سترھن ورھين جي ڄمار ۾ پائي وزو بلڪل ماڻھوءَ
وانگي ٻن ٽنگن تي پوري طرح ھلندو ھو، ۽ سڀني
ڳالھين ۾ انسان ٿيو. استاد کان موڪلائي دھليءَ آيو.
راڻي ھن کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ بيشڪ ھو اھڙو ھو جو
ڪابھ ماءُ جيڪر اھڙي گود جي پٽ تي فخر ڪري. انھن
ڏينھن ۾ ھندستان ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ ھلندڙ ھئي.
پائي وزو کي اوڏي موڪليو ويو. اتي ھو چار ورھيھ
رھيو ۽ انھيءَ وچ ۾ ڏاڍي بھادري ۽ ھوشياري
ڏيکاريائين. تنھن کان نالو ناموس ڪڍائي موٽي آيو،
۽ ھڪڙي پرانھين پرڳڻي تي نواب يا حاڪم مقرر ٿيو.
سگھو ئي ھڪڙو اتفاق ٿيو، جنھنڪري ھن جي ساري
حياتيءَ جي ڪمائي ۽ آئندي جي خو ش نصيبي، ھڪڙي ڪچي
تند ۾ لٽڪيل ڏسڻ ۾ آئي.
ھندستان جي شھنشاھھ کي ڪو پٽ ڪونھ ھو، جو سندس ولي
عھد ھجي. اھو ڏاڍي انتظار ۽ نااميدي ۽ فساد جو سبب
ھو. جيڪي تخت جا دعويدار ھئا، تن مان ھڪڙو فردت
نالي ھو، جو بادشاھھ جي عزيزن مان ھو. ھو پاڻ بھ
ناميارو بھادر ھو ۽ ھڪڙي وڏي ايماندار ۽ سورھيھ
لشڪر جو مھندار ھو، ۽ ھو بھ مغرور ۽ طمع وارو.
اھڙي ماڻھوءَ جو زور وٺڻ ڪري ضرور ملڪ ۾ فساد پوڻ
جو امڪان ھو. انھيءَ ڪري شھنشاھھ کي ڏاڍو انتظار
ٿيو. فردت اھڙو ماڻھو نھ ھو، جنھن تي ھو رعيت جي
سک جو بار لاھي پائي رکي. تنھنڪري ھن ڪڙي قديم
ھندي قانون تي ھلڻ جو ارادو ڪيو. شھنشاھھ کي ھڪڙي
ڌيءَ ھئي، ۽ قانون موجب کيس اختيار ھو تھ بادشاھي
پنھنجي ناٺيءَ کي ورثي ۾ ڏئي، جنھنڪري بادشاھي
سندس نسل ۾ ھلي اچڻ جو چڱو وجھھ ھو. انھيءَ قانون
موجب جيڪو ماڻھو ڪنھن شينھن يا چيتي سان وڙھڻ ۾
فتحياب ٿئي، تنھن کي اھڙي قسم جو انعام ملڻو ھو.
انھيءَ طرح ھڪڙي لحظي جي فيصلي تي موت يا بادشاھي
ملڻ جو امڪان ھو.
سگھوئي قاصد ۽ ھرڪارا ملڪ ۾ پکڙي پيا ۽ پڌرائي ڪرڻ
لڳا تھ ”ھندستان جي شھنشاھھ کي ھڪڙي ئي ھڪڙي ڌيءَ
آھي، جا نھايت حسين آھي. جيڪو کلئي ميدان ۾ اڪيلو
بنگال جي ھڪڙي شينھن سان وڙھي، انھيءَ کي ڪھندو،
تنھن کي انھيءَ جي ٻانھن ملندي.“ اھو اشتھار ٻڌي
ڪيترائي بادشاھھ ۽ شھزادا ۽ بھادر سردار پري کان،
انھيءَ خوفناڪ آزمائش جي لاءِ اچي گڏ ٿيا.
ويڙھھ واري ڏينھن صبح جو، اھو خوفناڪ شينھن انھيءَ
ميدان تي وٺي آيا. ھن جو قد ۽ حشمت ۽ ھيبت ڏسي سڀ
اميدوار دھلجي ويا، ڪن تھ وڙھڻ کان جواب ڏنو پر ڪي
ٿورا تيار ٿيڻ لڳا. انھن مان ھڪڙو ايران جو
شاھزادو ھو. ھر طرف تماشبين اچي سوڙھا ٿيا.
بادشاھھ درٻارين سميت ڏاڍي تجمل سان سامھون ويھي
ويو، ۽ شاھزادي ٻين کان ڌار ھڪڙي بالاخاني ۾ ويٺي
ھئي، قيمتي پوشاڪ ۽ جواھرن سان سينگاريل ھئي، پر
سندس سونھن انھن کان زياده چمڪندڙ ھئي. انھيءَ
لڙائيءَ جي نتيجي جي جھڙي ھن کي ڳڻتي ھئي، تھڙي
ڪنھن بھ تماشبين کي نھ ھئي. وڙھندڙ جي چالاڪيءَ
ڪري خوفناڪ جانور برابر مرڻو ھو، پر جي اھو فتحمند
شخص کڻي ڪو جھنگلي ماڻھو نڪري پيو، تھ پوءِ اھا
خود سندس موت کان بھ وڌ خراب ڳالھھ ھئي.
نيٺ اھا گھڙي اچي پھتي ۽ شھنشاھھ اشارو ڏنو. در
کليو ۽ ايران جو شاھزادو پڙ ۾ لنگھي آيو. ھو جھڙو
بھادر ھو، اھڙو خوبصورت ھو. ڪيترن ئي بھادرن کي ھن
جنگ جي ميدان ۾ جيتو ھو. ھن کي ايندو ڏسي شينھن
اکيون ڦرڙايون. اوچتو ڇال ڏئي وڃي شھزادي جي مٿان
پيو. جھٽ ۾ ھڻي ماري رکيائينس. اھو حال ڏسي
شاھزاديءَ جي اکين اڳيان اونداھھ اچي ويئي. اھڙي
خوفناڪ واقعي کان پوءِ ٻين خانداني اميدوارن دعوا
ڇڏي ڏني، ۽ ھاڻ گھٽ درجي وارا امردوار اچڻ لڳا.
انھن مان سڀ کام مشھور ھندستان جو ھڪڙو وڏو پھلوان
ھو، جنھن اڳيان جنگ جي ميدان ۾ ڪيترائي بھادر ۽
جنگي جوان پئي ڪنبيا. اھو لاھور جي ھڪڙي اڱرن ٻارڻ
واري جو پٽ ھو، مگر رڳو زور ۽ بھادريءَ جي ڪري
نالو ڪڍيو ھئائين. شھنشاھھ بھ ھن کان پئي ڊنو، ۽
جي اھو کڻي فتحمند ٿئي تھ ضرور انھيءَ کي ٺھرايل
انعام ڏئي.
اھڙي راڪاس جھڙي ماڻھوءَ کي ڏسي شھزادي ڏڪي ويئي،
پر خدا کڻي انھيءَ آفت کان بچايس، جيئن ھن ڀالو
چتائي شيھن جي ڇاتيءَ ۾ ٿي ھنيو، تيئن ھن جو پير
ترڪي ويو. اک ڇنڀ ۾ شينھن مٿس ٽپو ڏئي، سسي پٽي
رکيس. چوڌاري خوشيءَ جي دانھن نڪري ويئي. ٻئي لاشا
رت ۾ رليا، ۽ ٻين اميدوارن جي سڏڻ لاءِ باجا وڄڻ
لڳا. شھنشاھھ کي ڏاڍي ڳڻتي ٿيڻ لڳي، جو پڪ ٿيس تھ
ڪنھن جي بھ فتحمند نھ ٿيڻ جي حالت ۾ فردت تخت جو
وارث ٿيندو، ۽ اڳئي انھيءَ اميد ۾ فردت خوش ڏسڻ ۾
پي آيو.
اوچتو وري بھ در کليو، ۽ اھو ھو پائي وزو. ھن کي
ڏسي چوڌاري واھھ واھھ ٿيڻ لڳي. شھزادي پاڻ بھ ھن
کي ڏسي سرھي ٿيڻ لڳي، جو ڄاتائين تھ من اھو سندس
گھوٽ ٿئي. اتي پائي وزو وڏي سڏ چوڻ لڳو تھ ”آءٌ
وڏائي ڪري ميدان ۾ نھ آيو آھيان. ھيستائين آءٌ ماٺ
ڪيو بيٺو ھوس تھ ڀلي مون کان بھتر ماڻھو اچن. پر
جڏھن ھاڻ ٻيو ڪو نھ ٿو اچي تڏھن آءٌ حاضر آھيان.
”خدا مون کي مدد ڪندو“، ۽ شھزادي کي خوش رکندو.“
ائين چئي ھو شينھن تي ڪاھي ويو، ۽ شينھن بھ ڏانھنس
ڪاھي آيو. پائي وزو کي جو ننڍي ھوندي باندرن ۾
پرورش ملي ھئي، تنھن لاءِ ھن کي خدا جي شڪر
گذاريءَ جو چڱو سبب پيدا ٿيو. شينھن جيڪو ٽپو ٿي
مٿس ڏنو، تنھن کان ٿي گسايائين. جيسين ٻئي ٽپي جو
ٿي سعيو ڪيائين، تيسين ھن اھڙي تجويز ٿي ڪئي جو ھو
منجھي ٿي ويو. پائي وزو کان سواءِ ڪوبھ اھڙي
چالاڪي جيڪر ڪين ڪري سگھي. شينھن اھڙو حيران ۽
پريشان ٿي ويو، جو سنبري سنبري وري ماٺ ڪري بيھي
ٿي رھيو. ماڻھو حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ ڏاڍي فڪر ۽
انتظار ۾ بيھي نھارڻ لڳا. ويھھ ڀيرا شينھن ۽ پائي
وزو ھڪ ٻئي تي سانباھا ۽ وار ڪيا. پر اڃا ڪنھن بھ
ھڪڙي ٻئي کي نھ ضربيو. نيٺ پائي وزو کي چڱو وجھھ
مليو. اوچتو ٽپ ڏيئي شينھن تي چڙھي ويٺو، ۽ کٻي ھٿ
سان ان جي ڪنڌ جي وارن مان کڻي ورتائين ۽ سڄي ھٿ
سان خنجر ڪڍي، ھن جي ڪلھن جي وچان ڳن تائين
لنگھائي ڏنائين. شينھن ڪاوڙ ۽ سور کان قھر جون
گروڙون ڪرڻ لڳو. ڏاڍي ڇوھھ مان دشمن کي پٺن تي کڻي
ميدان تي ٽپي، نيٺ ڦھھ ٿي ڪري پيو ۽ مري ويو.
چوڌاري خوشيءَ جون تاڙيون وڄي ويون، ۽ واھھ واھھ
جو ھل ٿيڻ لڳو. خود شھنشاھھ خوشيءَ جي گھڻائيءَ
کان ٽپ ڏيئي اٿيو، تخت تان لھي ميدان تي آيو ۽ خلق
جي اڳيان چوڻ لڳو تھ ”خدا جا ھزار شڪرانا آھن،
جنھن مون کي اھڙو نياڻو ۽ ولي عھد ڏنو، جو اسان جي
رعيت مان نھايت دانا ۽ بھادر ۽ چڱو آھي.“ تنھن کان
پوءِ پائي وزو کي ڀاڪر وجھي شھزاديءَ وٽ وٺي ويو،
۽ سائو ھار فتح جي نشاني ڪري ھن جي ڳچيءَ ۾
وڌائين، ۽ مڱڻي جي سوني منڊي ھن جي آڱر ۾ وڌائين.
شھزاديءَ پائي وزوءَ کي اڳي ڪونھ ڏٺو ھو، جو اتي
جي رسم موجب ھوءَ پردي ۾ رھندي ھئي. تنھنڪري ھھڙي
بھادر ۽ خوبصورت جوان جي ھٿ اچڻ جي اتفاق تي، ھن
پاڻ کي خوش نصيب ٿي سمجھيو. پر انھيءَ کان سواءِ
ٻيو بھ ھڪڙو ماڻھو ھو جو انھيءَ اتفاق ڪري ڏاڍو
خوش ٿيو. اھا ھئي راڻي، جنھن پائي وزو کي پالي وڏو
ڪيو ھو، ۽ اولاد وانگي ھن کي پيار ڪندي ھئي. جڏھن
شاديءَ جون سڀ رسمون پوريون ٿيون، ۽ ھو شھنشاھھ جو
ولي عھد مقرر ڪيو ويو، تڏھن ھن کي بنگال جو نواب
ڪري موڪليائون. ھو پنھنجي ڪنئار سميت انھيءَ پاسي
روانو ٿيو، ۽ اتي پھچڻ کان پوءِ اتي جي مکيھ شھر
ڪلڪتي ۾ حڪومت جو ڪم شروع ڪيائين.
ھڪڙي ڏينھن شڪار ڪندي، پائي وزو ڪنھن جانور جي
پٺيان ڪاھيندي، پري وڃي نڪتو ۽ سنگتي پٺتي رھجي
ويس. ھڪڙي ٻيلي ۾ اچي نڪتو ۽ مٿان رات پئجي ويس.
لاچار ھڪڙي وڏي وڻ تي چڙھي ٽارين تي وڇاڻو ڪري
سمھي پيو. صبح جو سج جي روشنائيءَ ۾ پاڻي چمڪندو
ڏسي اوڏي روانو ٿيو. اھا گنگا ندي، جنھن کي ڏسي ھن
جي دل ٽپا کائڻ لڳي. اتي ھن کي پنھنجا ننڍي ھوندي
جا وٿاڻ، اھي ساڳيون گاھھ جون ويون ۽ انبن جا گھاٽ
ڏسڻ آيا. ڀانيائين تھ آءٌ خواب ٿو لھان. ھلندو
ھلندو ھڪڙي ڀنگيءَ وٽ آيو، جنھن جي اڳيان ھڪڙو
باغيچو ھو. اڃا انھيءَ ڀنگيءَ جي در وٽ ويو تھ اتي
اکين مان ڳوڙھا ڪري پيس. پنھنجو ڊاک جو منھھ
ڏٺائين جو اڳي وانگي تازو بيٺو ھو. ھڪڙي ٻڍي زال
ڀنگيءَ مان نڪري آئي. اما ڪري ڊوڙي وڃي انھيءَ کي
ڀاڪر وڌائين. پھرين تھ ھوءَ ڪراڙي حيران ٿي ويئي،
پر جڏھن پٽ سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايس، تڏھن ھوءَ خوش
ٿي. ٻھ ورھيھ انھيءَ کان اڳي ھن جو مڙس يعني پائي
وزو جو پيءُ مري ويو ھو. سا ھينئر پنھنجو پٽ ڏسي
ڏاڍي سرھي ٿي.
تنھن کان پوءِ سگھو ئي پائي وزو موڪلائي نڪتو، ۽
پنھنجي زال شھزاديءَ کي پنھنجي عملي سميت وٺي
پنھنجي ماءُ وٽ آيو. اتي ھڪڙي وڏي محلات
جوڙايائين، جتي آرڙھھ جا ڏينھن گذاريندو ھو. ماڻس
اھا پنھنجي اصل ڀنگي ڇڏڻ نھ ٿي گھري، تنھنڪري اتي
اچي رھڻ جو بندوبست ڪيو، جنھنڪري ھوءَ ڏاڍي خوش
ٿي. ڪن ڏينھن کان پوءِ جڏھن شھنشاھھ وفات ڪئي،
تڏھن پائي وزو تخت ۽ تاج جو وارث ۽ ملڪ جو مالڪ
ٿيو. ھن ڏاڍي عدل ۽ انصاف سان حڪومت ڪئي، ۽ ھن جي
نسل مان ڪيترائي بادشاھھ ٿيا.
انھيءَ طرح خدا تعاليٰ ھڪڙي ڪوريءَ جي پٽ کي نيئي
شھنشاھھ ڪيو، ۽ انھن مان ساري دنيا کي ھڪڙو مثال
ڏيئي ڏيکاريائين تھ نيڪي ۽ فضيلت اصل نسل کان بھتر
آھي. |