جيڏو تنهنجو نانءُ،
ٻاجهه(2)
به اوڏيائي(3)
مڱان(4)،
ريءَ(5)
ٿنڀين(6)،
ريءَ ٿوڻئين، تـُـون ڇپر(7)
تـُـون ڇان،
ڪڄاڙو(8)
ڪهان(9)،
توکي معلوم(10)
سڀ ڪا.
(سر ڏهر
داستان
2-
بيت
23)
سمجهاڻي:
رب پاڪ کان ڀٽائي گهوٽ دعائيه انداز ۾
التجا ٿو ڪري، ته
”اي
منهنجا مالڪ!
جيڏو وڏو تنهنجو نالو آهي، تيئن تُنهنجي
بارگاهه مان ٻاجهه ۽ ڪرم به اوتروئي گهران ٿو،
جنهن جو ڪو به مثال ملڻ مشڪل آهي. تون ئي بنا ڇپر
۽ ڪنهن ٽيڪ جي، هن آسمان ذريعي ڌرتيءَ تي ڇانوَ
مهيا ڪئي آهي. دنيا ۾ جيڪو وهي ۽ واپري ٿو تنهن جي
توکي سموري خبر آهي ۽ توکان ڪابه شيءِ لڪل نه آهي.“
بـُـرو
هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اُجاريو(2)،
لاٿو سڀ لوڪ(3)
تان، هاڙهي(4)
ڌڻيءَ هور(5)،
ڇـوريون ڇـُـرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور(6)،
آيو سو اتور(7)،
جنهن ڏکيون ڏِک(8)
وهاريون(9).
(سر حسيني
داستان
3-
بيت
11)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح حضور
صلعه الله عليه وسلم
جن
جي ظهور جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته ”دنيا ۾ هر طرف
بڇڙاين جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هـــُـئا، جنهن کي
آرياڻي يعني الله تعاليٰ جي آخري نبي
ڪريم
حضور
صلعه الله عليه وسلم
جن
اچي اجاري اڇو ڪيو ۽ سموري انسان ذات تان
”هاڙهي
ڌڻيءَ“
يعني مديني جي گهوٽ دل تان ڪفر کي مٽائي ڇڏيو آهي.
ڇوريون يعني يتيم ڇوڪريون آزاديءَ سان هلڻ گهمڻ
سکيو آهن، ڇاڪاڻ ته سندن شاديءَ ۽ نڪاح جو انتظام
ٿي چڪو آهي،
کين کـُـهنبا ويس پارائي هار سينگار ڪرايا ويا
آهن، جن کي پنهونءَ جي پچار دل ۾ گهر ڪري ويئي
آهي، ڇو ته انهن ستايلين کي هميشه لاءِ سک مليا
آهن.
دنگي
وچ درياءَ، ڪي ٻـُـڏي ڪي اپڙي،
هـُـو جي واڍي واڻيا(2)،
سي سونهڻ(3)
سڀ سڙيا،
معلم(4)
ماڳ نه اڳئين(5)،
ڦلنگي(6)
منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙي، اچي چور(7)
چڙهيا،
جتي ڍينگ(8)
ڍريا(9)،
تـِـتي تاري(10)
تنهنجي.
(سر سريراڳ
داستان
3-
بيت
11)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پنهنجي هن بيت ۾
ٻيڙي هلائيندڙ ناکئي کي خبردار ڪندي فرمائي ٿو ته
”اي
ملاح! تون ٻيڙي هلائڻ ۾ ڪا غفلت نه ڪج، تنهنجي
ٻيڙيءَ تي دريائي چور چڙهيا آهن، انهن جو خيال رکج
۽ کين سڃاڻي ٻيڙيءَ مان لاهي ڇڏج. جيسين ٻيڙي پتڻ
تائين نٿي رسي تيسين ننڊ هرگز نه ڪجانءِ!“
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح واضح طور تي وطن
دوستي جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ وطن دوست کي ڌارين جي
حملي کان خبردار رهڻ ۽ وطن جي حفاظت جي تلقين ٿو
ڪري، ته تون پنهنجو پاڻ کي هر وقت هوشيار رک ۽
انهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر.
طمع
جي تنوار(2)،
متان ڪرين مڱڻا،
ڌڪي(3)
ڪندئي ڌار(4)،
ماڻڪ(5)
ڏيئي مـُـٺ(6)
۾.
(سر پرڀاتي (داستان-1)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح هڪ سچي انسان کي
نصيحت ڪندي فرمائي ٿو ته
”اي
انسان! دل ۾ ڪڏهن به لالـچ نه رک. جيڪڏهن پئسي
پرست، دنيا جو ديوانو ۽ سڪن تي ساهه ڏيندڙ ٿيندين
ته پرين(پيارا) ڪجهه ماڻڪي مـُـٺ ۾ ڏئي در تان ڌڪي
پري ڪري ڇڏيندئي.“
مطلب ته ڀٽائي صاحب بندي کي بنا ڪنهن لالـچ جي
بندگي وسيلي رب کي ريجهائڻ ۽ راضي ڪرڻ جي نصيحت
ڪري ٿو.
آئي رُت
بسنت(2)
جي، کٽڻهار کڙيا،
خستوري(3)
خوشبوءِ ٿي، اچي ڀؤنر ڀريا(4)،
مون کي مـُـحب(5)
مـِـڙيا، لٿا ڏک، سک ٿيا.
(سر سارنگ
داستان
3-
بيت
8)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو بيان ڪيل هن
بيت ۾ بهار جي مند بابت فرمايو آهي ته بهار ايندي
ئي گلن ڦلن ۽ باغيچن ۾ سرهاڻ ۽ سرهائي اچي ويئي
آهي.
پاڻ فرمائين ٿا ته
”بهار
جي مند ايندي ئي چوڌاري خوبصورت گل ۽ ٻوٽا ٽڙي پيا
آهن، جن جي خوشبوءِ سان سڄو ماحول ئي واسجي ويو
آهي. سرهاڻ وٺڻ جي لاءِ ڀؤنر گـُـلن تي اچي ڪٺا
ٿيا آهن. اهڙي پياري موسم ۾ محبوب ملاقاتي ٿيو
آهي، جنهن ڪري منهنجا سمورا ڏک، سکن ۾ بدلجي ويا
آهن.“
بک وڌائون بگرين،
جوڳي ڪندا جـُـڃ(2)،
طلب نه رکن طعام(3)
جي، اوتيو پيئن اُڃ،
لاهوتين لطيف چئي، من(4)
ماري ڪيو مـُـڃ(5)،
سامي جهاڳي(6)
سـُـڃ(7)،
وسئين(8)
کي ويجها ٿيا.
(سر رامڪلي
داستان
10-
بيت
9)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح فرمائي ٿو ته
”الله
تعاليٰ جي يادگيريءَ ۾ جوڳي ماڻهو طعام، سـُـک ۽
آرام جي خواهش کي ڇڏي ٿا ڏين ۽ اهي اُڃ سان پيٽ
ڀرين ٿا ۽ پنهنجي نفس کي ماري لالــچ جون پاڙون ئي
پٽي ٿا ڇڏين. اهي ئي الله تعاليٰ جا نيڪ بندا
پنهنجي مقصد ۽ منزل جو معراج ماڻين ٿا ۽ سوڀارا
ٿين ٿا.
وڻ ٿا ميوو ڪن، پاڻ نه کائن پاهنجو،
ٺِڪر،
ڀتر، ڇاڙپون،
ڌوڻا(2)
ڌارسهن(3)،
پسو(4)
لـڄ لطيفُ چئي، ڪيڏي کي وڻن،
ڦريو، ٿا(5)
ڦر(6)
ڪن، ميوو ڏين ماڻهئين(7).
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه بيان ڪيل هن بيت
۾ انسان کي وڻ جي عظمت کان آگاهي ڏيندي فرمائي ٿو
ته:
”اي
انسانو! وڻن کي ڏسو، جيڪي
ميوو ته ڏين ٿا، پر اهو پاڻ نه ٿا کائين، بلڪ اهي
ٺڪر، ڀتر ۽ ڇاپڙن جون تڪليفون سهي ماڻهوءَ جي سهنج
خاطر ميوو ڏيندا رهن ٿا، تيئن انسانن کي به گهرجي
ته اهي مدائين باوجود هڪٻئي سان ڀلائي ۽ سهڻو
ورتاءُ ڪن. ان رستي تي هلندي ئي ماڻهو ڪامياب ٿي
سگهي ٿو.“
مـَـڪي مٿان موٽيو، اُٺيون
مٿي عرفات(2)،
روضي پاڪ رسول جي، رنگ ڪيائون رات،
وڄڙيون(3)
پرڀات(4)،
موٽي مصر آئيون.
(سر سارنگ
داستان-
1)
سمجهاڻي:
هن بيت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح رب ڪريم
جي ڀلارن ڪڪرن جي وسڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پاڻ
فرمائين ٿا ته:
”خدا
تعاليٰ جي رحمت جا ڪڪر مڪي شريف تان وسندا، عرفات
کان ٿيندي مديني منوره (نبي پاڪ جو روضو) تي سڄي
رات رنگ ڪري وسندا رهيا، اتان صبح ٿيندي ئي مصر تي
موٽي آيا ۽ رحمت جي برسات وسندي رهي.“
مـُـند
ٿي منڊل(2)
منڊيا(3)،
آيو جهـُـڙ جهاٽي،
هڪ ارزان(4)
اَن ٿيو، ٻيو مکڻ منجهه ماٽي،
ڪلمي سين(5)
ڪاٽي، لاٿيم ڪس(6)
قلوب(7)
تان.
(سر سارنگ
داستان
3-
بيت
3)
سمجهاڻي:
شاهه صاحب فرمائي ٿو ته
”سانوڻ
جي پياري مند اچي وئي آهي، جنهنڪري هرطرف ڪڪر
ڇانئجي ويا آهن. وڏ ڦڙو مينهن به وسي پيو، رحمت جي
ان ريج سان ڌرتي شاداب ٿي وئي ۽ اناج جا انبار ٿي
ويا ۽ مارن جو مال به سڪار جي ڪري سهنجو ٿيو آهي،
جنهنڪري کير ۽ مکڻ به جام ٿي پيو آهي. اهو سچو
ڪرشمو نبي
ڪريم
صلعه الله عليه وسلم
جن جي آمد سان ٿيو آهي، جنهن جي اچڻ سان ڪفر جا
ڪوٽ ڪريا ۽ دنيا باغ بهار ٿي پيئي.“
ساري رات سـُـجان،
سودو ڪن صاحب سين،
ٻانهپ(2)
ڀري ٻيڙيون، هليا جوپ(3)
جوان،
پائي پهلوان(4)،
لحظي(5)
منجهه لنگهي ويا.
(سر سري راڳ
داستان
2-
بيت
6)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمائي ٿو ته
”سمجهدار
ماڻهو سڄي رات الله تعاليٰ سان سچ جو سودو ٿا ڪن.
يعني: خدا کي ياد ڪن ٿا. اهي جوان پنهنجون غلاميءَ
جون ٻيڙيون نياز ۽ نـِـوڙت جي وکر سان ڀري نڪري
پيا آهن، تنهنڪري انهن جي ٻيڙي بنا ڪنهن خطري جي
ساگر(دنيا) مان اُڪري هلي ويندي.“
مطلب ته، الله تعاليٰ جا سچا عاشق ۽ سالڪ
نفس جي پاڪيزگي وسيلي لنگهي، عبادت ۽ رياضت ڪندي
وڃي پنهنجي پالڻهار کي رسيا.
ڇپر ۽ ڇمر، ٿا لڳـھ
لڳن پاڻ ۾،
ڏاڍا ڏونڪر ڪرڪرا(2)،
ويڌ(3)
ونگايون(4)
ور،
آءٌ پيادي پٽئين(5)،
نماڻي نڌر(6)،
سوريون جت سڳر(7)،
اُت ٻاتاڙي(8)
ٻيلي ٿئين.
(سر سرديسي
داستان
5-
بيت
12)
سمجهاڻي:
شاهه صاحب فرمائي ٿو ته
”سسئيءَ
جي سامهون جبل ۽ ڪارا ڪڪر هڪٻئي سان گڏيا پيا
آهن، جبل ايڏا ته اوچا آهن جو انهن جي چوٽين سان
ڪڪر پيا لڳن، جبل تمام سخت آهن ۽ منجهن ڏاڍيون
جٺيون، ڏنگايون ۽ ڦيرا گهيرا آهن. آءٌ نماڻي ۽ بي
وسيلي انهن پٽن مان پنڌ ڪندي پئي وڃان، جتي تمام
سوڙها ۽ مارڻ جهڙا پيچرا آهن. اُتي شل هن موڙهل جو
رب پاڪ اچي مددگار ٿئي!“
ڏاڙهي رت رتياس،
ڏند ته ڏاڙهون گـُـل جئن،
چوڏهين ماهه چنڊ جيئن، پڙ ۾(2)
پاڳڙياس(3)،
ميڙي(4)
۾ محمد جي، مـَـر(5)
مرڪي(6)
ماس(7)،
تنهن سورهيه(8)
کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا(9)
ٿئي.
(سر ڪيڏارو
داستان
5-
بيت
9)
سمجهاڻي:
شاهه صاحب، هن بيت ۾ ڪربلا جي قضئي جو ذڪر
ڪندي فرمائي ٿو ته
”سندن
(امام حسين رضي الله تعاليٰ عنـھ جي) سونهاري
(ڏاڙهي مبارڪ) رت ۾ رڱجي وئي، سندس ڏند ڏاڙهونءَ
وانگر ڳاڙها ٿي پيا، سندس دستار مبارڪ جنگ جي
ميدان ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر پئي جرڪي رسول اڪرم
ﷺ جن جي ميڙي ۾ (يعني قيامت ڏينهن امت جي ميڙ ۾)
ڀلي ته سندن ماءُ (امام حسين رضي الله تعاليٰ عنـھ
جي والده سڳوري) فخر ڪري ته انهيءَ سورهيه کي
آفرين هجي، جيڪو جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿو ٿئي.
اڻ
چوندن مَ(2)
چؤ، چوندَنِ(3)
چيو وسار(4)،
اٺئي پهر ادب سين، پر(5)
اهائي(6)
پار(7)،
پايو(8)
مـُـنهن مـُـونن(9)
۾، غربت ساڻ گذار،
مفتي(10)
منجهه(11)
وهار، ته قاضيءَ ڪاڻيارو(12)
نه ٿئين.
(سر يمن ڪلياڻ
داستان
8-
بيت
23)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ انسان ذات کي
سمجهاڻي ڏيندي فرمائي ٿو ته
”جيڪي
ماڻهو توکي ڪجهه به نٿا چون ته تون به انهن کي
ڪجهه نه چئو جن توکي ڪجهه چيو آهي ته ان کي وساري
ڇڏ. اٺئي پهر(هروقت) نياز ۽ نـِـوڙت سان اها روش
(پر) وٺندو اچ ۽ گوڏن ۾ منهن وجهي، مسڪينيءَ سان
زندگي گذار، اندر ۾ فتويٰ ڏيندڙ(ضمير) کي سجاڳ رک،
ته پوءِ قاضيءَ (الله تعاليٰ) جي اڳيان شرمندو نه
ٿيندين.
گهڙي گهڙو
هٿ ڪري، الاهي تـُـهار(2)،
ڄـَـنگهه(3)
ڄـَـرڪي(4)
وات ۾، سـِـسي کي سيسار(5)،
چـُـوڙا، ٻيڙا چـِـڪَ(6)
۾، لـُـڙ(7)
۾ لڙهيس وار،
لکين چـُـهٽيس(8)
لـَـوهڻيون(9)،
ٿيلهيون ٿرنئون(10)
ڌار،
مڙيا مڇ(11)
هزار، ڀاڱا(12)
ٿيندي سـُـهڻي!
(سر سهڻي
داستان
1-
بيت
15)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته
”سهڻي
گهڙو کڻي ڌڻيءَ جي آسري درياِء
۾ اندر گهڙي، ته سندس ٽنگ ڄرڪي جي وات ۾ هئي ۽
ِسسي سيسر جي وات ۾، چوڙيون
گپ ۾ ڀرجي ٿي ويس ۽ وار لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ پئي
لڙهيس. لکين مڇيون کيس چنبڙي ويون ۽ هزارين واڳون
اچي چوڌاري مڙيس. هاڻي سهڻي چيرجي ٻيرا ٻيرا
ٿيندي.“
جهـُـڙ ڦـُـڙ مٿي مارئين، جت چيها
چلڙ(2)
چـِـڪ(3)،
اندر ٿو اڃ مري، ساهه انين(4)
جي سـِـڪ(5)،
پيهون(6)
شال پهيون(7)
ڀري، تئان(8)
ڏيئي تڪ(9)،
وَرُ(10)
پريان سين پـِـڪ(11)،
ٻيا ڀاڻ(12)
ڀريائي گهوريا(13).
(سر مارئي
داستان
9-
بيت
2)
سمجهاڻي:
ڀٽ جو گهوٽ فرمائي ٿو ته
”جتي
مارن مٿان برسات وسي آهي ۽ اتي هاڻي گاهه، گپ ۽ چڪ
جام ٿي آهي. اهڙي ماحول جو تصور ڪندي مارئي چوي ٿي
ته منهنجي دل ان پاڻيءَ جي لاءِ تڙپي رهي آهي ۽
منهنجي جان مارن جي سڪ لاءِ جهڄي ۽ جـُـهري ٿي،
شال اتي مينهن جو پاڻي وٽيون ڀري پيئون. پرينءَ
سان گڏ پاڻي جي هڪ ســُـرڪ پيئڻ به غنيمت آهي ۽
ٻيا ڀريل ڀاڻ يا جايون ان تان گهوري ڇڏيان.“
جا ڀـُـون پيرين مـُـون، سا ڀـُـون
مٿي سڄڻين،
ڌِڱ(2)
لٽبا(3)
ڌُوڙ(4)
۾، اڀي(5)
ڏٺاسون،
ڏينهن مڙيئي ڏون(6)،
اُٿي لوچ(7)
لطيف چئي.
(سر مومل راڻو
داستان
5-
بيت 5)
سمجهاڻي:
ڀٽ ڌڻيرح
فرمائي ٿو ته: ”جيڪا زمين رڄ منهنجي پيرن هيٺان
آهي، اها ساڳي زمين محبوبن (پيارن) جي مٿان آهي
(هن زمين هيٺان ڪيئي جوان آرامي آهن) اسان بهادر
مڙس بيٺي بيٺي خاڪ ۾ پورجندي ڏٺا (يعني مـُـئي کان
پوءِ دفن ٿيندي ڏٺا) هـِـن جهان ۾ انسان ٻن ڏينهن
جو مهمان آهي، ان لاءِ پرينءَ (ڌڻيءَ) کي ڳولهڻ جي
لاءِ اٿي جستجو ڪر.
|