ريءَ
مصـَـلحت(2)
مـَـڱڻا، قـَـصـَـر(3)
ڪينَ اَچن،
نورَ تـَـجلوَ نـُـوِر سين(4)،
نـَـميو نيڻ پـَـسـَـن،
خيمي(5)
۾ کنگهار جي، چانڊوڻا چمڪـَـنِ،
لـَـڌائن لـَـطيف چئـَـي، سـَـندا ڏاڻ ڏسـَـينَ،
تيلان(6)
مـُـلڪَ ڌِڻينَ، مـَـڃيو، مـَـڱڻهارَ کي.
(سر سورٺ
داستان
4-
بيت
1)
سمجهاڻي:
مڱڻهار، مڱتا (پهتل بزرگ) ڪنهن فيض
(مصلحت) کان سواءِ محلات (سخيءَ جي در)
ڏانهن
نٿا وڃن. طالب جا نيڻ مرشد جي رهنمائيءَ ۾ خدائي
نور جا تجلا ڏسي رهيا آهن. راءِ ڏياچ جي گهر ۾ به
چنڊ جهڙي روشني پکڙجي ويئي هئي. انهيءَ روشنيءَ ۾
راءِ ڏياچ سموري ڪائنات جو فيض حاصل ڪيو. تنهنڪري
هن ٻيجل جي آڏو سر ڏيئي، پنهنجو مان مٿانهون ڪيو.
جـَـکري جهو
جـُـوان، ڏِسان
ڪو نه ڏيهه ۾،
مـُـهـَـڙ(2)
مـِـڙَني مـُـرسـَـلين(3)،
سـَـرسُ سندس شان،
”فڪان
قاب قـَـوسـَـيـُـنِ او ادنيٰ“(4)،
ايُ ميـَـسر ٿيـُـس مـَـڪانُ،
اِي آگي جو اِحسـَـان، جِنهن
هادي(5)
ميڙيـُـمَ هـَــِـهڙو!
(سر
بلاول
داستان
2-
بيت
10)
سمجهاڻي:
حضور پاڪ جهڙا انسان سڄي جهان ۾ ڏسڻ
۾ ڪو نه ٿا اچن، هو سڀني نبين جا سردار آهن ۽ سندن
شان مڙني کان مٿانهون آهي. حضور پاڪ جن الله
تعاليٰ جي ايترو ويجهو آيا، جو باقي وچ ۾ ٻن ڪمانن
جيترو مفاصلو هو، بلڪه انهيءَ کان به وڌيڪ رتبو
حاصل ٿين. اها الله تعاليٰ جي مهرباني آهي، جنهن
مون کي اهڙو روحاني پيغمبر ملايو آهي.
هن بيت ۾ جکري جي تمثيل رکي ويئي آهي، جنهن مان
مراد نبي پاڪ جي آهي.
(ايڊيٽر)
واجهائي
وَطــنَ کي، آءٌ جي هِت
مـُـياسِ،
گور(2)
مـُـنهنجي سـُـومرا! ڪـَــِـج
پنهوارن
پاس،
ِڏِج ڏاڏاڻي(3)
ڏيههَ(4)
جي، منجهانَ وَِلڙُين(5)
ِواس،
مـُـياِئي(6)
جِيـَاس(7)،
جي وڃي مـَـڙهه(8)
مـَــِـلير ڏي.
(سر مارئي
داستان
6-بيت
12)
سمجهاڻي:
مارئي عمر کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي:
”جيڪڏهن
آءٌ پنهنجي ملڪ کان سڪندي هتي مري وڃان، ته اي
سومرا! منهنجي قبر اباڻي ملڪ جي مقام ۾ جوڙائج ۽
منهنجي
مائٽاڻي
ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندڙ ولين سان لاش کي واس ڏجانءِ.
جيڪڏهن منهنجو لاش ملير ڏي ويو ۽ اتي ئي دفن ٿيو،
ته آءٌ سمجهنديس ته مـُـئي ڪانه آهيان پر جيئري
آهيان.“
سامي
چـَـائين(2)
سـُـکُ َطلبئـَـين، ِسـِـکئـَـين(3)،
نه، سامي!
اَڃـــــــا
اوريئنَ پـَـنڌَ ۾، ويٺين ِ
وساِمــــي(4)،
گـُــرَ(5)
کي تـُـون نه گڏئين، چايئين انعامي(6)،
داِئم مـُـدامي، پورو رَهج پرينءَ سين.
(سر پورب
داستان
2-
بيت
4)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
فرمائي ٿو ته
”سامي
سڏائين ٿو ۽ سک به پيو ٿو گـُـهرين، افسوس اهو
آهي، جو تو سامين سان گڏجي رهي به سامين مان ڪجهه
نه پرايو آهي ۽ ٿورو ئي پنڌ ڪري ٿڪجي پيو آهين.
پنهنجي مرشد سان ملي تو روحاني هدايتون حاصل نه
ڪيون ۽ پاڻ کي سمجهين ٿو، ته آءٌ وڏو نوازيل
آهيان. منهنجي نصيحت مڃ ته تون پنهنجي پرينءَ
(خدا) سان سچو رهه ۽ سندس حڪم مڃ
۽
مرشد کان واٽ وٺي الله تعاليٰ وٽ پاڻ کي سرخرو
بناءِ.“
سـُـونهان
سـُــِـڌيـُـون(2)
ڏين، ِ هنَ ديواني دَرياهه جـُـون،
ڪـُـوڙ اوڏاِئي ڪين ڪي، رڳو سـَـچُ سودِين(3)،
ِعجز(4)
جو اَڌ راتِ
کي، وَکرُ(5)
وِهايئـَـن،
سـَـاٿُ(6)
نباِهيو نين، ثابت(7)
ِانهيءَ ِسير مان.
(سر سريراڳ
داستان
5-
بيت8)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
فرمائي ٿو ته “جڏهن درياء موج ۽ مستيءَ ۾ ايندو
آهي، خوب ڇوليون هڻندو آهي، ته ان جي طرف، پار ۽
سنئين سڌي گس جون خبرون رڳو اهي ڏيئي سگهندا، جن
کي ان بابت پوري ڄاڻ هوندي. اهي سونهان (مرشد) ڪوڙ
کي بلڪل ويجهو ڪو نه هوندا آهن، پر اهي سدائين سچ
ڳالهائيندا آهن ۽ ثابت قدم رهندا آهن. اهي ئي نيڪ
ٻانها آهن، جيڪي آڌيءَ رات جو اُٿي پنهنجي پالڻهار
جي عبادت ڪندا رهندا آهن.
”آئون“
سين اُن پار(2)،
ڪـَـڏهين تان ڪو نـَـه پيو،
”ان
اللهُ ِو ترُيحب اَلوتر(3)“
نيئي ٻيائي(4)
بار،
هـَـيـِـڪڙائيءَ(5)
وَٽ! هار، هـَـنجـُـون(6)
جي هـُـئڻ(7)
جـُـون.
(سر آسا
داستان
1-
بيت
2)
سمجهاڻي:
جيڪي ماڻهو پاڻ پڏائي پاڻ کي اعليٰ ۽ وڏو
سمجهندا آهن، اهي ڪڏهن به الله کي پسند ڪو نه ٿا
اچن، ڇاڪاڻ ته انسان جو ڪم خودي نه آهي، پر نوڙت ۽
نياز آهي، خودي رڳو خدا کي جــُـڳائي ٿي.
جيئن قرآن شريف ۾ خدا تعاليٰ فرمايو آهي ته
”الله
هڪ آهي ۽ کيس هيڪڙائي وڻندڙ آهي“
تنهنڪري انسان کي گهرجي ته ٻيائيءَ کي دل مان ڪڍي
ڦٽو ڪري.
شاهه سائين فرمائي ٿو ته الله تعاليٰ جي هيڪڙائي
اڳيان پنهنجي وجود ۽ تڪبر کي ختم ڪر ۽ اُن اڳيان
ٻاڏاءِ ۽ روءُ ته ڇوٽڪارو ٿيئي.
ِهنَ مـُـندَ مارو سنرا،
کائر(2)
۾ خوشحالُ،
سائون(3)،
سـِـيارڇُ(4)،
مـَـکـَـڻي، جيڏيون آڻن جالُ،
سـَـتيءَ جي، سـَـيدُ چئي، ڪا ساڙيههَ(5)
منجهه سنڀالُ،
ِلڱـُـن تان لـَــِـطيفُ چئي، لوئي لاههِ م لالُ،
ڀلو(6)
ڪـَـندو ڀـَـالُ، ِ مينهن وَسندا، موٽ تون.
(سر مارئي
داستان
9-
بيت
5)
سمجهاڻي:
”مينهوڳيءَ
۾ منهنجا ماروئڙا ڏاڍا خوش آهن ۽ سڄي ٿر ۾ نهايت
سرهائي آهي.
مون جيڏيون ساهيڙيون، سائون، سيارڇ ۽ مکڻي (گاهه ۽
ولين جا قسم) گڏ ڪري گهرن ۾ آڻين ٿيون. شاهه صاحب
فرمائي ٿو: هن سياڻي(لــڄ ۽ شرم واري مارئيءَ) جي
سندس وطن ۾ ڪنهن کي ڪا يادگيري آهي؟ ڇاڪاڻ ته ٿر ۾
مينهن وسندي وڇڙيل مائٽ ياد ايندا آهن، ان ڪري اي
مارئي! تون اباڻي لوئي لڱن تان نه لاهه، ڌڻي
تـُـنهنجا سمورا ڪم سولا ڪندو، جلد مينهن وسندا ۽
تون موٽي پنهنجي ملڪ ويندينءَ.“
ٿا صـَـرافُ ســـُــڄـَـن،
پاڻُ ڪوٺاِئن جوهـِـري،
ماِڻڪُ ڪري مـُـٺِ ۾، وانءُ(2)
وَٺي وَٽ ِتن،
سندَس ئي سـَـيدُ چئي، ڪـِـهڙو قدُرُ ڪن،
پاڻـَـيٺُ(3)
ئي پـِـرکـَـن،
ِ ڪه ڪئنچـَـل(4)
گڏِن ڪچ سين؟
(سر سريراڳ
داستان
4-
بيت17)
سمجهاڻي:
شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ رحه فرمائي ٿو ته
اهڙا صراف (سونارا) به سـُـجهن ٿا، جيڪي پاڻ کي
وڏا پارکو يا جوهري ته سڏائين ٿا، پر حقيقت ۾ اهي
بلڪل ڪوڙا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻڪ وٽن کڻي وڃبو ته
ڏسو هو موتيءَ جو قدر ڪري قيمت ٿا ڪٿين يا شيشو ٿا
سڏين، يعني دُنيا ۾ حياتي سولي بنائڻ لاءِ مرشد
وٺين ته پرکي ۽ پروڙي وٺج، ائين نه ٿئي جو ڪنهن
ڪوڙي جاهل جي ور چڙهين جيڪو تنهنجو دين ۽ دُنيا
ٻئي خراب ڪري ڇڏي.
جي مون پـَـڙهئو پاڻَ لاءِ، سـَـبقُ
سابقُ جو،
پهرين ســُـڃاتم پـَـاهنجي، نـَــِـفسَ(2)
جـَـونِهو،
جـَـتِ
عرفانُ(3)
اَصلَ(4)
۾، ٿـَـي رُوحـِـن روزُِ ڪئو،
وري وَرَقُ پئــَــو، گڏيـُـم(5)
وَڍُ وصال جو.
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
انسان کي پنهنجي اصلوڪي ماڳ (ٻئي جهان) جي ياد
ڏياريندي فرمائي ٿو ته
”مون
جڏهن پنهنجي پر ۾ ويهي ڌيان ڪيو، سوچ ۽ ويچار ڪيم
ته دل تي اهو تري آيم ته اسان جي اصلوڪي مڪان جو
قدر ڪهڙو آهي، جتي مون روحن سان ڪچهريون ڪيون
هيون، ان ڪري مون کي دنيا ۾ اهڙو پير پنڌ کڻڻ
گهرجي ۽ سچائيءَ سان هلڻ گهرجي، جيئن ٻيءَ دُنيا
(آخرت) ۾ انهن روحن سان مرڪي ملاقات ڪريون.“
ڪو ڏينهن آِهيين ڪوٽَ ۾، لوِئي هـَـڏ
مَ لاههِ،
ڪامـَـڻِ(2)!
آهـِـجي(3)
ڪـُـر(4)
جي،
آڏَوڏاِئي(5)
آههِ،
ِهت مَ پاڙج هيڪـَـڙو، پائرُ(6)
جي پـَـساهه،
سـَـتي! سيلُ(7)
نباهه(8)،
مـَـلـِـير وينـَـدينءَ مارُئي.
(سر مارئي
داستان
10-
بيت
5)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح فرمائي ٿو ته “اي
مارئي! هن ڪوٽ ۾ ڪجهه ڏينهن آهين، پنهنجي لوئي جسم
تان اصل نه لاهجانءِ تـُـنهنجي خاندان جي خاص
ڳالهه اها آهي، جو هنن ڪڏهن به وڏائي ڪا نه ڪئي
آهي.
حياتيءَ جا دم جيڪي هن ڪوٽ ۾ پئي کڻين، اهي ملير
کان مٿي نه ڄاڻ، تون پنهنجي لـــڄ ۽ شرم تي پوري
لهه ته پنهنجي ملڪ موٽي ويندينءَ.
تـُـون ڍاٽي ڍَٽَ
ڌڻي، ڍولا(2)
تـُـنهنجو ڍٽ،
پائي تـُـراڙي(3)
توريان، ته ملڪ نه تنهنجو مٽ،
لاهي ڪـَـسـَـر(4)
ڪـَـٽَ(5)،
اچي کوڙ قناتـُـون(6)
ڪاڪِ
۾!
(سر مومل راڻو
داستان
6-
بيت
16)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
مومل جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته
”تون
سڄي ملڪ جو مالڪ آهين. اي راڻا! هيءَ ڪائنات ئي
تنهنجي آهي، جيڪڏهن انصاف جي تارازيءَ ۾ ملڪ کي
توريان، تڏهن به ملڪ تنهنجي برابر نه ٿي سگهندو.
تون پنهنجي اندر مان سمورا شڪ ۽ گمان ختم ڪر يعني
سموريون اجايون ڳالهيون ختم ڪري اچي ڪاڪ ۾ منزل
انداز ٿيءُ.“
جـَـن
ڪـَـرَاين(2)
ڪـَـچ(3)
جا، ور ساهيڙيـُـون(4)
سي،
اُِت(5)
اُڪنڊي(6)
آِهيان، مـَـنـھ ماروءَ جي،
پـَـکـَــِـن سين نه پاڙيان، هـَـنڌَ ِهتي جا هي،
اَهلَ(7)
اباڻنِ کي، مري شال مـَـلهاِئيان.
(سر
مارئي داستان 3- بيت 8)
سمجهاڻي:
شاهه عبدالطيف ڀٽائيؒ
مارئيءَ جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته جن جي ٻانهن ۾ شيشي
جا چوڙا پيل آهن، اهي ئي منهنجون جيس
۽
جيڏيون سونهن. آءٌ مارن جي منهڙن کان سواءِ تمام
ويڳاڻي ٿي پئي آهيان. هتي جا محل ۽ ماڙيون پنهنجي
مارن جي پکن جي برابر نٿي سمجهان،
آءٌ چاهيان ٿي ته هتي عمرڪوٽ ۾ اچي پاڻ لڄائڻ
بدران، شال پنهنجا پساهه پورا ڪري، پنهنجي اباڻيءَ
آڪهه جو مـُـنهن مٿي ڪريان.
سرُ مڱي،
سِرُ
گـُـهري، سر ريءَ
نه
صـَـلاح(2)،
غـَـريبنئون(3)
نه
گـُـذري، ٿو ماري ِمير ملاح(4)،
نائيو(5)
نـَـوابن جا، سوريو(6)
ڪڍي ساهه،
خاِلقُ سنجهه
صـُـباحَ، ڪو نهَ ڇڏيندو ڪٿـِـهين(7).
(سر سورٺ
داستان
2-
بيت
14)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
فرمائي ٿو ته
”ٻيجل
سر گهري ٿو، سر کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ گهرڻ جي
مرضي ڪا نه اٿس، غريبن کي ڇڏيو، وڏن حاڪمن ۽ سونهن
وارن ۽ نوابن کي مڃرائي سندن، ساهه ڪڍي ٿو ڇڏي.
صـُـبح هجي يا شام پر خلق کي ڪٿي به ۽ ڪنهن به
حالت ۾ نه ٿو ڇڏي.“
وَحدِهُ
جي وَڍئا، الا(2)
الله ِسين اورينَ(3)،
ِهنئيون حـَـقيقـَـت(4)
گـَـڏئو، َطريقت(5)
تورين،
مـَـعرفت(6)
جي ماٺ سين، ڏيساندر(7)
ڏَورين،
سـُـک نه سـُـتا ڪڏهمَ(8)،
ويهي
نه ووڙينِ(9)،
ڪلنئون(10)
ڪورين(11)،
عاشق عبداللطيف چئي.
(سر ڪلياڻ
داستان
1-
بيت
10)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَؒ
فرمائي ٿو ته
”سالڪن
خدا جي
حقيقت
کي مڃي پنهنجي هستيءَ کي ختم ڪري، الله کي مڃيو ۽
ان جي هستيءَ جو بار بار پيا ذڪر ڪن، جيڪا
حقيقت
جي پهرين منزل آهي.
جڏهن سالڪ کي ڪلمي جي رمز جي پروڙ پوري طرح پئي،
ته پوءِ حق تائين پهچڻ لاءِ انهيءَ منزل تي کين
پاڻ کي حق ۾ گڏڻو آهي، جنهن لاءِ کين طريقت جي
واديءَ مان لنگهڻو آهي، جنهن ۾ کين ماٺ ميٺ ۾ حق
جي ذات ۽ صفات جي ڄاڻ پوي ٿي، اهڙا سالڪ ڪڏهن به
سـُــک سان نه سمهندا آهن، پر اڳتي وڌندا رهندا
آهن.“
اَوڳـُـڻَ
ڪـَـري اُپارَ(2)،
تو در آيس داسـَـڙا(3)،
جيئن تو رُسڻ
سنديون روح ۾، تيئن مـُـون ڀيڻي(4)
ناه ڀتار،
ساِئينءَ لڳ سـَـتــــار(5)!،
ميٽ(6)
ِمدايـُـون(7)
مـُـنـِـهنجـُـون.
(سر ليلان چنيسر
داستان
3-
بيت
6)
سمجهاڻي:
هن بيت ۾ ظاهري طور ته ليلان چنيسر وٽ
پنهنجي ڪيل ڏوهه تي پڇتاءُ ظاهر ڪري کانئس معافي ۽
بخشش گهري آهي، پر روحاني طور تي هن بيت ۾ لطيف
سائين، هڪ گنهگار جي حيثيت ۾ الله تعاليٰ کي
ٻاڏايو آهي ته آءٌ سوين ڏوهه ۽ گناهه ڪري تنهنجي
در تي آيو آهيان، جيڪڏهن تون منهنجا گناهه
ڳڻيندين،
الا! جـُـنگَ
جـَـيـِـن، جنين اجهي(2)
گهاريان،
شالَ مَ سـُـڪـَـي ويڙيَ(3)،
جتان پي پـَـيـَــِـن،
مـُـرڪـَـڻَ(4)!
اَکـَــِـڙين، تو ڏٺي مـُـون سـُـکَ ٿئي.
(سر بلاول
داستان
3-
بيت
11)
سمجهاڻي:
يا الله! شال اِهي سخي ۽ بهادر مرد حيات
هــُـجن، جن جي اجهي ۾ آءٌ گذاريان،شال اها کوهي
ســُـڪي نه وڃي،
جنهن مان واٽهڙو پاڻي پي اُڃ اجهائين ٿا. اي نيڪ
مرد! تنهنجي مرڪندڙ اکين کي ڏسي، مون کي سـُـک
حاصل ٿئي ٿو.
ســکـَـرَ سيئي ڏينهن، جي مـُـون گهاريا بـَـندَ
۾،
وسايـَـم وَڏ ڦـُـڙا،
مـَـٿي ماڙِن ِمينهن،
واجهاڻيـَـس(2)
وِصالَ کي، ٿيسَ، تـَـهوارؤن(3)
ِتيئنَ،
نـَـيرَ(4)
مـُـنـِـهنجي ِ نيهنَ، اُجارَي اَڇوِ
ڪئو.
(سر مارئي
داستان
11-
بيت
8)
سمجهاڻي: مارئي چوي ٿي ته “سورن ۽ سختين ۾ هڪ وڏو
راز رکيل آهي، تنهنڪري اهي ڏک انسان جي اندر جو
مير ڪڍيو صاف ڪريو ڇڏين. عمرڪوٽ جي ماڙين تي جيئن
پئي مينهن پيا، تيئن منهنجين اکين مان لڙڪ وڏ ڦڙا
بڻجي لڙي پيا، ڇاڪاڻ ته مون ان ميلاپ کي پي
واجهايو ۽ ياد ڪيو، جيڪو مينهن وسندي ملير ۾ وڏي ۽
مبارڪ ڏينهن وانگر ملهايو ويندو آهي. هنن زنجيرن
انهيءَ منهنجي سڪ کي اڃا به وڌيڪ اجرو ڪري ڇڏيو
آهي.
لـَـهرِن لک لباس
، پاڻي پسڻ هيڪڙو،
اونهي تنهن عميق(2)
جي، واري(3)
ڇڏ وماس(4)،
جت ناهه نهايت نينهن جي، کوءِ ات پنهنجي کاس(5)،
تڙَن(6)
جي تلاش(7)،
لاهه ته لالن لڳ(8)
ٿئين.
(سر سهڻي
داستان
9-
بيت
3)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
فرمائي ٿو ته
”لهرن
کي لکين روپ ۽ ويس آهن، پر پاڻي ڏسڻ ۾ اهو هڪجهڙو
آهي. اونهي سمنڊ جي گهرائيءَ تي سوچ ئي نه، ڇو ته
محبت جي ڪائي حد نه هوندي آهي. اُتي تون پنهنجي
سموري خواهش کي ختم ڪري ڇڏ. سلامتيءَ وارن هنڌن جي
تلاش ڇڏي ڏي ته محبوب جي ويجهو ٿئين. ٻين لفظن ۾
دنياداري ڇڏي ذڪر ۽ فڪر ۾ گذار، ته رب جي ويجهو ٿي
وڃين.“
جـَـيهر
لوڪَ جهـَـپ(2)
ڪري، اوهير(3)
اُڏامن،
پـِـٿون(4)
لهي پاتار(5)
جا، چيتاريو(6)
چـُـڻن،
ڪوهه(7)
ڪندا کي تن، پاڙهيڙي(8)
پهه(9)
ڪري.
(سر ڪارايل داستان 1-
بيت
25)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
فرمائي ٿو ته
”جنهن
وقت ماڻهو ننڊ ڪن ٿا، تنهن وقت هنج پکي اڏامن ٿا ۽
سمنڊ جي تري مان موتي چتائي ڪڍي ٿا وٺن، پوءِ
شڪاري ڪيڏيون به حرفتون هلائين پر انهن کي ڇا ڪندا.“
شاهه سائين، هن بيت ۾ انهن عارف انسانن جو ذڪر ڪري
ٿو، جيڪي ان وقت پنهنجي مٺي ننڊ ڦٽائي خدا جي
عبادت ڪن ٿا ۽ اهڙن عبادتگذار انسانن کي نه شيطان
کاري سگهي ٿو ۽ نه ئي دُنيا جون لالچون سندن آڏو
اچي سگهن ٿيون. آخرڪار اهي ئي الله جا نيڪ ٻانها
الله وٽ سرخرو ٿيندا.
ڪونهي اُت ڪوهيارُ،
جـِـت تو ڀوري(2)
ڀانيو،
پنڌ مَ ڪر پـَـهاڙ ڏَي، وجود(3)
ئي وڻڪار(4)،
ڌارِيا ڀائنج ڌارَ، پڇُ(5)
پريان(6)
ڪر(7)
پاڻ تون.
(سر سسئي آبري
داستان
3-
بيت
3)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
سسئي
کي سمجهاڻي ڏيندي فرمائي ٿو ته
”اتي
پنهون ڪونهي، جتي تو جهڙي وسوڙيل ڄاتو آهي، اُن
ڪري جبل ڏانهن پنڌ نه ڪر پر پنهنجي وجود ۾ ان جي
ڳولا ڪر. اهي وسيلا ڌاريا اٿئي، انهن کي تون ڌار
ڪر ۽ پنهون کي پنهنجو پاڻ ۾ ڳول.“
روحاني طور شاهه سائين اشارو ڏنو آهي ته
”اهي
انسان حق جي ڳولا ۾ اجايو هيڏانهن هوڏانهن پريشان
ٿي ڀٽڪندا ٿا وتن، ان کان بهتر آهي، ته اهي پنهنجي
اندر ۾ جهاتي پائي ڏسن، ته رب تعاليٰ انهن کي اتي
ئي ملي ويندو.“
تـَـنُ
تـَـسـَـبـِـيحُ، مـَـنُ مـَـڻـِـيو، دِلِ
دَنبـُـورو(2)
جـَـنِ،
تـَـندُون جـَـي طـَـلبَ(3)
جـُـون، وَحـَـدت(4)
سـِـر وَڄـَـنِ،
”وَحـَـدهُ
لاَ شـَـرِيڪَ لـَـھ“(5)،
اِهو راڳ رڳـُـن،
سي سـُـتائي سونهن(6)،
نـِـنڊَ عـِـبادَتَ اُنِ جـِـي.
(سر آسا
داستان
4-بيت
46)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
فرمائي ٿو ته
”جن
جو جسم مالها آهي، من اُن جو داڻو ۽ دل تنبورو
آهي. انهن جي طلب جون تندون، هڪ خدا جي ساراهه ۾
پيون وڄن ۽ چون ٿيون ته هو (الله) هڪ آهي ۽ سندس
ڪوبه شريڪ (مٽ) نه آهي اهوئي راڳ رڳن ۾ هر وقت
گونجندو رهي ٿو. انهن ستلن جي ننڊ به
ڄڻ
جاڳ مثل آهي ۽ سندن ننڊ به بندگي آهي، درحقيقت
انسان کي الله تعاليٰ (وحدت) جي ذڪر ۾ اهڙو ته جذب
ٿي وڃڻ گهرجي، جو کيس آسپاس جي ته ڇا پر خود
پنهنجي پاڻ جي به سـُـڌ نه رهي.“
جـَـنـِـين سـَـندي مـُـنهن ۾، نـِـهائيون
نـَـڪن،
تـِـئان وَڍيو هيڪڙو، ته ڪهڙو ٿورو تـَـنَ؟
سي مـَـر(2)
سـُـڃائي(3)
سـَـونهن، جن ڀـَـلي ڀـِـينگ ڀـَـرَم(4)
جي.
(سر مومل راڻو
داستان
8-
بيت
24)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
اٻوجهن کي سمجهاڻي ڏيندي فرمائي ٿو ته
”جن
جي مــُــنهن ۾ هڪ نڪ، بجاءِ نڪن جا انبار آهن،
جيڏا ڪنهن ڪنڀار جي نهائين ۾ ٿانون جا انبار هوندا
آهن، پوءِ جيڪي نرڄا هوندا آهن، انهن جو هڪ نڪ
وڍيو، تڏهن به هنن کي ڪا پرواهه نه هوندي آهي، اهي
کــُـٽل به سونهن ٿا، جن جي زندگي
عزت ۽ آبرو سان گذري ٿي.“
هن بيت ۾ ڀٽائي صاحب انسان کي نصيحت ڪندي فرمايو
آهي ته جيڪڏهن دنيا ۾ جيئرو رهڻو آهي ته
عزت
مند ٿي زندگي گذارجي، بي حيائيءَ جي دولت کان
عزت
جي سـُـڃائي ڀلي آهي.
ڀـَـڳو آءٌ
نه
چـَـوان، ماريو ته وسهان،
ڪانڌ
مـُـنهـَـن ۾ ڌَڪـِـڙا(2)،
سـَـيڪِـيندي(3)
سـُـونهان(4)،
تان پڻ لـَـڄَ(5)
مـَـران، جـَـي هوِنـِـس(6)
پـُـٺِ ۾.
(سر ڪيڏارو
داستان
3-
بيت
11)
سمجهاڻي:
مان اهو هرگز نه مڃيندس ته منهنجو مڙس
ميدان ڇڏي ڀڄي آيو آهي، اڃا به اهو مڃي سگهان ٿي
ته ميدان ۾ دشمن سان وڙهندي
شهيد ٿي
ويو، جي منهنجي گهوٽ کي منهن ۾ دشمن سان وڙهندي ڌڪ
لڳل هوندا ته انهن کي مرهم رکندي پيئي خوش ٿينديس
۽ ملڪ ۾ به مانائتي ٿينديس، پر جي پٺيءَ ۾ ڌڪ لڳل
هوندس ته سمجهنديس ته بزدل ٿي ميدان ڇڏي ڀڳو آهي،
۽ دشمن مٿس پويان کان وار ڪيو آهي، ته پوءِ آءٌ
انهيءَ ئي شرم ۾ ئي مري وينديس.
هن سر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
ڪربلا جي بهادرن جي ونين واتان اها ڳالهه ڪئي
آهي.
جـَـر
۾ سـِـپـُـون جـِـيئن، آهـِـين ابرَ(2)
آسري،
جـِـيئن ڪونجـُـون سارين(3)
روهه(4)
کي، مون تن اندر تـِـيئن،
هـُـت وعدا وڃڻ جا، هـِـتِ نه ڀانيـُـم
هـِـيئـَـن،
ڪوٺـِـين(5)
وِهان ڪـِـيئن، جي نظر بندياڻيءَ(6)
نه هـَـئـَـان؟
(سر مارئي
داستان
10-
بيت
13)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
مارئيءَ جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته
”جهڙيءَ
طرح سپون سمنڊ ۾ هوندي به سپجڻ لاءِ يا موتي جوڙڻ
لاءِ اڃايل هونديون آهن ۽ مينهن جي بوند جي آسري
تي هونديون آهن، جيئن ڪونجون جبل کان سواءِ
ويڳاڻيون هونديون آهن، تيئن منهنجي من ۾ به ملير
پيو وسي. اوڏانهن وڃڻ جو قول ڪيو اٿم، پر هاڻي هتي
بند ۾ قيد ٿي پيئي آهيان، جيڪو مون سمجهيو هو ته
نه ٿيندو. جيڪڏهن مون تي سخت پهرو نه هجي ها، ته
آءٌ ڪوٺين ۾ قيد ڪيئن ڪاٽيان ها؟ هي دنيا انسان
لاءِ قيد خانو آهي، هتي جا مال متاع، عيش عشرت ۽
خوشيون ڄڻ انسان لاءِ زنجير آهن. پهريدار جن کي
پنهنجي زهد ۽ عبادت سان ٽوڙي هن دنيا (آخرت) ۾ وڃڻ
لاءِ ثمر ڪٺو ڪرڻ گهرجي.“
پـَـسـَـنديئي
پـُـر(2)
ٿيا، جکرو ئي جاجڪ(3)،
تـِـئان ڏني مـَـڱڻي، طـَـهـُـورا(4)
جي تـِـڪ(5)،
سـَـمي ڀڳـِـيس سـِـڪ، واصـِـلُ(6)
ٿيا وصالَ ۾.
(سر بلاول
داستان
3-
بيت
15)
|