4 – پنڊورا ۽ عجيب پيتي
اڳوڻي زماني ۾ ھڪڙي ننڍي ڇوڪري رھندي ھئي، جنھن کي
ماءُ پيءُ ڪونھ ھو، ڇوري ھئي. انھيءَ جو نالو
اپيميٿس ھو. انھيءَ ھوندي بھ ھوءَ ڇوڪري اڪيلي نھ
ھئي، ھن جي سنگت ھڪڙي ٻي ڇوري ڇوڪريءَ سان ھئي،
جنھن جو نالو پنڊورا ھو. اھا جڏھن پريندي اپيميٿس
وٽ آئي، تڏھن ھن وٽ ھڪڙي پيتي رکيل ڏٺائين.
پڇيائينس تھ ”ھن پيتيءَ ۾ ڇا آھي؟“ ھن چيو تھ ”ھن
۾ ڪا ڳجھي ڳالھھ آھي. ھڪڙو شخص اھا منھنجي سنڀال
ھيٺ رکيو ويو آھي. پر مون کي خبر ناھي تھ انھيءَ ۾
ڇا آھي؟“ پنڊورا پڇيس تھ ”ڀلا اھو ٻڌاءِ تھ ڪير
اھا اتي رکيو ويو آھي؟“ ھن چيو تھ ”اھا بھ ڳجھي
ڳالھھ آھي.“ تنھن تي پنڊورا چڙي چيس تھ ”ھي ڇا،
جڏھن ٿو اچجي تڏھن ھيءَ ڪني پيتي اڳيان پئي آھي.
ڇو نھ کڻي ڪنھن پاسي اڇلائي ڇڏجي؟“ اپيميٿس چيو تھ
”تنھن کي ڇا ڪبو. اھا ڳالھھ وساري ڇڏ. ھل تھ ھلي
ٻين ٻارن سان راند ڪريون.“
اھو زمانو بھ عجيب ھو. ھينئر دنيا جو ٻيو حال ٿي
پيو آھي. اڳي رڳا ٻار رھندا ھئا، مائٽن جي سنڀال
جي ضرورت ڪانھ ھئي، جو ڪنھين قسم جو ڊپ ڪونھ ھو،
نھ ڪا تڪليف ھئي، نھ ڪپڙي وغيره جي گھرج ھوندي
ھئي. کاڌو پيتو مئو ھوندو ھو. پڙھڻ لکڻ يا پورھئي
جو نالو ئي ڪونھ ھو. راند روند کل خوشيءَ کان
سواءِ ٻيو ڪو بھ ڪم نھ ھو. اگرچ رڳا معصوم ٻار
ھوندا ھئا، تھ بھ پاڻ ۾ جھيڙو جھوڙو ڪونھ ڪندا
ھئا. نھ ڪو ٻيو ڪنھين قسم جو فڪر يا ڳڻتي يا
انتظار انھن کي ھوندو ھو. اھو پھريون ئي ڀيرو ھو
جو پنڊورا ڇوڪريءَ کي انھيءَ پيتيءَ جي ڳجھھ معلوم
ڪرڻ جو شوق اچي ٿيو، جو ويس وڌندو. نيٺ صبر نھ
آيس، وري بھ ھڪڙي ڏينھن اچي اپيميٿس کان پڇيائين
تھ ”نيٺ ٻڌائيندينءَ يا نھ تھ ھن ۾ ڇا آھي؟“ ھن
چيو تھ ”توکي ڇو انھيءَ پيتيءَ جي ڳڻتيءَ اچي
ورايو آھي. ڪي بھ منجھس ھجي، تنھن سان اسان جو ڇا؟
وڃي ٻاھر ٻين ٻارن سان راند ڪر ۽ مزا ماڻ.“
پنڊورا چيو تھ ”مون کي انھيءَ جي ڏاڍي ڳڻتي ٿي پئي
آھي. آرام ئي نٿو اچي. اچ تھ پٽي ڏسونس تھ منجھس
ڇا آھي.“
ھن چيو تھ آءٌ ڊڄان ٿي، متان ائين ڪرين.“ پنڊورا
وري پڇيو ”ڀلا اھو تھ ٻڌاءِ تھ اھو ڪير آھي جو
اھا پيتي ھتي رکي ويو؟“ ھن چيو تھ ”اھو ھڪڙو ڏاڍو
خوشمزاج ماڻھو ھو، پر پوشاڪ خراب ھيس. کنڀن جي
ٽوپي پيل ھيس ۽ شايد کيس پر بھ ھئا، ھٿ ۾ ھڪڙي لٺ
ھيس، جنھن تي ٻھ نانگ ويڙھيل ھئا.“
پنڊورا خيال ڪري ڪري چيو تھ ”ھاڻ مون سھي ڪيو. اھو
پارو ھو. ھن اھا پيتي منھنجي لاءِ آندي ھئي.
انھيءَ ۾ ضرور ڪي ڪپڙا آھن يا ڪي راند جون شيون
آھن.“
اپيميٿس چيو تھ ”ڪي بھ ھجي، جي ھو پاڻ اچي انھيءَ
جي کولڻ جي موڪل ڏيئي تھ پوءِ حرڪت ڪانھي.“
انھيءَ کان پوءِ بھ پنڊورا کي رات ڏينھن اھا ڳڻتي
ھئي تھ معلوم ڪريان تھ ھن پيتيءَ ۾ ڇا آھي. پڪو
ارادو ڪيائين تھ اھا لڪ ڇپ ۾ کولي ڏسي، وري بند
ڪري ڇڏي. ويجھو وڃي جانچڻ لڳي تھ منجھانس سس ڦس
جھڙو آواز آيس. پڪ ٿيس تھ اندر ڪو ڳالھائي ٿو. ڊني
بھ، پر شوق پاڻ زياده ٿيس. ائين ڪندي ھن کي سونين
تارن جي ھڪڙي ڳنڍ ڏسڻ ۾ آئي، جنھن سان اھا پيتي
ٻڌل ھئي. ارادو ڪيائين تھ اھا ڳنڍ کولي تھ سوجھري
۾ پيتيءَ تي ھڪڙي خوفناڪ تصوير نڪتل ڏٺائين، جا
ڏند ڪڍيو بيٺي ھئي. پر ھوءَ ڊني ڪين، شوق سان تارن
جي ڳنڍ کولي، پيتي کولڻ لڳي.
انھيءَ ڏينھن پھريون ئي ڀيرو، اپيميٿس، پنڊورا کان
اڪيلو گھمڻ ۽ راند ڪرڻ ويئي ھئي، سو سگھو ئي وري
گھر موٽي آئي ۽ پنڊورا جي لاءِ ھڪڙو گلن جو ھار بھ
ٺاھي کڻي آئي ھئي. سج لھڻ کان پوءِ اونداھي ٿي
ھئي. ھوءَ پري کان اچي ڏسي تھ پنڊورا اھا پيتي پئي
کولي. پاڻ ماٺ ڪري بيھي رھي. دل ۾ چيائينس تھ ”ھاڻ
ھن کي منع ڪري ڇا ڪبو، ھن اڳئي پيتي کولي آھي. ڀلي
تھ خبر پوي تھ منجھس ڇا آھي، جي ڪا مٺائي يا ڪا ٻي
شيءِ ھوندي تھ ان مان اڌ آءٌ بھ وٺنديس.“
ايتري ۾ پنڊور پيتيءَ جو ڍڪڻ بھ لاٿو، ۽ منجھس
نھارڻ لڳي تھ اوچتو منجھانس ڪي چمڙن جھڙا جانور
نڪري اڏامڻ لڳا، ۽ ھڪڙي تھ اپيميٿس کي چڪ بھ ھنيو،
جنھنڪري ھوءَ دانھون ڪري روئڻ لڳي. پنڊورا ھن کي
ڏسي ھڪدم پيتيءَ جو ڍڪ کڻي ڏنو. جيڪي پکي نڪتا ھئا،
سي ھنن ٻنھي جي آسپاس اڏامڻ لڳا، ۽ انھن کي چڪن يا
ڏنگن ھڻڻ جي ڪوشش ڪيائون. حقيقت ڪري اھي چمڙا نھ
ھئا، پر دنيا جا ڏک، مصيبتون، تڪليفون، مرض، فڪر ۽
وسوسا ھئا، جي انھيءَ پيتيءَ ۾ بند ٿيل ھئا، ۽ اھا
پيتي ھنن وٽ سنڀال جي لاءِ رکي ويئي ھئي. جيڪي
ٿوريون گھڻيون مصيبتون نڪتيون، سي دنيا ۾ پکڙي
پيون ۽ مڙسن توڙي زالن کي تڪليف ڏيڻ لڳيون؛ باقي
ٻيون ڍڪڻ اچڻ ڪري پيتيءَ ۾ رھجي ويون. انھيءَ وقت
کان وٺي گلن جو ڪومائجڻ ۽ وڻن جا پن ڇڻڻ، ٻارن جو
جوان ۽ ٻڍو ٿيڻ شروع ٿيو، نھ تھ انھيءَ کان اڳي
اھڙي ڪا بھ ڳالھھ دنيا ۾ ڪانھ ھئي.
پنڊورا ۽ اپيميٿس ٻنھي کي سور ڏاڍو بي آرام ڪيو.
ٻئي ھڪٻئي کان رسي منھن موڙي ويٺيون. اپيميٿس ھڪڙي
ڪنڊ ۾ پنڊورا کي پٺ ڏيئي ويٺي، ۽ پنڊورا پنھنجو
مٿو پيتيءَ تي رکي ويھي زار زار روئڻ لڳي. ايتري ۾
اندران پيتيءَ مان ٿڦ ٿڦ جو آواز آيو. پنڊورا اھو
ٻڌي ڇرڪ ڀريو ۽ پڇڻ لڳي تھ ”ڪير آھي؟“ اندران آواز
چيو تھ ”پيتي کول تھ پوءِ توکي خبر پوي.“ پنڊورا
چيو تھ ”نھ، ھڪڙو ڀيرو پيتي کولي سزا کاڌيم، وري
ڪيئن پيتي کوليان، ڀلي تون بھ پنھنجن ھمجنسن سان
گڏ اندر ئي پئي ھج، ٻاھر اچڻ جو ضرور ڪونھي.“ آواز
چيو تھ ”چڱو ائين آھي تھ مون کي ٻاھر ڪڍ. آءٌ انھن
پکين مان ناھيان جي ڏنگ يا چڪ ٿا ھڻن. پنڊورا! مون
کي ٻاھر ڪڍ.“ پنڊورا اپيميٿس ڏي منھن ڪري چيو تھ
”اپيميٿس ٻڌين ٿي تھ آواز ڇا ٿو چوي؟“ ھن چيو تھ
”ھائو، آءٌ ٻڌان ٿي.“ پنڊورا چيو تھ ”پيتيءَ جو ڍڪ
کوليان؟“ ھن چيو تھ ”خوشي تنھنجي، جيئن دنيا ۾
ٻيون مصيبتون اڇي پيون آھن، تيئن ڀلي اھي بھ ھجن.“
اتي اندران وري بھ آواز آيو تھ ”پنڊورا، جلد پيتي
پٽ تھ توکي آرام ڏيان ۽ فائدو پھچايان.“ پنڊورا
وري بھ اپيميٿس کي چيو تھ ”ھاڻ منھنجي دل ٿي چوي
تھ پيتي کوليان؟“ ھن چيو تھ ”چڱو پر بيھھ، ڍڪ ڳرو
آھي، آءٌ ٿي توکي مدد ڪريان.“
مطلب تھ ٻنھي گڏجي اچي پيتيءَ جو ڍڪ مٿي ڪيو تھ
اوچتو پيتيءَ مان ھڪڙي خوبصورت زال نڪري آئي، ۽
ھڪدم ڪوٺيءَ ۾ سوجھرو ٿي ويو. پريندي، ھن پنھنجي
آڱر اپيميٿس جي زخم تي رکي تھ ھن جو ڦٽ چٽي ويو ۽
سور لھي ويس. پوءِ ساڳي طرح پنڊورا کي ڇٽايائين.
جڏھن ھنن جو ھوش جاءِ آيو، تڏھين پنڊورا انھيءَ
کان پڇيو تھ ”اي خوبصورت ۽ نيڪ سيرت زال، تون ڪير
آھين؟“ ھن چيو تھ ”منھنجو نالو اميد آھي، آءٌ
پيتيءَ ۾ انھيءَ لاءِ بند ڪئي ويئي ھيس تھ ماڻھن
کي مصيبتن ۽ تڪليفن کان پوءِ آرام ڏيان.“
پنڊورا چيو تھ ”تنھنجا کنڀ ڪھڙا نھ رنگا رنگي
آھن!“ اميد چيو تھ ”ھائو، ائين ئي آھي، آءٌ اڪثر
خوش گذاريندي آھيان، پر ڪڏھن غمگين بھ ٿيندي
آھيان.“ اپيميٿس چيس تھ ”ھاڻ تون ھميشھ اسان وٽ
رھندينءَ نھ؟، ھن ورندي ڏني تھ ”جيستائين اوھان کي
گھرج ھوندي، تيستائين آءٌ انجام ٿي ڪريان تھ اوھان
وٽ ھونديس. ڪڏھن ڪڏھن سو آءٌ گم ٿي وينديس، پر وري
ھڪدم اچي حاضر ٿي سگھنديس. اوھان کي ھڪڙي عمدي
خوبصورت ۽ نازڪ شيءِ ملڻي آھي.“ ھنن ٻنھي گڏجي شوق
مان پڇيو تھ ”اھا ڪھڙي؟“ ھن چيو تھ ”اوھان کي
پاڻھي معلوم ٿيندو، پڇڻ جو ضرور ڪونھي.“ ھنن چيو
تھ ”اسان جو توتي پورو اعتبار آھي ۽ اسان کي پڪ
آھي تھ دنيا اميد تي قائم آھي، جي اميد نھ ھجي ھا
تھ ڪيئن پورائي ٿئي ھا.“ |