سـَـورِي
آهي سينگار(2)،
اَڳهين(3)
عاشقن جو،
مـُـڙڻ(4)،
موٽڻ(5)
ميهڻو(6)،
ٿئا نظاري نروار(7)،
ڪـُـسـَـڻَ(8)
جو قرار(9)،
اصل عاشقن کي.
(سر ڪلياڻ داستان 2-
بيت 6)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
هن بيت ۾ فرمائي ٿو ته ”سوري سچ پچ ڦاسي ڪانهي،
بلڪه هڪ ڀيٽ ڪيل آهي، انهن عاشقن جي، جيڪي خدا
تعاليٰ جي عشق ۾ محو ۽ مست آهن ۽ اُهي ان تائين
پهچڻ لاءِ وڏو فخر ۽ اعزاز سمجهن ٿا. اهي جڏهن ان
راهه يعني الله جي واٽ ۾ پنڌ ڪن ٿا ته موٽڻ خود
هنن لاءِ طعنو آهي. ڇاڪاڻ ته هو ان جو اعلان کليو
کلايو ڪن ٿا. انهن تڪليفن ۽ سختين سهڻ جو قول ۽
اقرار هنن اڳيئي روح پيدا ٿيڻ شرط پنهنجي مالڪ سان
ڪيو هو.“
ٻيو مطلب اهو به آهي ته معاشري ۾ سچ جي ساٿين ۽
مـُـتلاشين لاءِ سچ عيوض مليل سـُـوري به سينگار
آهي. اهي زندگيءَ جي پرواهه نه ڪندي به سـُـوري
قبول ڪن ٿا ۽ ان کان تر جيترو پري ٿيڻ يا هٽڻ هٻڪڻ
کي مهڻو سمجهن ٿا. انهن ته ناحق جي خلاف وڙهندي،
حق تي قربان ٿيڻ يعني سر ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.
سـَـر
سـُـڪي سال ٿيا، هنجهه(2)
هـَـريو(3)
ئي پير،
ڪنگ(4)
ويچارو ڪـِـير، جو رسي(5)
ان رمز(6)
کي.
(سر ڪارايل داستان 2-
بيت 6)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
هن بيت ۾ سچي سالڪ کي هنج جو مثال ڏيندي فرمايو
آهي ته: ”تون هميشه معرفت جا ماڻڪ موتي ۽ حقيقت جا
هيرا حاصل ڪندو رهه. اهي ڪنگ، تن کي ان رمز جي
ڪهڙي خبر آهي. يعني سچو صوفي ته هميشه رب جي
عرفان لاءِ روحاني رياضت مان گذرندو آهي. اهو ته
ويچارو عام ماڻهو آهي، جنهن جي اکين تي ته دنيا جي
فاني لوڀ لالچ ۽ غفلت جا پردا چڙهيل هوندا آهن، سو
اهو ماڳ ڪٿي حاصل ڪري سگهندو؟
حقيقت هن حالَ جي، جي ظاهر ڪريان زبان،
لڳي ماٺ مروئن کي، رسي سور شبان،
ٽاڪر(2)
ٽڪي ڪان، جبل سـَـڀ جلي(3)
وڃن.
(سر آسا داستان 5-بيت
6)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
هن بيت ۾ سسئيءَ جي فراق جي ترجماني ڪندي فرمائي
ٿو ته: جيڪڏهن زبان سان پنهنجي درد ۽ برهه جو
اظهار ڪريان، ته مـِـرون به داستان ٻڌي سـُـن
ٿـِـي وڃن ۽ ڌنارن کي جهوري وٺي وڃي. ٽڪر (جبل) به
جيڪر قائم رهي ڪين سگهن ۽ اهي سمورا سڙي ڀسم (خاڪ)
ٿي وڃن.“
اَوَجهـَـڙ
اَ سـُـونهن(2)،
ڏيهه(3)
گهڻو ئي ڏوريو(4)،
سـَـڳـَـر(5)
ريءَ سـُـونهن، پهتي ڪانه پـَـنڌُ ڪري.
(سر سسئي آبري داستان 9- بيت 2)
سمجهاڻي:
ڀٽ جو گهوٽ چوي ٿو ته ”رهبر کان سواءِ
طالبن گهڻو ئي سـُـڃ واري ولايت ۾ ڳولا ڪئي، پر
بنا سونهي جي ڪو به صحيح منزل تي پنڌ ڪري نه پهتو.
يعني جيڪي سالڪ ڪنهن مـُـرشد يا عارف جي مددکان
سواءِ رب جي ڳولها ڪن ٿا، سي مقصد کي رسي نه
سگهندا آهن. معرفت جو درجو اُڪرڻ لاءِ سچي صوفيءَ
کي مرشد يا عارف جي گهرج هوندي آهي نه ته حقيقي
محبوب جو مشاهدو ماڻي نه سگهبو
آهي.“
تون هـَـڏ
ِ ڪـُـڄاڙيا(2)، سنجهي(3)
سعيو(46)
نه ڪرينءَ،
ســَـوارا(5) سنڊ(6)
کڻي، کاهوڙي ويا،
آڻيندين ڪـِـئا(7)، ڏُٿ(8)
ڏوراڻي(9)
ڏَيهه جو.
(سر کاهوڙي داستان 1-
بيت 6)
سمجهاڻي:
شاهه صاحب فرمائي ٿو ته: ”تون ماڳهين سوير
ڇو نه ٿو تياري ڪرين ۽ کاهوڙي اسر جو سانداريون
ساڻ ڪري، نڪري ويا، تون هاڻي ڏورانهين ديس (
روحاني ولايت) جو ڏٿ (کاڌو) ڪٿان هٿ ڪندين؟“
اڇو پاڻي لـُـڙُ
ٿيو، ڪالـُـوريو(2)
ڪنگن،
ايندي لـَـڄَ مـَـرَنِ، تنهين سـَـر(3)
مـَـٿي هـَـنجڙا.
(سر ڪارايل داستان 1-
بيت 7)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته ”صاف پاڻي ميرو ٿيو،
ڇو ته ان کي ڪنگن اچي خراب ڪيو آهي (جيئن ڪوڙن اچي
روحاني مجلسن تي پنهنجو سڪو ڄمايو آهي).
اُنهيءَ چشمي
تي
ويچارا هنج ايندي ئي شرم ۾ پيا مرن. يعني سچن
سالڪن ۽ صوفين جي دنيا به جهڙوڪر گندگيءَ مان ڀرجي
ويئي آهي، ڇو ته انهن جي جڳهه تي روحانيت کان
اڻواقف ماڻهن بظاهر صوفي سڏائي ماحول کي ئي
منجهائي ڇڏيو آهي. سچو سالڪ پاڻ کي هن دنيا ۾ سالڪ
سڏائيندي به شرم محسوس ٿو ڪري.“
مٿن ٽـُـٻڪ
ٽـُـٻڪڙا، چڪندڙا(2)
اچن،
کـُـڙيون کـِـهه(3)
ڀـُـڪـَـليون(4)،
پگهر سـِـر پيرين،
ايءُ(5)
وڙ(6)
ويڙهيچن، مون لوڏان ئي(7)
لکيا(8).
(سر مارئي داستان 7-
بيت 8)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
فرمائي ٿو ته ”سندن سر تي وڏا توڙي ننڍا کارا آهن
۽ هو پگهر چڪائيندا ٿا اچن ۽ سندن کـُـڙيون ڌُوڙ
سان ڀريل آهن ۽ سندن پيرن مان پگهر پيو وهي. اهي
اهڃاڻ جهانگين جا آهن، مون کين سندن لوڏ مان ئي
سهي ڪيو.“
هيءُ بيت سرمارئيءَ جي داستان مان آهي،
جنهن ۾ مارئي پنهنجي مائٽن جا اهڃاڻ پئي ٻڌائي.
چڱا
ڪن چڱايون(2)،
مـَـٺايون(3)
مـَـٺن(4)،
جو وڙ جـُـڙي جن سـِـين، سو وَڙ(5)
سيئي(6)
ڪـَـن.
(سر سريراڳ داستان 4-
بيت 5)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
فرمائي ٿو ته ”جيڪي چڱا انسان آهن، اهي چڱايون ٿا
ڪن ۽ بـُـرا انسان برايون. جن کي جهڙو سلوڪ
(ورتاءُ) سونهي ٿو، سي تهڙو ئي سلوڪ ڪن ٿا.“
نـَـمي
کمي نهار تون، ڏَمرُ(2)
ڏولائو(3)،
ٿيئي ساڃائو(4)،
جي اُڀئين(5)
انهيءَ پير تي.
(سر يمن ڪلياڻ داستان 8-
بيت 13)
سمجهاڻي:
شاهه ڀٽائيرح
انسان کي سمجهاڻي ڏيندي فرمائي ٿو ته ”اي انسان!
تون نمرتا ۽ کميا سان نهاري هل، ڇو ته ڪاوڙ مان دک
۽ مونجهارو ٿو پلئه پوي. جي تون انهيءَ پير تي
پختو رهندين ته توکي سچي
ساڃهه حاصل ٿي ويندي.“
کاهوڙي کرا،
سوڌي خبر پـَـکيان،
سـُـوجهي(2)
جن ڪيا، مـَـٿي اَڱڻ آهرا(3).
(سر کاهوڙي داستان 3-بيت
19)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته ”الله جا سچا فقير
اڃان به آهن، جن جي پوري پروڙ روحاني اڏام وارن کي
آهي، جن کين ڳولي، وڃي انهن جي اڱڻ ۾ پنهنجا گهر
جوڙيا.“
يعني حق ۽ سچ جا ڳولائو سچا فقير هن دنيا ۾ موجود
آهن، جن کي پرکي، پروڙي ۽ سڃاڻي ڪيترائي سندن صحبت
۾ رهڻ لڳا آهن.
آگمَ
ڪيا الله، لـَـڳـَـھ پـَـسُ لطيف چئي،
پـَـلـَـر(2)
جي پالـُـوٽ(3)
سين، پـَـٽن جهـَـليا پاهه(4)،
واحـِـد(5)
وڏائي(6)
ڪـَـيا، مٿي گسن(7)
گاهه،
سانگين(8)
وريا ساهه، اٺن(9)
آب(10)
آگوندرو(11).
(سر سارنگ داستان 1-
بيت 2)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه
سانوڻ جي مند جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته ”ڌڻيءَ
تعاليٰ جهـُـڙ ڪري ڇڏيا آهن. مينهن جي پاڻيءَ جي
پلٽ سان ميدانن ۾ ريج ۽ رنگ لڳي ويا آهن. مالڪ،
ميدان ۽ جهنگ گاهن سان آباد ڪيا آهن، مالوندن ۾
موٽي نئون ساهه پيو آهي. گوندر (غم) لاهيندڙ پاڻي
وسيو اٿن.“
سختي
شهادت جي، مڙيوئي ملار(2)،
ذرو(3)
ناهه يزيد کي، اي عشق جو آڌار(4)،
ڪـُـسڻ جو قرار(5)،
اصل امامن سين.
(سر ڪيڏارو داستان 1-بيت
9)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻي ڪربلا جي واقعي جو ذڪر ڪندي فرمائي
ٿو ته امامن لاءِ شهادت جي سختي، الاهي رحمت جي
بارش هئي. انهيءَ الاهي عشق جي اهڃاڻ جي يزيد کي
نالي ماتر به ڄاڻ نه هئي. امامن جو ازل ۾ ئي سر
ڏيڻ جو انجام ڪيل هو.
اڄ ملينديس
ماءُ، ڌاڄا(2)
ڪنديس ڪپڙا،
جيجان جوڳياڻي ٿيان، مون کي جهل(3)
مَ پاءِ،
هوت ٻروچي لاءِ، ڪنين ڪـُـنڙ(4)
پائيان.
(سر سسئي آبري داستان 4-
بيت 10)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
سسئي جي روپ ۾ چوي ٿو ته ”اي امڙ! اڄ مان پنهنجا
ڪپڙا ڌوئي صاف ڪري، گيڙو رتا ڪنديس، اي جيجل! آءٌ
جوڳياڻي ٿينديس، تون مون کي روڪ نه، مان دلبر بلوچ
لاءِ ڪنن ۾ سنياسين وارا ڪنڍل پائينديس.“
سارنگ
سار(2)
لهيج، الله لڳ اڃين جي،
پاڻي پوڄَ(3)
پٽن ۾، ارزان(4)
اَن
ڪريج،
وطن(5)
وسائيج، سنگهارن سـُـک ٿئي.
(سر سارنگ داستان 1-
بيت 29)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
ملڪ ۾ ڏڪر وارين حالتن کي آڏو رکندي، الله تعاليٰ
کي ٻاڏائي سانوڻ جي موسم ۾ برسات جي لاءِ چوي ٿو
ته
”اي
مينهن! ڌڻيءَ جي واسطي تون اُڃايلن جي سنڀار لهج،
پٽن ۾ جام پاڻي وسائج ۽ ان سستو ڪج. سموري ملڪ کي
سرسبز ۽ آباد ڪج ته مالوندن لاءِ سـُـک ٿئي ته
جيئن هو سکيا ستابا ٿين“.
واهـُـڙ
ڀريـُـون(2)
م پاءِ(3)،
تو پڻ ليکو(4)
ڏيڻو،
سدا(5)
سانوڻ ڏينهڙا، هئن(6)
نه هونداءِ،
وِهاڻي(7)
وينداءِ، اوڀر(8)
اتاهان(9)
لهي.
(سر سهڻي داستان 3-
بيت 19)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻي درياء
کي سمجهاڻي ڏيندي، تلقين ٿو ڪري ته ”اي درياء!
ڪنڌيون (ڪنارا) نه ڪيراءِ، ڇو ته توکي پڻ حساب
ڏيڻو آهي. تولاءِ هميشه سانوڻ جا ڏينهن نه هوندا،
اها تنهنجي وڏائي يا آڪڙ (ترت ئي) لهي، هڪدم ختم
ٿي ويندي.
ڏٺي ڏياري، سامونڊين
سڙهه سنباهيا(2)،
وجهيو ور(3)
ونجهه کي، روئي وڻجاري،
ماريندءِ ماري(4)،
پرهه(5)
سـُـور(6)
پرينءَ جا.
(سر سامونڊي داستان 3-
بيت 17)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
فرمائي ٿو ته ”ڏياري (هندن جو تهوار) ڏسندي ئي
سامونڊين (ملاحن) سڙهه (ٻيڙا) سنڀاريا آهن.
وڻجاري، ونجهه کي ڀاڪر ۾ ڀري، ڳوڙها پيئي ڳاڙي، ته
کيس اسر جو توکي جاني جي جهوري ماري وجهندي.“
سر
نِسريا(2)
پاند(3)،
اُتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ(4)
ڪانڌ(5)،
سهسين(6)
سـُـکائون(7)
ڪيون.
(سر سامونڊي
داستان 1-
بيت 16)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
محبوب جي ميلاپ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته ”اي
پيارا! سـَـرَ جي ٻوٽن ڳڀ جهليو آهي ۽ اتر جو واءُ
به لڳو آهي.
اي ڍوليا! تون موٽي اچ. اي ڀتار! تنهنجي لاءِ مون
ڪيتريون ئي باسون باسيون آهن.“
سمر
جنين نه ساڻ(2)،
هوت حماتي(3)
تن جو(4)،
ڪري ڇيڄ(5)
ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ،
ٿيندي ريجهه(6)
رهاڻ(7)،
لحظي(8)
منجهه لطيف چئي.
(سر ديسي داستان 5-
بيت 5)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
فرمائي ٿو ته ”جن وٽ ڪو اسباب ساڻ ناهي، تن جو سڄڻ
ئي
واهرو آهي. پنهون (رب) پاڻ اچي جبلن ۾ حاضر ٿيندو،
پوءِ هڪ ساعت ۾ ورونهن ٿي ويندي.“
هن مان اهو سبق ملي ٿو ته جنهن ماڻهوءَ وٽ ڪو
وسيلو ڪونهي، ان جي مدد پاڻ الله تعاليٰ ڪندو آهي.
مـُـنهن مٿانهان
جن جا، سي پٽيو ڪڍن پار(2)،
جيڏيون! هن جهـُـونجهار(3)،
اجاري(4)
سڀ اڇا ڪيا.
(سر ڪيڏارو داستان 3-
بيت 14)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
فرمائي ٿو ته ”جن عورتن جا مـُـنهن مٿي آهن، (تن
جي ڀتارن جنگ ۾ سر ڏيئي سندن مانُ مٿي ڪيو آهي) سي
پار ڪڍيو پيون چون: ”اي سرتيون! هن سورهيه پنهنجي
وڏن کي سرخرو ڪيو.“
سنهيءَ سـُـئيءَ سِبيو،
مـُـون ماروءَ سين ساههُ،
ويٺي ساريان(2)
سومرا، گولاڙا ۽ گاههُ،
هِنئون(3)
منهنجو هـُـت ٿيو، هـِـت مٽي ۽ ماههُ(4)،
پـَـکن منجهه پساههُ، قالب(5)
آهي ڪوٽ ۾.
(سر مارئي داستان 7-
بيت 12)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
هن بيت ۾ مارئي جي روپ ۾
فرمائي
ٿو، ”منهنجو روح مارن سان نينهن جي سنهي سـُـئيءَ
سان سبيل آهي. اي عمر سومرا! مان گولاڙا ۽ گاهه
ويٺي ياد ڪريان،
منهنجو من هـُـت (ملير ۾) آهي ۽ هـِـت مٽيءَ جو
بـُـت ۽ ماس اٿم. منهنجي جان پـَـکـَـنِ ۾ آهي ۽
جسم تنهنجي ڪوٽ ۾ قيد آهي.“
آگميو
آهي، لڳـھ پـَـسُ لطيف چئي،
وٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ(2)
ڪاهي،
ڇـَـن(3)
ڇڏي پٽ(4)
پئو، سمر(5)
سنباهي(6)،
وِهو مَ لاهي، آسرو الله مان.
(سر سارنگ داستان 1-
بيت 1)
سمجهاڻي:
هن بيت ۾ ڀٽ ڌڻي، مارو ماڻهن کي خبردار
ڪندي
فرمائي
ٿو ته ”جـهـُـڙ ٿي ويو آهي، گهاٽا ڪڪر ڏسي سمجهجي
ٿو ته وڏڦڙو وسيو آهي. اي مالوندؤ پنهنجا ڌڻ ڪاهي
نڪري پئو ۽ سامان سڙو سهيڙي هيٺانهون پٽ ڇڏي،
مٿانهين پٽ تي نڪري پئو. ڌڻي سائينءَ مان آسرو
لاهي نه ويهو.“
سـُـورن سانڍياس،
پـُـورن(2)
پالي(3)
آهيان،
سـُـکن جي سيد چئي، پـُـکي(4)
نه پياس،
جيڪس آئون هياس، گري گوندر(5)
ول جي.
(سر حُسيني
داستان 10-
بيت 16)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح
هن بيت ۾ فرمائي ٿو ”مان سورن جي سانڍيل ۽ پورن
(فڪرن) جي پاليل آهيان. سـُـک منهنجي تقدير ۾ لکيا
ئي نه ويا، ڄڻ ته مان ڏکن جي ول جي گـُـري هيس.“
|