آدمين اِخلاصُ،
مٽائي ماٺو(2)
ڪيو،
هاڻ کائي سڀڪو، سندو ماڙُهوءَ(3)
ماسُ(4)،
ِدلبرَ ِهنَ دُنيا ۾، وَڃي رهـَـندو واسُ(5)،
ٻــَـيو سـَــڀُ لوڪَ لــِـباسُ(6)،
ڪو ِهڪ ِدِل(7)
هوندو هيڪڙو.
(سر بروو سنڌي
داستان
3-بيت
4)
سمجهاڻي:
دُنيا جي ماڻهن مان، سچائي ڦري، جهيڻي،
جهڪي ٿي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هتي هرڪو
ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو
گوشت
کائي رهيو آهي،
پنهنجي مطلب خاطر ٻئي تي ظلم ڪري رهيو آهي. اي
منهنجا پيارؤ! هن دُنيا ۾ صرف
ڳالهيون ئي وڃي رهنديون،
باقي سڀ ڪجهه فنا آهي.
دنيا يا جڳ ۾ باقي سمورو ظاهري ڏيکاءُ آهي، ڪو
هڪڙو هڪ دل وارو هوندو، جنهن جي دل دنيا داريءَ جي
بجاءِ انسانيت لاءِ ڌڙڪندي هوندي.
لالَ
ڪي(2)
لالُ ِٿيا، لالُ(3)
لـَــنگهيوِ جن،
عـَــدَمَ(4)
جي اوڙاههَ تي، ڪـَـيا آسـَــڻ(5)
آڌوِتين(6)،
گردانيـُـو(7)
گنگنَ(8)،
گــِـرداب(9)
کي گيـَـان(10)
ِسين.
(سر رامڪلي
داستان
5-
بيت
12)
سمجهاڻي:
اهي ڪي ٿورا فقير هوندا، جي سچا هوندا،
روحاني رنگ ۾ رچي لال ٿيا، جن وٽان سچي لال جهڙو
بي بها سڄڻ اچي لنگهيو،
هنن ويراڳين(دُنيا ڇڏيندڙن) نيتيءَ جي اوڙاهه ۾
پنهنجا گهر اڏيا آهن، جن پنهنجي هستي کي فنا ڪيو،
هنن ماٺيڻن پنهنجي نفس کي معرفت جي ڪـُـنَ وجهي
مات ڪري ڇڏيو، يعني هنن موت ۽ حيات ٻنهي کي شڪست
ڏئي ڇڏي.
اَلـَـستَ
اَرواحـَـن(2)
کي، جـَـڏهن جاڳايو َجـِـليل َ(3)،
سنئين راههَ سـَـيدُ چــَـئي، سوٺائـُـون(4)
سـَـــِـبيلِ(5)،
وَحـَـدتَ(6)
جي واديءَ ۾، ڪوڙين(7)
ڪي َقليلِ(8)،
دَرياههَ جي دَِليلَ(9)،
لـوڙهي لـَـهوارا ڪيا.
(سر سهڻي
داستان
6-
بيت
1)
سمجهاڻي:
ازل واري ڏينهن، جڏهن شان واري خـُـدا
سڀني ارواحن (روحن) کي سجاڳ ڪيو، شاهه صاحب چوي ٿو
ته
”تڏهن
هنن سنئين راهه يعني خدائي واٽ ڳولي لڌي، پوءِ
هيڪڙائي جي ماٿري ۾ ڪروڙن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا،
پر دُنيا جي وهمي درياء
لکن کي لوڙهي ڇڏيو، دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ انسان اها
سرت ڀلجي ويو ۽ لالچن ۽ حرص جي درياء
۾ پاڻ کي لوڙهي ڇڏيائين.“
ٽيئي پـَـرِچيا
پـَـاڻ ۾، تـَـندُ، ڪـَـٽارو، ڪـَـنڌُ،
تنهن ِجهوئي(2)
ناِهه ڪي، جو تو چارڻ ڪيو پنڌُ،
ايُ شـُـڪـُـر(3)
الـَـحـَـمدُ، جيـَـئن مٿو
(4)گـُـهريوءِ
مـَـڱڻا!
(سر
سورٺ
داستان
4-
بيت
10)
سمجهاڻي:
ٻيجل جي سرندي جي تند، ان جي ڪاٺي، ۽ راءِ
ڏياچ جي سسي، ٽيئي پاڻ ۾ ٺاهه ڪري هڪ ڳالهه تي گڏ
ٿي ويا.
راءِ ڏياچ چوي ٿو:
”اي
چارڻ! تو جو پنڌ ڪيو آهي، تنهن جهڙو بي بها فيض هن
دنيا ۾ ٻيو ڪونهي. ڇاڪاڻ ته مرشد ڪامل پاڻ طالب وٽ
هلي اچي، سو هڪ بي انداز فائدو آهي. اي مڱڻهار!
ڌڻيءَ جو شڪر ڪر، جو تو رڳو مون کان ِسرُ گهريو
آهي، ٻيو ڪجهه نه گهريو ۽ اهڙي شيءِ نه گهري، جيڪا
آءٌ ڏئي نه سگهان ها.“
مـَـنجـَـهان پـَـنءُ
پـَـــرُوڙَ(2)،
سـَــڀَ مَ پـُــڇج سـَــسئـَـي،
ويهي وڏي ڍڳَ مان، ڌُڻي وِجهجَ ڌُوِڙ،
ته تون ماِڻئين موِڙ(3)،
جـَـي پـَـندِ(4)
اِهائي پارئينِ.
(سر سسئي آبري
داستان
7-
بيت
15)
سمجهاڻي:
سسئي پنهنجو پاڻ چوي ٿي ته
”سڀنيءَ
کان پنهونءَ بابت پڇندي وتين، اها تنهنجي وڏي ڀل
آهي، توکي گهرجي ته پنهونءَ کي پاڻ ۾ پروڙ ڳولهي
حاصل ڪر، ڇو ته جي تنهنجي نيت سچي ۽ ارادو مضبوط
آهي ته منزل تنهنجي سامهون آهي. سموري مٽيءَ کي
ڇاڻي يعني اجايو دربدر ٿي پاڻ کي بي آبرو نه ڪر.
جيڪڏهن اُها صلاح مڃيندينءَ،
ته
پنهون ماڻيندينءَ
جيڪو املهه هوندو.“
شاهه صاحب هن بيت ۾ انسان کي سمجهاڻي
ڏيندي چوي ٿو ته
”تون
هيڏي هوڏي ڇو ٿو ڀٽڪين، جيڪڏهن تون پنهنجي اندر ۾
جهاتي پائي ڏسندين،
ته الله تعاليٰ تنهنجي ئي اندر ۾ موجود آهي.“
ســُـورهه
مـَـرين(2)
سوڀَ(3)
کي، ته دل جا وهم(4)
وسارِ،
هــَـڻ ڀالا، ِوڙههُ ڀاڪرين، آڏي(5)
ڍال مَ ڍاِر(6)،
مـَـٿان تِيغ(7)
تـَـرار، ماِر ته متارو(8)
ٿـِـئين.
(سر ڪيڏارو
داستان
5-
بيت
5)
سمجهاڻي:
”اي
سورهيه! جي ڀانئين ته آءٌ کٽان ته دل مان اهي
سمورا خدشا ۽ وسوسا ڪڍي ڦٽا ڪر، ته ڪير کٽندو ۽
ڪير هارائيندو؟ تون هٿيار کڻي دشمن سان وڙهه، پر
پنهنجي اڳيان ڍال نه جهل
۽
پنهنجو بچاءُ ڍال سان نه، پر ترار سان ڪر. تون
دشمن جي وار جي جواب ۾ پنهنجي ترار کيس هڻي ڪڍ، ته
بهادر به سڏبين ۽ سورمو به ڳڻجڻ ۾ ايندين.“
جـَـر
ٿَـر(2)
ِتکَ(3)
تـَـنـَـوار َ(4)،
وَڻ ٽِڻَ
وائي(5)
هيڪـَـڙي،
سـَـڀئي
شيءِ(6)
ٿيا،
سـُـوِريءَ(7)
سـَـزاوار
(8)،
هــَمـھ(9)
منصـُـورَ(10)
هـَـزارَ، ڪـَـِـهڙا چـَـاڙهيو چـاڙِهئين.
(سر سهڻي
داستان
9-
بيت
1)
سمجهاڻي:
برن ۽ بحرن يعني ســُـڪيءَ ۽ پاڻيءَ ۽ وڻن
ٽڻن ۾ هڪ ئي ڳالهه آهي، ته دنيا جي هرهڪ جزي ۾
الاهي عشق جي جنبش ۽ جوش موجود آهي ۽ ان ۾ الله جي
وحدانيت جو ذڪر آهي، انهيءَ ۾ پاڻ کي مدهوش ۽ مست
بڻائي، منصور وانگر اناالحق(آءٌ حق آهيان) جو نعرو
هڻي، سوريءَ تي چڙهڻ جو حقدار پيو بڻائي.
هاڻي اهڙا منصور هزارين آهن، جيڪي دم دم ۾ اناالحق
جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، ڀلا اهڙي حالت ۾ ڪيترن کي
سوريءَ چاڙهيو ويندو؟
ناز
منجهاران نِڪري،
جـَـڏهن پرين
(2)
ڪـَـري ٿو پـَـنڌُ،
ڀـُـون(3)
پڻِ
”بسم
الله“
چئي راهه(4)،
چـُـمي ٿي رندُ(5)،
اُڀيـُـون(6)
گهـَـڻي اَدَب سين، حورون حيرت هـَـنڌُ،
سائينءَ جو سـَـوڳنڌُ(7)،
ساڄـَـنَ سـَـڀــنئـَـان(8)
سـُـهڻو.
(سر بروو سنڌي
داستان
2-
بيت
6)
سمجهاڻي:
جڏهن مـُـنهنجو سپرين، وڏي شان ۽ مان سان
پنڌ ڪري ٿو ته ڌرتي ادب ۾ پڻ
”بسم
الله“
چئي گس تي آيل پير چمي ٿي ۽ آجيان ۾ حورون پڻ ادب
سان اٿيون بيٺيون آهن ۽ حيرت ۾ آهن ته
”هيڏي
حسين مخلوق ڪٿان آئي؟“
الله جو قسم ته جانب (حضور ڪائنات جي سڀني
خوبصورت شين کان وڌيڪ سهڻو آهي.
هيءُ
بيت
جن جي شان ۾ چيل آهي.
(ايڊيٽر)
گـَـهنگـَـهريا
گـَـهڻَ ڄاڻَ
(2)،
موڙهي(3)
مـَـتِ(4)
مـَـهاِئين(5)،
ويا گـَـڏجي وير ۾، پيا مـُـنهن مـَـهـراڻَ،
اَڳيان پويان ٽاڻَ(6)،
ويا ويچارن وِسـِـري!
(7)
(سر گهاتو
داستان
1-
بيت
1)
سمجهاڻي:
هتي وڏا وڏا ڄاڻو ته مُنجهي
پيا ۽ وڏن سورمن ۽ بهادرن جو به هوش اڏامي ويو،
اهي جيئن درياء
۾ گهڙيا ته وير جي هڪڙي ئي وهڪري ۾ لـُـڙهي غرق ٿي
ويا. انهن ويچارن کان اڳيان پويان وقت سمورا وسري
ويا، يعني حقيقت سان گڏجي هڪ ٿي ويا ۽ هنن دنيا جي
سڀني خوشين ۽ عيشن کي
رد ڪري
ڇڏيو.
جـَـکـِـرو
جـَـس کرَو(2)،
ٻيا سـَـڀ اَنيرا(3)،
جيائين(4)
جـُـڙيو جـَـکــِــرو، تيائين(5)
نه ٻيا،
ِمـِـٽي تـَـنهـِـن ماڳا(6)،
اَصـُــلَ هــئي ايتري!
(سر بلاول
داستان
2-
بيت
4)
سمجهاڻي:
جکرو(سخي سردار) ساراهه جي لائق آهي، باقي
سڀئي راجا ان مقابلي ۾ انيراءِ ئي آهن (جنهن خسيس
ڳالهه تان راءِ ڏياچ کان سندس سر قلم ڪرايو)،
جنهن جاءِ تان جکري جي جوڙڻ لاءِ مٽي کنئي وئي
هئي، اتان ٻيا ڪي به نه جڙيا هئا. انهيءَ
ماڳ تي مٽي اصل ايتري هئي، جو ان مان رڳو جکري جو
جسم جڙيو.
مـُـونا
جن ِمـِـحرابُ(2)،
جـُـسو جاِمع(3)
ِتن جو،
قبلي نماءُ(4)
قلب(5)
ڪـَـري، تـَـن(6)
کي ڪيائون طوافُ(7)،
تـَـحقـَـيق جي تـَـڪبير چئي، جـِـسمان(8)
ڪـَـيائون جوابُ،
تن ڪـَـهڙو
ڏَوههُ حسابُ(9)،
جـَـن هينئڙي(10)
هادي(11)
حل(12)
ٿيو.
(سر رامڪلي
داستان
5-
بيت
4)
سمجهاڻي:
جن جا گوڏا محراب آهن، تن جو بدن به وڏي
مسجد آهي. انهن پنهنجي دل کي قبلو ڄاڻي، پنهنجي ئي
بدن جي چؤگرد
ڦيرا ڏنا،
جيئن حاجي ڪعبي شريف جو طواف ڪندا آهن هنن حقيقت
چئي پنهنجي بدن کي ڪوڙ کان پري ڪيو، انهن کان ڀلا
ڪهڙو پڇاڻو ٿيندو، جن جي دل ۾ رڳو خدا تعاليٰ
سمايل آهي.
جي مـُـون مـُـوِڙهي
مـَــِـت(2)
، ته تـُون پاڻ سـُـڃاڻـِـج سـُـپرين!
اَصـُـل اَواِين(3)
جا، عـَـيبَ ڍَڪـِـئين تون اُتِ،
اِي پر تنهنجي پتِ(4)،
جئن ولهيـُـون(5)
ڍَڪـِـيئن وَلـَـهـَـار(6)،
(سر ليلان چنيسر
داستان
3-
بيت
7)
سمجهاڻي:
”اي
منهنجا سڄڻ! جيڪڏهن منهنجي مت مــُـنجهيل آهي،
تڏهن به تون پنهنجو شان سڃاڻج،ڇاڪاڻ ته مون کي عقل
۽ هوش به تو وٽان ئي ملي ٿو. تون گمراهه ٿيلن جا
عيب ڍڪيندڙ آهين. اي منهنجا سڄڻ! اهو ئي تنهنجو
شان ۽ عزت آهي جو تون عيبدارن
جا عيب لڪائين ٿو ۽ مٿن پنهنجي ڪرم نوازي به ڪرين
ٿو.“
مـُـند ٿي
مـَـنڊَل(2)
مـَـنـِـڊيا، ِڪي اوِهيڙن(3)
اوڪَ(4)،
ڇاڇـَـرَ(5)
ٿي ڇـَـنـَـِــن(6)
۾، مينهون چـَـرَن موڪ(7)،
سـَـرَهيون ٿيـُـون سنگهاريون(8)،
پويو پائـِـن ِطوَقَ،
ميهـَـا، چـِـڀڙ، ڦـُـنگيـُـون(9)،
جت ٿين سـَـڀئي ٿوڪَ(10)،
لاهـَـئين مـَـٿان لوڪَ، ڏولائي(11)
جا ڏينهڙا.
(سر سارنگ
داستان
3-
بيت
1)
سمجهاڻي:
مينهن جي مند آئي آهي ۽ آسمان تي ڪڪر
ڇانئجي ويا آهن. وسڪاري زور شور سان وسڻ شروع ڪيو
آهي. کليل ميدانن ۽ پٽن تي گاهه جام ٿيو آهي ۽
مينهون ڇيڪ پيون چرن. سڀ سانگيئڙن جون زالون خوش
ڏسڻ ۾ ٿيون اچن ۽ گلن جا هار پائي رهيون آهن، ان
کان سواءِ قدرتي ميوا ۽ ڀاڄيون به ججهيون ٿيون آهن.
ميها، چِڀڙ،
۽ کُنڀيون
کائڻ لاءِ عام جام آهن. يا خدا! جيئن هيءُ
مينهن وسائي تو ملڪ سکيو ۽ ستابو ڪيو آهي، تيئن
سڄي جهان تان هميشه لاءِ ڏکن جا ڏينهن
به
ڏور ڪج.
جا، عـُـمرَ! تـُـو مل
ِعيدَ، سا اسان(2)
سـُـوءَ(3)
وَرتي
سـُـوِمرا!
ويئي ويچارن وِســِـري، خـُـوشي ۽ خـَـريدَ،
سِڪـَـڻ
ڪيا شـَــِـهيدَ(4)،
مارو جي مـَـليرَ جا.
(سر مارئي
داستان
3-
بيت
18)
سمجهاڻي:
مارئي عمر سومري کي چوي ٿي ته
”اي
عمر! جيڪا اوهان وٽ عيد آهي، اها اسان لاءِ ڏک
آهي، (سوءَ اهي
عورتون
ڪنديون
آهن، جن جا
مڙس
مري ويا
هـُـجن)
مارئيءَ جي مائٽن لاءِ مارئي جو کڻي وڃڻ موت کان
گهٽ حادثو ڪونهي، ان ڪري عيد جي وڳن ۽ ويسن کي
ٺڪرائي، مارئي عمر کي چيو ته:
اي عمر! منهنجي مظلوم مائٽن کي خوشي ته ياد ڪانهي
پر عيد جي خريداري به وسري ويئي اٿن. ملير ۾ مارو
منهنجي سڪ ۾
مري
ويا آهن. اي عمر! تنهنجي هيڏي ظلم انهن کي جيئري
ئي ماري ڇڏيو آهي.“
اَمل
آڇ مَ اُِن کي، جي نه پروڙين(2)
مـَـٽُِ(3)،
جت گـَـڏ جيئـَـي جوهري، ماڻڪ تنهين مـَـٽِ،
جنين سونَ سين سٽ َ(4)،
ِتن هڻي ريَ(5)
رَِد ڪيو.
(سر سري راڳ
داستان
4-
بيت
5)
سمجهاڻي:
اهڙن بي قدرن، اڻ ڄاڻن کي قيمتي موتي،
جواهر هيرا نه باس، جن کي انهن بابت ڪابه خبر
ڪانهي، ته اهي موتي سچا آهن يا ڪوڙا؟ تون ڳول، جتي
به ڪو پارکو جوهري ملئي، انهيءَ سان انهن قيمتي
شين جو سودو ڪر، ڇاڪاڻ ته انهن جو ڪوڙن موتين سان
ڪوبه وهنوار نه آهي.
سا ِسٽَ ساريائون، الف جنهن جي اڳ ۾،
”الامـَـقصـُـودَ
ِفي الدارين“،
اَِن(2)
پـَـر اُتائـُـون(3)،
سـَـڳرُ سوٺائـُـون(4)،
ٿيا رَِسيلا(5)
رحمـَـان(6)
سين!
(سر يمن ڪلياڻ
داستان
5-
بيت
18)
سمجهاڻي:
اهائي سٽ ياد ڪيائون، جنهن جي اڳيان الف يعني الله
آهي. ڇو ته ياد ڪندڙ ٻانهن کي، سواءِ الله پاڪ جي،
ٻيو ڪو به ياد نه هوندو آهي. هن دنيا ۾ سواءِ الله
جي انهن جي آڏو ٻيو ڪو به مقصد ڪونهي، اهو سندن
زبان تي آهي. اهڙن الله جي سچن عاشقن پنهنجي محبت
سان اهڙي راهه ڳولي هٿ ڪئي آهي، جنهن تان هنن
گذري الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪيو.
|