5- بادشاھھ ميڊاز، جنھن جي ڇھڻ سان سڀ شيءِ سون ٿي
ٿِي
ڪنھن زماني ۾ ھڪڙ بادشاھھ ميڊاز نالي رھندو ھو.
انھيءَ کي ھڪڙي ڌيءَ بھ ھئي، جنھن جو نالو سون
ٻائي ھو. انھيءَ ڪري بادشاھھ کي سڀ شيءِ کان زياده
سون وڻندو ھو، ۽تنھن کان پوءِ ٻئي درجي ۾ پنھنجي
ڌيءَ سان محبت ھيس، جنھن تي پڻ انھيءَ ڪري سون جو
نالو رکيو ھئائين. ھن کي رات ڏينھن سون گڏ ڪرڻ جو
حرص رھندو ھو. ھميشه اھو سوداءُ ھوندو ھوس تھ
پنھنجي ڌيءَ جي لاءِ بي انداز سون ڇڏي وڃان. مطلب
تھ ھن جي محبت سون جي لاءِ ايتري وڌندي ويئي، جو
سون کان سواءِ ٻئي ڪنھن بھ شيءَ کي ڏسڻ نھ گھرندو
ھو. سون جو خزانو، زمين جي اندر ھڪڙو تھخانو ھوندو
ھوس، انھيءَ ۾ پيو ھوندو ھو. ڪڏھن مھرون ۽ اشرفيون
پيو ڳڻيندو ھو، ڪڏھن سون جون لسريون کڻي روشنائيءَ
۾ انھن جو چمڪاٽ ڏسي خوش ٿيندو ھو. ھو پاڻ کي ڏاڍو
خوش نصيب سمجھندو ھو، ليڪن ڪڏھن ڪڏھن خيال
پچائيندي، گھڻي حرص ۽ لالچ کان بي آرام ۽ غمگين بھ
رھندو ھو.
ھڪڙي ڏينھن ھو پنھنجي خزاني واري ڪوٺيءَ ۾ ويٺو ھو
تھ اوچتو ھڪڙو ماڻھو اتي نظر آيس. ڪوٺيءَ کي
اندران ڪلف ڏيئي ڇڏيو ھئائين، تنھنڪري ھڪڙو اجنبي
ماڻھو اتي ڏسي حيران ٿيو. ھن جي صورت ڏسي پڪ ٿيس
تھ ھي ڪو ملائڪ آھي. ايتري ۾ انھيءَ شخص کلي پڇيس
تھ ”ميڊاز، تون ڏاڍو تونگر آھين. دنيا ۾ تو جيتري
دولت ٻئي ڪنھن وٽ ٿوري ھوندي!“ ميڊاز چيو تھ ”ائين
ھوندو، مگر مون ڏاڍن ڪشالن سان ايتري دولت گڏ ڪئي
آھي“ پر حقيقت ۾ اھا بھ ڪا گھڻي تھ ناھي.“ ھن چيو
تھ ”ڇا، اڃا تنھنجي خوشي پوري نھ ٿي اھي؟ اڃا
زياده دولت جو حرص اٿئي ڪيئن؟“ ميڊاز چيو تھ ”ائين
ئي آھي.“ ھن شخص چيو تھ ”تڏھن ڪيئن تنھنجو اھو حرص
لھندو ۽ اھا خوشي پوري ٿيندي؟“ ميڊاز چيو تھ ”مون
کي ڍؤ تڏھن ٿيندو، جڏھن ڪنھن بھ شيءِ کي ھٿ لايان
سا مٽجي سون ٿي پوي!“ ھن شخص کلي چيو تھ ”توکي پڪ
آھي تھ پوءِ تون تمام خوش ۽ راضي رھندين ۽ ٻيو
اھنج ڪونھ ٿيندئي؟“ ھن چيو تھ ”مون کي پڪ آھي تھ
آءٌ بلڪل خوش رھندس.“ ھن شخص چيو تھ چڱو سڀاڻي صبح
کان وٺي جنھن شيءِ کي تون ھٿ لائيندين، سا سون ٿي
پوندي.“ ائين چئي ھو گم ٿي ويو.
اھا رات ميڊاز ڏاڍي بي آراميءَ ۾ گذاري، جو انتظار
ھوس تھ جلد صبح ٿئي تھ چڱو. نيٺ صبح ٿيو. اڃا
پنھنجي ھنڌ تي نظر ڪيائين تھ سڄو سون جو ٿيو پيو
آھي. ھيءُ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ جدا جدا شين کي
ڇھڻ سان آزمودو ڪرڻ لڳو. ڪپڙا جي ڍڪيائين سي بھ
سون ٿي پيس ۽ اڳي کان ڳرا لڳس. کيسي مان منھن اگھڻ
لاءِ رومال ٿي ڪڍيائين تھ اھو بھ سون ٿي پيو. ٻئي
کيسي مان عينڪ ڪڍيائين تھ اھا بھ ھٿ لڳڻ جي ڪري
سوني ٿي پئي. انھيءَ ڪري البت تڪليف ٿيڻ لڳيس، پر
سون جي خوشيءَ ۾ انھن جي بھ پرواھھ ڪانھ ڪيائين.
ٻاھر نڪري باغ ۾ گھمڻ ويو. جنھن وڻ ۽ گل کي ھٿ
لائيندو ويو، سو سونو ٿيندو ويو. ايتري ۾ ناشتي جو
سڏ ٿيس، ۽ وڃي ميز تي ويٺو. ڌيڻس سوني ٻائي بھ
آئي. ھوءَ باغ مان گھمندي ۽ گلن کي بدليل ڏسي آئي
ھئي، سا رئندي آئي. پڻس پڇيس تھ ”ڇو ٿي روئين؟
توکي تھ پاڻ خوش ٿيڻ گھرجي تھ تنھنجا سڀ گل سون جا
ٿي پيا آھن.“ ھن چيو تھ ”خوش ڪيئن ٿيان، ھو سخت ٿي
پيا آھن ۽ منجھن خوشبوءِ ڪانھي.“ نيٺ ماني کائڻ
شروع ڪيائون. ميڊزا پيالي کي ھٿ لاتو تھ اھو سونو
ٿي پيو. چمچو وات تائين نيائين تھ اھو بھ سونو ٿي
پيو. مطلب تھ جنھن شيءِ کي پي ھٿ لاتائين، سا سون
جي ٿيو پي پئي.
اھو حال ڏسي سون ٻائي حيران ٿي وئي. ڊوڙي اچي پيءُ
کي ڀاڪر وڌائين، ۽ پڻس پيشانيءَ تي چمي ڏنيس تھ
ھوءَ بھ بدلجي سونو بت ٿي، سچي پچي سون ٻائي ٿي
پيئي. ميڊاز ڊڄي ويو ۽ روئڻ پٽڻ لڳو، جو ڌيءُ سان
ڏاڍي محبت ھوندي ھيس. ايتري ۾ اھو شخص وري اچي
ظاھر ٿيو ۽ پڇڻ لڳس تھ ”ڪيئن، ھينئر سون ٺاھڻ ۾
ڏاڍو ھوشيار ٿيو ھوندين ۽ ڏاڍو خوش ھوندين؟“
ھن چيو تھ ”خوشي ڇا جي آھي، اھو تھ پاڻ منھنجي
لاءِ مصيبت آھي!“ ھن شخص چيو تھ ”ضرور ائين ھوندو،
پر تو مون کي چيو تھ مون وعدو پورو ڪيو. اڃا بھ
تون راضي نٿو رھين؟“ ميڊزا چيو تھ ”رڳو سون اھڙي
شيءِ ناھي جنھن سان انسان جون سڀ گھرجون پلجي
سگھجن.“ ھن چيو تھ ”اڳي تھ ائين ڪين ٿي سمجھيئي.
ھاڻ ٻڌاءِتھ ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس چڱو يا سون جو؟“
ھن چيو تھ ”پاڻي جو، سون ڪيئن نڙيءَ کان ھيٺ
لھندو.“ ھن شخص وري پڇيس تھ ”مانيءَ جو ٽڪر چڱو يا
سون جو؟“ ميڊزا چيو تھ ”مانيءَ جو ٿورو ٽڪر بھ سون
جي وڏي انداز کان بھتر آھي، ڇو تھ بک تھ لاھيندو.“
ھن شخص وري پڇيس تھ ”سون ٻائي چڱي يا سون جو بت؟“
ھن چيو تھ ”منھنجي پياري ڌيءَ سون ٻائي.“ تڏھن ھن
شخص چيس تھ ”ھاڻ تنھنجون اکيون کليون آھن. ھاڻ تون
پوري رستي تي آيو آھين. ھاڻ ايمان جي ڳالھھ ڪر تھ
سون کان توکي پوري نفرت اچي ٿي يا نھ؟“ ھن چيو تھ
”چڱو، ھاڻ اٿي وڃي باغ واري نھر ۾ وھنج، ۽ پوءِ
ڪنھن ٿانو ۾ انھيءَ جو پاڻي کڻي آءُ. اصلي شين مان
جيڪي شيون سون جون ٿي ويون آھن، تن تي ڇڻڪ تھ اھي
وري ڦري پنھنجي اصلي صورت وٺن.“ ائين چئي اھو شخص
غائب ٿي ويو.
ميڊاز ھڪدم اٿي وڃي نھر ۾ وھنتو ۽ ھڪڙي باڙدي پاڻي
جي ڀري آيو، پھرين پنھنجي ڌيءُ تي وڌائين جا ھڪدم
اصلي صورت ۾ آئي. انھيءَ کي ڏسي، ھو ڏاڍو خوش ٿيو،
پر عجب جي ڳالھھ اھا تھ سون ٻائي کي انھيءَ ساري
اسرار جي ڪا بھ خبر ڪانھ رھي. خوشيءَ جو سبب اھو
تھ انھيءَ ڏينھن کان وٺي، انھيءَ باغ واري نھر جي
واري بھ سون ٿي پئي ۽ سون ٻائي جا وار بھ سونھري
ٿي پيا. |