6 – کنڀن وارو گھوڙو پيگاسس
ڪنھن زماني ۾ يونان ملڪ ۾ ھڪڙو ٿڌي پاڻيءَ جو چشمو
ھو. ھڪڙي ڏينھن ھڪڙو خوبصورت جوان پنھنجي ھٿ ۾
ھڪڙو سونو لغام کڻي اچي اتي نڪتو. انھيءَ مھل
انھيءَ چشمي وٽ ٻھ ماڻھو، ھڪڙي زال ۽ ھڪڙو ڇوڪر
بيٺا ھئا، جي پاڻي ڀرڻ آيا ھئا. انھيءَ جوان جو
نالو ”بيليرافن“ ھو. زال کان پاڻي گھريائين. انھيءَ
دلي مان پاڻي پياريس. بيليرافن چيو تھ ”پاڻي ڏاڍو
مٺو ۽ ٿڌو آھي. ھن چشمي جو نالو ڇا آھي؟“ زال چيو
تھ ”ھن کي ”پائر پني“ چوندا آھن.“
منھنجي ڏاڏي چوندي ھئي تھ ”ھڪڙي زال ھوندي ھئي،
جنھن جو پٽ ھڪڙي ”ڊنبا“ نالي شڪارڻ ماري وڌو ھو،
تنھن جي غم ۾ روئي روئي پاڻي ٿي ويئي، ۽ انھيءَ
ڏينھن کان وٺي، ھي چشمو جاري ٿيو آھي.“ بيليرافن
چيو تھ ”مون کي اھڙي خبر ڪانھ ھئي. اھا خبر ٻڌي آءٌ
ڏاڍو خوش ٿيو آھيان، جو آءٌ ڪيترن ڏينھن کان انھيءَ
چشمي جي تلاش ۾ ھوس.“ ڇوڪر پڇيس تھ شايد تنھنجي
ملڪ مان، ايتري مٿانھينءَ تان چشمو ڪونھ ٿو وھي،
تڏھن انھيءَ جي تلاش ۾ ھئين ڪيئن؟ پر ھي لغام ھٿ ۾
اٿئي، تنھنجو گھوڙو ڀڄي ويو آھي ڇا؟“ ھن چيو تھ
”منھنجو گھوڙو ڀڄي ڪين ويو آھي، پر آءٌ ھڪڙي مشھور
گھوڙي جي ڳولا ۾ آھيان. ڏاھن انھيءَ جو ڏس ھتي ڏنو
آھي. مشھور پردار گھوڙو ”پيگاسس“ اوھان ٻڌو ھوندو،
اھو ھتي پاڻي پيئڻ ايندو آھي. تنھنجي لاءِ آءٌ ھتي
آيو آھيان. اوھان ڪڏھن ڪو ھتي ڏٺو؟، زال ورندي ڏني
تھ ”آءٌ ڀانيان ٿي تھ ھڪڙي ڀيري مون اھو ڏٺو ھو،
پر خبر ناھي تھ اھو پيگاسس گھوڙو ھو يا ڪو ٻيو وڏو
پکي ھو.“ ڇوڪر بھ چيو تھ ”مون بھ انھيءَ کي گھڻا
ڀيرا ڏٺو آھي. اڃا ڪالھھ بھ ڏٺو ھومانس.“ بيليرافن
پڇيس تھ ”ڀلا تون انھيءَ جو احوال ٻڌاءِ تھ ڪيئن
ڏٺئيس؟، ڇوڪر چيو تھ ”آءٌ ھتي پھڻيون چونڊڻ ايندو
آھيان. ڪڏھن ڪڏھن انھيءَ گھوڙي جو پاڇولو پاڻيءَ ۾
ڏسندو آھيان، ۽ اھو پھھ پچائيندو آھيان، تھ ڪيئن
انھيءَ گھوڙي تي چڙھان ۽ ھوا ۾ اڏامي ملڪن جو سير
ڪريان. پر اڃا چتائي ڏسندو ئي مس آھيانس تھ اڏامي
ويندو آھي. اڇو گھوڙو آھي. وڏا کنڀ اٿس. بيليڪن
جبل جي چوٽيءَ تي رھندو آھي. اتان باز وانگي اڏامي
ايندو آھي. تمام تيز آھي. گرميءَ جي موسم ۾ پائر
پني چشمي تان اچي پاڻي پيئندو آھي.“ پوءِ زال ۽
ڇوڪر تھ ھليا ويا، پر بيليرافن انھيءَ گھوڙي جي
لاءِ اتي ويھي رھيو. اتي ويٺي ھن کي ڪيترائي ڏينھن
لنگھي ويا. ڪڏھن گھوڙي جي لاءِ مٿي آسمان ۾ ٿي
نھاريائين، ڪڏھن ھيٺ پاڻيءَ ۾ ٿي نھاريائين، تڏھن
بھ انھيءَ جو پتو ڪونھ ٿي پيس. ماڻھن ھن کي ديوانو
ٿي سمجھيو. مگر اھو ڇوڪر، جنھن انھيءَ گھوڙي جو
پاڇولو اڳي پاڻيءَ ۾ ڏٺو ھو، سو ھن جي دلجوئي پيو
ڪندو ھو؛ ۽ اڪثر ڪو وقت اچي وٽس ويھي ڳالھيون
ٻوليون ڪندو ھو، ۽ ڳولا ۾ مدد ڪندو ھوس، نھ تھ
جيڪر ڪڏھن جو ھو نااميد ٿي موٽي وڃي ھا.
بيليرافن کي جو انھيءَ پيگاسس گھوڙي جي گھرج ھئي،
تنھنجو سبب ھي ھو: ايشيا جي ڪنھن ڏيھھ ۾ ھڪڙو عجيب
جانور يا پکي رھندو ھو: جنھن جو نالو عنقا ھو.
انھيءَ جي نقصانن کان ماڻھو ڏاڍا تنگ آيا ھئا.
انھيءَ جو پڇ ھڪڙي وڏي ازدھا يا نانگ وانگر ھوندو
ھو ۽ ٽي سسيون ھيس. ھڪڙي ٻڪر جي، ٻي نانگ جي ۽ ٽين
شينھن جي. ٽنھي منھن مان باھھ جا الا پيا نڪرندا
ھئس. انھيءَ ملڪ جي بادشاھھ کي انھيءَ جي مارڻ جو
ڏاڍو شوق ھو. اتفاق سان بيليرافن، انھيءَ بادشاھھ
وٽ ويو، ۽ بادشاھھ انھيءَ کي ھمت وارو ۽ بھادر
ڏسي، اھو ڪم ھن جي حوالي ڪيو ۽ چڱو انعام ڏيڻو ڪيو
ھئائينس. اھڙي جانور مارڻ لاءِ ھن کي گھوڙو بھ ڪو
پردار گھربو ھو. پيگاسس جون ڳالھيون ۽ افواھون
ماڻھن کان ٻڌيون ھئائين، تنھن جي ڳولا ۾ ھمت جھلي
نڪتو ھو. سونو لغام جو ساڻ کنيو ھئائين، تنھن ۾
ھيءَ طلسمي خاصيت ھئي تھ .جيڪو انھيءَ گھوڙي کي
اھو وجھي چڙھندو، سو انھيءَ تي عمل ھلائي سگھندو.“
ھڪڙي ڏينھن انھيءَ ڇوڪر، بيليرافن کي گھڻي اميد
ڏني. پاڻيءَ ۾ انھيءَ گھوڙي جو عڪس ڏٺو ۽ ڏاڍو خوش
ٿيو، پر انھيءَ جي شڪل تي عجب بھ لڳس. ھنن لڪي
بيٺي ڏٺو. نيٺ گھوڙو آھستي آھستي ھيٺ لٿو، ۽ چشمي
جي ڪناري تي پاڻي پي ھيڏي ھوڏي گھمڻ ۽ چرڻ لڳو.
گھمندي گھمندي اتي آيو، جتي ھو ٻوڙي ۾ لڪا ويٺا
ھئا. اڃا ھو اڏامڻ تي ھو، تھ بيليرافن اوچتو نڪري،
ٽپ ڏيئي سندس پٺن تي ويھي رھيو. ”پيگاسس“ پھريون
دفعو پنھنجي پٺن تي سوار ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو. ڪڏندو
ڪڏندو مٿي آسمان ۾ چڙھي ويو، ۽ وري ھيٺ لھي آيو، ۽
ڊپ ھو تھ بيليرافن کي ڪنھن ٽڪر تي ھڻي ماري
وجھندو. ڪڏھن ڪڏھن ڪنڌ ورائي ھن کي چڪ ھڻڻ جي ٿي
ڪيائين. بيليرافن بھ ڏاڍو ھوشيار ھو، تنھن اھڙو
وجھھ پئي ڳوليو. اوچتو جڏھن ھن چڪ وجھڻ لاءِ، منھن
ڦيرائي وات پٽيو، تڏھن ھن اھو لغام کڻي وڌس. ھڪدم
ھو ماٺو ٿيو ۽ عمل ۾ آيو. بيليرافن بھ ھٿ
گھمائيندو، پٺي ٺپريندو پيار ڪندو ويس. نيٺ ھلندي
ھلندي ھن سان ٺھي ويو. انھيءَ وچ ۾ ھو بيليڪن جبل
تي اچي لٿو. بيليرافن لھي پيو، مگر لغام مان جھليو
بيٺو ھوس. پيگاسس بند ھئڻ ڪري زار زار روئڻ لڳو،
جنھنڪري بيليرافن کي مٿس ڏاڍو رحم آيو. سو لغام
ڪڍي ڇڏي ڏنائينس. ڇٽڻ شرط ھو اٿي اڏاڻو ۽ نظر کان
غائب ٿي ويو.
بيليرافن پھرين تھ پنھنجي بيوقوفي تي ڏاڍو ارمان
ڪرڻ لڳو، پر پوءِ سگھوئي ڏٺائين تھ گھوڙو ھوا کائي
وري موٽي آيو، ھن اٿي پيار ڪيس ۽ مالش ڪيائينس ۽
گاھھ چاريائينس. پوءِ ڪن ڏينھن تائين اتي رھي،
جڏھن ڄاتائين تھ ھاڻ ھو مون سان پوري طرح ھري ويو
آھي، تڏھن عنقا سان وڙھڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. ھڪڙي
ڏينھن صبح جو سنڀري سوار ٿي چڙھيس. ٻنپھرن تائين
ايشيا جي انھن جبلن تي وڃي پھتو، جتي عنقا رھندو
ھو. آسپاس ڪوھن ۾ ماڻھن ۽ جانورن جا لاشا پيا ھئا،
جي ھن ماري ڇڏيا ھئا. آسپاس دونھون بھ گھڻو ھو.
بيليرافن کي پڪ ٿي تھ عنقا ھتي ٿو رھي. ھيڏي ھوڏي
ڳولا ڪندي، پري کان ھڪ غار نظر آيس، جنھن مان تمام
گھڻو دونھون پئي نڪتو. بيليرافن گھوڙي کي لاھي،
ماڻھوءَ جي قد جيترو زمين کان مٿي بيھي رھيو. غار
جي منھن وٽ ڏٺائين تھ ٽي جانور پاڻ ۾ ڳنڍيا وڪوڙيا
پيا آھن. ھڪڙو شينھن، ٻيو نانگ ۽ ٽيون ٻڪر. شينھن
۽ ٻڪر ستا پيا ھئا، جو انھن جون اکيون پوريون پيون
ھيون، مگر نانگ پئي جاڳيو. اھي ٽي جانور نھ ھئا،
پر اھو ھڪڙو جانور عنقا ھو، جنھن جي ڳولا ۾ ھو آيو
ھو. پيگاسس جي ھڻڪار تي اھو جانور جاڳيو ۽ ٽنھي
سسين سان اکيون پٽي کڙو ٿيو، ۽ ھن تي باھھ جا الا
ڪڍي ڪاھڻ لڳو. پيگاسس ھڪدم چڙھي وڃي آسمان سان
لڳو. ايتري ۾ عنقا بھ پڇ ٽيڪي ويھي رھيو. سگھوئي
بيليرافن گھوڙي کي لاٿو ۽ ترار ڪڍي اوچتو مٿان
عنقا کي ڌڪ ھڻي وري مٿي چڙھي ويو. مٿان چڙھي
ڏٺائين تھ معلوم ٿيس تھ ھن جي ٻڪر واري سسي وڍي
وڌي ھئائين، جا پئي لڙڪيس، پر شينھن ۽ نانگ جون
سسيون وات پٽيو، جھٽ ھڻڻ لاءِ تيار بيٺيون ھيون.
اتي بيليرافن وري اوچتو ھيٺ لامارو ڏيئي ڌڪ ھڻي،
شينھن واري سسي وڍي وڌي، مگر عنقا جو چڪ ڪلھي ۾
لڳي ويس ۽ گھوڙي جي بھ کٻي ٽنگ ڦٽجي پئي، انھيءَ
ھوندي بھ بيليرافن مٿي چڙھي، وري ٽيون ڀيرو ھن تي
ڪاھي آيو تھ نانگ وڪوڙي ويس، پر بيليرافن چالاڪي
ڪري ھٿئي تائين ترار وات ۾ لنگھائي وڌيس، جنھنڪري
ھن جي نڙي چيرجي پئي، ۽ آنڊا وڍجي پيس ۽ ھو ڪري
مري پيو. انھيءَ مھل چوڌاري اونداھھ ٿي وئي ۽ عنقا
کي باھھ اچي لڳي ۽ جھٽ ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو.
بيليرافن خوش ٿي لھي پيو، ۽ گھوڙي کي پيار ڪيائين،
پوءِ آسپاس شھرن جي ماڻھن کي ۽ بادشاھھ کي
ٻڌايائين تھ مون عنقا کي ماريو آھي. انھن اچي عنقا
کي ڏٺو ۽ سڀئي خوش ٿيا ۽ بيليرافن کي چڱو انعام
مليو، پوءِ بيليرافن، پائرپني جي چشمي وٽ موٽي
آيو، جنھن ڇوڪر جي مدد سان شڪر گذاري ڪيائين، ۽
عنقا جي مارڻ جي خوشخبري ٻڌايائينس. پوءِ پيگاسس
جي وات مان لغام ڪڍي، ھن کي چيائين تھ ”ھاڻ توکي
جيڏي وڻي تيڏي وڃ.“ پر پيگاسس وڃڻ جي نھ ڪئي، جو
ساڻس ھري ويو ھو، تنھنڪري بيليرافن بھ ھن کي ھميشه
لاءِ پاڻ وٽ رکڻ جو ارادو ڪيو.
پوءِ ھو ڇوڪر کان موڪلائي گھوڙي سميت پنھنجي وطن
ھليو ويو، ھن جي وڃڻ کان پوءِ انھيءَ ڇوڪر کي بھ
ھڪڙو ٻيو تکو گھوڙو ھٿ اچي ويو، جنھن تي چڙھي، ھن
بھ ملڪن جا سير ڪيا ۽ بيليرافن کان وڌيڪ
ڪارگذاريون ڪيائين، اھو ھو شاعريءَ جو گھوڙو، يعني
ھو تمام ناليوارو شاعر ٿيو، ۽ آسپاس جي ملڪن ۾
ناموس ڪڍيائين.
پورو ٿيو |