منجها،
ته آيو محمد عربي، سڀن سردارا،
حورون بهشت جنتون، جُڙيس جاگيرا،
جيڪي علم الله جا، ڳجها ڪي پڌرا،
سي سڀ ڄائي ڄام کي، عطا علم ٿيا،
سيد جي سرهاڻ سين، وڻ ٽڻ واسيا،
اڃا ڄائي ڄام کي، ڇهه مهينا گذريا،
ته بيبي پڻ وفات ڪئي، ڇڏي وين ماءَ،
جنهن سؤ سؤ سُکائون ٿي ڪيون، مرسل مير مٿا،
سا ڇڏي دار دنيا جو، هلي دارالبقا،
هِتي ڇڏي هيڪلو، وارث ڪُل ويا،
ڪونهي وارث وريام جو، ڏيهه ڌڻي ڌارا،
اصل سُتي سوُر جي، هئي پينگهي ۾ پِريا،
سڀني پرئين سورن جي، هئا تنجڻن ۾ تنجيا،
هئا هوت حبيب کي، لوڏا لهرين جا،
واکاڻيان تنهن واحد کي، عجب جنهن ايڏا،
جنهن سانڍايو سيد کي، حضرت ٻين هٿا،
اصل پيالي عشق جي، ننڍڙا نپايا،
مٿن بار برهه جا هئا، ڀريندي پيا،
هينئڙي منجهه حبيب جي، سِڪڻ سل ڪيا،
مولي جي محبت ۾، هئا راتو ڏينهن روئندا،
اُڀيو عبادت ۾، هُئن پير سُڄندا،
ايندو هو تَپ جهيڻو، وچينءَ جي وقتا،
ٻڌندا هئا ٻهڳڻ سي، پهڻ پيٽ مٿا،
لنگهيا ٿي لطيف کي فاقن تي فاقا،
هئا محمد ڪارڻي، مسڪينن منجها،
ته به ڪڏهن ڪاهل نه ٿيا، ڪنهن سوُر جي سببا،
هميشه رب رحيم جا، ٿي ڪيائون شڪرانا،
مٿي مبارڪ مير جي، سهسين سوُر هئا،
سُور سوغاتون سيد لاءِ، مولي پاڻ مُڪا،
ڳُجهي رهي ڳالهڙي، جا لڪايئون لوڪا،
سا لڪائي لوڪ کان، وٺي پاڻ ويا،
”لايرفعون غيره“ ٻُجهن ڪين ٻيا،
ماهيت محمد مير جي، ڪنهن کي خبر نه ڪا،
شفاعت منجهه شفيع جي، آهيم اميدا،
موليٰ ”محمد حسن“ کي، ڪر نعمت نصيبا،
چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، دائم درودا،
ويندا ساڻ ايمان جي، ڪلمون پاڪ پڙهندا.
لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.
مناقبو نبي ﷺ جو:
امام حسن ۽ حسين جو راند تي وڃڻ وارو[19]
(چيل ٻانڌي آريسر جو[20])
هادي حق هميشه آهه، ساري خلقت تنهن جي آهه،
جوڙ جڳت ڪُل جوڙي آهه، محمد والي وسيلو آهه،
چڱا چوکا چارئي يار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
مجلس ويٺا وير وريام،پرور جا لک سوين سلام،
آندا جبرئيل قرب ڪلام، ساري عالم جو تون امام،
خاصا مَلڪ خدمتدار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
حاضر يار صحابي هُئڙا، گل ڦل، گل گلابي هئڙا،
عالم علم عجائبي هئڙا، عاقل يار عقابي هئڙا،
جاني جيءَ گهريا جنسار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
هڪ ڏينهن بيبي آئي بَتول، بابا، سڳورا پاڪ رسول،
آهين قادر وٽ مقبول، سائلن جا تو سوال قبول،
ٻهڳڻ! راند تي وِيڙا ٻار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
هيستائين سي ڪينڪي آيا، هئي هئي! مڙيا ٻه پهر آيا،
ناحق دل تي خيال اجايا، هوندا پرمل! پاڻيءَ اُڃايا،
روئي سڳوري زار و زار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
جانبن سواءِ جلن جيرا، پاڙان نهاري پڇيم پيرا،
کر پيڻ جي مهل صغيرا، طِفل آيا ڪين اَميرا،
دل منهنجيءَ تي دُکن اڱار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
اُٿيو عربي، پائي تاج، حورن ڳايا عرش ي ڳاج،
توکي ڏنا آهن ڏاتر ڏاج، سَريا ڪُل قريشيءَ ڪاج،
ڄاڃي مَلڪ لَک هزار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
جانب نهاري، جنگ ۾ جوان، حسن حسين شاهه سلطان،
ڪيڏنهن ويڙا، مان قربان، پڇن مِرُن کان، بر مان بيان،
جن قسم کنيا ٿي، رب ڪلتار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
ويندي وچ ۾، گڏيو ٻڪرار، تنهن کان پڇيا پرينِ پار:
تو ڪي ڏٺا ننڍڙا ٻار؟ حسن حسين هنئين جا هار،
سهڻا سونهن ڀريا سردار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
هلندي تو ڪي هوت ڏٺا؟ محبت موچارا ماکيءَ مِٺا.
چي: صحيح سڄڻ سي صاف سُٺا، هئا کجيءَ جي هيٺان ويٺا،
نرمل ناز ڀريا نروار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
ننڊ ۾ ڏٺائون ننڍڙا ٻئي، ڇانوَ کجيءَ جي رسڪي وئي،
جبرئيل ڦنگهڙاٽي تن تي سنئي، گلن ڦلن گلزاري هئي،
نور جاڳيا ٻئي نيڻن ٺار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
نانا نبي! ڏي اسان کي طعام، اُڃ بُک بر ۾ لڳڙي اِمام،
قدرتي کجي پيدا ٿي جام، خونچا بهشت مان آيا انعام،
تعظيم سين ٿيا طبق تيار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
حضرت علي اوت آيو شتاب، ۽ بيبي بتولا پاڪ جناب،
پنجئي حاضر نوُر نواب، خاوند جو آيو خاص خطاب،
چادر اُن ڏينهن لٿي اسرار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
پنجن تنن تي پاڻ ڌڻي، آگي اُتن رکي دل گهڻي،
هئي واحد ساڻن قرب ڪڻي، تحفا ڏنائين ٻيا ڏاج ڳڻي،
ارض و سماء جا سي مختيار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
پنجتن پورا آهن پنج، محمد، علي، اعليٰ گنج،
حسن، حسين صورت سهنج، بيبي بتولا انهيءَ منجهه،
پرور رکيا تن تي پيار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
اهي امامت جا والي ويرَ، نانءُ سڻي لڳي هِنئين هِير،
پَسان پارس سي پنجتن پِير، کليو پيارين کنڊون ۽ کير،
محشر ۾ شل محبت موچار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
پيرين پيادو پرين ڏانهن، ”پانڌي“ هل حبيبن ڏانهن،
ڪر جلدي منهن مديني ڏانهن، وڃ ”آريسر“ عجيبن ڏانهن،
مرندي ڪلمون دل تي ڌار،
حسن حسين ڏسان هيڪار!
لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.
مناقبو نبي ﷺ جو:
امام حسن ۽ حسين جي گم ٿيڻ وارو[21]
(چيل پانڌي آريسر جو[22])
بنده ڪر بندگي، صاحب جي صفتن،
آڏي اڏيائين ڪيترا، ڇيهه نه سندو تن،
قادر جي قدرت کي، ٻيا ڪير ٻوجهن،
محمد پنهنجي نور مان، خلقيائين اولاً،
”وما ارسلناڪ اِلا رحمت اللعالمين“ آيو سردار سڀن،
رحمت ڀريو رب موڪليو، ڇٽا سڀ ڇيهن،
سو سونهارو سيد ويٺو هو گڏ اصحابن،
واعظ نصيحت ٿي ڪئي، وائي وحدتن،
تان هلي آئي حضور ۾، بيبي فاطمہ زهراً،
چي؛ پُٽَ منهنجا ننڍڙا، مثل معصومن،
ويا صبح جو راند تي، اڃا نه آيا آهن،
مهل پيڻ کير جي، ٿي سهڻن صعيرن،
ڪوهه ڄاڻان ڪيڏنهن ويا، منهنجا ٺار اکين،
قرار نه اچي قلب کي، سواءِ تن هوتن،
ڏک تني جو ڏيل ۾، ٻَر ٻَر مچ ٻَرن،
صبر ساعت مون نه اچي، گهڙي تن گهوٽن،
مون مديني شهر جي، پڇيو کان ماڻهن،
پر پتو پار نه پِيَڙو، تن سهڻن شهزادن،
مون کي تن شهزادن جا، ٿا پلپل پوُر پون،
گهاري گهڙي نه سگهان، جيرا ٿا به جلن،
راڻا ڪندي رانديون، متان وڃي پري پون،
متان بيبان بر ۾ اُڇيا آب هجن.
رُني بيبي ڀلاي ٿي، آڻيو آب اکين،
تڏهن فرمايو فضل سان مِٺن محبوبن:
ته صبر ڪريو ساعت ڪا، هو اِجهي ٿا اچن.
ائين چئي عربي اُٿيا، وسيلا ولهن،
ٻڌي دستار مبارڪ، ڪيئون ڪمر[23]
ڪلهن،
نڪري مديني شهر کان، ٿا پرمل پير کڻن،
تان بگهڙ گڏين بر ۾، کي مِٺي محبوبن،
پڇيائون حقيقت حال جي، ڪنا تن بگهڙن:
ته آن ڪي ڏٺا ننڍڙا، جاني منجهه جهنگن،
ٻار ننڍڙا ٻچڙا، متان ڏکويا آن هجن.
تڏهن قسم کڻي ڪڇيا، اڳيان عجيبن:
ڪين ڏٺاسين ڪٿهين، ڪانهي خبر تن.
تان ايندي گڏين بر ۾، ٻڪرار سان ٻڪرين،
تنهن ساري سڌ ڏني، کي سهڻن سپرين:
ته وڻ ڏسجي هيڪڙو، ڪهنو ڪساين،
تنهن هيٺ ستا سپرين، آهي آڙام عجيبن.
تڏهن هلي آيو هاشمي، ورنہ وير وٽن،
وڻ جي ڇانوَ ڇڏي وئي، سج جي سببن،
جبرئيل اڇي ڇانوَ ڪئي، پنهنجي ساڻ پَڙن،
پَر پکيڙي ويٺو رهيو، مٿان امامن،
ڏاڍا سرها سڄڻ ٿيا، پَسي شهزادن،
جانب جاڳائيا ننڊ مان، سي ’نانا نانا‘ ڪن،
پائي ڳل ڳرهاٽڙيون، ڏنيون مٺيون محبوبن،
اچي سي ويٺا هنج ۾، گهوٽ چڙهي گوڏن،
سرور ڏنيون سڪرون، مٿي لعل لبن.
تانسين حضرت علي آئيون، پٺيان تن قدمن،
ساڻن گڏ هلي آئي، اُتي پاڪ دامن،
گڏجي ڏاڍا خوش ٿيا، جئن بادل ٿا برسڻ،
ويا لهي ڏکڙا، مينهن اوُٺا مهرن،
حورن هار سينگر ڪيا، کوليو در عيشن،
خوشي عرض عظيم ۾، ڪئي مَلڪن ملڪوتن،
پوءِ امامن آرُ ڪيو، ٿا تازي تمر مڱن،
ٻيو طعام ٿي طلبيائون، پاڻي پياسن.
تان کنيا هٿ اُڀن ڏانهن، ڪامل قريبن،
دعا قبول قادر ڪئي، داور درگاهن.
آڻ مندائتي کجور ٿي، خاص منجهه کجين،
پچي يار ٿي پلڪ ۾، ڪر لعلون ٿيون لُڏن،
ماکي جهڙي مصري، لاشڪ لَذيَتُن،
سا کاڌئون خوشيءَ مان، ٻنهي ڀائرن.
پوءِ جبرئيل آندو جلد مان، طعام بهشتن،
خومچا کڻي آيو، سين قادر قدرتن،
سرها ٿيا سپرين، کائي طعامن،
پُٽَ پيارا پرمل مليا، بيبيءَ نيڻ ٺرن،
ساٿ سلامت آئيو، ڪامل قربدار،
محبت مديني آئيا، مَرڪي سي ماڳن،
وَڻ وَڻ واڌايون هيون، ملڪ منجهه عربن،
پيارا پاڪ درگاهه جا، ڌُڻيا پاڻ ڌڻين.
تعريف تن جي رب ڪئي، منجهه قرآن مجيدن،
پنجي واحد واکاڻيا، پرمل سي پنجتن،
محمد، علي، فاطمہ، حسن، هسين حامي سي هيڻن،
حاضر هئا هيڪاندا، ٿا گڏ چادر ۾ چون.
ملڪ آيا خدمت ۾، اڳيان ساڻ اَدبن،
ڇمر مثل ڇانوَ ٿي، پوش مٿان پِريَن،
عيدون عرش ۾ ٿيون، منجهه باغن بستانن،
سِهرا شهزادن جا، ٿي ڳايا حورن ۽ مَلڪن،
ڪهڙي طاقت شاعر کي، جو لکي وصف وريامن،
پوري ڪونه پوي، ساراهه ڪندي صفتن،
مون کي منهنجا ڌڻي! پرت ڏي پنجتن،
پسي پنجن تنن کي، سهنجا دَم پڄن،
عرض ”آريسر“ جا، من سارا صاب پون،
”پانڌي“ پني پينار ٿو، پرت پنجن تنن،
چئو صلواة نبيءَ ڪريم تي، لک لک درودن،
ويندا سي ايمان سان ڪلمون جن قلبن،
لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.
مناقبو نبي ﷺ جو:
راهه ۾ ڪنڊا اڇليندڙ يهوديءَ کان بيماريءَ ۾ پڇڻ وارو[24]
( پانڌي آريسر جو[25])
واکاڻ ڪر واحد جي، ويهي تون وصفا،
مولي مُلڪن جي ڌڻي، جوڙيا جوڙ وڏا،
آهي ڪتابن ۾، ڪري راوي روايتا،
ته هو شخص هڪڙو، ڪفارن منجهان،
عداوت عربيءَ سين هو، وجهندو وير وڏا،
گهر ان جو هئو، ورنهه سندي واٽ مٿا،
ايندا ويندا هئا مسجد ۾، ورنهه ان هنڌا،
پنجئي وقت نماز جا، ڪارڻ جمع جماعتا،
اچڻ وڃڻ هو ٿيندو ان جي ڀت سنديءَ ڀرسان،
دُز رکي هئي ڀت ۾، ڪا دري دستورا،
جنهن مهل وير ورنهه، هئا ايندا عجيبا،
پڙهي نماز مسيت سان، سَڄڻ سونهارا،
تان ڀريو ڇڄ گند جو، اُڇلي دريءَ منجهارا،
سا وڃيو پوندي پرين جي، تَن لاکيڻي تان،
ڌوڙ، ڪچرو، ڪک ڪنڊا وجهندو هو واٽ مٿا.
تڏهن پاڻ چونڊيندا چادر ۾، هئا چاڳلا هلندا،
ڪي ڏينهن گذريا ڪيترا، مُددت مديدا،
عادت انهيءَ آنڌي جي، اصلي هُئي اِها،
ڪڏهن ڪين ڪاوڙيا، پاٻوهيل پِريا،
نه ڏمريا ڏيل ۾، ڪڏهن ٻهڳڻ ٻاجهارا،
ته سڄڻ ستا هئا ڇانوَ ۾، وڻ تار جي هيٺا،
واءُ وريامن کي، ٿي هنيو جبريلا،
ڏسي پيارا پانهنجا، سڄڻ ٿيا سرها،
نوم ڇڏي بيدار ٿيا، سيد سونهارا،
اچي ويٺا هنج ۾، شفيع جي شهزادا،
نازڪ ناني کي ڏسي، طفل ٿيا تازا،
پوءِ گهُر ڪيائون گهوٽ کان، طعام تنهن ويرا،
ته خُبزُ آندءِ کيڻ ڪو، احمد! اسان لاءِ،
پوءِ ڏئي دلاسو دلبري، مير چين مهندا،
ته هلي کائو گهر ڏي، خاصو خُبزا،
ته رئڻ لڳا رهبر اڳيؤن، مُقبل معصوما،
۽ ڪِريو پون پَٽ تي، هر هر هنج منجها،
اهڙا انگل عربي ڏسيو، خوش ٿئي خليلا،
تيئن ڳل چمي ڳڀرن جا، حضرت حبيبا،
ته آيو اُڀن مؤن لهي، حضرت جبريلا،
مولي محمد ڏنهن مڪو، تڪڙو تعجيلا،
وحي وٺي آئيو، خالق ڏنہ خبرا،
اڳيؤن احمد ڄام جي، اچو ڪري عرضا،
ته سچا دوست خدا جا، نرمل نبيا!
مالڪ توکي ٿو چوي، راق رحيما،
ته طعام نه اسان کؤن گهرين، مرسل محبوبا!
ڇو ٿو گهر وٺيو وڃين، پر مؤن بکارا.
پوءِ آيو طعام تيار ٿي، جڙي جنت منجها:
هيون ٻه مانيون جنتي، ٻه هئا پيالا،
هڪ ڪاسي ۾ هئي، شيرين سا شهدا،
ٻئي ڪاسي ۾ حلوو، هئو چوکو ئي چيزا،
اُت ڪيائون آب جي، طلب تنهن ويرا.
پوءِ دست هنيو درخت ۾، سچي رسول خدا،
جر اُتان جاري ٿيو، پاڻي تنهن پلڪا،
مويا موچارو گهڻو ڪوثر جي مثلا،
سڄڻ پِي سرها ٿيا، اُچو اشربا،
کنيو حضرت حسن کي مير محمد شاهه،
کنيو مير حسين کي، سچي صديقا،
اچي مادر کي مليا، فرزند في الحالا،
”ماڇي“ چئي ڏس معجزا، مِٺن امامن جا،
آهن پيارا رب جا محب معصوما،
”فقير محمد“ کي حُب هاشمي من ۾ موجودا،
شوق شهيدن جو گهڻو، دل ۾ دائما،
ڪين ڇڏيندا تن کي، جي لڙهه تني لڳندا،
چئو صلواتون نبيءَ فيع تي، دائم درودا،
ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جي ڪهندا.
لاالـــٰـہ الاالله محمد رسول الله.
هن مناقبي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع،
مسلم ادبي پريس، حيدرآباد، سن 1950ع تان ورتل
آهي.
سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه، ص 5.
پوءِ ايتري قربت کي رسيا، جيتري ٻن سيڱن
واري ڪمان جي ٻن ڪمانين جي وچ ۾ مٺ وجهڻ واري
جاءِ آهي، يا ان کان به نزديڪ تر.
ڏٺو پنهنجي رب کي معراج جي رات، جو دنيا جي
انتهائي ڇيڙي تي آهي.
هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي
الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان
ورتل آهي. مناقبو عبدالله ڏانهن منسوب آهي، جو
غالباً مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ جو چيل آهي،
ڇاڪاڻ ته ”عاصي“ لفظ کي اڪثر مخدوم عبدالرؤف
پنهنجي نالي سان استعمال ڪيو آهي جئن ”عاصي
عبدالرؤف کي.... الخ“.
هن مناقبي جو متن ”رسالي ريحاني“، مطبوع
اسلاميه پريس، حيدرآباد 1958ع تان ورتل آهي.
محمد حسن بن احمد بن عبدالڪريم شيخ،
حيدرآباد ضلعي جي مشهور درويش ’شيخ ريحان‘ جي
سجاده نشين خاندان مان آهي. آگسٽ 1908ع ۾
ڄائو. سنڌي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪري سرڪاري
ملازمت ڪيائين، جتان 1945ع ۾ فارغ ٿيو. ميان
محمد حسن هڪ نيڪ مرد ۽ نيڪ دل شخص آهي. سندس
چيل ڪلام ”رسالي ريحاني“ ۾ ڇپيل آهي.
هن مناقبي جون ٽي روايتون وچولي (تعلقي ٽنڊي
الهيار) مان مليون، جن مان ٻه روايتون محمد
رحيم مڱڻهار ۽ يار محمد مهاڻي جي قلمي ڪتابن
تان ورتل آهن ۽ هڪ روايت گل محمد صوفيءَ کان
ملي.
سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي.
هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي
الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.
سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه ص 23.
هن مناقبي جون ٻه روايتون وچولي (تعلقي ٽنڊي
الهيار) مان مليون، هڪ ولي محمد طاهر زادي کان
ملي ۽ ٻي يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان
اتاريل آهي.
سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 23.
هن مناقبي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي
الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.
سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 23.
|