سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارڙن جو شاهه

 

صفحو :1

ٻارڙن جو شاهه

( ٻارڙن لاءِ ماهوار گُل ڦُل ۾ ڇپيل شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جا چونڊ

نصيحت وارا بيت آسان سمجهاڻي ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ سان)

 

راز شاهاڻي

ڇپائيندڙ پاران

 

حضرت شاهه عبداللطيف سنڌ جو سدا حيات صوفي بزرگ ۽ شاعر آهي. پاڻ پنهنجي خيالن ۽ لاڳاپن ذريعي جيڪي ڏاهپ ڀريا نقطا بيتن جي صورت ۾ سنڌي سماج کي ارپيا آهن، تن ۾ انساني سماج جي روحاني پاڪيزگيءَ ۽ روحاني سفر جو ذڪر بيان ڪيل آهي. سندن ڪلام جو مجموعو ”شاهه جو رسالو“ جي نالي سان مشهور آهي.

هيءُ ڪتاب ”ٻارڙن جو شاهه“ سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ ٻارڙن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ ۾ ڇپيل حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي حڪمت ۽ نصيحت ڀريل ڪجهه بيتن جو مجموعو آهي، جنهن کي ٻاراڻي ادب جي ڀلوڙ ليکڪ راز شاهاڻي مرتب ڪري سنڌ جي سٻاجهڙن ٻارڙن لاءِ انهن بيتن جي سمجهاڻي لکي، ننڍي ٽهيءَ ۾ لطيف شناسي کي اجاگر ڪيو آهي ۽ ٻاراڻي ادب ۾ ڪنهن قدر اضافو ڪري پاڻ ملهايو آهي.

ٻاراڻي ادب سان لاڳاپيل هيءُ ڪتاب ”ٻارڙن جو شاهه“ ائون پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. آئون سنڌي ادبي بورڊ جي مانائتي چيئرمن جناب مخدوم جميل الزمان صاحب جن جو نهايت ئي شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان  ڪيو.

اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو سنڌي ٻارڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.

28- جمادي الثاني 1435هه

29- اپريل 2014ع

  الهڏتو وگهيو

سيڪريٽري

 

ٻه اکر

 

سال 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾، پبلڪ رليشنز آفيسر (PRO) جي حيثيت ۾ مقرريءَ دوران، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام تي مشتمل ڪتابي رٿا ” ٻارڙن جو شاهه “ جو خيال ذهن ۾ آيو – اُن خيالي رٿا کي، پنهنجي مهربان (آفيسر گهٽ ذاتي دوست ۽ تنهن وقت سيڪريٽري بورڊ) محترم انعام شيخ ۽ بعد ۾ ايڊيٽر گُل ڦُل مرحوم طارق عالم ابڙي سان اوريو. ٻنهي مهربانن اهڙو خيال وڻيو ۽ هنن، اُن کي وڌيڪ  MATURE  ڪري، پبليڪيشن ڪاميٽي اڳيان پيش ڪرڻ جي تجويز ڏني.( تنهن وقت بورڊ ۾ ڪنهن به ڪتابي رٿا جي منظوري لاءِ پبليڪيشن ڪاميٽي ٺهيل هُئي ۽ هر ٻئين يا ٽئين مهيني اُن ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿيندي هُئي) بس اُن کانپوءِ فوري طور ضروري لکپڙهه بعد، ڪتاب ” ٻارڙن جو شاهه “ جي، منهنجي طرفان جمع ڪيل رٿ، پبلڪيشن ڪاميٽيءَ جي ايجنڊا تي رکي وئي ۽ الحمد الله محترم آغا سليم، سيد امداد حسيني، شوڪت حسين شوري ۽ سيڪريٽري بورڊ محترم انعام شيخ تي ٻڌل ڪاميٽيءَ اُن کي بنان هٻڪ منظور ڪيو ۽ ٻارڙن ۾ لطيف شناسي جي حوالي سان اُن کي ڪارائتو قدم قرار ڏنو ۽ مون کي مزيد راهنمائي آڇيندي هن اهم رٿا جي تڪڙي تڪميل جي هدايت ڪئي.

مرحوم طارق عالم ابڙي کان راهنمائي حاصل ڪندي، گُل ڦُل جي اوائلي پرچن کان وٺي سال 2005ع تائين جا دستياب سمورا پرچا  يڪجاءَ ڪيم، اُنهن جي ترتيب ٺاهي، پنهنجي ڪم کي جُنبي ويس – الله جي مهرباني سان ڇهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ گُل ڦُل ۾ ڇپيل شاهه جي سمورن بيتن کي سهيڙي، ترتيب ڏئي مسودي جي صورت ۾ بورڊ جي اختيارين حوالي ڪيم ۽ آگسٽ 2006ع ۾  بورڊ مان پنهنجي ملازمت جي برخاسطگيءَ تائين، اُن جي ڪمپوزنگ کان پهرين پروف تائين جا مرحلا خير خوبيءَ سان مڪمل ٿي چُڪا هئا پر بعد ۾ خبر ناهي ڪن مهربانن جي ڪرم نوازيءَ جي ڪري هيءَ اهم رٿا التوا ۾ هلي وئي ۽ اُن جي ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ جو خواب، شرمنده تعبير نه بڻجي سگهيو.

بورڊ جي موجوده سيڪريٽري ۽ پنهنجي مهربان آفيسر محترم الهڏتي وگهيي جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ چارج سنڀالڻ بعد ساڻس هڪ ملاقات دوران، پُراڻي واسطيداري جي آڌار  حُجت  واري انداز ۾ کيس ڪتاب نه ڇپجڻ جو ڏوراپو ڏنم. الله کيس نيڪي ڏئي هُن صاحب ڪتاب جي اهميت کي محسوس ڪندي، خصوصي دلچسپي ورتي ۽ ڪٻٽ ۾ دٻيل مواد کي ٻاهر ڪڍرايو ۽ اُن جو ڪم تڪڙي بنيادن تي اُڪلائڻ جي هدايت ڪئي – بعد ۾ بورڊ جي مُتحرڪ ڪارڪن
حافظ احمد الدين انڍڙ جي غير معمولي سهڪار ۽ دلچسپي سان رهيل ٿورو ڪم، هنگامي بُنيادن تي مڪمل ڪري، ڪتاب انچارج پبليڪيشن شعبو سيد سڪندر علي شاهه جي حوالي ڪيو، جنهن پنهنجي ماهراڻي نظرداري
ءَ ۾ سمورو ڪم تڪڙي بنياد تي اُڪلائي ڪتاب جي ڇپائي کي مزيد دير کان بچايو، جنهن لاءِ مان سندن شڪر گُذار آهيان ۽ بورڊ اختيارين جي سهڪار سان الحمد الله اڄ ڪتاب اوهان جي مهربان هٿن ۾ آهي.

ڪتاب ۾ منهنجي ڪا غير معمولي ڪاريگري ناهي، سواءِ رٿ جمع ڪرائي، بيت سهيڙي اُن کي عملي جامو پارائڻ جي – بيتن جي چونڊ ۽ انهن جي سمجهاڻي اڳواٽ گُل ڦُل جي اڳوڻن ماهر ايڊيٽرن جي نگراني ۾ ڏنل هُئي. مرحوم انور هالائي، مرحوم اڪبر جسڪاڻي ۽ مرحوم طارق عالم ابڙي ( الله کين جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري) حت الامڪان ڪوشش ڪري،  سمجهاڻي ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ ٻاراڻي سمجهه آهر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهنڪري مون کي ڪو گمان نه آهي ته مرحوم ايڊيٽرن ان حوالي سان ڪا ڪسر رهائي هوندي.

    سنڌ جي ٻارڙن سان، ننڍي عمر ۾، لطيف کي متعارف ڪرائي، منجهانئن سنڌيت جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ سندن شعور بلند ڪرڻ جي حوالي سان گهٽ ۾ گهٽ ويجهي ماضي ۾ اهڙي ڪا سنجيده ڪوشش ٿيندي مون کي نظر نه آئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جو ٻار وڏو ٿيڻ بعد پنهنجي ادب، ثقافت ۽ ڪتابن ڏانهن اُنس رکڻ بدران، اخلاقيات کان هٽيل سرگرمين ڏانهن ڇڪجي ٿو ۽ منجهانئن گهڻائي جو انگ بي فائدي بڻجي وڃي ٿو، مجموعي طور سنڌ جي آئيندي کي اُن حوالي سان وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. ٻارڙن ۾ لطيفيات جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ هيءَ ڪتاب، منهنجي نظر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، اُن مد ۾ وڏو ڪم ڪرڻ گهرجي. اسان مان هر فرد هيءَ ڪتاب خريد ڪري پنهنجي ٻارڙن کي پيش ڪري سگهي ٿو ۽ کين اُن جي مطالعي لاءِ هرکائي سگهي ٿو. هن ڪتاب جي هڪ خاصيت هيءَ به آهي ته اُن جي  سائيز عام نصابي ڪتابن جهڙي ۽ وزن بنهه گهٽ، تنهنڪري هڪ اسڪولي ٻار پنهنجي نصابي ڪتابن جي ٿيلهي سان، اُن کي آساني سان کڻي سگهي ٿو. صوبي جي تعليم کاتي کي پڻ گهرجي ته ڪتاب جون ڪاپيون پرائمري ۽ سيڪينڊري سطح تي ٻارڙن ۾ مفت ورهائڻ جو بندوبست ڪري ته جيئن سنڌ جي نئين نسل ۾ لطيف شناسي جو شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ورتل هيءَ ڪوشش ڪارائتي بڻجي سگهي.

راز شاهاڻي

حيدرآباد

Mobile: 0300-3039927

Email: raz_stv2007@yahoo.com

25/12/2012  

 

مهاڳ

 

راز جي ڳالهه ٻڌايانو؟

شاهه لطيف سائين جي رسالي ۾ جيئن پاڻ سڀني ۽ سڄي عالم جو حصو آهي. ائين اسان جي ٻارڙن جو به ته آهي. سو سنڌي ادب ۾ جڏهن اسان وڏن جي لا ان جو فيض عام جاري آهي ته پوءِ نئين ۽ ننڍي ٽهيءَ لاءِ ڇو نه ؟

ياد رکو شاهه سائين اسان جي سنڌي قوم جو اجتماعي شعور آهي. ان ڪري ٻارڙن کي به ان شعور ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ اسان وڏن جو ئي فرض آهي. دنيا جا اڪابر چوندا آهن ته هر شيءَ ختم ٿي ويندي آهي پر شعور سدائين زندهه رهندو آهي. سو هي جيڪو ”شعر“ آهي نه، اهو به ڇاڪاڻ ته شعور مان ئي ڦُٽي نڪري ٿو، اُن ڪري انهي کي به سدائين زندهه رهڻو آهي.......ته بس هيءَ اسين پنهنجي شاهه سائين کي به ان ئي آڌار تي ئي ته سدائين پيا سڏيندا آهيون،  سدا امر ۽ سداحيات شاعر: ”حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي“.

اڇا هتي ان ڏس ۾ آئون سڄي دنيا جي ٻارڙن جي ته ڳالهه ڪو نه ڪندس، ها! سنڌ جي ٻار جي ضرور ڪندس، ته..........اُهو نهايت ئي ڀاڳ وند سنڌي ٻار آهي، جو، ٿورو وڏيرڙو ٿي شعور جون اکيون کولي جڏهن، هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿو ته پنهنجي چوطرف ڪنهن پاسي هن کي پنهنجو عظيم درياهه سنڌو درياهه ڏسڻ لاءِ ملي ٿو، ته ڪنهن طرف کان وري موهن جو دڙو ۽ ايئن ڪنهن طرف کان رني ڪوٽ جو زبردست قلعو....ته ڪنهن طرف کان وري ڪارونجهر....۽ هالار.....جبلن جو بي ڪنار سلسلو ۽ علاوه ازين زيارتن لاءِ، قلندر لعل شهباز....مخدوم بلاول، شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه لطيف جا روضا ۽ صرف اهي ئي نه..........چوطرف کان باغ......بسُتان، ڍنڍون ڍورا، ميوا.......معدنيات جا ذخيرا، مال متاع........۽ اجهو اهڙن روح پرور نظارن ۽ هتان جي مهان ماڻهن کي ساريندي، سهڻي شاهه لطيف سائين، اسان سڀني کي، هن زبردست وطن بابت ڪيئن نه ياد پئي ڏياريو ته:

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري.

هونئن حقيقت ته هي به آهي ته باوجود سنڌي ٻوليءَ ۾ هجڻ جي، ڀٽائي صاحب جي شاعري پنهنجي فن، فڪر، فلسفي ۽ قديم سنڌي محاوري هجڻ جي ڪري ايتري ته اونهي ۽ گهري آهي، ان ۾ جيڪي روحاني راز پوشيده آهن جو انهن کي عالم ۽ اڪابر برابر ته سمجهڻ ۾ آساني محسوس ڪندا آهن پر هتي سوال آهي ته سنڌ جي نئين ٽهي ۽ خاص طرح سان شعور جون منزلون طئه ڪندڙ ٻارڙا ڪيئن ان کي سمجهن؟ سو ان ڪم ۽ تربيت جي هڪڙي عرصي کان وٺي شديد ضرورت به محسوس پئي ڪئي وئي ۽ توڻي جو اهڙي ڪم جي ڳڻتي ۽ اونو برابر ته اسان مان به گهڻن ئي کي هو پر اهڙي سعادت ڀٽائي صاحب ڄڻ خود اسان جي هن روشن خيال، باصلاحيت ۽ باخبر ليکڪ ۽ صحافي دوست ”راز شاهاڻي“ کي بخشي، جنهن اول ته ڀٽائي صاحب جا چونڊ بيت لفظن جي معنائن ۽ مفهومن سميت، جيڪي ٻارڙن جي مشهور رسالي گُل ڦُل ۾ ڇپيل هُئا، اجهو هاڻي ٻارڙن جي ئي آساني لاءِ انهن بيتن کي يڪجاءِ ڪري هي اهم ڪتاب تيار ڪري ورتو آهي ۽ آئون ڀانئيان ته هي ڪتاب ايترو ته اهميت ڀريو آهي، جو ان کي اسان جي هر پرائمري ۽ هر سيڪينڊري اسڪول ۾ هر حالت ۾ پڙهايو وڃڻ گهرجي. ۽ اهڙي روايت هوند هن ڪتاب سان ئي جيڪر شروع ڪئي وڃي ته ڪيڏو نه سُٺو. هونئن يقين ڪريو ته هن ڪتاب جي مسودي هٿ ۾ اچڻ سان ئي، مون ته رات وقت روزانه هڪ بيت پنهنجي ٻارن اڳيان پڙهڻ ۽ ڪتاب ۾ آيل سمجهاڻي سندن آڏو ورجائڻ جو ڪم شروع به ڪري ڏنو آهي. هونئن ڏٺو وڃي ته زندگيءَ جو اهڙو ڪهڙو گُڻ آهي، جنهن جي ڀٽائي صاحب جي هنن بيتن ۾ اُپٽار ٿيل ناهي.......خدا جي وحدانيت.........مٺي مُرسل سان محبت......امامن سان اُلفت.......”نوڙت ۽ نياز“......انسان دوستي، صبر.....تڪبر جو نقصان ۽ ايئن هر بيت ۽ ان جي مفهوم سمجهي وڃڻ بعد پنهنجي ٻارڙن جي چهرن ڏانهن ڏسندي، مون کي ته هر دفعي ايئن ئي پيو لڳندو آهي، ڄڻ خوشين جا هزارين خزانا هنن کي مون وٽان ملي رهيا آهن.

آئون ته ڀانئيان راز شاهاڻيءَ جي هيءَ محنت، ڪمال جي محنت آهي، جنهن کي ڪتاب جي صورت ڏيئي شايع ڪرائڻ تي سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا کي مون پاران هزارين شابشون ۽ ڪتاب جي مرتب ۽ منهنجي جاکوڙي دوست راز شاهاڻيءَ کي وري اڪيچار آفرينون ۽ لک لک واڌايون

نصير مرزا

حيدرآباد

12.12.2012

 


 

اَوَلِ اَلله عـَـلـِـيــمُ(1)، اَعــلــيٰ(2) عـالـَـمَ(3) جو ڌَڻـِـي،
قـادِرُ
(4) پنهنجي قـُـدِرتَ سين، قاِئم آهه قـَـدِيمُ(5)،
والــي
(6) واحــد(7) وَحـده(8)، رازق(9) رب(10) رحــيـــم(11)،
سـو ساراههِ سـَـچو ڌَِڻي، چـَـِـئي حــَـمدُ
(12) حـَـِـڪيمُ(13)،
ڪـَري پـــاڻ ڪـَـِـريمُ
(14)، جـّوڙُون جـــوڙ جـَـــهـَـــان ِجـي.
                                                                              (سر ڪلياڻ داستان 1- بيت 1)

سمجهاڻي:

        الله تعاليٰ جي هستي شروع کان وٺي موجود آهي. اللهﷻ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ، سڀ کان مٿانهون ۽ ٻنهي جهانن جو ڌڻي ۽ مالڪ آهي. هو (الله) پنهنجي ڪمال ۽ ڪاريگريءَ سان سڀ کان آڳاٽو آهي، هو اڪيلو روزي رسائيندڙ مالڪ ۽ رحم ڪندڙ ڌڻي آهي. اهوئي  پالڻهار ۽ ٻاجهارو مالڪ آهي، اسان کي اُن سچي ڌڻيءَ جي ساراهه ۽ تعريف ڪرڻ گهرجي. اهو پاڻ ئي ٻاجهه ڪندڙ، سڄي ڪائنات کي ٺاهي ٿو.

 

 

وَحـَـدهُ لاَ شـَـرِيڪ لـَـھ(1)، جان ٿو چـَـئـِـين اِيئن(2)،
تان مـَـڃُ مـُـحـَـمـَـدُ ڪـَـارِڻي
(3)، نـِـرتؤن(4) مـَـنجهان نـِـينهن،
تان تون وڃئو ڪـِـيئن
(4)، نايين(5) سـِـرُ ٻـِـينِ کي.
                                                                         (سر ڪلياڻ داستان 1- بيت 5)

سمجهاڻي:

        جيڪڏهن تون مڃين ٿو ته خدا هڪ آهي، ان جو ڪوبه مٽ ۽ ثاني نه آهي، ته پوءِ تون ان جي پياري رسول الله جن کي به دل جي گهراين سان مڃ، جيڪو ئي اصل وسيلو آهي، پوءِ به تون هروڀرو ڇو ٿو پنهنجو ڪنڌ ٻين جي اڳيان جـُـهڪائين.

 

 

جـُسي(1) ۾ جـَـبارَ(2) جو، خفي(3)  ِخيمو(4) کوڙ،
جـَـلي
(5) تون زَبان سين، چارئي پـَـهرَ چور،
فـڪرَ
(6)  ِسين فـُـرقـَـانَ(7) ۾، اِسمُ(8) اَعظمُ ڏور،
ِٻئا دَرَ وَِڃي مَ ووڙ
، ِايُ اَمـُـل(9)  ِائائين(10) َسپجي(11)،
                                          (سر يمن ڪلياڻ داستان 5- بيت 8)

 

سمجهاڻي:

        پنهنجي بدن ۾(ڀر ۾) خدا تعاليٰ (جو وڏو زور وارو آهي) جو ڳُجهو ذڪر ڪندو ڪر. اُن کان سواءِ پنهنجي زبان سان الله الله جو ذڪر چارئي پهر ڪندو رهه. دل ۾ ڌيان رکي تون قرآن پاڪ ۾
اسم اعظم جي پيو ڳولا رک
. اي انسان! تون ٻين درن تي وڃي اجائي ڳولا نه ڪر، اهو عمل
(اسم اعظم) انهيءَ مان (قرآن پاڪ مان) ئي حاصل ٿي سگهي ٿو.

 

 

دوستَ ڪُـهائي دادُلا(1)، مـُـحب(2) مارائي،
خاصـَـن
(3) خـَـليلـَـن کي، َسختيـُـون سـَـهائي،
اللهُ الصـَـمدَ بي نياز
)ُ(4)، سا ڪـَـري جا چـَـاهي،
اِنهين مـَـنجههُ آهي، ڪا اوُنهي ڳالهه اسرار
(5) جي.
                         (6) (سر ڪيڏارو، داستان2  بيت -10)
 

سمجهاڻي:

        پنهنجا پيارا سِڪيلڌا ڪــُـهائي، محبوبن کي مارائي ڇڏي ٿو، پنهنجن سڄڻن ۽ دوستن کي ڏک ڏئي ٿو، جيئن منجهن برداشت جو مادو پيدا ٿئي، خدا تعاليٰ وڏو بي پرواهه ۽ بي نياز بادشاهه آهي، هن کي جيڪو وڻي ٿو، اهوئي ڪري ٿو، پر انهيءَ ۾ به ڪا ڳجهه جي ڳالهه رکيل آهي.

 

 

ساري راتِ سـُـبحانُ(1) ، جاڳي جـَـن يـَـاد ڪـَـيو،
اُنَ جـَـي عـَـبدُاللطيفُ چئي، مٽيءَ
(2) لـَـڌو مانُ(3)،
ڪوڙين
(4) ڪـَـنِ سـَـلاَمُ، آڳهـَـه(5) اَچيو اُنِ جي.
                               (سر سريراڳ داستان 2- بيت 2)

 

سمجهاڻي:

        جن ماڻهن سڄي رات ننڊ ڦٽائي، خدا تعاليٰ کي ياد ڪيو (عبادت ڪئي). الله تعاليٰ کان بخشش ۽ نيڪيءَ جي گهر ڪئي، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته اهڙن ماڻهن جي مـِـٽي به مانائتي آهي، يعني سندن قبرن آڏو ڪروڙين ماڻهو اچي روحاني سڪون حاصل ڪن ٿا. پوءِ پاڻ به اهڙو ٿيڻ جو وعدو ڪن ٿا، ته جيئن اهي به ان دفن ٿيل هستيءَ وانگر مانائتا ٿين. اهڙا ماڻهو مرڻ کان پوءِ به زندهه آهن. انهن جا ڪروڙين مداح ٿين ٿا، جيڪي سندن آخري آرام گاهن، مزارن يا قبرن تي اچي سلامي ڀرين ٿا.

 

 

وَحـَـدهُ جي وڍَِئا، الا اَللهَ اڌِ ڪيـَـا،
ُمحـَـمدَ رَسوَل چئي، مـُـسـَـلمانَ ٿيا،
عاشقَ عـَـبداللطيفُ چئي، اِنهـيءَ پـھ
(1) پيا،
تيلاهَ
(2) ڌڻيءَ ڌُئا(3)، جيلاهه(4) وَِئا وَحدت(5) گڏجـَـي.
                                  (سر ڪلياڻ داستان 1- بيت11)

 
سمجهاڻي:

جن الله ج جي ٻانهن پنهنجي رب جي يادگيريءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي فنا ڪيو ۽ جيڪي حضور اڪر الله جن جو مبارڪ نالو وٺي مسلمان ٿيا، انهن جي لاءِ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته اهي ماڻهو بيشڪ حق جي رستي جا پانڌيئڙا آهن. جنهن صورت ۾ انهن حق کي سڃاتو ۽ اها واٽ ورتي ته ڄڻ هيڪڙائي ۾ ملي هڪ ٿي ويا. خـُـدا تعاليٰ انهن کي ڇوٽڪارو بخشيو، يعني سندن گناهه ڌوئي کين پاڪ صاف بنائي پنهنجو سچو ٻانهو بنايو.

 

هـُـو چونـَـئي(1) تـُـون نهَ چئو، واتان وَرائي ويڻُ(2)،
سڀني سـَـين سـَـيـد چئـَـي، مـَـنُ
(3) ماري ڪـَـر ميڻُ(4)،
کانڌِ
(5) وڏياِئي(6) کيڻُ(7)، ڪيني(8) منجهان ڪين(9) ِٿئي.
                                       (سر يمن ڪلياڻ داستان 8- بيت 18)

 
سمجهاڻي:

        هو توکي ڀلي ڪجهه به چون پر تون پنهنجي واتان انهن کي ڪو گـُـٿو اکر نه چئه. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته سڀني سان هڪجهڙو ٿي گذار ۽ پاڻ کي انهن جي آڏو ائين نرم ڪر، جيئن ميڻ نرم هوندي آهي. صبر ۽ ماٺ ۾ وڏي ڀلائي آهي. حسد ۽ ساڙ رکڻ مان ڪجهه به حاصل ڪين ٿيندو آهي.

 

 

نـَـه َخبـَـرَ نه خـَـوابُ، نـَـڪو اوٺي(1) آئيو،
هـُـتي
(2) جو ِهـِـت ڪـِـهين، ڏِنوَ ڪو نـَـه جـَـوابُ،
َهـِـميرن(3) ِحسابُ(4)، ڪـُــھ(5) ڄاڻان ِڪنءَ ِٿيو؟
                             (6) (سر مارئي داستان 2- بيت 2)

 

سمجهاڻي:

        نه ڪا خبر اٿم، نه خواب ۾ ٿي ڏسان، نه ئي مائٽن وٽان ڪوئي قاصد آيو آهي، اُتان جو ڪنهن به احوال نه ڏنو آهي. مون کي اهو معلوم ناهي ته عمر سومري مون بابت ڪهڙو فيصلو ڪيو آهي؟


(1)  عليم= ڄاڻندڙ، علم رکندڙ عليم= ڄاڻندڙ، علم رکندڙ (2) اعليٰ = مٿانهون، اُتم (3) عالم = زمين آسمان، جـَـڳ. جهانُ. ڪائنات (4) قادر = قدرت وارو، طاقت وارو (5) قديم = آڳاٽو، گهڻو اڳ (6) والي = مالڪ آقا، بادشاهه، وارث (7) وحد = هڪ. اڪيلو (8) وحده = هو (الله جلشانھ) هڪڙو آهي (9) رازق = رزق يا روزيءَ ڏيڻ وارو  الله جلشانھ جو صفاتي اسم مبارڪ) (10) رب = پالڻ وارو، خلقيندڙ (11) رحيم = ٻاجهارو، رحم ڪندڙ (12) ساراهه = نيڪي، تعريف (13) حمد = تعريف (14) ڪريم = ڪرم ڪندڙ، ٻاجهه ڪندڙ

(1) وَحـَـدهُ لاَ شـَـرِيڪ لـَھُ = هو هڪڙو آهي ٻيو ڪو به ساڻس گڏ يا شريڪ ناهي (2) ايئن = انهيءَ نموني (3) ڪارڻي = وسيلو. واهر، سهارو (4) نرتؤن = ؟؟ (5) ڪيئن = ڪهڙي ريت دل جي خوشيءَ سان (6) نايين = نمائين. جهڪائين

(1) جـُـسو = بدن، وجود (2) جبار = خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو (3) خفي = ڳجهو، لڪل (4) خيمو = تنبو (5) جلي = ظاهر. چٽو. صاف (6) فڪر = دل ۾ ڌيان ڌرڻ. خدا جي ذات تي ويچارڻ (7) فرقان = سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ فرق ڏيکاريندڙ. قرآن پاڪ جو اسم پاڪ (8) اسم = خدا جو وڏو نالو، جنهن کي رڳو پيغمبر ڄاڻن ٿا (9) امل = بي بها (10) ائائين = ان هنڌان ئي، اُتان ئي (11) سپجي = حاصل ٿئي. ملي پيدا ٿئي

(1) دادلا = سڪيلڌا، پيارا (2) محب = محبوب، پيار وارا (3) خاصن = پنهنجن خاص پيارن (4) الله الصمد = خدا وڏو بي پرواهه آهي (5) اسرار = راز، ڳجهه، لڪ، مـخـفي (6) هي بيت سر ڪيڏاري جو آهي، جنهن ۾ ڪربلا جي شهيدن جي سختين جو ذڪر ٿيل آهي.

(1) سبحان = پاڪ (الله جي ذات) (2) مٽي = خاڪ.، ڌوڙ، قبر (3) مان = عزت، شان، آبرو (4) ڪؤڙين = ڪيترائي، بي انداز، ڪروڙين (5) آڳهه = ڀرجهل، آڌار، ٽيڪ،. ڀروسو، سهارو، ان جي اڳيان

(1) پهه = خيال (2) تيلاهه = تيستائين، تڏهن (3) ڌُئا = ڌوتا. صفا ڪيا. چونڊيا (4) جيلاهه = جڏهن، جيستائين (5) وحدت = هيڪڙائي

(1) چونئي = توکي چون (2) ويڻ = گـُـٿو اکر، گفتو (3) من ماري = نفس کي قابو ۾ ڪري (4) ميڻ = نرم، نازڪ (5) کانڌ = صبر، تحمل، بردباري (6) وڏيائي = آڪڙ، غرور، تڪبر، هٺ (7) کيڻ = خير، ڀلائي، سـُـک (8) ڪينو = ساڙ، حسد (9) ڪين = ڪجهه نه

(1) اوٺي = قاصد، حال، احوال رسائيندڙ (2) هـُـتي = ملير جو (3) هميرن = حڪمرانن(عمر سومرو) (4) حساب = عمر سومري جو انصاف (5) ڪـھ =  ڇا؟ ڪهڙو؟ (6) هي بيت سر مارئيءَ مان ورتو ويو آهي، جنهن ۾ مارئيءَ جي اڪيلائيءَ جي ڪيفيت بيان ٿيل آهي.(ايڊيٽر)

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com