پـَـرتـَـووُ
پنهونءَ جو، رُڳيائـِـي راحـَـتَ(2)،
ڀانيان ڏينهن ڀورائون(3)،
ساڄـَـن لاءِ صحت(4)،
مـِـٺي مـُـصيبتَ، آهي آريءَ ڄامَ جي.
(سر ڪوهياري
داستان
4-
بيت
12)
سمجهاڻي:
هن بيت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
سسئي جي حيثيت ۾ اهو ئي اظهار ڪيو آهي ته
”پنهونءَ
جي رڳي ٿوري جهلڪ به منهنجي لاءِ وڏو سڪون آهي، ۽
ان ڪري پنهنجي پنهل لاءِ سڀني تڪليفن وارن ڏينهن
کي به خوشين جو ڪاڄ ڪري ٿي سمجهان، آري ڄام طرفان
ڏک به پنهنجي لاءِ سـُـک ٿي سمجهان.“
هن بيت ۾ انسان ذات لاءِ سبق آهي ته اهو رستو، اها
راهه جيڪا خدا تعاليٰ جي ديدار ۽ ان جي خدمت ڏانهن
وڃي ٿي، ان تي سفر ڪرڻ لاءِ هر مصيبت ۽ ڏک کي به
سک سمجهڻ گهرجي
.
مـُـنهن ته آنهريانئي
ئي اُجرو(2)،
قـَـلبَ(3)
۾ ڪارو،
ٻـَـهـَـران(4)
زيبَ(5)
زبانَ سين، دل ۾ هچارو(6)،
انِ پر ويچارو، ويجهو ناههِ وصالَ(7)
جي.
(سر آسا
داستان
4-
بيت
18)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
فرمائي ٿو ته
”جنهن
جو منهن ته آرسيءَ کان به وڌيڪ چٽو ۽ صاف آهي پر
دل جو ڪارو آهي ۽ ٻاهرين زبان سان سهڻي گفتگو ٿو
ڪري پر دل بي رحم ۽ بي قياس اٿس، اهڙي عادت وارو
انسان خدا جي ويجهو نه ٿيندو، روحاني طور لطيف
سائين نفس کي مارڻ ۽ قلب جي ڪيني (ڪـَـس، مـَـر)
کي صاف ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي.“
جيئن چوڻي آهي ته
”سهڻا
ته ٽوهه به گهڻا آهن، پر اهي اندران ڪڙا ۽ زهر
جهڙا هوندا آهن.“
هن بيت مان سبق ملي ٿو ته روحاني
پاڪيزگيءَ سان ئي الله تعاليٰ
جي خوشنوديءَ
کي حاصل ڪري سگهجي
ٿو.
ساريان ٿي سبيل
، پـُـرِ تقصيرون(2)
پاڻ ڏي،
متان مون کي ڇـَـڏئين، آرِي ڄامَ اَصـِـيل(3)،
وَر(4)
وِلـَـهن(5)
جا وَسـِـيلَ(6)،
رَسُ رهبرَ راههَ ۾.
(سر ڪوهياري
داستان
5-
بيت
8)
سمجهاڻي:
هن بيت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
انسان ذات کي عجز، نياز ۽ نوڙت جو سبق ڏنو آهي،
جنهن ۾ انسان خدا تعاليٰ کي ٻاڏائي ٿو ته مان پاڻ
ڏانهن گهڻي ئي اوڻايون ٿي ڳڻيان. يا خدا! تون مون
کي ڇڏي نه ڏجانءِ (رحمت کان مايوس متان ڪرين). اي
نماڻن، مجبورن ۽ بي وسيلن جا وسيلا اي منهنجا
رهبر! منهنجي هن ڏکي راهه ۾ رهنمائي ڪر.
حاصل مقصد ته انسان جو خدا تعاليٰ کان
سواءِ ڪو به وسيلو ڪونهي، ان ڪري انسان کي الله
تعاليٰ جي حضور ۾ سر جهڪائي آزي ۽ نيازي
ڪرڻ گهرجي.
اَهـُـکي
راههَ اَلله جي، اَهـُـکي، اَهـُـکيءَ(2)
ڀـَـتِ،
هـُـوءِ جي ڏَيهائي(3)
ڏيهه(4)
جا، تن پڻ موڙهي(5)
مت(6)،
اَڇاران(7)
اُبـَـتِ(8)،
گهـِـڙِجِ(9)،
گهاٽي نـِـينهن سين.
(سر سري راڳ
داستان
3-
بيت
10)
سمجهاڻي:
هن بيت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
انسان ذات کي تلقين ٿو ڪري ته
”جيتوڻيڪ
الله جي واٽ ڏکي ۽ تمام اڻانگي آهي ايتريقدر جو
جيڪي ديس جا رهاڪو آهن، تن جو پڻ عقل مـُـنجهيل
رهي ٿو، تنهن ڪري تون لهرن جي سامهون جذبي ۽ شوق
سان گهڙي پؤ يعني خدا تعاليٰ جو نالو وٺي اڳتي
وڌندين ته هر مشڪل آسان ٿي پوندي.“
مـُـون سڏيندي سـَـڏِڙا، ساٿـِـي سـَـڏ نه ڏِينِ،
ولهيءَ
جي وٿاڻ تي، توڏ(2)
نه تنوارين،
هيڏا هاڃا(3)
ٿين، بـُـري هن ڀنڀور ۾.
(سر حسيني
داستان 4-
بيت
10)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
سسئي جي روپ ۾ چوي ٿو ته
”آءٌ
ڪيترائي واڪا ڪري رهي آهيان، پر منهنجن سڏن جو ڪو
به ساٿي جواب ڪونه ٿو ڏئي، هن مسڪين جي مڪان تي
هينئر اُٺن جو ڪوبه آواز هن بڇڙي ڀنڀور ۾ ڪونه ٿو
ٻڌجي. شل ههڙو ظلم ڪٿي به نه ٿئي.“
شاهه صاحب جو مطلب آهي ته هن دنيا ۾ ڪو به مشڪل حل
ڪرڻ وارو ناهي. جيڪڏهن آهي ته پروردگار آهي، جيڪو
هر حال ۾ ساڻي ٿي سگهي ٿو.
آءٌ ڪيئن سـَـوَڙئين
سُمهان،
مون ور(2)
گهاري(3)
وِلههَ(4)،
کٿيريءَ(5)
تان کـِـلَ، عمر ڪج
مَ
اهڙي.
(سر مارئي
داستان
3-
بيت
13)
سمجهاڻي:
مٿئين بيت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
مارئي جي پنهنجي وطن سان سڪ ۽ اُڪير کي واکاڻيندي
فرمائي ٿو ته
”عمر،
مارئي کي ريشمي ۽ خوبصورت سوڙ اوڍڻ لاءِ آڇي ٿو ته
مارئي پنهنجي ساڻيهه ۽ مائٽن جي ياد ۾ نفرت ڪندي
عمر کي چئي ٿي ته
”اي
عمر! آءٌ تنهنجن انهن خوبصورت ۽ ريشمي سوڙين ۾
ڪيئن سمهنديس؟ منهنجو ور سخت سيءَ (ولهه) ۾ گذاري
ٿو.“
مارئي چوي ٿي ته اي عمر! آءٌ کٿيري آهيان،
مون
مٿان خلق نه کلاءِ ڇو ته تنهنجون سوڙيون پائي سمهڻ
وارو عمل مون کي ٿر ۾ کلڻ هاب ڪندو.“
مطلب ته مارئي سادگيءَ ۾ گهاريندڙ پنهنجي
وارث کيت ۽ اباڻن جي لــڄ رکي عمر جون سڀ آسائشون
ٺڪرائي ڇڏي ٿي.
هيٺ جر
، مٿي مڃر(2)،
پاسي ۾ وڻراهه(3)،
اچي وڃي وچ ۾،
تماچيءَ جي ساءِ(4)،
لڳي اُتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو(5)
ٿئي.
(سر ڪاموڏ
داستان
2-بيت
4)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
ڪينجهر
ڍنڍ جو خوبصورت عڪس پيش ڪندي چوي ٿو ته
”هيٺ
اُجرو ۽ صاف پاڻي آهي، ان جي مٿان گاهه جا جُهڳٽا
۽ چؤطرف کان وڻڪار آهي. انهيءَ ڪينجهر ۾ ڄام
تماچيءَ جي ٻيڙي ۾ نوري ترندي رهي ٿي، جنهن وقت
اُتر جو واءُ گـُــهلي ٿو ته ڪينجهر هندورو ٿي پوي
يعني هندوري وانگر جهـُـولڻ لڳي ٿي وڃي.“
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر
ڪلمي جي پار(2)،
پنجن(3)
ساڻ پورو رهه، تون آيا ٽيهه(4)
مَ ٽارِ،
تڏهن ڌاڳا ڌار،
جڏهن راهه سڃاڻين ربَ جي.
(5)
(سر رامڪلي
داستان
4-
بيت
27)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
هڪ سچي مسلمان سان مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته
”جيڪڏهن
تون پاڻ کي مسلمان سمجهين ٿو ته ڪلمي طيبه
جو ورد ڪر ۽ پنج وقت پوري ريت نماز ادا ڪندو رهج ۽
رمضان المبارڪ جا ٽيهه روزا پابنديءَ سان رکندو
ڪر.“
وَحـَـدهُ
لا شـَـريڪَ لـَـھ(2)،
اِيَ وِهائج(3)
وِيَ،
کـَـٽـِـين جي هارائين، هنڌُ(4)
تنهنجو هيءُ،
پاڻان(5)
چوندءِ پيءُ، ڀري جامُ(6)
جنتَ(7)
جو.
(سر ڪلياڻ
داستان
1-
بيت
15)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح هن بيت ۾ انسان
کي سبق ڏيندي فرمايو آهي ته
”توحيد
۽ وحدت جو ثمر پاڻ سان کڻي هل، پوءِ کٽڻ يا هارائڻ
جي لاءِ تنهنجو ماڳ به هيءَ ئي آهي، جڏهن تون هن
دنيا جي بازار مان سچائي ۽ صداقت، توحيد ۽ وحدت جو
سامان پاڻ سان کڻين ته پوءِ توکي پاڻ ئي چوندا ته
جنت مان پيالو ڀري پيءَ. يعني هن دنيا ۾ الله جي
هيڪڙائي کي روحاني طرح قبول ڪري عبادت گذار بڻج ته
از خود تنهنجي
بهشت
۾ جاءِ بڻجي ويندي.“
هيٺ جر،
مٿي مڃر، ڪنڌيءَ(2)
ڪؤنر(3)
ترن،
ورئي واهوندن(4)،
”ڪينجهر“
کٿوري(5)
ٿئي.
(سر ڪاموڏ
داستان
2-
بيت
5)
سمجهاڻي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه بهار موسم جو بيان ڪندي
فرمايو آهي ته
”بهار
ايندي ئي ڪينجهر جي ڪنڌيءَ
توڙي پاڻيءَ ۾ ڪنول جا گل تري رهيا آهن، گلن جي
خوشبوءِ جي ڪري سڄي ڍنڍ واسجي خستوري ٿي وئي آهي،
سندس ڪنارا وڻن ٽڻن سان واسجي ويا آهن.“
وڳر
ڪيو وتن، پرت(2)
نه ڇِنن(3)
پاڻ ۾،
پـَـسو(4)
پکيئڙن، ماڙهنئان(5)
ميٺ(6)
گهڻو.
(سر
ڏهر داستان 4-بيت 5)
سمجهاڻي:
هن بيت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پکين جي هڪٻئي
سان سڪ ۽ محبت جو نقش ّچٽيندي ڌرتيءَ تي رهندڙ
انسانن کي سڪ ۽ محبت سان رهڻ جي تلقين ڪندي فرمايو
آهي ته انسانن کي به پکين وانگر پاڻ ۾ پيار ۽
محبت سان رهڻ گهرجي. ڇو ته پکي ٽولا ٽولا ڪري
هڪٻئي سان گڏجي ميٺ ۽ محبت سان رهن ٿا، جڏهن ته
انسان
هڪٻئي
جو دشمن ٿي پيو آهي.
|