سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:پائي وائي پائي وزو

ڪهاڻي : 2

صفحو :3

 2-سوني سامونڊي پري

 

ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو وڏو بادشاھھ ھوندو ھو، جنھن کي تمام وڏا خزانا ھوندا ھئا. ھن جي باغ ۾ ھڪڙو عجيب وڻ ھوندو ھو، جو سونا صوف جھليندو ھو. پر انھن ۾ اھا خرابي ھوندي ھئي تھ جڏھن اھي پچي راس ٿيندا ھئا، تڏھن اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويندا ھئا. انھيءَ ڪري بادشاھھ کي ڏاڍي چڙ لڳندي ھئي، ۽ انھن صوفن جي ھٿ ڪرڻ جي خواھش بھ زياده ٿيندي ھئي.

نيٺ ھن کي صبر اچي نھ سگھيو. ھڪڙي ڏينھن پنھنجن ٽن پٽن کي پاڻ وٽ گھرايائين. وڏن ٻن کي چيائين تھ ”اوھين ھڪڙي وڏي مسافريءَ جي لاءَ تيار ٿيو. منھنجو خزانچي اوھان کي سون رپو جيڪي گھرندؤ سو ڏيندو. ساري دنيا ۾ وڃي گشت ڪريو، ۽ جيڪي ڏاھا ۽ پڙھيل ماڻھو ڏسو يا ٻڌو انھن کان وڃي پڇو تھ منھنجا صوف ڪير چورايو ٿو وڃي. جي خود اھو چور ھٿ اچي سگھيو تھ پاڻ چڱو. پوءِ انھيءَ کي جيئرو يا مئل مون وٽ وٺي اچو.“ بادشاھھ جا پٽ ھي حڪم ٻڌي خوش ٿيا، جو ڄاتائون تھ اسان تي وڏو ڪم رکيو ويو آھي، ۽ انھيءَ جي لاءِ اسان کي گھڻا ملڪ گھمڻا ۽ گھڻي ڏاھپ ۽ بھادري ڏيکارڻي ٿيندي. ھڪدم تياريون شروع ٿيون ۽ ھو سنبري ٻڍي پيءُ کان موڪلائي روانا ٿيا.

ننڍو پٽ جو پوئتي رھجي ويو، تنھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ھن جي مرضي ھئي تھ آءٌ بھ جھان جو سير ڪريان، پر ھو کريل ڇوڪر ھو، تنھنڪري پيءُ ھن کي ڇڏڻ نھ گھريو. سڀ ڪنھن ٿي سمجھيو تھ ھو ڪنھن ڪم جو ڪين ٿيندو. انھيءَ ھوندي بھ ھو بادشاھھ کي منٿون آزيون ڪندو رھيو، آخر لاچار ٿي بادشاھھ ھن کي بھ موڪل ڏني، جو ڀانيائين تھ متان ناراض رھڻ ڪري و فساد جاڳائي، ھن کي بھ سون رپو جھجھو مليو، پر ٻين ڀائرن وانگي سواري لاءِ عمدو گھوڙو ھٿ ڪرڻ بدران ھن شاھي ڪڙھھ مان ھڪڙو ٿڪل ٽٽل ڏٻرو گھوڙو پنھنجي لاءِ چونڊيو. پوءِ پيءُ کان موڪلائي محلات کان نڪري ٻاھر ٿيو. سڀيئي ماڻھو ھن تي کلڻ لڳا، پر ھو ماٺ ڪري ھليو ويو ۽ شھر کان ٻاھر نڪري ميدان تي آيو. سامھون ھلي ھلي ھڪڙي وڏي ٻيلي ۾ آيو . اتي ھڪڙو بدشڪل بگھڙ ڏٺائين، جو ڏانھس ڪاھي آيو ۽ چيائين تھ ”آءُ بکايل آھيان.“ شھزادي چيس تھ ”چڱو، تڏھن ھي منھنجو گھوڙو حاضر آھي، تون کائي پيٽ ڀر.“ بگھڙ تھ مڙڻ جو ڪين ھو. جھٽ ۾ گھوڙي جو پيٽ ڦاڙي، ٽڪر ٽڪر ڪري، ماس ھڏا گڏا لوھھ جي نعلن سميت کائي ويو.

جڏھن شھزادي بگھڙ کي ڍاول ۽ خوش ڏٺو، تڏھن خوشامد ڪري چوڻ لڳس تھ ”بگھڙ خان، ڳالھھ ٻڌ. تو تھ چڱو طعام کائي پيٽ ڀريو، سو تھ تمام چڱو. مون کي تمام پري وڃڻو آھي تھ اھو پنڌ ھاڻ مون کي پيادو ڪرڻو پوندو. پر ائين ڪرڻ مان مون کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي تنھنڪري جو گھوڙو توھان جي ڪم آيو آھي، تنھن جي بدران ڀلائي ڪري تون مون کي پٺن تي کڻي ھل.“ بگھڙ اھا ڳالھھ قبول ڪئي. شھزادو مٿس چڙھي ويٺو، ۽ بگھڙ پنھنجي ھميشه واري ٽور وٺي اٿي ھليو.

رستي تي ھلندي ھلندي بگھڙ پنھنجي سوار کان پڇيو تھ ”سائين تون ڪيڏي ٿو وڃين؟“ شھزادي سونن صوفن واري ڳالھھ ڪري ٻڌايس ۽ اھو بھ ٻڌايائينس تھ ”منھنجا ٻھ وڏا ڀاءُ اڳئي انھن جي چور جي ڳولا ۾ ويا آھن.“

بگھڙ جو حقيقت ڪري رواجي بگھڙ نھ ھو، پر ھڪڙو وڏو جادوگر بگھڙ جي صورت ۾ ھو، تنھن شھزادي کي چيو تھ ”مون کي انھيءَ جي ساري خبر آھي. پاسي واري ملڪ جي بادشاھھ وٽ ھڪڙو مزي جھڙو عجيب ھريل پکي آھي. اھو اھڙو تھ چالاڪ ۽ خبردار آھي، جو انھيءَ کي پڪڙڻ ناممڪن آھي انھيءَ کي ھٿ ڪرڻ جو رڳو ھيءُ رستو آھي تھ ڪو محلات مان انھيءَ کي پڃري سميت کڻي وڃي. پر جيڪو ائين ڪري تنھن کي اھا سنڀال ڪرڻ کپي تھ موٽندي ڪنھن بھ ڀت کي ھٿ نھ لائي.“

شھزادي انھيءَ ڪوشش ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ۽ ٻيءَ رات بگھڙ جي ڏس تي ھلڻ لڳو. شاھي محلات ۾ وڃي ڏسي تھ پھري وارا ستا پيا آھن. لڪ چوريءَ آھستي سرندو انھن وٽان لنگھي ويو، ۽ وڃي انھيءَ پکيءَ وارو پڃرو لاٿائين پر موٽندي پھري وارن وٽان لنگھندي، اتفاق سان سندس ڪلھو ڀت سان وڃي لڳو. جھٽ ۾ محلات جا سڀ ماڻھو جاڳي پيا. شھزادي کي پڪڙي وڌائون ۽ ماري اڌ مئو ڪر ڇڏيائونس. ۽ پوءِ زنجيرن ۾ قابو ڪري ويھاري ڇڏيائونس. صبح جو ھن کي بادشاھھ جي اڳيان وٺي آيا. جنھن موت جي سزا مٿس جاري ڪئي. في الحال تھ ھن کي ھڪڙي انڌاري قيدخاني ۾ وڃي وڌائون.

بگھڙ جادوگر کي تھ پنھنجي دوست جي ساري حقيقت معلوم ٿي. ھڪدم صورت بدلائي ھو ھڪڙو ٻاھرين ملڪ جو بادشاھھ ٿيو، ۽ پنھنجي پڇ مان پنھنجو عملو بنايائين. انھيءَ طرح ھو وڏي تجمل سان شھنشاھھ وٽ وڃي مھمان ٿيو. ھن جو ڊول ۽ ھن جي ھلت چلت ڏسي ۽ ھن جي گفتگو ٻڌي شھنشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو. مانيءَ مھل ڳالھيون ڪندي مھمان بادشاھھ، شھنشاھھ سان ڏوھارين ۽ قيدخانن جو ذڪر چوريو، ۽ پڇڻ لڳو تھ ”قيدخانن ۾ ڪي قيدي آھن يا نھ؟ شھنشاھھ ورندي ڏني تھ ”تمام گھڻا آھن. اڃا ھڪڙو قيدي تازو گذريل رات آندو اٿن، جنھن منھنجو عجيب پکي ٿي چورايو. چورن کي اڳئي وڏيون وڏيون سزائون ڏنيون اٿئون، تھ بھ اسان جي محلات ۾ چوري ٿي آھي. انھيءَ ڪري اسان حڪم ڪيو آھي تھ ھن کي سڀاڻي ڦاسي اچي.“ مھمان بادشاھھ چيو تھ ”بيشڪ اھو ڪو وڏو بدمعاش ۽ نامي گرامي چور ھوندو، جو محلات ۾ چوري ڪرڻ کان نھ رھيو آھي. منھنجي دل ٿي چوي تھ انھيءَ چور کي ڏسان.“ شھنشاھھ چيو تھ ”مون کي ڪو بھ اعتراض ڪونھي.“

پوءِ شھنشاھھ پنھنجي مھمان کي وٺي قيدخاني ۾ ويو، جتي ھو نڀاڳو شھزادو ويٺو ھو، ۽ ڏاڍي نااميدي ۾ ھٿ پي مروٽيائين. انھيءَ کي ڏسي بادشاھھ چيو تھ ”ھي ڇا؟ مون ڀانيو تھ اھو ڪو وڏو ڌاڙيوالو ھوندو، پر ھي تھ ڪو رواجي خسيس چور ٿو ڏسجي، ھن کي ڦاسي ڏيڻ مان ڪھڙو فائدو ڇونھ؟ ھن تي ڪو اھڙو مشڪل ۽ خوفناڪ ڪم کڻي رکجي. پوءِ جي اھو ڪيائين تھ چڱو، نھ تھ پاڻھي مري کپي ويندو يا ٻي سخت سزا کائيندو. آءٌ جيڪڏھن حضور جي جاءِ تي ھجان، تھ جيڪر ائين ڪريان.“

شھنشاھھ خوش ٿي چيو تھ ”اوھان جي صلاح تمام چڱي آھي. ھڪڙو اھڙو ڪم مون کي اڳئي سجھي ٿو. اسان جي ملڪ جي اتر ڏي جيڪو ٻيو ملڪ آھي، تنھنجي بادشاھھ وٽ ھڪڙو سونو گھوڙو آھي، جنھن تي ڏاڍو سخت پھرو بيٺل آھي. انھيءَ بدمعاش کي چئجي تھ وڃي اھو چورائي اچي.“ مھمان چيو تھ ”ائين بھتر ٿيندو.“

پوءِ تھ قيديءَ کي انھيءَ شرط تي ڪڍي ڇڏيائون تھ اھو سونو گھوڙو وڃي ھٿ ڪري. ھن ويچاري جي حالت ڪا بھتر نھ ٿي. ھن کي وري بھ ھر طرح پنھنجي جان وڃائڻ جو ڊپ ھو. تڏھن بھ لاچار ٿي روئندي رڙندي ٻاھر نڪتو. گھر ڇڏي سفر تي نڪرڻ ڪري ڏاڍو پشيمان ٿيو. انھيءَ ارمان ۾ ھو تھ سندس جھوني دوست ۽ صلاحڪار بگھڙ اچي پاسو ورتس. پڇڻ لڳس تھ ”ٻيو تھ خير آھي؟ ڀانئجي ٿو تھ پکي واري ڪم ۾ تون فتحياب نھ ٿئين، پر دل نھ لوڙھھ، ڪم ۾ ھمت سان ھٿ وجھھ.“

انھيءَ طرح بگھڙ دڙ دلاسا ڏئي ھمٿايس، پر خاطري ڏنائينس تھ سونو گھوڙو ھٿ آيو تھ بھ نڪي تنھنجي نڪي گھوڙي جي ڀت کي ڇھڻ سان تنھنجي مراد  حاصل ٿي سگھندي. آخر ٻئي ڄڻا نڪتا. شھزادو پنھنجي گھوڙي تي چڙھي، پنھنجي ملڪ جي حد لنگھي سوني گھوڙي واري بادشاھھ جي حد ۾ آيو. بگھڙ جي صلاح تي ھو ھڪدم تعميل ڪرڻ لڳو. وڃي ڏسي تھ سڀ سئيس گوگھرا پيا ھڻن. شاھزادو آھستي آھستي گھوڙي کي ڇوڙي طنبيلي جي در وٽ آيو تھ اتي اتفاق سان ڪنھن مڇر گھوڙي کي ران ۾ چڪ ھنيو. انھيءَ کي ھڪلڻ لاءِ پڇ ھلايائين تھ وڃي در جي پاسي واري ڀت کي لڳو. ھڪدم سئيس جاڳي پيا. شاھزادي کي پڪڙي چھبڪن سان مار ڏنائون، ۽ پوءِ رسي سان ٻڌي کڻي ويھاريائونس. صبح جو بادشاھھ وٽ وٺي ويس، جنھن سوني پکي جي بادشاھھ وانگي موت جي سزا ڏنيس ۽ في الحال کڻي قيد ۾ وجھارايائينس.

بگھڙ خان جادوگر کي تھ انھيءَ ساري ڳالھھ جي اڳيئي خبر ھئي. بادشاھي صورت وٺي وڏي تجمل سان شاھي محلات ۾ آيو. سندس گھڻي آدرڀاءُ ٿي. اڳي وانگي ھيڏي ھوڏي جون ڳالھيون ڪري قيدين جو ذڪر چوري، خواھش ڏيکاريائين تھ جنھن بدمعاش سونو گھوڙو ٿي چورايو، تنھن کي ڏسي. مطلب تھ قيديءَ کي اڳي وانگي آزادي ملي، مگر انھيءَ شرط تي تھ ٽن ڏينھن جي اندر سوني سامونڊي پري ھٿ ڪري اچي، جنھن کي ھيستائين ڪو بھ ماڻھو ويجھو وڃي نھ ٿي سگھيو.

پر ھي بھ اھڙو مشڪل ڪم ھو جھڙا اڳيان ٻھ ڪم ھئا. بلڪ انھن کان بھ زياده مشڪل. لاچار قيدخاني مان نڪري ڳڻتيون کائيندو ھليو. اڳيان سندس دوست بگھڙ خان مليس اھو بھ ساڻس شامل ٿيو. سگھوئي سمنڊ تي آيا. بگھڙ چيس تھ ”ھاڻ آءٌ ڦري ٻيڙي ٿو ٿيان ۽ پڇ کي سکان ٿو ڪريان، ۽ منھنجي پيٽ جا آنڊا ڦري قيمتي ريشمي ڪپڙن جون ڳٺڙيون ٿي پوندا. اڳڀرو ٻيڙي ڪاھي ھلندين تھ اھا سامونڊي پري نظر ايندءِ، توکي لالچائيندي ۽ ٺڳاريندي، پر تون سندس ڳالھھ تي نھ لڳجئين. اٽلندو ھيئن چئجئينس تھ ”خريدار سوداگر وٽ ايندو آھي نھ سوداگر خريدار وٽ.“ پوءِ وري ڪناري ڏي موٽجئين تھ ھو تنھنجي پٺيان لڳي ايندي، ڇالاءِ جو تنھنجي ريشمي مال کان اکيون پاسي ڪري نھ سگھندي.“

شاھزادي اھا ڳالھھ قبول ڪئي. جھٽ ۾ بگھڙ ٻيڙي ٿي پيو، جا رنگ رنگ جي پٽ جي ڪپڙن سان ڀريل ھئي. شاھزادو سکان تي ويھي، ٻيڙي سمنڊ ڏي ڪاھي ھليو، جتي ڏاڍيون لھريون پئي لڳيون. اوچتو سوني سامونڊي پري لھرين مان نڪر سج جي روشنائي ۾ چمڪڻ لڳي. شاھزادي کي ناز نخرا ڪري اشارا ڏيڻ۽ سڏڻ لڳي. شاھزادي منھن موڙي چيس تھ ”خريدار سوداگر وٽ ايندو آھي، نھ سوداگر خريدار وٽ.“ ائين چئي پوءِ ٻيڙي ڪاھي ڪناري ڏي موٽيو. پٺيان پريءَ گھڻو ئي مٺي آواز سان پئي چيس تھ بيھھ، پر ھو نھ بيٺو.

ڪناري تي مس پھتو تھ پري ٽپ ڏئي سندس ٻيڙيءَ ۾ آئي ۽ ريشمي مال ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. انھيءَ وقت شھزادي جھٽ ڏيئي کڻي ورتس. ھڪدم ٻيڙي بدلجي وري بگھڙ ٿي پئي ۽ پري انھيءَ ڊپ کان پاڻ بچائڻ لاءِ شھزادي کي چھٽڻ لڳي. سگھو ئي معلوم ٿيس تھ بگھڙ مان خوف ڪونھي. تڏھن پنھنجي خوبصورت بچائيندڙ کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ھن جي چوڻ تي ساڻس گڏجي، بگھڙ جي مٿان گھوڙي وانگي ويھي رھي ۽ بگھڙ سوني گھوڙي واري بادشاھھ ڏي ھلڻ لڳو. سگھو ئي حيران ٿيلن پھريدارن ۽ درٻارين منجھان لنگھي، بادشاھھ جي حضور ۾ آيو. باشاھھ شھزادي کي ڏسي خوش ٿيو ۽ ڏاڍو مان ڏنائينس جو پڪ ڄاتائين تھ ھي ڪو رواجي ماڻھو نٿو ڏسجي. چوڻ لڳس تھ ”منھنجا دوست، مون کي معاف ڪجئين جو مون توکي عام چور ڄاڻي کڻي قيدخاني ۾ وڌو. اھا سامونڊي پري جا تو ھمت ڪري آندي آھي سا تنھنجي ملڪ آھي، بلڪ جنھن سوني گھوڙي چورائڻ جي توتي تھمت رکي وئي ھئي سو بھ تنھنجو حق آھي. اھو قبول ڪر، آءٌ اھڙي طاقت واري ماڻھوءَ جو غلام آھيان.“

بادشاھھ جي حڪم سان ھڪڙي خوشيءَ جي مجلس برپا ٿي وئي، جنھن ۾ بگھڙ خان سميت سڀ ويھي ماني کائي خوش ٿيا. سڀني کي شھزادي پنھنجا حيرت جھڙا ڪم بيان ڪري ٻڌايا، جي ٻڌي ماڻھو عجب ۾ پئجي ويا. ٻئي ڏينھن شھزادي کي پنھنجي وطن جي سڪ کنيو. تنھن موٽڻ جي تياري ڪئي. سونو گھوڙو آندو ويو. شھزادو ۽ سامونڊي پري انھيءَ تي ٻيلھھ چڙھي ويٺا. بادشاھھ کي خدا حافظ چئي، سوني پکيءَ واري بادشاھھ جي ملڪ ۾ آيا. بگھڙ بھ سندن پٺيان لڳو آيو. سوني پکيءَ وارو بادشاھھ ڏاڍي آدرڀاءُ سان گڏيس. پاڻ وٽ مھمان ڪيائينس ۽ انھيءَ پکيءَ جو پڃرو تحفو ڪري ڏنائينس ۽ عذر خواھي ڪري چيائينس تھ ”ھي سونو پکي بھ ھن سوني گھوڙي جي سنگت ۾ ٿو ٺھي ۽ اھي ٻئي وري ھن خوبصورت سوني سامونڊي پريءَ جي سنگت ۾ ٿا ٺھن.“

پوءِ اتان موڪلائي شھزادو روانو ٿيو، ۽ پنھنجي ملڪ ۾ اچي، پيءُ جي محلات ڏي رخ رکيائين. بگھڙ بھ سندس پٺيان لڳو آيو. جڏھن محلات ويجھي آئي، تڏھن بگھڙ پٺتي رھجي جھنگ ۾ گم ٿي ويو ۽ ٻڍو بادشاھھ ۽ سندس درٻاري ھنن کي ڏسي حيران ٿي ويا. بادشاھھ پٽ کي ڏاڍي پيار سان گڏيو، ۽ ھڪدم تاج مٿي تان لاھي، ھن جي مٿي تي رکيائين. انھيءَ وقت کان وٺي اھو شھزادو پنھنجي خوبصورت راڻيءَ سان انھيءَ ملڪ تي راڄ ڪرڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com