سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:پائي وائي پائي وزو

ڪهاڻي : 3

صفحو :4

3- جنڙن جي ٽوپي

 

ڪنھن زماني ۾ ڪٿي ھڪڙو جانڊاھو رھندو ھو، جنھن کي ٽي پٽ ھئا ۽ ھڪڙي ڌيءَ. ڌيءَ سان ھن جي ڏاڍي محبت ھئي، پٽن کي پڇندو بھ ڪين ھو. پاڻ جيڪي ھو ڪندا ھئا، تنھن تي پيو ڪرڪندو ۽ ڪاوڙبو ھو. انھيءَ ڪري ھو تمام رنج رھندا ھئا ۽ وجھھ پيا ڳوليندا ھئا تھ پيءُ جو گھر ڇڏي ڪنھن ٻئي پاسي منھن ڪري ھليا وڃن.

ھڪڙي رات ٽيئي ڀائر گڏ ويٺا ھئا، ۽ ھڪٻئي سان پنھنجا ڏک سور پي اوريائون تھ وڏي ڀاءُ ٿڌو ساھھ کڻي چيو تھ ”جي اسان وٽ جنڙن واري ٽوپي ھجي تھ جيڪر ڏاڍا سکيا گذاريون.“ ٻين ڀائرن پڇيس تھ ”اھا ڪھڙي قسم جي آھي، ۽ ڪھڙي خاصيت اٿس، ۽ ڪٿي آھي؟“ ھن چيو تھ ”سائي جبل ۾ ھڪڙي جنڙن جي ٽولي رھندي آھي، جي ٽوپين ڍڪڻ سان ڏسڻ ۾ ئي نٿا اچن. جي اسان کي اھڙي ٽوپي ھجي تھ جيڪر پنھنجي ظالم پيءُ کي ڇڏي وڃون. تنھن کان سواءِ انھيءَ ٽوپيءَ جي اھا بھ خاصيت آھي تھ جنھن ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ڪنھن جي مرضي ھجي، اتي جھٽ ۾ وڃي نڪري.“ ڀائرن پڇيس تھ ”اھڙي عجيب ٽوپي ڪيئن ھٿ اچي سگھندي؟“ ھن ورندي ڏني تھ ”جنڙا مزي جھڙي مخلوقات آھن. ننڍڙا ننڍڙا ٻارن جيڏا آھن. ڏاڍا خوش طبع ۽ چرچائي آھن. نچندا ٽپندا راند ڪندا آھن. راند ڪندي ڪڏھن ڪڏھن ٽوپيون  لاھي اڇلائيندا ۽ جھٽيندا آھن. انھيءَ طرح لحظي ۾ ڏسبا آھن، وري لحظي ۾ گم ٿي ويندا آھن. سو جي اھڙي ھنڌ لڪي بيھجي ۽ جھٽ ڏئي اڇلايل ٽوپي جھٽي وٺجي، تھ پوءِ ھو ڏسڻ ۾ پيا ايندا، ۽ پاڻھئي مطيع ٿي پوندا. پوءِ ٽوپي وري وٺڻ جي لاءِ جيڪر وڏا خزانا ڏيئي ڇڏين. سون رپي جون کاڻيون ھنن کي چڱي طرح معلوم آھن.“

ٻئي ڀاءُ چيو تھ ”واھھ، اھو تھ ڏاڍو مزو. اسان مان ھر ھڪ کي اھڙي ٽوپي ھجي تھ ٻيو ڇا گھرجي؟ ڇو نھ ھلي ڪوشش ڪريون. جي فقط ھڪڙي ئي ھٿ اچي تھ جيڪر سڀني کي ڪم اچي سگھي. ادا تون وڏو آھين، وڃي پھرين تون ڳولا ڪر.“ ھن چيو تھ ”چڱو“.

وڏو ڀاءُ ھڪدم روانو ٿيو. اڌ رات ڌاري سائي جبل تائين اچي پھتو. ھڪڙو گاھھ وارو ميدان ڏسي انھيءَ تي ويھي رھيو. انھيءَ ميدان تي البت لتڙ ھئي، جنھنڪري اميد رکيائين تھ شايد جنڙا اتي اچي راند ڪندا، جو مزي جھڙي چانڊوڪي ھئي. سگھو ئي جنڙا اچڻ لڳا. ھيڏي ھوڏي ٽپڻ ۽ ڊوڙڻ ۽ نچڻ ۽ ليٽڻ لڳا. ڪڏھن ڪڏھن ٽوپين لاھي ھوا ۾ پئي اڇلايائون ۽ جھٽيائون. نيٺ ھڪڙي ٽوپي اچي اتي ھن جي اڳيان پئي، جتي ھو لڪو ويٺو ھو. ھن جھٽ ڏنو، پر جنڙو ڏاڍو چالاڪ ھو، سو وري پنھنجي ٽوپي کڻي چور چور ڪرڻ لڳو. دانھن تي سڀ جنڙا انھيءَ ڇوڪر تي ڪاھي آيا. ھي ھنن سان پڄي نھ سگھيو. ھن کي ٻڌي قابو ڪري، جبل جي غار ۾ وڃي بند ڪيائون.

ڇوڪر جا ٻھ ننڍا ڀاءُ ھن جي لاءِ منتظر ويٺا ھئا. جڏھن گھڻو وقت ترسيا ۽ ھو نھ آيو ۽ ڏينھن ٿيو، تڏھن ھو ڏک ۽ ارمان ڪرڻ لڳا. سندن ڀيڻ بھ وڏي ڀاءُ جي گم ٿيڻ ڪري سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، پر پڻس ھميشھ وانگي ڪاوڙ مان چيو تھ ”اھو بدمعاش وڃي کڏ ۾ پوي، چڱو ٿيو جو گم ٿي ويو. جي نھ مئو ھوندو تھ پاڻھي رلي پِني اچي نڪرندو.“

ڏينھن لنگھيا، ھفتا لنگھيا، تھ بھ ڇوڪر نھ موٽيو. ھن جا ڀائر اڳي کان بھ زياده بيزار ٿيا. پڻھن کين ڏاڍو ھلاڪ ٿي ڪيو. نيٺ ھڪڙي ڏينھن وچين ڀاءُ ننڍي کي چيو تھ ”منھنجي دل ٿي چوي تھ آئون پاڻ سائي جبل ڏي وڃان، مون کي ڪا ٽوپي ھٿ اچي وڃي. ڪھڙو شڪ تھ ادي کي بھ ڪا ٽوپي ھٿ آئي ھجي، ۽ ھو وڃي دنيا ۾ ڪٿي سکيو ٿيو ھجي، ۽ اسين ھتي عذاب پيا کائون. آئون ضرور وري ايندس، پر جي موٽي نھ اچان تھ پڪ ڄاڻجئين تھ مون سان خير ڪونھي. ھاڻي خدا حافظ.“

ائين چئي وچون ڀاءُ بھ سائي جبل ۾ آيو. ھو ساڳئي سائي ميدان تي آيو. وڏي ڀاءُ وانگي لڪي ويٺو، ۽ جنڙا دستور موجب چانڊوڪيءَ ۾ راند ڪرڻ آيا. ھن بھ ھڪڙي اڇلايل ٽوپي جھٽڻ جي ڪئي، پر پڪڙجي پيو، ۽ ھن کي بھ ٻڌي وڃي ڪنھن غار ۾ بند ڪيائون.

ننڍو ڀاءُ پنھنجي وچين ڀاءُ جي لاءِ منتظر ٿيو ھو. جڏھن ھو نھ آيو، تڏھن پڪ ٿيس تھ ھو يا مارجي ويو آھي يا قيد ٿيو آھي. ڀاءُ ۽ ڀيڻ ھن لاءِ بھ روئي روئي ويھي رھيا. پر سندن پيءُ کي ھن جي بھ گم ٿيڻ ڪري ڪو ڏک ڪونھ ٿيو. پاڻ خوش ٿيو تھ اھڙا خراب پٽ سندس گھران نڪري ويا. اڳي ھن ننڍي ڇوڪر کي ٻھ ڀاءُ ھئا، جن جي سنگت ۾ دڙ دلاسو پئي مليس. ھاڻي پيءُ جي سڄي ڪاوڙ ھن ھڪڙي تي اچي پئي، سو ھو بھ نيٺ ڪڪ ٿي ھڪڙي ڏينھن ڀيڻ کان موڪلائڻ لڳو. چيائينس تھ ”بابي مون کي تپائي کنيو آھي، ۽ آئون اڪيلو ايتريون جٺيون سھي نٿو سگھان. ھاڻ آئون بھ نڪري ٿو وڃان. خدا کي پرتي آھين.“

ويچاري ڀيڻ روئي رڙي موڪلائي ويھي رھي. گھڻو ئي ڀاءُ کي دلاسا ڏنائين ۽ سمجھايائين پر ھو نھ رھيو، آخر ھليو ويو. سائي جبل ڏي ويندي دل ۾ پئي خيال پچايائين تھ جنڙن جي ٽوپي ڪيئن ھٿ ڪريان، ۽ ڀائن جو سماءُ ڪيئن لھان. سگھو ئي سائي لتاڙيل ميدان تي وڃي پھتو. سج بھ لھڻ تي ھو. ھي ڪنھن ٻوڙي ۾ لڪي ويھي رھيو. جڏھن سنجھو ٽريو ۽ چانڊوڪي چڱي نڪتي، تڏھن جنڙا نچندا ٽپندا قلابازيون ھڻندا ٽوپيون اڇلائيندا آيا. اتفاق سان ھڪڙي ٽوپي اچي ھن ڇوڪري جي اڳيان پئي، پر ھن ڄاڻي ٻجھي اھا نھ کنئي. جنڙو اھا وري کڻي ويو. ڇوڪر کي ڏٺائين سھي پر ڄاتائين تھ ھو رڳو سندن تماشو ٿو ڏسي. سگھو ئي ٻي ٽوپي اچي ڪري، پوءِ ٽين، چوٿين، پنجين، ڇھين، ھڪڙي تھ بنھھ سندس جھوليءَ ۾ اچي پئي. سا کڻي قابو ڪيائين، ۽ ٽپ ڏئي اٿي بيھي رھيو. جنڙا چور چور ڪرڻ لڳا، ۽ اھي ھن کي مارڻ جي لاءِ سندس چوڌاري گڏ ٿيا. پر ڇوڪر ٽوپي کڻي مٿي ۾ وڌي، سو ھنن کي ڏسڻ ۾ ئي نھ پئي آيو. تنھنڪري ھو ھن کي ڪي بھ ڪري نھ سگھيا. پري کان پئي رڙيون ڪيائون، ۽ ڇوڪر چالاڪي ڪري چين تھ ”چڱو آءٌ اوھان کي ٽوپي موٽائي ڏيان، پر پھرين مون کي ٻڌايو تھ منھنجا ٻھ ڀائر ڪٿي آھن؟“

جيڪو ٽوپيءَ کان سواءِ جنڙو ظاھر ڏسڻ ۾ اچي ٿي سگھيو، تنھن چيس تھ ”اھي سائي جبل جي غار ۾ بند آھن.“ ڇوڪر چيو تھ ” چڱو، اڳي ھو بند ھئا، ھاڻ تون انھن جي جاءِ تي بند ٿيندين ۽ ھو آزاد ٿيندا. ھل سنئون ٿي، ھلي مون کي پنھنجا ڀائر ڏيکار.“

ويچارو جنڙو لاچار، ڪرڪندو، ڏند ڪرٽيندو ھن جي اڳيان ڊڪندو ھليو. ھو جبل جي غار ۾ تمام ھيٺ گھڙي ويا. نيٺ اتي ھڪڙي وڏي محلات آئي، جنھن جون ڀتيون سون ۽ رپي جون ۽ جواھرن سان جڙيل ھيون، ڇوڪر جا ٻئي ڀائر سندس حڪم پٺيان ڪوٺين مان وٺي آيو. پنھنجي ٽوپي لاھي پاڻ وٽ قابو ڪري، ظاھر ٿي، ھو پنھنجي ڀائرن سان ڏاڍي پيار ۽ سڪ مان گڏيو. ھڪٻئي کي حال احوال ڏنائون، ورتائون. پھرين ھنن کي ڊپ ٿيو تھ ھي بھ اچي قيد ٿيو آھي، پر پوءِ معلوم ٿين تھ ڳالھھ ٻي طرح آھي. تڏھن ھو خوش ٿيا. ننڍي ڀاءُ، جنڙن کي حڪم ڏنو تھ عمدا طعام آڻي گڏ ڪن. ھنن جھٽ ۾ مزي مزي جا کاڄ آڻي گڏ ڪيا. ٽيئي ڀاءُ گڏجي کائڻ ويٺا. جڏھن بس ڪيائون تڏھن جنڙن جو ناچ ڏٺائون ۽ سائو جبل چڱي طرح گھمي ڏٺائون. عجب جھڙا باغ، سونن گلن ۽ ميون جا اتي ھئا. جايون ۽ رستا، ھيرن موتين سان ٿڦيا پيا ھئا ۽ چانڊوڪيءَ ۾ پي چمڪيا.

صبح جو ننڍي جانڊاھي ڇوڪر، جِنڙن کي گڏ ڪري چيو تھ ”ھاڻ ھن پنھنجي ٽوپي وري وٺڻ لاءِ مون کي ڇا ڏيندو؟ ٻڌايو تھ پوءِ آءٌ خيال ڪري ڏسان.“ ھنن چيو تھ ”جيڪي تون گھرندين سو ڏينداسون.“ تڏھن ھيٺيون شيون ھنن کان گھريون. ”پھرين تھ مون کي ڪا اھڙي دوا ڏيو، جنھن جي کائڻ سان اسان جي پيءُ جي دل مان ڪاوڙ ۽ ڌڪار نڪري وڃي، ۽ اسان ڏي محبت ۽ پيار زياده ٿئيس. ٻيو تھ اسان کي پنھنجي ڀيڻ جي لاءِ عجيب جواھر ۽ ڪپڙا سوکڙي لاءِ ڏيو، جي ھن جي ڏاج ۾ ڪم اچي سگھن. ٽيون تھ ھڪڙي گاڏيءَ جي بار جيترا جواھر ۽ ھڪڙي گاڏي سون جي ۽ ھڪڙي رپي جي ڏيو. چوٿون تھ اسان مان ھڪ جي سواريءَ لاءِ چئن گھوڙن جي ھڪڙي خوبصورت گاڏي موجود ڪري ڏيندؤ تھ پوءِ اوھان کي ٽوپي موٽائي ڏيندس، نھ تھ ھتي رھي اوھان سڀني تي حڪم پيو ھلائيندس. نيٺ اوھان سڀني جون ٽوپيون کسي بڇڙو ڪري، سڀني کي مٿي اگھاڙو ھڪالي ڇڏيندس، پوءِ ماڻھو اوھان کي ڏسي ڪئن وانگي ماري ڇڏيندا، ھينئر ئي آءٌ ڏيڏر وٺي اوھان ۾ ٿو ڇڏيان.“

جنڙا ڏيڏرن جو ٻڌي ڏاڍا ڊنا، ڇالاءِ جو انھن کان ھنن کي ڏاڍي نفرت ايندي آھي، ۽ انھن کان پري ڀڄندا ھئا. نيٺ ھنن قبول ڪيو تھ اسين اھي شيون موجود ڪري ڏينداسين.

انھيءَ وچ ۾ ھن ٻڍي جانڊاھيءَ جو حال چڱو نھ ھو. جڏھن ڏٺائين تھ ننڍو پٽ بھ ھليو ويو ۽ ڇوڪري بھ ڀائن لاءِ پئي روئي ۽ رڙي، تڏھن ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ ڪرڪڻ جھرڪڻ لڳو. انھيءَ حال ۾ ھنن ڏينھن پي گذاريا تھ اوچتو پري کان گاڏين جو کڙڪو ۽ گھوڙن جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ ٻڌڻ ۾ آئي، ۽ ٽي عمديون گاڏيون اچي جانڊاھيءَ جي گھر جي در وٽ بيھي رھيون. ننڍڙا جنڙا، جن گاڏيون پي ھلايون، سي لھي پيا، ۽ گاڏين جا در پٽيائون ۽ ٽي جوان خوبصورت ڇوڪر، شھزادن جي پوشاڪ ۾ لھي پيا. سڌو اچي پيءُ کي پيرين پئي ڀاڪر پائي مليا، ۽ ساڻس خوش خير عافيت ڪرڻ لڳا. ھنن جو پيءُ ۽ سندس ڀيڻ ٻئي حيران ٿي ويا. وڏي پٽ اچڻ سان سوني گلاس ۾ جادوءَ واري دوا وجھي، پيءُ کي پياري. ڀيڻ سان پيءُ جي دل ۾ محبت جاڳي. پھريون ڀيرو ھن ۾ پٽن جو پيار پيدا ٿيو، ۽ اھي ھن کي نھايت گھڻو وڻيا. انھن کي ڀاڪر پائي چميون ڏئي، پنھنجي سڪ لاٿائين. سندس پٽن جيڪو سون، رپو ۽ جيڪي جواھر آندا ھئا، سي آڻي ھڪ ھنڌ ڍير ڪيائون. اھو ڏسي ھن جو عقل چرخ ٿي ويو. انھيءَ وقت کان وٺي ھو سڀ اميرن وانگي گذران ڪرڻ لڳا، ۽ ماڻھن کي حيراني لڳي تھ ھنن کي ڪھڙي طرح اوچتو ڀاڳ لڳي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com