جان جئين
تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ ريءَ(2)،
تتيءَ(3)
ٿڌيءَ(4)
هل، ڪانهي وَيل(5)
ويهڻ جي.
(سر حسيني داستان 2-
بيت 17)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته ”جيسين جيئري آهين،
تيسين جلندي رهه. هتي جدوجهد ۾ سواءِ جلڻ جي ٻي ڪا
به واهه ڪانهي. ڏک توڙي سـُـک ۾ ڪاهيندي هل،
ويهڻ جو وقت ناهي.“
شاهه سائينءَ هن بيت ۾ مسلسل جدوجهد جو سبق ڏنو
آهي.
لڳي اُتر اُوهـِـريا،
واهوندي(2)
ورن(3)،
آئون گهڻو ئي گهـُـوريان(4)،
سؤدو سامونڊين،
اڱڻ جن(5)
اچن، عيد(6)
ورتي ان کي.
(سر سامونڊي داستان 2-بيت
9)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
فرمائي ٿو ته ”اتر جي هوا لڳڻ سان اهي هليا ويا ۽
وري بهار جي مند ۾ موٽي ايندا.
مان سامونڊي جي وڻج کي گهڻو ٿي ٻن وجهان،
جن جي اڱڻ ۾ هو اچن ٿا، تن لاءِ عيد لڳيو وڃي. جن
جا مڙس پرڏيهه کان ٿا موٽن تن لاءِ جشن لڳيو وڃي.“
ويهه م وساري، پـُـڇا ڪر م پنڌ جي،
نـِـرَمـلُ
نهاري، هلندن تان هٿ ڪيو.
(سر سسئي آبري داستان 9- بيت 1)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته ”پرينءَ کي نه وساري
ويهه، نه ڪي سندس پنڌ جي ڪنهن کان پـُـڇا ڪر،
هلندڙن (ڏوريندڙن) سچي نيت سان پنهنجو محبوب هٿ
ڪيو آهي.
اُتران
ٿي آيون، ڪري هڪل(2)
هوءِ،
ڀري تل(3)
ترايون، جوڙي هليون جـُـوءِ(4)،
پسيو جا پٽن ۾،
کٿوريءَ(5)
خوشبوءِ،
اچي روبروءِ(6)،
اُٺيون(7)
روضي تان رسول جي.
(سر سارنگ داستان 1- بيت 15)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سانوڻ جي موسم جو
ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته ”اڄ اتر طرف کان مينهن جون
وسڪارون، ڪاهه ڪنديون ۽ هـُـل مچائينديون ٿيون
اچن، اهي تلاءَ ۽ هيٺانهان پٽ ڀري، نهرون ٺاهي
هليون آهن. پٽن ۾ جا مُشڪ
جي سرهاڻ آهي، سا ته جاچيو. اُهي (وسڪارون) به
پيغمبر
جن
جي روضي مٿان ٿي اچي وسيون آهن.“
الا اِئن مَ هوءِ،
جيئن آءٌ مران بندَ(2)
۾،
جـُـسو(3) زنجيرن ۾، راتو ڏينهن روءِ،
پهرين وڃان لوءِ(4)، پوءِ مـَـر(5)
پـُـڄنـِـمِ(6)
ڏينهڙا.
(سر مارئي
داستان 6-
بيت 8)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻي هن بيت ۾ مارئي جي زباني
فرمائي
ٿو ته ”اي الله! شل ائين نه ٿئي، جو آءٌ قيد ۾ ئي
مري وڃان،
منهنجو جسم زنجيرن ۾ قابو هجي ۽ مان راتو ڏينهن
روئندي رهان. مان پهرين پنهنجي وطن وڃان، پوءِ ڀل
ته منهنجا ڏينهن پورا ٿي وڃن.“
ماڻڪ
مـَـٽ(2)
سندوم، اونداهيءَ ۾ سوجهرو،
حشر(3)
ويل حساب ۾، ڇڏي نه ويندوم،
ساريو(4)
سڏ ڪندوم، ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي.
(سر ديسي
داستان 6-
بيت 15)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح فرمائي
ٿو ته ”پنهونءَ جهڙي ماڻهو سان منهنجو ناتو آهي،
جيڪو اوندهه ۾ روشني ڪريو ڇڏي. قيامت جي ڏينهن
حساب جي وقت هُو،
مون کي ڇڏي نه ويندو،
ڪيچ جو سائين، مون کي پاڻ سان وٺي ويندو“.
شاهه سائينءَ ظاهري طور پنهونءَ ڏي اشارو ڏئي،
حضور
صله الله عليه وسلم
جن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو قيامت جي ڏينهن پنهنجي
بندن کي بخشش ڏياري آخرت جي عذاب مان ڇوٽڪارو
ڏياريندو.
هن بيت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ نبي اڪرم
صله الله عليه وسلم
جن
سان پنهنجي مٽي ۽ عزازت جو ذڪر ڪيو آهي.
(ايڊيٽر)
اُن پر نه ايمان، جيئن ڪلمي
گو ڪوٺائين(2)،
دغا(3)
تنهنجي دل ۾، شرڪ(4)
۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر(5)
آهئين.
(سر آسا داستان 4-
بيت 14)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته ”اها مسلماني نه چئجي
جو تون ڪلمو (حق گو) چوندڙ سڏائي، دل ۾ فريب، شرڪ
۽ مڪر رکين. منهن ۾ مسلمان ٿو ڏسجين.
پر اندر ۾ آذر (بت پرست، نفس پرست) آهين“.
شاهه سائينءَ هن بيت ۾ منافق ماڻهوءَ کي وائکو
ڪندي فرمايو آهي ته ”دل ۾ دغا رکي ڪلمي پڙهڻ سان
ماڻهو مسلمان نه ٿو ٿئي.“
ڇاکي وڃيو ڇو؟،
ٻِيلي
ٿئين ٻين جو،
وَٺُ ڪنجڪ(2)
ڪريم جي، جڳ جو والي(3)
جو،
سؤکو(4)
هوندو سو، جنهن جو عشق الله سين.
(سر بروو سنڌي داستان 1-
بيت 1)
سمجهاڻي:
شاهه عبدالطيف ڀٽائيرح فرمائي
ٿو ته ”اي انسان! تون ڇاجي لاءِ وڃي ٻين جو ٻانهون
ٿو ٿئين؟ الله تعاليٰ جي بندگي ڪر، جيڪو ٻنهي
جهانن جو مالڪ آهي ۽ اُهو ئي انسان سـُـکيو هوندو،
جنهن جو نينهن الله سائينءَ سان هوندو.“
تن مـُـنهن موچارا
مارئين(2)،
ملير جنين ماڳ،
ناقص(3)
نوازي گهڻا، سندو تن سڀاڳ(4)،
اڱڻ مون اڀاڳ(5)،
حـُـسن تي هيئن ٿيو!
(سر مارئي داستان 5-
بيت 10)
سمجهاڻي:
ڀٽ دڻي فرمائي ٿو ته ”تن مارن جا مـُـنهن
نوراني آهن، جن جي رهڻ جو هنڌ ملير آهي. انهن جي
نيڪ بختي، گهڻن عيبدارن کي نواڙيو ڇڏي (هتي ڪاملن
ڏانهن اشارو آهي)،
جن جي نيڪ صحبت پٿر جهڙي انسان کي به گوهر ڪريو
ڇڏي، منهنجي انگ ۾ نڀاڳ لکيل هو،
تنهنڪري منهنجي سونهن هيئن زبون ٿي رهي آهي.“
عمر اڄ گڏيام،
ڏوٿي(2)
اُنهيءَ ڏيهه جا،
پارانڀا(3)
پرينءَ جا، اُڀي اُن چيام،
لهي لوهه پيام، لطف ساڻ لطيف چئي.
(سر مارئي داستان 11-بيت
9)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
مارئيءَ جي پنهنجي وطن ۽ مارن لاءِ اڪير جي عڪاسي
ڪندي، مارئيءَ کان عمر جي آڏو چورائين ٿا ته”اي
عمر! اڄ مون کي ان ديس جا (ٿري) سانگي گڏيا آهن
۽
انهن بيٺي مون کي سپرين جا سنيها ڏنا. سندن نياپن
ٻڌڻ سان ڌڻيءَ جي فضل سان زنجير ۽ ٻيڙيون لهي ويون
آهن. نياپن ٻڌڻ سان مون کان عمر جي قيد هجڻ جون
ڳالهيون وسري ويون.“
هيجُ
نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر(2)
وينديون،
ويهو وچ رهن، سهسين سـُـڌن(3)
واريون.
(سر سسئي آبري داستان 4-
بيت 1)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح فرمائي
ٿو ته ”جن کي اندر ۾ اڪير نه هوندي، سي ڪيئن وندر
(جبل) ڏانهن پنڌ ڪنديون؟ ڪوڙي سڌ ڪندڙ وچ ۾ ئي
ٿڪجيو ويهيو رهن“.
هن بيت ۾ سسئي جو پنهونءَ لاءِ جبل جهاڳڻ جو ذڪر
آهي، جا برپٽ ۾ پنهونءَ کي ڳولي ٿي. حقيقت ۾ ان ۾
اهو به سبق ملي ٿو، ته جيڪو ماڻهو ڪنهن مقصد حاصل
ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري ٿو ته اهو ڪامياب ٿي وڃي
ٿو پر جي سچا ناهن اهي ٿڪجي ويهي رهن ٿا ۽ پنهنجي
مقصد کي پهچي نٿا سگهن.
ويٺي جنين
وٽ، ڏکندو(2)
ڏُور(3)
ٿئي،
تون! تنين سين ڪٽ(4)،
اوڏا(5)
اڏي پکڙا.
(سر يمن ڪلياڻ داستان 8-بيت
26)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
ناصحانه انداز ۾ فرمائين ٿا ته ”اهڙن ماڻهن
(درويشن) جي ويجهو وڃي پهچجي، جن سان ملڻ کان پوءِ
هر قسم جي پيڙا (ڏک) ختم ٿي وڃي. يعني درويشن جي
صحبت سان ئي روحاني سـُـڪون حاصل ٿيندو آهي ۽ انهن
جي ئي صحبت ۾ رهڻ سان انسان هر بري (خراب) ڪم کان
بچي ٿو. ڏک فڪر ۽ ڳڻتي به لهي وڃي ٿي.“
ڪنڊا مـُـون پيرن ۾، توڻي لـَـکَ لڳنِ،
آڱـُـر آڱـُـوٺي نه مڙي،
ڇپون(2)
پير ڇـِـنن(3)،
ويندي ڏانهن پـِـرين، جـُـتي جات نه پائيان.
(سر ڏهر داستان 1-
بيت 5)
سمجهاڻي:
هن بيت ۾ سسئي چوي ٿي ته: ”توڙي منهنجي
پيرن ۾ لکين ڪنڊا لڳن ۽ پهاڙ منهنجا پير پٿون ڪري
ڇڏين، جو آڱر آڱوٺي سان نٿي ملي، يعني ٿي گڏجي،
تڏهن به پرينءَ ڏانهن پنڌ ڪندي مان پيرن ۾ جـُـتي
اصل نه پائينديس.“
جن وڃايو وجود،
سي فاني(2)
ٿيا
”في
الله(3)“
۾،
نه تن قيام(4)
نه قصور(5)
۾، نه ڪو ڪن سـُـجـُـود(6)،
جيلان(7)
ٿيا نابـُـودُ، تيلان(8)
گـَـڏيا بـُـود(9)
کي.
(سر آسا داستان 1-
بيت 17)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻي رمز بيان ڪندي فرمائي ٿو ته ”جن
پنهنجي هستيءَ کي فنا ڪيو، سي ڌڻيءَ ۾ محو ٿي ويا.
هنن لاءِ نمازون، توڙي ظاهري سجدا ادا ڪرڻ ضروري
ناهن. جنهن صورت ۾ هنن پاڻ کي فنا ڪيو، تنهن صورت
۾ هو وڃي سچي هستيءَ کي رسيا
يعني
ڌڻيءَ سان هڪ ٿي ويا.“
ڪـُـوپا
ڪـِـلي ڪوڏيا، راوت ڪين رَهـنَ،
سائـُـن(2)
سر فدا ڪيا، اڳيان امامن،
”يـُـجاهدون فـِـي سبيل الله(3)“،
ڪم اهو ئي ڪـَـن،
حـُـورُون هار ٻڌن، سهرا شهيدن کي.
(سر ڪيڏارو داستان 6-
بيت 10)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح فرمائي
ٿو ته جنگ جا شايق، سورهيه ۽ پهلوان، جنگ ۾ سر جي
بازي لڳائڻ کان سواءِ نٿا رهي سگهن. پهلوانن،
امامن اڳيان پنهنجا سر قربان ڪيا. ”اهي الله جي
واٽ ۾ وڙهن ٿا“،
اهي اُهو ئي ڪم ٿا ڪن. جنت جون حورون شهيدن کي هار
ٿيون پارائين ۽ موڙ ٿيون ٻڌن.
مرڻان اڳي جي مـُـئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جئڻان اڳي جي جئا.
(سر معذوري داستان 4-
بيت 7)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
فرمائي ٿو ته ”جي مرڻ کان اڳي مرن ٿا، سي هرگز نٿا
مرن،
اهي هميشه جيئرا (امر) رهندا آهن، جن هميشه جي
جيئڻ (روحاني جهان واري حياتي) کان اڳ ئي هتي اُها
حياتي هٿ ڪئي آهي.“
اونچو
اُتاهون(2)
گهڻو، جئـَـڻَ کي جبل،
مرڻ! مون سي هـَـلُ، ته پـُـٺـِـيءَ تو پنڌ ڪريان.
(سر معذوري داستان 4-بيت
9)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
فرمائي ٿو ته ”جيئڻ (جي سـُـڌ رکندڙ) لاءِ ئي جبل
اوچو ۽ اُتاهون آهي. اي موت! تون مون سان همراهه
ٿيءُ ته تنهنجي رهبريءَ ۾ هلان.“
هـُـو پڻ ڪونهي هن ري، هيءُ نه هـُـنهان
ڌار،
”اَلا نسانُ سري وَ اَ ناسـِـره(2)“،
پروڙج(3)
پچار،
ڪندا ويا تنوار(4)،
عالم عارف اهڙي.
(سر آسا داستان 1-
بيت 7)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح فرمائي
ٿو: ”هو يعني ڌڻي، هن يعني انسان يا سندس وجود کان
جدا ناهي ۽ هيءُ يعني انسان، هـُـن يعني ڌڻيءَ کان
الڳ ناهي. انسان منهنجو ڳـُـجهه آهي ۽ مان سندس
ڳـُـجهه آهيان. ڌڻي تعاليٰ ٿو فرمائي
ته
اِها وائي سمجهج. سچي ڄاڻ وارا درويش اها
ئي
ٻولي ٻوليندا ويا.“
|