1- پائي وائي ۽ پائي وزو
ڪنھن زماني ۾، گنگانديءَ جي ڪناري تي، ھڪڙو ماڻھو
پنھنجي زال ۽ ٻار سميت رھندو ھو. ھو ريشم ڪتيندا
ھئا، ۽ ڪپڙا اڻندا ھئا. سندن غريباڻي گھر سان لڳ
ھڪڙو باغيچو ھوندو ھو، جنھن ۾ جدا جدا موسمن ۾ جدا
جدا ميوا ۽ ڀاڄيون بھ ٿينديون ھيون، ۽ باغيچي جي
پٺيان وري ھڪڙو واڙو ۽ وٿاڻ ھو، جتي سندن ڳئون
بيٺل ھوندي ھئي، جنھن مان کير ڏڌ ۽ مکڻ پيدا ٿيندو
ھون. گھر کان وٺي نديءَ تائين گاھھ جي ساوڪ لڳي
پئي ھوندي ھئي، ۽ انھيءَ جي وچ ۾، تمام جھونن انبن
جي وڻن جو جھرمٽ بيٺل ھو، جن جي ھيٺان آرڙھھ جي
ڏينھن ۾ مزي جھڙي ٿڌي ڇانو رھندي ھئي. اتي ھو اڪثر
وڃي ويھندا ھئا. ساڻن گڏ ھميشه سندن ننڍو پٽ بھ
ھوندو ھو، جنھن جو نالو پائي وائي ھو. انھيءَ طرح
ھو آرام ۽ فرحت ۾ اتي رھندا ھئا، ۽ ڌڻيءَ جي
يادگيريءَ ۽ ھڪ ٻئي جي محبت ۾ گذاريندا ھئا.
ننڍڙي پائي وائي جي عمر ھاڻي پنجن ورھين جي اچي
ٿي. ھو مضبوط ۽ خوبصورت ڇوڪرو ھو- اھڙو جو جيڪو
ماڻھو ڏسندو ھوس، سو سندس تعريف ڪندو ھو. ھن اھي
پنجئي ورھيھ ھن اتي شھر جي گوڙ ۽ خرابيءَ کان پري
اڪيلائيءَ، پکين ۽ پوپٽن، وڻن ۽ گلن جي وچ ۾
گذاريا.
جڏھن ھن جو ڇھن ورھين ۾ پير پيو، تڏھن ھن کي ھڪڙو
ننڍو رنگا رنگي پکي ھٿ آيو. جيڪو انھيءَ کي ڏسندو
ھو، تنھن کي اھو وڻندو ھو. اھو اھڙو پاليل ۽ ھريل
ھو جو ماڻھن کي تمام ويجھو وڃڻ ڏيندو ھو. مگر ھٿ
لائڻ رڳو ننڍڙي پائي وائي کي ڏيندو ھو. ھو انھيءَ
جي ھٿ ۽ ڪلھي تي ويھندو ھو، سندس وارن ۾ لڪندو ھو،
۽ راند ڪندو ھو، ۽ ڪڏھن ڪڏھن اڏامي اچي، سندس
ڳاڙھن چپن تي چھنب لائيندو ھو- جئن ڪو پوپٽ گل تي
اچي ويھي. اھو حال ڏسي ماڻھو حيران ٿيندا ھئا، ۽
ڀائيندا ھئا، تھ اھا ھن ڇوڪر سان ڪا ڌڻي سڳوري جي
مھربانيءَ جي نشاني آھي.
جھڙو ڇوڪر انھيءَ پکيءَ کي پيار ڪندو ھو، تھڙو اھو
پکي ھن کي پيار ڪندو ھو. سارو ڏينھن ھو ھڪ ٻئي سان
پيا راند ڪندا ھئا. شام جو اھو پکي وڃي ڇوڪر جي
سمھڻ واري جاءِ جي دريءَ تي ويھندو ھو، ۽ جيسين
ڇوڪر کي ننڊ ايندي ھئي، تيسين پيو مٺيون ٻوليون
ڪندو ھو، ڄڻ تھ ھن کي لولي ڏئي ٿو سمھاري. پوءِ
دريءَ تان ٽپي، پاسي واري ڊاک جي منھن تي، ھڪڙي
ٽاريءَ تي چڙھي وڃي ويھندو ھو، ۽ اتي رات گذاريندو
ھو. انھيءَ پکيءَ کي ڇوڪر پيار مان پائي وزو
سڏيندو ھو، ۽ ٻيا بھ ان کي انھيءَ نالي سان سڏيندا
ھئا.
ڪن مھينن کان پوءِ وري ھڪڙو ٻيو پکي اتي آيو. اھو
بھ انھيءَ قسم جو ھو، مگر کنڀن تي اھڙا رنگ نھ
ھئس. اھا پائي وزوءَ جي مادي ھئي، اھي ٻئي پاڻ ۾
گڏ گذاريندا ھئا. نيٺ ڊاک ۾ ھنن ھڪڙو آکيرو جوڙيو،
جنھن ۾ ماديءَ آنا لاٿا ۽ انھن تي آرو ڪري ويٺي.
نيٺ ٻچا ٿيا، جن کي کارائڻ لاءِ نر ۽ مادي ٻئي
اڏامي وڃي داڻو ڪڻو کڻي ايندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن پائي
وائي ڀلائي ڪري، دريءَ وٽ ھنن کي ٿورو ان بھ ھاري
ڏيندو ھو.
جڏھن ٻچن کي کنڀ ڄاوا ۽ اڏامڻ جھڙا ٿيا، تڏھن اھي
پيءُ ماءُ سان گڏجي وڻن جي گھاٽ ۾ وڃڻ لڳا. پائي
وائي بھ ساڻن گڏ ويندو ھو ۽ ھو سندس مٿي تي
ويھندا، ۽ ڦڙڪندا ۽ ڦيريون ڏيندا ھلندا ھئا.
ڀائنجي ٿو تھ پيءُ سڀني کي پائي وائي جي سنگت جي
ڳالھھ ٻڌائي ڇڏي ھئي. ٿورو ٿورو ڪري ھو ڀرپور پيا
ويندا ھئا. پائي وائي جا مائٽ بھ ھن کي منع نھ
ڪندا ھئا، جو ڄاڻندا ھئا تھ سندن پٽ کي انھيءَ
سنگت مان ڪو نقصان ڪونھ ٿو پھچي، پاڻ سمجھندا ھئا
تھ ھو انھيءَ جي صحبت ۾ زياده نرم ۽ بھتر طبيعت جو
ٿيندو ٿو وڃي، ۽ پائي وزو ڄڻ تھ ڪو ملائڪ آھي، جو
خدا ھن جي لاءِ موڪليو آھي.
بھار جي موسم تھ خوشيءَ سان گذري، پر سرءُ جي موسم
۾ ڏک اچڻو ھو، ڇالاءِ جو انھيءَ موسم ۾ پکي اصل
اتان ھليا ويندا آھن. انھن سان گڏ پائي وائي بھ
ھليو ويو. اھو ھيئن ٿيو جو ھڪڙي ڏينھن صبح جو،
ھميشه وانگي ھو سڀ گڏجي گھمڻ نڪتا. انھيءَ ڏينھن
پائي وائي البت بي آرام ۽ فڪرمند ٿي ڏٺو، ۽ پائي
وائيءَ سان ھميشه وانگي گستاخي نٿي ڪيائين. اڏامي
اڳي وڃي ٿي ويٺو، ۽ منتظر ھو تھ ٻيا بھ اچن تھ وري
اڳتي اڏامي. پائي وائيءَ کي خبر پئجي نٿي سگھي تھ
ھوڇو ائين ٿا ڪن، ۽ سندن من ۾ ڇا آھي. ائين ڪندي
ھو گھر کان گھڻو پري وڃي نڪتا، ۽ ھڪڙي گھاٽي ٻيلي
جي وچ ۾ وڃي پھتا. اتي سج لھڻ تي ھو تھ ھنن خوفناڪ
ھل ٻڌو. باندر جو ھڪ وڏو لشڪر ڏانھن ڪاھيندو آيو.
ننڍڙا پکي جھٽ ۾ اڏامي ھوا تي مٿي چڙھي ويا، پر
پائي وائي ويچاري کي تھ کنڀ ڪين ھئا جو اڏامي، ۽
ننڍڙين ٽنگن سان پري ڀڄي بھ نھ سگھيو. رڙيون ڪري
منجھي بيھي رھيو. باندر سگھوئي اچي پھتس ۽ وڪوڙي
ويس. ھڪڙي وڏي باندر اچي ڀاڪر وجھي قابو ڪيس، ڏند
کڙڪائي ڪيڪون ڪري، ھن جي منھن ۾ ڏسڻ لڳو. ھن
ويچاري جو تھ ڊپ کان ساھھ ئي سڪي ويو. پوءِ ھو ھن
کي پڪڙي پاڻ سان گڏ اندر ٻيلي جي گھاٽ ۾ کڻي ويا،
جتي اونداھي لڳي پئي ھئي.
نڪي پائي وائي، نڪي پائي وزو يا سندس ڪٽنب جو ڪو
ڀاتي وري گھر آيو. ڏينھن جا ڏينھن لڳي ويا. پائي
وائي جا ماءُ پيءُ ھن کي ڳولي ٿڪجي پيا. آخر ڏک ۽
ارمان ۾ ماٺ ڪري ويھي رھيا. نيٺ پڪ ٿين تھ ھو مري
ويو آھي. انھيءَ جي يادگيريءَ لاءِ ھنن پنھنجي باغ
۾ ھڪڙو پھڻ رکي ڇڏيو. انھيءَ کي ڏسي ھن جي خوشيءَ
جو وقت ياد ڪري پيا رئندا رڙندا ھئا.
انھيءَ وچ ۾ پائي وائي پري ٻيلي جي گھاٽي جھنگ ۾
وڃي نڪتو. پھرين تھ ھن پئي رنو، پر پوءِ گھڻي ٿڪ
جي ڪري ننڊ کڻي ويس، ڏينھن جا ڏينھن ۽ ھفتن جا
ھفتا گذري ويا تھ بھ ھن کي ڀڄي نڪرڻ ۽ گھر موٽڻ جو
وجھھ ڪونھ مليو، جو باندر مٿس پھرو ڏيندا ھئا. پر
جي کڻي نڪري ھا تھ بھ گھر جو رستو ھٿ نھ اچي سگھيس
ھا. باندر ھڪڙي ھنڌان ٻئي ھنڌ، ۽ ٻئي ھنڌان ٽئي
ھنڌ پئي ويا، جو مھيني کن جي اندر گھر کان ھزار
ميل پري وڃي نڪتا.
گھڻي وقت گذرڻ ڪري، پائي وائي پنھنجن نون مائٽن
سان يعني باندرن سان ھري مري ويو، ۽ انھن جي
راندين ۽ ٽپن ۽ ڊوڙن ڊڪن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. ھنن
وانگي وڻن تي چڙھي، ھڪڙي ٽاريءَ تان ٽپي ٻيءَ تي
چڙھي ويندو ھو. ڪپڙا سگھوئي ڦاٽي ويس. اگھاڙو ٿيو
جھنگ ۾ گھمندو وتيو. سگھوئي کل ڪاري ٿيڻ لڳيس، ۽
وار وڌي مٿي تان لڙڪي پيس. ڳالھائڻ بھ وسري ويس.
باندرن وانگي، رڳيون رڙيون ۽ ڪيڪون ڪندو ھو، ۽ ڏند
کڙڪائيندو ھو. مطلب تھ بلڪل ھڪڙو باندر ٿي پيو، ۽
کڙو ٿي ھلڻ بھ ڇڏي ڏنائين. ھنن وانگي ھٿ ۽ پير
زمين تي کوڙي ھلندو ۽ ٽپندو ھو. کائيندو پيئندو بھ
ھنن وانگي ھو.
انھيءَ حال ۾ پائي وائي نون ورھين جو اچي ٿيو.
ھڪڙي رات اٽڪل چار سؤ باندر اچي گڏ ٿيا. ٽولي ڪري
ھڪڙي ويجھي ڳوٺ جي باغ تي ڪاھھ ڪرڻ جو ارادو
ڪيائون. اتي اچي، ڪي پھري وارا ٻاھر بيھاري، ٻيا
سڀ اندر لنگھي چونڊ چونڊ ميوا پٽي کائڻ ۽ مٽن ۾ گڏ
ڪرڻ لڳا. جڏھن ڦر ڪري رھيا، تڏھن موٽڻ جي تياري
ڪيائون، پر اوچتو ڪي ماڻھو اچي نڪتا، تن انھن مان
ڪن کي ڌڪ ھڻي ماري وڌو ۽ ڪن کي منڊو ڪري ڇڏيائون،
۽ ٻين کي پڪڙي، بازيگرن ۽ ٻين فقيرن کي پئسن تي
وڪڻي ڇڏيائون، جي انھن کي تعليم ڏئي شھر ۾ پنائڻ ۽
ميڙن تي ڏيکارڻ لڳا.
ننڍو پائي وائي بھ ھڪ ٻن ٻين باندرن سان ھڪڙي جي
پتيءَ ۾ آيو. اھو ماڻھو ڏاڍو چالاڪ ۽ ظالم ھو. ھنن
کي ھيرائڻ ۽ تعليم ڏيڻ لاءِ خوب چھبڪ ڪم ۾ آندائين
۽ مارون ڏنائين. پر پائي وائي جلد ئي ھن جي
تابعداري ڪرڻ لڳو، ۽ مار کائڻ کان ڇٽي پيو. بلڪ
مالڪ کي ڏاڍو وڻيو، جو ھو چوندو ھو تھ ھن ننڍڙي
باندر کي ماڻھوءَ جھڙو عقل ۽ ھوش آھي. انھيءَ ڪري
ھو ھن کي پنھنجي مانيءَ مان کارائيندو ھو.تماشن ۾
پائي وائي ٻين سڀني باندرن کان گوءِ کڻي ويندو ھو.
ماڻھو اھڙو خوش ٿيندا ھئا، جو گلن جا دستا مٿس
اڇلائي وجھندا ھئا، ۽ مالڪ کي منجھانئس چڱي پيدائش
ٿيندي ھئي. زالن کي بھ ھن جي شڪل وڻندي ھئي. سڀ
ماڻھو ھن جي ھلت چلت ڏسي، حيرت ۾ پئي چوندا ھئا تھ
ھھڙو عقل وارو باندر ڪٿي ڪونھ ڏٺو ويو. ڪيترن ئي
راجائن ۽ نوابن پائي وائي کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪوشش
ڪئي، ۽ وڏا انعام آڇيا، پر مالڪ جواب ڏئي ڇڏيو، جو
ھن کي ڪي آئيندي جا وڏا خيال دل ۾ ھئا.
انھن ڏينھن ۾ ھندستان جا بادشاھھ مغل ھئا، ۽ دھلي
سندن تخت شھر ھو. انھيءَ شخص ارادو ڪيو تھ پنھنجا
باندر تماشي ڪرائڻ لاءِ اتي وٺي وڃي: آخر اتي ويو
۽ تماشا ڏيکارڻ لڳو. چوڌاري انھن جي ھاڪ پئجي وئي
۽ وڃي شاھي محلات تائين پھتي. نيٺ شاھي حڪم انھن
جي حاضر ڪرائڻ جو جاري ٿيو. اھو ماڻھو وڃي حاضر
ٿيو، ۽ بادشاھھ ۽ سندس درٻاري پھريائين ٻين باندرن
جو تماشو ڏسي تمام خوش ٿيا. سڀ کان پوءِ پائي وائي
جو وارو آيو، جو ڄڻ تھ باندرن جو سردار ھو. ھن اچڻ
سان نوڙي درٻارين وانگي جھڪي سلام ڪيو ۽ جيڪو
تماشو ڏيکارڻو ھوس، سو ڏاڍي چالاڪيءَ ۽ خوبيءَ سان
ڏيکاري ويو. جنھن خوشيءَ مان کيس شابس پئي ڏني،
تنھن ڏي نھاري سلام پئي ڪيائين، ڄڻ تھ سندس شڪر
گذاري پئي ڪيائين. پوءِ وري اچي پنھنجي مالڪ وٽ
بيٺو، جنھن ڀاڪر وجھي پيار ڪيس. سڀ ماڻھو حيران ٿي
ويا. راڻي تھ بلڪل مٿس موھجي پيئي. چوڻ لڳي تھ
”مون کي پڪ آھي تھ ھي باندر ناھي. جي باندرن وانگي
نھ ھلي ۽ ٽپ نھ ڏيئي تھ بلڪل شڪ ڪونھ پوي. مون کي
اھڙو ٿو وڻي، جو آءٌ ضرور اھو وٺي پنھنجو ڪنديس.“
نيٺ وڏا انعام ڏيئي، اِھو ھن کان ورتائون ۽ راڻيءَ
انھيءَ کي پنھنجي خاص ننڍڙي نوڪر وانگي پنھنجي
حاضريءَ ۾ رکيو، ۽ انھيءَ وقت کان وٺي رھڻ ئي سندس
جاءِ ۾ لڳو. ساري محلات ۾ پيو گھمندو ھو ۽ ڪو بھ
ڪونھ جھليندو ھوس. وتندو ھو نچندو ٽپندو ۽ تماشا
ڪندو. ٻين نوڪرن کي ھن جا چرچا ۽ ناٽ نھ وڻندا
ھئا، ۽ ھنن کي مٿس گھڻي ريس ايندي ھئي، پر ڪوبھ ھن
جو نالو وٺي نھ سگھندو ھو تھ متان انھيءَ ڪري ڪا
سزا ملي. نھ رڳو مٿس راڻيءَ جو راضپو ھو، پر
بادشاھھ بھ مٿس گھڻو مھربان ھو.
انھيءَ طرح ڪن ھفتن تائين ھو شاھي مسخرو ٿيو محلات
۾ رھندو آيو. سگھوئي ھڪڙوا تفاق ٿيو، جنھن ڪري ھن
تان باندر ھئڻ جو شڪ لھي ويو. جيستائين پائي وائي
باندرن سان گڏ رھڻ ڪري ماڻھن جي ٻولي نھ ٿي ٻڌي، ۽
پوءِ پنھنجي مالڪ وٽ رھڻ ڪري رڳو تماشن لاءِ ضروري
حڪم ٿي ٻڌائين، تيستائين ڳالھائڻ جو وجھھ نھ ملندو
ھوس. پر ھاڻي محلات ۾ ھن کي سکرن جي ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ
جو چڱو وجھھ مليو. اتي ھر طرح جو سک ھوس ۽ چوڌاري
شاباس پئي مليس. نيٺ راڻيءَ جي سالگرھھ جو ڏينھن
آيو، ۽ اھو محلات ۾ توڙي درٻار ۾ خوشيءَ سان
ملھائڻو ھو. چوڌاري ڏاڍيون تياريون ٿيڻ لڳيون. سڀ
درٻار جون شريف زالون راڻيءَ کي مبارڪ ڏيڻ پئي
آيون، ۽ سندن ساراھھ پئي ڪيائون ۽ سندس حق ۾
دعائون پئي گھريائون. اوچتو پائي وائي بھ آيو ۽
ادب سان جھڪي سلام ڪري صاف لفظن ۾ راڻيءَ کي چوڻ
لڳو تھ ”حضور کي سالگرھھ جي مبارڪ ھجي، شل حضور
ھميشه قائم رھي ۽ سندن اقبال زياده ھجي.“ اھي لفظ
ٻڌي سڀ زالون حيران ٿي ويون. خود راڻيءَ کي بھ
تعجب لڳو ۽ ڏاڍي خوش ٿي. پر درٻار جي رسمن ھلندي،
انھيءَ مھل زياده ڪي بھ ڪين ڪري يا چئي سگھي. پر
جڏھن دستوري حاضري پوري ٿي رھي، ۽ راڻي پنھنجي
خانگي جاءِ ۾ آئي، تڏھن پائي وائي کي پاڻ وٽ
گھرائي پھريون ئي ڀيرو ماڻھن وانگي ھن سان ڳالھائڻ
لڳي. ھن سندس سوالن جا جواب پورا ڏنا، جيتوڻيڪ
البت منجھيل لفظن ۾ ھئا. انھيءَ ھوندي بھ راڻي
خوشيءَ کان تاڙيون پئي وڄايون. چوڻ لڳي تھ ”يا تھ
اسان سڀ چريا آھيون تھ ھي باندر ناھي، يا ھي ڪنھن
ماڻھوءَ مان بدلجي باندر ٿي پيو آھي.“ ائين چئي
حڪم ڏنائين تھ ”ھن کي تمام چڱا ماڻھن جھڙا ڪپڙا
ڍڪايو.“ حڪم جي تعميل ٿي. انھيءَ کان پوءِ پائي
وائي ھڪڙو مزي جھڙو ڇوڪر يا ننڍڙو خذمتگار شمار ۾
اچڻ لڳو. سندس نالي جي تھ ڪنھن کي بھ خبر ڪانھ
ھئي. ننڍي ھوندي کان جيڪي لفظ ٻڌا ھئائين، سي سڀ
وسري ويا ھئس. رڳو پائي وزو جو نالو ياد ھوس، جو
سندس سنگتي ھو. ھو انھيءَ جو نالو اڪثر پيو وٺندو
ھو، تنھنڪري راڻيءَ انھيءَ جو نالو بھ پائي وزو
کڻي رکيو. اڪثر کيس پيار ڪندي ھئي ۽ چميون ڏيندي
ھئي، ۽ چوندي ھيس تھ ”ڇوڪرا، ارمان جي ڳالھھ آھي
تھ تون ڪيئن اچي ڪھيرن فقيرن جي دام ۾ ڦاٿين. ضرور
تون مائٽن کان ننڍي ھوندي ڌار ٿي باندرن سان گڏيو
پليو آھين پر آءٌ توکي مائٽن وانگي سنڀالينديس.
جيئن سو ڏئي توکي باندر ڄاڻي ورتو اٿم، تيئن ماڻھو
ڄاڻي توتي ھزار خرچينديس. تون ٻيو ارمان متان
ڪرين.“ جيتوڻيڪ پائي وائي ھي سڀ لفظ نٿي سمجھيا تھ
بھ راڻيءَ جي مھربانيءَ ۽ مروت سان سارو مضمون
معلوم ڪري سگھيو، ۽ شڪر گذاري ظاھر ڪيائين. انھيءَ
وقت کان وٺي، ھو آدمي شمار ٿيڻ لڳو ۽ راڻيءَ جو
خاص خذمتگار سڏبو ھو ۽ جھجھي عزت آبرو ملندي ھيس.
ڏھن ورھين جي عمر ۾ پائي وائي ھڪڙو خوبصورت ۽ خوش
طبع نينگر ڏسڻ ۾ آيو. سندس عقل ۽ فھم بھ ھاڻ زياده
ٿيڻ لڳو، پر ننڍي ھوندي جي ڪابھ ڳالھھ ھن کي ياد
نھ ھئي. سندس نسبت ۾ ماڻھن جا جدا جدا خيال ھوندا
ھئا. ڪي چوندا ھئا تھ ھن ڇوڪر کي ننڍي ھوندي ڪن
ماڻھن چورائي وڪيو ھو. ڪي چوندا ھئا تھ ھو ڪٿي پيل
ھٿ آيو ھو. پر ايتري سڀ ڪنھن کي پڪ ھئي تھ ھن جو
طالع چڱو آھي ۽ ھو نيٺ ڪو وڏو ماڻھو ٿيڻو آھي.
دھليءَ ۾ جيڪو سڀ کان ڏاھو ماڻھو شمار ڪيل ھو،
تنھن جي راءِ اھا ھئي تھ پائي وزوءَ جو پيءُ اھو
ڪھيري فقير باندرن وارو ھو، جو ھن کي باندر ڪري
وڪڻي ويو، انھيءَ لاءِ تھ پاڻ پيسا پيدا ڪري ۽ پٽ
کي وڏي درجي تي پھچائي.
راڻي، پائي وزوءَ کي پٽ وانگي پيار ڪندي ھئي ۽
سنڀاليندي ھئي. ھن جو ارادو ٿيو تھ ھن کي چڱي
اخلاقي تعليم ڏئي. پر شاھي درٻار ۾ جتي رڳي
خوشامد، ٺڳي ۽ ڪوڙ ھلندو آھي، اتي اھڙي تعليم ملڻ
مشڪل ھئي. تنھن کان سواءِ ھن ۾ اڃا ڪي اڳوڻيون
باندرن واريون عادتون موجود ھيون. انھيءَ ھوندي بھ
ھن گھٽايو ڪين، اڻ ورچ ٿي لڳي ۽ نيٺ فتحياب ٿي.
نتيجو اھو ٿيو جو پائي وزو تمام سچو ۽ ايماندار ۽
آبرو پسند ماڻھو ٿي پيو، ۽ منجھس باندرن جو ڪو بھ
لڇڻ باقي نھ رھيو. تنھن کان پوءِ ھو ھڪڙي وڏي عالم
۽ عاقل ماڻھوءَ جي حوالي ڪيو ويو، جو سنڌو نديءَ
جي ھڪڙي آباد ميدان ۾ رھندو ھو، ۽ وڏن شھرن کان
پري گوشھ نشين ٿي گذاريندو ھو. راڻيءَ جي فرمائش
پٺيان ھن پائي وزو کي ڪيترائي ڪمائتا علم ۽ ھنر
سيکاريا، جنھنڪري ھن جي دل توڙي جسم تمام چڱي ترقي
ڪئي، ننڍي ھوندي جو باندرن سان گذاريو ھئائين،
تنھنڪري ھو ڊوڙڻ ڊڪڻ، ٽپڻ، پلٿي راند ڪرڻ، شڪار
ڪرڻ ۽ اھڙن ٻين جسمي ورزش جي ڪمن ۾، ڏاڍو چالاڪ ۽
مضبوط ٿيو. |